سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: آخري رات

صفحو :12

مهر راڻي: راءِ! توهان کي ڇا ٿي ويو آهي؟

لاکو:      آئون جيڪي چوان ٿو سو سڀ سوچي سمجهي چوان ٿو.

مهر راڻي: پر.... پر راءِ....

لاکو:      بس، آئون هڪ لفظ به ٻڌڻ نٿو چاهيان. جسا....!

جسو:      راءِ؟

لاکو:      اسان جي ڄڃ هاڻي چوڙيگر جي آهي. سمورو ڏاج، زيور وغيره اسان هنن کي بخش ڪيا. توهان وڃي سگهو ٿا.

مهر راڻي: (سڏڪا ڀريندي) چوڙيگر، هي تو ڇا ڪيو، تو سچ پچ محبت جي نالي کي بدنام ڪري ڇڏيو!

]موسيقي[

لاکو:      جسا، هتي ڪجهه وقت ساهي پٽي پوءِ اڳتي هلبو.

جسو:      جيڪو حڪم. ]وقفه[ راءِ هو سامهون ڪير اچي پيو.

لاکو:      ڪو سوار آهي.

سوار:      (پريان ايندي)، راءِ لاکي جي سر بخت جو خير.

لاکو:      هيڏانهن اچ. ]وقفه[ ڇا آهي؟

سوار:      آئون هڪ خراب خبر کڻي آيو آهيان، راءِ، اوهان جي غير حاضريءَ ۾ ريٻارين اسان جا ۽ جسراج جا چار ڳوٺ ڦري ڦٽائي ڇڏيا آهن. هنن اسان جي ڪيترن ئي نوجوان عورتن جو سهاڳ لٽيو، ٻارن کي يتيم ڪيو، ۽....

لاکو:      بس بس بس، ريٻارين جي اها مجال. هنن جي اها مجال جو هنن اسان جي ڳوٺن ۽ ماڻهن تي هٿ کنيو آهي!

سوار:      ۽ راءِ اوهان کي اهو ٻڌي وڌيڪ ارمان ٿيندو، جو اوهانجو دوست جسراج دشمنن سان مقبالوڪندي مارجي ويو.

لاکو۽ جسو: جسراج مارجي ويو!

لاکو:      جسراج... آئون تنهنجو وير وٺندس، آئون تنهنجو اهڙو وير وٺندس جو تاريخ ۾ يادگار رهندو- (مخاطب ٿي) ٻڌو ساٿيو! هاڻي اسان جي منزل ڪيرا ڪوٽ ڪونهي، اسين ڪيرا ڪوٽ تڏهن واپس هلنداسين، جڏهن ريٻاري قوم پنهنجي ڪئي جو انجام به ڏسندي. آئون انجام ٿوڪريان ته جيستائين آئون جسراج جو وير نه وٺندس تيستائين نه آرام سان سمهندس ۽ نه ئي ڪپڙا مٽائيندس

]موسيقي[

کنگهار:   (پريان ايندي) سهڄان... سهڄان... ڪٿي آهين؟ (ويجهو اچي) اوه، تون هتي ويٺي آهين. هي ڇا؟ تون روئين ويٺي! ڇا ڳالهه آهي؟ ڪنهن توکي ڏکويو آهي؟

سهڄان:   (سڏڪا ڀريندي) تون ٻڌي ڇا ڪندين. مون کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏي.

کنگهار:   توکي ڇڏي ڏيان! اهو ته ائين ٿيو جو ڪنهن کي چئجي ته تون جيئڻ ڇڏي ڏي. سهڄان، مون سان ڪجهه اور، آئون تنهنجو ساڳيو کنگهار آهيان.

سهڄان:   منهنجو کنگهار! مون کي ٻڌاءِ ته هن وقت تائين منهنجي لاءِ تو ڇا ڪيو آهي؟

کنگهار:   ائين نه چئو سهڄان، جيڪڏهن آئون تنهنجي ڪا خواهش پوري ڪري نه سگهيو آهيان ته مون کي ٻڌاءِ، آئون ڪوشش ڪندس ته تنهنجي اها خواهش پوري ٿئي.

سهڄان:   آئون تنهنجن انهن ڪوڙن ۽ اجاين دلاسن ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهيان، انهي جي مون کي خبر آهي ته تون بزدل آهين، ڊڄڻو آهين، آئون توکي ڳالهه چوان به کڻي ته تون ڊڄي انڪار ڪندين.

کنگهار:   سهڄان! تون مون تي چٿرون ٿي ڪرين. مون کي آزمائي ته ڏس.

سهڄان:   آزمايان؟

کنگهار:   ها ها تون چئو ته سهي.

سهڄان:   پهرين مون سان تون وعدو ڪر.

کنگهار:   آئون توسان وعدو ٿو ڪريان.

سهڄان:   ته ٻڌ، توکي اها خبر آهي لاکي عهد ڪيو آهي ته جيستائين ريٻاري قوم کي ماري مات نه ڪندو، تيستائين سک سان ڪونه سمهندو.

کنگهار:   ته پوءِ؟

سهڄان:   منهنجي ڳالهه ٻڌي وڃ. ٻڌ، جيستائين لاکو وڙهڻ بند نه ڪندو، تيستائين روز منهنجا هزارين ريٻاري مائٽ مرندا رهندا.

کنگهار:   آخر تون چاهين ڇا ٿي؟

سهڄان:   آئون پنهنجي قوم جو وير وٺڻ ٿي چاهيان!

کنگهار:   ڪنهن کان؟

سهڄان:   لاکي کان.

کنگهار:   لاکي کان؟

سهڄان:   ها، انهي لاکي کان، جنهن اسان جي قوم کي ختم ڪرڻ جو انجام ڪيو آهي ۽ لاکي کي اها خبر ڪانهي ته ڪنهن کيس ختم ڪرڻ جو عهد ڪيو آهي، آئون لاکي کي مارائي پوءِ ساهه کڻنديس.

کنگهار:   لاکو... سهڄان..... لاکو ته منهنجو ڀاڻيجو آهي. هو بهادر آهي ۽ بهادرن سان منهنجو پيا رآهي.

سهڄان:   اهڙو هئين ته پوءِ مون سان وعدو ڇو ڪيئي؟

کنگهار:   وعدو... ها، پر..... پر هو منهنجو ڀاڻيجو آهي. پر.... مون توسان وعود به ڪيو آهي.

سهڄان:   تو مون سان وعدو ڪيو آهي، ڪنهن سردار جو اهو شان ڪونهي جو وعدو ڪري پوءِ ان کان ڦري وڃي.

کنگهار:   آئون وعدي کان ڦران ڪونه ٿو، سهڄان! مون کي تون گهرجين، نه لاکو، ٻڌاءِ ته مونکي ڇا ڪرڻو پوندو؟

سهڄان:   ته پوءِ ٻڌ، لاکو هينئر اسان جي علائقي ۾ آهي، تون هن کي هتي اچڻ جي دعوت ڏي.

کنگهار:   پوءِ؟

سهڄان:   پوءِ باقي سڀ ڪم آئون پاڻهي ڪنديس. هونئن جنگ جي ميدان ۾ ته لاکو ڪنهن جي مارڻ جو ناهي. تون رڳو قاصد موڪلي لاکي کي گهراءِ. هو پنهنجي مامي جي سڏ تي ضرور ايندو.

کنگهار:   تو الائجي ڇاسوچيو آهي! خير، جيڪا تنهنجي مرضي

]موسيقي[

جسو:      راءِ، کنگهار ڏانهن هلڻ لاءِ دل هام نٿي ڀري.

لاکو:      (کلندي) جسا، توکي شايد ڊپ ٿئي ٿو، ائين نه!

جسو:      نه سردار، آئون ڊڄان نٿو. مون کي خبر ملي آهي ته راءِ کنگهار سهڄان نالي هڪڙي ريٻارڻ جي اشارن تي پيو نچي، ٿي سگهي ٿوته انهيءَ دعوت جي پٺيان ڪا سازش لڪل هجي.

لاکو:      جسا، لاکو ڪنهن زال جي چال سان مري نٿو سگهي، اسان راءِ کنگهار وٽ هلڻ جو ارادو ڪري چڪا آهيون. هاڻي دنيا جي ڪابه طاقت اسان کي پٺتي موٽائي نٿي سگهي. جيستائين اسان وٽ تلوارون آهن، تيستائين ڪوبه اسان ڏانهن اک کڻي نه سگهندو.

جسو:      ائين ته برابر آهي، پر ڪنهن چال جي مقابلي ۾ تلوارون نٿيون هلي سگهن، راءِ!

لاکو:      (ناراض ٿي) جسا، توکي خبر آهي نه آئون جڏهن ڪو فيصلو ڪندو آهيان ته پوءِ ان کي پورو ڪرڻ پنهنجو فرض سمجهندو آهيان، مون لاءِ اهو ناممڪن آهي جو آئون واپس موٽان.

]موسيقي. آهستي آهستي گوڙ اڀري ٿو. ’لاکو اچي ويو‘، ’راءِ جي سر بخت جو خير‘. گهوڙن بيهڻ ۽ هلڻ جو آواز[

کنگهار:   ڀلي آئين لاکا، توکي هت ڏسي اسان کي ڏاڍي خوشي ٿي آهي، پر هي.... هي تو پنهنجي ڪهڙي حالت ڪئي آهي؟ تنهنجا سمورا ڪپڙا رت ۾ لال ٿيا پيا آهن!

لاکو:      ماما، اوهان جي دعا سان اهو ڏينهن پري ڪونهي جڏهن آئون هي ڪپڙا لاهي نئون وڳو پهريندس.

کنگهار:   اچ اچ، منهنجي ڀر ۾ ٿي ويهه. جسا، تون اتي ٿي ويهه. مون توهان لاءِ نهايت سٺي محفل جو بندوبست ڪيو آهي.

لاکو:      تون خود ڏسجئين- ]تاڙي وڄائي[- جشن شروع ڪيو وڃي. ]لاکي ۽ جسي جي رڙ. کنگهار جو وڏو ٽهڪ[

کنگهار:   (ٽهڪ ڏيندي) ڏس سهڄان، مون پنهنجو انجام پورو ڪيو. مون توکي اهو لاکو مارائي ڏنو آهي، جنهن کي ڪوبه نٿي ماري سگهيو. (ٽهڪ) لاکو... لاکو ڦلاڻي...

لاکو:      (هڏڪي)، ماما.... تو..... تو مون سان..... دغا ڪئي.... هڪ ريٻارڻ جي چئي تي..... ماما.... اهو تنهنجو وڙ.... ڪونه هو......

کنگهار:   (ٽهڪ ڏيندي)، لاکو مري ويو.... لاکو مري ويو.... ]پڄاڻي واري موسيقي[

پڙاڏو سو سڏ

تاثر پهريون: شروعاتي موسيقي. صبح جو تاثر. سائيڪل جي گهنٽي وڄندي ويجهو اچي ٿي. پنن جي کڙ کڙ[.

هاڪر:     اخبار.... تازي اخبار. ]سائيڪل جي گهنٽي وڄي ٿي ۽ فيڊ آئوٽ. دروازو کلڻ. اخبار جي کڙکڙ. هڪ عورت جي دردناڪ دانهن ”سلمان“ ان سان شيشي جي ٿانو ڪرڻ جو آواز عورت جا سڏڪا. حزينه موسيقي اُڀري پس منظر ۾ هلي وڃي ٿي.[

نازنين:    (سڏڪندي) هي ڇا ٿي ويو. اسان جون حياتيون ائين هوا جي جهوٽي مثل، پاڻيءَ جي ڦوٽي وانگر اوچتو ئي اوچتو ختم ٿي وينديون. اسان خوابن جا رهواسي.... انهن سان محبت ڪريون ٿا، اهي خواب جيڪي حياتيءَ جي حقيقتن کان ڏور آهن.ا سان ڪلهه جيڪي داستان ورجايا، ڳجهه ڳرهيا، خواب ئي رهيا. موت (حزينہ کل) حياتيءَ جو ازلي ويري. هر گهڙيءَ انسان جي حال تي کلندو ٿو رهي ۽ ايستائين کلندو رهندو، جيستائين انسانذات باقي آهي، خوابن ۾ رهندڙ انسان.... عزت، شهرت ۽..... محبت جو بکيو..... سڀ خواب (وقفو) جيڪڏهن اهي سڀ ڳالهيون غلط آهن، ته پوءِ اصل ڇا آهي؟ حقيقت ڇا آهي؟ ڪنهن کان پڇان ڪير ڏسيندو.... ]آواز پڙاڏي ۾ هليو ويندو[

صادق:    نازنين...

نازنين:    چئو، اڄ اهو نالوڪيئن ياد آيو اٿئي؟

صادق:    اڄ گذريل وقت جون يادگيريون من ۾ مانڌاڻ مچايو بيٺيون آهن، تڏهن دل تي اهو نالو تري آيو.

نازنين:    پر انهن يادگيرين روح کي جيڪي رنج رسايا آهن، جن جا اڃا به پيا چاڪ چڪن.... تن جي وارن سهڻ جي به همت به اٿئي يا....

صادق:    يادگيرين جا وار ۽ انهن جي سهپ (ٿڌو ساهه ڀري) نازنين اڄ الائي مون کي ڇا ٿي ويو آهي. ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر انسان ڇو ڪڏهن ڪيئن ته ڪڏهن ڪيئن ٿو رهي؟ ڪڏهن راڳن ۾، ڪڏهن بيتن کان بيزار.... آخر هو سدائين هڪجهڙو ڇو نٿو رهي؟

نازنين:    (افسردگيءَ سان) انهيءَ جو جيڪڏهن ڪو سعيو به ڪري.... تون ئي ڏس سلمان....

صادق:    (فوراً) اهو نالو نه وٺ نازي... اڄ مون کي انهيءَ نالي سان سڏ جيڪو ماضيءَ جي اونداهن غارن۾ زمانا ٿيا جو گم ٿي ويو. اهو نالو وٺ جنهن سان حياتيءَ جون عجيب رونقون ۽ خوشيون وابسته آهن .... وڻندڙ.... ۽ دلچسپ....

نازنين:    جهونن نالن ورجائڻ مان ڇا حاصل، نالن ورجائڻ سان ڪو گذريل زمانو موٽي ته نه ايندو. نالن ۾ رکيو به ڇا آهي، آئون مريم آهيان، پر سڀ مونکي نازنين ٿا سڏين، تون سلمان آهين، پر پاڻ کي صادق چوائڻ ٿو چاهين.

صادق:    (ٿڌو ساه ڀري) صادق... ڪيڏو نه زندگي ڀريو نالو آهي (فخر سان) صادق.....

نازنين:    ۽ پنهنجي اصل کان ڪيڏو نه ابتڙ، صادق (طنزيه کل) جنهن عمر جي ڪنهن به وک تي سچ نه ڳالهايو هجي!

صادق:    ڇو ٿي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪين نازو... مون ته ڪڏهن به توکي ائين ڪونه چيو آهي ته تون مريم آهين، اها مريم جيڪا ڪلاڪن جا ڪلاڪ مُنهن، آرسي آڏو ويهي پنهنجي چهري تي سرخي ۽ پائوڊر جا تهه چاڙهي نازنين بنجي ويندي آهي.

نازنين:    مون کي انهيءَ کان انڪار نه آهي صادق، تو سدائين منهنجي ڪوڙي سونهن جي ساراهه ڪئي آهي، برابر تو ائين ڪڏهن به نه چيو آهي ته تون مريم آهين، پر آئون پنهنجي اندر کان ڀلي ڀت واقف آهيان. آئون ڄاڻان ٿي ته آئون ڇا آهيان؟ تون ڇا آهين؟ تون صادق ٿي ڪري به سچ کان ايترو پري آهين.... آخر ڇو صادق.... تون سچ جو ايڏو ويري ڇو آهين....؟

صادق:    (رنجيده) نازو! تون ئي ٻڌاءِ، آخر انسان سچ ڳالهائي اڄ تائين ڇا حاصل ڪيو آهي. سچ وارا ته سدائين سوري جو سينگار بنيا آهن، گلن ڦلن جي تمنا رکندڙ جيڪڏهن سچ جو سندرو ٻڌي نڪتا ته پوءِ مون کي يقين آهي ته کين فقط ڪنڊن جي هڙ حاصل ٿيندي.

نازنين:    تون ڀليل آهين صادق... سچ سان جيڪڏهن سوري نصيب ٿي ته به انسان جو ڳاٽ اوچو رهندو، اهو به انسان لاءِ فخر آهي ته هن سچ جو ساٿ ڏنو، ۽ سر جي سٽ ڏيئي سرهو ٿئو.... پر..... پر پنهنجو سچ سان ڪهڙو واسطو؟ پاڻ حياتيءَ جي هر منزل تي ڪوڙ ڳالهائي، پنهنجي شهرت ۽ عزت جا نشان هنيا آهن.... ۽ اڄ هن منزل تي به جڏهن اسان سڀڪجهه وڃائي چڪا آهيون، تڏهن به تون صادق چوائيندي خوش ٿئين ٿو۽ آءٌ پنهنجي گهٽجڻ واري چهري مهري کان واقف هوندي به پاڻ کي نازنين ٿي چوايان... حياتي ۽ انسان جو چڪر ڪيڏو نه عجيب آهي.

صادق:    نازو، اهي ڪهڙي فلم جا ڊائلاگ آهن؟

نازنين:    اهي ڪنهن فلم جا ڊائلاگ نه آهن صادق.... اهو دل جو آواز آهي.

صادق:    هن منزل تي اچي پوءِ ٿي مون کي دل جو آواز ٻڌائين نازو.... جڏهن مون وٽ ڪجهه به نه رهيو آهي!

نازنين:    جڏهن تو وٽ سڀڪجهه هو تڏهن به مون تو سان ساڳيون ئي ڳالهيون ڪيون هيون... شايد توکي ياد هجي....

]موسيقي جي لهر[

نازنين:    صادق صاحب اڄ اوهان جي پرفارمنس ڪمال جي هئي...

صادق:    مهرباني نازنين صاحبه... اوهان جي دعائن ئي مون کي هن شهرت ۽ منزل تي رسايو آهي، نه ته آءٌ انهي لائق ڪونه هئس.

نازنين:    ڪهڙيون ٿا ڳالهيون ڪريو صادق صاحب، اڄ سڄي انڊسٽريءَ ۾ اوهان جون ئي ڳالهيون آهن، سڀ کان مصورف اداڪار. اوهانجو نالو فلم جي ڪاميابيءَ جي ساک آهي....

صادق:    جي ها.... ائين ته برابر آهي....

نازنين:    منهنجي دلي خواهش آهي ته.... صادق صاحب.... ڪڏهن اسان گڏجي ڪم ڪريون....

صادق:    جي! گڏجي (طنزيه کلي) ها، ڇو نه، ٿي سگهي ٿو

نازنين:    پر سوچان ٿي ته اوهان هن وقت جا وڏا اداڪار.... ۽..... آئون گمنام ننڍي ايڪٽريس ڪهڙو پروڊيوسر مونکي پنهنجي فلم ۾ اوهان سان ڪاسٽ ڪندو!

صادق:    (کلي) جيڪڏهن اوهان جي اهڙي خواهش آهي ته پوءِ آئون ضرور پوري ڪندس.

نازنين:    خواهشون ائين ڪڏهن پوريون ٿيون آهن!

صادق:    تون ڪافي مايوس ٿي ڏسجين؟

نازنين:    مايوس ڪڏهن ٿي آهيان، جڏهن روشنيءَ جو ترورو نظر نٿو اچي، هي اسان جي دنيا، اهڙي عجيب دنيا آهي، جتي ڪو ڪنهن کي سهارو نٿو ڏئي، سڀ هڪٻئي لاءِ ڌاريا....

صادق:    جڏهن آئون نئون نئون هن دنيا ۾ داخل ٿيو هوس تڏهن آئون به اهڙيون ئي ڳالهيون سوچيندو هوس، پر جيئن جيئن وقت نبرندو ويو مون پاڻ کي حالتن سان ٺاهي ڇڏيو، ۽ نازنين مونکي ته انهي ڳالهه ۾ يقين آهي ته وقت مڙني زخمن جو علاج آهي.... ۽ توکي به پنهنجو آئندو وقت تي ڇڏڻو پوندو.

نازنين:    وقت ۽ آئيندو (کلي) پر هن دنيا م هڪ ماڻهوءَ کي ڪير ٿو پڇي!

صادق:    ايتري مايوسي مناسب نه آهي. هن دنيا ۾ قدم رکڻ کان اڳ، هتي جون رونقون ۽ رنگينيون ايڏيون ته ڪشش ڪندڙ آهن، جو مانهو ان ڏي بنان ڪنهن سوچ ويچار جي ڇڪجيو اچي... ڪيترائي ستارا آهن، جيڪي گهڙي کن لاءِ آسمان تي چمڪي، بي انتها اونداهين ۾ گم ٿي وڃن ٿا.... فقط اهي ئي آهن، جيڪي همت ۽ حوصلي سان اڳتي وڌڻ شروع ڪن ٿا، وقت جا وار سهڻ وارا ئي منزلن جامالڪ ٿيندا آهن نازنين....

نازنين:    ڪيترا وار سهجن صادق صاحب، وک وک تي نئون وار، هر گهڙيءَ هڪ گهائو... توهان ئي ٻڌايو هڪ جندڙي درد هزار- انسان وڃي ته ڪيڏانهن وڃي...؟

صادق:    (کلندي) ايترو جذباتي نه ٿيءُ، مونکي هينئر ٻي شوٽنگ ۾ وڃڻو آهي، آئون تولاءِ دل جان سان ڪوشش ڪندس. اسان جي انڊسٽريءَ کي سچ پچ توهان جهڙن نون چهرن جي سخت گهرج آهي. آئون توهان جي ضرور مدد ڪندس... خدا حافظ...

نازنين:    خدا حافظ....

]تاثر. موٽر جو درواوز کلڻ، بند ٿيڻ، روانگي. فيڊ آئوٽ[

نازنين:    خدا حافظ صادق.... اڄ زندگيءَ جي هن ور تي تنهنجي ڪار ڌوڙ اُڏائيندي، چهرن کي لٽيندي پنهنجي منزل ڏي رواني ٿي ويئي.... ۽..... ۽..... منزلن جا ماريل مسافر، انهيءَ اُڏاڻل دز کي پنهنجي حياتيءَ جي ميراث سمجهي، انهيءَ دم تائين واٽن تي نيڻ وڇايو ويٺا هوندا، جڏهن وقت جون وکون انهن ڏانهن ورنديون...

]تيز موسيقي[

ڦلٽو:      (کلي) اها.... اڄ سهڻو صادق، اسڪرين جو شهزادو، ڪجهه منجهيل ۽ ماٺ.... مڙئي ڪا ڳالهه آهي، جنهن حياتيءَ جي هنن رونقن ۽ رنگينين ۾ رنڊڪ وڌي آهي....

صادق:    (افسردگيءَ سان) ڦلٽو، حياتيءَ جون رونقون ۽ رنگينيون برابر اسان لاءِ آهن... پر.... اڄ هڪ حقيقت اکين آڏو آئي آهي ته لنؤن لنؤن ڪانڊارجي وئي اٿم.... روشنين جي گهراين ۾ ايڏي اوندهه.

ڦلٽو:      (کلندي) سهڻا صادق، اڄ ڪا ڳالهه دل جي گهراين تائين پهتي آهي، جنهن ايڏو مانڌاڻ مچايو آهي، نه ته اسان روشنين جا رهواسي اوندهه بابت ويچار به نٿا ڪري سگهون....

صادق:    سچ ٿو چئين ڦلٽو، پر جڏهن اوندهه جو احساس ذهن ۾ اُڀرندو آهي تڏهن هڪ طوفان مچي ويندو آهي، باهه جا ڀڙڪا دل جو سڪون کسي وٺندا آهن. ڦلٽو، تون نٿو ڄاڻين ته درد ڇا آهي، توکي سڌ نه آهي ته سور ڇا کي چئبو آهي- تون رڳو کلي ۽ کلائي ڄاڻين...

ڦلٽو:      ائين ته نه آهي صادق سائين... (افسرده کل) حياتيءَ جي تلخين مون کي مسخرو بنائي ڇڏيو آهي. اُهي درد دل ۾ گهر ڪري ويا آهن، جيڪي جيڪڏهن پهاڙن کي ڏسيان ته ڏري پون... پر جيڪڏهن توکي ڏسيان، (ڏکاري کل) ته تون به چوندين ته آءٌ مسخرو آهيان، رڳو مسخري ٿو ڪريان.. صادق سائين، اسان جي لڙڪن تي ماڻهو ٽهڪ ڏندا آهن... حيران ٿيندا آهن ته مسخرو ٿو روئي (کلندي) پر جڏهن اُهي لڙڪ لڙندا آهن تڏهن دل جا سمورا درد اکين جو درد بنجي پوندا آهن...

صادق:    ڦلٽو...!

ڦلٽو:      ڦٽن تي لوڻ نه ٻرڪ صادق.... اسان هتي پنهنجو پاڻ وساري ويٺا آهيون... آءٌ آءٌ نه رهيو آهيان، تون تون نه رهيو آهين... اُنهن گهراين ۾ نه وڃ، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ رنج ۽ اهنج آهن، جيڪي هن منز تي نه توکان سٺا ٿيندا نه مون کان....

صادق:    پر ڦلٽو يار... ڇا اسين ائين پيا ڦٿڪندا لڇندا رهنداسين، ڇا اهائي اسان جي حياتي آهي، جيڪا ڪنهن جي ڪم نٿي اچي سگهي؟

ڊئريڪٽر: (وڏي واڪي) ڪٽ. شاٽ اوڪي...

]تاثر- ماڻهن جو هلڪو گوڙ اُڀري ٿو[

آواز:       واه واه، سبحان الله، ڇا ڊليوري هئي....

ڊئريڪٽر: بهترين صادق صاحب، بينظير... اڄ ڦلٽو ته پنهنجي ڪردار ۾ جان وجهي ڇڏي.... واه واه... ڪمال جي سين ٿي آهي.... واه واه... مزو اچي ويو... ٻي شاٽ لاءِ....

صادق:    ڇا اهو شاٽ اڄ ملتوي نٿو ٿي سگهي.... (غمگين) ڪجهه موڊ نه آهي...

ڊئريڪٽر: جي... جي.... ها.... پوءِ.... پوءِ ڪنداسين.... پر ڦلٽو.... ڦلٽو ڪيڏانهن ويو....

صادق:    ڦلٽو.... شايد پنهنجا سچا لڙڪ اگهڻ ويو هوندو... اڄ ڦلٽو ڪيڏانهن ويو.....

صادق:    ڦلٽو.... شايد پنهنجا سچا لڙڪ اگهڻ ويو هوندو... اڄ ڦلٽو به روئي ڏنو (ٿڌو ساه ڀري ٿو).

]قدمن جا آواز[

ڊئريڪٽر: (افسوس ڪندي) ويو هليو... هونهه.... آيو آهي وڏو اداڪار... هونهه موڊ نه آهي...

نازنين:    (پريان کلي ٿي) وڏا فنڪار آهن.

ڊئريڪٽر: تون.... تون.... ڇا جي لاءِ ٿي کلين... هلو.... فلور خالي ڪريو آءٌ ٻيو سين تيار ڪرائڻ ٿو گهران، هلو.... ٻاهر هلو.... (قدمن جو آواز).

]تيز موسيقي[

نازنين:    (سڏيندي) صادق... صادق صاحب... (وقفو) اوهان ڪجهه غمگين پيا ڏسجو.

صادق:    غمگين.... اسان جي دلي رنج کي اداڪاري چيو وڃي ٿو.... پر..... ڪو ڪونهي جو اسان جي اندر ۾ جهاتي پائي ڏسي.

نازنين:    جيڪڏهن ڪو ڪنهن جي اندر ۾ جهاتي پائي، ته پوءِ. ايترا مامرا ئي نه مچن صادق صاحب.

صادق:    مون کي هر هر صاحب نه چئو نازنين، تنهنجا ڏنل زخم اڃا تائين چڪن پيا.

نازنين:    (ڇرڪ ڀري گم سم) منهنجا ڏنل زخم.... توهان ڇا پيا چئو!

صادق:    مون سوچيو هو ته توکي هن دنيا ۾ تنهنجو مناسب مقام ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندس، ڇاڪاڻ آءٌ.... آءٌ دلي طرح سان چاهيان ٿو ته فنڪار پنهنجي منزل تي انهي عزت ۽ شان سان پهچي، جنهن جي هو لائق آهي.... فنڪار هر حال ۾ فنڪار آهي- فن هن جي ميراث آهي، حياتيءَ جي عظيم موڙي آهي.... اهو ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي آڏو ڇو جهڪي جنهن کي آرٽ جي الف جي ڄاڻ به نه هجي.

نازنين:    (کل) فنڪار ۽ فن.... صادق صاحب جن کي فن ۽ فنڪار جي سڌ نه آهي، انهن وٽ پئسو آهي، دولت آهي، ۽ اڄ دولت، فن ۽ فنڪار کي پنهنجي آڏو بنهه لاچار ڪري ڇڏيو آهي.

صادق:    آئون انهن روايتن کي ٽوڙڻ چاهيان ٿو نازنين، انهن جي موجودگي اسان فنڪارن جي ڪري آهي، اصل چيز آهي ئي فنڪار.... فنڪار عظيم آهي، ان جي عظمت کي ڪير به گهٽ نٿو ڪري سگهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org