سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: آخري رات

صفحو :6

پنرو:  (حيران ٿي) هي..... هي سڀ ڇا ٿي ويو؟ منهنجو راڄ، منهنجو گهر ۽ منهنجو ڪوٽ سڀ ختم ٿي ويا! حياتي سان جن جي دلين ۾ نينهن هو، تن لاءِ اها سزا، زندگي جي خوشين جو رسامو مون سان ئي آهي، (ڏک وچان) هي سڀڪجهه ڇا ٿي ويو! (وقفو) منهنجو وهم سچو ٿيو! شير، هي ڏس، اسان جي گهرن گهاٽن کي باهيون ڏنيون ويون آهن. جتي حياتيءَ ڀريا ٽهڪڙا، محبت ۽ امن جا سنيها هئا، اتي اڄ موت جهڙي گنڀير ماٺ آهي. (جذباتي ٿي) ڪنهن کي موت جو سڏ ٿيو، ڪنهن جا ڏينهن کٽا آهن، جنهن هيءَ همت ڪئي آهي! ٻڌايو (وقفو) ڪوبه ڪو اهڙو ڪونهي جيڪو منهنجي سوال جو جواب ڏئي؟ ڇا هن ماڳ تي حياتيءَ جي تِر جيتري به رونق نه رهي آهي؟

شير:  سردار.....

پنرو:  شير ڀاءُ، ڏس، متان ڪٿان اسان جي سوال جو جواب ملي. ڳولا ڪر، متان ڪٿان دشمن جا پار ملن، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ اسان جو جيئڻ اجايو ٿيندو. جن سان اسان جون خوشيون هيون، رهاڻيون هيون، سي نه رهيا ته پوءِ اسان جي ڇا ڪنداسين.

شير:  سردار، اهڙيون ڳالهيون نه ويچارجن جو جن سان تنهنجا حواس ئي خطا ٿي وڃن؛ اڃان اسان کي جيئرو رهڻو آهي، هڪ خاص خيال ۽ مقصد سان، اسان کي بيگناهن جي خون جو وير وٺڻو آهي.

پنرو:  وير ... ها شير، تون ٺيڪ ٿو چئين، اسان کي اڃان جيئڻو آهي، هن ڌرتي تي جيڪي رت جا واهڙ وهيا آهن، انهن جي حساب وٺڻ لاءِ ... پر شير منهنجا ڀاءُ، اسان کي اهو وير ڪنهن کان وٺڻو آهي. اسان کي پنهنجي دشمن جو ڏس ڪير ڏيندو؟

شير:  آءٌ ڏسان ٿو، متان هنن لاشن مان ڪنهن هڪ ۾ ڪي پساهه هجن.....

پنرو:  لاشن نهارڻ مان ڇا ملندو شير. متان ڪنهن دل گهرئي قرب جو رت ۾ ٻڏل مڙهه ڏسي تنهنجا لڙڪ نه ڇلي پون ۽ هنن بيگناهه ڪٺل بهادرن جي روح کي ڪو لوڏو نه اچي!

شير:  پنري پڊام جي ڀاءُ شير جا لڙڪ ايترا سهانگا ڪونهن جو ايئن ئي ڇلي پوندا، پر سردار هنن جا رت ۾ رڱيل جسم اسان جي لاءِ ويڻ آهن. اهي ڌڪيل روح اسان ڏي واجهائين پيا ته اڃان اسان جو ترارون کپن مان ڇو نه نڪتيون آهن، سردار آءٌ ڏسان .....

       (هڪ گهوڙي جي وڃڻ جي تاثر)

آواز:  (ڪمزور):  ڪير آهين......؟ ..... آ ......

شير:  آءٌ شير آهيان.

آواز:  (بيتابيءَ وچان): شير، سردار ڪٿي آهي؟ آءٌ انهي جي واٽ نهاريندي اڃان جيئرو رهيو آهيان. ڪٿي آهي سردار؟

شير:  دل نه لاهه دوست، سردار اچي پيو.

       (هڪ گهوڙي جي اچڻ جو تاثر)

سردار: هن همراه ۾ اڃا ڪي پساهه آهن. توسان ڳالهائيندو.

پنرو:  ٻڌاءِ يار! هي سڀ ڇا ٿي ويو؟ آءٌ هتي ڀريا ڀڪليا گهر ڇڏي ويو هوس، هي بربادي ڪهڙي غينم آندي؟

آواز:  (مئل آواز ۾) تنهنجي وئي کان پوءِ اسان تي ڪهڙا ڪهڙا ڪيس ٿيا! ڪهڙا ڪهڙا جنگ جوان ڪسجي ويا، ڪهڙا جونجهار سر ڏئي سرها ٿيا، آءٌ ٿو ڄاڻان يا هي ڌرتي ٿي ڄاڻي، جنهن جي اگهاڙي سيني تي سندس ڪونڌرن جا ڪنڌ پڪل ميون وانگر ڪريا، ۽ ڌڙ ڌوڙ ۾ لٽيا.

پنرو:  مون کي ٻڌاءِ دوست، تنهنجي ڳالهين منهنجو رت ٽهڪائي ڇڏيو آهي!

آواز:  سردار، آءٌ تنهنجي رت کي اڃا باهه لڳائڻ ٿو گهران. آءٌ اهڙو ڀنڀٽ ڀڙڪائڻ ٿو گهران، جيڪو ايستائين جهڪو نه ٿئي، جيستائين تون هڪ هڪ ويريءَ کان ڳولي پنهنجي راڄ جو وير وٺي دنگ نه ڪرين.

پنرو:  مون کي ٻڌاءِ، توکي سُنهن آهي انهي سڳوري سرزمين جو، جنهن ۾ تون پيدا ٿئين، ٻڌاءِ اسان جو دشمن ڪير آهي؟

آواز:  سردار، منهنجي زندگيءَ جون فقط ڪي گهڙيون وڃي بچيون آهن. هڪ هڪ ساعت امُلهه آهي، ۽ مون کي پڪ هئي ته تون اوس ايندين، جيڪڏهن تون نه اچين ها ته شايد منهنجو روح سدائين رلندو وتي ها. تنهنجي نيلوفري جي سنبن جي آواز مون کي ڪي گهڙيون ڏنيون آهن، انهي لاءِ ته آءٌ پنهنجي هينئين جو بار لاهيان.

پنرو:  مون کي ٻڌاءِ يار، هي ڪيس ڪيئن ٿيو ۽ ڪنهن ڪيو؟

آواز:  اڳين رات هتي ساڳيون خوشيون هيون، حياتيءَ سان ڀريل ٽهڪڙا هئا..... پر..... پر.... هڪ گهڙيءَ جي وقت ۾ اهي سموريون خوشيون اسان کان سدائين لاءِ رُسي ويون..... هر طرف رت جا واهڙ وهيا..... ۽ باه جون ڄڀيون آسمان سان سينو ساهڻ لڳيون....

(باهه ۽ جنگ جو تاثر اڀري پس منظر ۾)

ميو:  دوستو، هٿيار کڻو، هوشيار ٿيو، مڙس ٿي ويريءَ سان وڙهو، ايئن ڪونه سمجهي ته پنري جي وڃڻ کان پوءِ هت ڪو مڙس ڪونه رهيو آهي. اسان هر ويريءَ سان مڙس وانگر مقابلو ڪري سگهون ٿا. اسان جي نسن ۾ بهادر ۽ شهزور مائٽن جو رت آهي: اسان جي روايت آهي ته جيئري پنهنجي دشمن کي فاتح نه ڏسندا آهيون. هنن ارغونن اڳي ئي اسان جي مالڪ تي غاصبانو قبضو ڪيو آهي. اسان جي يارن دوستن سان ويل وهايا اٿن، اڄ هنن اسان تي جُلهه ڪئي، انهن کي اهڙي سزا ڏيو جو هي ساري عمر ياد رکن. آءٌ ڪوٽ جي ٻانهين جهليان ٿو، توهان مان ڪي ڪوٽ جي دروازي تي وڃن.... همت ڪريو، ڇا ٿيو جي اسين ٿورا آهيون، اسان جو حوصلو هنن کان بلند آهي: هنن رات جي اونداهي ۾ اوهان جي امن تي ڌاڙو هنيو آهي، اهو سورهيه ويريءَ جو وڙ ڪونهي، هي گيدي آهن. شينهن ۽ گدڙ جو ڪڏهن مقابلو نه ٿيو آهي. شاباس دوستو، اڄ مهل آهي، توهان کي پنهنجو پاڻ ملهائڻو آهي.... ايئن نه ٿئي جو پوءِ پنري آڏو حرفي ٿيون.

(جنگ جو تاثر اُڀري ٿو)

ارغون سردار: توهان اسان جي گهيري ۾ قابو ٿي چُڪا آهيو، مقابلي ڪرڻ جي ڪوشش اجائي آهي، پيش پوندو ته زندگي ملندو، مقابلو ڪندو ته موت پلئه پوندو.

ميوو:          غاصب ارغون، ياد رک، اسان توهان جي طرفان مليل آزاديءَ جي نالي ۾ غلاميءَ کي ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين، اسين آزاد آهيون ۽ حياتيءَ جي پوئين پساهه تلائين آزاد رهنداسين. ڪنهن کي به حق نه آهي جو هو اسان جي ڌرتي تي اسان کان اسان جي آزادي کسي، جنهن اهڙي ڪوشش ڪئي، تنهن کي ترارن جي زبان سان جواب ملندو!

ارغون سردار: اوه .... سرڪش .. توهان ... توهان جي انهي سرڪشي جي توهان کي سزا ضرور ملندي. (وڏي واڪي)

                ساٿيو، ڪنهن کي به جيئرو نه ڇڏيو..... سڀني کي قتل ڪريو.... هنن جي اهائي سزا آهي.

]جنگ جو تاثر اُڀري ٿو[

هڪ آواز:      اڄ جيڪڏهن پنرو پاڻ هڪيو هجي ها ته ڪَرَ، هنن ارغونن کي اها سزا ڏيون ها، جنهن جا هي لائق آهن، پر ارمان رڳو اهو اٿئون جو سردار پاڻ هتي ڪونهي!

ميو:           همت نه هار منهنجا دوست، جيڪڏهن هن ڪوٽ جي حفاظت ڪندي اسين مئاسين ته به اسان جي وير وٺڻ وارو موجود آهي. پنرو اسان جو رت ڪڏهن به هنن ارغونن کي نه بخشيندو.

ٻيو آواز:       ڪوٽ کي باهه وڪوڙي وئي آهي، اسان جي ٻارن ۽ زالن جو ڇا ٿيندو؟

سونل:         (پريان) ادا، تون اسان جي اونَ نه ڪر، اسان به توهان سان گڏ آهيون.

ميو:           (حيران ٿي) ڀاڄائي تون......! تون به ترار کڻي هن ميدان ۾ آئي آهين؟

سونل:         ادا، هن وقت اسان تي غنيم زبرو حملو ڪيو آهي، هو گهڻا آهن ۽ اسان ٿورا، اسان به انهن ئي مائرن جي ٿڃ پيتي آهي، جن جي توهان پيتي آهي....

ميو:           پر ڀاڄائي.....

سونل:         پڪ ڄاڻ منهنجا ڀاءُ، هي ارغون توهان کان پوءِ اسان کي جيئرو هٿ نه ڪري سگهندا.

ميو:           ڀاڄائي، ادا مون کي فقط انهيءَ لاءِ ڇڏيو هو ته آءٌ سڄي راڄ جي مائرن، ڀينرن، ونين ۽ ٻارن جي حفاظت ڪريان. جيڪڏهن اوهان مان ڪنهن به هڪ کي ڪجهه ٿيو ته آءٌ پنري کي منهن ڪونه ڏيکاري سگهندس!

سونل:         اجايون ڳالهيون نه ڪر مَيا! هي وقت ڳالهين جو ڪونهي، وڙهڻ جو آهي، اسان سڀني کي گڏجي. پنهنجي آزادي جي حفاظت ڪرڻي آهي، وڃو، وڃي ارغونن سان وڙهو. هنن کي ڀڄائي ڪڍو ياسر ڏيئي سرها ٿيو. عورتن ۽ ٻارن جي ڳڻتي نه ڪريو، انهن کي آءٌ پاڻهي سنڀالينديس.

]باهه ۽ ماڻهن جي دانهن جو تاثر[

ٽيون آواز:     ڪوٽ جي ٻانهين ڀڄي پئي آهي.... ميو اتي آهي.... ڏسو، دشمن وڌندو پيو اچي (دانهن ڪري) مَيا.... ميو ڪري پيو (چرين وانگر) آءٌ نه ڇڏيندس.... آءٌ هڪ هڪ ارغون کي ختم ڪندس. مَيا، مڙس ٿجئين، آءٌ اچان پيو...

                ]جنگ جو تاثر نمايان ٿئي ٿو. ارغون سردار جو ٽهڪ اُڀري ٿو[

ارغون سردار:   سرڪش جي اها سزا آهي. هاڻي مال ملڪيت سڀڪجهه توهان جو آهي. ڦريو، لٽيو. اڄ هتي پنهنجي سورهيائي جا اهي نشان ڇڏيو، جو جڏهن هتي جا ٻيا سردار ڏسن ته تڏهن اسان جي شهزوريءَ ۽ طاقت کان عبرت حاصل ڪن ۽ ڪڏهن به سرڪشيءَ جي جرات نه ڪن.

                ]عورتن ۽ ٻارن جون دانهون. مردن جا ٽهڪ[

سونل:         خبردار، هن پاسي هڪ وک کئي اٿئي!

ارغون سردار:   (ٽهڪ ڏيئي) آها..... سبحان الله. خدا جو قسم، انهن نازڪ هٿن ۾ اها تيز ۽ چمڪندڙ تلوار نٿي سونهي!

سونل:         جيڪڏهن زندگي پياري اٿئي ته هيڏانهن نه اچ، هيڏانهن تنهنجو موت آهي.

ارغون سردار:   موت! ۽ هنن نازڪ هٿن سان! قبول، دل و جان سان قبول آهي. پر پنهنجي نازڪ ۽ امنگن ڀريي دل تي ايڏو بار نه وجهه، ڪاوڙ کي ترڪ ڪر. اچ آءٌ توکي آرام ۽ عيش جي زندگيءَ جو پيغام ڏيان ٿو.... اچ، تون منهنجي دل جي راڻي.... اچ....

سونل:         بڪ بند ڪر اي ارغون، آءٌ توکي انهن لفظن جي سزا ڏيئي سگهان ٿي.

                ]ارغون سردار کي تلوار جو ڌڪ هڻي ٿي. سردار دانهن ڪري ٿو ۽ تڪليف جي ڪيفيت کان پوءِ وري ٽهڪ ڏئي ٿو[

ارغون سردار:   بخدا، تنهنجي انهي ڪاوڙ ۾ عجيب حسن ۽ نزاڪت آهي. اڃا به وقت آهي، ائين نه ٿئي جو منهنجي محبت، نفرت ۾ بدلجي وڃي..... ۽

سونل:         مون کي موت قبول آهي، پر تنهنجي محبت تي آءٌ لعنت وجهان ٿي.

ارغون سردار:   اوه نادان ڇوڪري، تون ايئين نه سمجهندينءَ.... هن کي گرفتار ڪريو.

سونل:         ڇڏيو.... مون کي ڇڏيو، ظالمو! (نراسائيءَ سان) اوه پنرا، تون ڪٿي آهين، ڏس اڄ ويرين اسان جو ڪهڙو حال ڪيو آهي. پنري بڊام جي لڄ اڄ غيرن جي هٿن ۾ آهي!

ارغون سردار:   (ٽهڪ ڏيئي) پنرو بڊام، ڪاڇي جو سرڪش سمون سردار.... سڀڪجهه ختم ٿي ويو.... هاڻي هن لاءِ فقط موت آهي... فقط موت .....

                ]ٽهڪ ڏئي ٿو. آهستي آهستي فيڊ آئوٽ. باهه جو هلڪو تاثر[

آواز:           ۽ ..... ۽ ... سردار، هنن اکين اهو سڀ ڏٺو ۽ اڃان به جيئان پئو. مون ميو مرندي ڏٺو. مون تنهنجي وني سونل کي ارغونن جي رسن ۾ ٻڌل ڏٺو، ٻارن کي ڪسندوڏٺو ... مون ....

پنرو:           بس بس .... آءٌ ڪجهه به نٿو ٻڌي سگهان. ٺٽي تي ظلم ۽ ڏاڍ سان قبضو ڪندڙ شاهه بيگ ... ايڏو ظلم ۽ انڌير. هنن بيگناهن جي پاڪ رت جو سُنهن، تيستائين سک نه سمهندس، جيستائين پنهنجي راڄ جي هڪ هڪ بيگناهه جو وير نه وٺندس.... اڄ کان پوءِ مون تي آرام حرام آهي.

                ] گهوڙن جي وڃڻ جو تاثر، موسيقي. پس منظر ۾ گهوڙن جي هلڻ جو تاثر[

شير:           ڪهڙي ويچار ۾ آهين سردار؟

پنرو:           ائين ئي وقت جي انڌ تي پئي ويچاريم، ڪيئن نه انهيءَ بي ترس وقت جي وهڪري اسان کي پنهنجي گهر ۾ بي گهر ڪري ڇڏيو آهي، ڪيئن اسان جي زندگي وهه ڪئي وئي آهي.

شير:           سردار، جيڪي ٿيڻو هو، سو ٿي ويو، هاڻي انهي ٿيل ڪيس جو اسان کي وير وٺڻو آهي، ۽ انهي لاءِ اسان کي پاڻ ۾ اهو حوصلو پيدا ڪرڻو آهي، جنهن سان شاهه بيگ ارغون جي ڏاڍ کي ڏاري سگهون.

پنرو:           حوصلو ۽ همت! (ڏکارو ۽ آهستي کلندي) شير ڀاءُ، اسان شاهه بيگ ارغون کي ٻڌائينداسين ته اسان جو وير ڪهڙو نه سخت آهي، اهو ڏينهن پري نه آهي شير، اڄ نه ته سڀان انهيءَ مامري جو نبيرو ٿي ويندو.

شير:           اسان جا پنهنجا سما سردار ۽ بادشاهه ڪمزور ٿي ويا ڄام فيروز غلطي ڪندي، دريا خان جهڙن دليرن جي وفاداري ۽ وطن دوستيءَ تي شڪ ڪيو جنهن جو نتيجو اسان پيا لوڙيون، نه ته انهيءَ ساڳئي شاهه بيگ کي دريا خان سوي وٽ شڪست ڏئي اسان جو سر مٿي ڪيو هو... اڄ شاهه بيگ هن ملڪ جو مالڪ آهي. اسان بيوس آهيون ۽ هو فاتح آهي.... ۽ هن اڄ ٺٽي جي سرزمين تي رت جا دريا وهايا آهن!.....

پنرو:           مون کي خبر آهي شير، آءٌ سڀ ڄاڻان ٿو، فتح کان پوءِ ارغونن جيڪي ٺٽي تي ظلم ڪيا، ۽ ٻين سمن سردارن سان ويل وهايا.... پر هن وقت آءٌ سونل بابت پيو سوچان. جيڪڏهن آءٌ هن جو چيو مڃان ها ته ڪر اڄ اسان تي اها ڪُمَهري نه اچي ها، شير......

]موسيقي[

سونل:         سائين.....

پنرو:           چنو سونل راڻي، اڄ تنهنجي سون جهڙي ٻهڪندڙ چهري تي ڪنهن مونجهه گهنج وجهي ڇڏيا آهن، ڪنهن تنهنجي دل تي ڪونه ڏکوئي آهي؟

سونل:         تنهنجي هوندي منهنجي دل ڪير ڏکوئيندو... سائين ....

پنرو:           تڏهن به آءٌ سمجهان ٿو ته اڄ تنهنجي من تي مڙئي ڪا مونجهه آهي (وقفو)، سونل، تنهنجي اها ماٺ مون کان سٺي نٿي ٿئي.

سونل:         منهنجا سائين، آءٌ ڪيترن ڏينهن کان انهي مونجهه جي مچ ۾ پئي سڙان ۽ پڄران. اهي خيال جا نانگ گهڙيءَ گهڙيءَ مونکي ڏنگي حيران ڪندا رهن ٿا.... ۽ ... ۽ انهي حال ۾ آءٌ ڦٿڪندي ڦٿڪندي ويچاريان ٿي ته جيڪڏهن آءٌ توسان اها ڳالهه سليان ته تون الائجي ڇا سمجهندين.

پنرو:           سونل، تون منهنجو جياپو آهين. تنهنجي ماٺ مون لاءِ اهڙو عذاب آهي، جنهن جي سهپ جي مون ۾ طاقت نه آهي. چئي ڏي. مون اڄ تائين تنهنجي ڪنهن به ڳالهه کان نهڪر ڪانه ڪئي آهي. ٻڌاءِ، آءٌ هر ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار آهيان.

سونل:         سائين، آءٌ اها ڳالهه ٿي ويچاريان ته تنهنجي هن زور روز جي ڪمهلي سفر مان اسان کي سواءِ تنهنجي اوسيئڙي ۽ جدائي جي ٻيو ڇا ٿو پلئه پئي. اسان ته ائين ئي تنهنجي واٽ نهاريندي پيون پنهنجا ڏينهن پورا ڪريون ۽ تون پنهنجي سير ۽ سفر ۾ خوشين سان رهاڻيون ڪندو وتين.

پنرو:           سونل، تون پنهنجي دل جي ڳالهه پئي ڪرين... اسان پنهنجا گهر گهاٽ راڄ ڪاڄ ڇڏي سفر تي چڙهون ٿا، ان ۾ ڪا دلي خوشي اسان کي به نٿي ٿئي، پر حالتن آڏو لاچار آهيون. اسان کي جيئڻ ڪارڻ اهي سڀ جنگيون جوٽڻيون پون ٿيون. اسان جا دشمن گهڻا ۽ واهرو گهٽ آهن. جيڪڏهن اسان پنهنجي اڳرائي نه ڪريون ته ڪر اهي ويري اسان کي ويهڻ ئي نه ڏين، سونل راڻي، اسان ڪو خوشيءَ سان انهي سفر تي ته ڪونه ٿا وڃون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org