سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: آخري رات

صفحو :7

سونل:         سائين، جيڪڏهن انهي سفر ۾ خوشي به نٿي ملي ته پوءِ اهو ماهه _ٽماهه سفر جو سعيو ٺهي ته نٿو.

پنرو:           سونل راڻي، تون اها ڳالهه نٿي سمجهي سگهين، آءٌ هن راڄ جو سردار آهيان، راڄ جي هر ڀاتيءَ جي بچاءُ جو ذميوار آهيان. جيڪڏهن آءٌ ماٺ ڪري ويهي رهان ته پوءِ مون تي هر طرف کان جُلَهُون ٿينديون. اها ته توکي سڌ آهي ته ڪڇ جي راجا سان اسان جا جهيڙا ڳنڍيا پيا آهن. هر گهڙي ان جي حملي جو الڪو آهي. انهي ڪري آءٌ اڳواٽ انهن گسن پنڌن تان ڦيرا ڪري ايندو آهيان، سارسنڀال لهندو آهيان ۽ ماڻهن کي ياد ڏياريندو آهيان ته اڃان اسان جيئرا آهيون،  باقي هونئن منهنجي دل توکانسواءِ ته گهڙي به نٿي گهاري سگهي. جي گهڙيون تنهنجي پريت ۾ گذرن ٿيون سي اُملهه آهن ۽ سونل، ڪير ظالم هوندو جيڪو پرينءَ جي سچي پريت جي پيچ کان پلؤ ڇڏائي.

سونل:         نه سائين، آءُ ائين ته نٿي چوان، مون کي تنهنجي پريت تي ڪو شڪ ڪونهي... پر هاڻي اهي اڳيون حالتون نه رهيون آهن، جڏهن تون ائين پنهنجو گهر ڇڏي سفر تي اسهندو هئين.

پنرو:           مون تنهنجو مطلب نه سمجهيو سونل؟

سونل:         اسان جي ملڪ جون حالتون بدلجي ويون آهن. ڄام فيروز ختم ٿيو، دريا خان جهڙو شير شهادت جي درجي کي پهتو، ارغون سنڌ جا مالڪ بنجي ويا، جن ٺٽي کي ڦري ڀڙڀانگ ڪيو، ۽ هاڻي هنن جو ٻين سردارن تي ڪست آهي.... ۽ ......۽ .... تون ....

پنرو:           چئو سونل، ماٺ ڇو ٿي وئينءَ؟

سونل:         تون ته سنڌ جي سورهيه سردارن مان آهين، تنهنجي حياتي هنن جي اک ۾ ڪنڊو آهي.

پنرو:           آءٌ انهن ڳالهين کان ڀليءَ ڀت واقف آهيان راڻي، تيستائين هن ڪوٽ ڏي شاهه بيگ ارغون ته ڇا پر دنيا جي ڪابه طاقت اک کڻي نهاري به نٿي سگهي. سڀ ڄاڻن ٿا ته هي پنري جو ڪوٽ آهي، جنهن جي ترار کي وڄ وانگر سوين ڄڀيون ؛آهن.

سونل:         وقت پڇي نه ايندو آهي سائين، منهنجي صلاح مڃ، اها پاري جهڙي طبيعت ڇڏ، هڪ منو ٿي راڄ ۾ رهه.

پنرو:           نه سونل، تنهنجي اها صلاح مون کي نٿي آئڙي. مون کان ائين ماٺ ڪري ويهڻ ڪٿي ٿو پڄي....... پر تون ڇو ٿي پنهنجي ڪبوتر جهڙي دل کي ملول ڪرين؟ تولاءِ ته فقط خوشيون آهن. اهي حياتيءَ جي حساب ڪتاب اسان لاءِ آهن، اسين پاڻ پيا انهن سان منهن ڏينداسين......

]موسيقي. گهوڙن جي هلڻ جو آواز[

شير:           سردار، تون ڪهڙي ويچار ۾ پئجي وئين؟

پنرو:           (ڇرڪ ڀري)؛ جي؟ .....  نه .... ڪجهه به .... خبر نه آهي ارغونن سونل سان ڪهڙا ويل وهايا هوندا.... سونل......

]موسيقي[

ارغون سردار:   منهنجي دل جي راڻي، هاڻي پنهنجي نازڪ دل مان پنري جو خيال سدائين لاءِ ڪڍي ڇڏ. هو هاڻي ڪڏهن به ٺٽي ۾ پير نه پائي سگهندو (کلي) ۽ نه ئي تون هن ڪوٽ مان ٻاهر نڪري سگهندينءَ.

سونل:         مون کي ڪڪ نه ڪر، اي ارغون! مون کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏي. پر اي ارغون، اهو ياد رک، هڪ نه هڪ ڏينهن پنرو ايندو ۽ .... ۽ آءٌ هن بند مان آجي ٿينديس.

ارغون سردار:   (ٽهڪ ڏئي) هن ڪوٽ تائين پهچڻ نهايت مشڪل آهي سونل راڻي. هتي هزارن جو پهرو آهي ۽ اسان جي بادشاهي آحي. هتي هڪ پنرو ته ڇا پر جيڪڏهن سوين پنرا اچن ته به اندر پير نٿا ڌري سگهن...

سونل:         اي امير، ايڏو غرور نه ڪر، هڪ نه هڪ ڏينهن نيٺ اهو واريءَ سندو ڪوٽ ڊهندو، ۽ آءٌ آزاد ٿينديس.

ارغون سردار:   اهي سڀ اجايون ڳالهيون آهن. اٿ، اجايو روئڻ ڦٿڪڻ ڇڏ، حياتيءَ جون جيڪي خوشيون ملن ٿيون اهي حاصل ڪر، کل ڳالهاءِ، کاءُ پيءُ، خوش ٿي. هي سون هيرا، ويس وڳا پهري، منهنجي دل جي دنيا ۾ اچي آباد ٿي. سچ ٿو چوان ته توکي فقط خوشيون ملنديون، فقط خوشيون.....

سونل:         اي امير، اها ريت اسان ۾ ڪانهي جو سون تي سيڻ مٽايون. اسين مارئي جي وطن جون ڄايون آهيون. توهان جهڙا سوين هزارين عمر ايندا ۽ پنهنجي سون مَينَ، مالن ۽ ملڪيتن جي ڌڄ پسائي هرکائيندا پر اسان وٽ اها ڳالهه مهڻو آهي. اهڙي ڪريت توهان ۾ هوندي، اسان وٽ ڪانهي.

ارغون سردار:   تون پنهنجي ڀاڳ کي پئي ٿڏين.

سونل:         آءٌ هن اڀاڳ ۾ خوش آهيان. هليو وڃ، مون کي تنهنجي ڪنهن به شيءِ جي گهرج نه آهي. آءٌ هن بند ۾ مرنديس، پر تنهنجي خوشين کي قبول پاڻ کي ڪارنهن جو ٽِڪو نه لائينديس... وڃ، هتان هليو وڃ.

ارغون سردار:   (ٽهڪ ڏيندي) آءٌ تنهنجي نازڪ دل تي ڪوبه ظلم نٿو ڪرڻ گهران، پر اهو وقت پري نه آهي، جڏهن توکي منهنجي ڳالهه مڃڻي پوندي.....

                ]موسيقي جي لهر. ماڻهن جو هلڪو گوڙ[

پنرو:           ڀائرو، اوهان سڀني کي انهي ڳالهه جي ڄاڻ آهي ته هن وقت اسان جي آڏو ڪهڙو مقصد آهي. اسان جي سينن ۾ ارغونن کان وير وٺڻ جو قسم باهه وانگر پيو ڀڙڪا کائي، اهي باهه جا ڀڀڙ تيسين نه ٺرندا، جيسين اسين پاڻ سان ٿيل ويل جو وير نه وٺنداسون. هي ملڪ توهان جو آهي، ۽ هتي جي حالتن کان اوهان چڱيءَ  طرح سان واقف آهيو. اسان جي سمن کان پوءِ، ارغونن ٿوري ئي وقت ۾ جيڪي هن ڌرتي تي ڪيس ڪيا ۽ ويل وهايا آهن، سي توهان کان لڪل ڪونهن. جيتوڻيڪ اسان تمام ٿورا آهيون، ۽ اسان جو مقابلو ملڪ جي نئين واليءَ سان آهي. پر اسان سچائي ۽ انصاف جي جنگ جوٽي آهي. اسان جي آڏو سڀ کان وڏو مقصد هيءُ آهي ته ٺٽي جي گاديءَ تان ارغونن کي لاهي، ٻيهر سمن جي حڪومت قائم ڪريون. اسان جا سما سردار ڪهڙا به هئا، اسان مان هئا ۽ اسان هنن مان هئاسين. هو اسان جي ڏک سک جا ساٿي شريڪ هئا، پر هي ارغون اسان تي هڪ ٻئي ۽ ڌارئين ملڪ تان هلان ڪري آيا آهن، ان کي اسان جي حالتن جي ڪهڙي پروڙ؟ هنن کي فقط ناڻو گهرجي، ڌن گهرجي، ۽ انهيءَ جي حاصل ڪرڻ لاءِ، پوءِ هنن کي ڇو نه کڻي انساني حياتيءَ سان ترار جي راند ڪرڻي پوندي. اسان انهن ارغونن کي ٻڌائينداسين ته اسان جون ترارون اڃان ڪٽيون ڪونهن، اسان جون ترارون سدائين سچائيءَ لاءِ چمڪيون آهن ۽ جيستائين اسان جي زندگي آهي، تيستائين اهي چمڪنديون ئي رهنديون. ساٿيو! پنهنجي گهوڙن جي سنبن سان انهن ارغونن جا هنئيان ڏاري ڇڏيو، پنهنجي ترارن جي اُڃ ويريءَ جي رت سان اوجهايو.....

                ]گهوڙن جي ڊوڙ جا آواز _ جنگ جو تاثر. ماڻهن جون دانهون _ پنري جا ٽهڪ[

پنرو:           (ٽهڪ ڏيندي) دوستو! ارغونن تي ثابت ڪريو ته ستل شينهن کي جاڳائڻ مان ڇا ٿو حاصل ٿئي. هي ڌرتي توهان جي آهي ۽ توهان جي ئي رهندي..... توهان سان ٿيندڙ ظلم ڪڏهن به معاف نه ڪيو ويندو. ]جنگ جو تاثر پوري طرح سان اُڀري ٿو. پنرو ٽهڪ ڏيندو رهي ٿو. موسيقي[

شاهه بيگ:   پنرو ..... پنرو .... هر طرف کان اهو نالو پيو ٻڌجي. ائين ٿو لڳي ڄڻ اسان جي حڪومت جا بنياد ئي لُڏي ويا آهن.... آخر اهو پنرو آهي ڪير؟

ارغون سردار:   سلطان عالي جو اقبال ۽ اوج سدائين اعليٰ رهي.... اهو هڪ سمو سردار آهي، جنهن جي سرڪشي هن ملڪ ۾ تمام گهڻي مشهور آهي... ۽ .....

شاهه بيگ:   هڪ معمولي سردار اسان جي سڄي فوج کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيو آهي، هن اسان جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. هر ماڻهوءَ جي زبان تي پنري جو نالو آهي... آخر اسين ڪريون ڇا پيا؟ ڇا اسان ۾ هن سان مقابلي ڪرڻ جي طاقت ناهي؟

ارغون سردار:   سلطان عالي، گستاخي معاف، پر دلير دشمن جي تعريف ڪرڻ به عيب نه آهي. هو هرهنڌ اسان جي ماڻهن کي هوشيار ڪري ٿو ماري، ۽ وڙهي اهڙي بي جگري سان ٿو، جو اسان جا ماڻهو هن سان مقابلو به نٿا ڪري سگهن.

شاهه بيگ:   مقابلو نٿا ڪري سگهن؟ اهو اسان جي بهادري تي حرف آهي.

ارغون سردار:   سرڪار، ٿوري تجربي مون کي ٻڌايو آهي ته هن قوم جون روايتون عجيب آهن، اول ته الله جي رضا تي راضي رهن ٿا، پر جڏهن هنن جي سهپ جي طاقت ختم ٿي وڃي ٿي، تڏهن هو طوفان بنجي اٿن ٿا، ۽ ٿوري ئي وقت ۾ هنن جي وير جي باهه چؤطرف پکڙجي وڃي ٿي. اهڙي باهه سان مقابلو ڪرڻ نهايت مشمل ٿي پوي ٿو.

شاهه بيگ:   اسان ڪجهه به ٻڌڻ نٿا چاهيون، اسان هن فتني کي ڪنهن به طريقي سان ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. اهو اسان جو حڪم آهي، پوءِ اسان کي ساري سپاه سميت اها جنگ ڇو نه لڙڻي پوي.....

ارغون سردار:   حڪم جي تعميل ٿيندي، سلطان عالي!

شاه بيگ:     اسان هن ملڪ ۾ اڃا پير کپائي نه سگهيا آهيون. هتي جا ماڻهو اسان کي پسند به نه ٿا ڪن. اسان هن سرزمين تي تڏهن ئي ڪاميابي سان حڪومت هلائي سگهنداسين، جڏهن اهڙين سرڪشين کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿينداسين.

ارغون سردار:   جيڪو حڪم، سلطان عالي.

                ]موسيقي. گهوڙن جون هڻڪارون. ماڻهن جو هلڪو گوڙ[

شير:           سردار، تون ڪهڙن خيالن ۾ ويڳاڻو ويٺو آهين؟

پنرو:           آءٌ اهو پيو سوچيان شير، ته سونل الائجي ڪهڙي حال ۾ هوندي؟ هو ارغونن جي قيد ۾ آهي ۽ اسان ارغونن سان جنگ جوٽيو بيٺا آهيون. ائين نه ٿئي متان هوءَ ارغونن جي ظلم ۾ ختم ٿي وڃي!

شير:           سردار، جيڪڏهن هن سرزمين جي ڄائي آهي، ته هوءَ پنهنجي ماءُ جي ٿڃ ڪانه لڄائيندي، حياتيءَ جي پوين پساهن تائين حالتن جو مقابلو ڪندي، هن جي ارادي آڏو جيڪڏهن جبل ايندا ته اهي به هن جي واٽ تان هوا جي جهوٽي وانگر هٽي هليا ويندا. اسان کي هن تي فخر آهي سردار.

پنرو:           پر ... شير ڀاءُ ......

شير:           توکي شايد سونل جي سڪ ستايو آهي؟

پنرو:           پر ڀاءُ منهنجا! آءٌء هن کي وساري به ته نٿو سگهان. هوءَ منهنجي حياتيءَ آهي، ۽ حياتيءَ کان ڪهڙو ندورو منهن موڙيندو.

شير:           نيٺ تنهنجي مرضي ڇا آهي؟

پنرو:           اسان جي مرضي آهي ته اسان جلد سونل کي ارغونن جي بند مان ڇڏايون.

شير:           پر ڪيئن ۽ ڪهڙي نموني؟

پنرو:           آءٌ ٺٽي وڃان ٿو، ۽ وڃي ٿو خبر وٺي اچان ته سونل ڪٿي آهي، پوءِ...

شير:           تنهنجو هن وقت ٺٽي وڃڻ مناسب نه آهي. اَلرغون هاڻي هوشيار ٿي ويا آهن. هو هر حال ۾ توکي ختم ڪرڻ لاءِ وڏين تيارين ۾ مشغول آهن. تنهنجي هن وقت ٺٽي وڃڻ مان اهو ڊپ آهي ته ڪٿي اسان جي ٻاريل لاٽ اجهامي نه وڃي. انهي ڪري سونل لاءِ سماءُ وٺڻ آءُ ويندس.

پنرو:           پر شير....

شير:           تون سمجهين ٿو ته سونل جي آزادي اڪيلي تنهنجي خوشي آهي، يا اهو رڳو تنهنجو معاملو آهي، پر ائين ڪونهي، سونل اسان سڀني جي عزت ۽ ننگ آهي. سونل جي آزادي ۾ اسان سڀني جون خوشيون آهن، سردار.

پنرو:           جيڪڏهن تون ائين ٿو سمجهين ته تون ئي وڃ.... پر شير، جيڪڏهن توکي ڪجهه ٿيو ته پوءِ آءٌ چئي نٿو سگهان ته منهنجي ڪهڙي حالت ٿيندي....

شير:           انهي جو تون الڪو نه ڪر سردار. آءٌ سلامتي سان موٽي ايندس.

پنرو:           پوءِ دير نه ڪر، الله توهار_ روانو ٿي.

                ]هڪ گهوڙي جي وڃڻ جو تاثر_ فيڊ آئوٽ هڪ گهوڙي جي اچڻ جو تاثر_ فيڊ اِن[

پنرو:           ڏاڍي راه ڏيکاريئي شير. ڏي خبر، سوڀارو ٿي آيو آهين يا نه؟

شير:           آءُ خبر لهي آيو آهيان، سردار.

پنرو:           مون کي ٻڌاءِ، سونل ڪهڙن حالن ۾ آهي؟

شير:           تون الڪو نه ڪر سردار، سونل خوش آهي!

پنرو:           ارغونن جي قيد ۾ سونل خوش آهي... اڻ ٿيڻيون ڳالهيون ڇو ٿو ڪرين شير!

شير:           معاف ڪج سردار، مون اهو چوڻ ٿي چاهيو ته سونل انهي سردار جي قيد ۾ آهي، جنهن اسان جي سڄي راڄ کي ختم ڪري ڇڏيو. هاڻي هو سونل جي سونهن تي هرکجي پيو آهي ۽ سندس مرضي آهي ته سونل ساڻس شادي ڪري. پر سونل انهي شاديءَ جي بدران موت قبوليو آهي.

پنرو:           مون کي سونل مان اهائي اُميد هئي... هاڻي اهو ويچار ڪرڻو آهي ته سونل کي انهي بند مان ڪيئن آجو ڪجي.

شير:           اسان سڀني جي ڀلائي انهي ۾ آهي ته جيترو جلد ٿي سگهي سونل کي انهي قيد مان آزاد ڪرايون، ڇاڪاڻ ته سونل ارغونن جي قيد ۾ پاڻ تي اَن پاڻي حرام ڪري ڇڏيو آهي. هن جي خواهش آهي عزت سان آزادي حاصل ڪرڻ ۽ غلاميءَ مان ڇوٽڪارو لهڻ. جيڪڏهن اسان دير ڪئي ته الائجي ڇا ٿي ويندو.

پنرو:           اسان اڄ ئي هن کي آزاد ڪرائينداسين...... تياري ڪريو!

]موسيقي[

ارغون سردار:   ته سونل راڻي، تون پنهنجي ضد تي قائم رهندينءَ؟

سونل:         جيستائين منهنجو سِر سلامت آهي، تيستائين آءٌ پنهنجي ڳالهه تي قائم رهنديس.

ارغون سردار:   ڇو ٿي پاڻ تي ظلم ڪرين. ڏس ته تنهنجي ڪهڙي حالت ٿي وئي آهي، تنهنجي سونهن ختم ٿيندي پئي وڃي... ۽.....

سونل:         آءُ ڪجهه به نٿي ٻڌڻ گهران. مون کي انهي جي پرواهه نه آهي ته ڪو منهنجي سونهن ختم ٿيندي پئي وڃي. منهنجا واهرو جڏهن به وريا، تڏهن مون کي سڀڪجهه ملي ويندو، سونهن به حياتي به....

ارغون سردار:   اجايو انتظار توکي نهوڙي نيندو سونل! ياد رک، جنهن پنري جي اچڻ جو توکي اوسيئڙو آهي، ان جي زندگيءَ تي موت جي مهر لڳي چڪي آهي....

سونل:         اهو تنهنجو اجايو خيال آهي، امير هي ڪنهن هڪ پنري جي عزت ۽ غيرت جو سوال نه آهي. هڪ پنرو نه ته ٻيو، ٻيو نه ته ٽيون. جيستائين منهنجي راڄ جو هڪ به ماڻهو سلامت آهي، تيستائين مون کي پنهنجي آزادي ۽ ڇوٽڪاري جي پڪ آهي، رڳو انهي لاءِ جو منهنجو، تنهنجي قيد ۾ رهڻ هنن لاءِ غيرت ۽ عزت تي حرف آهي، ۽ منهنجي راڄ جو ٻار به انهيءَ مهڻي کي سهڻ لاءِ تيار نه آهي.

ارغون سردار:   اوه ... سونل، اهي سڀ اجايون ڳالهيون آهن. (سخت لهجي ۾)  آءٌ توکي آخري ڀيرو اهو موقعو ڏيان ٿو ته تون پنهنجي انهي رويي تي سوچين. جيڪڏهن تو ٻن ڏينهن جي اندر پنهنجو فيصلو نه بدلايو ته پوءِ جي نتيجن جو تون پاڻ ذميوار رهندينءَ.

سونل:         مون کي انهي جو ڊپ ئي ڪونهي، ته پوءِ ڪهڙا نتيجا نڪرندا، منهنجو فيصلو اڄ به اهو آهي، ۽ سڀان به اهوئي رهندو ۽ هزارين سالن تائين به اهو ساڳيو رهندو. اسان مارئي جي وطن جون ڄايون پنهنجي ڪر کي ڪونه لڄائينديوسين. تنهنجي آزادي کان مون کي موت پيارو آهي.

ارغون سردار:   (ويندي) توکي پنهنجو فيصلو بدلائڻو پوندو.... توکي پنهنجو فيصلو مٽائڻو پوندو.

                ]سرندي تي هلڪي ڏکاري موسيقي پس منظر ۾[

سونل:         سنگهارن کي ساريندي، ڇا منهنجي حياتي ائين ئي نبرندي! منهنجا سائين، تون ڪڏهن ايندين؟ اچي پنهنجي سونل جا حال ڏس ته آءٌ ڪيئن پئي هنن حالتن سان مقابلو ڪريان. هن ڪوٽ ۾ بند، زندگيءَ جي مڙني خوشين کان ڏور. پنهنجن کان پري، پراون جي قيد ۾... اچي ڏس. آءٌ ته انهي آس تي پئي جيان ته هڪ دفعو تون ايندين ۽ آءُ هنن آزارن مان آزاد ٿي پنهنجن سان گڏ ڪا گهڙي گهارينديس، ڇاڪاڻ ته مون کي پڪ آهي ته توکي مون کانسواءِ ڪٿي به ساءُ نه ايندو..... جسم ڪڏهن روح کان جدا ٿيو آهي؛ پنرام پڊا.... اچ، منهنجا ڪن تنهنجي نيلوفري جي سنبن جي آواز ٻڌڻ لاءِ آتا آهن. هن آسائتي روح کي تڏهن ئي سک ملندو، جڏهن هن ڪوٽ مان آءُ آزاد ٿينديس، منهنجو من هن بند ۾ ماندو آهي... تون اچ، يا موت... پر مون کي موت نه گهرجي، آءٌ حياتي چاهيان ٿي، جا فقط تنهنجي اچڻ سان ملندي....

                ]پس منظر واري موسيقي اُڀري ٿي، ۽ ان ۾ هڪ گهوڙي جي اچڻ ۽ بيهڻ جو تاثر[

سپاهي:       اي امير، آءٌ هڪ نهايت ضروري خبر کڻي آيو آهيان.

ارغون سردار:   تنهنجي هن وقت اچڻ مان ظاهر آهي ته تون نهايت اهم خبر کڻي هتي پهتو آهين.

سپاهي:       اي امير، مون کي معلوم ٿيو آهي ته اڄ رات ڪنهن وقت پنرو ٺٽي ۾ داخل ٿيندو.... ۽

ارغون سردار:   (ٽهڪ ڏئي) سرڪش سردار پنري کي آخر پنهنجو موت هتي گهلي آيو. (آهستي پر خوشيءَ مان) پنري جي موت کان پوءِ سونل منهنجي آهي... فقط منهنجي .... (وقفو) تون وڃ، فوج جي تياري ڪر ۽ ٺٽي جي هر گهٽ گهيڙ تي مورچا ٻڌو... جيئن پنرو ٺٽي ۾ داخل ٿئي ته مٿس حملو ڪري کيس ختم ڪيو وڃي، اهوئي اسان جي امير جو حڪم آهي...

سپاهي:       جيڪو حڪم اي امير!

ارغون سردار:   آءٌ اچان ٿو... توهان هلي تياريون ڪريو.

                ]موسيقي. گهڻن گهوڙن جي اچڻ جو تاثر پس منظر ۾[

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org