سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: -ڏونگر منجهه ڏيئو

باب: --

صفحو :16

 

 

 (11)

تمام گهڻن ڏينهن جي ڳالهه آهي، جڏهن اليڪسي ننڍو هو، تڏهن هو برف تي ترڪڻ واري راند ”اسڪيٽنگ“ پئي سکيو. هن تختن تي اڃا پير رکي ترڪڻ شروع ئي مس ٿي ڪيو ته هڪدم ڦهڪو ڪري ڪري ٿي پيو.  ڪيترا ئي ڏينهن ائين پيو ڌڪا کائيندو هو. پوءِ هڪڙي ڏينهن نيٺ هو ڪجهه قدمن تائين ترڪڻ سکي ويو. اليڪسيءَ کي اهو ڏينهن بنهه چٽي طرح ياد هو، جنهن ڏينهن هن چمڪندڙ ڄميل برف تي خوش قسمتيءَ سان صحيح قدم کنيو هو ۽ پوءِ ان راند ۾ ترقي ڪندو پئي ويو.

اڄڪلهه به ساڻس ساڳي ڪار ٿي رهي هئي. هو ڪيترا ڀيرا سموري ثابت قدميءَ سان هوائي جهاز کڻي هوا ۾ بلند ٿيو. هن پاڻ کي هوائي جهاز ۾ جذب ڪرڻ ۽ پنهنجي نقلي پيرن سان ان کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪڏهن ڪڏهن هو سوچيندو هو ته هو ڪامياب پيو ٿئي ۽ اها ڳالهه سوچيندي ئي سندس دل باغ بهار ٿي ويندي هئي. پر جيئن ئي کيس معلوم ٿيندو هو ته اڃا پنڌ پراهون آهي، هوائي جهاز هڪ طرف جهڪندو، سندس هٿ مان نڪرندو محسوس ٿيندو هو ۽ هو انتهائي ڪوڙاڻ سان اميد جي ڪليءَ کي ڪومائبو محسوس ڪندو هو ۽ ائين ناڪام موٽندو هو.

پر مارچ ۾ هڪ ڏينهن هوائي جهاز کي ٺيڪ رخ تي وجهندي، هن اوچتو محسوس ڪيو ته هوائي جهاز اڄ بلڪل سندس چئي ۾ آهي. اهو احساس بجليءَ وانگر سندس ذهن ۾ چمڪيو ۽ پهرين ته کيس ان تي اعتبار ئي ڪونه ٿي آيو. هن ايتريون ته مايوسيون ڏٺيون هيون، جو هينئر کيس پنهنجي خوش نصيبيءَ تي جلد اعتبار ئي ڪونه پئي آيو.

هن تيزيءَ سان ساڄي هٿ تي هوائي جهاز جو رخ موڙيو. هوائي جهاز ائين ئي ڪيو، جيئن هن چاهيو ٿي. کيس ائين لڳو، ڄڻ ته بيزار ڪندڙ ۽ اداس ڏينهن هڪدم روشن ۽ چمڪندڙ ڏينهن ۾ تبديل ٿي ويو هجي. هن جي دل خوشيءَ سببان بنهه تيزيءَ سان ڌڙڪي رهي هئي ۽ جذبات ۾ ايترو وهلورجي ويو، جو کيس گلي ۾ ڄڻ ڪا شيءِ اٽڪي رهي هئي.

هڪ اڻ ڏٺل سرحد تي پهچي، سندس سمورين ثابت قدم ڪوششن جو امتحان ٿيو. هو ان سرحد کان اڳيان وڌي ويو ۽ هاڻي هن انهن بيشمار ڏينهن جي جفاڪشيءَ جي ڦل جو مزو بنا ڪنهن ٿڪ ۽ دشواريءَ جي وٺڻ شروع ڪيو هو. هن اها خاص شيءِ حاصل ڪري ورتي هئي، جنهن جي حاصلات لاءِ هو ڪيترا ڏينهن ناڪام ڪوششون ڪندو رهيو هو. هو بنهه هوائي جهاز ۾ جذب ٿي ويندو هو. کيس محسوس ٿيندو هو ته ڄڻ اهو به سندس جسم جو هڪ حصو آهي. هاڻي بي حس ۽ بي جان نقلي پير سندس لاءِ رڪاوٽ بڻيل ڪونه هئا. سندس نس نس ۾ سرشاري ۽ مسرت جون لهرون ڊوڙي رهيون هيون. هن ڪيترا ئي ڀيرا هوائي جهاز کي موڙيو، غوطو لڳايو ۽ ڪرتب ڏيکاريا ۽ مشق پوري ڪندي ئي هوائي جهاز کي زمين ڏانهن ڦيرايو. کيس هوائي اڏو، اسڪول جي عمارت، موسمياتي اسٽيشن جو مينار، سڀ ڪجهه هڪ گول دائري ۾ نچندا محسوس ٿيا. هن هڪ پراعتماد جنبش سان هوائي جهاز کي زور سان ٻيهر مٿي هوا ۾ بلند ڪيو. هاڻي وڃي کيس ان وقت جي مشهور هوائي جهاز ”لا 5“ پنهنجي ڄاتل ۽ اڻ ڄاتل خوبين کان واقف ڪيو هو. تجربيڪار هٿن ۾ هي هوائي جهاز ڪهڙي شيءِ هو! اسٽيئرنگ گيئر جي هڪ هڪ اشاري تي نچندو، بنهه مشڪل ۽ نازڪ قسم جا ڪرتب بلڪل آسانيءَ سان ڪندو ۽ صفا تير وانگر هوا کي چيريندو فضا ۾ بلند ٿي ويندو هو، بنهه ڦڙتيلي، چست ۽ تيز باز وانگر!

ميريسئف ڪاڪپٽ مان نڪتو ته جهومي رهيو هو، جهڙوڪر نشي ۾ هجي. سندس وات ڦاٽو پيو هو ۽ چپن تي عجيب چريائپ جهڙي مرڪ پکڙيل هيس. هن ڪاوڙ ۾ ڇتو ٿيل استاد کي به ڪونه ڏٺو ۽ نه ئي سندس ڪا ڳالهه ٻڌائين. کيس بڪڻ ڏيو. گارڊ روم؟ ها ها ٺيڪ آهي، هو گارڊ روم جي سزا ڀوڳڻ لاءِ تيار هو. هاڻي ڪهڙو فرق پئجي سگهي ٿو؟ هڪڙي ڳالهه صاف ظاهر هئي ــــــ اها هيءَ ته هو هواباز هو ۽ تمام سٺو هواباز! سندس سکيا تي جيڪو واڌو پيٽرول خرچ ٿيو هو، سو اجايو ڪونه ويو هو. هو ان خرچ جو بدلو سئو ڀيرا وڌيڪ ادا ڪندو. ها، پر رڳو هي همراه کيس محاذ تي موڪلين.

سندس ڪمري ۾ هڪ خوشگوار ۽ غير متوقع شيءِ سندس انتظار ڪري رهي هئي. سندس وهاڻي تي گووزديف جو هڪ خط پيو هو. هي خط پنهنجي منزل تائين پهچڻ کان اڳ خبر ناهي ڪٿان ڪٿان ٿيندو، ڪيترن ڏينهن تائين ۽ ڪنهن ڪنهن جي کيسن مان ٿيندو هتي پهتو هو؟ اهو ٻڌائڻ مشڪل هو، ڇو ته خط سڄو مڙيو سڙيو، ميرو گدلو ۽ تيل جي داغن سان ڀريو پيو هو. هي خط هڪ صاف لفافي ۾ رکيل هو، جنهن تي انيوتا جي هٿ سان لکيل پتو هو.

ٽينڪ مين لکيو هو ته جرمنن جي هوائي جهاز جي پک سان سندس مٿي ۾ ڌڪ لڳو هو. هو هن وقت فوجي اسپتال ۾ هو. کيس اميد هئي ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ کيس موڪل ملي ويندي. هن اسٽالن گراڊ واري جنگ ۾ پيش ايندڙ انهيءَ واقعي جو تفصيل سان ذڪر ڪيو هو.

هن ان ڇاپي جو ذڪر ڪيو هو، جيڪو سندس سربراهي ۾ ٽينڪن جي دستي جرمنن جي لڪل فوجي هوائي اڏي تي هنيو هو، جنهن ۾ جرمنن جا ڪيترا ئي هوائي جهاز تباه ڪري ڇڏيا هئائون. کيس ان حملي دوران هوائي جهاز جي پک جو هڪ ٽڪر اڏامي اچي مٿي ۾ لڳو هو. هن اهو به لکيو هو ته اسپتال ۾ سندس ڏاڙهي زوريءَ ڪوڙي چٽ ڪري ڇڏي اٿن ۽ اهو به ته هو اسپتال مان موڪل ملڻ کان پوءِ ٻيهر ڏاڙهي رکندو. گووزديف لکيو هو ته انيوتا الائجي ڇو سندس ڏاڙهيءَ پويان هٿ ڌوئي لڳي آهي ۽ هر خط ۾ ڪئين صلواتون ٻڌائيندي آهي.

خط تمام ڊگهو هو. ظاهر آهي ته گووزديف اسپتال جي بيزاري ختم ڪرڻ لاءِ ايڏو ڊگهو خط لکيو هو. هن اهو به لکيو هو ته جڏهن هو اسٽالن گراڊ جي ويجهو، سندس پراڻي ٽينڪ جي تباه ٿيڻ ۽ نئين ٽينڪ ملڻ تائين واري عرصي ۾ بنا ٽينڪ جي وڙهي رهيو هو، تڏهن کيس استيپان ايوانووچ مليو هو. هن هڪ ڪورس مڪمل ڪيو هو ۽ هاڻي هو بنا ڪميشن وارو عملدار ٿي ويو هو. هو ٽينڪ ٽوڙ پلٽڻ جو اڳواڻ سرجنٽ ميجر ٿي ويو هو. استيپان، گووزديف کي اليڪسيءَ لاءِ سلام چيا هئا.

ان خط اليڪسيءَ جي دل تي پهو رکيو هو ۽ گڏوگڏ کيس غمگين پڻ ڪيو هو. وارڊ نمبر 42 جا سمورا ساٿي ڪيتري وقت کان ٻيهر جنگ ۾ حصو وٺي رهيا هئا ۽ ان ڪري به ته هاڻي هن وقت گووزديف ۽ استيپان ڪٿي هئا ۽ ڪهڙي طرح زندگي گذاري رهيا هئا؟ جنگ جون ڇوليون کين ڪٿي لوڙهي کڻي ويون هيون؟ ڇا هو اڃا زنده آهن؟ اوليا ڪٿي آهي؟

پوءِ کيس ڪميسار وروبيوف جي ڳالهه ياد آئي. هن چيو هو ته سپاهين جا خط انهن وساڻل تارن جون روشنيون آهن، جيڪي اسان تائين پهچندي هڪ جڳ بنائن ٿيون. تنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿئي ٿو ته اهو تارو گهڻو اڳي وسامي چڪو هوندو آهي، پر سندس چمڪ ۽ دل جي ڪليءَ کي سگهه پهچائيندڙ روشني خلا کي چيريندي ايندي آهي ۽ اسان تائين وساڻل تاري جي نرم سهائي پهچائيندي رهندي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org