سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: -ڏونگر منجهه ڏيئو

باب: --

صفحو :4

 

 

 (14)

اليڪسيءَ هڪ ڀيرو وري اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪري پيو ۽ بيهوش ٿي ويو. پر خطري جي احساس وري کيس هوش ۾ آندو. کيس پوري پڪ هئي ته ڪي ماڻهو جهڳٽي جي پويان لڪي کيس ڏسي رهيا آهن. نيٺ هن ڪنهن کي صاف چوندي ٻڌو ”ماڻهو آهي!“ هن پستول هٿ ۾ کنيو ۽ مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويو......

بلڪل اوڏي مهل جهڳٽي جي پٺيان ڪنهن ٻار جو سهڪندڙ آواز ٻڌڻ ۾ آيو:

”اڙي، ڪير آهين تون؟ جرمن؟ سمجهي؟“

اجنبي لفظن اليڪسيءَ کي هوشيار ڪري ڇڏيو، پر هڪڙي ڳالهه چٽي ٿي ته اهي لفظ ڪنهن روسي ٻارڙي چيا هئا.

”هتي ڇا پيو ڪرين؟“ ڪنهن ٻار جو آواز ٻڌائين.

”توهان ڪير آهيو؟“ اليڪسيءَ پڇيو، پر پنهنجي جهيڻي آواز تي حيران ٿي ويو.

”ڪوڙ نه ڳالهاءِ. تون اسان کي ڌوڪو نٿو ڏيئي سگهين. آءٌ ڪوهن کان ڏور جرمنن کي سڃاڻي سگهان ٿو. ڇا تون جرمن آهين؟“

”۽ توهين ڪير آهيو؟“

”اهو تون ڇو ٿو پڇڻ چاهين؟“

”آءٌ روسي آهيان.“ اليڪسيءَ وراڻيو.

”تون اسان کي بيوقوف ٿو بڻائين...... اکين جو قسم تون فاشسٽ آهين!“ روسي ٻار جو آواز آيو.

”آءٌ روسي آهيان، روسي! هڪ هوا باز. منهنجي جهاز کي جرمنن ڪيرايو آهي.“ اليڪسيءَ کي يقين ٿي ويو ته وڻن پٺيان هن جا پنهنجا ماڻهو آهن، روسي ماڻهو! – تنهن ڪري هن ڪجهه لڪائڻ جي ضرورت ڪانه سمجهي. پر هنن کي هن تي يقين ڪونه پئي آيو. جنگ احتياط سيکاري ٿي. جڏهن کان هو سفر تي روانو ٿيو هو، تڏهن کان اڄ پهريون ڀيرو هو ايترو هيڻو ۽ بيوس ٿيو هو. هن محسوس ڪيو ته هو هٿ پير به چوري نٿو سگهي، نه هو سري سگهي ٿو ۽ نه ئي پنهنجو بچاءُ ڪري سگهي ٿو. هن جي مِٽُن مٿان ڪارين کڏن مان لڙڪ لارون ڪري وهڻ لڳا.

”ڏس ته سهي، هو روئي پيو!“ وڻن جي پٺيان آواز آيو.

”اڙي ٻڌين ٿو؟ تون روئين ڇو پيو؟“

”آءٌ روسي آهيان، توهان وانگر روسي ۽ هڪ هواباز به.......“

”ڪهڙي هوائي اڏي جو هواباز آهين؟“

”پر توهين ڪير آهيو؟“

”اهو تون ڇو ٿو پڇڻ چاهين؟ هان، جواب ڏي!“

”مونچالو فسڪي هوائي اڏي جو هواباز آهيان. پر توهين منهنجي مدد ڇو نٿا ڪريو؟ٻاهر نڪري اچو. حيف اٿو! آءٌ پيو مران ۽ توهين پيا انگل ڪريو......“

”ٻڌيئي، هو چوي ٿو ته هو مونچالو فسڪي هوائي اڏي جو هواباز آهي..... شايد سچ ڳالهائيندو هجي...... ۽ هو روئي به ته پيو......“ پوءِ هڪڙي هڪل ٿي. ”او هواباز! پنهنجو پستول پري اڇلي ڇڏ. پستول نه اڇليندين ته اسان ٻاهر ڪونه اينداسين ۽ ڀڄي وينداسين، سمجهيئي!“

اليڪسيءَ پستول پري اڇليو، تڏهن ٻه ڇوڪرا ڊڄندا هٿ هٿ ۾ ڏيئي، ڀڄڻ لاءِ بلڪل تيار، آهستي آهستي اليڪسيءَ وٽ آيا. وڏي ڇوڪر وٽ هٿ ۾ ڪهاڙي هئي. سندس وار سنهڙا ۽ اکيون نيريون هيون ۽ صفا سنهڙو هو. ننڍي ڇوڪري جا وار ڳاڙها هئا. هو حيرت ۽ تجسس مان اکين ڇنڀڻ کان سواءِ وڏي ڇوڪري کان هڪ قدم پٺيان هلي رهيو هو ۽ آهستگي سان چئي رهيو هو: ”هيءُ ته روئي پيو. اڙي ها، سچ پچ روئي پيو. ڏس ته سهي، ويچارو ڪيترو نه اڀرو ٿي ويو آهي. رڳو سندس هڏن تي چمڙي چهٽل آهي!“

وڏي ڇوڪري اڳيان وڌي پستول کي ٿڏو هڻي پري ڪيو ۽ پڇيو:

”تون چوين ٿو ته هواباز آهين. ڇا تو وٽ اهڙا ڪاغذ آهن؟ ڏيکار ته سهي!“

”هتي ڪير آهن، پنهنجا ماڻهو يا جرمن؟“ اليڪسيءَ بي اختيار مسڪرائي پڇيو.

”مون کي ڪهڙي خبر؟ آءٌ ته هتي جهنگل ۾ رهندو آهيان. مون کي ته ڪوبه اطلاع ڪونه ٿو پهچائي.“ وڏي ڇوڪر ڏاڍي شان ۽ مدبرانه انداز ۾ جواب ڏنو.

اليڪسيءَ کي ڪاغذ ڏيکارڻا پيا. هن وردي ۾ هٿ وجهي پنهنجو سڃاڻپ ڪارڊ ڪڍيو. آفيسر جي ڳاڙهي ڪارڊ ڇوڪرن تي جادوءَ جو ڪم ڪيو.

”ها ها، اسان جا ماڻهو هتي آهن. هو ٽن ڏينهن کان هتي آهن.“ هڪڙي ڇوڪري رڙ ڪري چيو.

”تون ايترو اڀرو ڇو ٿي ويو آهين؟“ ٻئي چيو.

”...... اسان جي ماڻهن هنن جي چڱيءَ ريت مرمت ڪئي آهي. هتي زبردست لڙائي لڳي هئي ۽ دشمنن جا تمام گهڻا ماڻهو مارجي ويا هئا، تمام گهڻا.“

”....... ۽ ڀڳا ڪيئن ٿي، بنهه کُڙيون پئي ڪياڙيءَ سان لڳن. هڪڙو گهوڙي تي چڙهي وٺي ڀڳو، ٻه ڦٽيل هئا، تن ٻنهي گهوڙي جي پڇ ۾ جهليو ۽ ٽيون ان تي چڙهي ويٺو. تون جي ڏسين ها ته ڏاڍو مزو اچئي ها.....! هنن توکي ڪٿي ڪيرايو هو؟“

ڪجهه دير تائين ٻنهي ڇوڪرن جي زبان قئنچي وانگر هلندي رهي، پر پوءِ کين اليڪسيءَ جي مدد ڪرڻ جو خيال آيو. اتان سندن ڳوٺ پنج ڪلوميٽر پري هو. وٽن ڪاٺين کڻڻ لاءِ جيڪا گاڏي هئي، سا بنهه ننڍي هئي، نه ته اليڪسي ان گاڏيءَ تي ماپي سگهي ها ۽ نه ئي وري هو ٻئي ان کي گهلي سگهن ها. نيٺ وڏي ڇوڪري ’سيريونڪا‘ سندس ننڍي ڀاءُ ’فيدي‘ کي چيو ته تون ڊوڙ پائي ڳوٺ وڃ ۽ آءٌ هتي رهي اليڪسيءَ جي حفاظت ٿو ڪريان.

اليڪسي چيڙ جي ٽاريخن ۽ پنن تي پيو، جهوٽا کائي رهيو هو. سندس اکيون اڌ پوريل اڌ کليل هيون. هو ڇوڪر جي بڪ بڪ ٻڌي رهيو هو، پر انهن مان ڪي چند لفظ ئي سندس پرسڪون گهل کي اورانگهي، سندس ذهن تائين پهتا. کيس پنهنجي مادري ٻولي ٻڌڻ سان ڏاڍي راحت پئي آئي.

”........ بابا پنچائتي فارم جو صدر هو ۽ جرمن ان کي مُکي چوندا هئا.“ اليڪسيءَ کي سيريونڪا جو ڳالهائڻ ڄڻ ڀت جي ٻئي پاسان ٻڌڻ ۾  پئي آيو، ”انهن بابا کي ماري ڇڏيو. منهنجي وڏي ڀاءُ کي پڻ ماري ڇڏيائون. هو جڏو هو، هن جو فقط هڪڙو هٿ هو. سندس هڪڙو هٿ ان ڳاهيندي مشين ۾ چچرجي ويو هو ۽ پوءِ ڪٽي ڇڏيائونس. انهن اسان سڀني کي اهو خوني تماشو ڏسڻ تي مجبور ڪيو. مون پنهنجي اکين سان ڏٺو. بابا سخت غصي ۽ ڪاوڙ مان انهن کي چيو هو: ”بدمعاشو، توهان کي هنن ڪرتوتن جي سيکت ضرور ملندي. توهين پنهنجي ڪئي تي رت جا ڳوڙها ڳاڙيندؤ.“

”......... هاڻي اسان گهر ۾ فقط ٽي ڄڻا آهيون. فيدڪا، امان ۽ آءٌ. منهنجي هڪ ڀيڻ به هئي. سندس نالو ’نيوشڪا‘ هو. اها سرءُ جي موسم ۾ مري ويئي. مرڻ کان اڳ هوءَ ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين سُڄي دهل ٿي پئي هئي ۽ هڪ منهنجو ننڍڙو ڀاءُ به هو، سو به مري ويو. هاڻي بس اسان رڳو ٽي ڄڻا آهيون. جرمن وري ته ڪونه ايندا. هان تنهنجو ڇا خيال آهي؟ منهنجو نانو هاڻي صدر آهي. اهو چوي ٿو ته جرمن ڪونه ايندا. ڪڏهن مردا به ڀلا قبرن مان موٽي ايندا آهن؟ ليڪن امان ڊڄي ٿي. هوءَ هتان ڀڄي وڃڻ ٿي چاهي. اها چوي ٿي ته متان جرمن وري اچن....... هوڏانهن ڏس، نانا ۽ فيدڪا اچن پيا.“

فيدڪا هٿ سان اشارو ڪري نانهس کي اليڪسي ڏيکاريو. گول ڪلهن وارو، ڊگهو پوڙهو ”نانا ميخائيل“ جنهن کي گهر جو سُبيل چتيڻ وارو ڪوٽ پاتل هو ۽ مٿي تي جرمن آفيسر جي ڊگهي ٽوپي پاتل هئس. سندس چهرو، سينٽ نڪولاس وانگر هو، جنهن مان ٻاجهه، محبت ۽ شفقت جو نور وسي رهيو هو. اهڙو ئي نورڳوٺ ۾ موجود ديوتائن جي تصويرن مان پڻ وسندو نظر ايندو آهي. ننڍڙي ٻار جهڙيون روشن روشن ۽ چمڪندڙ اکيون، نرم نرم سفيد ڏاڙهي ــــــــ نانا ميخائيل اليڪسيءَ کي هنڌان هنڌان چتين لڳل رڍ جي کل مان ٺهيل ڪوٽ ۾ ويڙهيو ۽ ڏاڍي تعجب مان ڀڻڪيو: ”ويچارو، الا ويچارو ڇوڪرو! ابا تون ته ڳري ڪنڊا ٿي ويو آهين! رب منهنجي پناهه، تون ته مرڳو هڏن جو پڃرو وڃي بچيو آهين! ٻيو ڇا! هاءِ هيءَ نڀاڳي جنگ ماڻهن تي ڪيڏو نه عذاب ٿي آڻي. ڪيڏو نه ظلم آهي هي.“

هن اليڪسيءَ کي تمام احتياط ۽ پاٻوهه مان کڻي برف واري گاڏي ۾ وڌو، ائين ڄڻ هو ڪو تازو ڄاول ٻار هجي. کيس هڪ رسي سان ٻڌائين، کن پن لاءِ سوچيائين ۽ پنهنجو ڪوٽ لاهي مٿانئس وڌائين ۽ ڪجهه حصو سرڪائي مٿي هيٺان رکيائين. پوءِ هو گاڏي جي اڳيان ويو ۽ بڪرم ۽ اڳڙين مان ٺهيل گاڏي جو جوٽڻو پنهنجي ڪنڌ تي رکيائين ۽ ٻنهي ڇوڪرن کي هڪ هڪ رسو ڏيئي چيائين: ”هلوـــــــ الله توهار!“

(15)

اڳين ٻن ٽن ڏينهن تائين اليڪسيءَ کي ائين پئي لڳو، ڄڻ هو گهري ۽ گرم ڌنڌ ۾ گهيريل هجي. کيس پنهنجي چوڌاري ٿيندڙ ڳالهين جي اڻ چٽي تصوير نظر پئي آئي. حقيقت، وهم ۽ گمان ۾ ٻڏي رهي هئي. گهڻو پوءِ کيس ايترو هوش آيو، جو هو حقيقي واقعن ۽ وهمن کي جدا جدا ڪري ڏسي سگهيو ٿي.

هي پناهگير ان گهاٽي جهنگل ۾ رهندا هئا. انهن جي خندقن مٿان ڍنگر پيل هئا ۽ انهن تي برف ڄمي پئي هئي، تنهن ڪري انهن کي ڳولڻ ڏاڍو مشڪل هو. جنهن ڏينهن اليڪسي اتي پهتو هو، فضا ۾ ڏاڍو سڪون ۽ شادابي هئي.

سڀني ماڻهن ــــــــ جن ۾ عورتون، ٻار ۽ ڪجهه پوڙها هئا، جڏهن ٻڌو ته نانا ميخائيل هڪ روسي هواباز کي هتي وٺي پيو اچي، جيڪو الائجي ڪيئن هيستائين پهتو آهي ۽ جيڪو فيدڪا جي چوڻ مطابق رڳو ”هڏين جو پڃرو“ آهي ته سڀيئي ان جو آڌرڀاءُ ڪرڻ لاءِ ڊوڙي آيا. وڻن جي جهڳٽن مان جڏهن برف گاڏي “تروئيڪا“ نظر آئي ته سڀيئي عورتون ٻارڙن کي پري هٽائي گاڏي جي چوطرف ڦري بيهي رهيون ۽ پوءِ روئنديون اوڇنگارون ڏينديون، گاڏي سان گڏوگڏ هلنديون خندقن تائين آيون. سڀني عورتن جا ڪپڙا ڦاٽل ۽ چتين لڳل هئا ۽ سڀئي عورتون هڪجهڙيون ۽ پوڙهيون ٿي لڳيون. خندقن اندر دونهي سندس سدا بهار چهرا ڪاراٽي سانورا بڻائي ڇڏيا هئا. نوجوان عورتن جي سڃاڻپ فقط سندن چمڪندڙ اکين جي جوت ۽ موتيءَ جهڙن ڏندن مان ئي ٿي سگهي ٿي.

”مايون، او مايون! آخر توهان هتي ميلو ڇو لڳايو آهي؟ هي ڪو تماشو ته ڪونهي. خدا جي واسطي گس کان ته پري هٽو. توهين ته بنهه ڪو رڍن جو ڌڻ ٿيون لڳو. ڀلا توهان کي ڇا ٻڌايان؟“ نانا ميخائيل جوٽڻي کي زور سان ڇڪيندي چيو.

عورتن جي هجوم مان اليڪسيءَ ڪجهه آواز ٻڌا: ”هاءِ ويچارو ڏکوئيل ڪيترو نه اڀرو آهي.“ ”بلڪل هڏين جو پڃرو آهي.“ ”چري پري به نٿو سگهي.“ ”ڇا جيئرو آهي؟“ ”بيهوش آهي.“ ”هنکي ڇا ٿيو آهي؟“ ”اوهه، ڪيترو نه ڳري ويو آهي.“ ”بنهه ڪنڊا ٿي ويو آهي ويچارو!“

انهن اڻ ڄاتل ۽ خوفناڪ تجربن جو خيال ايندي ئي عورتن تي ڪافي اثر پيو ۽ سندن حيرت وارا فقرا به ختم ٿيا، جن مان اليڪسي گذريو هو. هاڻي جيئن جيئن گاڏي خندقن ۽ لڪل ڳوٺ جي ويجهو پهچندي ويئي، تيئن ئي منجهن اهو بحث زور وٺندو ويو ته آخر اليڪسي ڪنهن جي گهر هلي؟

”منهنجو گهر سُڪل آهي. هر طرف سڪل واري موجود آهي. اتي هوا به سٺي ٿي اچي........ ۽ مون وٽ هڪ چلهو به آهي.“ بندري قد ۽ کلندڙ – چمڪندڙ اکين ۽ گول چهري واريءَ هڪ عورت چيو.

”چلهو! توهين سڀ گهر ڀاتي ڪيترا آهيو؟ اتي جي بدبوءِ ئي توهان سڀني کي ٻيءَ دنيا جو سير ڪرائڻ لاءِ ڪافي آهي. هن کي مون وٽ رهڻ ڏيو نانا! منهنجا ٽي پٽ روسي فوج ۾ آهن ۽ مون وٽ ٿورو اٽو به بچت ۾ آهي، آءٌ هن لاءِ تمام مزيدار ماني پچائينديس.“

”نه نه! هن کي مون وٽ رهڻ ڏيو. اسين پاڻ ۾ فقط ٻه ڄڻا آهيون ۽ اسان وٽ جاءِ به تمام گهڻي آهي. تون پنهنجي مزيدار ماني اتي ئي آڻي ڏجانءِ. هو ڪٿي به کائي، هن لاءِ ڪوبه فرق ڪونه ٿو پوي. ڪسيوشا ۽ آئون هن جي ڏاڍي خدمت چاڪري ڪنداسون. توهين بي فڪر رهو. مون وٽ ڪجهه ٿڌي مڇي ۽ نانگ جون ٻوٽيون آهن....... آءٌ هن لاءِ مڇي ۽ نانگ جو شوروو ٺاهينديس.“

”ڀلا مڇي مان هن کي ڪهڙو فائدو پهچندو، جڏهن ته هن جا پير قبر ۾ پيا لڙڪن؟ هن کي مون وٽ وٺي اچو نانا! اسان وٽ ڳئون آهي ۽ اسين هن کي ڍوَ تي کير پيارينداسين.“

ليڪن نانا ميخائيل گاڏيءَ کي ڇڪيندو، پنهنجي خندق وٽ کڻي ويو، جيڪا ’زير زمين‘ ڳوٺ جي وچ ۾ هئي.

.......... اليڪسيءَ کي ياد پيو ته هو زمين اندر هڪ ننڍي ۽ انڌاريءَ خندق ۾ هڪ تختي تي ستل هو. ڀت تي هڪ مشعل لڳي پئي هئي، جنهن مان دونهين گاڏڙ روشني پئي نڪتي. پاسي ۾ هڪ ميز پيل هئي ۽ هڪ نازڪ، سهڻو سلوڻو چهرو به هو، جنهن کي مٿي تي ڪارو رومال ۽ بدن تي پوڙهين عورتن وارو لباس پاتل هو. سا هئي ”وار وارا“ نانا ميخائيل جي ننڍي ۾ ننڍي ننهن. ان سان گڏ کيس ميخائيل جو سفيد وارن جون لڙڪندڙ چڳن وارو مٿو پڻ نظر ايندو هو.

اليڪسي هڪ پٽاپٽي گاديلي تي پيو هو، جنهن ۾ پلال ڀريل هو. هو اڃا تائين رڍ جي کل واري اڳڙين پيل ڪوٽ ۾ ويڙهيل هو، جهن مان گهريلو قسم جي کٽاڻ ڀريل بوءِ اچي رهي هئي..... جيتوڻيڪ سندس سنڌُ سنڌُ سور ڪري رهيو هو، ڄڻڪ کيس سنگسار ڪيو ويو هجي ۽ سندس پير ٻري رهيا هئا، ڄڻڪ مٿن تتل سرون رکيون ويون هجن، پر پوءِ به ان طرح اتي پيو رهڻ ۽ اهو محسوس ڪرڻ ته هو محفوظ جاءِ تي آهي، هن لاءِ ڏاڍو خوشگوار هو. انهيءَ احساس ۾ ڏاڍي فرحت ۽ راحت هئي ته کيس هاڻي پنهنجي جاءِ کان چرڻ جي ضرورت ڪانهي يا ڪجهه سوچڻ جي ۽ هر وقت خبردار رهڻ جي ضرورت ڪانهي.

ڪنڊ منجهان چلهه مان دونهين جا ڪڪر بلند ٿي رهيا هئا. اليڪسيءَ کي ائين پئي لڳو ته نه رڳو دونهون، پر ان سان گڏ ميز، نانا ميخائيل جو مٿو ۽ وار وارا جو ڪومل جسم به هوا ۾ اڏامي ۽ جهومي رهيو هو. در کلڻ سان تازي هوا اندر آئي ته هن جون اکيون به کلي پيون. ميز وٽ هڪ عورت بيٺي هئي. هن پنهنجو ٿيلهو ميز تي رکيو هو. سندس هٿ ٿيلهي تي ئي رکيا هئا، ڄڻڪ هوءَ سوچي رهي هئي ته ”هي ته ختم ٿيو پيو آهي، ڇو نه ٿيلهو واپس کڻي وڃان!“ هن ٿڌو ساهه کنيو ۽ وار وارا کي چيو ته: ”اچي وٺ، هن ۾ ٿوري سوجي آهي، جيڪا لڙائي کان اڳ جي آهي. مون اها پنهنجي ڪوستيونڪا لاءِ بچائي رکي هئي، پر هاڻي ته ان کي ڪنهن به شيءِ جي ضرورت ڪانهي. تنهن ڪري تون هن مان ڪجهه رڌي اليڪسيءَ کي کارائج.“

هوءَ مڙي در ڏانهن ويئي ۽ پنهنجي غم سان سڀني کي متاثر ڪري ويئي. ڪو پاري ۾ ڄميل مڇيءَ جو ٻوڙ کڻي آيو ته ڪو چُلهه جي پٿر تي سيڪيل ماني کڻي آيو ۽ اهڙي طرح سڄو ڪمرو تازي مانيءَ ۽ ٻوڙ جي کٽي ۽ گرم خوشبوءِ سان واسجي ويو.

سيريونڪا ۽ فيدڪا به اندر مٽي آيا. هنن ٿوري کنڊ آندي هئي، جيڪا ماڻس موڪلي هئي. وڏي ڇوڪري نانا ميخائيل ڏانهن مڙي چيو ته ”اسين وري به ان تباهه ٿيل ڳوٺ ۾ ويا هئاسين. اسان کي هڪ لوهه جو ٿانو، ٻه صحيح سلامت ڪوڏاريون ۽ هڪڙي ڪهاڙي ملي، جيڪي ڪم اچي سگهن ٿيون.“ انهيءَ دوران فيدڪا ڀاڻس جي پٺيان بيٺو، لالچي نگاهن سان کنڊ کي تڪي رهيو هو ۽ ذري ذري ڦِيڻَ ڳهي رهيو هو.

پوءِ جڏهن اليڪسيءَ انهن سڀني ڳالهين تي غور ڪيو، تڏهن کيس انهن سوکڙين پاکڙين جي قدر ۽ قيمت جو اندازو ٿيو، جيڪي سندس لاءِ ڳوٺ وارن آنديون هيون. هن ڳوٺ ۾، جنهن جو چوٿون حصو سرءُ جي فاقن ۾ مري ويو هو ۽ جتي هڪڙو به اهڙو خاندان ڪونه هو، جنهن کي هڪ يا ٻن ڪونڌرن جي ڪُسڻ تي روئڻو نه پيو هجي.

”اڙي مايون! توهان املهه ماڻڪ آهيو. ٻڌين پيو اليڪسي، آءٌ ڇا پيو چوان؟ آءٌ چوان ٿو ته روسي عورت هڪ املهه ماڻڪ آهي. بس رڳو سندس دل موهڻ جي ضرورت آهي ۽ پوءِ هوءَ پنهنجي آخري پونجي به توهان تي نڇاور ڪري ڇڏيندي ۽ جي ضرورت پئي ته پنهنجي جان به قربان ڪري ڇڏيندي. اسان جي عورتن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. ڇا آءٌ غلط پيو چوان؟“ نانا ميخائيل اليڪسيءَ لاءِ آندل تحفا قبول پئي ڪيا ۽ ان قسم جون ڳالهيون به پئي ڪيون ۽ ڪم منجهه به لڳو ٿي رهيوــــــ لغام؛ گهوڙي جي جوٽڻي يا بوٽ جي مرمت ڪندو ٿي رهيو. ”۽ ڪم ۾ به اسان جون عورتون اسان کان پوئتي ڪونهن، بلڪ اسان کان به اڳتي آهن. بس مون کي جيڪا سندن ڳالهه پسند ڪانهي، سا آهي سندن زبان!

سندن اها ئي ڳالهائڻ جي عادت منهنجي موت جو سبب بنبي! جڏهن منهنجي زال انيسيا فوت ٿي هئي، تڏهن مون دل ۾ سوچيو هو ته: منهنجا الله! تنهنجو شڪر جو هاڻي مون کي سڪون نصيب ٿيندو. پر ڏسو ته سهي، خدا مون کي ان جي ڪهڙي سزا ڏني آهي. اسان جا سمورا مرد فوج ۾ وڃي ڪونه سگهيا، تنهن ڪري جرمنن سان وڙهڻ لاءِ باقي بچيل مرد ڇاپا مار جٿن ۾ شامل ٿي ويا ۽ مون کي پنهنجي گناهن جي سزا طور عورتن جو سردار بنايو ويو. جيئن هڪ جهنگلي ٻڪر رڍن جي ڌڻ ۾ اچي ڦاسندو آهي. آءٌ چوان ٿو ته هي ڪم ڏاڍو ڪٺن آهي.“

اليڪسيءَ کي هن ڳوٺاڻي آباديءَ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون نظر آيون، جن تي کيس ڏاڍي حيرت ٿي. ”پلا وٺي ڳوٺ“ جي رهواسين کان جرمنن سندن سمورو گهرو سامان توڙي پوکي راهيءَ جو سامان، ڍور ڍڳا، ڪپڙا لٽا، بس هر اها شيءِ ڦري ٻهاري ويا هئا، جيڪا هنن ابن ڏاڏن کان محنت مزوري ڪري ميڙي چونڊي هئي ۽ هاڻي اهي ماڻهو جهنگ ۾ انتهائي ڏک ۽ تڪليف جي زندگي گذاري رهيا هئا. هنن کي هميشه اهو الڪو ٿي رهيو ته متان جرمن حملو نه ڪن. هو بک پئي مئا ۽ سيءَ ۾ پئي ٿڙڪيا، پر هنن پئنچاتي فارم کي تباهه ٿيڻ نه ڏنو. جڏهن نانا ميخائيل جي ناٺيءَ کي قتل ڪيو ويو هو، تڏهن هن پئنچاتي فارم جي صدر جو عهدو سنڀاليو ۽ تمام ايمانداريءَ سان ان کي نڀاهڻ لڳو.

سڀ لنگهڻ ويٺا هئا، پر پوءِ به هاري عورتون پنهنجو سمورو ان کڻي اچي گڏيل خندق ۾ گڏ ٿيون. اهو ان هنن ڳوٺ مان ڀڄڻ وقت پاڻ سان لڪائي آندو هو. هينئر اُن اَن جو داڻو داڻو جمع پئي ڪرايو ويو. انهن ڦرن جي تمام گهڻي سار سنڀال پئي ٿي، جيڪي جرمنن کان بچي ويندڙ ڍڳين ڄڻيا هئا. هي ماڻهو پيٽ بکيا هوندا هئا، پر پئنچاتي فارم جو ڍور ڍڳو ڪهي ڪونه کائيندا هئا. ڳوٺ جا ڇوڪرا سر تريءَ تي رکي تباهه ٿيل ڳوٺ ۾ ويندا هئا ۽ اتي مٽي ۽ رک جي ڍيرن ما اٿلائي پٿلائي هَر جو ڦار يا ڪم ڪار جون ٻيون شيون ڳولي کڻي ايندا هئا ته جيئن هو پئنچاتي فارم تي انهن جي مرمت ڪري کين ڪم ۾ آڻي سگهن.

نانا ميخائيل جيتوڻيڪ پنهنجن عورتن تي ڪاوڙبو ۽ کين چهڙون به ڏيندو هو، يا جڏهن ڪنهن مسئلي جي حل لاءِ سڀ گڏجي سندس خندق ۾ اينديون هيون ته ڪنن تي هٿ رکي ڇڏيندو هو ۽ کين دڙڪو ڏيئي، ماٺ ڪرائيندو هو، پر پوءِ به هي سڀ ڳالهيون ٻڌندڙ مهمان جي خاموشي جو فاعدو وٺي هو ’عورت ذات‘ جي ساراهه ڪندو هو، جو سندن مانَ مرتبي ۾ زمين ۽ آسمان هڪ ڪري ڇڏيندو هو.

”ڏس اليڪسي، ڳالهه ڇا آهي؟ بس ڳالهه اها آهي ته عورت هر شيءِ کي ٻئي هٿ وجهي کڻي لڪائيندي آهي. ڇا آءٌ ٺيڪ ڪونه پيو چوان؟ هو ائين ڇو ٿيون ڪن؟ ان لاءِ نه ته ڪو عورت ڪنجوس ٿيندي آهي. نه هرگز نه! هوءَ ائين ان ڪري ٿي ڪري، جو کيس اها شيءِ وڻي ٿي. اها ئي ته ٻارن ٻچن کي کارائي پياري ٿي. توهان ڇا به چئو، پر گهر جو سمورو ڪاروبار عورت ئي هلائي ٿي. هاڻي ٻڌ ته هتي ڇا ٿيو هو. تون پاڻ به ڏسين پيو ته اسين زندگي ڪيئن پيا گذاريون. اسان مانيءَ جي ٽُڪر ڀور لاءِ ڪيڏا نه پريشان آهيون. اسين لنگهڻ پيا ڪاٽيون، پر هي قصو جنوري جو آهي. ڇاپا مارن جو هڪ دستو اسان وٽ آيو. اهي اسان جا سڃاڻو ڪونه هئا. اسان ٻڌو آهي ته اسان جا ماڻهو ته ’اولينن‘ جي ويجهو ڪٿي وڙهي رهيا آهن. هي دستو اسان لاءِ بنهه اڻواقف هو. هي ڪي ريلوي جا ڇاپا مار هئا. هنن چيو ته ’اسان بک پيا مرون.‘ هاڻي ٻڌاءِ، تون ڇا ٿو چوين؟ ٻئي ڏينهن انهن عورتن جا ٿيلها کاڌي سان ڀري ڇڏيا، سو به اهڙي وقت، جڏهن انهن عورتن جا سندا ٻار بک وگهي تڙپي مري رهيا هئا. ڪيئن! آءٌ صحيح پيو ڳالهايان نه؟ ها آءٌ بلڪل سچ پيو ڳالهايان. جيڪڏهن آءٌ ڪو وڏو فوجي ڪمانڊر هجان ها ته جرمنن کي ماري ڀڄائي ڪڍڻ کان پوءِ پنهنجي سڀني بهترين فوجن کي هڪ هڪ عورت جي سامهون قطارن ۾ بيهاري کين حڪم ڪريان ها ته مارچ ڪريو هن روسي عورت جي اڳيان ۽ کين سلامي ڏيو. بس آءٌ ته ائين ڪريان ها.“

پوڙهي جون ڳالهيون اليڪسيءَ تي لوليءَ جو اثر ڇڏينديون رهيون ۽ هو سمهي ٿي پيو. ڪڏهن ڪڏهن سندس دل چاهيندي هئي ته کيسي مان خط ڪڍي پڙهي ۽ تصوير ڏسي، پر هو ائين به ڪري نه ٿي سگهيو. جڏهن نانا ميخائيل عورتن جي ساراهه ڪندو هو، تڏهن اليڪسيءَ کي ائين لڳندو هو، ڄڻ هو ورديءَ جي کيسي ۾ پيل خطن منجهان من موهيندڙ ڇهاءُ محسوس ڪري رهيو هجي.

نانا ميخائيل جي زبان هلندي گونگي ننهن ميز تي ويٺي ڪو نه ڪو ڪم ڪندي رهندي هئي. پهرين ته اليڪسي کيس ڪا پوڙهي عورت سمجهيو هو. شايد ميخائيل جي زال، پر پوءِ ويجهائپ ڪري هن کي خبر پئي ته هن جي عمر ته ويهن ٻاويهن سالن کان مٿي ڪانه هئي. هن جو هلڻ ڏاڍو وڻندڙ هو. هوءَ ڄڻ سونهن ۽ سندرتا جو انوکو نمونو هئي. هن ڏٺو هو ته هوءَ جڏهن به کيس خوفزده ۽ حيران نگاهن سان ڏسندي هئي ته پنهنجو پاڻ ڏڪي ويندي هئي ۽ ٿڌو شوڪارو ڀريندي هئي. ڄڻڪ لڙڪ پيئڻ جي ڪوشش ڪري رهي هجي. ڪڏهن ڪڏهن رات جو اوندهه ۾ اليڪسي محسوس ڪندو هو ته ڪو ماڻهو روئي پيو ۽ پنهنجي سڏڪن کي لڪائڻ لاءِ وهاڻي ۾ چڪ هڻي سڏڪن جي آواز کي ٿمي رهيو آهي.

(16)

نانا ميخائيل وٽ اليڪسيءَ کي اڄ ٽيون ڏينهن هو. صبح جو پوڙهي کيس چيو ته ” اليڪسي! تنهنجي جسم تي ته ٽولر پيا سُرن. ٽولر ته ڀيڻسان وٿاڻ جي گڏرن کان به خراب آهن ۽ توکي ته کنهڻ ۾ به ڏاڍي تڪليف ٿي ٿئي. توکي ٻڌايان ته ڇا ڪرڻو آهي؟ آءٌ توکي وهنجاريندس. تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟ توکي گرم گرم پاڻيءَ سان تڙ ڪرائجي، واهه واهه! ڏاڍو مزو ايندئي. آءٌ تنهنجو بدن ڌوئيندس. گرم ٻاڦ سان هڏن کي ڪجهه گرمي پهچندي. ڇا ٿو چوين؟ ڪيئن ٺيڪ آهي نه؟“

۽ هن وهنجارڻ جو انتظام ڪرڻ شروع ڪري ڏنو. هن ڪنڊ واري چُلهي جي باهه ايتري ته تيز ڪري ڇڏي جو چلهه جا پٿر به ٽچڪڻ لڳا. خندق کان ٻاهر هڪ وڏو مچ ٻاريو ويو ۽ اليڪسيءَ کي پوءِ ٻڌايو ويو ته هڪ وڏو پٿر گرم ڪيو ويو. واريا ڪاٺ جي هڪ وڏي هوديءَ ۾ پاڻي ڀري ڇڏيو هو. سُنهري پلال زمين تي وڇايو ويو. تنهن کان پوءِ نانا ميخائيل رڳو لانگوٽي ٻڌي، چيلهه تائين اگهاڙو ٿي، جلدي جلدي ڪاٺ جي ننڍي بالٽي ۾ سوڊيم پوٽاش وجهي، وڻ جي کل مان وهنجڻ لاءِ موهرو ٺاهيو. پوءِ جڏهن خندق ايتري گرم ٿي ويئي جو مٿان ڍنگر مان پاڻيءَ جا ڦڙا ٽمڻ لڳا، تڏهن پوڙهو ٽپي ٻاهر نڪتو ۽ لوهه جي هڪ پتري تي تتل ڳاڙهو پٿر کڻي واپس آيو. هن اهو پٿر هوديءَ ۾ وڌو. ٻاڦ جو هڪ طوفان اٿيو ۽ ڇت تائين هليو ويو ۽ ڇت سان لڳي هر پاسي پکڙجي ويو. ڌنڌ ۾ ڪجهه به نظر نٿي آيو، پر اليڪسيءَ محسوس ڪيو ته پوڙهي جا مضبوط ۽ چست هٿ سندس ڪپڙا لاهي رهيا هئا. واريا سُهرس جو هٿ ونڊائي رهي هئي. هن گرميءَ کان پنهنجو ڪپهه وارو ڪوٽ ۽ رومال لاهي پري اڇليا ته سندس گهاٽيون چوٽيون پٺن تي لڙڪڻ لڳيون، جن جو رومال ۾ ڪو تصور به نه ٿي ڪري سگهيو. هوءَ منٽ ۾ بدلجي ويئي هئي. هينئر هوءَ پوڙهي راهبه ڪانه لڳي رهي هئي، پر انتهائي نازڪ، وڏين وڏين اکين واري وڻندڙ ڇوڪري بڻجي پئي هئي. هيءَ تبديلي ايترو ته جلد ٿي هئي جو اليڪسيءَ کي پنهنجي اگهاڙپ تي ڏاڍو شرم اچڻ لڳو.

” اليڪسي پٽ، پرواهه نه ڪر.“ نانا ميخائيل سندس حوصلو وڌائيندي چيو. ”هن کان سواءِ ٻيو ڪوبه چارو ڪونهي. تنهنجو هي ڪم ته اسان کي ئي ڪرڻو آهي نه. مون ٻڌو آهي ته فن لينڊ ۾ مرد عورتون گڏ وهنجندا آهن. ڇا واقعي سچ آهي؟ شايد گپوڙو هجي. ليڪن واريا هن وقت ڄڻ اسپتال جي هڪ نرس آهي ۽ هوءَ هڪ سپاهيءَ جو علاج ڪري رهي آهي. تنهن ڪري ان ۾ شرمائڻ جي ڪابه ڳالهه ڪانهي. واريا، هن کي ٿورو سنڀالج، آءٌ سندس قميص ٿو لاهيان. خدا جي پناهه، قميص ته بلڪل سڙي پيئي آهي. هيءَ ته سڄي پرزا پرزا ٿي پئي آهي.“

ان مهل اليڪسيءَ کي ان نوجوان عورت جي وڏين ڪارين اکين ۾ خوف نظر آيو. ان تباهيءَ ۽ حادثي کان پوءِ هن پهريون ڀيرو پنهنجو جسم ڏٺو هو، جنهن تي رڳو کل چڙهيل هئي.

پوڙهي چڱيءَ طرح اليڪسيءَ کي وهنجاريو. سندس جسم، جيڪو فقط هڏن جو پڃرو وڃي بچيو هو، ڏسي چيائين: ”رب منهنجا تون پناهه ڏي. اليڪسي! تنهنجي حالت ته ڏاڍي خراب آهي. سمجهئي! آءٌ چوان ٿو ته تون جرمنن جي چنبي مان ته بچي آيو آهين، پر ڇا موت کان بچي سگهندين.......؟ پر تون فڪر نه ڪر، تون ڪنهن به شيءِ جي باري ۾ نه سوچ. پريشان نه ٿيءُ. اسان موت جي ديوَ کي دسي وجهنداسين، تنهنجو وار ونگو ٿيڻ نه ڏينداسين. تنهنجي چڱيءَ طرح سار سنڀال ڪنداسين. تنهنجي صحت ۽ تندرستي واپس آڻينداسين ۽ توکي بنهه ٺيڪ ٺاڪ ڪري ڇڏينداسين. منهنجي چوڻ تي يقين ڪر.“

واريا خاموشيءَ سان پوڙهي جو هٿ ونڊائي رهي هئي. هن ان خوفناڪ سيٽيل جسم کي ڪونه ٿي ڏٺو، جيڪو سندس ٻانهن جي گهيري ۾ هو. پر ڪيڏي مهل اوچتو سندس نگاهه ٻاڦ کي اورانگهي اليڪسيءَ تائين پهتي ٿي ته بدن مان سيسراٽ نڪريو ٿي ويس. هُن سوچيو ٿي ته هي هواباز، جيڪو خبر ناهي ڪيئن سندس گهر تائين پهتو آهي، ڪو اڻواقف ڪونهي. هو ته سندس پنهنجو ’ميشا‘ هو. هي ڪو اجنبي مهمان ڪونه هو، پر هي ته سندس گهر وارو ميشا هو، جنهن سان هن فقط هڪڙي بهار گڏ گذاري هئي. ويڪري ڇاتي وارو، مضبوط ڪلهن وارو، جنهن جي چهري تي ڀرون ايترا ته سنهري هئا جو سندن هجڻ يا نه هجڻ جي خبر ئي ڪانه ٿي پئي. سندس هٿ تمام وڏا ۽ مضبوط هئا ۽ هي اهو هو، جنهن جي دشمنن هيءَ حالت بنائي ڇڏي هئي. هي سندس پنهنجي ئي ميشا جو بيجان جسم هو، جنهن کي هوءَ ٻانهن ۾ جهليو بيٺي هئي. کيس خوف اچي ورايو ۽ سندس مٿو ڦرڻ لڳو، پر هوءَ پنهنجي چپن کي چڪ هڻي پاڻ کي ڪِرڻ کان بچائي رهي هئي.

ٿوري دير کان پوءِ اليڪسي پٽاپٽي گاديلي تي نانا جي چتين لڳل قميص پايو ليٽيو پيو هو. وهنجڻ کان پوءِ کيس سڄي جسم ۾ تازگي ۽ قوت محسوس ٿي رهي هئي. واريا کيس ڪاڙهو پياريو. هو فيدڪا ۽ ڀاڻس جي آندل کنڊ وات ۾ وجهي، چانهه جا ڍُڪ ڀري رهيو هو. پوءِ هو سمهي پيو ۽ اهڙي ته گهري ننڊ ستو جو خواب به وٽس ڪونه ٿي پهچي سگهيا.

جڏهن هو سجاڳ ٿيو، تڏهن کيس نانا ميخائيل جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، جيڪو ماسي ’واسي ليسا‘ کي چئي رهيو هو: ”تون بنهه هڪ بيوقوف عورت آهين. تنهنجو دماغ ڪٿي آهي؟ يارهن ڏينهن تائين جنهن ماڻهوءَ ٻاجهر جو هڪ داڻو به وات ۾ نه وڌو آهي، تنهن جي لاءِ تو ڇا آندو آهي؟ ايترا سخت بيدا ٺاهي کڻي آئي آهين جو بس!“ پوءِ وري التجا ڪندي چيائين: ”هن کي بيدن جي ضرورت ڪانهي. توکي خبر آهي واسي ليسا ته هن لاءِ ڪهڙي شيءِ بهتر آهي؟ ڪڪڙ جو سٺو شوروو! ها، ان شيءِ سان هن جي جسم ۾ نئون ساهه پئجي ويندو. هاڻ تون اسان کي پنهنجي ’ڇاپي مار‘ آڻي ڏي ته......“

”بس بس، نه هرگز نه. آءٌ ڪانه ڏيندس! قطعي ڪانه ڏيندس. مون کي چوڻ بيڪار آهي. پوڙها خبيث، وري مون کي ان باري ۾ نه چئجانءِ. هن کي پنهنجي ’ڇاپي مار‘ آڻي ڏيان! ڪڪڙ جو شوروو...... ڏسين نه ٿو ته ڳوٺ جي ماڻهن ڪيترو آڻي ڏنو آهي. ايترو راشن ته هڪ سڄي شادي لاءِ ڪافي آهي. اڃا به تون ڇا ٿو گهرين؟“

”واسي ليسا! توکي عورتن وانگر وڏي واڪي ٽر ٽر ڪندي شرم اچڻ گهرجي. خود تنهنجا ٻه پٽ مورچن تي ويل آهن ۽ پوءِ به تون اهڙيون بيوقوفيءَ جهڙيون ڳالهيون پئي ڪرين! هن ماڻهوءَ اسان لاءِ پاڻ کي معذور بنايو آهي، اسان لاءِ خون وهايو آهي.......“

”مون کي هن جو خون نه گهرجي. منهنجي لاءِ منهنجا پٽ ئي پنهنجو رت وهائي رهيا آهن. مون کي وڌيڪ چوڻ جي ضرورت ڪانهي! مون چئي جو ڇڏيو ته آءٌ ڪڪڙ ڪانه ڏينديس ـــــــــ ۽ بس ڪانه ڏينديس.“

اليڪسيءَ کان ڪنجهڪار نڪري ويئي. پوڙهو هڪدم ڏانهس وڌيو. واسي ليسا وڃي چڪي هئي. پوڙهي نانا چيو: ”ڇا تون ستل ڪونه هئين اليڪسي؟ ڇا تون سموريون ڳالهيون ٻڌيون آهن؟ پر اليڪسي! تون دل ۾ نه ڪجانءِ. هي لفظ ڇا آهن؟ کَلون آهن کَلون. انهن لفظن جي اندر وارو مغز تمام سٺو آهي. ڇا تون سمجهين ٿو ته هن کي ڪڪڙ سان واقعي ايترو پيار آهي؟ اليوشا! نه بلڪل نه. ائين ڪونهي. هي ڏهن ڄڻن جو هڪ ڪٽنب هو. جرمنن کي خبر پئي ته هن جو سڀ کان وڏو پٽ ڪرنل آهي. پوءِ هنن واسي ليسا جي سندن سڄو خاندان ختم ڪري ڇڏيو. گهر ساڙي ڇڏيائون. تون سمجهي سگهين ٿو ته ڪڏهن پوڙهيءَ جي هن عمر ۾ سڀ ڪجهه تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏجي ته ان جو مطلب ڇا ٿي سگهي ٿو؟ هينئر وٽس فقط هڪڙي ڪڪڙ بچيل آهي. اليوشا! توکي ٻڌايان ته اها ڪڪڙ ڏاڍي چالاڪ آهي. پهرئين ئي هفتي ۾ جرمنن سڀني ڪڪڙين ۽ بدڪن جي صفائي ڪري ڇڏي. انهن کي ڪڪڙيون پسند آهن. پر هيءَ ڪڪڙ انهن کان بچي وئي. جيڏي مهل به جرمن ايندا هئا ته هيءَ ڪڪڙ ڀڄي لڪي ويندي هئي ۽ جڏهن هو هليا ويندا هئا، تڏهن ظاهر ٿيندي هئي. تنهن ڪري ڳوٺ وارا کيس ”ڇاپي مار“ سڏيندا آهن.“

اليڪسي ننڊ ۽ جاڳ واري سرحد جي وچ ۾ بيٺو هو. بس سندس اکيون کليل هيون. ميخائيل خندق ۾ ڦري رهيو هو. هن وري به ساڳيو مسئلو ڇيڙيو: ” اليڪسي! تون هن عورت کي برو نه سمجهج منهنجا ڀاءُ. کيس سمجهڻ جي ڪوشش ڪج. هوءَ جهنگل جي هڪ وڏي گهاٽي وڻ وانگر هئي ۽ هاڻ سندس ڏار ۽ شاخون ڪٽجي ويون آهن، رڳو سڪل ٿڙ ئي وڃي باقي بچيو آهي ۽ هيءَ ڪڪڙ سندس دل تي آخري پهو آهي. تون ڪجهه ڳالهائين نٿو. ڇا ستو پيو آهين؟ چڱو سمهي رهه!“

اليڪسي جاڳيو به پئي ته ستو به پيو هو. هو رڍ جي کل هيٺان پيو هو، جنهن مان مانيءَ جي بوءِ اچي رهي هئي. ان ننڊ ۽ جاڳ جي گهيرٽ ۾ کيس پنهنجي چوگرد واري زندگيءَ جو احساس هو، ڄڻڪ اها حقيقي زندگي ڪانه هئي، پر پردي تي ڪا فلم هلي رهي هئي، جيڪا ڄڻڪ خيالي به هئي ته ترتيب کان  سواءِ به.

بهار جي موسم اچي چڪي هئي. ڳوٺاڻا ڏاڍا سخت ڏينهن ڪاٽي رهيا هئا. هنن کاڌي پيتي جون شيون جيڪي لڪائي رکيون هيون، سي آهستي آهستي ختم ٿي رهيون هيون. هاڻي بهار اچي ويو هو، برف پگهرجي رهي هئي، کين فصل پوکڻ ۽ ڀاڄين جا باغ لڳائڻ جو فڪر هو.

هڪ ڏينهن نانا ميخائيل خندق ۾ داخل ٿيو ته هو خوش به هو ته پريشان به. پاڻ سان هڪ سائي گاهه جو ٻوٽو کڻي آيو هو. اليڪسيءَ کي ڏيکاريندي چيائين: ”اليڪسي! ڏس ته سهي، آءٌ هينئر ٻنيءَ تان پيو اچان، زمين تان برف گم پئي ٿئي ۽ زمين جي آرهه مان سرءُ جي فصل جا سَلا پيا ڦٽن. بهار جو فصل ته اسان کان ويو، پر سرءُ جي فصل مان مڙيئي پيٽ ڀرڻ لاءِ داڻا ملي پوندا. آءٌ وڃيو ٿو عورتن کي ٻڌايان، ويچاريون ڏاڍو خوش ٿينديون.“

ان رات نانا ميخائيل گهڻي دير تائين سمهي نه سگهيو. هو پنهنجي پلال واري هنڌ تي پاسا ورائيندو رهيو. ڪنهن وقت کنگهيائين ٿي ته ڪيڏي مهل بدن تي کنهيائين پئي ۽ ڪنهن ٽاڻي ڪنجهيو پئي. ٻه ٽي ڀيرا هو اٿيو ۽ اٿي پاڻي پيتائين. نيٺ هن کان برداشت ٿي نه سگهيو. هن اٿي بتي ٻاري ۽ اليڪسي کي ڇُهي ڏٺائين، جيڪو نيم بيهوشيءَ ۾ اکيون پٽيو پيو هو.

ان رات اليڪسيءَ جي حالت بنهه نازڪ ٿي ويئي هئي. نانا ميخائيل جيڪو کيس غسل ڏياريو هو، تنهن سندس سمورا حواس بحال ڪري ڇڏيا هئا. تنهن ڪري کيس انتهائي ٿڪاوٽ، هيڻائي، پيرن جي سور جي شدت بي حال ڪري وڌو هو. هو ٻري ۾ ٽهڪي، گاديلي تي پاسا ورائي، ڪنجهي ۽ ڏند ڪرٽي ڪنهن کي سڏي رهيو هو. هُو وڦلي رهيو هو ۽ ان وڦل ۾ هو ڪجهه مطالبا ڪري رهيو هو. واريا سڄي رات سندس پاسي ۾ ويهي گذاري ڇڏي. هوءَ سندس اُڀن گوڏن تي پنهنجي کاڏي رکيو پنهنجي وڏين وڏين گول اکين سان کيس سامهون گهوري رهي هئي. ٿوري ٿوري دير کان پوءِ هڪ ڀنل ٿڌو ڪپڙو اليڪسيءَ جي نراڙ ۽ سيني تي رکيائين ٿي، جنهن کي اليڪسيءَ کڻي اڇلائي ٿي ڇڏيو ۽ هوءَ سمورو وقت پنهنجي دلبر مڙس جي باري ۾ سوچي رهي هئي، جنهن کي جنگ جي طوفان کڻي الائي ڪهڙي ڪنڊ ۾ وڃي اڇليو هو.

پرهه ڦٽندي ئي پوڙهو اٿيو ۽ اليڪسيءَ تي هڪ نگاهه وڌائين، جيڪو ان مهل ننڊ جي گهيرٽ ۾ هو. هن واريا کي آهستي ڪجهه چيو ۽ پاڻ سفر جي تياري ڪرڻ لڳو. موٽر جي ٽائر مان پنهنجي هٿن سان ٺاهيل جوتو پيرن ۾ پاتائين، تاندوري سان چيلهه وٽ ڪوٽ کي چوڌاري ٻڌائين ۽ صنوبر جي هڪ وڏي لٺ هٿ ۾ کڻي ٻاهر نڪري ويو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org