سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: -ڏونگر منجهه ڏيئو

باب: --

صفحو :7

 

 

(5)

۽ پوءِ اهو ڏينهن اچي ئي ويو. هڪ ڏينهن واسيلي واسيلي وچ گهڻي دير تائين اليڪسيءَ جي ڪارن نيرن ۽ بي حس پيرن کي آڱرين سان چڱيءَ طرح زور ڏئي تپسائيندو رهيو ۽ پوءِ هڪدم چيلهه سڌي ڪري سڌو اليڪسيءَ جي اکين ۾ نهاري چيائين ”وڍڻو ئي پوندو!“ ۽ ان کان پهريائين جو هواباز، جيڪو بنهه هيڊو ٿي ويو هو، زبان کولي، پروفيسر بنهه سختيءَ سان دهرايو ”وڍڻو ئي پوندو! بس هڪ لفظ به چوڻ جي ضرورت ڪانهي. ٻڌيئي! نه ته تنهنجو خير ڪونهي. منهنجي ڳالهه سمجهين پيو نه؟“

هو پنهنجي قافلي تي نظر وجهڻ کان سواءِ ئي وارڊ مان نڪري ويو. وارڊ ۾ هڪ ڏکوئيندڙ مايوسي ڇانئجي ويئي. ميريسئف پنهنجي بي رونق چهري سان اکيون ڦاڙيو بستري تي پيو هو. سندس اکين ۾ ڌنڌ گهيريل پوڙهي ملاح جو هيڊو ۽ مڪروهه چهرو، ڌڙ تري آيو، جيڪو دريا جي ڪناري تي باندر وانگر رڙهي رهيو هو.

” اليڪسي!“ ڪميسار کيس نرميءَ سان سڏيو.

”ڇا آهي؟“ هن کيس جهيڻي آواز ۾ جواب ڏنو.

”منهنجا دوست! وڍائڻو ئي پوندو.“

انهيءَ لمحي اليڪسيءَ کي محسوس ٿيو ته پوڙهو ملاح نه پر هو پاڻ وڍيل پيرن سان گوڏن ڀر سري رهيو آهي ۽ سندس پياري، پنهنجي اولگا، دريا جي وارياسي ڪناري تي بيٺي هئي. هن کي تکي رنگ جو فراڪ پاتل هو، جنهن کي هوا لوڏي رهي هئي. هوءَ ٻهڪندڙ، نرم، نازڪ ۽ انتهائي حسين هئي. هوءَ اليڪسيءَ کي غور سان ڏسي ۽ پنهنجا چپ ڀڪوڙي رهي هئي. ڇا اهو ئي پنهنجو انجام ٿيندو؟ ۽ هو وهاڻي ۾ منهن وجهي، خاموشيءَ سان روئڻ لڳو. سڀني ماڻهن تي وحشت طاري ٿي ويئي. استيپان گجندو ۽ ڪنجهندو پنهنجي بستري مان نڪتو ۽ اليڪسيءَ ڏانهن وڌڻ لڳو، پر کيس ڪميسار آڱر مٿي کڻي روڪي ڇڏيو. ڄڻ کيس چوندو هجي ته ”هن کي تنگ نه ڪريو ۽ کيس دل کولي روئڻ ڏيو.“

واقعي ان کان پوءِ اليڪسيءَ جي دل تان گهڻو بار هلڪو ٿي ويو. جلد ئي هو خاموش ۽ مطمئن ٿي ويو ۽ کيس اهڙو سڪون محسوس ٿيو، جهڙو هر ان شخص کي اهڙو مسئلو طئي ڪرڻ بعد محسوس ٿيندو آهي، جيڪو کيس ڪيترن ئي ڏينهن کان وٺي ستائي رهيو هجي. هن شام تائين هڪ لفظ به ڪونه ڳالهايو. شام جو خدمتگار کيس آپريشن جي ڪمري ڏانهن کڻي وڃڻ لاءِ وٺڻ آيا. روشنيءَ سان جرڪندڙ سفيد ڪمري ۾ به هن ڪجهه ڪونه ڳالهايو. جيڏي مهل کيس اهو ٻڌايو ويو ته سندس دل جي حالت اهڙي آهي جو کيس بيهوش ڪرڻ ممڪن ناهي، تنهن ڪري رڳو ٽنگن کي سُن ڪري آپريشن ڪرڻو پوندو ته هن فقط ها ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ بس! آپريشن دوران نه ته هن جي وات مان ڪا ڪنجهار نڪتي ۽ نه ئي ڪا دانهن ڪوڪ. واسيلي واسيلي وچ هي سادو آپريشن پاڻ خود ڪري رهيو هو. جڏهن سندس هڏي وڍي ويئي، تڏهن کيس بي انتها اذيت پهتي، پر اليڪسي هاڻي سور ۽ سختيون سهڻ جو عادي ٿي ويو هو ۽ هاڻي ته کيس اهو به سمجهه ۾ نٿي آيو ته سفيد لباس پاتل نقاب پوش سندس پيرن کي ڇا ڪري رهيا آهن؟ پر جڏهن هن کي واپس وارڊ ۾ پئي آندو ويو ته هو بيهوش ٿي چڪو هو.

جڏهن سندس اک کلي ته سڀ کان پهريائين کيس نرس ڪلاوديا ميخائلوونا جو همدرديءَ ڀريل چهرو نظر آيو. تعجب جي ڳالهه ته کيس ڪابه ڳالهه ياد ڪانه هئي. هو سوچڻ لڳو ته آخر هن خوبصورت، نيڪ دل ۽ سنهري وارن واري عورت جي چهري تي غم ۽ پريشانيءَ جا آثار ڇو آهن؟ نرس جڏهن ڏٺو ته هن اکيون کوليون آهن ته سندس چهرو ٻهڪي پيو ۽ هن ڪمبل اندران ئي هن جو هٿ جهليو ۽ کيس ٿڦڪي ڏيڻ لڳي.

”واقعي، توهان ته ڪمال ڪري ڇڏيو.“ هن چيو ۽ هڪدم هن جي ڪارائي جهلي نبض ڏسڻ لڳي.

”هيءَ ڇا پئي چوي؟“ اليڪسيءَ سوچيو. هن پنهنجي ٽنگن ۾ اڳي کان ٿورو مٿڀرو سور محسوس ڪيو ۽ اهو ايذاءُ پهرئين ايذاءُ وانگر ڏکندڙ، جلندڙ ۽ ڀڙڪندڙ ڪونه هو، پر هي درد هڪ جهيڻو درد هو. ائين ٿي لڳو، ڄڻ سندس گوڏن هيٺان ڪنهن ڇڪي تار ٻڌي ڇڏي آهي. هن محسوس ڪيو ته سندس جسم پهرئين کان ڪجهه ننڍو ٿي ويو آهي ۽ پوءِ کيس ياد آيو تيز روشنيءَ وارو سفيد ڪمرو، واسيلي واسيلي وچ جو گوڙ گهمسان ۽ ٻيو سڀڪجهه.

”ته چئبو ته وڍجي به ويون؟“ هن بي ڌيانيءَ سان سوچيو ۽ زوريءَ چپن تي مسڪراهٽ آڻي نرس کي چيو:

”ائين ٿو لڳي ڄڻ منهنجو قد گهٽجي ويو آهي.“ هيءَ هڪ تلخ مسڪراهٽ هئي، جهڙوڪر هو اهل ڪڍي رهيو آهي. نرس تمام نرميءَ سان سندس وار سنواريا ۽ چيو:

”منهنجا جاني، پرواهه نه ڪر. هاڻي بلڪل آرام اچي ويندو.“

”ها ڇو نه، ڪجهه سير وزن جو گهٽ ٿي ويو آهي.“

”ائين نه چئو، منهنجا مٺا ائين نه چئو. پر تو واقعي ڪمال ڪري ڇڏيو. گهڻا ماڻهو رڙيون ڪندا آهن ۽ ڪيترن کي ته ٻڌڻو پوندو آهي، پر تنهنجي وات مان ته ٻڙڪ به ڪانه نڪتي. الا، لعنت ڀري هن جنگ ڪيڏا ڪلور ڪيا آهن.“

شام جي ڌنڌلڪي ۾ ڪميسار جو ڪاوڙ ڀريل آواز ٻڌڻ ۾ آيو: ”بس بس! پنهنجو روڄ هاڻ بند ڪر نرس! اچي هڪ خط کڻي ڏئينس. ڪي ماڻهو ڪيڏا نه خوش نصيب هوندا آهن. مون کي ته ڏاڍو رشڪ ٿو اچي. سوچ ته سهي ڀلا هيڏا سارا خط هيڪاندا!“

ڪميسار خطن جو يڪو ڍڳ کڻي اليڪسيءَ کي ڏنو. هي خط کيس سندس رجمينٽ مان آيا هئا. مٿن مختلف تاريخون پيل هيون، پر ڪنهن سبب سمورا خط هڪ ئي ڏينهن تي مليا هئا ۽ هاڻي اليڪسي پنهنجي وڍيل ٽنگن سان ويٺو هڪ هڪ ڪريو پيار ڀريا خط پڙهي رهيو هو. هو خطن پڙهڻ ۾ ايترو ته محو ٿي ويو هو جو هن اهو به ڪونه ڏٺو ته ڪميسار نرس کي اک ڀڃي ڏانهنس اشارو ڪري چئي رهيو هو ته ”منهنجي دوا اوهان جي سمورين ننڊ ڏيندڙ دوائن کان بهتر آهي.“ اليڪسيءَ کي اها خبر ڪڏهن به ڪانه پئجي سگهي ته ڪميسار کي هن تي ايندڙ ڏکين  ڏينهن جا پاٽيا اڳ ۾ ئي پئجي ويا هئا، تنهن ڪري هن ڄاڻي ٻجهي سندس ڪي خط رکي ڇڏيا هئا، ته جيئن سندس محبوب هوائي اڏي تان آيل پيار ڀرين خطن جي ڪري سندس هن بي انتها صدمي ۾ ڪجهه گهٽتائي ٿئي. هن کي هنن تڪڙ تڪڙ ۾ لکيل ڪاغذن جي ٽڪرن جي قدر ۽ قيمت جي ڄاڻ هئي. هن کي خبر هئي ته اهي ڪاغذ جا ٽڪرا ڪڏهن ڪڏهن محاذ تي مانيءَ ۽ دوا کان به وڌيڪ فائديمند هوندا آهن.

اندر ئي ديگتيارنيڪو جو خط تمام کهرو هو. بلڪل ائين، جيئن پاڻ خود هو. ساڳئي لفافي ۾ هڪ ٻيو ننڍڙو خط هو، جنهن جا اکر بنهه سنهڙا ۽ ورن وڪڙن وارا هئا ۽ سڄو خط عجب جي نشانين سان ڀريو پيو هو. لکيل هو:

”ڪامريڊ سينيئر ليفٽيننٽ! هيءَ تمام خراب ڳالهه آهي جو تون پنهنجو واعدو نٿو پاڙئين!! رجمينٽ ۾ گهڻو ڪري تنهنجو ذڪر ٿيندو آهي. آءٌ ڪوڙ ڪانه پئي ڳالهايان. هتي وارا دوست رڳو تنهنجو ئي ذڪر ڪندا رهندا آهن. ٿورا ڏينهن اڳ کاڌي واري ڪمري ۾ ميز تي رجمينٽ جي ڪمانڊر چيو هو ته ” اليڪسي به خوب ماڻهو آهي!!“ توکي ته خبر آهي ته هو ان قسم جا لفظ فقط بهترين ماڻهن لاءِ ئي چوندو آهي. هاڻي جلدي موٽي اچ، هتي تنهنجو ڏاڍو انتظار آهي. کاڌي جي ڪمري واري پوڙهي ليوليا مون کي چيو ته آءٌ توکي لکان ته هوءَ هاڻي توسان ڪونه وڙهندي ۽ مانيءَ مهل توکي ٻئي وقت جون ٽي پليٽون به ڏيندي ۽ پوءِ جي ان سبب سندس نوڪري هلي ويئي ته ڀلي وڃي هلي. پر اها تمام خراب ڳالهه آهي جو تون پنهنجو واعدو ڪونه ٿو پاڙين. تو ٻين کي خط لکيا آهن، پر مون کي ڪونه ٿو لکين. مون کي ان ڪري تمام گهڻو صدمو پهتو آهي ۽ تنهن ڪري ئي آءٌ توکي جدا خط ڪانه پئي لکان. تون مهرباني ڪري مون کي خط لک، جدا خط لک ۽ ٻڌاءِ ته تنهنجا ڪهڙا حال آهن؟ پنهنجي باري ۾ سڀڪجهه لکجانءِ.“ هن دلچسپ خط جي پڇاڙيءَ ۾ لکيل هو؛ ”موسمي سرجنٽ.“ اليڪسي مسڪرايو، پر سندس اکيون وري به لفظن تي ڊوڙڻ لڳيون. ”جلد هلي آ، هتي تنهنجو انتظار پيو ٿئي!“ انهن لفظن هيٺان هڪ ليڪ ڏنل هئي. هو بستري تي ويهي رهيو ۽ ان جاءِ تائين هٿ کڻي ويو، جتي پهرين سندس پير هئا. اوڏي مهل سندس حالت اهڙي ماڻهوءَ وانگر هئي، جيڪو هٿ پنهنجي کيسي ۾ وجهي ٿو، پر ڏسي ٿو ته تمام قيمتي دستاويز ڪري پيو آهي ۽ سندس هٿ کيسي مان آرپار هليو وڃي.

اليڪسيءَ کي هاڻي وڃي پنهنجي سنگين نقصان جو اندازو ٿيو. هو. هاڻي ڪڏهن به پنهنجي رجمينٽ ۾، هوائي فوج ۾ ۽ محاذ تي وڃي ڪونه سگهندو. هو هاڻي ڪڏهن به هوا ۾ بلند ٿي نه سگهندو. هاڻي هو پاڻ کي هوائي جنگ ۾ اڇلي وجهي ڪونه سگهندو، ڪڏهن به نه! هو هاڻي جڏو هو. هو هاڻي پنهنجي پيشي کان محروم ٿي چڪو هو. هاڻي هو هڪ ئي جاءِ تي چهٽو پيو هوندو. هو پنهنجي گهر وارن لاءِ هڪ ٻار ٿي پوندو. زندگيءَ کي سندس ڪابه ضرورت ڪانه هوندي ۽ زندگيءَ جي آخرين گهڙين تائين اهو سلسلو ائين پيو هلندو.

(6)

آپريشن کان پوءِ ــــــــ جيڪا وڌ ۾ وڌ خراب ڳالهه اهڙين حالتن ۾ ٿي سگهي ٿي، سا اليڪسيءَ سان به ٿي. هن پاڻ کي پنهنجي دل اندر قيد ڪري ڇڏيو. هو نه ته شڪايت ڪندو هو، نه روئندو هو ۽ نه ئي ڪاوڙبو هو. بس چپ چاپ پيو هوندو هو.

سڄو سڄو ڏينهن هو سنئون ڊگهو ليٽيو پيو هوندو هو. سندس اکيون ديوار ۾ پيل ور وڪڙن واري ڦوٽ تي کتيون پيون هونديون هيون. جڏهن سندس وارڊ جا ساٿي ساڻس ڳالهائيندا هئا ته هو صرف ”ها“ يا ”نه“ ۾ جواب ڏيندو هو. گهڻو ڪري سندس ها يا نه به بي وقتي هوندي هئي. پوءِ هو خاموش ٿي ويندو هو ۽ انهيءَ ڦوٽ کي پيو گهوريندو هو. هو هڪ چئيڪار جي حيثيت ۾ ڊاڪٽرن جون سڀ ڳالهيون پوريون ڪندو هو. جيڪا دوا ملندي هئس، پيئندو هو. هو بي پرواهيءَ سان بنا شوق ۽ جوش جي کاڌو کائيندو هو ۽ ليٽي پوندو هو.

”او پريا مڙس! ڇا پيو سوچين؟“ ڪميسار سڏ ڪري پڇندو هوس ته اليڪسي ڏانهس ڪنڌ ورائي ائين ڏسندو هو، ڄڻ هو کيس نه ڏسندو هجي.

”آءٌ پڇان ٿو ته ڇا پيو سوچين؟“

”ڪجهه به نه.“

هڪڙي ڏينهن واسيلي واسيلي وچ وارڊ ۾ آيو ۽ پنهنجي مخصوص انداز ۾ پڇيائين:

”ها ته رڙهڻ وارا نوجوان! زنده سلامت آهين؟ ڪهڙا حال اٿئي؟ تون هڪ هيرو آهين. آءٌ چوان ٿو ته تون هڪ هيرو آهين هيرو، تو ته ٻڙڪ به نه ڪڍي. هاڻي آءٌ يقين ڪري سگهان ٿو ته تون واقعي ارڙهن ڏينهن تائين رڙهي رڙهي جرمنن جي چنبي مان نڪري آيو آهين. مون پنهنجي زندگيءَ ۾ جيترن ماڻهن جا آپريشن ڪيا آهن، تو اوترا پٽاٽا به ڪونه کاڌا هوندا. پر اڃا تائين مون تو جهڙي ماڻهوءَ جو آپريشن ڪونه ڪيو هو.“ پروفيسر پنهنجا هٿ مهٽيا، سندس هٿ ڳاڙها هئا ۽ مٿانئن کل پئي لٿي ۽ هن جا ننهن ڳري سڙي رهيا هئا. ”تون ٻوٿ بڇڙو ڇو پيو ڪرين؟ آءٌ آهيان سو پيو واکاڻ ڪريان ۽ هي مڙس وري ٻوٿ بڇڙو پيو ڪري. آءٌ ميڊيڪل ڪور ۾ ليفٽيننٽ جنرل آهيان ۽ توکي حڪم ٿو ڏيان ته مسڪراءِ!“

ڏاڍي مشڪل سان هن جا چپ پکڙيا، ڄڻڪ اها مرڪ ڪانه هئي، پر زوريءَ رٻڙ کي ڇڪيو ويو هجي. هن سوچيو ته ”جيڪڏهن مون کي خبر هجي ها ته منهنجو هي حشر ٿيندو ته آءٌ ارڙهن ڏينهن ڇو پيو رڙهان ها؟ منهنجي پستول ۾ ته ٽي گوليون اڃا هيون.“

ڪميسار اخبارن ۾ جنگ متعلق رپورٽون وڏي آواز ۾ پڙهي ٻڌائيندو هو. هڪ ڏينهن هوائي جنگ متعلق هڪ رپورٽ پڙهي ٻڌايائين، جنهن ۾ دشمنن جي 22 جهازن جي ڀيٽ ۾ اسان جو فقط هڪڙو جهاز تباهه ٿيو هو. رپورٽ ٻڌي اليڪسيءَ سوچيو: ”اهي ماڻهو ڪيڏا نه خوش نصيب آهن، جيڪي اڃا تائين هوا ۾ پرواز ڪن ٿا ۽ وڙهن پيا. پر آءٌ هاڻي ڪڏهن به پرواز ڪري نه سگهندس.“ اڳي هُو جنگ متعلق رپورٽن تي بحث ۾ ڪافي دلچسپيءَ سان حصو وٺندو هو، پر هاڻ هو ڳالهه ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏيندو هو. جڏهن ڪميسار اخبار پڙهندو هو ته هو ڪمبل ۾ منهن ويڙهي ڇڏيندو هو ته جيئن ڪجهه به سڻي ٻڌي نه سگهي. اوڏي مهل مئڪسم گورڪيءَ جي ”عُقاب جو گيت“ جا ڄاتل سڃاتل ٻول سندس دماغ ۾ ٻري اُٿندا هئا ته: ”جيڪي سُرڻ لاءِ پيدا ٿيا آهن، سي ڪڏهن به اڏامي نه ٿا سگهن.“

اليڪسي رڳو پيو سوچيندو هو ته ”هڪ ڀيري پاڻ ۽ اوليا والگا نديءَ جي ڪناري تي سير ڪرڻ ويا هئا. موسم ڏاڍي وڻندڙ هئي. دريا ۾ ڳرندڙ برف جا ٽڪر تري رهيا هئا. پاڻ ٻئي خاموش، ان دلفريب منظر مان لطف وٺي رهيا هئا. هو خواب ڏسي رهيا هئا، مستقبل جا، مسرتن جا. پر ڇا هاڻي اهي خواب ڪڏهن پورا ٿي سگهن ٿا؟ اوليا ته هاڻ هن کان پاسو ڪري ويندي. پر جيڪڏهن هوءَ منهن نه به ڦيري ته ڇا آءٌ اها قرباني قبول ڪري سگهان ٿو؟ ڇا آءٌ پاڻ ان شوخ، ٻهڪندڙ ۽ نازڪ ڇوڪريءَ کي پنهنجي پاسي ۾ هلڻ جي اجازت ڏيئي سگهان ٿو؟ جڏهن ته آءٌ پاڻ سندس پاسي ۾ ڪاٺ جي گهوڙين تي پيو ڀٽڪندو هجان!“ هو خيالن ۽ سوچن مان جند ڇڏائي نه سگهيو. جڏهن اوليا کي خبر پوندي ته سندس پير وڍجي چڪا آهن، تڏهن هوءَ ڇا سوچيندي؟ ڇا هوءَ کيس ڇڏي ڏيندي؟ کيس وساري ڇڏيندي؟ کيس پنهنجي جيون مان ڪڍي اڇلائي ڦٽو ڪندي؟ هن جو سارو وجود احتجاج ڪري رهيو هو. نه نه! هوءَ اهڙي ڪانهي! هوءَ کيس ڪانه ڌڪاريندي. هوءَ هن کان منهن ڪانه ڦيريندي، پر اها ڳالهه ته اڃا به وڌيڪ خراب آهي. هن تصور ۾ ڏٺو ته اوليا هن سان، هڪ جڏي سان پنهنجي ڪشاديءَ دل جي چاهت کان مجبور ٿي شادي ڪئي آهي. هن اعليٰ هُنري تعليم جو خواب هن لاءِ ڪري ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي لاءِ، جڏي مڙس لاءِ ۽ ڪهڙي خبر ته ٻارن لاءِ به، هن پاڻ کي آفيس جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ڇا کيس اهو حق آهي ته هو هن قسم جي قرباني قبول ڪري؟ اڃا تائين هو باقاعده ڪنهن ٻنڌڻ ۾ ٻڌل ڪونه هئا. هنن جي رڳو سڱاوتي ٿيل هئي. هو اڃا زال مڙس ڪونه هئا. هو هُن سان پيار ڪندو هو ۽ مٿانئس گهور پيو ٿيندو هو. تنهن ڪري هن فيصلو ڪيو ته کيس اهڙو ڪوبه حق ڪونهي. هن کي پاڻ يڪدم هن سان سمورا ناتا ٽوڙي ڇڏڻ کپن ۽ بس اک ڇنڀ ۾ ائين ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙي طرح نه صرف کيس ڏاڍي ڀوائتي مستقبل کان بچڻ کپي، پر موجوده سوچن جي اذيت کان به جند ڇڏائڻ کپي.

پر انهيءَ دوران کيس هڪڙو خط مليو، جنهن تي ڪامي شين جو ٺپو لڳل هو. ان خط سندس سمورن فيصلن کي ابتو ڪري ڇڏيو. هي خط اوليا لکيو هو ۽ ان جي سٽ سٽ ۾ لڪل پريشاني ۽ بيقراري ڀري پئي هئي، ڄڻڪ کيس هن برباديءَ جو اندازو ٿي ويو هو. هن لکيو هو ته هوءَ هميشه ساڻس رهندي، پوءِ مٿس ڇا به ٿي گذري، پر هوءَ هن جو ساٿ ڏيندي. هوءَ فقط هن لاءِ جيئري هئي. پل پل اليڪسيءَ جو خيال سندس من ۾ واسيل هوندو آهي ۽ اهو ئي خيال کيس جنگ جي سختين سهڻ جو حوصلو ۽ همت پيدا ڪري ٿو. هوءَ مل ۾ به هن جي ئي خاطر سڄي رات جاڳي ڪم ڪندي هئي. موڪل جي ڏينهن ۾ ۽ واندڪائي مهل رات جوبه هوءَ خندقون ۽ کڏا کوٽيندي هئي، ته جيئن دشمنن جي ٽينڪن کي روڪي سگهجي. هوءَ اهو ڇو ڀلا لڪائي ته سندس خيال جي سهاري اڌ بک اڌ ڍؤ ڪري زندگي گذاري رهي آهي. اُها آخري ننڍڙي تصوير، جنهن ۾ تون ڪتي سان گڏ وڻ جي ننڍڙي ٿڙ تي ويٺو آهين ۽ مسڪرائي رهيو آهين، هر وقت مون وٽ هوندي آهي. مون ان کي امان جي لاڪٽ (تائٿ) ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي ڳچيءَ ۾ پائيندي آهيان. جڏهن، ڪڏهن به دل اداس ٿيندي آهي ته آءٌ تائٿ کولي تنهنجي تصوير ڏسندي آهيان ته سڀ ڏک درد ڏور ٿي ويندا آهن........ مون کي يقين آهي، جيستائين اسان هڪٻئي کي ڀائيندا رهنداسين، تيستائين اسان کي ڪنهن به شيءِ کان ڊڄڻ نه گهرجي. هن اهو به لکيو هو ته ڪجهه ڏينهن کان سندس ماءُ اليڪسيءَ لاءِ ڏاڍي اداس ۽ بدحواس رهڻ لڳي آهي. هن وري التجا ڪئي هئي ته هو ماڻس کي تڪڙو تڪڙو خط لکي ۽ ڪابه خراب خبر ٻڌائي پريشان نه ڪري. ڳوٺان آيل هي خط سندس دل ۾ جذبو پيدا ڪندا هئا ۽ محاذ جون مشڪلاتون ۽ سختيون سهڻ جو حوصلو پيدا ڪندا هئا. پر اڄ پهريون ڀيرو کيس خط پڙهي ڪابه خوشي ڪانه ٿي. اهي خط پڙهي سندس دل اڃا به وڌيڪ اداس ٿي ويندي هئي. هن هڪ اهڙي غلطي ڪئي هئي، جنهن پوءِ کيس ڏاڍو ڏک پهچايو. هن پنهنجي گهر وارن کي اهو ڪونه ٻڌايو هو ته ڪو سندس پير ڪٽيا ويا آهن.

بس هن پنهنجي بدنصيبيءَ ۽ غمناڪ انديشن جو تفصيل سان ذڪر رڳو موسميات اسٽيشن واري ڇوڪري سان ڪيو هو. هنن جي پاڻ ۾ ايتري ڄاڻ سڃاڻ به ڪانه هئي. کيس سندس صحيح نالي جي به خبر ڪانه هئي. هو کيس رڳو ”موسمي سرجنٽ“ سڏيندو هو. خط لکڻ مهل به هُن لفافي تي لکيو هو: فوجي پوسٽ آفيس فلاڻي، موسمياتي اسٽيشن ملي ”موسمي سرجنٽ“ کي. تنهن ڪري ئي ان کي اهو سڀ ٻڌائڻ گهر وارن جي نسبت ڪجهه سولو هو. کيس خبر هئي ته محاذ تي خطن جي قدر ۽ قيمت ڪهڙي هوندي آهي. تنهن ڪري کيس اميد هئي ته اويرو يا سويرو پر خط ضرور ان عجيب وغريب ايڊريس تي پهچي ويندو، پر جي کڻي خط نه به پهتو ته به ڪا ڳالهه ڪانهي، هن ته رڳو پنهنجي جذبن جو اظهار ڪرڻ چاهيو ٿي، سو هن لکيو هو.

اليڪسيءَ جا زخم آهستي آهستي ڇٽي رهيا هئا، پر پوءِ به پاڻ ڳرندو سڙندو پئي ويو. هر ڪنهن پئي محسوس ڪيو ته هو ڪمزور ٿيندو پيو وڃي. ڪوبه علاج ڪامياب نه ٿي ويو.

(7)

بهار جي موسم اچي چڪي هئي. بهار جي موسم پنهنجي اچڻ جو اعلان ڪيترن ئي طريقن سان ڪيو هو. پگهرجندڙ برف جي خوشبوءِ، ننڍڙين جهرڪين جي چرپر، ڏامر جي رستي تان برف جي ڳري وڃڻ ڪري مٿس هلندڙ قدمن جي آهٽ، وڻن جي ٽارين ۾ نوان پن، ٽرامن جي هلڻ جو آواز، ٻاهر ٽين جي چادرن تي وسندڙ مينهن جي ڦڙين جي ٽپ ٽپ ۽ وارڊ نمبر 42 ۾ نرس ڪلاوديا جي زرد چهري تي سرخي پائوڊر جي وڌندڙ استعمال ۽ ٻين طريقن سان بهار پنهنجي پهچڻ جا اهڃاڻ چٽا ڪري ڇڏيا هئا.

”ڇا ٿو چوين استيپان، اسان هن وقت جيڪڏهن ڪنهن جهنگل ۾ هجون ۽ بندوق هٿ ۾ هجي ته ڪيڏو نه مزو اچي.“ ڪميسار ڏاڍي جوش مان چيو. ”پرهه ڦٽندي هجي ۽ اسان شڪار جي انتظار ۾ هجون – ڇا ان کان به وڌيڪ ڪا مزي واري ڳالهه ٿي سگهي ٿي؟ توکي ته خبر آهي ته سونهري سويرو ڇا ٿيندو آهي، سڳنڌ ۽ سرهاڻ سان واسيل فضا ۽ گڏوگڏ ٿورو ٿورو پارو به هجي ۽ ماڻهو جهنگ ۾ ويٺو هجي ۽ پوءِ اوچتو فر فر فر ڪري پکي اڏامي، پوءِ ٻيو ۽ وري ٽيون.......“ استيپان گهرو ساهه کنيو ۽ ڪا شيءِ ڳڙڪائڻ جي ڪوشش ڪيائين، ڄڻ وات ۾ پاڻي ڀرجي آيو هجيس، پر ڪميسار پنهنجي ۾ مست هو. ”پوءِ ٽانڊو ٻارجي، ماڻهو پنهنجو ڪمبل لاهي پري رکي ۽ خوشبودار چانهه تيار ڪري ۽ پوءِ هڪڙو ڍُڪ واڊڪا (شراب) جو ته جيئن بدن جو هنڌ هنڌ گرم ٿي وڃي، ڪيئن؟ پنهنجي حق حلال جي محنت کان پوءِ.........“

”بس بس، ڪامريڊ ڪميسار! هاڻ گهڻو ٿيو، وڌيڪ اهو ذڪر نه ڪر.“ استيپان چيو: ”خبر اٿئي ته هن وقت اسان جي علائقي ۾ ڪهڙو شڪار ملي ٿو؟ مڇي جو شڪار! تون اعتبار ڪونه ڪندين، پر اهو سچ آهي. ڇا تون ان باري ۾ ڪڏهن ڪونه ٻڌو آهي؟ ڏاڍو مزي اچو ٿو انهيءَ شڪار ۾ ۽ وڏي ڳالهه ته ڪجهه ڏوڪڙ به مليو وڃن. جيئن ئي برف ڀڄي ڀري ٿي ۽ نديون پاڻيءَ سان ڀرجن ٿيون ته مڇي ڪنارن تي اچيو لڳي ۽ بهار جي موسم ۾ ڪناري تي بيٺل گاهه ۽ گند ڪچري ۾ ويهو رهي ۽ اتي ئي آنا لاهي ٿي. ڪنارو وٺيو پيو وڃ ته ڄڻ توکي ڪاٺ جون دوڳيون ڏسڻ ۾ اينديون، پر اهي ڪاٺ جون دوڳيون نه پر مڇي هوندي آهي! رڳو بندوق کڻ ۽ ڍڳ مڇي جا، ايتريقدر جو کڻڻ به ڏکيو ٿيو پوي! آءٌ قسم کڻي ٿو ڳالهه ڪريان ته اهو بلڪل صحيح آهي........“ ۽ پوءِ شڪارين جي يادگيرين ۽ گپوڙن جو سلسلو شروع ٿي ويندو هو.

اهڙي طرح هر روز ڪانه ڪا نئين ڳالهه ٿيندي هئي ۽ ان تي ٽيڪا ٽپڻي به ٿيندي هئي. ڪجهه ڏينهن کان وٺي هڪڙي حيرت ۾ وجهندڙ تبديلي ٿي هئي، جنهن کي وارڊ 42 جي هر ماڻهوءَ محسوس ڪيو هو. اها هيءَ ته ڪجهه ڏينهن کان ٽينڪ وارو گووزديف ڏاڍو خوش رهڻ لڳو هو. جڏهن 42 وارڊ جي سڀني ماڻهن کي اها خبر پئي ته هو ڏاڍو ڪو رلڻو ملڻو ۽ گهڻ ڳالهائو آهي ۽ ساڻس سنگت نڀاهڻ ڏاڍي سولي ڳالهه آهي، تڏهن سڀئي ڏاڍا حيران ٿي ويا. پر اهو سمورو ڪمال ڪميسار جو هو. ڇو ته استيپان جي چوڻ مطابق ته هن کي هر ماڻهوءَ جي دل جي ڏکندڙ نس جي خبر هئي ۽ اهو سڀ ڪجهه هيئن ٿيو هو:

نرس ڪلاوديا هڪ خط هٿ ۾ جهلي وارڊ اندر داخل ٿي ۽ چيائين ته ”چڱو ڀلا ٻڌايو ته اڄ ڪير ٿو نچي؟“

ان جو مطلب هو ته ٽپال آئي آهي. هوءَ هر خط وصول ڪندڙ ماڻهوءَ کي خوشيءَ ۾ نچڻ لاءِ کيس بستري تي ٿورو لڏڻ لاءِ مجبور ڪندي هئي. گهڻو ڪري اهو ناچ ڪميسار کي نچڻو پوندو هو، ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن ته کيس هيڪاندا ڏهه ڏهه خط ملندا هئا. پر فقط گووزديف ئي اهڙو ماڻهو هو، جنهن کي ڪڏهن به ڪو خط ڪونه ايندو هو. سندس ڪوبه ڪونه هو، جو کيس خط لکي. پر هڪ ڏينهن جڏهن هوءَ اندر داخل ٿي ته ڏاڍي خوش هئي. ”چڱو ڀلا ٻڌايو ته اڄ ڪير نچندو؟“ هن گووزديف جي پلنگ ڏانهن نهاريو ۽ سندس چهري تي مرڪ پکڙجي ويئي. هر ماڻهوءَ محسوس ڪيو ته ڪا غير معمولي ڳالهه آهي. سڄي وارڊ ۾ اميد ۽ آسري واري ڪشمڪش جهڙو ماحول ٿي ويو. ”ليفٽيننٽ گووزديف، اڄ نچڻ جو تنهنجو وارو آهي. وارو ڪر نچي ڏيکار.“

ميريسئف ڏٺو ته گووزديف سڄو ڇرڪي ويو ۽ هڪدم پاسو ورايائين. سندن اکين ۾ عجيب چمڪ پيدا ٿي ويئي، پر هن هڪدم پاڻ کي سنڀالي ورتو ۽ ڪبندڙ آواز ۾ ۽ انتهائي بي نيازيءَ واري لهجي ۾ چيائين:

”نظر چڪ ٿي آهي، ڪنهن ٻئي وارڊ ۾ ڪو ٻيو گووزديف هوندو.“ پر ساڳئي وقت سندس اکيون ڏاڍي اشتياق سان انهن ٽن خطن کي ڏسي رهيون هيون، جيڪي نرس جي هٿ ۾ هئا.

”نه، ڪا غلطي ڪانه ٿي آهي.“ نرس چيو. ”ٻڌ، ليفٽيننٽ گ – م – گووزديف ۽ وارڊ نمبر 42، بس هاڻي ڇا ٿو چوين؟“

ڪمبل اندران پٽين ۾ ويڙهيل هٿ ڏڪندو ٻاهر نڪتو ۽ خط ورتائين. هن خط وات ۾ جهلي ڏندن جي مدد سان لفافو ڦاڙيو. جوش کان سندس اکين مان شعلا نڪري رهيا هئا. حيرت جهڙي ڳالهه هئي جو ٽن ڇوڪرين، جيڪي ڊاڪٽريءَ جي ساڳئي سال ۾ پڙهنديون هيون ۽ هڪ ئي يونيورسٽيءَ ۾ هيون، جدا جدا لکت ۽ لفظن ۾ تقريبًا ساڳيو مضمون خطن ۾ لکي موڪليو هو. هنن لکيو هو ته جڏهن کين خبر پئي ته گووزديف زخمي ٿي ماسڪو اسپتال پهتو آهي، تڏهن ساڻس خط وڪتابت جو فيصلو ڪيو اٿن ۽ اهو به جيڪڏهن کيس هيءَ هجت بري نه لڳي ته هو آئينده به خط لکنديون رهنديون. انهن مان هڪڙي ڇوڪري انيوتا لکيو هو ته هن خط جو جواب ضرور ڏج ۽ ٻڌاءِ ته ڪهڙا حال آهن؟ ڪيئن پئي زندگي گذري؟ ڇا هوءَ سندس ڪا خدمت ڪري سگهي ٿي؟ کيس ڪنهن ڪتاب جي ضرورت آهي؟ جيڪڏهن کيس ڪنهن شيءِ جي ضرورت هجي ته هو بنا حجاب لکي موڪلي. اهڙي خط ڪتابت شروع ٿي ويئي. پر ڪجهه وقت کان پوءِ ٻن ڇوڪرين خط لکڻ بند ڪري ڇڏيو. باقي نيڪدل انيوتا اڪيلي خط لکندي رهي. انهيءَ کان پوءِ گووزديف نه صرف ڳالهائڻ ٻولهائڻ لڳو هو، پر سندس صحت پڻ سڌرندي رهي هئي ۽ هو ڏاڍو تڪڙو چڱو ڀلو ٿي رهيو هو.

ڪوڪوشڪن پنهنجي پٽي کولائي ڇڏي هئي. استيپان ايوانووچ هاڻي ڪنهن سهاري کان سواءِ ئي هلڻ جي مشق ڪري رهيو هو ۽ چڱيءَ طرح گهمي ڦري سگهيو ٿي. هاڻي هو سڄو ڏينهن دريءَ تي بيهي گذاريندو هو ۽ ڏسندو هو ته ”هيڏي ساري دنيا“ ۾ ڇا پيو وهي ۽ واپري؟ فقط ڪميسار ۽ ميريسئف جي طبيعت ڏينهون ڏينهن نازڪ ٿيندي پئي وئي. خاص ڪري ڪميسار ته بنهه لاچار ٿي پيو هو. هاڻي هو صبح مهل ته پنهنجي هٿن پيرن کي رڳو چوري به ڪونه سگهندو هو. سندس جسم ۾ هڪ خطرناڪ قسم جي هيڊاڻ مائل سوڄ ۽ آرسيءَ جهڙي چمڪ پيدا ٿي ويئي هئي. هو هاڻي ته پينسل يا چمچو به هٿ ۾ جهلي نٿي سگهيو.

صبح مهل اسپتال جي مائي سندس هٿ منهن ڌئاريندي هئي ۽ کارائيندي پياريندي هئي. اها ڳالهه ته صاف ظاهر هئي ته هو پنهنجي درد ۽ ايذاءَ کان نه، پر پنهنجي بيوسيءَ جي ڪري مايوس ۽ غمگين هو، پر هن همت ڪانه هاري. سندس آواز ۾ پهرين واري ساڳي تازگي هئي. هو ساڳئي جوش جذبي سان اخبار پڙهندو هو. ايتري قدر جو هن جرمن ٻولي پڙهڻ به بند ڪانه ڪئي هئي. پر پڙهڻ وقت هو ڪتاب جهلي ڪونه ٿي سگهيو. سندس لاءِ استيپان تار مان هڪ رحل ٺاهي هئي ۽ بستري تي رکي ڇڏي هئي. هو بستري تي اچي ويهندو هو ۽ ڪميسار لاءِ اخبار جا صفحا اٿلائيندو هو. پر پوءِ به منجهس ساڳيو جوش، جذبو ۽ تازگي هئي.

ائين پئي لڳو ته جيئن جيئن سندس جسم ڪمزور ٿيندو پئي ويو، تيئن تيئن سندس روحاني قوت وڌندي پئي ويئي. کيس جيڪي بي انداز خط ايندا هئا، تن کي هو ساڳئي دلچسپيءَ سان پڙهندو هو ۽ انهن جا جواب ڏيندو هو ۽ واري واري سان ڪوڪوشڪن ۽ گووزديف کان لکرائيندو هو. هڪ ڏينهن اليڪسي علاج کان پوءِ اوجهري رهيو هو، پر ڪميسار جي گجندڙ آواز کيس ڇرڪائي وڌو. سندس رحل تي ڊويزنل اخبار رکي هئي. ”بچاءُ جي جنگ ۾ ماڻهن جو مٿو ڦري ويو آهي ڇا؟“

ڪراوتسوف ۽ وري آفيس جو انتظام هلائي؟ سموري فوج ۾ جانورن جو بهترين ڊاڪٽر ۽ وري هلائي آفيس جو انتظام؟ عجيب حالت آهي! گريشيا، هڪدم لک!“ هن وڏي آواز ۾ چيو ۽ پوءِ هن جنگي فوجي ڪائونسل جي هڪ ميمبر کي هڪ گرم گرم خط گووزديف کان لکرائي موڪليو. هو اخبار وارن تي ڏاڍو ڪاوڙيل هو. جيتوڻيڪ هو خط بند ڪري دٻي ۾ وجهڻ لاءِ نرس جي حوالي به ڪري چڪو هو، پر پوءِ به ڪاوڙ ۾ سندس زبان بند ڪانه ٿي ٿي. جڏهن هو وهاڻي تي رڳو ڪنڌ به موڙي نٿي سگهيو، تڏهن سندس واتان اهڙيون ڳالهيون ٻڌي واقعي ڏاڍو تعجب ٿيندو هو.

انهيءَ شام هڪڙي ٻي به ڳالهه ٿي. ان سانتيڪي ساعت ۾، جڏهن اڃا بتيون ڪونه ٻريون هيون ۽ ڪوٺين جي ڪنڊن ۾ پاڇا گهرا ٿيندا پئي ويا، استيپان ايوانووچ دريءَ وٽ فڪر ۾ گم سم ويٺو دريا جو نظارو ڏسي رهيو هو. ڪجهه عورتون دريا ۾ ڄميل برف ڪاٽي ڊگها ڊگها ٽڪر ٺاهي پاڻي مان ٻاهر ڪڍي ڪٺا ڪري رهيون هيون. برف گاڏين جي يڪي قطار ان طرف وڃي رهي هئي. هڪ پوڙهو، جنهن کي ٽوپلو پاتل هو، انهن برف گاڏين کي اوڏانهن وٺي وڃي رهيو هو ۽ عورتون برف جون ناديون کڻي گاڏين ۾ سٿي رهيون هيون.

استيپان جي ڏور رس نگاهن ڄاڻي ورتو هو ته هي ڪم پئنچاتي فارم جي ڪا ٽولي ڪري رهي آهي. پر ڪم ڏاڍو بي ترتيبيءَ سان پيو ٿئي. ڪم تي ضرورت کان وڌيڪ ماڻهو لڳل آهن، تنهن ڪري هڪ ٻئي جي ڪم ۾ رڪاوٽ وجهي رهيا آهن. هن جي عملي دماغ ۾ اتي بيٺي بيٺي ان ڪم جو سمورو منصوبو تيار ٿي ويو. هن خيال ئي خيال ۾ انهن ماڻهن کي ٽن ٽولين ۾ ورهائي ڇڏيو ۽ پوءِ هر ٽوليءَ کي جدا جدا ڪم تي لڳايو. هن سمورن لاءِ هڪجهڙي اجرت مقرر ڪانه ڪئي، پر هي شرط لاڳو ڪيو ته جيڪو گروهه جيتريون ناديون ڇڪي ٻاهر ڪڍي ايندو،. ان کي اوتري مزدوري ملندي. کيس انهن ۾ هڪڙي گول چهري ۽ ڳاڙهن ڳٽن واري سرگرم عورت نظر آئي ۽ هن ان کي صلاح ڏني ته هوءَ ٽولين ۾ گڏيل مقابلي جو رواج وجهي وغيره..... هو پنهنجي سوچ ۾ ايترو ته ٻڏل هو جو کيس اهو به نظر ڪونه آيو جو هڪ گهوڙو گهڻو اڳيان وڌي وڃڻ ڪري گاڏي سوڌو کڏ ۾ ڪري پيو. گاڏيءَ جي وزن ڪري گهوڙي جا پويان پير سڪي تي اڙيا پيا هئا، پر دريا جون تيز لهرون گهوڙي کي دريا اندر ڇڪي رهيون هيون. پوڙهو، جنهن جي چيلهه تي ٻڌل ڪهاڙي لڙڪي رهي هئي، رڳو سکڻو گهوڙا گهوڙا ڪري رهيو هو. هو ڪنهن مهل ڦيٿن کي پيو زور لڳائي ته ڪيڏي مهل گهوڙي جو لغام پيو ڇڪي، پر ٻيو مڙيئي ٿيو خير.

استيپان زور سان رڙ ڪري چيو ته ”گهوڙو ٻڏي پيو!“ ڪميسار انتهائي ڪوشش ڪري ٺونٺين ڀر اُٿي دريءَ مان ٻاهر نهارڻ جي ڪوشش ڪئي. درد ۽ پيڙاهه کان سندس چهرو رَکَ جهڙو بي ستو ٿي ويو. هن ڇاتيءَ جي سهاري دريءَ تي جهڪي ٻاهر نهاريو ۽ چيو ”خردماغ! ڇا هو ايترو به ڪونه ٿو سمجهي؟ رسو، اڙي رسو! رسو وڍي ڇڏ ته گهوڙو خود بخود ٻاهر نڪري ايندو. پر هي پوڙهو گهوڙو ماري ڇڏيندو.“ پوءِ استيپان دريءَ تي چڙهي تمام وڏي آواز ۾ رڙ ڪري پوڙهي کي چيو ته: ”رسو وڍي ڇڏ.“ پر پوڙهي ڪونه ٻڌو. هن ٻيهر اڃا به وڏي آواز ۾ چيو ”او پوڙها، تو وٽ ڪهاڙي آهي، تنهن سان رسو وڍي ڇڏي.“ پوڙهي رسو وڍيو ۽ گهوڙو آزاد ٿيڻ سان ئي ٻاهر نڪري آيو ۽ ڪتي وانگر سهڪندو بدن ڇنڊڻ لڳو.

”هن جو ڇا مطلب آهي؟“ اوڏي مهل هڪ آواز آيو. واسيلي کليل گلي سان، اڇو اوڇڻ پهريل ۽ اگهاڙي مٿي سان در وٽ بيٺو هو. هو ڪاوڙ مان پير زمين تي هڻڻ لڳو. هو ڪابه وضاحت ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه هو. هن چيو ته هي وارڊ پاڳل خانو بنجي چڪو آهي ۽ هو هنن سڀني کي هتان ڪڍي جهنم ڏانهن موڪلي ڇڏيندو ۽ سڀ ڪجهه معلوم ڪرڻ کان سواءِ ته ڇا ٿيو آهي؟ هو سهڪندو، سڀني کي قواليون ٻڌائيندو اتان هليو ويو. چند ئي ساعتن کان پوءِ نرس وارڊ ۾ آئي. سندس اکين مان لڙڪ ڳڙي رهيا هئا ۽ هوءَ ڏاڍي پريشان هئي. هينئر ئي کيس واسيليءَ گهٽ وڌ ڳالهايو هو. پر جنهن وقت ڪميسار جو رَکَ جهڙو اجهاميل ۽ بي ستو چهرو ڏٺو ته هوءَ جهڙپ ڪري وٽس پهتي. شام جو ڪميسار تمام گهڻو بيمار ٿي ويو. کيس ڪافور جي سئي لڳائي ويئي ۽ آڪسيجن ڏني ويئي. هو بي سڌ پيو هو. پر جيئن ئي کيس هوش آيو ته هن نرس ڏانهن نهاري مسڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا آڪسيجن جي ٿيلهيءَ سان گڏ مٿس جهڪيل هئي.

”کٽڪو نه ڪر، منهنجي پياري نرس! آءٌ ته جهنم مان به توکي اها شيءِ آڻي ڏيڻ لاءِ موٽي ايندس، جنهن سان شيطان پنهنجا موهيڙا ميٽيندا آهن.“

هي ڪيڏو نه دل ڏاريندڙ منظر هو. ڏينهون ڏينهن هي پاڏي جهڙو مڙس ڳرندو ۽ سڪندو پئي ويو ۽ پنهنجي بيوسيءَ سان خوفناڪ جنگ لڙي رهيو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org