سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: - جهان آرا

باب: --

صفحو :5

 

باب ڏهون

 

حامد جي عابد واسطي ڳولا

شام ٿي ويئي ۽ عابد ڪونه موٽيو. ڏينهن جو حامد هڪ ته ڪم ۾ هو ۽ ٻيو ته اهو خيال ڪيائين ته پاڻيهي موٽي ايندو. رواجي طرح هڪ ٻه ماڻهو شهر ڏي روانا ڪيا هئائين. مگر هيڏي ساري شهر ۾ ڪنهن جو لڀڻ ڪو چرچو ڪونه هو. حامد کي اهو خيال ته ڪونه هو، ته عابد ڪاڏي هليو ويندو ۽ کيس خبر به ڪانه ڏيندو.

کاني جو وقت ٿيو، جو ترسايو ويو. سمهڻ جي وقت تائين عابد ڪونه آيو. اتي حامد جي دل ٿڙڪڻ لڳي ۽ بيقراري اُتس قبضو ڪري ويئي. ڏاڍو اچي موڙهو. گهڻائي ماڻهو ڀڄايائين، گهوڙيسوار ڊڪايائين، مگر ڪنهن به هنڌ پرو ڪونه پيو. ساري گهر ۾ هينئر ياس ۽ فڪر گهڙي آيو ۽ ڪنهن کي به ڪا ڳالهه مٺي ڪانه پيئي لڳي.

حامد جي دل تي هزارين خيال آيا. هو ڀاءُ سان تمام چڱيءَ طرح هليو هو، تنهنڪري اهو خيال ڪونه بيٺس، ته ڪو هو ناراض ٿي نڪتو هوندو! عابد جي چال چلت تمام سٺي هئي ۽ شهر ۾ ڪنهن به ماڻهوءَ سان هو گهرو ڪونه هوندو هو، تنهنڪري اهڙي قسم جي ويچارن کان به حامد جلد ئي فارغ ٿيو. پوءِ ويهي پهه پچائڻ لڳو، ته آخر هن جي نڪرڻ جو سبب ڇا هوندو؟ سفيد پوش واريءَ ڳالهه کي ته سال گذري ويا هئا ۽ ڪڏهن به گهر ۾ اهڙو ذڪر ڪونه ايندو هو، تنهنڪري اها ڳالهه ته اصل نه پئي سُجهيس.

ڀلا هُو موٽي ڳوٺ ويو ڇا؟ جي ائين هجي ها، ته اها ڪهڙي ڳالهه! کيس حامد سان اهڙي ذڪر ڪرڻ کان روڪي سگهي ها؟ حامد توڻي بادشاهه سلامت، ٻنهي جو رايو اهو هو ته عابد ڳوٺ وڃي ۽ وڃي پنهنجي پيءُ ــ ماءُ ۽ ٻين عزيزن سان سمورو احوال ڪري، ته هنن جي دلين تان غم ۽ ڏک لهي وڃي. کڻي هن کي پنهنجي عيال جي سڪ به لڳي هجي، پر انهيءَ ڳالهه ڪرڻ ۾ به ته اهم ئي ڪونه هو. هو چٽيءَ طرح ٻڌائي ها ته پاڻ هن کي سواري ملي ها، ماڻهو ساڻ ڏنا وڃنس ها ۽ اهڙو بندوبست ڪيو وڃي ها، جو هُو پاڻ جلد وڃي ڳوٺ پهچي ها، ۽ واٽ تي ڪابه تڪليف نه ٿئيس ها. شايد هو شهر ۾ منجهي پيو هجي، پر جي ائين هو ته حامد جو ڏس ڪير نه ڏئيس ها؟

اهي خيال حامد کي گرفتار ڪريو بيٺا هئا. نيٺ اهو خيال آيس ته عابد بگيءَ کي ڇو ڇڏي ڏنو؟ هڪدم ڪوچبان کي گهرائي، هن کان سبب پڇيو ويو. ويچارو ڪوچبان آويءَ ۾ اچي ويو. هن کي ڇا مجال هئي، جو حامد جي حڪم جي برخلاف وڃي ها، پر جي عابد جو حڪم نه مڃي ها، ته عابد ناراض نه ٿئيس ها ڇا؟ ڪو هن کي اهڙو حڪم ته ڪونه مليو هو ته هو عابد تي پهرو رکي؛ نڪي ڪو هن کي اهو خيال هو ته عابد ڪو حريف ڀاڄوڪڙ هو ۽ هُو سڄي جهان، بلڪ آسمان کي به ٺڳڻ وارو هو. خير، ويچاري ڪوچبان ته اهي ڳالهيون ڪري پنهنجي جان ڇڏائي.

حامد شهر ۾ ڍنڍورو ڏياري ها، يا شهر جي آسپاس هڪدم سوار ڀڄائي ها، پر اهو خيال پيو ٿئيس ته جيڪڏهن ڪنهن به وقت عابد اچي ويو، ته ماڻهن ۾ ڏاڍي کل ٿي پوندي، ۽ تنهن کان سواءِ عابد جي شهر ۾ وقعت نه رهندي، جا ڳالهه هن جي خيال ۾ چڱي نه هئي. ويچاري جي سڄي رات انهن ويچارن ۾ ويٺي گذري، ۽ هن هڪ لمحو به آرام ڪونه ڪيو.

صبح ٿيو ۽ لطيف هميشه موافق گل ۽ گلدستا کڻي آيو، مگر حامد کي ڪهڙي خبر ته لطيف منجهان ڪا خبر پئجي سگهندي؟ لطيف کي پڻ اها خبر ڪانه هئي ته عابد ڪاڏي هليو ويو آهي يا هليو ويندو. جي اها خبر هجيس ها ته جيڪر جوڳين وارو ويس ئي هن کي نه وٺي ڏئي ها، ۽ اهڙي حالت ۾ هو ضرور حامد کي آگاهه ڪري ها. لطيف به موٽي هليو ويو، ۽ هن کي عابد جي وڃڻ جي خبر ڪانه پيئي.

جڏهن گهر پهتو ته دل ۾ خيال آيس، ته وزير جي گهر ۾ پوري خوشي نه هئي! پر هو روز ته ڪٿي به خوشي ڏسڻ ۾ نه ايندي آهي. هُو انهيءَ ڳالهه کي معمولي سمجهي ماٺ ڪري پنهنجي ڪم ۾ لڳي رهيو. شام جو جڏهن گهر ويو، تڏهن سندس گهر واريءَ پڇيس ته ”عابد کي جوڳين جي پوشاڪ ڇا جي واسطي کپندي هئي؟“ اتي هن ڪن سَرلا ڪيا ۽ خيال ڪيائين ته کيس انهيءَ ڳالهه تي اڳيئي ويچار ڪرڻ کپندو هو. مگر انهيءَ مان ڪو هنن ٻنهي کي اهو خيال ڪونه آيو، ته عابد ڪي اهي نڪري وڃڻ جا سانباها ڪيا هئا، ۽ نڪا اها خبر هين ته ڪو هُو، نڪري ويو آهي. هنن کي فقط انهيءَ ويس وٺڻ جي ڳالهه نه وڻي ۽ سبب به هٿ نه آين.

حامد ٻئي ڏينهن بادشاهه وٽ ويو. هڪ رات جو اوجاڳو، ٻي دل ۾ اُڻتڻ. سندس منهن مان بلڪل ظاهر هئي. بادشاهه سڄي ڪيفيت پڇيس. حامد خلوت ۾ سڄو احوال پنهنجي آقا کي ڏنو. ٻيئي منجهي پيا. گهڻائي خيال ڊوڙايائون، مگر برابر ڪوبه ڪونه بيٺو. اهو پڻ خيال هونِ، ته جيئن اهڙي ڳالهه هروڀرو فاش نه به ٿئي، جو اڃا ڪو عرصو به ڪونه گذريو هو ۽ تنهن کان سواءِ گهٽتائي به هئي. نيٺ اهو خيال ڪيائون ته ڳجهيءَ طرح جاچ شروع ڪجي. پنهنجا ايماندار نوڪر گهرائي ڪن کي شهر ۾ ۽ ڪن کي ٻاهر روانو ڪيائون. سڄو قصو موڙ هل هو. ڀلا ڇا ڪن؟ آخر هڻندي ماريندي بادشاهه کي اهو خيال آيو ته متان هو سفيد پوش جي پٺيان ويو هجي!

بادشاهه ته سفيدپوش جي ڳولا ۾ گهٽايو ئي ڪونه هو، مگر ڪوبه پتو نه مليو هوس. اهڙيءَ حالت ۾ جڏهن وقت جي بادشاهه جي ڪوشش ڪارگر نه ٿي هئي، عابد جو خاص انهيءَ ڳالهه لاءِ وڃڻ، سندن ڌيان تي چڱيءَ طرح نه پيو ويهي، مگر ٻيو سبب ته اصل ڪونه پئي ڏسڻ ۾ آيو. نيٺ انهيءَ ڳالهه تي بيٺا، ته عابد جو ائين نڪري وڃڻ جو ٻيو سبب ڪونه هوندو.

حامد به موٽي پنهنجي ماڳ تي پهتو. دل سخت پريشان ۽ من تمام ماندو هوس. کيس دل ۾ ته سفيد پوش تي لعنتون جُڙي پئي آيون، پر پنهنجي روش به وسري ڪانه هئس، تنهنڪري نه عابد کي ڏوهه ڏيئي پيو سگهي ۽ نه سفيد پوش کي ڪا ملامت. هو سجھوئي ڏوهه قسمت کي پيو ڏئي.

اهو سچ آهي، ته جڏهن انساني تدبيرون ۽ ڪوششون ڪارگر نٿيون ٿين ۽ انسان پنهنجا وس هلائي ٿو بيهي ۽ سمجهي ٿو ته هاڻي منهنجي سعيي مان ڪي ورڻو نه آهي ۽ منهنجا سڀ خيال اجايا آهن، تڏهن اهڙيءَ حالت ۾ هو سڄو بار قسمت تي اڇلائي ڇڏيندو آهي. گويا انسان جي ازحد ڪوشش ۽ انتها سعيي مان جڏهن ناڪاميابيءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به پراپت نه ٿيندو آهي، تڏهن ڏوهه ايندو آهي بخت جي ناهنجاريءَ تي. اهڙيءَ حالت ۾ روئڻي پٽڻي پنهنجي قسمت تي پوندي آهي.

قسمت، چئي اٿن ته اها چيز آهي، جو جيڪي پاڻ ئي گڏ ڪري؛ اهو به ضايع ڪيو ڇڏي. قسمت سانگي عابد، نه اچڻو نه وڃڻو، اوچتو ئي اوچتو حامد سان ايتري وڇوڙي کان پوءِ اچي گڏيو. ڪنهين کي به اها اميد نه هئي، ته ڪو ائين ٿيندو، مگر خوش قسمتيءَ سان ائين ٿي پيو. هُو ڪيترا سال هڪٻئي سان گڏ رهيا ۽ حامد کي ته ڪڏهن به اهو خيال ڪونه هو، ته ڪو عابد ائين هليو ويندو. اڄ اهائي قسمت آهي، جنهن هڪ ڀاءُ کي ٻئي ڀاءُ کان جدا ڪري ڇڏيو آهي ۽ جنهن کي ائين ڪرڻ کان ڪوبه ترس يا رحم ڪونه آيو.

اڄ حامد جي اميدن تي هڪ اونداهو ڪڪر اچي ويو، ۽ هن جي دل ۾ اوندهه جي اونداهيءَ اوندهه پيدا ڪري ڏنو. هو ازحد مايوس ٿي پيو. ڀلا مايوس به ڪيئن نه ٿئي؟ اڳيئي، پيءُ ــ ماءُ ۽ ٻين پيارن جي وڇوڙي سندس دل دکائي ڇڏي هئي. پاڻ اڪيلو هو ۽ ڪوبه قريب ويجهو ڪونه هوس. اهڙيءَ حالت ۾ وڇڙيل ڀاءُ اچي مليو هوس. جو پنج سال کن وٽس رهيو هو ۽ هن جي ڏکايل دل تي گهڻو ڇنڊو پيل هو. ويٺي ئي ويٺي هو الاجي ڪاڏي هليو ويو، جو نه پنهنجو پتو نه ڪوئي نشان ڇڏي ويو. خدا جي ڏياري برڪت هٿن مان هلي ويئي. ويچاري سسئي ننڊ ۾ ئي رهي، پنهون ڏاگهن تي چڙهي ڏاڍ ڪري هليو ويو. ڏيرن جو ڏمر صاف ظاهر هو. اهو سفيد پوش ئي هو، جنهن عابد کي اهي ڏونگر ڏيکاريا!

حامد هاڻي تمام نااميد ٿي پيو. کڻي هو ڪيتري به ڳولا ڪري، مگر جنهن کي پَر ڪرڻا هوندا، اهو ڪيئن به اڏامي ويندو ۽ پنهنجو پيرو کڻڻ هرگز نه ڏيندو. ڪهڙي خبر، هو ويس بدلائي ڪٿئون جو ڪٿئون پيو ويندو هجي؟ هو پنهنجو نالو نشان بدلائي ڇڏي ۽ هو الاجي ڪهڙي قسم جي زندگي اختيار ڪري، پوءِ ڇا ٿيندو؟ هٿئون هاج هلي ويئي هئي، جنهن جو دارو ملڻ، مشڪل بلڪ محال هو.

حامد انهن اونهن خيالن ۾ هو، ته هن جي دل ۾ هڪ لهر پيدا ٿي، جنهن کيس چيو ته ٿورو تحمل ڪرڻ ضروري آهي. اونداهيءَ رات کان پوءِ ضرور روشن ڏينهن ٿيندو آهي. نه رڳو ايترو، پر جيئن نااُميديءَ جي رات زياده اونداهي هوندي آهي، تيئن اميد ۽ آسري جا تارا وڌيڪ چمڪندا آهن. ڏک کان پوءِ سک، اونداهيءَ کان پوءِ سوجهرو، خزان کان پوءِ بهار ضرور اچڻو آهي. انسان کي خدا اها زبردست طاقت ڏني آهي، جو پنهنجون سڀ مصيبتون ۽ درد پائمال ڪري، پنهنجي سگهه ظاهر ڪري سگهي ٿو. پوءِ ڇو پاڻ کي ڏکي ڪري پنهنجو جيءُ پيو جلائي؟ اهو انسان ئي نه آهي، جو هن دنيا جي ٿڌي ڪوس نٿو ڏسي. اهڙيءَ حالت ۾ جيڪڏهن ڪابه تڪليف سر تي اچي، ته بردباريءَ کان ڪم وٺجي ۽ صبر کي سيڻهه ڪري، تانگهي ۽ تار مان تري وڃي پار پئجي.

 

بيت

”پتنگ وانگر، پچِي پڄري، پلئه پرين پيس جي مان،

ڀلي شمعا! سڄو سارو، جلايو، آستان منهنجو.“

جڏهن حامد جي دل تي اهو خيال آيو، تڏهن ڪجهه اميد ٿيس ۽ ڇاڪاڻ ته اميد ايمان جي نشاني آهي. انهيءَ ڳالهه تي محڪم ٿي بيٺو، ته انهيءَ خدا، جنهن کيس ڪهڙين حالتن ۾ عابد ملايو هو، اهو وري ڪيئن ڇڏي ڏيندس! تنهن کان سواءِ اهو خيال ٿيس، ته عابد رڳو سفيد پوش جي پٺيان ويو هو ۽ جڏهن هو جاچ ڪري تسليٰ ڪندو، تڏهن جي هٿ آيس ته بهتر، نه ته به گهڻو ڪري پنهنجي ماڳ تي موٽي ايندو.

اهو خيال هاڻي حامد جي دل تي برابر ويهي ويو، ۽ هو پنهنجو چهرو چڱو ڪري هلڻ لڳو. پنهنجو ڪم ڪار به برابر ڪندو هو ۽ اڳئين وانگر کل ڀوڳ ۾ به شامل ٿيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڀاءُ جو به خيال پوندو هوس، مگر اهو ڪو دل ڪانه ڏکوئيندو هوس. بادشاهه به هن جي چهري ۾ هميشه واري خنڪي ڏسي خوش ٿيندو هو. حامد پنهنجي منهن عابد جي ڳولا پيو ڪندو هو. سڄي ملڪ ۾ هن جي هٿ پڄندي گهڻي هئي، تنهنڪري واجهه پيو وجهندو هو، ته من ڪٿان نه ڪٿان پتو ملي پوي. اگرچ ظاهر ته عابد جي گم ٿي وڃڻ جي ڳالهه تي سدائين پردو ڏيندو هو.

خون ۽ کٿوري ته لڪن ئي ڪين؛ تنهن وانگر ههڙي ڳالهه به ڪيترا ڏينهن پردي ۾ رهي سگهندي؟ آخر دُکي دُکي ٻاڦ نڪتي. پهرين ٿورن ۾، پوءِ گهڻن ۾، تان جو هلندي هلندي ڳالهه عام ٿي ويئي، ته گهڻن ڏينهن کان عابد گم ٿي ويو آهي. لطيف کي به خبر پيئي. هڪدم پنهنجي گهر واريءَ کي وڃي ٻڌايائين. هن کي به ڏاڍو ڏک ٿيو. جهان آرا کي به انهيءَ ڳالهه جو پرو پئجي يو، جنهن ته ماتم مچائي ڏنو. جڏهن عابد جي جهان آرا سان اهڙي دل هئي، ته هن جي ڪيئن نه هن سان محبت هوندي، خاص ڪري جڏهن هوءَ اڃا ٻار هئي؟ ننڍي ٻار کي جيڪو پيار ڏيندو، اهو ان جو وڏو عزيز آهي.

لطيف ۽ سندس گهر واريءَ هاڻي سهي ڪيو ته عابد جي جوڳيءَ جي لباس جو خريد ڪرڻ، ڪهڙي معنيٰ رکندو هو. ڏاڍو ڏک ٿين ۽ پنهنجي سادگيءَ تي هزار لعنتون وڌائون، پر هاڻي ويل دل ڪٿئون ورندي؟ پاڻ ته عابد جو پتو ڪنهين به حالت ۾ ڪڍي نٿي سگهيا. هو هنن تي ڏاڍو مهربان هو، تنهنڪري سندن دل ائين پئي گهريو ته عابد لڀي پوي ته تمام چڱو. ٻنهي صلاح ڪري هي فيصلو ڪيو ته حامد کي اها ڳالهه ضرور ٻڌائي وڃي. من انهيءَ وسيلي سان هو هن جي وڌيڪ جاچ ڪري، هن کي هٿ ڪري وجهي.

ٻئي ڏينهن جڏهن لطيف گل ۽ گلدستا کڻي آيو، ته عرض ڪرايائين، ته هو وزير صاحب کي ڪجهه خلاصو ۽ عرض ڪندو. حامد وٽ ته انڪار ته هوندو ئي ڪونه هو. هو جيتوڻيڪ سڄيءَ سلطنت جو وزيراعظم هو، تڏهن به ننڍي توڻي وڏي، فقير توڻي امير، غريب توڻي شاهوڪار سان ملڻ کان ڪين ڪيٻائيندو هو. هن ۾ وڏائي ۽ هٺ ڪونه هئا. هڪدم لطيف کي سڏايو ويو، جنهن ساري حقيقت کولي بيان ڪئي ۽ انهيءَ جوڳيءَ واري لباس جي چڱيءَ طرح اُپٽار ڪئي.

حامد سڄو قصو ڪن لائي ٻڌو. هاڻي هيڪاري گهڻي اميد ٿيس، ته هو ضرور پنهنجي ڀاءُ کي ڳولي وجهندو. بادشاهه جي خدمت ۾ عرض ڪيائين، جنهن هڪدم سڄي ملڪ ۾ اشتهار ڦيرائي ڇڏيو ته جيڪو به جوڳي، سڄيءَ بادشاهيءَ ۾ ملي، اهو حاضر ڪيو وڃي. سڀ جوڳي هٿ ڪيا ويا. هڪڙي خاص جاءِ جوڳين واسطي مقرر ڪئي ويئي. انهيءَ جوڳي آباد جي حفاظت واسطي جوڳا حڪم ڪڍيا ويا. جيئن ڪوبه جوڳي هليو نه وڃي. هنن واسطي سٺو انتظام ڪيو ويو ۽ سڀ جوڳي شاهي مهمان ٿي رهيا.

جيڪڏهن ڪو ٻيو بادشاهه هجي ها، ته جوڳين کي جيڪر جان جو ڊپ وٺي وڃي ها. مگر هاڻي ته پڪ ئي ته ضرور ڪو سٺو انعام ملندن، تنهنڪري بنا تڪليف، جوڳي پاڻ به گهڻائي اچي حاضر ٿيا. بادشاهه ۽ حامد ٻيئي گڏجي، روز جوڳين سان ڪجهه وقت ملاقات ڪندا هئا ۽ انهن کان پنهنجا توڻي ٻين جوڳين جا احوال پڇندا هئا. هنن جو مقصد اهو ئي هو، ته هو ڪنهن به طرح عابد جو ڪو پتو ڪڍن.

ڇهه مهينا برابر هيءَ ڪار هلي. عابد جو ڪوبه پتو ڪونه پيو. سڀني جوڳين کي انعام ۽ اڪرام مليا ۽ هو خوش ٿي پنهنجين پنهنجين جاين ڏي هليا ويا. بادشاهه ۽ حامد اهو نتيجو ڪڍيو، ته عابد ڪنهن ٻيءَ ولايت هليو ويو آهي، يا ته ڪو ٻيو لباس اختيار ڪيو اٿس.

حامد کي جيڪي وس هلائڻا هئا، سي هلايائين. بادشاهه کي جيڪا به تڪليف وٺڻي هئي سا ورتائين. گهڻو ئي سعيو ۽ ڪوشش ڪيائون، مگر ڪوبه فائدو ڪونه ٿين. آخر هو ربّ تي توڪل ڪري ماٺ ڪري ويٺا. ڪڏهن ڪڏهن پڇا به پيا ڪرائيندا هئا. مگر هاڻي گهڻو آسرو ڌڻيءَ جي مهر تي رهيو هونِ ۽ نه پنهنجيءَ ڪوشش تي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org