سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: سلامان ۽ ابسال

صفحو :5

مصنف جو خواب

 

مان جڏهن رات جو هيءَ خطاب ڪندي (يعني نظم لکندي) هن هنڌ لکي اچي پهتس تڏهن فڪر ۽ خيال ڪندي ننڊ کڄي ويئي. خواب ۾ ڇا کڻي ڏسان ته: مان هڪ شاهي سڙڪ تي وڃي رهيو آهيان، ۽ اها بزرگن جي دلين جيان نهايت صاف ۽ روشن پئي نظر آئي. نه سندس مٽي هوا سان پئي اڏاڻي ۽ نه وري اها ڪا پاڻيءَ سان ئي مليل هئي. مطلب ته اها سڙڪ مٽي ۽ گپ کان خالي هئي ۽ مان ان تي آرام سان گامزن هوس. اوچتو منهنجي پڍيان هڪڙي سپاهيءَ جي رڙ منهنجي ڪنن پئي. سپاهين جي آواز سچ پچ منهنجي دل ئي اُڏائي ڇڏي. دماغ مان هوش ۽ پيرن مان طاقت ڪڍي ڇڏي، هن مصيبت کي دفع ڪرڻ لاءِ جيئن ڪا راهه تلاش ڪري رهيو هوس تيئن سامهون هڪ بلند ايوان نظر آيو. تڪڙو تڪڙو ڊوڙي وڃي ان ۾ پناهه ورتيم ته جيئن هنن سپاهين جي آزار کان ڪنهن طرح ڇٽي پوان.

خوشقسمتيءَ سان انهن سپاهين جي درميان زماني جي بادشاهه جي والد کي ڏٺم جو پنهنجي سيرت، صورت ۽ نالي ٽنهي ۾ موچارو (حسن) هو[1].

هڪڙي عاليشان بهشتي گهوڙي تي سوار هو ۽ سندس منهن، سج ۽ چنڊ جيان پئي چمڪيو. بادشاهي پوشاڪ پيل هيس ۽ سفيد پٽڪو مٿي تي ٻڌل هوس، گهوڙي جي واڳ نهايت خوشيءَ ۽ شوق سان مون ڏانهن ورايائين ۽ ائين ڪرڻ سان في الواقع مون لاءِ راحت ۽ آرام جو دروازو کوليائين. جڏهن منهنجي ويجهو آيو تڏهن گهوڙي تان هيٺ لهي اچي منهنجي هٿن کي چمي ڏني ۽ مون کان حال احوال پڇيو.

انهيءَ جي اهڙي دلجوئي، چاره سازي ۽ نوازش کان مان ڏاڍو خوش ۽ مسرور ٿيس. مون سان گفتگو ڪندي هن ڪيترائي موتي پويا مگر افسوس انهن مان ڪابه ڳالهه منهنجي دل ۾ نه ويٺي ۽ سڀڪجهه وسري ويم.

صبح جو جڏهن بستري تان اٿيس تڏهن پنهنجي سمجهه کان هن خواب جو تعبير دريافت ڪيم (پڇيم). سمجهه ان مون کي جواب ڏنو ته ”بادشاهه جي طرفان توتي هيءَ مهرباني، تنهنجي نظم جي قبول ٿيڻ جي گواهي ڏيندڙ آهي (يعني ته تنهنجو نظم بادشاهه کي قبول پيو آهي، جنهنڪري هو توتي ايترو مهربان ۽ راضي ٿيو آهي). هاڻي تون هڪ گهڙي به هن گفتگو (نظم) کان ماٺ ڪري نه ويهه، خاص ڪري جڏهن جو تون ان جي پوري ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳل آهين.“

جڏهن مون ان کان هيءُ تعبير ٻڌو تڏهن لکڻ ۾ همه تن مشغول ٿي ويس. شال ان سرچشمي کان جو هن خواب جو باعٽ هو هيءُ تعبير به ٺيڪ ۽ درست اچي!

 

هڪڙي معتبّر جو قصو

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ دفعي، هڪڙو مادهه دل شخص، عقل ۽ سمجهه ٻنهي ۾ گهٽ، هڪڙي معبر (خوابن جو تعبير ڪندڙ) وٽ رڃي کيس ٻڌايو ته: ”مون اڄ صبح جو سوير خواب ۾ ڏٺو ته مان هڪ ويران بستيءَ ۾ پريشان ۽ سرگردان ڦري رهيو آهيان. جتي به ڪو گهر پري کان نظر پئي آيم تتي اهو دري ۽ ديوان کان خالي ۽ ڦٽل ڏٺم. بعد ۾ مون جڏهن هڪ اجڙيل جاءِ ۾ پير رکيو تڏهن منهنجو پير وڃي هڪ خزاني ۾ پيو.

ان مسڪين جي هيءُ ڳالهه ٻڌي معبر کيس ٺٺول ۽ طنز طور چيو ته ’اي ڪنت ڪنزاً‘[2] جي خزاني جا نهايت قيمتي جوهر ۽ بلند مرتبي وارا، تون لوهي بوٽ وڃي پنهنجي پيرن ۾ وجهه ۽ پٿر چير، ٽَڪر ڏار ۽ جبل ڪاٽ! هر گهڙي پنهنجو سامان هڪ ويراني کان ٻيئي ويراني ڏي کڻي وڃ ۽ اتي زمين تي پنهنجي پيرن کي چڱيءَ طرح سان ڪُٽ. پوءِ جنهن هنڌ تنهنجو پير زمين اندر لهي وڃي تنهن کي وري تون پنهنجي هٿن جي ننهن سان کوٽي هيٺ کڏ ڪر. جڏهن ههڙيءَ طرح سان تون زمين کي شڪست ڏيندين تڏهن پوءِ خاطري اٿم ته توکي خزانو هٿ ايندو.

جڏهن ان غريب، ساده دل، سچائيءَ ۽ پوري ويساهه سان ان معبر جي چوڻ مطابق وڃي ڪم ڪيو، ۽ سواءِ ڪنهن رُنج ۽ تڪليف محسوس ڪرڻ جي ان جي ڳولا ۾ لڳو تڏهن پريندي ئي سٽ سندس پير وڃي خزاني ۾ پيو.

اي عزيز، هر ڪنهن ڪم ۾ سچائي هئڻ گهرجي ته جيئن تنهنجو مقصود توکي حاصل ٿئي، پر جيڪڏهن تنهنجي سچائيءَ ۾ ٿورو به ڏنگ ۽ ڦڏ هوندو ته پوءِ تنهنجي ساري جستجو اجائي ۽ نڪمي ويندي.

 

 

سلامان ۽ ابسال جي قصي جي شروعات

 

ڳالهه ٿا ڪن ته: ڪنهن زماني ۾ هڪڙو بادشاهه يونان جي ملڪ تي حڪمراني ڪندو هو. سندس زماني ۾ هڪڙو حڪيم به رهندو هو جو پنهنجي حڪمت ۾ ڏاڍو پختو، قابل ۽ هوشيار هو. ڏاها ۽ عقلمند سڀيئي ان جا شاگرد هئا ۽ هر وقت کانئس حڪمت جون ڳالهيون سکندا هئا. بادشاهه جڏهن ان جي اعليٰ قدر کان واقف ٿيو تڏهن يڪدم کيس پاڻ وٽ گهرائي، خلوت ۽ جلوت ٻنهي ۾ پنهنجو شريڪ ڪار ڪري ورتو (رکيو). انهيءَ جي مشوري ۽ تجويز مطابق هلندي هو ۽ سندس هدايت ۽ تلقين کان سواءِ ڪوبه ڪم نه ڪندو هو. عالمگير حڪمرانيءَ ۾ بس هن جي ئي تدبير پئي ڪم ڪيو ۽ ساري دنيا کي هن گويا مسخّر ڪري رکيو هو. مخلوق جو ڪم پنهنجي سخا ۽ عدل سان جوڙيائين ۽ درست ڪيائين، جنهنڪري سندس ملڪ جو بنياد مسحتڪم ۽ مضبوط ٿي ويو.

هيءَ هڪ حقيقت آهي ته جيڪڏهن بادشاهه پاڻ ڏاهو ۽ عقلمند نه اهي ۽ نه وري سندس دوست ۽ ساٿي ئي سمجهدار آهن ته ان حالت ۾ سندس ملڪ جو بنياد ڪمزور پئجي وڃي ٿو ۽ ان جو قانون ۽ فرمان به گهڻي ڀاڱي صحيح طور تي نٿو هلي. عدل ۽ ناانصافي پاڻ ۾ گڏجي وڃن ٿا جنهنڪري انهن درميان فرق ڪرڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو.

ان حالت ۾ بادشاهه ظلم کي عدل جي جاءِ تي صحيح سمجهي، قبول ڪري، استعمال ۾ آڻي ٿو ۽ عدل کي بڇڙو سمجهي، رد ڪري ۽ ڌڪاري ٿو. ان جي اهڙي انڌير نگريءَ کان ملڪ ڦِٽي خراب ٿي وڃي ٿو ۽ حڪومت ۽ دين ٻيئي بيروح ۽ بي حقيقت بنجي وڃن ٿا. انهيءَ ڏاهي واقعي سچ چيو آهي ته ”عدل ئي ملڪ کي قائم رکي سگهي ٿو ۽ نه دين. ڪافر بادشاهه جيڪڏهن عدل سان فتح پائي ۽ حڪيراني ڪري ته اهو انهيءَ ديندار حاڪم کان بهتر آهي جو ظلم ۽ ناانصافيءَ سان حڪومت ڪري.“

 

ايراني بادشاهن متعلق، الله تعاليٰ جو حضرت دائود عليہ السلام ڏانهن وحي ڪرڻ

هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته: الله تعاليٰ، حضرت دائود عليہ السلام کي چيو ته ”تون پنهنجي امت کي ٻڌاءِ ته جڏهن اهي بعض ايراني بادشاهن جي ڳالهه ٻولهه ڪن تڏهن انهن جو نيڪيءَ سان نالو وٺن، ڇاڪاڻ ته جيتوڻيڪ باهه جي پوڄا انهن جو دين هو. ليڪن عدل ۽ انصاف سندن قانون ۽ دستور هو. انهن جي زماني ۾ ملڪ گهڻو آباد رهيا هئا، ۽ رعيت کان ظلم جي اونداهي پري ڪيل هئي، مخلوق کي تنگي ۽ بيزاريءَ جي غم کان فارغ رکيائون ٿي ۽ پنهنجي عدل ۽ رواداريءَ سان گهڻو خوش حال ۽ آرامي ڪيائون.“

 

بادشاهه جي فرزند لاءِ آرزو ۽ حڪيم جي ان باري ۾ گفتگو

جڏهن انهيءَ نامدار حڪيم ساروئي جهان بادشاهه جي اطاعت ۽ فرمانبرداريءَ هيٺ آئي کيس سڪندر ثاني ڪري ڇڏيو ۽ ڪابه شيءِ ان جي حڪم ۽ مهر کان ٻاهر نه ڇڏي ۽ پنهنجي رٿ ۽ صلاح سان ملڪ ۾ امن ۽ آرام برقرار رکيو، تڏهن بادشاهه هڪ رات پنهنجي حال تي سوچ ۽ ويچار ڪيو. ڏٺائين ته منهنجو بخت بالا آهي ۽ مان هر طرح سان نوازيو ويو آهيان. البت هڪ ڳالهه جنهن کي جنهن کيس رنج پهچايو سا هيءَ هئي جو کيس ڪو فرزند ڪونه هو جو سندس وفات کان پوءِ سندس عزت ۽ شرف جي جاءِ والاري.

بادشاهه جي دل ۾ جڏهن هيءُ خيال پيدا ٿيو تڏهن اِن داناء حڪيم جي اڳيان هيءُ حال سربستو اوريائين. حڪيم سندس حال ٻڌي جواب ۾ چيو ته ”سائين، توهان جو بادشاهي ڪرڻ ته ڌنڌو آهي. توهان کي هن خيال تي واقعي آفرين هجي. فرزند کان وڌيڪ ٻي ڪا نعمت ڪانهي ۽ فرزند کان سواءِ ڪنهن ٻيءَ شئي جو دل سان ڳانڍاپو به نه آهي. مرد جي ڪم جو ڦل ئي فرزند ذريعي ملي ٿو مرد جو ڪم ئي فرزند ذريعي حاصل ٿئي ٿو) ۽ ماڻهوءَ جو نالو فرزند سبب زندهه رهي ٿو.ڱ جڏهن تون زندهه اهين، تڏهن تنهنجون اکيون ان ڪنان روشن آهن ۽ جڏهن وري تون مري ويندين تڏهن تنهنجي خاڪ به ان سبب گلزار (باغ) هوندي. دنيا ۾ ڪنهن وقت جيڪڏهن تنهنجو پير کسڪي ويندي ته هوئي توکي هٿ کان وٺي جهلي بيهندو ۽ جيڪڏهن تون ڪٿي هلڻ کان روڪجي پوندين ته هوئي تنهنجا (تو لاءِ) پير ٿيندو. تنهنجي پٺي هن جي مدد سان مضبوط ٿئي ٿي ۽ تنهنجي عمر به هن کي ڏسڻ سان تازي رهي ٿي. هو لڙائيءَ جي وقت هڪ وڍيندڙ ترار آهي ۽ دشمن جي مٿان تيرن جي بارش وسائيندڙ آهي، جڏهن دشمن جي زور کي ٽوڙڻ ۽ ان کي درهم برهم ڪرڻ جو ڪم پوي ٿو، تڏهن هو پنهنجي جان سان کيڏي ۽ ڪوشش ڪري ٿو. تنهنجي دشمن کي رنج پهچائڻ ئي هن جو ڌنڌو ۽ ڪم آهي، ۽ سچ پڇين ته هو تنهنجي دشمن لاءِ هڪڙو قهر ۽ عذاب آهي.

 

هڪڙي بدويءَ جي ڳالهه، جنهن پنهنجي پٽن تي ڦاڙيندڙ جانورن ۽ پنهنجي نوڪرن تي چوپائي مال وارا نالا رکيا هئا

چون ٿا ته: هڪڙو مسافر مال جي سانگي، هلندي هلندي اچي هڪ رات ڪنهن بدويءَ جي گهر ترسيو. اتي انهيءَ جي سڀني پٽن، ننڍن خواهه وڏن کي ڏٺائين ته سندن نالا درندن وارا جيئن ته شينهن ۽ بگهڙ هئا؛ ۽ وري جيڪي سندس نوڪر چاڪر هئا تن مان ڪنهن جو نالو گهڻو هو ته ڪنهن جو ٻڪرو هو. هي ڏسي عجب ۾ پئجي ويو ۽ پڇڻ لڳو ته ”اي عرب جا سردار، مهرباني ڪري مون کي ان جي حقيقت کولي ٻڌايو.“ ان تي هن جواب ڏنس ته ”منهنجا پُٽَ، جي منهنجي گهوڙن جي لشڪر ۾ منهنجا گهوڙا آهن، اهي هر وقت دشمن کي عذاب پهچائڻ لاءِ تيار رهن ٿا، ۽ منهنجا نوڪر، هر قسم جي نوڪري ۽ خدمت لاءِ هميشہ حاضر آهن ۽ مهمانن جي خدمت ۽ چاڪريءَ ۾ سدائين سرگرم ۽ مشغول آهن. دشمن جي ڪمر ٽوڙڻ ۽ ان کي رنج رسائڻ لاءِ بگهڙ ۽ شينهن جي ضرورت آهي ته جيئن دشمن کي ناس ڪرڻ ۾ دليري ڏيکارين ۽ خدمت لاءِ ٻڪر ۽ گهيٽو بهتر آهن، جو انهن جي ڪم مان ڪنهن کي ڪو نقصان نٿو پهچي.


[1] . يعقوب بيگ جي پيءُ جو نالو اوزن حسن هو ۽ هتي ”حسن“ اشارو ان جي طرف آهي، ۽ ان جاميءَ جي سلامتيءَ جو سندس حج جي سفر ۾ مڪمل انتظام ڪيو هو، ۽ هن نظم جي پوري ٿيڻ کان اڳ ۾ وفات پائي ويو هو.

[2] . حديث قدسيءَ ڏانهن اشارو آهي، جنهن ۾ چيل آهي ته الله تعاليٰ فرمايو ته ”مان هڪ لڪل خزانو هوس، پوءِ چاهيم ته سڃاتو وڃان، تنهنڪري هيءَ دنيا خلقيم.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org