سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: سلامان ۽ ابسال

صفحو :9

هيءَ هڪ حقيقت آهي ته زندهه دل مردن جي ڪم ۾ الله تعاليٰ جو هٿ رهي ٿو، ۽ هيءَ ڳالهه انهن جي همت آڏو ڪا عجيب ۽ انوکي ڪانهي. همت واري جي اڳيان هيءَ سڀ پڌرو ۽ ظاهر آهي، باقي جو بي همت آهي، سو انهيءَ جو انڪار ڪري ٿو.

 

منافق ۽ سچي مؤمن جي ڳالهه

هڪڙي ديندار، جنهن جي اڳيان ڀڙڪندڙ باهه جو کورو ٻري رهيو هو، تنهن هڪ منافق سان دين جي سچائيءَ ثابت ڪرڻ لاءِ جهڳڙو ۽ فساد کڻي کڙو ڪيو. ان تي منافق کيس چيو ته تون پنهنجي دين جي سچائيءَ لاءِ ڪا حجت پيش ڪر، جنهن تي هن کانئس سندس چادر طلب ڪئي ۽ پوءِ ان کي پنهنجي چادر سان سوگهو ٻڌي کڻي کوري جي وچ ۾ اڇلايو. نتيجي ۾ منافق جي چادر جلي ويئي ۽ ان ديندار جي چادر سلامت رهي.

’اي بندا، تون يقين جي نُور جي هيءَ خاصيت ڏس. جو اندروني (اندر ۾ نفاق) هو سو ڪک پن جيان سڙي بسم ٿي ويو ۽ جو ٻاهر هو سو صحيح سلامت رهيو.‘

 

سلامان جو ابسال جي جدائيءَ ۾ روڄ راڙو ڪرڻ

عاشق غريب جو عجيب حال آهي، سدائين وٺ- پڪڙ ۽ تڪليف ۾ گرفتار آهي. زماني جي ڪمان کان مصيبت جا تير پئي در پئي کيس لڳندا رهن ٿا. سندس سسيءَ مان هڪڙو خنجر اڃا گذري ئي نٿو ته مٿان ٻيو ان جي پويان اچي ٿو. جيڪڏهن ظلم کان پنهنجي هٿ کي پيارو ڪري، بچائي وٺي ٿو ته اهو وري دشمن جي پٿر کان شڪست کائي ٽٽي پوي ٿو (يعني ته جيڪڏهن عشق جي تڪليف کان بچڻ گهري ٿو ته وري دشمن ۽ رقيب جو مٿس حملو ٿئي ٿو، جنهن کان بچي نٿو سگهي). اتفاق سان جيڪڏهن دشمن جو پٿر سندس مٿي کان کسڪي (۽ گسي) وڃي ٿو ۽ کيس نٿو لڳي ته وري ملامت ڪندڙن جي طعني تنڪي جو مٿس وسڪارو ٿئي ٿو؛ پر جيڪڏهن هن کان به جان ڇڏائي ٿو ته وري وڇوڙي جي ترار کيس ڏکن ۽ ڏولاون جا ڪئين زخم ۽ گهاوَ رَسائي ٿي.

جڏهن سلامان باهه جو پهاڙ ٻاريو ۽ ان اندر ابسال صفا سڙي ناس ٿي ويئي، تڏهن هو هڪڙو ۽ اڪيلو وڃي رهيو. پنهنجي دلبر جي ههڙي اوچتي موت تي هو هوش کان نڪري ويو، ۽ پنهنجو پاڻ سنڀالي نه سگهيو. سندس اکيون دل جي خون سان ڀرجي آيون ۽ سندس اندر مان هڪ اهڙي جان جلائيندڙ آه نڪي جنهن جي دونهي وڃي افلاڪ تي تنبو کوڙيو ۽ سندس غم ۽ اندوهه کان متاثر ٿي صبح به پنهنجو گريبان چاڪ ڪيو. غم کان سيني کي اهڙو پٽڻ لڳي ويو، جو سندس سينو نُنهن ۽ سندس نُنهن به باقي نه ڇڏيائين. بعد ۾ پٿر کڻي دل تي هڻڻ لڳو ۽ ائين ڪرڻ ڄڻڪ سندس وفا جي نقد جي هڪ ڪسوٽي هئي. جڏهن پٿرن هڻن ڪري سندس دل غبار آلوده ٿيندي هئي، تڏهن سندس نقد به معيار مطابق ٻاهر نڪري ايندي هئي. وري جڏهن سندس هٿ ان (نقد) کان خالي ٿي ويندا هئا، تڏهن ارمان کان انهن جي پٺِ چٻاڙيندو هو.

جڏهن پنهنجو هٿ پنهنجي محبوب جي هٿ ۾ مليل نه ڏٺائين، تڏهن انهيءَ کي ڏندن سان ڦٽي وڌائين، ۽ جڏهن پنهنجي مِٺ ان گوهر کان خالي ڏسندو هو، تڏهن پنهنجي آڱرين جون چوٽيون چٻاڙيندو هو، ۽ جڏهن انهيءَ مٺن لبن واريءَ کي پنهنجي جاءِ تي نه ڏٺائين تڏهن آڱرين کي ڳني جيان چٻاڙڻ سندس عادت ٿي پيئي. پنهنجي هنج کي، محبوب کان رات ڏينهن خالي ڏسي، ٿڦڙ ۽ مڪون هڻندي (سڄائي) نيرو ڪري ڇڏيائين.

هو رات جو پنهنجي گهر جي ڪنڊ ۾ اچي پنهنجي يار جي خيال سان محبت ڀريون ڳالهيون ڪندو هو، ۽ چوندو هو ته: هاءِ افسوس، جدائيءَ کان منهنجي جان جلي ويئي آهي ۽ تنهنجي سونهن ڏسڻ کان منهنجون اکيون سبيل آهن. ساري ڄمار تون منهنجي جان جو دوست هئينءَ، ۽ منهنجي ڳوڙهن ڳاڙيندڙ اکين کي روشنائي بخشيندڙ هئينءَ. هاڻي مون پنهنجو گهر تنهنجي وصال جي ڪنڊ ۾ ٺاهيو آهي ۽ تنهنجي جمال جي شمع تي پنهنجي اک رکي اٿم.

ڪو وقت هو جو اسين هڪٻئي جي ديدار ۽ ڏسڻ سان ڏاڍو خوش هئاسين، ۽ سدائين هڪٻئي جي وصال ۾ مست ۽ آرامي هئاسين. فقط اسين ٻه هڪٻئي سنا ڪَٺا هئاسين ۽ ٻيو ڪوبه ڪونه هو. نه اسان جو ڪنهن سان ڪو واسطو هو ۽ نه ڪنهن ٻئي جو اسان سان ڪو تعلق هو. زماني (آسمان) جو ظالم هٿ اسان کان هٽيل هو ۽ سڀ ڪم اسان جي مرضيءَ مطابق پئي ٿيو. رات جو هڪٻئي جي هنج ۾ سمهي پوندا هئاسين ۽ پنهنجا دلي راز پيا هڪٻئي سان ونڊيندا هئاسين. ڪنهن کي به اسان تائين پهچڻ جي مجال نه هئي ۽ نه وري ڪو اسان جي حال کان ئي آگاهه ۽ واقف هو.

افسوس، مون جڏهن باهه ٻاري هئي تڏهن ’اي ابسال، تون سلامت رهين ها ۽ مان سڙي وڇان ها! تون سڙي وئين ۽ مان ائين رهجي ويس، هي ڇا ٿيو، هيءَ بدسلوڪي مون غريب سان ڪيئن ٿي ۽ ڇو ڪئي ويئي؟ ڪاش، مان به توسان ساڻ هعان ها ۽ تو سان گڏ نيستيءَ جي راهه رمندو رهان ها! پنهنجي ناخوش وجود کان هميشه لاءِ چٽي آزاد ٿي پوان ها ۽ وڃي غيرفاني خوشي ۽ آرام حاصل ڪريان ها!‘

 

انهيءَ بدويءَ جي ڳالهه، جنهن پنهنجو اُٺ وڃايو هو

هڪ دفعي، هڪڙي بدويءَ جو اُٺ، جڏهن اچي ڀاڄ ۾ پيو تڏهن ننڊاکڙين اکين ڪري اٺ تان ڪِري پيو. اٺ جڏهن پاڻ کي هلڪو ڏٺو تڏهن سڄي رفتار هلڻ لڳو. سبح جو جڏهن بدوي ننڊ مان اٿيو تڏهن ان کي اٺ جو ڪو نشان ئي نظر نه آيو. هيءُ حال ڏسي چوڻ لڳو ته: هاءِ گهوڙا، منهنجو اٺ گم ٿي ويوي آهي ۽ انهيءَ جي خيال کان منهنجي دل گهڻو پريشان آهي. هاءِ افسوس، مان به جيڪر ان سان گم ٿي وڇان ها ته جيئن هينئر ان درد سريءَ کان ڇٽي پوان ها! جتي هو ويو هو، مان به اتي وڃان ها ۽ پوءِ جو به ماڻهو ان وڃايل کي لهي ها سو مون ڀٽڪيل کي به ان سان گڏ ان ساڳي هنڌ لهي ها.

 

سلامان جو معاملو حڪيم جو حوالي ڪرڻ.

سلامان جو ابسال جي وڇوڙي ۾ رات ڏينهن هيءُ ئي حال رهيو. سندس پروسي وارن دوستن (محرمان راز) بادشاهه کي وڃي چيو ته ”هن جي، ان جانگداز غم کان دل ٽٽي پيئي آهي. ابسال جي جدائيءَ سبب هو ڪيترن ئي ڏکن ۽ دردن ۾ پيو آهي ۽ ان بغير هو گويا غمن جي پهاڙ هيٺان دٻيل آهن. جڏهن هن سان گڏ هو تڏهن به غم هوس ۽ هاڻي وري جڏهن ان کان سواءِ جدا آهي تڏهن به غم اٿس ۽ سندس دل مان غم ته ڪڏهن وڃي ئي نٿو. زماني جو چرخو هڪ عجيب خمخانو آهي جنهن ۾ بي غمگيءَ جو خيال رکڻ سراسر غلط ۽ اجايو آهي.“

شروعات ۾ جڏهن آدم جي مٽي ڳوهيائون ۽ ٺاهيائون، تڏهن سندس قد آهر سندس صورت جو جامو بنايو ويو. بعد ۾ چاليهه ڏينهن لاڳيتو مصيبت جي ڪڪر سندس مٿان غمن جي بارش وسائي. چاليهن ڏينهن گذري وڃڻ کان پوءِ مس مٿس خوشيءَ جو مينهن وسايو ويو؛ تنهنڪري غم کان ڪوبه بچيل ۽ خالي ڪونهي ۽ چالهين غمن کائڻ کان پوءِ مشڪل سان هڪ خوشي نصيب ٿئي ٿي. جڏهن خوشيءَ جو مينهن وسڻ بند ٿيندو آهي تڏهن آخر موٽي خوشيءَ ۾ ئي قرار وٺندو آهي؛ ليڪن دانا خوب ڄاڻي ٿو ته هيءُ قرار هڪ ٻيءَ دنيا (جاءِ) ۾ ملي ٿو.

جڏهن بادشاهه، سلامان کي ان ماتم ۾ ڏٺو تڏهن سندس دل، رنج ۽ غم کان سوين زخم کائي ويئي. ڪا تجويز کيس سمجهه ۾ نٿي آئي، جنهنڪري سندس اندر ۾ ڪيترائي وٽ ۽ سٽ پئي پيا (جنهنڪري سندس دل گهڻو بيقرار ۽ پريشان ٿي پيئي). آخر ٻيو ڪو چارو نه ڏسي، انهيءَ ڏاهي حڪيم اڳيان پنهنجي راءِ پيش ڪندي چيائين ته ”تون جهان جي اميد ۽ خوف جو قبلو آهين. جيڪڏهن ڪٿي به ڪو ڪنهن مشڪل ۾ مبتلا آهي ته انهيءَ جو حل تنهنجي روشن دل ئي ٻڌائي سگهي ٿي، ۽ هن وقت جهان ۾ روشن دل فقط تون ئي آهين، ۽ هر مشڪل جي قفل جي ڪنجي تون ئي آهين.

ابسال سڙي ويئي ۽ سلامان ان جي غم ۾ باقي رهيو ۽ پنهنجو سارو وقت هن، ان جي ماتم ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هاڻي نه ابسال کي واپس آڻي ٿو سگهجي ۽ نه وري سلامان لاءِ ڪو علاج ٿو ملي سگهي. مون پنهنجي هيءَ مشڪل تنهنجي اڳان سلي آهي، هاڻي تون پنهنجي دورانديشيءَ سان ڪو رستو ڳولي ڪڍ. مون تي رحم ڪر، مان ڏاڍو پريسان آهيان ۽ آزار ۽ تڪليف جي مٺ ۾ مجبوراً سوگهو جهليو پيو آهيان!“

ان ڏاهي حڪيم کيس جواب ڏنو ته ”اي بادشاهه تنهنجي راءِ، صحيح راهه کان ڪڏهن ٻاهر نه ويئي آهي. هاڻي ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪڏهن سلامان منهنجو انجام نه توريندو ۽ منهنجي فرمان ۽ چوڻ هيٺ رهندو ته پوءِ مان جلدي ابسال کي واپس آڻي ساڻس ملائيندس ۽ انهيءَ جو سمورو حال کيس کولي ڏيکاريندس. ڪجهه ڏينهن تائين مان ان جي حالت جو علاج ڪندس ۽ پوءِ هميشہ لاءِ ابسال سان سندس وصال ڪرائيندس.“

جڏهن سلامان، حڪيم کان هيءَ ڳالهه ٻڌي تڏهن خوشيءَ سان ان جي حڪم هيٺ آيو. هن جي جاءِ جي در جي ڪَنڊن ۽ ڪکن کي ٻهارڻ ۽ ان جي هر ڳالهه ۽ حڪم کي خوشيءَ سان قبول ڪرڻ ۾ لڳي ويو. ڪامل جي در جي خاڪ ٿيڻ خوشبختي آهي ۽ صاحب دل (ولي) جي حڪم جو بندو ٿيڻ به خوشبختي آهي. ڏاهي جو هيءُ نڪتو ٻڌي ڇڏيو ته ’اهو موتي نهايت سهڻو ۽ زيبا ٿو لڳي جو پوتل آهي.‘ يا ته ڏاهو ٿي هميشہ صلح ۽ سانت ۾ رهندو اچ يا وري ڏاهي جي پاڇي هيٺ رهڻ جي درپئي ٿي؛ ڇا لاءِ جو نادانيءَ سبب جڏهن مزاج بگڙي پوي ٿو تڏهن ان جو علاج دانا (۽ دانائيءَ) وٽ ئي آهي ۽ بس.

 سلامان جو حڪيم جو تابعدار ٿيڻ

جڏهن سلامان، حڪيم جو مطيع ۽ فرمانبردار بڻيو تڏهن انهيءَ جي مهرباني ۽ سخاوت جي پاڇي هيٺ رهڻ لڳو. حڪيم به سندس سچي فرمانبرداريءَ تي عاشق ٿي پيو ۽ ان کي تعليم ڏيڻ ۾ جادوگريءَ کان ڪم وٺڻ ۾ لڳي ويو. پنهنجي دولت جو سارو ئي شراب پيالي ۾ وجهي کڻي کيس پياريو ۽ پنهنجي حڪمت جي ماکي، دل کولي سندس وات ۾ وڌي. انهيءَ شراب پيئڻ کان سندس جان ۾ ذوق پيدا ٿيو ۽ انهيءَ ماکيءَ کان سندس وات کنڊ هارڻ لڳو. جنهن وقت به کيس ابسال پئي ياد آئي، تنهن وقت ان جي جدائيءَ کان آهُن ۽ دانهن ۾ پئي آيو.

جڏهن حڪيم ان جي هن حال کان واقف ٿيو (۽ کيس سمجهيو) تڏهن ابسال جي صورت ٺاهي، گهڙيءَ کن لاءِ سندس اکين آڏو رکندو هو ۽ انهيءَ طريقي سان هو ان جي دل ۾ تسڪين ۽ آرام جو ٻج ڇٽيندو هو. سلامان جڏهن پنهنجي ايذاءَ ۽ رنج کان آرام پائي بس ڪندو هو تڏهن اها صورت به گم ٿي ويندي هئي.

انهيءَ ۾ ته شڪ ئي ڪونهي ته جڏهن عارف جي همت زور واري ٿئي ٿي تڏهن جو ڪجهه هو پيدا ڪرڻ چاهيندو سو سواءِ ڪنهن تڪليف جي پيدا ڪري وٺندو؛ ليڪن جيڪڏهن هڪ گهڙي به ان کان غافل  ٿئي ٿو ته سندس هستيءَ جي صورت ۾ کانئس زائل ٿي وڃي ٿي.

ان بعد حڪيم ڇا ڪيو جو جڏهن ڪا ڳالهه ڇيڙيندو هو، تڏهن ان وچ ۾ زهره جي وصف به بيان ڪندو هو، ۽ چوندو هو ته هوءَ (زهره) سڀني ستارن جي شمع آهي ۽ ان جي حسن اڳيان ٻين جو حسن ڪالعدم آهي. هوءَ اهڙي آهي جو جيڪڏهن پنهنجو جمال ظاهر ڪري ته سج ۽ چنڊ ٻيئي چريا ٿي پون. بيپرواهيءَ ۾ ته هن کان وڌيڪ ٻيو آهي ئي ڪونه، شرف جي مجلس ۾ سدائي زياده خوشي ۽ شادماني پيدا ڪندڙ آهي. آسمان جا ڪن ان جي چنگ جي آواز سان ڀريا پيا آهن ۽ هو سدائين ان جي ٻڌڻ ۾ لڳو پيو آهي.

سلامان جڏهن هيءَ ڳالهه ٻڌي تڏهن سندس دل به ان ڏانهن لارو کائي ويئي ۽ وري. جڏهن هن ڳالهه کي بار بار پئي ورجايو ويو تڏهن سندس دلي لاڙي ۾ به غير معمولي اضافو اچي ويو.

هاڻي جڏهن حڪيم کي ان جي معنيٰ ۽ مطلب معلوم ٿي ويو تڏهن هن زهره اندر وڏو اثر پيدا ڪيو، تان جو ان پنهنجي جمال جو پورو ۽ مڪمل اظهار ڪيو ۽ سلامان جي دل ۽ جان ٻنهي کي متاثر ڪري موهي وڌو. نتيجي ۾ ابسال جو نقش سندس دل تان ڌوپجي (مٽجي) ويو ۽ زهده جي محبت مٿس غلبو پائي ويئي. غيرفاني حسن کي ڏسي فانيءَ کان جدا ٿي ويو ۽ لازوال زندگيءَ کي فانيءَ تي ترجيح ڏيڻ زياده پسند ڪيو.

 

بادشاهه جو پنهنجي حڪومت هلائيندڙن کان سلامان جي وفاداريءَ جو قسم کڻائڻ.

بادشاهي ڇٽ نهايت ئي عمدو ۽ قيمتي سرمايو آهي ۽ بادشاهي تخت واقعي هڪ وڏو مرتبو آهي. هر مٿو انهيءَ سرمايي جو لائق نه آهي (۽ نه هر مٿي تي اهو سرمايو سونهي به ٿو) ۽ نه وري هر قدم ان مرتبي لاءِ موزون آهي. آسمان سان ڪلها گسائيندڙ ئي هن مرتبي جو سزاوار آهي ۽ عرش سان مٿو لائيندڙ ئي هن سرمايي جو لائق آهي.

جڏهن سلامان، ابسال جي غم کان آزاد ٿيو تڏهن پنهنجي دل ان بخت ڀرئي معشوق سان ڳنڍيائين. سندس دامن سڀ ڪنهن ميراڻ کان پاڪ ٿي ويو ۽ سندس همت هينئر ڦري آسمان طرف منهن ڪيو. انهيءَ جو مٿو سچ پچ تاج جو لائق ٿي ويو ۽ سندس پير وڃي آسماني تخت جي ڏاڪي تي پيو.

ان بعد يونان جي بادشاهه اميرن ۽ سردارن، سرڪش ۽ تابعدارن، مطلب ته سڀني کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ هڪ اهڙو عاليشان جشن تيار ڪرايو جنهن جهڙو دنيا ۾ ڪنهن به بادشاهه جي تاريخ ۾ (ڏسڻ ۾) نه آيو آهي. هر ملڪ ۽ هر طرف کان سڀني لشڪرن جا سپہ سالار پنهنجن فوجن سميت اتي انهيءَ جشن ۾ حاضر هئا؛ جن مان پوءِ هرهڪ سلامان سان وفاداريءَ جو قسم کنيو. سڀني سندس سرداري قبول ڪئي ۽ غلاميءَ جو ڳٽ پنهنجن ڳچين ۾ وڌو.

بادشاهه موتين سان جڙيل ڇٽ سلامان جي مٿي تي ڌريو ۽ پنهنجي ملڪ جو سونهري تخت سندس پيرن هيٺان رکيو. ستن ئي ملڪن جي بادشاهي سندس حوالي ڪئي ۽ ملڪ هلائڻ جي تعليم به کيس چڱيءَ طرح ڏني. انهيءَ اهڙي گوڙ گهمسان ۾ به هن لاءِ هڪ وصيتنامو به لکيائين ۽ ان اندر دانائيءَ ۽ حڪمت جا سوين موتي پوتائين ۽ هي سڀڪجهه سڀني جي روبرو ظاهر ظهور ڪيائين.

 

بادشاهه جي سلامان کي وصيت

”اي پٽ، هن دنيا جي بادشاهي سدائين نه آهي ۽ نوجوانن جي اميدن جو ڪو ڇيرو ئي ڪونهي. تون دين حاصل ڪرڻ واري عقل کي پنهنجو پيشوا ڪري وٺ ۽ سڀان جي کيتيءَ کي اڄ سڃاڻ (۽ ان جو اونو ڪر). هن کان اڳي جو هيءَ کيتي تيار ٿئي تون دولت جاودانيءَ جو ٻج ان اندر ڇٽي ڇڏ. هر عمل کي علم جي ضرورت رهي ٿي ۽ دانائيءَ کان ڪم وٺڻ سان اهو مروّج، عام ۽ مقبول ٿئي ٿو. جنهن ڳالهه کي تون خود ڄاڻين ٿو تنهن مطابق تون روش اختيار ڪر ۽ جنهن ڳالهه کان تون واقف نه آهين تنهن متعلق تون ڏاهن ۽ دانائن کان دريافت ڪر (پڇ). جو ڪجهه به تون ڏين ۽ وٺين ٿو تنهن ۾ تون سوچ ۽ ويچار کان ڪم وٺ، ۽ جو ڪجهه به تون وٺين، سو دين جي حڪم سان وٺ (يعني ته جيڪڏهن دين چوي ته اهو درست ته پوءِ ان کي قبول ڪر ورنه ان کي رد ڪري ڇڏ)، ۽ نه ڪنهن لامذهب ۽ بيدين جي حڪم سان. جتي به تون ڪجهه قبول ڪرين تتي اهو دين جي (حڪم ۽) سبب کان قبول ڪر ۽ انهيءَ سبب کي دين جو حڪم ڏي.

”مظلوم جو کيسو ڪڏهن به خالي نه ڪر ۽ انهيءَ سان ظالم جو پايو بلند نه ڪر. هو غريب، بُکيو ۽ ڪنگال ٿي پوندو ۽ هو (ظالم) ان اوڳاڙيل ڍل کي بدڪاري ۽ ظلم ۾ خرچ ڪندو (۽ بدڪار ۽ ظالم بڻجي پوندو). هن روش جي پڇاڙي دکدائڪ ٿيندي ۽ انهيءَ ٻٽي بار کان تنهنجي گردن جهڪي پوندي.

سڌي راهه (۽ سنئين رستي) کان ڪڏهن به منهن نه موڙ، جو اهو قديم بادشاهن جو درستور رهيو آهي. هو ظالم دوزخ ويو ۽ تون ان جو پوئلڳ نه ٿيءُ ۽ هن جيان دوزخ جو ٻارڻ نه ٿيءُ. تون اها ڪوشش ڪر ته جيئن هر خطا ۽ خلل تنهنجي عدل ۽ انصاف سان سراسر بدلجي وڃن. ائين نه ٿئي جو تنهنجو عدل وڃي ظلم جو رنگ وچي ۽ عدل جو پيالو ظلم جي پٿر سان ٽٽي پوي.

”تون ڌانار آهين ۽ رعيت تنهنجو ڌڻ آهي، تون انهن جي تات ۽ سنڀال ڪرڻ ۾ دوکي ۽ فريب کان پري رهه. چڻ پالڻ ۾ تون ٻئي جي روش اختيار نه ڪر ۽ ڌنارن کان پنهنجو قدر وڌيڪ به نه سمجهه. تون نيڪ ماڻهن جيان انصاف وارو ٿي ۽ ڏس ته آخر ڌڻ جو ڌنار سان ڪم ڪهڙو آهي؟ توکي پنهنجي ڌڻ اندر چوبدار ۽ ڪوٽوال ٿي هلڻ گهرجي ۽ انهيءَ ڌڻ کي قابوءَ ۾ رکڻ لاءِ تنهنجو رنگ به ساڳيو ئي ڌڻ وارو هئڻ گهرجي. ڌڻ جي ڪتي جيان توکي رسو ڳچيءَ ۾ پيل هجي ليڪن ڪتو اهو جو بگهڙ کي پڪڙڻ لاءِ هجي ۽ نه گهٽي کي کائڻ لاءِ. ڌڻ ويچاري تي وڏي مصيبت آهي، ڇا لاءِ جو ڪڏهن ڦاڙيندڙ ڪتو بگهڙ جو ساٿي ٿي پوندو آهي.

بادشاهن کي وزيرن کان سواءِ ڪو چارو به ڪونهي (۽ انهن کي وزير هي حالت ۾ رکڻا پون ٿا)، ليڪن وزير به ڪو ڏاهو ۽ امانتدار هئڻ گهرجي، ۽ جو ملڪ جي ڪاربار کي پوريءَ طرح ڄاڻندو هجي ته جيئن سٺو ۽ بهتر نظام قائم ڪري سگهجي. (ڏئي). بادشاهه جي ملڪ ۽ مال ۾ نهايت امانتدار ۽ اعتبار وارو هجي ۽ حق جي ڳالهه ۾ ڪا ڪمي نه آڻي. جو ڪجهه بادشاهن ۽ ان جو نوڪرن چاڪرن جو حصو هجي (ٿئي) تنهن کان وڌيڪ ڍل رعيت کان نه وٺي (۽ اڳاڙي). خدا تعاليٰ جي ساري مخلوق تي مهربان ۽ هر مسڪين ۽ پينوءَ جي حال تي ڪهل ڪندڙ هجي. هن جي نرمائي ۽ شفقت، هر ڦٽيل سيني تي مرهم رکندڙ هجن، ۽ هن جو قهر هر ظالم کي بدلو وٺندڙ هجي. صورت ۽ سيرت ۾ درنده نه هجي ۽ دانائن جي اڳيان دانائيءَ کان ڪورو به نه هجي. کل لٿل ڪتي جيان سارو ناپاڪيءَ سان ڀريل نه هجي ۽ انهيءَ ناپاڪيءَ مان، آسودگي ۽ آرام طلبي سندس عادت به نه هجي، جو جسيتائين پنهنجي وات کي خون سان نه ٿڦي تيستائين ڳئونءَ کي مارڻ لاءِ تڪليف پهچائڻ جو خواهشمند هجي.

تو وٽ هڪ جاسوس به هئڻ گهرجي، جو سدائين صادق ۽ سچو ۽ نڪ راءِ هجي جو هر طرف کان توکي مخفي طرح هر ظلم ۽ احسان جون خبرون پهچائي ڏئي، اهو ماڻهو جو وزير کان ٽهندڙ ۽ ڀڄندڙ هجي تنهنجي پڇا ڳاڇا وزير کان نه ڪر ۽ ان جي حال جي تون پاڻ تفتيش ڪري پنهنجي اقبال جو پايو بلند ڪر.

اهو وزير جو تو خاطر ڪفايت ڪري ٿو سو هر شهر ۽ ملڪ ۾ ظلم ڪري ٿو. اهڙي ڪفايت سان سعادت حاصل نٿي ٿئي ۽ اٽلو اها دوزخ جو ٻارڻ ٿي ڪٺو ڪري. هائو اهو ڪافي آهي ۽ هن کان اها ڳالهه پري نه آهي جو ڏهن کان وڌائي ٻه سؤ ڪري ڇڏي، ڇا لاءِ جو جيڪڏهن ڪافيءَ (مال) جي حفاظت ايترو ججهي ٿئي ٿي ته پوءِ نفس سرڪشي ڪري ٿو ۽ ناشڪر ٿئي ٿو. سمجهه وارن جي نزديڪ ڪافر جو حڪم مسلمان لاءِ ٺيڪ ۽ درست نه آهي.

مطلب ته جو به شخص ظلم جي روش اختيار ڪري ٿو ۽ دين کي ڇڏي رذيل شين جي درپئي ٿئي ٿو تنهن کان وڌيڪ نادان ۽ بي سمجهه دنيا ۾ ٻيو آهي ئي ڪونه ۽ نادان کان ڪنهن کي به ڪجهه حاصل نه ٿو ٿئي (۽ نه ان جي خصلت مان ڪو ميوو ٿو کائي). پنهنجي دين ۽ دنيا جو سارو ئي ڪم دانائن کان سواءِ ٻين جي حوالي نه ڪر، والسلام.

 

قصي جي اصلي مراد

هر قصي جي صورت اندر سمجهه وارن لاءِ ڪجهه معنيٰ رکيل آهي. هاڻي جڏهن هن قصي جي صورت چٽجي پوري ٿي تڏهن انهيءَ جو مطلب ۽ معنيٰ ڳولڻ گهرجي. هن قصي جي ٺاهڻ مان مراد هيءَ آهي ته جو انهيءَ راهه جي راز کان واقف ٿيو آهي سو انهيءَ راهه ۽ رستي کي سمجهي. انهيءَ مان ڪا تنهنجي ۽ منهنجي حال جي ڳالهه مقصود نه آهي بلڪ ان مان تنهنجي ۽ منهنجي حقيقت تان پردو کڻڻو آهي.

بادشاهه ۽ حڪيم مان ان جي ڇا مراد آهي، ۽ پوءِ ان سلامان مان سندس ڇا مطلب آهي جو ماءُ کان سواءِ فقط پيءُ کان پيدا ٿيو؟ ابسال ڪير آهي جا سلامان تي ڪامياب ٿي ۽ باهه جو جبل ۽ پاڻيءَ جو درياءُ ڇا آهن؟ اها بادشاهي ڪهڙي آهي جنهن کي آخر سلامان وڃي رسيو جڏهن هن ابسال کان منهن موڙيو؟ زهره ڪير هئي جنهن پڇاڙيءَ ۾ وڇي سلامان جي دل کسي ۽ ابسال جو داغ سندس دل تان ميساري ڇڏيو؟ هينئر هنن سڀني ڳالهين هرهڪ جي سمجهاڻي ڪن لائي ۽ دل کولي مون کان ٻڌو.

 

قصي جو مقصد

اي ڏاها، جڏهن بي مثل ۽ لاثاني ڪاريگر (الله تعاليٰ) جهان کي پيدا ڪيو تڏهن سڀ کان اول عقل کي پيدا ڪيائين. عقلن جي ڏور ۾ (ڪل) ڏهه عقل آهن ۽ انهن ۾ جيڪو ڏهون عقل آهي سوئي دنيا ۾ مؤثر آهي. هاڻي ڇاڪاڻ ته ساريءَ دنيا ۾ اهوئي ڪم ڪندڙ ۽ ڪارگر آهي تنهنڪري ان جو نالو به عقل فعّال رکيو ويو آهي. جهان ۾ هر خير ۽ شرّ جو اهوئي تقسيم ڪندڙ آهي ۽ اهوئي هر نفعي ۽ نقصان جو ڪفيل آهي. هن جو جسم سان ڪوبه لاڳاپو ڪونهي ۽ هن جي خزاني کي هن طلسم جي ڪا گهرج ۽ پرواهه ئي ڪانهي. هو پنهنجي ذات ۽ فعل ٻنهي سان هن جسماني دنيا کان جدا آهي ۽ سواءِ ڪنهن لاڳاپي جي جيڪي چاهيائين سو ان ۾ ويدا ڪيائين.

انسان جو روح ان تاثير جي پيدائش آهي ۽ انسان جو نفس (انساني نفس) ان جي تدبير جو پابند ۽ غلام آهي. اهي سڀيئي ان جي فرمان ۽ حڪم هيٺ آهن ۽ ان جي ٿوري ۽ احسان ۾ ٻڏا پيا آهن. اهو (عقل فعّال) فرمانرو بادشاهه آهي ۽ ٻيا سڀيئي ان جي فرمان کي مڃڻ ۽ عمل ۾ آڻڻ وارا آهن. هاڻي جڏهن شاهي وصف سان هو آراسته آهي تنهنڪري رستي جي ڄاڻن (ڏاهن ۽ دانائن) لاءِ اهو بادشاهه آهي.

جهان کي جو به فيض ان جي طرف کان پهچي ٿو سو ان کي وري پاڻ کان به مٿان ساندهه ۽ لاڳيتو پهچندو رهي ٿو. دانا ۽ واقفڪار جي نزديڪ انهيءَ بالائي فيض کي حڪيم جو لقب ڏنو ويو آهي.

ان جي پاڪ روح جو نالو گويا ”نفس“ پئجي ويو جو هن بي جسم عقل جي پيدائش آهي. هاڻي ڇاڪاڻ ته ان جو جسم سان ڪو لاڳاپو ڪونهي تنهنڪري چيو ويو ته ماءُ بغير فقط پيءُ جو ڄڻيل آهي؛ ۽ ڇاڪاڻ ته ان جي پيدائش (ولادت) پاڪ هئي تنهنڪري سندس نالو به سلامان رکيو ويو (۽ اهو ئي درست ٺهي آيو).

ابسال مان مراد هي خواهش پرست جسم آهي جو طبيعت جي حڪمن هيٺ جهڪيو پيو آهي. جسم آهي جو طبيعت جي حڪمن هيٺ جهڪيو پيو آهي. جسم، روح سان زندهه آهي ۽ روح وري ادارڪي قوّتن ذريعي سدائين ان کان ڪم وٺندو رهي ٿو. انهيءَ باهمي تعلقات جي ڪري هو گويا هڪٻئي تي عاشق آهن ۽ پنهنجي سنگت کان، سواءِ ڪنهن زبردستيءَ (۽ مجبوريءَ) جي ٻاهر نڪرن ئي ڪونه ٿا (۽ نه ڪاڏي وڃن ئي ٿا).

ان درياهه مان مطلب ڇا آهي جنهن جي وچ ۾ هو (بي نڪر) پيا هئا ۽ جنهن جي ملڻ (۽ وصال) سان هو نهايت آرام ۽ راحت ۾ هئا؟ اهو حيواني خواهشات جو درياءَ هو ۽ ان جون ڇوليون ڄڻڪ نفساني لذتون هيون. سارو ئي جهان ان جي ڇوليءَ ۾ ٻڏو پيو آهي ۽ ان ٻڏڻ سبب حق تعالي کان پري پئجي ويو آهي.

ابسال جا صحبت ۾ گهڻو ويجهي هئي ۽ جنهن کان سلامان آخر هٽي ويو ۽ کانئس بهرور نه ٿي سگهيو، تنهن مان مراد ڇا آهي؟

اهو سڀ جوانيءَ جي انحطاط (ڪِري پوڻ) ڏانهن اشارو آهي ۽ نفساني خواهشن جي ڪمزور ۽ منفقود (گم) ٿي وڃڻ جو دليل آهي.

سلامان جو بادشاهه طرف لاڙو ڪرڻ ۽ انهيءَ جو ان کي شان ۽ شوڪت جي تخت تي ويهارڻ مان، عقلي لذتن جي طرف لاڙو ڪرڻ ۽ عقل جي منزل ڏانهن موٽڻ (موٽ کائڻ) مراد آهي.

باهه مان مراد سخت رياضتون آهن ته جيئن اها طبيعت جي سامان (۽ اثرات) کي ساڙي ختم ڪري انهيءَ باهه کان، طبيعت جون سڀ نشانيون سڙي ويون ۽ جان پنهنجي جاءِ سلامت رهي ۽ حيواني خواهشن کان پنهنجو پلؤ ڇنڊي ڇڏيو. پر ڇاڪاڻ ته ساري عمر هن جو باهه سان واسطو رهيو هو، تنهنڪري ڪنهن ڪنهن وقت ان جي وڇوڙي جي درد پئي منهن ڪڍيو. انهيءَ ڪري حڪيم ان اڳيان زهره جي وصف بيان ڪئي ۽ سندس دل ان جي عشق ۾ ڦاسائي ڳنڍي ڇڏي ته جيئن هوريان هوريان هن زهره ۾ آرام وڄي ۽ ان سان دل لائي، ابسال جي غم ۽ مهبت کان ڇٽي پوي.

زهره مان مراد بلند ڪمالات جون چوٽيون آهن جن تي پهچڻ ۽ کين حاصل ڪرڻ سان دل لائق ۽ ڀلاري ٿئي ٿي، ۽ انهيءَ جي جمال کان عقل روشن ۽ نوراني ٿئي ٿو ۽ دنيا جو بادشاهه بڻجي ٿو.

هن راز کي مون اجمالي طور تي توکي ٻڌايو اهي ۽ هن ساري ڳالهه جو اختيار آندو اٿم. تون جيڪڏهن تفصيل چاهين ته پوءِ ذرا فڪر کان ڪم وٺ ته جيئن هي قديم راز تو اڳيان تفصيل سان کلي پون. بس، هن اجمال سان هن بحث کي هتي ختم ڪيو وڇي ٿو ۽ صحيح ڳالهه الله تعاليٰ سڀ کان وڌيڪ ڄاڻي ٿو (والله اعلم بالصواب).

 

سلامان ۽ ابسال جي قصي جو خاتمو

اي جامي تون ڪافي عمر کي اچي پهتو آهين، آخر شعر گوئيءَ جي خيال ۾ ڪيترو رهندين؟ قلم جيان تون ڪيترو وقت ڪچو ڪم ڪندو رهندين يعني قيل و مقال ڪندو رهندي ۽ خط جيان تون شعر جي لکڻ ۾ ڪيترو ڦرندو رهندين؟ ڪارن ڪمن ۾ تنهنجا وار اڇا ٿي ويا، هاڻي هن هُنر ۾ تون اڇي منهن (نيڪيءَ) جي اميد گهٽ رک.

جو ڪجهه تو چيو آهي تنهن کان هينئر معافي وٺڻ ۽ الله تعاليٰ کان بخشش گهرڻ جو وقت آهي. پنهنجو نفس ۽ هرهڪ دم، بخشش گهرڻ ۾ لڳائي ۽ ساٿي ۽ همراز بنائي ڇڏ.

جڏهن تون استغفار (بخشش گهرڻ) جي پاڻيءَ سان پنهنجو وات ڌوئي صفا ڪرين تڏهن دنيا جي ڪامياب بادشاهه يعقوب بيگ جي لاءِ به دعا گهر ۽ سندس تعريف ۽ مدح سورائي ڪر، ڇا لاءِ جو هو مون اڃايل واريءَ (اڃايل) لاءِ فيص جو مينهن ٿي آيو. ۽ اڃاري واري ڪٿي ٿي پاڻيءَ مان سير ٿي سگهي ۽ وري ان کي الوداع (ڇڏڻ) ڪرڻ لاءِ ڪٿي ٿي همت ساري سگهي! هاڻي جڏهن هن پاڻيءَ مان منهنجو سير ٿيڻ محال آهي تڏهن هن مقالي کي هتي ختم ڪرڻ ئي بهتر آهي جهان ان (يعقوب بيگ) جي عطا ۽ بخشش جي فيض کان تازو ٿيو آهي ۽ ان جي عدل جو نقارو وڏي آواز وڄڻ لڳو آهي. شال هن جو جاهه ۽ جلال هر گهڙيءَ تازو هجي ۽ ان جي بادشاهي هميشہ قائم رهي!

 تمت بالخير

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org