سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب:غريبن جو ورثو

صفحو :5

حميد جي دل تي ان شاعري اظھار جو ٻِٽو اثر پيو جيئن نھ ڪنھن ڀٽڪندڙ دل کي اوچتو قرار ملي وڃي؛ تيئن حميد کي پڻ پڪيءَ ريت معلوم ٿيو تھ، پاڻ جنھن دڳ تان پنڌ پئي ڪيائين، سو اوس کيس ماڳ رسائيندو ۽ شاھوڪارن جي لاءِ جا ڌڪار سندس اندر ۾ پيدا ٿي ھئي، سا بلڪل ٺيڪ ھئي.

(3)

ڪنڊياري جي ٻاھران ھڪ کوھھ وٽ پيروءَ پٽ کي گاڏيءَ بيھارڻ لاءِ چيو. ٿوريءَ ساھيءَ پٽڻ بعد، حميد نم جي وڻ تان ھڪ ٽاري پٽي آيو، جنھن مان ٻھ ڏندڻ ٺاھي، ھڪ پيءُ کي ڏنائين ۽ ھڪ پاڻ ڪيائين. ھو اڃا کوھھ تي ئي ھئا، تھ ڪنڊياري جو ھڪ آبادگار زميندار، صادق علي، اچي اتان گھوڙي تي لنگھيو، ھو چمڙيءَ جو صاف ۽ قد جو بندرو ھو. ھن پيروءَ کي سڃاتو ۽ پيروءَ پڻ، گاڏيءَ مان ويٺي، ھٿ ٻڌي نياز ڪري چيس، ”سائين جن جو خير ھجي.“

”پيرو، ھتي پيو ڏسجين!“ زميندار پڇيو، ۽ حميد طرف آڱر کڻي پڇيائينس، ”ھيءُ ڪير آھي؟“

پيروءَ وراڻي ڏني، ”منھنجو ھڪڙو ئي فرزند، حميد. ويساکيءَ جي ميلي تان موٽيا آھيون. مون کي سائين جن سان گڏجڻ جو اڳي ئي خيال ھو.“

”مان ھلان ٿو، جاءِ تي اچج.“ ائين چئي، وڏيرو رمندو رھيو.

اڌ مني ڪلاڪ ۾ پيرو بھ پٽ سميت وڃي وڏيري جي اوطاق تي سھڙيو. وڏيري ٻيليءَ کي سڏي، مڱڻھار ۽ حميد کي نيرن ڪرائڻ لاءِ چيو، لسيءَ سان ڳاڙھيءَ جوئر جو ڍوڍو کائي، پيروءَ وڏيري کي چيو، ”حضور جن جي وڏي مھرباني؛ مولا جا ھٿ مٿان ھجنو.“ وڏيري جو اٺن سالن جو پٽ ان وقت پٽ تي ويٺل پيروءَ جي ڀرسان اچي بيٺو، ان جي مٿي تي ھٿ رکي ھن سڀاجھڙي نوح ۾ چيو، ”الله سائين ھن ننڍڙي کي، وڏي عمر ڏيندو، ٻچن ۾ برڪت وجھندو.“

”پيرو“ زميندار چيس، اڳي تھ جلدي جلدي ڏسبو ھئين.“

”سائين، ھاڻي جسم جو جڏو ٿيو!“

پوءِ صادق عليءَ پيروءَ کي چيو، ”شرنائيءَ تي ڪا طرز تھ سڻاءِ. تنھنجيءَ شرنائيءَ کي مان ڏاڍو ياد ڪندو آھيان.“

”سائين سوين طرزون سڻايانو، پر شرنائي بھ ختم ٿي ويئي تھ ان سان گڏ طرزون بھ ختم. ھاڻي ڳائڻ تي دل نٿي چيو ڪري، معاف ڪجو.“

”پوءِ، ھھڙو رس ڀريو آواز تھ بيھي ويندءِ.

”ڪنھن ڏينھن تھ دل بھ بيھي ويندي، ٽنگون تھ اڳي ئي ويٺيون آھن.“

”وڏيري راڳ لاءِ وڌيڪ زور بنا پڇيس، حميد ڇا ٿو ڪري؟“

”پھريون گھڻو ئي چيومانس تھ رازڪو ڪم سکي وٺ. پر علم پرائڻ لاءِ چاھھ اٿس. آھي مسڪين مڱڻھار جو پٽ؛ پر وڏ خيالي آھي، توھان جي نوازش ٿيندي. خانواھڻ (14) ۾ پڙھندو آھي. پر اتي وڌيڪ پڙھائيءَ جو بندوبست ڪونھي، ٻئي سال ڪاڏي موڪليانس؟ پيسي جي بھ تنگي آھي، توھين ڀڄنديءَ وارا آھيو...“

”انگريزي تعليم پرائيندو؟“

اھي لفظ ٻڌي حميد جي منھن مان سرھائي بکڻ لڳي ۽ ھن اٻھرائيءَ مان وراڻيو، ”جيءُ حضور!“

”وقت آئي، مون کي يادگيري ڏيارجو؟ اسان ۾ علم لاءِ شوق بلڪل گھٽ آھي. جنھن ڪري جن جزوي جوانن ۾ اھڙو چاھھ نظر اچي ٿو، تن کي ھر طرح ھمٿائڻ کپي، حميد، تنھنجي تعليم جو تسلي جوڳو بندوبست ڪبو؛ دل نھ لاھھ.“

ڪجھھ دير کان پوءِ جڏھن پيءُ پٽ وڏيري کان موڪلائي ھلڻ لڳا، تڏھن صادق عليءَ حميد کي ٻھ رپيا ھٿ ۾ ڏنا. پٽ جي ھٿ ۾ بخشش ڏسي، پيروءَ صادق عليءَ طرف نھاري چيو، ”سائين، ڌڻي ڪڏھن بھ توھان جو ھٿ نھ منجھائيندو، توھان غريبن تي ھٿ رکيو آھي، ڌڻيءَ جو ھٿ ھميشه توھان تي ھوندو.“

اوطاق مان ٻاھر اچي، ٻنھي ڄڻن بازار ڏانھن رخ رکيو، جتان دادن لاءِ ھڪ چمڙي جي جتي ڳنھي، سڌا پير مھدي شاھھ جي ڳوٺ ڏانھن روانا ٿيا.

صادق علي انھن مان ھو، جي زمينداري ۽ پوک ٻيئي ڪن. ان نموني جا آبادگار ٻھراڙيءَ ۾ نظر ايندا آھن. ھو شھري زميندار کان ٻيءَ طرح جا ٿين ٿا. شھري زميندار ھارين کي حڪم ڪندا تھ وڃي ڪم جو پورائو ڪريو. بعضي بعضي پاڻ، جڏھن شھري مشغولين کان فرصت ملندين، کڻي زمين تي ويندا. مگر ھي ڳوٺاڻا زميندار، ھر روز صبح جو، لابارن جي ڏينھن ۾ خاص ڪري، گھوڙي کي سنجي سرزمين تي وڃي حاضر ٿيندا آھن، ھو قدرت جا سکيل آھن ۽ ٿوري تي ئي راضي رھن ٿا. ھو ٻين سان ريس ڪونھ ڪن. ھنن جون گھرجون ٿوريون ٿين ٿيون، ھو ڪڏھن عدالت خاني ۾ نظر نھ ايندا، ڇاڪاڻ تھ ھو انصاف پسند ٿين ٿا ۽ فرياديءَ توڙي ڏوھيءَ جي حالت ۾ عدالت خاني ۾ ويھڻ ھنن لاءِ سخت شرم جي ڳالھھ آھي. ھو ڪم ڪرڻ مان ڪڪ ٿين ئي ڪونھ، ھارين ۾ ھارين جھڙا، تھ آبادگارن ۾ آبادگارن جھڙا، ھنن کي وندر جي گھرج ٿئي ٿي. ھو ڪڪڙن جي ويڙھھ ۽ ملاکڙي جا شوقين آھن. ڳوٺاڻن جا ڏوھيڙا ۽ ڪافيون کين ڏاڍو وڻن ٿا، پاڙيسڙين جا مڪان ھنن لاءِ خيرات خانا آھن. ھنن جو گھر ھنن جي دنيا آھي. انھن خوبين جي ڪري ئي صادق علي رواجي ھاريءَ مان زميندار جي ڪڙيءَ تي وڃي رسيو ھو. ڪنڊياري تعلقي جا ھاري کيس عزت سان ڏسندا ھئا، ڇاڪاڻ جو اھي کيس پنھنجو آواز سمجھندا ھئا، انھن جي ھمدرديءَ ۽ ڪوشش سان ئي صادق علي نوابشاھھ جي ضلعي اسڪول بورڊ جو مشير چونڊيو ويو ھو.

 

(4)

مذڪور واقعي کي ٻھ اڍائي سال گذري چڪا ھئا. حميد ڪنڊياري ۾ انگريزي تعليم پئي ورتي. ھن جي رھڻ ۽ کاڌي جو بندوبست صادق عليءَ ڪيو ھو. پير مھدي شاھھ جي ڳوٺ ۾ ھڪ پراڻي ڪچي ۽ ڪکائين مڪان ۾ پيرو مڱڻھار، ڪوري واڻ جي کٽولي تي، جنھن مان واڻ جا تندا پئي لڙڪيا، چيچلائي رھيو ھو. ھن جھيڻي آواز ۾ پئي چيو، ”غريب لاءِ حياتيءَ ۾ سک ڪونھي، ھن جي قسمت ۾ آھي ڳھڻ ۽ ڳڻتين ۾ ڳرڻ، سور سھڻ ۽ سرد آھون ڀرڻ. ھو پنھنجا ڏھاڙا دائما بيچينيءَ ۾ ڪاٽي ٿو، غريب جو تھ واءُ بھ ويري آھي، ھن جون اميدون نااميدون ٿيو پون؛ خوشيءَ جا موقعا ھن لاءِ غم جا قاصد بڻجيو پون، غريب لاءِ دنيا ڪشٽن جو ڪوھستان آھي.“

مريض گھڙيءَ اٿي ٿي ويٺو تھ گھڙيءَ سمھيو پئي، رات جا ساڍا ڏھھ ٿيا ھئا. مڪان ۾ ٻھ ڪوٺيون ھيون. جنھن ڪمري ۾ مڱڻھار جي کٽ پيل ھئي، سو ڀر واري ڪمري کان ٿورو سوڙھو ھو. سياري ھئڻ سبب ڪاٺين جو ڍير پئي ٻريو، تھ جيئن ڪوٺي گرم رھي. ڪاٺين جي باھھ مان دونھون ٿي نڪتو، تنھن بيمار کي ساھھ کڻڻ ۾ تڪليف پئي ڏني، ٿڌيءَ ھوا کي اندر اچڻ کان روڪڻ لاءِ درين کي ڦاٽل ڳوڻين جا ٽڪر ڏنل ھئا. پيروءَ جي مٿن کان ھڪ سادي ڪاٺ جي اسٽول تي دوا جو شيشو ۽ جست جو خالي ڪٽورو رکيل پئي نظر آيا.

کٽ جي پيرانديءَ کان پيروءَ جي عمر جيڏو ھڪ ماڻھو ويٺو ھو، جنھن گنڀير نوع ۾ مريض طرف پئي نھاريو ۽ ھيٺ زمين تي ھڪ پيل منجيءَ تي ھڪ عورت ويٺي ھئي، جا ھن ماڻھوءَ جي زال ٿي ڏٺي. ھن ماڻھوءَ مڱڻھار جي گوڏي تي ھٿ رکي چيو، ”اکيون بند ڪري ٿورو آرام ڪر. حڪيم جو چوڻ آھي تھ، ڳالھائڻ توکي وڌيڪ ضعيف ڪندو.“

”بخشڻ، سيني ۾ سخت ساڙو اٿم. سنڌن جي سور ۽ سھڪي مون کي بي آرام ڪري ڇڏيو آھي. ھھڙي جيئڻ کان موت صدبار بھتر آھي، نھ ٿيو آھيان ڏھڻ جو نھ ڪھڻ جو.“ پيروءَ وراڻيو، ۽ سلسلو جاري رکندي چيائين، ”منھنجي پھرين خبرداري ڪانھ ڪيو. منڍ ۾ برابر سنڀال ٿئي ھا، تھ ھن حالت کي نھ رسان... پر ان ۾ توھان جو ڪھڙو قصور! اسين غريب آھيون، حڪيم پيسي جي طلب ڪئي ۽ اسان وٽ گھربل رقم موجود نھ ھئي... سگھو کائي ان، اگھو کائي ڌن... دک ۽ بيماريون بھ ڌڻيءَ غريبن لاءِ خلقيا آھن.“ اتي مريض جي نظر وڃي سامھون جاري ۾ پيل ڀڳل شرنائيءَ تي پيئي ۽ اکين ۾ آب اچي ويس. بخشڻ ڏانھن منھن ڪري چيائين، ”ڀڳل شرنائي مون کي پنھنجي ڪريل جسم جي يادگيري ڏياري ٿي. شرنائي نڪمي ٿي پيئي آھي، تھ ان جو وڄائيندڙ بھ بيڪار، بستري تي پيو ٿو پاسا ورائي. شرنائيءَ جو آواز بند ٿي ويو تھ منھنجو بھ اچي بند ٿيڻ تي بيٺو آھي.“

”پيرو، تون پاڻ کي بيسود بيقرار ڪري رھيو آھين. ان نموني تون پنھنجي صحت بگاڙيندين.“ بخشڻ سمجھاڻي ڏيندي چيس.

ايتري ۾ دروازي تي کڙڪو ٿيو. پيروءَ جي ڪن تي آواز پيو ۽ ھن چيو، ”حميد اچي ويو!“ بخشڻ تڪڙو دروازو کوليو، حميد اندر گھڙي پڇيو، ”ابو ڪيئن آھي؟“

”اڃا تھ اھائي حالت اٿس.“

اٺ تان سامان جي خرزين لاھي، اوٺيءَ کي ڀاڙو ڏيئي، حميد سڌو پيءُ واري ڪمري ۾ ويو، پيروءَ کيس اندر گھڙندو ڏسي، مايوسي مشڪ سان چيو، ”حميد، مرڻينگ پيءُ کان موڪلائڻ آيو آھين.“

پيءُ جي بيقراري پسي، حميد دلي جھلي نھ سگھيو، پيروءَ جا درديلا لفظ اندر ۾ گھڙي ويس. ھن جون اکيون ڀرجي آيون. ھو پاڻ کان پڇڻ لڳو، ”مان پيءُ کي الوداع ڪرڻ آيو آھيان؟ منھنجي ساڻس ھيءَ آخري ملاقات آھي؟“

پٽ کي پنھنجي ويجھو ساڳيءَ کٽ تي ويٺل ڏسي، پيروءَ جي ڏٻري جسم ۾ ڄڻ تھ نئون ساھھ پوڻ لڳو؛ منھن ۾ پاڻي اچڻ لڳس. وھاڻي کي، جنھن مان ڪپھھ ٻاھر پئي نڪتي، ٻانھن سان سيري، مڱڻھار جيئن اٿڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، تيئن حميد چيلھھ ۾ ھٿ وجھي سنئون ڪري ويھاريس.

”ابا ڪجھھ فرحت محسوس ڪريو ٿا؟“ حميد پھريون سوال پيءُ کان پڇيو.

پيروءَ وراڻيو، ”مان ڏاڍو تنگ ٿيو آھيان. جيئن وڻيو تيئن منھنجو خاتمو آڻيو. ثواب جو ڪم ڪريو، توھين مون مان ڇٽندا، مون کي دنيا مان ڇوٽڪارو ملندو.“

حميد ھڪ ٽِڪ پيءُ جي منھن ۾ ڏسندو رھيو، بخشڻ چيو، ”دوا جو وقت ٿيو آھي.“ حميد دوا جو وزن ڪٽوري ۾ وڌو تھ پيروءَ  بيزاريءَ وچان چيو، ”دوا تھ منھنجا آنڊا ئي جلائي ڇڏيا آھن، دوا جو شيشو ڀڃي ڇو نٿا ڇڏيو؟ منھنجي زندگيءَ جا ڏھاڙا اچي پوري ٿيڻ تي بيٺا آھن. حميد جي ماءُ مون کي پاڻ ڏانھن سڏي رھي آھي.“

حميد دلداري ڏيئي چيو، ”ابا، دل ڇو لاٿي اٿو؟“ حڪيم چوي ٿو تھ، خطرو ڪونھي.

”حميد! ڪچي گھڙي ۾ پاڻي گھڻو وقت رھندو؟ ”لڳو واءُ، ويو ساھھ. ساھھ تي ڪھڙو آھي ويساھھ!“

پيروءَ جي سرد پڪارن ويٺلن کي انسان جي جسماني ڪمزوريءَ جي يادگيري پئي ڏياري، مڱڻھار کاڌو صفا ڇڏي ڏنو ھو، جنھن تھ ھيڪاري نٻل ڪري ڇڏيو ھوس. ٻن ڏينھن کان پاڻي بھ اندر نھ ٿي ٽڪيس ۽ آت ڏيئي ڪڍي پئي ڇڏيائين.

بخشڻ رکي رکي مريض جي منھن ۾ گھور ڪري پئي ڏٺو، ھڪ ڀيرو مڱڻھار جون اکيون بخشڻ جي اکين سان مليون ۽ ھن چيو، ”بيمار جسم، ماڻھوءَ جي دل کي بيمار ڪري ٿو... بخشڻ، منھنجو دنيا مان موھھ صفا نڪري ويو آھي... ڪرئي کان پوءِ ماڻھوءَ جو ڪير ڪونھي.“

ڪمري ۾ سن سناٽ ڇانيل ھئي. پيروءَ حميد جو ھٿ وٺي بخشڻ جي ھٿ ۾ ڏنو ۽ درد ڀرئي آواز ۾ چيائين، ”دوست، حميد پر تو اٿيئي؛ حياتان جي مون وٽ اھائي ھڪ نشاني آھي، جنھن کي ڏسي پئي ھليس“ ۽ سچل طرف نھاري جھيڻي آواز ۾ چيائين، ”تنھنجو ٿورو مان ڪيئن لاھيان؟“

”ابا، مان لاھيندس.“ حميد وراڻي ڏني.

پيروءَ جون اکيون جر ھاري رھيون ھيون. ھن ڳالھايو ڪونھ ليڪن سندس دل جو راز لڪل ڪين ھو.

آچر جو ڏينھن ھو، سج لھڻ ۾ باقي پندرھن يا ويھن منٽن جي دير ھئي. بخشڻ ۽ حميد ڪوڏر سان مقام ۾ قبر پئي کوٽي. مڱڻھار ھن فاني جھان مان چالاڻو ڪري چڪو ھو ۽ سندس جنازي کي دفن ڪرڻ لاءِ ھي ٻھ ڄڻا جڳھھ ٺاھي رھيا ھئا.

موت پيدا ڪري، خالق مخلوقات لاءِ پنھنجي پيار جو اظھار ڪيو. دنيا جي ڪشٽن کان بيزار ٿي، انسان گھڻائي دفعا موت کي سڏ ڪري ٿو، موت نھ ھجي تھ ڪير انسان جا سڏ اونائي! ڪير ھن جي سورن جي پڄاڻي آڻي؟ موت بعضي چورن ۽ ڊاڪن جيان، بنا چتاءَ جي، اچيو ماڻھن تي حملو ڪري تھ، بعضي انسان جي جسماني قلعي کي ڪجھھ مدت تائين گھيرو ڪندو رھي ٿو، جيسين ان تي سوڀ پائي.

(5)

قضئي بعد جيسين پٿر کڄي، تيسين بخشڻ جي گھر واري سچل، ڏينھن جو گھڻو حصو حميد وٽ گذاريندي ھئي ۽ رات جو سمھندي پڻ اتي ھئي. مڱڻھار جي چالاڻي حميد جي دل کي گھڻي ئي چوٽ رسائي؛ مگر بخشڻ ھن لاءِ وڏو ڏڍ ھو. حميد کي ملول پسي، بخشڻ ۽ سندس گھر واري دلاسو ڏيندا ھئس. پيروءَ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ جلدي ھڪ ڏينھن بخشڻ حميد کي گھر جي ٻاھران گھٽيءَ ۾ پاسيرو روئندي ڏٺو. بخشڻ وڌي سندس ويجھو ويو ۽ حميد جي ساڄي ڪلھي تي ھٿ رکي چيائينس، ”حميد دل ڏاڍي ڪر. ڪچي ۽ پڪي گھڙي جي وچ ۾ تفاوت سڃاڻ. پڪو گھڙو پاڻي چھندو پر گھڙي کي نقصان نھ رسائيندو، مگر ڪچي گھڙي پاڻي وجھھ تھ پاڻي ان کي ڳاري ڇڏيندو. ڇو؟ پڪو گھڙو باھھ مان لنگھيو آھي، مگر اھو آزمودو ڪچي گھڙي کي نھ مليو آھي. جيڪو انسان دنيا جي باھھ مان نھ لنگھيو آھي سو، ڪچي گھڙي جيان آھي!“ حميد اکين مان پاڻي اگھندي چيو، ”پر ھڪ سير واري ٿانو ۾ چار سير کير جا ڪيئن ماپيندا؟“ ”ڏکن کي سانڍڻ لاءِ جسم جي درڪار نھ آھي؛ ھتي دل جي درڪار آھي ۽ دل جي ايراضي ڪنھن ڄاتي آھي؟ انسان جي دل اٿاھھ آھي.“ بخشڻ وراڻيو ۽ سندس دلداريءَ حميد جي ڪمزور دل ۾ اِھا طاقت پيدا ڪئي، جو ھو غم جو بوجو صبر سان سھڻ لڳو.

بخشڻ ۽ مرحوم مڱڻھار جي وچ ۾ جو ناتو ھو، تنھن جو ھتي ذڪر ڪرڻ جڳائي، مٿي ٻڌايو ويو آھي تھ سن 1900ع ۾ ٿر ۾ ڏڪار پوڻ سبب پيرو ھڪ دوست سان گڏ پير مھدي شاھھ جي ڳوٺ ۾ اچي لڏي ويٺو. ان دوست جو نالو بخشڻ ھو، جو کٽيءَ جو ڪم ڪندو ھو. ڇاڇري ۾، جو ٿر جي چئن تعلقن مان ھڪ آھي، مڱڻھار ۽ بخشڻ پاڙيسري ھوندا ھئا، ٻنھي جي گھر وارين جو ھڪ ٻئي سان اچڻ وڃڻ جو رستو ھوندو ھو. پيروءَ کي ڪجھھ مال بھ ھوندو ھو. ھن کي ڪمائيءَ جا ٻھ وسيلا ھئا. ھڪڙو مڱڻھار جي پيشي مان، تھ ٻيو مال مان پيدا ٿيل مکڻ ۽ کير جي وڪري منجھان.

سن 1900ع واري ڏڪار ٿر ۾ مال جو بيحد نقصان ڪيو. ٿر ۾ جتي آباديءَ جو گھڻو مدار برسات جي پاڻيءَ تي رھي ٿو، مينھن نھ پوڻ ڪري گھڻي ئي گھمرا ڏڪار منھن ڪڍيو آھي؛ پر سن 1900ع واري ڏڪار جھڙي بربادي ڪڏھن بھ نھ ٿي آھي. ان کان اڳ ٿر جا رھاڪو ورلي ڪو پوک ڪندا ھئا، ھنن جي حياتيءَ جو مدار ھوندو ھو مال تي. ھو برسات لاءِ واجھائيندا آھن؛ ڇو تھ مال لاءِ چارو مليو، تھ ھو ڳوٺاڻو ڏاڍا خوش؛ پر 1900ع واري ڏڪار بعد، جنھن ۾ ڳئون ۽ ڍڳا جام مئا، ماڻھو آباديءَ کي لڳا ۽ زمين جي پوک ئي سندن گذران جو مکيھ طريقو ٿي.

پيروءَ جو مال بھ، سواءِ ھڪ ڍڳي جي، مري چڪو ھو. پھرين ڪجھھ مال بک جي وگھي مئو، پوءِ تھ وري مال ۾ اچي بيماري پيئي شام جو وقت ھو. پيروءَ جي گھر واريءَ حياتان، جنھن کي ڏھون مھينو شروع ٿيو ھو، ڀتار کي صلاح ڏني تھ ھتان نڪري ھلجي. پيرو پئي ٻڏو تريو، خاص ڪري جڏھن سندس زال جي ويم جا ڏينھن ويجھا ھئا؛ مگر حياتان ھوڏ ٻڌي بيٺي. چؤطرف ماڻھن ۽ جانورن جا مردا ڏسي ھوءَ سھي نٿي سگھي. پيروءَ پنھنجي پاڙيسريءَ بخشڻ سان ڳالھھ ڪڍي، جنھن پڻ ساڻس گڏ ھلڻ جي مرضي ڏيکاري. ٻھ تھ ٻارنھن. ڍڳي کي گاڏيءَ ۾ ٻڌي پيروءَ حميد جي ماءُ ۽ سچل کي کڻي گاڏيءَ ۾ ويھاريو. بخشڻ جي پٽ دادن، کي ڄائي ڇھھ مھينا کن ٿيا ھئا. سامان کڻي بيل گاڏيءَ ۾ رکيائون. غريبن جا ٽپڙ ڪھڙا ٿا ٿين؟ ميان جي مڏي، ٻھ ڏندڻ ٽين تڏي.

سھايون راتيون ھئڻ سبب چنڊ بھ تارن سان گڏ آسمان ۾ ھو. ٻھ ٿري ڪرڙوڍ پنھنجن زالن ۽ ٻچن جي جانين بچائڻ لاءِ وطن جا وڻ ڇڏي نوابشاھھ ضلعي طرف لڙيا. ھو اڪيلا ڪين ھئا. رستي ۾ سندن جھڙا ستايل گھڻي ئي گڏين. غم ۽ خوشي تھ انسان جو ورثو آھي. گاڏيءَ ۾ ويٺلن مايوس مھانڊن ۾ مڱڻھار پنھنجي شرنائيءَ ۾ راڳ سان سرھائي پئي پيدا ڪئي. رکي رکي جڏھن مارئيءَ جا حبِ وطن وارا بيت، جن ۾ ھوءَ ٿريلي ساڻيھھ جي سڪ جا سوز ڀريا داستان بيان ڪري ٿي، ڳايائين ٿي، تڏھن تھ سڀني جي دلين ۾ گھاءُ ٿي پيدا ڪيدائين ۽ کين تازو ڇڏيل ٿر جي يادگيري ڏياريائين ٿي. رات جو ھڪ ٿيو ھو. چنڊ بھ چڱو ئي مٿي چڙھي آيو ھو. حياتان کي ٿورا ٿورا سور اڀريا. انھي ئي خوف کان تھ متان رستي ۾ ويم ٿي پوي. پيروءَ ڇاڇري ڇڏڻ تي دل نھ ٿي ٻڌي. ھو الله تي آسرو رکي ويٺو. ائين ئي پئي چيائين تھ ”ھاڻي جيڪا تو وڻي، مون تھ مٺايون ڪيون.“ تڪليف وڌندي رھي؛ سچل بھ مونجھاري ۾ پئجي ويئي. ھر ھر پئي حياتان کان پڇيائين. مگر صرف پڇڻ مان ڇا ٿي وريو! حياتان کي تھ ڇوٽڪاري جي گھرج ھئي. رستي ۾ دائي ڪٿان اچي!

حياتان ڏاڍي پيڙا ڏٺي. آخر پرھھ ڦٽي، تھ ٻار ڄائو. سچل رڙ ڪئي، ”گاڏيءَ کي جھليو.“ پيروءَ کي فرزند ڄائو. حياتان پٽ واري ٿي؛ ٻار ڏسي خوشي تھ ٿين؛ پر حياتان جي حالت خطري کان آجي ڪانھ ھئي. اڀ اکئين پئي ڏٺو. ضعيف تھ اڳيئي ڏاڍي ٿي ويئي ھئي، پر رات واريءَ تڪليف کيس آڻي پوين پساھن تي پھچايو. مڱڻھار کان پٽ وسري ويو؛ ھن کي اچي حياتان جي لڳي. پيرو ۽ حياتان فرزند لاءِ سڪيا ٿي. مالڪ پيروءَ کي پٽ ڏنو، پر اھو ڏيئي، حياتان کسي ورتائينس. حياتان پنھنجي حياتي ڏيئي پٽ ورتو، ھن پڇاڙيءَ ۾ ڳالھايو ڪونھ؛ منجھس ڪڇڻ جي سگھھ ڪانھ ھئي. ليڪن آخرين گھڙيون ھن ڄاول ٻار ڏانھن نھاري وري سچل طرف ڏٺو. ڄڻ تھ خاموش نگاھن سان سچل کي منٿ ٿي ڪيائين تھ ”ھيءُ ٻار تنھنجي آڌار ٿي ڇڏيان، جيئن دادن کي نپائين، تيئن ھن کي بھ پالجانءِ.“ سچيءَ سچل سانت ۾ ھن کي دلاسو ڏنو. سائين سڀ ساري، ڪونھ وساري.

حياتان جي بي جان جسم کي ڏسي، پيرو اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو. ماڻھو دل جو ڪھڙو بھ کڻي مضبوط ھجي، مگر ھھڙا واقعا ھن جي ڇاتي ڇنيو ٿا ڇڏين. جنھن جي خاطر ٿر جا پکا ڇڏيائين، سا تھ راھھ رباني وٺي رمندي رھي. پيروءَ جي حياتيءَ جو مکيھ ٿنڀو ڪري پيو.

سچل، حياتان جي موت بعد سندس اولاد سان بيشڪ سچي رھي؛ ھن انسانيت جو فرض پاليو. حميد پھريون خواھھ پويون دفعو سچل جي ئي ٿڃ ورتي. دادن ۽ حميد ٻيئي گڏ پليا؛ ھڪ ئي ڇاتيءَ مان کير پيتائون. سچل پاڻ کي ٻن ٻارن جي ماءُ سمجھڻ لڳي، پنھنجي ۽ پرائي جو تفاوت بخشڻ ۽ سچل وٽ نھ رھيو. پيروءَ کي اکيون ھيون، سمجھھ ھئي؛ ھو سڀڪجھھ ڏسي ۽ سمجھي سگھيو ٿي. سچل جي دلي صداقت پيروءَ تي گھاٽو اثر ڪيو، ھن پروڙيو تھ جيڪي ھوند ماءُ پنھنجي اولاد لاءِ ڪري، سو سچل سندس حميد لاءِ ٿي ڪيو. بخشڻ ۽ پيروءَ جي وچ ۾ دوستاڻو ناتو پختو ٿي ويو؛ ھو پاڻ کي ھڪ ئي ڪٽنب جا ڀاتي سمجھندا ھئا. سچل ھڪ سوني زنجير ثابت ٿي، جنھن ٻن دوستن جي دلين کي مضبوطيءَ سان ڳنڍي ڇڏيو، غريب گھرن جي عورتن ۾ بھ اعليٰ گڻ لڪل ٿين ٿا، جي موقعي ملڻ سان ظاھر ٿيو پون.

حميد جڏھن وڏو ٿيو ۽ سمجھھ ۾ آيو. تڏھن پڻس کيس سموري گذريل قصي کان واقف ڪيو ۽ ھن جي دل تي اھو اثر پيدا ڪيائين تھ، ھو سچل جو قرضي ھو. ڪنھن جو ڪڻو ٿو کائجي تھ، اھو بھ نڙيءَ ۾ اٽڪي ٿو پوي، ھتي حياتيءَ جا ٿورا ھئا! اھڙيون مھربانيون ڪير وساريندو!!

(6)

حميد لاءِ ھڪڙي ھئي غريبي، ٻي اڪيلائي، ڏينھن ۽ رات جو ڳچ حصو ھن لاءِ فڪر ۽ بي آراميءَ ۾ گذرندو ھو. جيئن وھندڙ پاڻيءَ ۾ ماڻھو پنھنجي شڪل چٽي ريت نھ ڏسي سگھندو آھي. تيئن حميد خيالن جي ڀٽڪڻ ڪري پنھنجيءَ دل جي سچيءَ حالت کان واقف ٿي نٿي سگھيو. پاڻ کان پڇڻ لڳو تھ ھاڻي ڇا ڪريان، انسان کي ڇا نٿو گھرجي! بخشڻ ۽ سچل وٽ رھڻ ۽ کائڻ ھن کي گھٽتائي ٿي لڳي.

دک روپ دنيا ۾ جتي ڪشمڪش لڳي پيئي آھي، ھن کي روزي ھٿ ڪرڻي آھي. ڪنھن ڏينھن شام جي وقت ڳوٺ جي ٻاھران حميد اڪيلي سر ننڍڙو پيچرو وٺي پئي ويو. واٽ تي ھڪ وڻ ھيٺان ڪو درويش ويٺل ڏٺائين. حميد جو درويش طرف ڌيان نھ ويو؛ مگر ان وڻ جي ٿڙ تي ھڪ تختي ٽنگيل ڏٺائين، جنھن سندس خيال ڇڪيو، تختيءَ تي ھيٺيون مضمون لکيل ھو:

مان بک ۾ پاھھ پئي ٿيس، تو منھنجي بک دور ڪئي.

مان اڃايل ھوس، تو منھنجي پياس مٽائي.

مان ننگو ھوس، تو مون کي ڍڪيو.

مان بنا اجھي ھوس، تو مون کي اجھو ڏنو.

حميد بنا چوڻ جي اتي بيٺو رھيو. سندس اکيون ان تختيءَ ۾ کتل ھيون. رکي رکي زمين تي ويٺل درويش طرف پئي ڏٺائين. درويش جي نظر نوجوان ۾ ھئي، سو حميد جي ملول چھري ۾ سرھائي ايندي ڏسي، ھن چيس، ”ابا، بيھي رھيو آھين؟“ ويھين ڇو نھ ٿو؟“

”منھنجو ڪم بيٺي ئي ٿي ويو،“ حميد وراڻيءَ ۾ چيو.

”بيھي ٿڪو ھوندين.“

”منھنجن سوالن جو جواب ھيءَ تختي ڏئي ٿي.“

”ھن تختي گھڻن ئي واٽھڙن کي سندن سوالن جا جواب ڏنا آھن. منجھيلن کي اھا سنئين راھھ ٿي ٻڌائي.“

”تختيءَ تي اھي اکر ڪنھن لکيا آھن؟“

درويش جواب ڏنو، ”مون؛ ۽ حميد کي وري بھ ويھڻ لاءِ چيائين.

حميد ھيٺ زمين تي پيل تڏي تي ٿي ويٺو ۽ درويش کان پڇيائين، ”ھتي لکيل آھي تھ ’مان ننگو ھوس، تو مون کي ڍڪيو.‘ پر تون اڃا بھ ننگو آھين؟“

”ٻچا، جسم ننگو ٿيو تھ ڇا آھي! مان بنا شرم ھوس؛ ڌڻيءَ مون کي شرم ڏيئي، منھنجو ڍڪ پردو رکيو؛ ھن دنيا ۾ منھنجي لڄ رکي؛ ھن منھنجا عيب اگھاڙا نھ ڪيا. مالڪ کان تھ اھائي دعا پنجي تھ:

اوگڻ عيب مٺايون، منھنجا ڍولا ڍڪ سڀيئي!

آءٌ آيس تو در پيھي...

ڌڻيءَ تعاليٰ منھنجي اڃ ۽ بک مٽائي. اھا بک جا دنيا جا دک وساريو ڇڏي ۽ اھا اڃ جا دنيا جي رڃ کان بچڻ لاءِ ماڻھوءَ کي راھھ ڏيکاري ٿي.“

”تختيءَ تي لکيل آھي ’مان بنا اجي ھوس، تو مون کي اجھو ڏنو‘، تنھنجو اجھو ڪٿي آھي؟“

”الله سائين منھنجو اجھو آھي. جن کي سندس اجھو آھي، سي دنيوي اجھن کي ڇا ڪندا!“

”ھرڪو انسان نموني جا خيال ڪٿي ٿو ڪري سگھي؟“

”ڪرڻ کپنس... دنيا جي مصيبتن مان تھ ائين ئي ڇوٽڪارو ملندو، ھتان ڪيئن ماڻھو روز لنگھندا ھوندا. مگر تو جيان ڪو ورلو سمجھيم جنھن تختي پڙھي، سوال جواب ڪيو ھجي.“

”سڀ مون جيان بيقرار ٿورو ئي ھوندا... مان آرام جي تلاش ۾ نڪتو آھيان.“

”آرام تھ ڌڻيءَ انسان لاءِ خلقيو ئي ڪين آھي. ھن ماڻھوءَ لاءِ خلقي بيقراري. بيچيني ئي ماڻھوءَ کي ڌڻي ياد ڏياري ٿي، ۽ ڌڻي چاھي ٿو تھ اسين کيس ياد ڪريون.“

مٿئينءَ گفتگو حميد جي دل کي ڏڍ ڏيئي ڇڏيو. ھو اٿي کڙو ٿيو، تھ درويش پڇيس.

”ڪاڏي تياري آھي؟“ ”اڳتي يا پوئتي؟“

”ھاڻي اڳتي وڃي ڇا ڪبو؟“

”توکي تڏھن آرام ملي ويو؟“

”مون کي بي آراميءَ مان آرام مليو، ڪي سک بھ ڏکن جھڙا، تھ ڪي ڏک بھ سکن جھڙا.“

ائين چئي، حميد پٺتي وريو، واٽ تي موٽندي، ھڪ ٻيو مرد پخالي ڏٺائين، جو پاڻ مرادو چوندي پئي ويو.

تون جي رحم وارو آھين.

تھ تو جھڙو بيرحم بھ ڪٿان ڪونھ لڀندو.

اپائين بھ پاڻ، ناس بھ پاڻ ڪرين؛

اھڙو اپائڻھار ڪونھ ٿيندو.

حميد جو پخاليءَ جي پٺيان ھو، تنھن چيو، ”تو تھ منھنجي آرام ۾ بي آرامي پيدا ڪري ڇڏي!“

پخاليءَ پٺيان نھاريو. ھڪ جوان کي ڏسي، بيھي رھيو. حميد جڏھن ويجھو ويس، تڏھن پاڻ بھ ساڻس گڏ ھلڻ لڳو ۽ پڇيائينس، ”تو ڇا چيو؟“

”جيئن آيس تيئن ئي شايد موٽندس.“

”مطلب؟“

”انسان کي ڪنھن وٽان قرار ملي ڪنھن وٽان بيقراري.“

”مون وٽان تھ بيقراري مليئھ نھ؟“

”ھا.“

”جيڪو ھوندم سو ئي تھ ڏيندس.“

”ڪن وٽ چين، ڪن وٽ بيچيني! اھا اڻ وڻندڙ ورڇ ڪئي ڪنھن؟“

”جنھن غم ۽ خوشي خلقيا، تنھن ئي وراھيا، غريبن کي تھ ڏنائين غم.“

حميد جي منھن مان سرھائي پر ڪري اڏامڻ لڳي، ھن جھيڻي آواز سان چيو، ”جڏھن سمجھيم تھ پروڙ پيئي اٿم، تڏھن تنھنجن لفظن معلوم ڪرايم تھ سڄي پروڙ اڃا پري آھي. دنيا ڇا آھي ۽ ڌڻي ڇا آھي؟ درد ڇا آھي ۽ درد جي دوا ڇا آھي؟ کلڻ ڇا آھي؟ رئڻ ڇا آھي؟ ڏک ۾ انسان اھي سوال پڇي ٿو.“

”انھن جو جواب بھ تھ ڏک مان ئي ملي ٿو،“ پخاليءَ چيو.

”مون لاءِ اھي سوال اڃا تھ سوال ئي آھن.“

”گھڻن کي سڄي ڄمار انھن جو جواب نٿو ملي.“

”مون کي تھ سمجھھ ۾ ئي ڪجھھ نٿو اچي... زندگيءَ جو سفر پورو ڪرڻو پيو آھي.“

”تنھنجيءَ آخري منزل ۾ منھنجي شروعات آھي... شاھي سفر آھي. ايندڙ اونداھو نظر اچي ٿو. اڪيلي سر، بنا ساٿيءَ ۽ بنا سونھين پيچدار پيچري تان ھلندو اٿم.“

اتي پخالي اچي پنھنجي گھر وٽ پھتو، ۽ حميد کان موڪلائيندي، کيس چيائين، ”سائين تنھنجو ھمراھھ ٿيندو.“

خدا حافظ! حميد وراڻيو.

حميد پخاليءَ کان موڪلائي گھر طرف ھليو تھ سھين، پر دل پئي چاھيس تھ پخاليءَ سان اڃا بھ جيڪر ڪجھھ وقت گفتگو ڪريان ھا. جھڙو منجھيل گھران نڪتو ھو، اھڙو ئي واپس ٿي وريو؛ پر غور ڪرڻ لاءِ مصالحو جام مليو ھوس. پخاليءَ جي ملاقات درويش وارن اکرن جي يادگيري حميد جي دل تان ھروڀرو ميساري ڪانھ ڇڏي.

(7)

حميد نوڪريءَ ڪرڻ جو خيال ڪيو؛ پر بندوبست ڪير ڪريس؟ چئھ چاءُ بنا تھ ڪم ٿيڻ جو نھ آھي. بخشڻ بھ ھڪ رواجي کٽي ھو؛ تنھن کي ڪير ٿو پڇي! بخشڻ حميد کي گھڻي ئي گھمرا چيو تھ دادن جيان ڪري ڌوٻيءَ جو ڪم شروع ڪر. ليڪن ان ڪم ۾ ھن جي دل نٿي لڳي. ڪجھھ تعليم پرايل ھئس ۽ چاھيائين ٿي تھ ڪا نوڪري ملي.

چيٽ جو مھينو ھو. ھالاڻيءَ ۾ ھميشه جيان ويساکيءَ جو ميلو پئي لڳو. حميد ۽ دادن ٻيئي گھمڻ جي خيال سان اتي ويا. حميد لاءِ اھو ٻيو دفعو ھو. پھريون ڀيرو ڪجھھ ورھيھ اڳ مرحوم مڱڻھار سان آيو ھو. اھوئي بازاريون ۽ تماشا، اھي ئي راڳ جون مجلسون ڏٺائين؛ فقط پيرو ڪونھ ھو. شام جو مڱڻھارن جي مجلس ھئي. دادن حميد کي اتي ھلڻ لاءِ چيو. دادن جو بي حد شوق ڏسي، حميد ناڪار ڪانھ ڪئي، جيتوڻيڪ سندس دل مجلس ۾ وڃڻ اصل نٿي چاھيو. جيئن سمجھائين ٿي، تيئن ئي ٿيو. پڻس جي تصوير حميد جي اکين اڳيان ڦرڻ لڳي، خاص ڪري جڏھن مجلس ھلندي ڪن مڱڻھارن جي واتان پيءُ جي ساراھھ ٿي ٻڌائين.

مجلس ۾ اندر حميد کي جمال نالي ھڪ واقفڪار گڏيو، ھو ساڻس گڏ ڪنڊياري ۾ پڙھندو ھو. جھونا ھم ڪلاسي پاڻ ۾ مليا ۽ ھڪ ٻئي کان حال احوال ورتائون. ڳالھين ڪندي جمال حميد کان پڇيو، ”حميد، تون ھاڻي ڇا ويٺو ڪرين؟“ پڙھڻ تھ ڇڏيئھ نھ؟“

”ھا، پڙھڻو ڇڏڻو ئي پيو؛ ابو گذاري ويو. ھينئر نوڪريءَ جي تلاش ۾ آھيان.“

”ڍڪ منشي ٿيندين؟“

”جاءِ خالي آھي ڇا؟“

”ٽي جايون خالي ھيون. انھن مان ھڪ تھ مون کي ملي آھي، تنھن کي ھفتو کن ٿيو. ڪوشش ڪر.“

”ڪنھن کي چوان؟ غريب جي ڪير ٻڌندو؟“

”مان وري ڪنھن کي سڃاڻندو ھوس ڇا؟ ڪنڊياري ۾ صادق علي نالي ھڪ زميندار اٿيئي؛ لوڪل بورڊ جو ميمبر آھي. ھلندي اٿس. ماڻھو ڏاڍو سٺو آھي، مون کي سفارش نامو لکي ڏنائين.“

”صادق علي!“ حميد پڇيو ۽ وري چيائين، ”انھيءَ وٽ ھڪ دفعو ابي سان مان ويو ھوس. تعليم ڏيڻ ۾ بھ ھن مون کي مدد ڪئي ھئي.

”تھ بنا حجاب ھليو وڃ. صبح جو ئي پنڌ پئھ؛ متان پوءِ دير نھ ٿي وڃي.“

دوست جي صلاح مڃي، ٻئي ڏينھن سوير حميد، دادن کي ساڻ ڪري، ڪنڊياري روانو ٿيو.

(8)

”سائين، منھنجي ڍڳي ڍڪ ۾ پيئي آھي،“ ھڪ نوجوان نينگريءَ ڍڪ منشيءَ کي چيو.

”ڏنڊ ڏيئي، ڇڏائي وڃ.“ وراڻي مليس.

”ھيءُ دفعو معافي ڏيو.“

”معافي ھڪ دفعو ڏبي آھي يا ھر ھر.“ ڍڪ منشيءَ بنا ڪاوڙجڻ جي، ٿڌي سيني، جواب ڏنس.

”مھرباني ڪريو!“

”مھرباني گھڻي ڪئي اٿم. وڌيڪ نھ چئھ. ڏنڊ ڏيڻ بنا ڪجھھ نھ ٿيندو.“

ڍڪ منشي، پيروءَ جو پٽ، حميد ھو. ھن کي صادق عليءَ جي سفارش سان گھانگھرن جي (15) ڳوٺ ۾ ڍڪي منشي ڪري رکيو ويو ھو. ڍڪ جي بلڪل لڳو لڳ ھڪ بلڪل ننڍڙو ڪمرو جڙيل ھو، جنھن کي ھڪ پاسي کان ورانڊو بھ ھو. حميد ڏينھن جو ورانڊي ۾ کٽ وجھي، اتي ٿي ويھندو ھو ۽ رات جو ميدان ۾ سمھندو ھو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org