سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب:خوش خصلت خاتون

صفحو :8

ڪنهن کي به گهٽ نه ڄاڻجي؛ ڇو ته سڀ  ۾ پاڻ ٿو پرور وسي، ۽ هن جو فعل حڪمت کان خالي نه آهي، هن جي هر ڳالهه ۾ راز الاهي سمايل آهي.

جميل احمد، سنڌي اسڪول جو هڪ غريب پٽيوالو هو؛ ليڪن هن ۾ صلاحيت هئي، ۽ هو محسوس ڪندو هو ته علم نه هئڻ ڪري هو ڪيترين نعمتن کان محروم هو، ۽ هو هڪ اهڙي زندگي گذاري رهيو هو، جنهن ۾ هن روحاني ۽ ذهني تڪليف ۽ عذاب ٿيندو هو: ڇو ته غريب پٽيوالن يا نوڪرن سان جيڪا عام طور بيجا روش ورتي وڃي ٿي، سا قابل افسوس آهي. ليڪن هو غريبن مفلسي ۽ مجبوريءَ سبب سڀڪجهه برداشت ڪن ٿا. هنن جي دل ۾ درد ۽  غم جا انبار آهن، ۽ هنن جي زبان تي خاموشيءَ جون مهرون آهن.

جميل احمد، اهڙيءَ ذلت جي زندگيءَ کان نجات حاصل ڪرڻ جو فولادي ارادو ڪري چڪو هو. هن پهريائين پهريائين پنهنجي اسڪول جي ماستر کان موڪل وٺي، شيون وغيره اسڪول ۾ وڪڻڻ شروع ڪيون؛ ۽ رات جو پڙهڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو. اهڙي طرح نيٺ هن سنڌيءَ جا ست درجا پڙهي، فائينل جو امتحان پاس ڪيو. وري اڳتي هلي، ڪاليج پاس ڪيائين. قدرت الاهي، هو ان ساڳئي اسڪول جو هيڊ ماستر ٿيو، ۽ اسڪول جو سارو عملو سندس زير نظر هوندو هو. ڇا پٽيوالو، ۽ ڇا هيڊ ماستري!ٰ محض علم جي ئي ذريعي، جميل احمد ايڏو درجو حاصل ڪيو. برابر علم بادشاهه آهي:

”قلم گويد ڪ من شاهه جهانم،

قلم ڪش را بدولت جي رسانم.“

جميل احمد کي علم ۽ ان جي قيمت جي خبر هئي، تنهنڪري هن پنهنجي اولاد کي اوچي تعليم ڏني، ۽ انهن کي وڏا وڏا امتحان پاس ڪرايا، جي پنهنجي زماني جا، اڳتي هلي، نهايت نالي وارا ۽ مشهور ماڻهو بنيا. اهو آهي ”علم“، جنهن هڪ معمولي پٽيوالي کي ايڏي رتبي تي رسايو؛ غريب کي شاهوڪار بنايو، ۽ جاهل مان عالم ڪيو.

”بخشي آ وڏي طاقت تعليم کي موليٰ هيءَ،

بدڪار ۽ بڇڙن ۽ وحشين کي سڌاري ٿي.“

ڪائنات جي ذري پرزي جي اهميت جي خبر، تعليم جي معرفت پوي ٿي. دنيا جي هر دولت فنا ٿي سگهي ٿي، ليڪن تعليم هڪ اهو سرمايو آهي، جنهن کي دنيا جي ڪا به طاقت فنا نٿي ڪري سگهي. هيءَ هڪ لازوال دولت آهي، جا ڪڏهن زوال پذير نه آهي. غرض ته علم هڪ بي بها خزانو آهي. انسان ذات کي، انسان بنائڻ لاءِ، علم ضروري آهي؛ جنهن کان سواءِ، انسان، صحيح معنيٰ ۾ بنهي نه سگهندو. جاهل ۽ جانور ۾ تمام ٿورو فرق آهي. جو ماڻهو صحيح فطرت جو صاحب آهي، اهو پاڻ ۾ يڪدم علم نه هئڻ ڪري هڪ قسم جي ڪمي محسوس ڪندو، ڇو ته جو انسان علم کان محروم آهي، اهو ناقص انسان آهي، تنهنڪري، هو پاڻ ۾ هن ڪميءَ جي پوري ڪرڻ جي هڪدم ڪوشش ڪندو. تحقيق:

”ڪسي را ڪ شد در ازل بخت يار،

طلب ڪردن علم ڪرد اختيار،“

هڪ اکين ڏٺو واقعو آهي ته هڪ ماڻهو نهايت غريب هوندو هو. هن کي علم سان بيحد عشق هو، مگر بيوس هو. قهري فضا ۽ ظالم زمانو، هن جي خيالن کي عملي صورت بخشڻ لاءِ تيار نه هو. هو اميدون کائيندو هو ۽ حسرتون پيئندو هو. هو رستي جي بتين تي پڙهندو هو. جيڪي سمجهه ۾ نه ايندو هوس، ته نماڻو مـُنهن ڪري، لانگهائو پڙهيل آدمين کان پڇندو هو. ائين ڪندي ڪندي، هن مئٽرڪ پاس ڪئي. مگر هن کي آرام نه آيو. هن جي اوچن خيالن جي عمارت فلڪ سان ڳالهيون ڪندي هئي، تنهنڪري هن نوڪري ۽ پڙهڻ گڏ شروع ڪري ڏنا. هن پنهنجي زندگيءَ جي باغ کي سرسبز ۽ شاداب ڪرڻ پئي چاهيو. انسان کي الله پاڪ ايتري طاقت ڏني آهي، جو هو جيڪڏهن ڪنهن به ڪم ۾، دل جي حضور سان هٿ وجهندو ۽ ڪندو رهندو، ته هڪ ڏينهن يقيناَ َ فتح هن جا پير چمندي.

ائين پڙهندي، ۽ ساڻ ساڻ نوڪري ڪندي، هو پنهنجي نيڪ مقصد طرف گامزن رهيو؛ ۽ هن قدم پٺتي نه هٽايو. قدرت هن جي عزم ۽ استقلال جي آڏو اچي نه سگهي، هن کي ولايت وڃڻ جو موقعو موجود ڪري ڏنو: غرض ته هو پنهنجي جوش همت کان ڪم وٺندو آيو، ۽ هڪ ڏينهن پنهنجي وقت جو حاڪم بنيو. بيشڪ:

 

”علم اوندهه جي شمع آهي ۽ رڻ جو رفيق آهي،

دنيا ۽ دين حق جِي پسائي ٿو راهه علم“.

 

برابر ”زر قاضي الحاجات“، ”هر مشڪل جو حل آهي“. هڪ زردار ڪيترو به اخلاقاَ َ يا فطرتاَ َ ڪِريل ۽ ڪمزور آهي، ته به هو زر جي زور تي سرڪار ۾ چندا پياري، پارٽيون ڪري، ماڻهن جي نفس جي ڪتي کي ڀونڪڻ کان بند رکي سگهي ٿو: اڌ يا مـُنو لک خرچ ڪري اسيمبلي ميمبر ٿي سگهي ٿو: مگر، هڪ مفلس انهن مخفي خاصيتن سان سينگاريل آهي، جو هو بغاوت جو نعرو بلند ڪري، پنهنجي غربت سان جهاد ڪري، پنهنجي زندگيءَ کي اعليٰ ارادن موافق هلائڻ جو انجام ڪري، هڪ ڏينهن پاڻ کي ”ڪامل انسان“ ڪري ٿو سگهي.

زر سان حاصل ڪيل عزت ۽ مرتبو هڪ طرف رکو، ۽ پنهنجي لياقت، محنت ۽ نيڪيءَ سان هٿ ڪيل مان ۽ شان ۽ سرفرازي ٻئي طرف رکي: ٻنهي مان ڪهڙي چيز زياده عظيم آهي!

”ڪـُل عزتن جو اصل ۽ مڙني خوشين جو مول،

ڪـُل حادثن جي حملي کان آهي پناهه علم،“

_حافظ

دنيا جون قومون، جن ۾ علم آهي، سي اڳتي آهن، ۽ جن ۾ جهالت آهي، سي پٺتي آهن ۽ دنيا جي ڪيترين نعمتن کان محروم آهن. علم انسان کي مالامال ٿو بنائي، ان کي وڏي درجي ۽ مرتبي تي پهچائي ٿو، مفلسي ۽ ناداريءَ کان نجات بخشي ٿو، زمين کان آسمان تي رسائي ٿو. علم اها شيءِ آهي، جنهن لاءِ حضرت رسول اڪرم(صلعم) جن فرمايو آهي ته ’علم حاصل ڪرڻ لاءِ چين ولايت وڃڻو پئيوَ، ته اوڏانهن پڻ وڃو‘، يعني ڪنهن به صورت ۾ علم ضرور حاصل ڪريو. علم هڪ زيور آهي، جنهن سان هر هڪ انسان آراسته ۽ پيراسته هجڻ گهرجي. علم انسان جي سونهن آهي، جنهن کان سواءِ هو نازيبا ۽ اڻوڻندڙ آهي. انسان پنهنجي گفتار، پوشاڪ، نشست برخاست ۾ سنجيدو ۽ سهڻو، محض علم جي ذريعي ٿئي ٿو. پڙهيل ماڻهو هر معاملي ۾ نهايت سنجيدگيءَ ۽ خوش اسلوبيءَ سان هلي ٿو: هو نشيب و فراز کي چڱيءَ طرح سمجهي ٿو. هن جي سمجهه ۽ هن جو عقل ايترو بلند ٿئي ٿو، جو هو هر ان فعل کان پرهيز ڪري ٿو، جا هن جي لاءِ شرمندگيءَ جو باعث ٿئي. هو هميشه ان ڳالهه جي ڪوشش ڪندو، جا ان جي عزت ۽ آبروءَ کي وڌائيندي. هو علم جي روشنيءَ ۾، هر صحيح ۽ غلط شيءِ کي چڱيءَ طرح سمجهي سگهي ٿو. علم جي اڳيان قارون جو خزانو هيچ آهي. جنهن وٽ علم آهي، اهو حقيقي طور شاهوڪار آهي، ۽ حقيقي عزت ۽ مرتبي جو صاحب آهي. علم انسان جي، دين ۽ دنيا لاءِ شمع راهه ٿي، رهبري ڪري ٿو. علم اها ڪشتي آهي، جا انسان کي هن دنيا جي پرشور لهرن مان، سلامتيءَ سان پار پهچائي ٿي، ۽ سواءِ ان جي سهاري جي، ڪو به ساحل تي پهچي نٿو سگهي.

مرتبو اها شيءِ آهي، جا انسان پنهنجي لياقتن ذريعي حاصل ڪري ٿو. جو انسان، پئسن جي ذريعي ڪو به درجو حاصل ڪري ٿو، تنهن کي رتبو نه چئجي. البت في الحال هو به ڪجهه درجو حاصل ڪري ٿو، پر اهو درجو يا عزت ان انسان جي نه آهي_ اها عزت پئسن جي آهي، ۽ جيڪا عزت ملي ٿي، سا انهن پئسن کي ئي ملي ٿي! اهو مرتبو بيڪار، ۽ بي جٽا آهي، ڇو ته ذاتي نه آهي. جيڪڏهن زماني جي گردش ۾، ان جو اهو خزانو لٽي وڃي، ته گويا ائين سمجهجي ته ان جي عزت به پوري ٿي ويئي. تنهنڪري، مرتبو ان کي چئجي، جو انسان جي لياقتن ۽ خاصيتن تي مبني هجي؛ جو ان کي ڪو به ان ماڻهوءَ کان الڳ ڪري نه سگهي. علم بذات خود مرتبو آهي، عزت آهي، خزانو آهي، هڪ روشني آهي؛ علم اونداهه لاءِ اجالو، راهه زندگيءَ لاءِ رهبر، انسانيت جو زيور، سونهن ۽ سوڀيا آهي_ ڪو به ڊاڪو يا چور، ڪنهن کان علم کسي نٿو سگهي. ڳالهه ڪندا آهن ”شيخ شبلي (رح) هڪ دفعي ڪنهن قافلي سان وڃي رهيو هو. رستي تي ڪن ڦورن ان قافلي کي لٽيو، ۽ قافلي وارن وٽ جو ڪجهه به هو، ڦري کڻي ويا، جنهن تي سڀ قافلي وارا روئڻ ۽ پٽڻ لڳا؛ مگر شيخ شبلي صاحب پئي کليو. پڇا ڪرڻ تي چيائين ته ”هنن ويچارن وٽ جو ڪجهه به هو سو ڦرائي ويٺا آهن، جنهنڪري روئن ٿا؛ ليڪن منهنجو خزانو (علم ۽ روحانيت) مون وٽ سلامت آهي، تنهنڪري آءٌ کلان ٿو!“.

تنهنڪري مفلسي ۽ مصيبت تڏهن آهي، جڏهن انسان بي علم آهي. جنهن وقت هو علم حاصل ڪندو، ان وقت ان جي تقدير ۾ تبديلي ايندي: هو نادار مان زردار، جاهل مان عالم، غلام مان حاڪم ٿيندو. ان ڪري، اسان کي گهرجي ته علم ڏانهن زياده توجهه ڏيون، جنهن ۾ اسان لاءِ هر مصيبت جو علاج آهي، جنهن ۾ هر مشڪل جو حل آهي، جو باعث نجات ۽ خوشحالي آهي. غرض ته تعليم هڪ اهو روشن چراغ آهي، جنهن جي اجالي ۾ ماڻهو پنهنجي منزل مقصود تي پهچي ٿو؛ هڪ اها ”عطاي موسيٰ“ آهي، جا انسان کي ”دين ۽ دنيا جي طـُور“ تي پهچائي ٿي.

هاڻي اسان کي ڏسڻو آهي ته پاڪستان جي اندر تعليم جي ڇا حالت آهي. جنهن جو فوري جواب اهو آهي ته ’بلڪل ابتر‘. اسين علم ۾ پٺتي پيل قومن منجهان هڪ قوم آهيون: مفلسي ۽ بيروزگاري ته اسان وٽ؛ واپار ۽ ٻين معاملات ۾ بي ايماني ۽ غداري ته اسان ته اسان وٽ؛ هر قسم جي ڪمي ۽ خرابي ته اسان وٽ؛ اسان جا ملڪي مسئلا سڀ اڌورا؛ اسان جو نظام ناقص؛ حڪومت عوام کان غافل؛ تفرقو اسان ۾؛ حسد ۽ بغض اسان ۾؛ خود غرضي ۽ خويش پروري اسان ۾؛ اسان جون سياسي ۽ معاشرتي حالتون ناگفته به! اهو سڀڪجهه بي علميءَ ۽ جهالت جو نتيجو آهي. علم کان رو گردانيءَ، اسان کي زندگيءَ جي هر پهلوءَ ۾ ناڪام بنايو آهي.

اسانجي قوم جو وڏو حصو جاهل آهي، جنهنڪري انهن ۾ نه سياسي بيداري، نه صحيح معنيٰ ۾ سياسي شعور آهن: پنهنجي ملڪ جي بيروني ۽ اندروني معاملات کان بيخبر، دنيا ۽ ان جي جدا جدا قومن جي موجوده حالتن کان ناواقف_ هو مصيبت ۽ ذلت ۾ ڳهن ٿا، رنج ۽ اندوهه ۾ مبتلا آهن، هو تڙپن ۽ ڦٿڪن ٿا، مصيبت جي گرداب ۾ قابو آهن؛ ليڪن راهه نجات کان بيخبر آهن. هر هڪ ليڊر خودغرضيءَ ۽ خويش پوريءَ ۾ مبتلا آهي؛ هر هڪ آفيسر رشوت ستانيءَ ۾ محو آهي. عوام، پنهنجي جهالت ۽ اڻ ڄاڻائيءَ ڪري، صحيح انتخاب ڪرڻ کان قاصر آهن: موجوده نازڪ حالت، غلط انتخاب ۽ غلط ليڊر شپ جو نتيجو آهي.

مگر، اسان کي ياد رکڻ گهرجي ته اسان ۾ هر هڪ جي فنا ۽ بقا، عزت ۽ ذلت، اسان جي قوم جي عزت يا ذلت ۽ فنا يا بقا سان وابسته آهي. انفراديت ۾ مبتلا ٿيڻ سان، پنهنجي ۽ پنهنجي قوم جي تباهي آڻينداسين. اسان مان هر هڪ جي خوشحالي ۽ بهبودي، قوم ۽ ملت جي خوشحاليءَ ۽ بهبوديءَ سان آهي: تنهنڪري، جيڪي اسان جي ليڊر برسر اقتدار آهن، سي پنهنجي ۽ پنهنجي قوم جي مفاد کي مدنظر رکي، عوام ۾ ”تعليم“ پيدا ڪن، ۽ پنهنجي قوم ۽ ملت جي عزت کي وڌائين؛ تان ته اسان جو ملڪ دنيا جي ملڪن ۾ ڪا مانائتي جڳهه والاري.

خدا ڪري، اسان جا ليڊر موجوده نازڪ حالتن جو صحيح اندازو لڳائي، عوام کي جهل جي اوندهه مان ڪڍي، علم جي روشنيءَ ۾ آڻين؛ ۽ همت، ايمانداريءَ، محنت ۽ قربانيءَ سان، پنهنجيءَ قوم کي، دنيا جي ترقي يافته قومن جي صف ۾ آڻي بيهارڻ لاءِ جدوجهد ڪن_ آمين!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org