سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :11

 

[11]

 

پراڻي ڳالهين کي ياد ڪري من ۾ جيترو رس محسوس ڪرڻ لڳو، جيون مهاشيه اوترو ئي پنهنجي سونهاريءَ تي تڪڙو تڪڙو هٿ ڦيرڻ لڳو. سفيد ڏاڙهي، تماڪ جي دونهين سان ڪجهه حصو ٽامي جو رنگ تي مائل ٿي ويو اٿس. جيئن ته پوري سنڀال نٿو ڪري، ان ڪري ڪجهه رکي ۽ سخت ٿي ويئي آهي. تڏهن به هٿ ڦيرڻ کان سواءِ رهيو نٿو ٿئي. ڏاڙهي سنواريندي کلندي، ان کل ۾ جوانيءَ جي ڏينهن جا پاڻ سان چرچا ڪندو آهي. رڳو پاڻ سان ئي ڇو، ٻين سڀني ماڻهن کي کلائيندو آهي.

خبر ناهي جوانيءَ ۾ اهڙو ڪهڙو جاود آهي، جيئن لاهيءَ طرف پاڻيءَ جو وهڪرو هوندو آهي، اهڙي ئي چال. جوانيءَ جو من به جڏهن ڪنهنجي طرف ڊوڙندو آهي، تڏهن ساڳيءَ رفتار سان ڊوڙندو آهي، ان وقت شاسترن جون ڳالهيون؛ چڱي بري جو خيال، سماج جي رڪاوٽ، هزارين ڳالهين جو ڪجهه به نٿو اثر ٿئي، من لغام مڃيندو ئي ڪونه. جيڪڏهن شاسترن جي اهڙين ڳالهين کي ريتيءَ جي ڀت چئون، ته من کي پاڻيءَ جو تيز وهندڙ چشمو (جهرڻو) چوڻ گهرجي. يا ته اها ڀت ڊهي ٿي يا پاڻي سڪي وڃي ٿو.

ان ڪري ئي اڄ جيون مهاشيه کلي رهيو آهي. تنهن ڏينهن جڏهن هو ڪشوري مريض کي ڏسي ڪري موٽي رهيو هو ته هن ايلاءِ ڀاڳيه وڌاتا جي شڪر ادائي ڪئي هئي ته هوءِ بلا سندس ڳچيءَ ۾ نه پيئي. منجري. جي اصلي روپ ڏسڻ کانپوءِ هن جي ويراڳ  ورتيءَ جي به ڪا حد نه هئي. پر جيئن ئي جڳت مهاشيه استريءَ سان پهرئين آکاڙ ۾ پٽ جي وهانءُ جي ڳالهه ڇيڙي، جوان جيون ان وقت سڀ وساري ويٺو هو. ۽ وساري ٿي ڇا ويٺ، ائين ڀاسيو هن هٿ وڌائي چنڊ کي لڳ ڀڳ ڇهي ورتو آهي. جيڪا ٿوري- دوُري رهجي ويئي آهي، اها آکاڙ ۾ ئي پوري ٿي ويندي.

جيون دت جي آسائتي ٽڙندڙ من روپي لوٽي مان آنند ڄڻڪ چوڌاري ڇڻڪي ويو هو. ڌرتيءَ جو جيترو به حصو هن جي اکين ۾ سمائجي سگهيو، سڀ ڄڻڪ آنند مئه بڻجي ويو هو. سڀ ڪجهه ماکيءَ جهڙو مٺيرو! مندائتو! مڌوُ وانا رتايتي!

هوڏانهن ڍٺين جي اچ وڃ جو سلسلو جاري هو. جڳت مهاشيه نوڪرشڻ سنگهه کي خط لکيو هو. ٻن چئن ڏينهن کان پوءِ هن جي ورندي آئي.

ٻئي خط ۾ نوڪرشڻ لکيو: ’لڄ ۽ دک وچان منهنجي منجري کٽ پڪڙي هئي. اوهان جي چٺي ايندي ئي هن جي چپن تي خوشيءَ جي ريکا نمودار ٿي آهي. هوءَ اٿي ويٺي آهي؟ پنهنجي ماءُ کي چيو اٿائين، آخر منهنجو شو پوڄا بيڪار نه ويئي.

جيون دت خوشيءَ ۾ پاڻ وساري ويٺو هو. منجري جي ٻهڪندڙ صورت گلن سان ڇانيل ٻوٽي جيئان سندس اکين اڳيان ٿر ڪي ويئي.

هن جهٽڪو ڏيئي ستاب، سريندر ۽ نيپال کي اها چٺي وڃي ڏيکاري هئي. اها چٺي چورائي ڪري ويو هو.

پنهنجي تر جو سريندر ۽ نوگرام جو ستاب ۽ نيپال هن جا دلي دوست هئا. سريندر ۽ نيپال تيسين شراب جو دور شروع ڪري ڇڏيو هو. ان وقت ان علائقي ۾ هڪ چوڻي مشهور ٿي ويئي هئي ته ’هتي جي مٽي به شراب پيئندي آهي. سچ پچ مٽي شراب پيتو ٿي. تيرهن چوڏهن ورهين جي ڄمار ۾ ئي شراب جي علت پئجي ويندي هئي. نانترڪن جو علائقو، سڀ جا سڀ تانترڪ؛ خاص ڪري براهمڻ. ديکشا وٺڻ (پوئلڳ ٿيڻ) بعد هيءَ علت ڌرم جو انگ بڻجي ويندي. مطلب ته کلئي عام پيئڻ جي موڪل ملي ويندي. شراب نه پيئندو هو صرف هڪڙو ستاب. براهمڻ نه هو به هو، شاڪت (نتنتروادي)، پر هو دور ڀڄندو هو. جيون ڀر هو پتل جي برتڻ ۾ ناريل جو پاڻي اوتي ڪري تانترڪ * ترپڻ ڪندو آيو هو.

سريندر ٺاڪرداس مصر جو نينگر. پتيداري جو ڪم سکيو آهي، چالاڪ آهي. هن چيو: ’ڏس اڄ کارائڻو پيئارڻو پوندءِ. شراب ۽ گوشت. روپيه ڪڍ.‘

نيپال پيءَ جو دلارو پٽ. سڀ رجسٽري آفيس جو ڪلارڪ. پيءَ جي ڪمائي ڪافي هئي. ماڻهن هڪ چٽڪو ٺاهي ڇڏيو هو:

’آهه ونود جي لنبي جيب،

ريزگاري ڀرڻ جي ٽيب‘

سچ پچ ونود مڪرجي گهر موٽندو ته ٻيئي کيسا ريزگاري سان ٽمٽار ڀريل هوندا هئس ۽ ٻنهي هٿن سان انهن کي سنڀالي ايندو. نيپال ماڻهو مزي جو هو، بڪ بڪ ڪندو، ها ها ڪري کلندو، پير پٽڪائي هلندو. سادي سڀاءُ ۽ کليءَ دل وارو آدمي. هڪ ڀيري هو راگهوپور نوٽو کائڻ وڃي رهيو هو. رستي ۾ اچانڪ ياد اچي ويس، ڳچيءَ ۾ جڻيئو ڪونهي. ڪٿي ڪري پيو آهي. رستي ۾ ڪاري باندري کان پڇيائين، ”چڱو ٻڌاءِ ته ڀُورا، ڇا ڪيو وڃي! جڻيئو تون ڏيئي سگهين ٿو؟“ ان بعد جيون مهاشيه وٽ پهچندو. مهاشيه جي دواخاني ۾ داخل ٿي ويندو. مودڪ (لڏون) جي بدلي مزي سان هريڙ کائي ويندو. سواد جو به کيس پتو ڪين پوندو ۽ انهيءَ مان نشو به چڙهي ويندس!

نيپال سريندر جي ڳالهه جو جواب ڏنو هو: ’ضرور کارائيندس، ضرور.‘

سوا ان ڏينهن کارائڻ پئيارڻ جو وارو نيپال جو ئي رهيو. ٽن روپين جي چماٽ لڳس پوريون، مانس، مٺائي، شراب. رات جو ٻين بجي تائين گاني بجاني جو دور هلندو رهيو. طبلي تي سنگت ڪئي هئي سريندر، نيپال ۽ جيون گيت ڳايو. ٻڌڻ وارو هو ستاب.

’چنڊيداس ۽ ودياپتي جي پداولي (ڏوهيڙا).‘ ٽيئي ڄڻا ملي ڪري ’پورب راڳ‘ جا سمورا پدڳائي ويا. ڪنڌ ڌوڻي ڌوڻي رڪي ستاب ’واه – واهه‘ جو داد ڏيئي رهيو هو.

چوڪ ٿي رهي آهي، ٻڍي جيون مهاشيه هينئر ايتري دير کانپوءِ ڊگهو ساهه کنيو. ان ڏينهن خود هنن چمپا ۽ موتئي جي گلن جي مالها پوتي هئي، چئني مترن اها مالها پاتي هئي.

نيپال ۽ سريندر ڏاڍو ضد ڪيو. هٿ جوڙيا، پيرين پيا ’ٿوري چڪي پي وٺ. ههڙي خوشخبري ملي آهي؛ اڄ ٿوري کڻي پي وٺ. ذرڙي – چڪڙي ڪري پيءُ! هيتري تر جيتري.‘

مگر جيون پنهنجو ڌرم ڪونه هاريو.

مهاشيه- ڪٽنمب ويشڻو سنتر جو اُپاسڪ هو. سو جيون شراب ڪونه پيتو. هن چيو هو: معاف ڪريو ڀائي، بابي کي ته توهان ڄاڻو ئي ٿا. وري منجري جي ڪٽمنب وارا به اسان وانگر ويشڻو آهي.‘

هيڏانهن گهر ۾ وراٽ جشن جي تياري هلي رهي هئي. جڳه ٻنڌو مهاشيه جي سڪيلڌي پٽ جي شادي. براهمڻ ڀوڄن، برادريءَ جو ڀوڄن، ڳوٺ وارن جي دعوت، ايتريقدر جو آسپاس جي مسلمانن جي کاڌي – پيتي جو پرٻنڌ. دعوت ۾ ڪائي ڪور- ڪسر نه رهجي وڃي ان جو پورو خيال ڪري رهيا هئا. دهل دمام، بئنڊ باجا، آتشبازي. ٻه ڏينهن ناٽڪ ڪرائن جي رٿ تي به ويچار ٿي رهيو هو. سريندر، ستاب ۽ نيپال کان وٺي ٺاڪرداس مصر جهڙا معتبر آدمي به ان ڳالهه تي اڙيل هئا ته ناٽڪ جي بنا ڪيئن سونهندو! سڀ ڦڪو لڳندو!

مهاشيه ته چيو هو، آکاڙ جو مهيندو. ’برسات اچي ويئي ته سڀ ڳڙ ڳڙڌاڻي ٿي ويندو. شامياني ۾ پاڻي ڪاهي ايندو. ان ۾ جيڪو خرچ ايندو، بهتر آهي ته ان رقم مان ڳوٺ جي ڪالي مندر جو ورانڊو پڪو ڪرائي ڇڏجي، فرش بڻايو وڃي ۽ ان جو سنسڪار ڪيو وڃي.‘

انتظار جون گهڙيون جيتريون مٺيون ٿينديون آهن، اوتريون ئي اتاولائي پيدا ڪندر. آترويلا ۾ ڏينهن مهيني جهڙو ڀاسي ٿو، مهينو ٿي وڃي ٿو سال. تڏهن به ڏينهن نبري ويا. آکاڙ جي يارهين تاريخ وهانءُ جو مهورت هو. ’آکاڙ جي پهرئين ڏينهن سان‘ آمد ٿي. آسپاس کان ڪڪر مڙيا. هيءُ بادل جڳ مشهور پشڪر ونش جا بادل ڪونه هئا. هيءُ بجلي اندر ۾ لڪائي رکڻ وارا ڪي شيطان مزاج نا معلوم بادل هئا. اچانڪ انهن مان وڄ ڪري.

”منجري ساسين سکالي ٿي؟“

ٻپهرن ج خط کڻي هڪ آدمي آيو. ان ۾ لکيل هو، ’منهنجي ڪنيا منجري بيماريءَ ۾ ٽيون ڏينهن چالاڻو ڪري ويئي.‘

هڪ پل ۾ سک جا مورا سپنا ڌوڙ ۾ ملي ويا. جيون دت ان يگ جو نوجوان هو. ان يگ ۾ ڪنهن جي زال گذاري وڃي، ته ڇاتي ڦاٽي چيرون چيرون ٿي پوي ته به وات مان دانهن نه نڪرندي هئي. هيءَ ته ٿيڻ واري پتني جي دردناڪ خبر هئي. جيون رنو ڪونه. دواخاني جي مٿيئن ڪمري ۾ چپ چاپ ويٺو هو. اچانڪ ڄاڪرداس مصر جي چيخه و پڪار تي هو اٿي کڙو ٿيو هو.

هو رڙيون ڪري رهيو هو: ’مان ٺاڪرداس مصر آهيان. منهن جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي ڪوشش! ماڻهو ٽاري – ٽاري نه مان پن – پن- تپيداريءَ مان گذر ڪندو آهيان.‘ هيڏانهن ان خبر سان هلچل متل هئي ۽ انهيءَ وچ ۾ هيءُ ڪمبخت ماٺ ميٺ ۾ لهي پيو رستي تي. آخر مطلب ڪهڙو آهي هن جو؟‘ پڇيائينس، ’ڪيڏانهن وڃين رهيو آهين؟‘ چي، ”ذرا جهنگل وڃي رهيو آهيان.‘ اول ته دل ڌڙڪي ويس. ’هوڏانهن ڪالرا جو ڪوپ ٿي رهيو آهي. ڪٿي هيءُ ڪمبخت به ته اهو ئي تحفو ڪونه وٺي آيو آهي؟‘ هوتڪڙو – تڪڙو اڳتي وڌي ويو. ويو سو ويو، سڌو انهيءَ رستي، جتان ٿي آيو هو. ڀرسان جيڪو تلاو مليس، وڻن جا جهاڙيون جهڳٽا مليا، سڀني کي ڇڏي اڳتي وڌي ويو. منهنجي ته نظر پئجي ويئي، پنهنجي ڇٽيءَ کي هو بغل ۾ دٻائي رهيو آهي. جهٽ مان سنڀالي ورتو، هجي نه هجي، هيءُ ڀڄي رهيو آهي. مان به گهٽيءَ کان ٿي ٻاهرئين هنڌ تي وڃي پهتس. ڏٺم، هن ڊوڙڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. مونکي اهو ئي شڪ هو. مگر ڀڄي ڪيڏانهن ويندو؟ هر ڇڏي کيتن مان هاري موٽي رهيا هئا. مون آواز ڏنو: ’پڪڙيو هن کي، پڪڙي وٺو!‘

ساليمان، ڪريم، سنتن- ٽن ڄڻن هن کي پڪڙي ورتو. مون چيو ’ٽنگاٽولي ڪري وٺي اچو ڪمبخت کي.‘ پڪڙي آيس. سليمان جي هٿ مان بانٺو وٺي مون وهائي ڪڍيس، ’ٻڌاءِ، سچ سچ ٻڌاءِ ته ڳالهه ڇا آهي. سچ ٻڌاءِ نه ته ڏاٽي سان چپ وڍي ڇڏيندو سانءِ.‘ بس پو ڇا هو، سڀ اوڳاڙي ڏنائين.

وچ ۾ جڳت ٻنڌو مهاشيه جو گنڀير آواز گونجيو. ’ٺاڪرداس، هن کي ڇڏي ڏي. هن غريب جو قصور به ڪهڙو؟ هو ڪري به ڇا ٿي سگهيو؟ هن کي ته هنن ماڻهن موڪليو آهي، اچي ويو. قاصد کي مارڻ نه گهرجي. هيءُ قاصد آهي. جيڪا ڪجهه برائي نوڪرشڻ ڪئي آهي، ان جو پرائشچت هيءُ ڪيئن ڪندو؟‘

ٺاڪرداس چيو، ’هيءُ سڄو ڏوهه تنهنجو آهي. هڪ چٺيءَ توهانءُ جي پڪ ڪري ڇڏي. نه خود وئين، نه هن کي اچڻ ڪاڻ لکئه.‘

مهاشيه پنهنجي پتا جي ڳالهين کي دهرايو، ’دوکو مون ڪونه ڏنو آهي ڀاءُ، دوکو ڏنو آهي نوڪرشڻ. ان ۾ منهنجو ڪهڙو ڏوهه آهي ٻڌاءِ؟“

جيون مٿان لهي هيٺ آيو هو.

ڪالرا وگهي منجري جي مرڻ جي خبر غلط هئي. اوڻٽيهه تاريخ ڄيٺ جي ڀوپي بوس جي شادي هن سان ٿي ويئي هئي.

جيون کي ائين ڀاسيوهو، هوليءَ جي ڏينهن منجري هن جي منهن تي ڏامر هڻڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. ان ڏينهن تي هوءَ ڪامياب نه ٿي سگهي ٿئي، اڄ اهو ڏامر هن بيشڪ هن جي منهن تي مکي ڇڏيو.. ۽ دور- دور کان هوءَ ساڳي ريت هن تي کلي رهي هئي.“

ڀوپي به کلي مذاق اڏائي رهيو آهي، ’جهنگلي سوئر!‘

پٽ جي منهن ڏانهن ڏسي ڪري جڳت مهاشيه چيو هو، ’پٽ، ايشور توتي ديالو آهي. هن توکي سڄي عمر جي دوکي کان بچائي ورتو آهي. هن ڇوڪريءَ سان لائون لهي تون هرگز سکي ڪين گذارين ها. نه رڳو دوکو ٿئي ها بلڪ سڄي زندگي هوءَ توکي گهپيءَ جي باهه ۾ ساڙيندي رهي ها. وري اها به ڳالهه آهي، جيڪو جنهن جي ڀاڳ ۾ آهي. اهو ته تنهنجي منهنجي مرضيءَ سان نٿو ٿئي. شرمندو نه ٿي، ڏک نه ڪر. پنهنجي من کي شانت ڪر.‘

جيون کي آخرين لفظ ڪين ائڙيا هئا. هو سر نمائي اتان هليو ويو هو.

مهاشيه چيو هو، ’ٻڌ، وڃين متان ڪيڏانهن. توسان ضروري ڳالهه ڪرڻي آهي. سريندر، توسان پڻ وڃ ڀرواري ڪمري ۾ منهنجو انتظار ڪر.‘

جيون بغل واري ڪمري ۾ ويٺي- ويٺي سڄو قصو سڻي ورتو. ٺاڪرداس آهستي ڳالهائڻ ڄاڻندو ئي ڪونه هو نه کيس ٻين جو آهستي ڳالهائڻ پسند هو. جڳت مهاشيه جي زور ڀرڻ تي هن قاصد جي جند ته آجي ڪئي، پر کيس چڱي طرح ڌمڪي ڏنائين. هن جي سوال جواب مان جيڪي ڪجه ظاهر ٿيو، سو هن ريت آهي:

”حقيقت ۾ اهو دوکو نوڪرشڻ ڪونه ڏنو هو.“

دوکو ڏنو هو منجري، بنڪم ۽ هنن جي ماءُ. جيون جي ٺئونشي سان ڀوپي بيهوش ٿي ويو هو. هوش ۾ ايندي ئي هن آسمان سر تي کڻي ورتو هو. ’مان خون ڪندس، هن جهنگلي سوئر کي مان ماري ڇڏيندس.‘ ان بعد ئي سندس نگاهه منجري وغيره تي پيئي. هن جو سمورو غصو وڃي هنن تي ڇنڊيو. هن بنڪم کي ڌڪو ڏيئي پاسيرو ڪري ڇڏيو ۽ منجري جي سامهون هٿ لوڏي عجيب ڍنگ سان منهن بڇڙو ڪري چيو هو، ’هيءَ سڄي جعلسازي اوهان ماڻهن جي آهي! اوهان ماڻهن جي! ڀاءُ، ڀيڻ، ماءُ سڀني گڏجي ڪريمون کي ڀڄائڻ جي سازش سٽي هئي روپين جي لالچ وچان، هن سوئر سان، هن نيچه جي اولاد سان پريم ڪرڻ ۾ شرم نٿي آيئه. ڇي، ڇي!‘ تهان پوءِ، واٽ پنڌ هر هنڌ هن هنن جي گلا ڪرڻ شروع ڪري ڏني هئي. ڪجهه ڏينهن کان کيس اهو شڪ ٿيڻ لڳو هو ته منجريءَ جي گهر جا ڀاتي جيون کي پناهه ڏيڻ لڳا آهن. جيون ٻنهي هٿن سان جيئن پئسا لٽائي رهيو هو، انهيءَ مان ئي هن اهو انومان ڪڍيو هو ته هنن جي پناهه ملڻ ڪري ئي جيون پنهنجي آپي کان ٻاهر هو. هو ان جو ثبوت ڏيئي سگهيو ٿي. ائين نه هجي ها ته ڏاڏي- پوٽيءَ جي ناتي سندن کل چرچو حد اورانگهي نه وڃي ها. نڪي منجري قيمتي عطر جي سوغات هن کان وٺي ها، اڄ هن کي ڏامر مکڻ ڪين وڃي ها. ان ڏينهن پنهنجو چٿيل نڪ کڻي هن سڀ هنڌ نندا جو ڌوڙيو وسائي ڏنو هو. پنهنجي ساٿين سان گڏ جيون جي ڳولها ۾ ته هن ڄڻڪ سمنڊ ولوڙي ڇڏيو هو. جيون ڪونه مليس ته هن جي مدگر کي ئي هن ڪهاڙيءَ سان وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.

نوڪرشڻ سنگهه اٿاهه سمنڊ ۾ ڪري پيو هو. آر-پار نه هو. سڄي بازار ۾ سڀني کي هڪ ئي وائي وات هئي. ماڻس منجريءَ کي چيو، ”مري وڃ، تون مري وڃ!“

منجري مري ته ڪانه سگهي، پر هن کٽ پڪڙي ورتي.

بنڪم به ماليخوليا اوڳاڙيندي چيو، ”مان به بنڪم آهيان، ڏسي وٺندس.“

پڻهس هن جي ڳل تي چماٽ وهائي ڪڍي، ”حرامزادا هنن سڀني حرڪتن جي جڙ تون آهين. تون ئي ٻنهي کي هتي وٺي آيو هئين!!

بنڪم ان تي به ٿڌو نه ٿيو، ناسون ڦوٽاريندي چيائين ”مان هن جو خون ڪندس.“

نوڪرشڻ ترڇي نگاهن سان کيس ڏسندي پڇيو، ”ڪنهن جو خون ڪندين تون، ڪنهن جو؟“

بنڪم ان جي ورندي ڪانه ڏيئي سگهيو

هوڏانهن ڀوپي بوس روز نئون شگوف ڇڏيندو رهيو. سندس ڪاوڙ جي ڪا حد هئي! هار مڃي نوڪرشڻ نيٺ جڳت مهاشيه کي خط لکيو. جواب آيس، ته خوش ٿي ويو. منجري به اٿي ويٺي. ڀوپي بوس هن جي باري ۾ جيڪي افواهه ڦهلايا هئا، تن بيشڪ کيس ڏکويو هو بستري تي پوندي پوندي انيڪ ڀيرا هن رنو به هو. دل کي صدمو رسيو هوس. سڄي ڪاندي ۾ جا سندس بدنامي ٿي هئي! جڳت مهاشيه جي خط ۾ اهو سڀ ڪجهه ڌوپجي ويو. نوڪرشڻ جو جهڪيل سر مٿي اٿيو. هو سڀني کي اهو خط ڏيکاريندو ڦريو. هن لکيو هو: ’لڪشمي کي آدر ستڪار سان پنهنجي گهر ۾ آڻيندس، ان ۾ ٻيو ڇا چوڻو آهي؟ منجري به نوبني ٿي اٿي هئي. هوڏانهن پڃري ۾ واگهه جيئان ڀوپي بوس گجگوڙ ڪرڻ لڳو. ٻيو چئي به ڇا ٿي سگهيو هو؟ تڏهن به ڪاندي مان نوڪرشڻ پنهنجي ڳوٺ هليو ويو، هتان وهانءُ ڪرائڻ جي کيس همٿ ڪانه ٿي. گرميءَ جي موڪلن کان ڪجهه ڏينهن بعد ئي وهانءُ جو مهورت نڪتو هو. موڪل جي لاءِ اسڪول ۾ درخواست موڪلي ڏنائين. بنڪم درخواست کڻي ويو. اتي ڪهڙو چرخو ڦري ويو، سو ڪنهن نه ڄاتو. ايترو ئي چئي سگهجي ٿو ته ڀوپيءَ سان سنيهه جو جيڪو ڌاڳو ٽٽي پيو هو، سو پاڻ وڌيڪ مضبوط ٿي ويو. موٽي ڪري هن سمورو ڪيو- ڪرايو چوپٽ ڪري ڇڏيو.

هن ماڻهوءَ (قاصد) ٻڌايو- ”کين اها سڌ هئي ته ڇوڪرو ڊاڪٽر ٿيندو. ليڪن جڳت مهاشيه پنهنجي خط ۾ لکيو هو ته ڇوڪرو ڊاڪٽري نه، ڪويراجي (طبابت) ڪندو. مون کان ئي حڪمت سکي رهيو آهي. ٻڌڻ سان ماءُ جو منهن ٽيڙهو ٿي ويو، ڇوڪريءَ جو منهن به ڀيلڙو ٿي ويو.“

نوڪرشڻ دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان سان ڇاٿو ٿئي؟ منجريءَ جي ماءُ چيو- ”ڪويراج؟ ڇي، ڇي. اڄڪلهه ڪويراجن- ويڄن کي ڪير ٿو پڇي؟ انهن جي آمدني ئي ڪيتري ٿي ٿئي؟ کين لکي موڪل ته ڇوڪري کي ڊاڪٽري پڙهڻي پوندي.“

ان تي نوڪرشڻ بگڙي ويو. ”ڇوڪرو هنن جو آهي، هو پنهنجي نينگر کي ڊاڪٽري نه پڙهائين؟ هيءُ ٻوجهو پنهنجو آهي يا هنن جو؟“

شايد منجري لڪي رني هئي. هن جو رودن هن جي ماءُ کان لڪل نه رهيو هو. هن چيو هو، ’نه، ائين نه ٿيندو. هڪ ته ڇوڪر جي راڪاس جهڙي شڪل آهي. سو وري مٿان جي هو ڪويراج ٿيو ته اگهاڙي بدن رهڻو پوندس. گهڻو ٿيو ته ڪري ڪرتو، چادر اوڍيندو.... نه بابا....‘

نوڪرشڻ ڌمڪي ڏني هئي ”خبردار، جيڪڏهن هيءَ شادي ٽٽي ته مان چئي ٿو ڏيانءِ، تنهنجي نينگريءَ کي ڪنواري ٿي رهڻو پوندو. ڀوپي بوس نانگ جو ٻچو آهي، هن جي زهر سان تنهنجي ڌيءَ جي زندگي اڳي ئي نيلي ٿي ويئي آهي. هيءُ ته جڳت مهاشيه ئي آهي، جو هن کي پنهنجو بڻائي رهيو آهي. ڪويراج آهي، ان ڪري هن کي ٽاري نه ڇڏ.“

منجري جي ماءُ ورندي ته ڪانه ڏيئي سگهي، پر هوءَ بڻ بڻ ڪري رهي هئي.

هيڏانهن معاملو ان ڪڙيءَ تي پهتو ۽ هوڏانهن ڀوپيءَ سان بنڪم سٽ سٽي آيو. ٻه ڏينهن لڳاتار گهر ۾ خوب جهيڙو ٿيندو رهيو. ٽئين ڏينهن جي رات نوڪرشڻ گهر ۾ ننڊ ۾ الوٽ پيو رهيو ۽ بنڪم سان گڏ سندس ماءُ ۽ منجري ڀاڙي جي بيل گاڏيءَ تي چڙهي ڪانديءَ وڃي سهڙيا. ٻئي ڏيهاڙي، 29 تاريخ ويساک جو،شادي جو ڏينهن هو.

نوڪرشڻ سنگهه ڊوڙندو – ڊوڙندو ڪانديءَ پهتو، پر ڪجهه نه ڪري سگهيو. انوقت منجري ڀوپي بوس سان پلو ٻڌي هن جي جهوني مڪان ۾ پهچي چڪي هئي.

ڀوپي جي کاٻي پاسي منجريءَ کي ڏسي آنند جا ڳوڙها ڳاڙيندي منجريءَ جي ماءُ چئي رهي هئي، ’آه، ڪهڙي نه وڻندڙ جوڙي آهي، ڄڻڪ مدن- منجري آهن.“

هوءَ ڀوپيءَ جي گهر ويئي، هن جي مٽن- مائٽن، عزيزن- خوشين سنا کلي ڪڏي، چرچا گهٻا ڪري، ٻه ماڙ جي ڇت تي ويهي اوڀاريون- لهواريون اوري کاڌائين – پيتائين.‘

ٺاڪرداس ان تي چيو هو، ’چيٽنگ ڪيس ڪريوس، ڪرڻو ٿي پوندو.‘

جڳت ٻنڌو چيو- ”مقدمي کان اڳ سٺي ڪا ڇوڪري ڏسي وٺ. جيڪا يارهين تاريخ طئي ٿيل آهي، انهيءَ ڏينهن شادي ٿيندي. سٺي ڪل جي ڪا سهڻي ڪنيا ڳولهي وٺ. اول شادي ٿي وڃي، مقدمون ان کانپوءِ. کل خوشي، کاڌو پيتو ٿي وڃي، پوءِ پرسن چت سان عدالت ۾ حاضر ٿي چونداسون، ”هنن اسان کي ٺڳڻ چاهيو ٿي، پر اسان ٺڳياسون ڪونه. موقعو پائي مقدمي جي لاءِ تياري ڪري رک.“

۽ مهاشيه ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو هو.

سڀ گنگ ٻوڙ ٿي هن جي منهن ڏانهن تڪي رهيا هئا. هيڏي اپمان کان پوءِ به مهاشيه هن ريت کلي رهيو آهي!

جڳت مهاشيه هڪ ئي ضد تي اڙجي ويو، ”ڇوڪري ڳولهيو. يارهين تاريخ تي ئي شادي ٿيندي. هڪ ڏينهن به هيڏانهن هوڏانهن نه. سريندر، تون ۽ ستاب مون سان ڇوڪري ڏسڻ هلو. توکي پسند اچي ته ڪنڌ ڌوڻ ڪج. ان بعد مان پٺڀرائي ڪندس. ڳولهيو، ڪٿي، ڪهڙي غريب ڪٽنمب ۾ خوبصورت ڇوڪري آهي. ها، خاندان سٺو هئڻ گهرجي.“

ستاب، سريندر ۽ نيپال جي اتساهه جي حد نه رهي. هو ڇوڪريءَ جي ڳولها ۾ جند جان سان جنبي ويا. جيئن به ٿئي، پتو لڳائڻ ئي پوندو. ڀولي – ڀالي ستاب آکيو- ”هيءُ ته راجڪمار، منتري جي پٽ، سوداگر جي پٽ ۽ شهر- رکپال جي پٽ جي ڪهاڻي ٿي ويئي؛“ سڀ راجڪماريءَ جي ڳولها ۾ نڪري پيا. ’پر ادا جيون، تون ذرا کل ته سهين.‘

ستاب پنهنجي مامي کي خط لکيو هو. ”جيڪڏهن ڪنهن روپونتي سندر ڪائسٿ ڪنيا جو پتو هجي، ته خبر ڏيندا. ڏاج ڏيوڻ ڪجهه نه ٿيندو ور جو پتا آهي هتان جو نامور ڪويراج جڳت مهاشيه. ڪافي آمدني آهي. زمين جائداد آهي. زمينداري آهي. ڇوڪرو پاڻ به ڪويراجي سکي رهيو آهي.“

پر سريندر ته پاڻ سان چوري (روٽ) ٻڌي ڪري ان ڪم جي ڪڍ لڳي ويو. هن جڳت مهاشيه کان ڪجهه روپيه گهري ورتا ۽ چيو، ”مان ذرا شهر ۾ ڳولها ڪري ڏسان. اهڙن وڪيلن ۽ مختارن جي ڪمي ڪانهي. انهن ۾ ڪائسٿ به ڪيترائي آهن. اهڙن جي ڪا گهڻي هلندي به ڪانهي. اهڙن جي گهرن ۾ ساماڻل ڪنيائون ملي سگهن ٿيون.“

جڳت مهاشيه سريندر کي اها جوابداري سونپي.

نيپال ته منڍ کان ئي اڌ چريو هو. ڇوڪري ڳولهڻ جو هن جو طريقو ئي عجيب هو. هن جو پتا سب رجسٽري آفيس ۾ ڪم ڪندو هو. نيپال انهيءَ ڪم جي دلالي ڪندو هو. رجسٽري اول ٿئي، ان جي لاءِ دستاويز داخل ڪندو هو، ڪٿي لکڻ ۾ ڪاٽ- ڪوٽ ٿئي ته ان جي صفائي ڏيندو، شناخت وارو نه ملندو ته پاڻ پيش ٿيندو. مطلب ته ايترو چئي ڏيندو ته ’فلاڻي ماڻهوءَ جيڪو نالو پتو ٻڌايو آهي، سو صحيح آهي. مان نيپال چندر مکو پاڌيايه ولد سڙي ونود لال مکو پاڌيايه، گهر نوگرام، مان هن شخص کي سڃاڻا ٿو‘ ۽ هيٺ پنهنجي صحي وجهي ڇڏيندو. ٻه آنا محنتاڻو وٺندو. دفتر جي ٻاهران بڙ جي هيٺان ويٺو رهندو. جيڪو ملندس تنهن کان پڇندو، ”چڱو چيٽر جي بابو، اوهان جي ڄاڻ سڃاڻپ ۾ ڪائي ڪائسٿ ڪنيا آهي؟“

”ٻڌو ته ڇا نالو آهي اوهان جو؟ ڪنهن ڪنواري ڪائسٿ ڪنيا جو پتو ڏيئي سگهندا؟“

”شيخ صاحب، اوهان ڪٿي رهندا آهيو؟ اوهان جي آسپاس ڪي ڪائسٿ گهر رهندا آهن؟ ڪنهن چڱي ڪائسٿ ڪٽنمب ۾ اوهان جي ڄاڻ ۾ ڪائي سهڻي ڪنواري ڇوڪري آهي؟ مونکي ٻڌائيندا؟“

واٽ پنڌ ويندي جيڪو به ملي ويندس، تنهن کان مٿيان ئي سوال ڪندو نيپال! ’ڪائي ڪائسٿ ڪنواري ڪائسٿ ڪنيا جو پتو ڏيئي سگهندا؟“

”شيخ صاحب، اوهان ڪٿي رهندا آهيو؟ اوهان جي آسپاس ڪي ڪائسٿ گهر رهندا آهن؟ ڪنهن چڱي ڪائسٿ ڪٽنمب ۾ اوهان جي ڄاڻ ۾ ڪائي سهڻي ڪنواري ڇوڪري آهي؟ مونکي ٻڌائيندا؟“

واٽ پنڌ ويندي جيڪو به ملي ويندس، تنهن کان مٿيان ئي سوال ڪندو نيپال! .ڪائي ڪائسٿ ڪنواري ڪنيا آهي؟‘ هڪ ڏينهن هن پنهنجي زمين جي پٽوالي نوين باگڙ کي چيو- ”نوين، ذرا تون ته پتو لڳائي وٺ. ڪائسٿ گهرجي ڪا وڏور ڪنيا.“

نوين ڪنواٽي کنيو گنگا جل ڀرڻ جي لاءِ ڪٽوا وڃي رهيو هو. نيپال چيو، ”پيرين پيادو هيترو پري وڃي رهيو آهين. ذرا ڳولها ته ڪج.“

*      *      *

اڄ جيڪو جيون مهاشيه آهي، سو ان وقت صرف جيون هو؛ ڪنهن گهڻي ۾ گهڻو چيو، ته ’جيون دت.‘ تنهن وقت جيون کي هيءُ صدمو نهايت ڀاري پهتو هو. شڪر آهي جو هو مايوس نه ٿيو بلڪ وهانءُ جي لاءِ ڪروڌ ۽ رنج کان وڌيڪ ئي اتساهت ٿي ويو. ماڻهن کي هن جو اتساهه به عجيب- عجيب لڳو هو. ان ڏينهن جوان جيون من جي رنج ۽ راحت وچان مست ٿي پيو هو.

اڄ ٻڍو جيون مهاشيه مشڪيو. لنبي حياتيءَ جي تجربن جي پونجي ميڙي ڪري هڪ جهان ديده داناه جيئان هو پٺ ورائي پنهنجو جوانيءَ جي ڏينهن کي ڏسي رهيو آهي.

نانگ جي زهر وچان ڪوماڻل ماڻهوءَ جي ڄڀ کي نم به شايد مٺي لڳندي آهي ۽ مٺاڻ لڳندي آهي ڪوڙاڻ. ’نه.‘

’ڀل ٿي ويئي.‘ ٻڍي جيون مهاشيه ٻه – ٽي ڀيرا ڪنڌ ڌوڻيو. ’نه، نه‘

منجري ساڻس جيڪا ويساهه گهاتي ڪئي، ان سان منجري ڏانهن سندس پيار جو ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ پيار سان ڀلا ڪڏهن نانگ جي زهر جي ڀيٽ ٿي سگهندي آهي؟ اهو ته هن خود زهر جي نلي وات سان لڳائي ان جي آخري بوند به پيتي هئي.

رنج ۽ چڙ وچان نوجوان جيون دت تنهن ڏينهن ٻه پرتگيائون ڪيون هيون.

پهرين پرگيا- ’هڪ خوبصورت استري آڻيندس ۽ جيڪا سڀ کان وڏو سک آهي، اهو ئي سک ماڻيندس. پتنيءَ کي اهڙو ئي پيار ڪندس، جهڙو راجا ’اج‘ پنهنجي پتنيءَ ’اندومتيءَ‘ کي ڪيو هو.‘

ٻي پرتگيا- .ته ڊاڪتر ضرور بڻبس. اسڪول، ڪاليج پڙهڻ جي گنجائش نه رهي، ته ڇا ٿيو، گهر ويٺي ڊاڪٽري پڙهندس.‘ ان جو هڪ زنده- روشن مثال سندس اکين آڏو ئي هو.

ان علائقي جو اڳي مشهور ڊاڪٽر هو ’رنگلعل مڪرجي‘ ان وقت نئين سورج وانگر هن جو آديه ٿي رهيو هو.

غضب جو آدمي، غضب جو هن جو شان، شخصيت ۽ سيسراٽ وجهندڙ هئي سندس ساڌنا. علاج به تهڙو ئي‘ گورو رنگ؛ سگهارو محنتي جسم، تيز نگاهه. سو ماڻهن جي ڀيڙ ۾ به ڊاڪٽر رنگ لعل کي سڃاڻي سگهبو هو. هو اهڙن ئي شخصيتن مان هو جن جي چهري مان تيج پيو ٽپڪندو آهي. اهڙا ماڻهو ساهسي ته ٿيندا ئي آهن. ٿورو ڳالهائو هوندو هو، پر هن جا اهي ٿورائي لفظ تز ته نه چئبا، پختا هوندا هئا ۽ ماڻهن کي سخت لڳندا هئا. جنم ٿيو هوس، هگلي ضلعي جي هڪ پراڻي برهامڻ ڪٽنمب ۾، اتي ئي اسڪول ۾ پڙهيو، ڪاليج ۾ ايف – اي پاس ڪيائين. پتا سان ڪجهه اڻبڻت ٿيس ۽ گهر ڇڏي نڪري پيو. جن ڏينهن هگليءَ ۾ پڙهندو هو، اتس اتان جي پادرين جو اثر گهاٽو ٿيو هو. هو وٽن ويندو هو، ساڻسن کائيندو پيئندو هو. ان ڳالهه سببان پيءَ سان اڻبڻت ٿي هئس.

هن پتا کي منهن تي ڦهڪائي ڏنو هو ته ’مان ذات پات نٿو مڃان، ڌرم کي به نٿو مڃان. تنهنڪري هنن ماڻهن وٽ وڃڻ ۽ کائڻ پيئڻ ۾ هرج نٿو سمجهان.‘ هن ضلعي ۾ آيو. اول هڪ پاٺشالا ۾ بڻيو گروجي. گروجي مان هڪ اسڪول ۾ ماستر ٿيو. هڪڙي راج اسڪول ۾ جڳهه خالي هئي. خبر پوندي ئي هن درخواست ڏني ۽بحال ٿي ويو. اتي ئي رهندي رهندي سندس ڌيان ڊاڪٽري علم ڏانهن ڇڪيو. راجا جي اسپتال جي ڊاڪٽر سان دوستي ٿي ويئي هيس. هن وٽ برابر ويندو رهندو هو. اسپتال ۾ گهمي- ڦري بيمارن کي ڏسندو رهندو هو. کانئس ڊاڪٽريءَ جا ڪتاب وٺي ڪري وڃي پڙهندو هو. راتين جون راتيون ان باري ۾ ويهي ساڻس ذڪر ڪندو هو. ذڪر مان بحث ڇيڙيندو ۽ بحٿ لڙائيءَ ۾ بدلجي ويندو هو.

هڪ ڏيهاڙي الائي سندن وچ ۾ ڪهڙو جهڳڙو ٿيو، نه ڪي ان جو ذڪر حياتيءَ ۾ ڪڏهن رنگ لعل ڪيو، نه ڊاڪٽر ئي. پر ٻئي دوست جدا ٿي ويا، نتيجو اهو ئي نڪتو. ڪيترن ڏينهن پڄاڻان رنگ لعل ماستري ترڪ ڪئي ۽ ڪتابن جي گاڏي ڀري اچي هن کيتر ۾ وارد ٿيو. هتان ٻه ميل پري هڪ لال ماٽي جي ڳوٺ ۾، جتي گهڻي ڀاڱي مسلمان رهندا هئا، هو هڪ مسواڙي گهر ۾ رهڻ لڳو. بعد ميوراکشي نديءَ جي ڪپر تي پنهنجو بنگلو جوڙائي رهيو. سامهون دور دور تائين پکڙيل ميوراکسي ندي، هيڏانهن رنگ لعل پنهنجي ورانڊي ۾ ويهي نئين ساڌنا شروع ڪئي. پشاچ اپاسڪ جيئان ڪڏهن ڪڏهن اڌ رات جو نڪري پوندو هو. ڪلهي تي ڪوڏر ۽ ساڻ هڪ ٺيلهو نيو ويندو هو. قبرستان ۾ ويندو هو. نئين قبر جي کوٽائي ڪندو هو. ان کي وري ساڳي ريت پورهيو ڪري ڀري ڇڏيندو ۽ لاش کي ٺيهلي تي کڻي ايندو هو. ان کان پوءِ ٻه چار ڏينهن ٻاهر سندس درشن ڪونه ٿيندو هو. بنگلي جي پوئتان گهيريل احاطي ۾ هن ڪاچ وارو هڪ ڪمرو جوڙايو هو. ان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪنهن کي به اجازت ڪانه هئي. اتي ڪتابن جي سهاري لاش کي چيري ڦاڙي، شرير- وگيان (اناٽامي) سکندو هو. ڪجهه ئي ڏينهن اندر هڪ ٻيو اپاسڪ به جنبي ويس، مَنا هاڙي. هو ميوراکشي ۾ ٻيڙي هاڪاريندو هو. هڪ ڳالهه ٻي به هئي جو هو چنڊال به هو، وڏو شرابي هو. انهن سڀني کان سندس وڏي سڃاڻپ اها هئي جو ماڻهو کيس ’راڪاس‘ چوندا هئا. هن جي بک ڪڏهن ڪين لهندي هئي. هڪ ڀيري جو ذڪر آهي، هن هڪ هانڊيءَ (ڪُني) جو ڀَت کاڌو. مساڻن ۾ پهتو. ٿورو پرڀرو پهچندي ئي هڪ ٻڪري کي ڏسي هن جي بک وري جاڳي پيئي. هن ٻڪري جي گردن ڪهي ورتي ۽ چکيا جي باهه تي پچائي چِٽ ڪري ڇڏي. ڊاڪٽر رنگ لعل جو ڀڳت اهو ئي منا هو. ٻن سالن بعد هو هن جو رسويو بڻيو. هن جي هٿ جي رسوئي رنگ لعل کائيندو هو. لاش پهچائڻ ۾ به اهو ئي کيس مدد ڪندو هو. جيڪو لاش ميوراکشي نديءَ ۾ وهندو ويندو، ان کي کڻي ايندو. ڪيترا ڀيرا شمشان مان پيل لاش کڻي ڪري آڻي ڏيندو هوس. ان ريت پنج سال سانده ساڌنا ڪرڻ بعد رنگ لعل هڪ ڏينهن پڌرا ئي ڪئي ته ’مان ڊاڪٽر آهيان. جنهن به روڳيءَ کي ڪير هتي چاق نٿو ڪري سگهي، تنهن کي مون وٽ وٺي اچو. مان چڱو ڀلو ڪندس.‘

ٿورن ئي ڏينهن ۾ هن پنهنجي پڌرائيءَ کي سچ ثابت ڪري ڏيکاريو. ماڻهو هن جي لياقت تي دنگ رهجي ويا. سڀ چوڻ لڳا، ڌنونتري آهي. مريض وٽ وڃڻ ڪاڻ ڊاڪٽر هڪ پالڪي خريد ڪئي.

منا چيو- ’ڊاڪٽر بابو هڪ گهوڙو خريد ڪريو. ڪٿي گهوڙو ۽ ڪٿي ماڻهوءَ جي چال!“

رنگ لعل چيو- اڙي تون ڇا ڄاڻين، ماڻهوءَ جي ڪلهي ۽ گهوڙي جي پٺي جي ڀيٽ؟ ماڻهوءَ جي ڪلهي ۾ آرام ڪيترو آهي!‘

’ائين؟‘

”اهو تنهنجي سمجهه ۾ اچڻ کان ٻاهر آهي! گهوڙي کان ڇا هٿ پير ڀڃايان؟‘

جيون دت ان ڏينهن اسماني گل جي ڪلپنا ڪئي هئي. هن جو آدرش حقيقت ۾ جيو اَنت هو. هن جي خواهش هئي ته ڪافي عزت ڪمائي پنهنجي استريءَ کي زيورن سان جهنجهي هڪ ڏينهن هو ڪاندي وٺي ويندو. پاڻ هلندو سفيد گهوڙي تي، استري ويهندي ڪيمخاب جي پالڪي ۾.

مرشد آباد وڃڻ جي بهاني ڪاندي ۾ ڀوپي بوس جي ڀڳل ڀريل مڪان جي سامهون گهوڙو روڪي ڪري چوندس: ”رات تائين ترسڻ جي اجازت ملي سگهندي ڇا؟“

”ڄاڻي ٻجهي ٿوري رات گذر ئي هن جي دروازي تي پهچندو. استريءَ کي منجريءَ وٽ اندر موڪلي ڏيندو.“

منجريءَ کي هوءَ چوندي: ’رات تائين اسان کي هتي رهڻ جي جاءِ ڏيئي سگهندا؟ اوهان ته اسان جا پنهنجا آهيو. سکيءَ جي ننهن جي ساهڙيءَ جي ڀاڻيجي جي ننهن جي ڀاڻيجيءَ جي گهوٽ جو ناتو رشتو به ته ليکي ۾ اچي ٿو‘“

ان بعد جيڪي ٿيڻو هوندو سو ٿيندو.

ليڪن وهانءُ ٿيڻ پڄاڻان سڀ خيال ئي هوا ٿي ويس. جيون دت سُن ۾ اچي ويو هو، ته ائين ڇو ٿيو؟


* ٽانترڪ مت جا پوئلڳ جي نهايت وحشي ٿيندا آهن ۽ سوم  رس (شراب) ۾ مست ٿي سوم ديوتا ۽ ٻين جنن ڀوتن جي پوڄا ڪندا آهن. بينگلا جو هڪ فرقو.

[1]  پترن کي پاڻي پهچائڻ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org