سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :18

[18]

 

جيون دت جڏهن سڏ تي ٻاهر ويندو هو ۽ عطر کي ننڊ اچي ويندي هئي ته هوءَ ننڊ ۾ وڦلندي هئي: ’پلڪن ۾ انتظار ڪر، اکين ۾ متان اچين، هن کي اچي وڃڻ ڏي، پوءِ اچج.‘ ليٽندي ليٽندي به زبردستي پيئي جاڳندي. جهوٽا ۽ اوٻاسيون اچن، ته اکين کي بار بار ڦهلائيندي، پاسا ورائيندي، راڌا گووند جو نالو جپيندي؛ ننڊ گهڻو ستائينديس، ته اٿي ڪري پان- تماڪ چٻاڙڻ لڳندي، وچ- وچ ۾ نندوءَ کي جهڻڪيندي، نندوءَ کي نه ته هن جي نڪ (کونگهرن) وڄڻ کي. چي، ”نڪ ٻين ماڻهن جو به کرڙاٽ ڪندو اهي، پر هيئن ڪو وڄندو آهي ڪٿي؟ سنگا[1] به مات ٿيو وڃي! رڳو سنگا؟ ڀانئجي ٿو، ڪارائي سان، نندو ڪنهن دروازي کي چيري رهيو آهي! نندو! اڙي، نندو! ٻڌين ٿو؟ ذرا نڪ ته گهٽ وڄائي بابا! پاسو ورائي ڇڏ.“

جڏهن جيون مهاشيه اچي ويندو ته مٿين معاملن جو حل ٿي ويندو. ڪڏهن پڇندي، ”ڪيئن ڏٺو؟“ ڪڏهن ڪڇ پڇندي ئي ڪانه، سمهي رهندي ۽ کن دير ۾ سندس نڪ وڄڻ لڳندو.

نندو به اٿي کڙو ٿيندو. هٿ منهن ڌوئڻ لاءِ پاڻي ڏيندو. هٿ منهن ڌوئي هو جپ ڪرڻ ويهندو. پوءِ پاڻ ڍڪيل رسوئي ڪڍي کائڻ ويهندو. نندو چلم ڀري ايندو. مهاشيه کي حقو ڏيئي پاڻ وڃي سمهي پوندو. کائي پي ڪري تماڪ پيئندو ۽ مرض جي باري ۾ سوچيندو رهندو؛ ڪڏهن ڪڏهن مرتوي جي ڳالهه. ڪڏهن ڪڏهن بيمار مري پوندو هو ته موٽي علاج جي ڳالهه ئي سوچڻ لڳندو. پوءِ گوبند جو نالو وٺي سمهي پوندو هو. جنهن ڏينهن ڪٿان سڏ نه ٿيندو هوس، ستاب سان ويهي شطرنج راند ڪندو هو ۽ چال جي باري ۾ سوچيندو رهندو هو. هڪ کان اڳي ڪڏهن به سمهڻ نه ٿيندو هوس. اڄ اٽڪل ٻه اڍائي ڪلاڪ لڳي چڪا هئا.

*      *      *

صبوح جو جاڳڻ ۾ دير ٿي.

سڀ کان اول گڻيش ڀٽاچاريه جي ڌيءَ ياد آيس. ڪيئن آهي هوءَ؟ هو نندوءَ کي سڏڻ ويو. هن کان پڇي ڏسندو، هنن وٽان ڪوئي آيو هئو يا نه. پر ٻئي دم ئي سندس انب جي مقدار کان گهڻو وڏو مٿو ڌوڻيو، ’نه، نه.‘ ۽ هن گنڀير آواز ۾ چيو، ’جئه گووند! پرمانند!‘

هٿ جوڙي دريءَ کان ٻاهر نهاريندي چيائين، ”نمہ: وِوَسوتي برهمڻ ڀاسوتي وشڻو تيجسي جڳت سويتري ڪرم دايني... نمہ!“

”مرتيو نشچت آهي. دنيا ۾ ايترو چنچل ٿيڻ سان ڪم ڪيئن هلندو؟“ هٿ منهن ڌوتائين. چانهه پيئڻ ويٺو. ننڍو حقو ڀري ڏيڻ لڳو. چي، ”اڄ اٺ ڏهه مريض آيا آهن.“

ڪش ڀري مهاشيه پڇيو: ”نوگرام مان ڪير آيا آهن؟ گڻيش ڀٽا چاريه؟“

”جي، نه ته.“

”هون.“ من ۾ ڪجهه ڪُڙهيو. ”ڪالهه رات ٻارهين بجي توڻي گڻيش جي لاءِ ويٺو رهيس. ڊاڪٽر پرديوت جا طعنا تنڪا ٻڌم ۽ اڄ هن خبر به ڪانه موڪلي؟ سمجهيم، ڇوڪري ٺيڪ آهي. آنڌ مانڌ ويندي رهيس، سو ڀلجي ويو.“ هن ڊگهو ساهه کنيو.

نندوءَ چيو، ”هو دانتو بابا شور مچائي رهيو آهي.“

”ڇو، ڪالهه ئي ته کيس هفتي جي دوا ڏني اٿم؟“

”اڄ به آيو آهي. چي بنا گانجي جي ننڊ نٿي اچي. چوي ٿو، يا ته گانجي پيئڻ جي موڪل ڏيو يا ننڊ جي دوا ڏيو. جيئن آيو آهي، مٿي تي آسمان کڻي ڏنو اٿس.“

”کڻڻ ڏينس آسمان مٿي تي. پُراني ميان آيو آهي؟“

”نه. اڃا توڻي ته ڪونه آيو آهي. هاڻي ايندو.“

لڳاتار ڪيترائي دم لڳائي هن حقو نندوءَ کي ڏنو. اٿي کڙو ٿيو. چي، ”مريض کي ويهڻ لاءِ چئجه. مان ذرا مهنت کي ڏسڻ مڙهيءَ ۾ وڃي رهيو آهيان.“

مٿو کنهندي نندوءَ چيو، ”هنن کي ڏسي نسخو ڏيئي وڃو ها. پراني ميان گاڏي وٺي ايندو، رستي ۾ مهنت کي ڏسي وٺو ها.“ مهاشيه ڪابه ورندي نه ڏني. هن سفيد ڪرتو پهريو کيسي ۾ اسٽيٿسڪوپ وڌو ۽ پراڻو جوتو پاتائين. نندو ڀڻ ڀڻ ڪندو نڪري ويو. ”سڀ بيراڳي.... صبوح مردان مفت مريض ڏسڻ! اهڙي حالت ۾ مريض اچن به ڇو؟ هون! انهيءَ ڪري ته هيءُ حال ٿيو آهي! متر بابو ته چئي ڏنو هو.... اهڙي ماڻهوءَ جو چوڻ ڪوڙو ٿي سگهي ٿو؟“

مهاشيه کليو. ياد اچي ويس، نندو زميندار گورهري متر جي ڳالهه ڪري رهيو آهي. نندو تنهن وقت اتي ئي هو. هن ٻڌي ورتوهو.

تنهن وقت آروگيه نڪيتن ۾ ڀيڙ لڳي رهندي هئي! اوف! چاليهه پنجاهه، سٺ روڳي!

جڳت مهاشيه جي مرڻ پڄاڻا (آروگيه نڪيتن) جي حالت سقيم ٿي ويئي هئي. جيون مهاشيه ان کي وري اوج تي آندو هو. ڊاڪٽر رنگ لعل کان سکي ڪري هن ايلوپيٿي، ڪويراجي، مُشٽي يوگ، ٽنهي ۾ علاج شروع ڪيو هو. گروءَ رنگ لعل چرچي ۾ چيو هو، ”تون ٽراءِ سائيڪل تي سوار ٿي.“ قسمت سان هوءَ ٽرائسائيڪل موٽر واري وئن بڻجي پيئي هئي. شفاخاني جو نالو آروگيه- نڪيتن پئجي چڪو هو. ٽي- ٽي آدمي ڪم ڪندا هئا. ايلوپيٿي جو ڪمپائونڊر هوندو هو ششي. ششي چوندو هو، ”گم گم‘، پرئڪٽس!“

وري جڏهن چُڪڙي پيئدنو هو، ته چوندو هو، ”مهاشيه جي پرئڪٽس... هَپ، ٻيڙي چئو ٻيڙي، نديءَ ۾ بس هلي رهي آهي؛ س- س س ...“ هو ڪمبخت شراب ننڍپڻ کان ئي پيئندو آهي، نوگرام جي براهمڻ گهراڻي جو نينگر. هن جي شرارت سبب وائينم گڻليسيا ۽ مرت- سنجيوني امرت جهڙين اڪثير دوائن کي لڪائي رکڻو پوندو هو. نظر چڙهي مس ته بوتل لڳائيندو ٻوٿ تي. ٿوري چڪي پيئندو، چوندو:

”رنگ لعل دي سيڪنڊ آهي.“

اها هام جيونمهاشيه جي اٻلاشا ڄاڻڻ بغير هڻندو هو. وڌاءُ ڪري خوامخواهه چوندو هو. اها اٻلاشا پوري ڪانه ٿي. رنگ لعل جي جڳهه ڀرڻ هن جي ڀاڳيه يا مقصد م نه هو، رنگ لعل جي جاءِ ڀرجي نٿي سگهي. وري به ڪيرڻاهر جي ڊاڪٽر نوين ڪنهن حد تائين اها ڪمي پوري ڪري ڇڏي هئي. ها، صدر ۾ هڪ چڱو- خاصو ڊاڪٽر آيو آهي. گولڊ- ميڊلسٽ! ميڊيڪل ڪاليج جو شاگرد. پر قسمت جو به وچتر کيل چئو يا ڪرتوت، جو اهڙي ڊاڪٽر جي به بدنامي پکڙيل هئي. ماڻهن جو چوڻ هو، ته ”جنهن به مريض کي ڊاڪٽر گوڪل ڇهندو، اهو بچي نه سگهندو.“ ڊاڪٽر گوڪل به جيون مهاشيه جي عزت ڪندو هو. پڇندو هو: ”ناڙيءَ ۾ اوهان ڇا حاصل ڪيو؟“ ۽ هن جي ڳالهه ڌيان سان ٻڌندو هو. نوگرام ۾ تن ڏينهن سندس مٽ ڪونه هئو.

جڳت مهاشيه جي ديهانت کان پوءِ اتي ٽي ڊاڪٽر آيا پهريون ڊاڪٽري پاس ڪيل هو درگاداس ڪنڊوُ. ڪنڊوُ هن جون هسيون ڪندو هو، ”گاهه پنن، جڙي ٻوٽين وارو ڊاڪٽر!“

ان بعد ڊاڪٽر هريش. هريش البت کيس مڃيندو هو. ڪشور جي بيماريءَ ۾ ڊائگنوسز[2] ۾ کانئس مات کائي سبق سکي ويو هو.

ٻيو هڪ چرٻٽ آيو هو. کيت باڙوُري. هو پاڻ کي ڪي-ايم- برادري هوميوپيٿ ڪوٺائيندو هو. ماڻهو ڀلو هو، سڌو سنواٽو پر چرٻٽ هو. چروٽ ڇڪيندو هو. چينائي ڪوٽ پهريندو هو. چوندو هو: ”هڪ طرف آهي ڊاڪٽر هريش ۽ ٻئي طرف مان. وچ ۾ ويچارو دت دٻجي ڪري مري ويو! هن کي ڀلا هاڻ ڪير سڏائيندو؟ صرف ناڙي ڏسڻ جي ڪاڻ ڪير کيس گهرائيندو! هوُن.“

سڀ کان اول آيو هو درگاداس ڪنڊوُ. هليو به سڀ کان اول هوئي ويو. چوندو ويو هو، ”اهو نٿي ڄاتم ته هيءُ ڍڳن- رڍن جو علائقو آهي. هنن ماڻهن جي بيماري گاهه- پنن، جڙي ٻوٽي سان ئي چڱي ٿئي ٿي. انگريزي دوا هنن کي نٿي ڀانءِ پوي.“

ان بعد باڙوُري به ڀڳو. رهيو رڳو هريش. برجلعل بابوُ، جيئن ته نوگرام ۾ خيراتي دواخانو کوليو، ان ڪري هو ٽڪي سگهيو. اتي ئي نوڪري ڪيائين، پگهار هئس ٽيهه روپيه.

انهيءَ وقت جيون دت مهاشيه بڻيو. آمدني ڪيتري هئي، ياد ڪونهي. حساب جو ليکو ئي نه هئو. رات ڏينهن ۾ ڪڏهن به آرام ڪونه هو.مريض ڏسندي ڏسندي ڏينهن جا ٽي وڄي ويندا هئا.

هندو، براهمڻ، ڪائسٿ، شودر، مسلمان، پرائي مهوُ ڳوٺ جا خان، اولهه ٽولي جا شيخ، واپاري ٽولي جا واپاري، مير ٽولي جا ميان به بيل گاڏيءَ تي آيا. ڏولي، گاڏي ۽ پالڪي. ان ڏينهن پنج ڪوه ڏورانهين هنڌان گور هري متر به آيو هو. پالڪيءَ ۾ ئي کليل دروازي کان آسمان ڏانهن تڪيندو پئجي رهيو.

آروگيه- نڪيتن ۾ ان ڏينهن سڀ کان اول هوئي پهتو هئو. رات جڏهن باقي ڪجهه رهجي ويئي هئي، تڏهن جيون مهاشيه سڏ تي نوگرام ويو هو. پست ٿيل زميندار راءِ چوڌري جي هڪ شريڪ حال وٽ. ٻڍو گورانگ راءِ چوڌري اچانڪ بيهوش ٿي ويو هو. سنياس روڳ! هن کي ڏسڻ کان پوءِ ئي کيس فرصت ڪانه ملي، هن جي گنگا ياترا جي پرٻنڌ ۾ به رهڻو پيس. هن کي گنگا ڪناري لاءِ پالڪيءَ ۾ روانو ڪري تڏهن موٽيو هو. اچڻ سان هن پهرين ئي پنهنجي متر مهاشيه کي ڏٺو هو. هن کميا به گهري هئي.

”اوهانکي ڪافي دير انتظار ڪرڻو پيو. پر ڇا ڪريان؟ هتان جو پراڻو زميندار.... پراڻو خاندان....“

ٿوري ۾ ئي کيس وستار به ٻڌائڻو پيو هو.

متر کلي ڪري چيو هو؛ ”دت بابو، نه نه، دت نه اوهان پنهنجي اباڻي- لقب مهاشيه جا حقدار ٿيا آهيو. اهو اوهان جي لائق آهي. پر ذرا هيڏانهن به ڌيان رکندا ڪريو. پري- پري کان مريض ڪهي اچن ٿا. اهي مريض ئي اوهان جي لڇميءَ جا دوت آهن. جيڪڏهن هنن کي تڪليف ٿيندي، هنن جي ڳاڻ نه ٿيندي ته هيءُ به تيسين توهان وٽ ايندا رهندا جيسين کين ٻيو ڪوئي اوهان جهڙو ملي نه وڃي.“

جيون مهاشيه کي ڳالهه کُپي ويئي هئي. ڳالهه دل سان لڳڻ جهڙي هئي. هن چيو هو؛ ”مان نظر انداز نٿو ڪريان. ائين ڪرڻ سان پاپ لڳندم. هنن جي تڪليف دور ڪرڻ جي به وس پڄندي ڪوشش ڪريان ٿو.“

ڪندو به هو. دير ٿيڻ جي حالت ۾، مريضن کي شربت، سابوداڻا، ڏيندو هو. ڊسٽرڪٽ بورڊ جي مدد سان آروگيه- نڪيتن وٽ کوهه به کوٽايو هئائين.

تنهن وقت اتي چوڙي، ڳڙ، پتاشي جو هڪ دوڪان به لڳندو هو. مهاشيه اهو به چيو هو، ”رهي جس ناموس جي ڳالهه، سا ڀڳوان جي ديا آهي. گروءَ جي سکيا ۽ پنهنجو عمل. سڀ کان وڏو آهي ڀاڳيه. جيسين رهڻو آهي، رهندو. خير، ٻڌايو اوهان کي ڪهڙي تڪليف آهي؟ هيستوڻي جيڪا دوا درمل ڪندا پيا اچو، ان ۾ ڪا بيماري ٻڌائي اٿن؟“

متر وراڻيو، ”ذرا اڪيلائي هجي ته وڌيڪ سٺو.“

نندو ئي اتي هو. مهاشيه هن کي ٻاهر وڃڻ لاءِ چيو. اڪيلي ۾ متر چيو، ”پٽ وٽ وڃي رهيو آهيان. آخرين ڏينهن ۾ هن جي ڪلهن جو بوجو بڻجڻو پيو. مقدمي ۾ زمين جائداد سواها ٿي ويئي. استري گذاري ويئي. ڪنهن ريت مڙيوئي گذارو ٿي رهيو هو. پيئان ڏاڍو ٿو. ڊپ وچان آپگهات نٿو ڪري سگهان. ڌيءُ پنهنجي گهر وٺي وڃڻ چاهي ٿي. وڃڻ ڌاران ڪو چاڙهو به ڪونهي. رستي ۾ سوچ ۾، اوهان کي نبض ڏيکاريندو وڃان اوهان جي ڏاڍي ساراهه ٻڌي اٿم. ڪيستوڻي جيئندس، ٻڌائي سگهندا؟ ڏسو ته ناڙي.“

ڊاڪٽر هڪو ٻڪو ٿي ويو هو. چي، ”مون ۾ اها سمرٿي ڪانهي. شايد ئي ڪٿي ڪنهن ۾ اها سمرتي ٿي سگهي ٿي. بيماري ڪائي ڪانهي....“

”بيماري آهي. ليور جو سور. دماغ خراب ٿي ويندو آهي.“

”پيئڻ جو نتجيو آهي. پيئڻ سان اڃا به وڌندو. ڇڏي ڏيڻ سان گهٽ ٿي ويندو.“

چپ چاپ ٻه روپيه رکي گور هري اٿي کڙو ٿيو. جيون چيو. ”معاف ڪجو، في مان ڪانه وٺندس. هتي بيمارن کان في وٺڻ جي خانداني منع ٿيل آهي.“

”ڪنهن غريب مريض کي مدد جي روپ ۾ اهي روپيه ڏيئي ڇڏجو. مان ته فيءَ ڏيڻ بنا ڪنهن کي ڪونه ڏيکاريندو آهيان.“ ايترو چئي، هو، گورو قداور، ڪجهه جهڪيل ڀلمانس ٻڍڙو رمندو رهيو هو. هن جي شڪل صاف ياد اچي رهي هيس. هن کان پوءَ اوچ ڪل جا ٻيا مرض آيا هئا، ٺاڪر ٽولي جا ميان.

”آداب عرض ڊاڪٽر صاحب!“

”آداب، آداب. اچو، ڇا حال آهي؟“

ڪنهن زماني ۾ اهي ’ميان‘ هن علائقي جا مالڪ هئا، نواب. ٺاڪر جو خطاب مليل هون. چون ٿا، هيءُ يوگي- ونش جا هئا. مسلم سماج گرو، مرشد. يلڪن بعد ۾ دولت ۽ عيش و عشرت جي چشڪي ۾ ڀرشٽ ٿي ويا. صفا ويل ٿي پيا هئا. ايترو ئي نه، خانداني مريض بڻجي پيا هئا.

ذرا ساعت ترسي ميان چيو، ”بدن تي رت جي وڪار جهڙا داغ ٿي رهيا آهن ڊاڪٽر صاحب. پٺيءَ ۾ ڄنگهه ۾ هيءُ ڏسو، گوڏي وٽ.“ ميان پئجامو مٿي کڻي داغ ڏيکاريا.

ڊاڪٽر تيز نگاهه سان ڏانهنس نهاريو. ڏٺائين، ڪن جون پاپڙيون، نڪ جي نوڪ ڳاڙهي ٿي ويئي آهي. خانداني روڳ! اها ئي بيماري. ڪيترائي ماڻهو ان ۾ مبتلا ٿي مري چڪا آهن. ٻه ڄڻا هينئر به شڪار آهن.

”ڊاڪٽر صاحب!“

”چئو ٺاڪر صاحب.“

”ٻڌايو.“

”ڇا ٻڌايان؟ روڳ خانداني ئي لڳي ٿو. اوهان هينئر کان ئي علاج شروح ڪري ڇڏيو. مون وٽ ان جي دوا نه آهي. ٺاهڻ ۾ ڏاڍو خرچ ٿيندو آهي. ڪلڪتي مان گهرائي وٺو.“

”اوهان لکي ڏيو.“

ميان صاحب هليو ويو.

نارائڻ پور جو ڀٽاچاريه بابو ڏوليءَ تي آيو هو.

گهڻن پيشابن جي بيماري!

گهڻا پيشاب، نئون بخار، پراڻو بخار، سنگر هڻي، اتيسار!

پرهلاد باگدي آيوهو. خونخوار لٺباز. ڌاڙيل. جيل مان ٿي آيل ڏوهي.

”ڇو پرهلاد! توکي وري ڇا ٿيو؟“

”ٻيو ڇا ٿيندو. اهو ئي...“

”وري؟“

ٿيو هوس. اهو شايد پنجون ڀيرو ٿيو هوس.

مٿو کنهندي پرهلاد چيو هو، ”جيڪو ڏاند اڻ پچندڙ کائي ٿو، سو به ان کي وساري سگهي ٿو مهاشيه!“

نوگرام جي وڏي بابوءَ وٽ وڃڻو هوس. سڏ ٿيو هو. هن جي ننڍي پٽ کي ذيابيطس[3] ٿي آهي. اهو چوٿون ڀيرو آهي.

کيس پنهنجي پتا جي ڳالهه ياد آئي. هو چوندو هو، پٽ، رواجي عمر ۽ وڏي عمر ٻه ڳالهيون آهن، رڳو ڳالهه جي ڳالهه ناهي. ان جو اونهو مطلب اهي. لنبي عمر ٿيڻ سان ’وڏي عمر‘ نٿي ٿئي ۽ ننڍي عمر هجي ته اها ’وڏي عمر‘ نه ٿي، اهڙي ڳالهه ڪانهي. وڏي آورجا اهوٿو ماڻي، جنهن جو جيون سکدائڪ ۽ آنند مئه آهي. نه ته، شڪتي جو ذڪر ڪري به آدمي وڏي عمر جو ٿئي ٿو. بيماري کي سهارڻ ڪري سگهي ٿو، جيئي سگهي ٿو.

اها ڳالهه هن انهيءَ پرهلاد جي باري ۾ چئي هئي. پهريون ڀيرو جڏهن کيس باد فرنگ[4] ٿيو هو، ته هن علاج ئي ڪونه ڪرايو. جهڙو تهڙو ملم وغيره لڳائي رهجي ويو. ٻيو دفعو ٿيس، جڳت مهاشيه وٽ پهتو. انهيءَ وقت هن چيو هو ۽ پرهلاد جواب ڏنو هئو، ”ماڻهن ڏيکارڻ واسطي چيو، ان ڪري آيو آهيان؛ نه ته هيءُ روڳ پاڻمرادو ٺيڪ ٿي ويندو آهي.“

پرهلاد اڄ به جيئرو آهي. اڄ به لٺبازي ڪندو رهي ٿو. اڄ به ٻانهون ٺوڪي زمين تي باجوليون پائيندو آهي.

پرهلاد چيو، ”علاج ۾ ذرا جلدي ڇٽجي ٿو، ان ڪري دوا ڏيو.“

ان وقت سئيءَ جو رواج ڪونه نڪتو هو. هو دوا وٺندو، ڊاڪٽر کي نمسڪار ڪري هليو ويندو هو. هڪ روپيو في به ڏيئي ويندو هو.

ڊاڪٽر چوندو، ”هيءُ ڇا پرهلاد! في ڇا جي؟ گهر ۾ مان في وٺندو ڪڏهن آهيان؟“

”جي، ڊاڪٽر کي دکشڻا ڏيڻ بنا بيماري ويندي ڪانهي. هن کان پوءِ ٿورو ئي ڏيڻو اٿم!“

زماني ڀرجو حساب آهي، مگر پرهلاد جي نالي وَهيءَ ۾ ڪجهه به بقايا ڪانهي.

هڪ هڪ ڪري روڳي ايندا ويندا هئا. گرڀ، خبار، مليريا، ريميٽنٽ (وائي سور) ٽائيفائيڊ (معيادي بخاري)، اتيسار ۽ ٻيا به الائي ڪهڙا ڪهڙا مرض! ڪنهن ڪنهن کي ته هڪ ئي وقت ڪيترائي مرض لڳل هوندا هئا، عجيب کچڻي! سندس پتا چوندو هو، ”شاسترن ۾ ائين لکيل آهي ته سڀني مرضن جي اڄ تائين ڪابه ايجاد ڪانه ٿي آهي. جيڪڏهن ڪا بيماري نئي لڳي ته ان ڪري شرم يا سنڪوچ متان ڪرين ته تون ان جو نالو نٿو ڄاڻين. علامت ڏسي علاج ڪج. مغربي سائنسن جي ڪرپا سان هينئر لئباريٽري ٿي ويئي آهي. گذريل زماني ۾ اسان کي اهڙي سهويلت ڪانه هئي.“

ان کان پوءِ ’پئڪاري‘ (دستوري) جاچ شروع ٿي ويندي هئي. ’پئڪاري‘ نالو ششيءَ جو رکيل آهي.

مريضن جي اچڻ تي ڪمپائوندر کين ٻن حصن ۾ ورهائيندو هو. سولي بيماري وارن کي هڪ پاسي ويهاريندو هو. ها، جيڪڏهن بيمار ڌنوان آسودا هجن ته بيماري سولي هوندي به ڊاڪٽر اول انهن کي ئي ڏسندو.

پئڪاري جاچ وقت ڊاڪٽر ٻاهر ورانڊي ۾ اچي ويهندو. ڀرسان گوپال ڪمپائونڊر بيٺو رهندو. جاچ کانپوءِ ڊاڪٽر نسخو ٻڌائيندو ۽ ڪمپائونڊر لکي ڏيندو. ششيءَ تي هن کي ڀروسو ڪونه هئو. خام خيالي ماڻهو ٿيو، الائي ڇا جو ڇا لکي ويهي؟ وري اها به مصيبت هئي جو لکڻ کان پوءِ ششي پنهنجي لکيت پاڻ نه پڙهي سگهندو هو. ڊاڪٽر کان ئي اچي پڇندو ته ”توهان ڇا ٻڌايو آهي، ٻڌايو؟ پڙهي نٿو سگهان ته ڇا لکيو اٿم.“

ان وقت آروگيه نڪيتن ۾ ٽي ڪمپائونڊر هئا. ششي، گوپال ۽ ڪويرا جي وڀاڳ ۾ پتا جيءَ جي وقت جو ٻڍو چرڻ داس سنگهه. هو ڪمري ۾ ويٺي- ويٺي سنڍ، آورا وغيره ڪٽيندو چورو بڻائيندو رهندو، لڏون ٺاهيندو ۽ پڙيون ٻڌندو هو.

ڊاڪٽر چوندو ويندو، ”ڪئنائين سلفيٽ 10 گرين، ائسڊ سائيٽرڪ 20 گرين، مئگ سلف 10 گرين، اسپرٽ ائنيسي 5 ڦڙا، پاڻي...“

”اول هڪ ڊوز ڪئسٽر آل پيئارينس.

هڪ مريض ويندو، ٻيو ايندو. ”گرڀ جي تڪيلف.“ ”ڪيترن ڏينهن کان آهي. ”ڊاڪٽر سڏ ڪندو، ”چرڻ سنگهه!“ چرڻ سنگهه اچي کڙو ٿيندو. ”هن کي ’ريسا خادم اي‘ ڏيوس.“ اهو سندس مشٽي يوگ هو.

”توکي ڇا ٿيو آهي؟“

”سورج ڦوڙ‘ سج اڀرڻ سان ئي مٿو سور ڪرڻ شروع ڪري ٿو، سج لهڻ تي سور لهي ٿو. سڄو ڏينهن بيحد درد رهي ٿو“

جيو مهاشيه وري پوڪاريندو. ”سنگهه جي!“ هن کي ’سورج ڦوڙ‘ جو ’مٽي يوگ بتائي ڪري وري ٻئي کي ڏسڻ لڳي ويندو. ڇرڪي ويندو.

’ٽن ڏينهن کان هلڪو پت. ٻري وانگر. سر ۾ درد.‘

”ڏسان، ڄڀ ڏيکار.“ ڄڀ ڏسي هو خبردار ٿي ويندو هو.

ذرا نبض ڏيکار.“ نبض کي دٻائي ڏسندو.

”ٻيو هٿ ڏيکار.“

”هون. ذرا هن ميز تي ليٽي پو. پيٽ ڏسي وٺان. هون.“

”تون ذرا هوشياريءَ سان رهه. ڀانئجي ٿو، ٻه ڏينهن ڊوڙڻو پوندءِ. سمجهيئه؟“

”ناڙيءَ مان بيامريءَ جي ڪٺن هئڻ جو اهڃاڻ ملي رهيو آهي. اڃا صاف نه بيٺو آهي. پر ڀانيان ٿو، ڄڀ ۽ پيٽ مان به لڳي ٿو، ٽائيفائيڊ يعني مدي جو تپ!“

”گوپال! ڪاڳڙ آڻ.“

نسخو لکائيندي لکائيندي ڊاڪٽر ٻڌايو، ”غور ڪجهه ته بخار ٻه ڀيرا چڙهي- لهي ٿو يا نه.“

”جي نه. بخار گهڻو نٿو رهي. بس ائين ئي، هڪ جهڙو....“

”نه، نه، خوب چڱي طرح غور ڪري ٻڌاءِ. چانور، مرملا متان کائين. سيگو داڻا، کير. اونهن، کير به نه. ۽ هن ريت ريل ڇيل نه ايندو ڪر. سمجهيئه؟ وقت لڳندو.“

”بس. ان ريت ڳوٺ ۾ ٻن- چئن روڳين وٽ وڃڻ باقي رهجي ويو. ان کان پوءِ نوگرام. ساها وٽ نمونيا جي ڪيس جو روڳي، سورڻ بابو جي پٽ کي ريمٽينٽ، راجيندر بابو جي ننڍي نينگر کي مٺا پيشاب. ڀائي نيپال جي استريءَ کي ويم ڪا سور. في ڪوئي ڏيندو، ڪوئي نه ڏيندو. جيڪي ڏيڻ وارا به آهن، انهن مان به هڪ ٻن وٽ بقايا رهندي.

رستي ۾ ڪيترائي ماڻهو کيس پاڻ وٽ سڏي ويندا آهن!

”مهاشيه جي، ڪرپا ڪري منهنجي نينگر کي ذرا ڏسي ويندا.“ ٻا رکي هنج ۾ کنيو واٽ تي ئي ڪيترا ماڻهو بيٺا هوندا هئا. ڪنهن- ڪنهن جي گهر وڃڻو پوندو هو. جيڪي ٻڍا آهن، کٽ داخل آهن، سي ٻاهر ڪيئن ٿا اچي سگهن؟“

’مهاشيه جي، منهنجي ماءُ کي ذرا ڏسي وڃو ها!‘

ياد آيس، تنهن ڏينهن ستاب کيس يوگي بئنرجي کي ڏسڻ لاءِ گهرايو هو. ”جيون، ذرا يوگي بئنرجي کي ڏسندو وڃج، ڀاءُ، ڪوئي اٿس ڪونه، مون کي ئي چئي ڇڏيو اٿائين ته جيڪڏهن جيون مهاشيه سان گڏجاڻي ٿئيئه، ته چئجانس، مون کي ڏسندو وڃي. خيراتي دواخاڻي جي دوا مان ته ڪو ٻوٽو ڪونه ٻريو.“

ستاب ۽ نيپال، ٻيئي ڄڻا اهڙن هيڻن جا همراهه هئا. هو ڊاڪٽر جي واٽ تڪيندا هئا.

جيون ڌت کلندو ويندو. کين چوندو،”حال ڄاڻي ٻڌائجو، مان ويندس.“

نيپال وڃي چوندس، ”هريهر ڪافي بيمار آهي. هن کي هڪ ڀيرو ڏسي اچ. گوپال باوري جي ماءُ بيمار آهي. هن کي به ڏسندو وڃج.“

هريهر چاق ٿي پوي ته نيپال کانئس هڪ خاصي[5] وصول ڪندو. جيون دت کي اها ڄاڻ هئي، هن کان خاصي وٺي نيپال خود پنهنجي پاران دال چانور گيهه ڏيئي ڪري دعوت ڏيندو. جيون جي حصي ۾ ايندي مٺائي ۽ مڇي.

گهر موٽندي- موٽندي ٻپهر ٿي ويندا هئس. کيسي ۾ روپيه-آڌيا، سڀ ملائي ٿيندا هئا ڏهه- ٻارهن روپيه. تنهن وقت في هوندي هئي هڪ روپيو. هڪئي ڀيرو في ملندي هئي. ٻيهر ساڳئي ڏينهن ڏسڻ جي نوبت ايندي هئي ته في ڪانه ملندي هئي. اچڻ سان ئي ڪرتو لاهي عطر کي ڏيندو هو. ون وهاري، سشما ڀرسان اچي  بيهندا هئس.

”دادا پئسا.“

موٽندي وقت جيون آڌيو مٽائي ايندو هو. ريزي ۾ ڪجهه پئسا ضرور هوندا هئا. چار پئسا ون وهاريءَ کي، ٻه سشما کي. بنو ڊبل پئسا وٺندو هو، چي، ’مان ته وڏو پئسو وٺندس.‘ سشما کي ننڍي- وڏي جو خيال نه هوندو هو. ٻه ملي وڃنس، بس. پٽ ۽ ڌيءَ. نوٽبڪ ۾ لکي ڇڏيندو. زميندار بابو ٽ فيءَ جا روپيه باقي رهيا.‘

ايتري ۾ آروگيه نڪيتن جي ٻاهران ومني ڳوٺ جي شيخ جي گاڏي اچي سهڙي. ڪرشڻ پور کان آدمي پهتو. ڪائسٿن جو ڳوٺ آهي ڪرشڻ پور. متر بابوجي چٺي آئي آهي، ”دت ماشيه، ديا پالي هڪ ڀيرو هيڏانهن پڌارجو. منهنجي وڏي پٽ کي ٽيهڙ تپ آهي راگهوپور جو ڪويراج علاج ڪندو هو، پر ڪوبه لاڀ نه ٿيو. سک. سريش چندر متر.“

نندوءَ گور هري بابو جي ان ڳالهه کي ڳنڍ ٻڌي ڇڏيو آهي. مهل بي مهل چئي ڏيندو آهي. جيون مهاشيه ان تي کليو. تن ڏينهن جي آروگيه- نڪيتن جي اوج ۾ هيءُ به حصيدار هو. ڪمائي به خوب ٿيندي هئي. تن ڏينهن ڪاٺ جي پيتيءَ ۾ دوا ويندي هئي. جتي جيون مهاشيه کي پيرين پنڌ وڃڻو پوندو هو، اتي نندو يا اِندرو کي باڪس مٿي تي ڍوئڻو پوندو هو. ڪنهن کان ٻه آنا ملي ويندا هئا، ڪنهن کان هڪ آنو. پر اڄ اهو حال آهي جو وقت تي پگهار به پوري ڪانه ٿي ملي.

جيڪي ڏينهن هليا وڃن ٿا، سي وري موٽن نٿا. ڏينهن سان گڏ وقت وڃي ٿو. وقت سان گڏوگڏ گذريل ڪال جي عزم وڌي ٿي، پراڻي ٿيئ ٿي، ڪال هيڻو ڏٻرو ٿي وڃي ٿو، نبري وڃي ٿو. هن جي به اها ناموس ويندي رهي، ان لاءِ کيس رنج ملال ڪونهي، پر ڏک ته ٿئي ٿو! ذلت سهارڻ نٿي ٿئي ۽ جيڪڏهن ذلت ذاتي هجي ته سهارڻ ڪري وڃي. هيءَ ته وديا جي ذلت آهي!

”اچو!“ مهنت جي شش ڀولاناٿ سواگت ڪيو. رستي تي ئي بيٺو رهيو. مڙهيءَ وٽ هڪ عجيب بانس ملندي آهي. الائي ڪيترن قسمن جون ويلون ۽ ميوا اتي آهن! اننت مول جو ته راڄ ئي سمجهو!

ڀولاناٿ چيو، ”صبوح کان وٺي مهنت جيءِ اوهان جي نالي جي رٽ لڳائي ڏني آهي. مهاشيه کي گهراءِ، اچي ذرا منهنجي نبض ته ڏسي وڃي.“


[1]  سڱن جو ساز يا توتارو.

[2]  مرض جي سڃاڻپ.

[3]  مٺا پيشاب

[4]  سوزاڪ - آتشڪ

[5] هڪ قسم جو ٻڪر

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org