سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :23

[23]

اٽڪل ڏيڍ مهيني بعد.

مهاشيه ۽ ستاب شطرنج کيلي رهيا آهن. بڊي جو مهينو، پر ان وچ ۾ ئي اَڀ ڪڪرن کان صاف سٿرو ٿي چڪو آهي. خشڪ سالي جي برسات هفتو اڳي ئي ختم ٿي چڪي آهي ۽ انهيءَ هڪ هفتي اندر ئي سرءُ جي مند بڻجي آئي آهي. اڄ وري شطرنج جو داو به خوب ڄميو آهي. وڇايل فراسيءَ جي ڀر ۾ ئي ٿالهي رکي آهي. چانهه جا ڪٽورا پيا آهن. جنم اشٽمي گذري چڪي آهي. عطر پڪل تاڙ جا وڙا ٺاهيا آهن، ٿوري کيرڻي به رڌي اٿائي. ناشتو ڪري همراهه راند ڪرڻ ويٺا آهن. ضرور مهاشيه ڪجهه ڪين کاڌو آهي. هو اوير ۾ چانهه ڌاران ڪي ڪين ورتائيندو آهي، اها عادت هن ڊاڪٽري سکڻ وقت ڊاڪٽر رنگ لعل وٽ ئي پرائي هئي. ماڻهن کي هو ضورر اپديش ڏيندو آهي ته ڪجهه کائي ڪري چانهه پيئندا ڪريو، پر پاڻ شام جي چانهه بنا ڪجهه کائڻ جي ئي نوش ڪندو آهي. کائڻ ۾ ڪجهه وقت وڌيڪ لڳي ٿو وڃي، بک نٿي رهي، هڪڙو ڪارڻ ان جو اهو به آهي پر اصلي ڪارڻ ته ڪو ٻيو ئي آهي. سنجها کانپوءِ يعني شطرنج کيڏڻ کان پوءِ چاهي ست وڄن، چاهي اٺ وڄن، چاهي ٻارهن وڄي وڃن، هت منهن ڌوئي ڪپڙا لٽا پهري اشٽ ديو کي سمرڻ ڪرڻ کان پوءِ ئي ڪجهه کائيندو آهي. پرمانند ماڌو!

عطر جو مزاج اڄ ٺڪاڻي تي آهي. ڪالهه جم اشٽميءَ جو اپواس ڪيو هئائين، اڄ نوتو ڏيئي ستاب جو هن ’براهمڻ ڀوڄ‘ ڪرايو آهي، شام جو جل پان به ڪرايائين. جل پان جي شوقين ستاب جي استريءَ ڪاڻ ڪجهه وڙا ۽ کيرڻي جي سوغات ٻڌي ڪري رکي ڇڏيائين. خوش آهي. رڳو براهمڻ ڀوڄ ئي ڇا، پتي- پتني برهم ڀوڄن ٿي ويو! ورت- اپواس ڪرڻ سان عطر ٻائي ٺيڪ ٿي گذاري. شايد هن جي پرلوڪ جي ڪلپنا ان ڪري ٻهڪي ٿي پوي. بندوبست به سٺو ٿي ويو. شڪايت جي ڪا گنجايش ئي ڪانه هئي. مهاشيه، پراني ميان کي ڪجهه عمدا پڪا تاڙ موڪلڻ جي تاڪيد ڪري ڇڏي هئي. رام هريءَ وٽان سٺي ۽ شڌ سامگري اچي ويئي هئي- سنهو اٽو، عمدا اوچا چانور، ٿورو گانءِ جو گيهه، ڊالڊا، تيل، ڀاڄيون ۽ هڪ مڇي. رام هري هينئر مرڻينگ حالت کان ڪافي بهتر ٿي ويو آهي. هن جي ننهن ۽ پوٽو به پهچي ويا آهن. اهي ئي سندس شيوا ٽهلڪري رهيا آهن. مهاشيه ڏانهن هنن سڀني جي شڪرگذاريءَ جي ڪائي حد ڪانهي. هن جي نئي استري پنهنجي ڀاءُ سان ڀڄي ويئي آهي. البت هو چيڙاڪ ٿي پيو آهي. ششي تي ته هو شبد ڀيدي ٻاڻ جهڙا تڪا ويڻ ڇڏيندو رهندو آهي. ننهن ۽ پوٽي تي به وسڪارو ڪندو رهي ٿو. پر ان  چڙڻي سڀاو جي باوجود مهاشيه کي ڏسندي ڀنل اکين سان چوندو آهي- ”بابو جي، اڳئين جنم ۾ اوهان ضرور منهنجا پتا رهيا آهيو...“ تنهن ڏينهن کان هو لڳاتار ويهن ڏينهن تائين رام هريءَ کي ڏسڻ اچي رهيو آهي.

رام هري شايد ان ڪري به هيترو سارو سامان موڪلي ڏنو هو. نه ته هنن ڏينهن ۾ ويڄن ڊاڪٽرن کي سوکڙي سوغاتون موڪلڻ جو رواج کڄي ويو آهي. هينئر ته روڪڙ جو زمانو آهي. سو ٻڌي رام هري پنهنجي پورب جنم جي پتا جي وندنا ڪئي. هڪ ڏيهاڙي مهاشيه کلي کيس چيو: ”پوءِ ته ششي ان جنم جو چاچو هوندءِ؛ ڇا خيال آهي؟ توکي واٽ تي ويهاري ڇڏيو هوندائين. ڪيئن؟“

رام هري به کلي پيو هو. ”مهاشيه چيو هو: ”ڏس، جڏهن تنهنجي اون جنم جو پيءُ ٿي ڪري توتي منهنجي هيتري ممتا آهي، ته تنهنجو هن جنم جي پنهنجي پٽ جي پٽ ڏانهن بي مک رهڻ ڇا چڱو آهي؟ هڪ ڳالهه ٻي به چئي ڇڏيان، تون چڱو ڀلو ضرور ٿي ويو آهين، پر اڃا تنهنجي هيءَ بيماري جڙ کان ڪانه ويئي آهي. سنڀالي ڪري هلج. سمجهي وئين؟ جيڪڏهن وصيعت ڪرڻي اٿئي ته ڪري ئي وٺ. ها، جنهن ويچاري استريءَ توسان پڇاڙيءَ ۾ شادي ڪئي آهي تنهن کي وانجهي نه رکج.“

رام هريءَ جي ان جوان زال ان وچ ۾ پٺئين رستي کان اندر وڃي ڪري عطر جا پير پڪڙيا ۽ منٿ ميڙ ڪئي. مهاشيه کي ان ڳالهه ۾ رتي جيترو به شڪ ڪونه هو ته اها صلاح هن کي ششي وٽان ملي آهي.  ممڪن آهي، هوءَ ڪجهه ڀيٽا به ڏيئي ويئي هجي. ممڪن ڇو، جڏهن عطر هن جي هيتري وڪالت ڪئي آهي تڏهن هن جي في ضرور ورتي اٿائين. مهاشيه کي ان ڳالهه جو ڏمر ٿيو هو، پر هن ڪڇيو پڇيو ڪونه. هن خود رام هري کي اها ڳالهه چئي هئي. عطر جيڪي ڪجهه به ڪيو آهي، ان جي ذميواري مٿس آهي. وري به پتيءَ کي پتنيءَ جي پاپ جو ڀاڳ وٺڻو پيو ته ڪونه ڪيٻائيدو. هتي جڏهن هو عطر جي جلن سڄي حياتي برداشت ڪندو رهيوآهي. تڏهن ڇا پرلوڪ ۾ هو هن جي پاپ جي حصي جو بار به نه ڍوئي سگهندو؟ بيشڪ ڍوئي ويندو.

ڊاڪٽر جو چوڻ آهي ته وپن هينئر ٺيڪ آهي. هن جي هڏڪي بند آهي. اتي به کيس روز وڃڻو پوي ٿو. جيستوڻي هو ناڙي ڏسي نرنيه ڪين ڏيندو، رت بابو کي سنتوش ڪونه ٿيندو. پرديوت به اٿي ويندو آهي. هو وڃي ٿو، جڏهن مهاشيه اتان ٿي ورندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿي ويندي آهي. هڪ ٻه گفتو به نڪري ويندوآهي. بس، نمسڪار جي اوٽ موٽ. هو هٿ ڏسي ڪري ئي موٽي ايندو آهي. چئي ايندو آهي ته وپن ٺيڪ آهي. ان کان وڌيڪ فضول ٿو سمجهي. من ۾ اهي ڳالهيون چڪر ڪاٽي رهيون آهن، جيڪي هن مهنت جي مرڻ ڏينهن ڊاڪٽر هريندر کي چيون هيون.

حقو هٿ ۾ جهلي ستاب چال سوچي رهيو هو.

مهاشيه چيو- ”ڀاءُ ’نه هري برهما نه چَه شنڪر!‘ هن جو ڪم ته ختم سمجهه ٻچو! ٽي چالون. ٽين چال ۾ ئي تنهنجو فرضي، فِيل[1] جي آمهون سامهون بيوس پيو رهندو.“ هن ستاب جي فرضيءَ کي فيل سان دٻائي رکيو آهي. هيڏانهن ڏني اٿائين قسط. ستاب سوچ ۾ آهي.

مهاشيه کانئس چلم وٺي ڇڪڻ لڳو- ”نيٺ به تماڪ مفت ۾ ڇو جلي!“ ستاب ساريون الٽ ڪري چلم ڪاڻ هٿ ڊگهيڙيندي چيو- ”وٺ! اڄ تنهنجو ستارو بلند آهي.“

ستاب ڪوڙ ڪونه چيو، مهاشيه لڳاتار ٻه بازيون کٽيون. ستاب معمولي کيلاڙي ڪونهي. هن کان جيتڻ مشڪل آهي. اڪثر بازيون ختم ٿي وينديون آهن. سومان نوي رانديون ختم ٿي وينديون آهن ڏهن مان جيت- هار ٿيندي آهي، سا به برابر- برابر.

هٿ ۾ ڪوئي سخت روڳي هوندس ته کيڏڻ وقت مهاشيه تن ڏينهن ۾ جيئن جوئا ۾ ڪندو هو، شرط لڳائيندو. ”اڄ جيڪڏهن ستاب هارائي ويو ته بيمار کي چڱو ڀلو ٿيڻو پوندو. بيماريءَ کي هارائڻو پوندو نبض ڏسڻ جي انڀوتي ياد اچي ويندي هيس. غلط نٿو ٿي سگهي. غلط ٿيڻ جو ئي نه آهي. روڳ جي چوراکورا پيئي مغز ۾ هلندس. ڪل جي پرزي وانگر راند ڪندو ويندو ۽ هڪوار ستاب اڇل مان چوندو ”مات اچي ويئي!“

ڪش ڀريندي دونهون ڇڏيندي ستاب دهرايو- ”تنهنجو ستارو اڄ بلند آهي. سچ پچ بلند اٿئي جيون. رام هريءَ کي تو بچائڻ سان ڪمال ڪيو آهي! خوب بچايو اٿئي!“

جيون مهاشيه وراڻيو- ”پرم اوسٿا پرم اوشڌي (وڏي ڄمار وڏي دوا) آهي ستاب. رام هريءَ جي ڪپڙيءَ ۾ ڪڻا هئا. سڄي عمر ڪشتي کيڏيندو رهيو. ڪسرت ڪندو رهيو، اهو به ته  هڪ قسم جو يوگ ئي آهي. عام ماڻهن کان هن ۾ تفاوت آهي. هن ۾ سهن شڪتي ڪيڏي آهي! مون اهو ئي سوچيو هو. عمر جي سڀ کان وڏي ڳالهه آهي شڪتي. روڳ سان دوا ٿوروئي لڙائي لڙندي آهي؟ لڙائي لڙندي آهي جيون شڪتي- ڄمار.

ستاب چيو- ”ڪجهه به هجي، هٿ جو جس ته تنهنجو ئي آهي. اهو جس توکي سدا کان آهي.“ ستاب نئي بازي رچڻ لڳو. سارين کي ٺهڪائيندي چيائين- ”ششي جي حرڪت ٻڌي اٿئي؟“

”ٻڌي اٿم، ٻڌي اٿم، اها به.“ ڊاڪٽر ساريون سجائيندي- سجائيندي کلڻ لڳو. ۽ ٻيءَ کن ۾ ئي سندس ڳلن جي ٻنهي طرفان نسون سيٽجي ويئون. هن جو ذرا ڏنل منهن ٽامڻي هڻي ويو.

ششي انهي پهرئين ڏينهن ئي رام هريءَ وٽان ڀڄي آيو هو. شراب پيتائين ۽ نوگرام جي هڪ- هڪ ڊاڪٽر وٽ رڙيون ڪندو وتيو- ’مان ته وري به ڪمپائونڊر آهيان. بدستور پاس ڪيل بردوان مان. هو ته توبہ! لاحول والله قوت! جيڪا پونجي اٿس سا ڊاڪٽر رنگلعل جا ٿورا نسخا ۽ ابن ڏاڏن جي مشٽي يوگ جي وَهي! ۽ نبض ڳولهي، اکيون ڦيرائي ٿوري دير آڱرين سان دٻائڻ- ان بعد وايو، ڀت، ڪف! لڳي ٿو ڏهه ڏينهن. نه ته ڪنڌ ڌوڻ ڪري چوڻ، اهو ئي ته‘.... ٻچو بچائي وٺندو رام هريءَ کي! اَڪ جي ماکي آهي ڇا؟ بچائي وٺي ته مان به ڏسان! اهو به ته گلوڪوس جي سئي ڏيڻ لاءِ ڊاڪٽر هريندر کي ئي گهرائڻو پيو! دراصل ڳالهه اهاآهي ته رام هريءَ وٽ رقم آهي، جائيداد آهي. اڙي بابا، سڀ سمجهان ٿو. آخر رام هريءَ کي ته هلڻو ئي پوندو هينئر بچڻ جو دلاسو ڏيئي سئي، دوا في، گاڏيءَ جو ڀاڙو، هي- هوُ دم دلاسا ڏيئي جيڪي ڪجهه سو- ڏيڍ ڦٻائي سگهجي سو ڦٻائي وٺي. اهو ڀلا ڪير نٿو سمجهي؟ منهنجي نالي ته جيڪي به من ۾ اچيس ٿو، چوندو وتي ٿو. ليڪن مهنت کي، چنڊي ٿان جي مهنت کي ڪنهن ماريو؟ ڇا هن نه؟ گذريل رات هڪڙو ئي دوا جو ڊوز ڏيئي مان کيس سمهاري آيو هوس. هو ويو وڃي وري منتر پڙهي آيو، شام جو پاڻ ويندو. هاڻ دوا دارون ڇڏي ڏي. سڄو ڏينهن دوا مک ۾ ڪانه ويئي. ٽئين پهر وري دست ٿيا. دست ته ٿيڻا ئي هئا. بس هن جي اڳڪٿي سڦل ٿي ويئي.

ڊاڪٽر پرديوت به اهوئي آکي ٿو.

چي، ”مهنت مري ويو. ان لاءِ مٿي ۾ سور ڪنهن کي آهي! پر هن جي زندگيءَ جي قيمت تي ئي جيون مهاشيه پاڻ کي ناڙي- گيان ۾ پر ٻيڻ پنڊت ثابت ڪري ورتو. پر مان چوندس ”مهنت کي هن ئي ماريو آهي. بيس اِن دي ٽروُسينس آف دي ٽرم-[2] نيم سان دوا ڏيڻ ۽ ان ريت ڇڪي گهر کان ٻاهر نه ڪڍڻ سان مهنت اڃا به هڪ ٻه ڏينهن گهٽ ۾ گهٽ ٻه چار ڪلاڪ بچي سگهي ها، ان ۾ ڪوبه گمان ڪونهي. هيءُ ته پنهنجي اڳڪٿيءَ کي سچ ثابت ڪرڻ لاءِ هن کي ڇڪي تاڻي مردنگ- دهل ڌمام وڄائي ڇرڪائي کيس همٿائي ماريو ويو آهي.“

ياد ايندي ئي مهاشيه جون ڦونڊيل نسون ٽرڪڻ لڳيون.

ان ڳالهه جو ذڪر ٿيندي ئي مهاشيه اهڙو مگن ٿي ويو جو بازي ئي هارائي ويٺو. ستاب ٺپ ڏيئي هن جي ساريءَ کي ئي ڪاٽي ڇڏيو. چيائين- ”هاڻ!“

هاڻ! ٺيڪ ئي چيهءِ.“ اڍائي قدم واري گهوڙي جي زور تي هڪ پيادي جي وڌي سگهڻ جي کيس سوجهه ئي ڪانه پئي.

ستاب کلندي چيو: ”ڏسڻو آهي؟“

داوُ تي نگهاه ڦيرائيندي مهاشيه وراڻيو- ”نه. سڀ ڪجهه الائي ڪيئن ته ٿي ويو. ذڪر ڇيڙي تو من کي چنچل ڪري ڇڏي. اڙي نندو، ذرا تماڪ ته ڏيئي وڃ پٽ. وري هڪ ڀيرو چانهه ٺاهڻ لاءِ چئي اچ. پي وٺان ته پوءِ اٿان. دير ٿي ويئي ته شريمتي جي وري قصو ڪٽي ويهندي.“

يعني رات جي رسوئي جو انتظام شروع ڪندي. گهر واريءَ جي کاڌي جو بندوبست ستاب جي لاءِ اڪثر هيبتناڪ ٿيندو آهي. موٽندي وقت کيس دوان تان ڊانڊا وٺي وڃڻو پوندو آهي. خير، کاڌو ڪجهه سوادي بڻائي ٿي. ستاب هن جو ”نشان“ بڻبو آهي. هو خود ڪڏهن- ڪڏهن چوندو آهي- ”سمجهيهءِ ڀائي جيون، يار اهو ئي سورهن ڏنڀري جي مڇين وارو قصو! اهو ئي جيڪو هڪ ڪوريءَ سورهن ڏنڀري جون مڇيون ڳڌيون ۽ جوءِ کي چيائين- ”ذرا ڍنگ سان رڌي، بصر ۽ گرم مصالحو ٻرڪي گهاٽو گهاٽو شروو، ڳاڙها مرچ، ڄڀ تي چکڻ سان ئي طبيعت ڦڙڪي پوي!“ هيڏانهن جوڻس مڇيون رڌڻ ويئي، هوڏانهن ڪوري آڏاڻي تي ويٺو. جيئن ئي ’ڇن‘ وچ آواز ٿئي ڪوري مٽيءَ تي ’نشان‘ بڻائيندو وڃي. جڏهن ”ڇن“ جو آواز بند ٿيو، هو اٿي کائڻ لاءِ پهتو. جوڻس رسوئي پرڇي ڏني پر مڇي هڪ ئي هئي.

”اڙي هيءُ ڇا، ٻيون مڇيون ڪيڏانهن ويئون!“

”هڪ ته ٻلي کڻي ڀڳي!“

”ته به پندرهن بچيون هونديون.“

”ٻِر مان ڪوُٽوُ نڪتو۽ هڪ هو کڻي ڀڳو.“

”خير. ٻه ويئون. باقي رهيون چوڏهن.“

”ٻه کڻي ويو ڀوت! اَڪ جي وڻ واري ڀوت دريءَ مان هٿ وڌائي ٻه ورتيون.“

”اهو به سهين. پوءِ به ٻارهن بچيون!“

”ڀوت جي ڊپ کان هراسجي مون کان ڇرڪ نڪري ويو سو هٿ سان لڳي ٻه باهه ۾ ڪري پيئون.“ ستاب کلندو ويو، چوندو ويو، سمجهي ويو ان ريت ڪوريءَ جي زال پندرهن مڇين جو ليکو ٻڌايو. رڌيندي- رڌيندي شريمتي مڇين کي چٽ ڪري ويئي هئي. پندرهن مڇين جو حساب سمجهائي ڪري چيائينس: ”آئون جيئن ته چڱي پيءُ جي ڌيءَ آهيان، ان ڪري ايترو حساب ڏيان ٿي. جيڪڏهن تون به ڀلي پيءُ جو پٽ آهين، ته پڇڙي ۽ مٿو کائي وچوارو حصو مون لاءِ رکي ڇڏ.“

ستاب ايترو چئي کلي کلي کيرو ٿي پيو.

ٻاهران ڪنهن آواز ڏنو- ”مهاشيه جي! ڪٿي آهيو؟ ڪيڏانهن؟“ مهاشيه ڪجهه حيران ٿي گردن گهمائي ڏٺو؛ ڪشور جو آواز!

هو ڪلڪتي ويو هو. شايد موٽي آيو. ڪجهه نيئي آيو آهي شايد. ڪلڪتي وڃڻ سان هو سندس ڪاڻ ڪجهه نه ڪجهه ضورر آڻيندوآهي. رڳو سندس ڪاڻ ئي ڇو ٻين ڪيترن ڪاڻ به. ڇا ٻڍا، ڇاٻار، ڇا زالون، هو سڀني جو پيارو آهي. ٻارن جي واسطي پينسل، ڪتاب، ڇوڪرين جي لاءِ سلائيءَ جون شيون، غريب- وچولي درجي وارن جي ٻارن ڪاڻ ڪڙتا، سوٽ. مهاشيه کي هن چار پنج ڀيرا نسخا لکي ڏيڻ لاءِ فئاونٽين پين آڻي ڏني. سڀ گم ٿي ويئون. ڪڏهن- ڪڏهن نئون جوتو آڻي ڏيندو اٿس. جينهن ڀيري ٻيو ڪجهه نه آڻي سگهندو آهي ته ميوو وٺي ايندو آهي. ڪشور ۾ سدائين نراڻ رهي. هن آواز ڏنو- ”ڪشور!“

”ڪٿي آهيو اوهان؟ اچو مون سان گهڻائي آدمي آهن.“

مهاشيه ٻاهر نڪتو- ’الائي ڪهڙي مصبيت ساڻ وٺي آيو آهي ڪشور. ڪٿي وبا پکڙي، ڪٿي فساد مچي ويو، جيڪي به ٿئي، سڀ ۾ ٽپي پوڻ سندس سڀاو ٿي پيو آهي.‘

ٻاهر نڪري مهاشيه حيرت ۾اچي ويو. ڪجه سمجهي نه سگهيو.سڀ جا سڀ معزز نگرواسي. پوشاڪ ڪوٽ پلتون، صاف چمڪ، نگاهن ۾ سکيا ۽ ٻڌيءَ جو تيج. سڀ جا سڀ خاص ماڻهو. ساڻ ٿاڻي جو داروغو (صوبيدار)، مڪاني ڪيترا سرڪاري ماڻهو به... ڊاڪٽر پرديوت پڻ. اتان جي شاهوڪار برجلعل بابو جا وارث، سڀ اڄڪلهه شهر ۾ رهندا آهن. هن جماعت ۾ هن جو پوٽ به آهي. يونين بورد جو چيئرمن آهي. سڀ جا سڀ هتي؟ هن جي دروازي تي؟

هن جا ڪن پاپڙين وٽان ڳاڙها ٿي ويا. سندس چوڻ کان اڳي ئي ڪشور هنن سڄڻن کي چيو: ”هيءُ ئي آهن اسان جو مهاشيه. ٽن پيڙهين کان هتان جي پيڙتن جو دادا. ................... هڪ سو ورهين کان اهو ئي آرگيه- نڪيتن اسان ماڻهن جو هيلٿ- سينٽر ٿي رهيو آهي.“

ان ٽوليءَ جي خاص ماڻهن جي چهري تي هلڪي کل نمودار ٿي. ان ۾ ڪجهه ڍونگ هو، ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي. هنن سڄڻن مهاشيه کي نمسڪار ڪئي. مهاشيه به موٽ ۾ نمسڪار ڪئي.

ڪشور هن جي طرفان وڪالت ڪري رهيو هو- ”ڪنهن زماني ۾ هن هتي وڏو ڪاريه ڪيو آهي، هنجي اڄوڪي اوڻائيءَ جو ويچار نه ڪرڻ گهرجي.“

پديوت ڳنڀير ٿي مٽيءَ جي طرف سر جهڪائي بيٺو هو. ڪوٽ سوٽ پهريل هڪڙو ٻيو جوان آهستي- آهستي کيس الائي ڇا چئي رهيو هو. هڪ طرف بيٺو هو هريندر.

ڪشور چيو- ”۽ هيءُ سڀ اسان جي نئين پرانت جا اڏيندڙ سڄڻ آهن، وشو ڪرمائن جي جماعت. ڪميونٽي پروجيڪٽ جو نالو ته ٻڌو هوندو؟ هڪ سوڳوٺن جي دائري ۾ هڪ نئين ڍنگ جي علائقي جي هيءُ سڄن رچنا ڪندا. پان وٽ به هڪ پرجيڪٽ ٿيندو. ان جو سينٽر نوگرام ۾ ٿيندو. نيون سڻڪون، اسڪول، اسپتالون، بجلي، گهڻو ڪجهه.ان ڪري هيءُ سڀ علائقي کي ڏسڻ آيا آهن. هتان لنگهندي اوهان جي سائن بورڊ تي جا نظر پيئي سو پڇيائون. مون کين ٻڌايو، آروگيه نڪيتن اڄ ٽٽي پيو آهي پر ان ۾ پويان پساهه آهن يعني مهاشيه اڃا موجود آهي. کين ڏسڻ بنا اوهان صاحب اهو ڪين سمجهي سگهندا ته هن سنسٿا جي پراڻ جي ڪيتري قيمت آهي، ڪيتري شڪتي آهي!“

اچانڪ مهاشيه کي ائين محسوس ٿيو جو خشڪ سمنڊ جي ريتيءَ جي انبار وانگر هن جي اندر ۾ الائي ڪهڙي گهراڻيءَ مان اونهو ساهه لوڻياٺي پاڻيءَ مثل اڀامندو ڪهڙي گهراڻيءَ مان اونهو ساهه لوڻياٺي پاڻيءَ مثل اڀامندو پيو اچي. هن جا ٻئي چپ ٿر- ٿر ڪنبڻ لڳا. ٻنهي لڙڪندڙ ڳلن کي زور سان دٻائي هو چپ چاپ بيٺو رهيو.

ڪشور وري چيو- ”مان مهاشيه جي ناڙي- گيان جو ذڪر ڪري رهيو هوس. هن دفعي جيڪو ڪلڪتي جو ڊاڪٽر سين گپتا آيو هو، برجلعل بابو جي پوٽي کي ڏسڻ واسطي! پنجين ڏينهن مهاشيه مريض کي ڏٺو هو. ڏسي ڪري ٻاهر نڪري آيو. مان به نڪري آيس. مان اتي ئي هوس. ان وقت مان پنهنجي شيوا سنگهه جو منتري هوس. مان ئي ٽهل ٽڪور  ۾ لڳل هوس. مهاشيه سان گڏ نڪري پڇيم.

*      *      *

اها گهڻن ڏينهن جي ڳالهه آهي. گهڻن ڏينهن جي.

تنهن وقت ٽائيفائيڊ لاءِ فاز جو استعمال شروع ئي ٿيو هو. ڪلڪتي جي مشهور ڊاڪٽر سين گپت اچي ڪري فاز جو وهنوار جاري ڪيو هو. بر جلعل بابو جي پوٽي جي بيماري ۾ ئي مهاشيه پهريون ڀيرو فاز جو وهنوار ڏٺو هو. ڊاڪٽر سين گپت- ڀلمانس، اوچ آتما ۽ ڌارمڪ ويچارن وارو شخص هو.


[1] هاٿي.

[2]  ها، حقيقت اها ئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org