سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :36

[34]

 

”ڏس، ونيه، دنيا ۾ موت اڻ ٽر آهي، جيڪو جنم وٺي ٿو، ان جو مرڻ لازمي آهي. موت جا رستا گهڻا آهن: هو اسٿر آهي، ڌرم سمان. ڪوئي بيماري وگهي مري ٿو، ڪوئي حادثي يا ڌڪ ۾. ڪوئي پنهنجي مرضيءَ سان مري ٿو- آپگهات ڪري. ليڪن بيماري ئي موت جي صدر دروازي جي پڪي سڻڪ آهي. بيماري ڪهڙي به هجي؛ ان ۾ موت جو اثر رهي ٿو؛ پر سڀني بيمارين وگهي ماڻهو مرندا نه آهن، پر اهي موت جي طرف ماڻهوءَ کي ٿورو وڌيڪ ڌڪين ٿيون. جيون شڪتي گهٽائي ذرا ان طرف وڌائين ٿيون. ويڄ طبيب رڳو علاج ڪري ٿو. پاڻ ڄاڻندي به هن کي جنهن جي جيئڻ جي اميد لڳي ٿي، ان کي هو مرڻ جي لاءِ نٿو چوي. مريض جي مرڻ جو شڪ پوندو اٿس ته آڱر جي اشاري سان ٻڌائيندو. چوندو، وڏي ڊاڪٽر کي گهرايو يا ڪوئي پنهنجو رايو صاف ظاهر ڪري ڇڏيندو آهي.“

اهي ڳالهيون ونيه جي دڪان تي ٿي رهيون هيون- هڪ ڏينهن کانپوءِ. مهاشيه، ششانڪ جي استريءَ کي ڏسي جيڪي چيو آهي،ان مان چڱي چهل پهل مچي ويئي آهي. نوگرام جي ڊاڪٽرن- هريندر، چارو بابو، پرديوت ٽنهي ڄڻن نڪ کڻي موڙيو. پرديوت چيو آهي. ”هٿ ڏسي ٻڌايو اٿس، سلهه نه آهي؟“

اها هلچل ششيءَ مچائي آهي. هو چوندو وتي ٿو: ”شت ماري ڀويد وئديه: سهسر ماري- چڪتسڪہ.“ ٻن چئن هزار بيمارن جي جان وٺي آخر جيونمهاشيه بيمار کي بچائڻ هليو آهي. رام هريءَ کي اتيسار کان بچائي ورتائين، هاڻ ششانڪ جي استريءَ کي سلهه مان بچائيندو. راڻا پاٺڪ کي بچائيندو.“

ششيءَ جي ها ۾ ها ملائي رهيو آهي دانتو. ونيه چيو: ”هو غريب براهمڻ ڪالهه اسپتال مان موٽي ششيءَ سان وڃي ڳنڍيو آهي. ششيءَ هن کي چيو آهي، دانتو، جڏهن جيونمهاشيه سلهه کي ٺيڪ ڪري سگهي ٿو تڏهن آئون تنهنجي بدهضمي ٺيڪ نه ڪري سگهندس؟ ڪئينوسنڊڪا پيئاري توکي چڱو ڀلو ڪري ڇڏيندس.“

مهاشيه ڇرڪ ڀريو: ”دانتواسپتال امان ڀڄي ويو آهي يا ڊاڪٽر کيس ڊسچارج ڪيو آهي؟“

”زوريءَ هليو آيو آهي. اسپتال ۾ ڀوت جو شور متو هو، ٻڌو نه هوندءِ. وري مٿان ٽيون ڏينهن رات جو زهر کائي پرانيءَ جي گهر واريءَ اسپتال جي ميز تي دم ڏنو. دانتو اقرار نامي تي صحي وجهي هليو آيو آهي.“

مهاشيه امالڪ بي دليو ٿي اٿيو. دريءَ کان ٻاهر گگن منڊل ڏانهن نهارڻ لڳو. گويا سندس من سڃي خلاءِ ۾ ڪجهه ڳولڻ لڳو. منهن تي هلڪي مرڪ نمودار ٿيس.

”مهاشيه!“ ڀريل گلي سان پڪاريندو راڻا پاٺڪ اندر گهڙيو. چي، ”آئون اڳي کان بهتر آهيان. ٻن ٽن ڏينهن کان تپ گهٽيل آهي. ڪالهه ته شايد هوئي ڪونه.“ راڻا بينچ تي ويهي رهيو. اٽڪل پنج سيري مڇي ڌرتيءَ تي ڌريائين.

مهاشيه راڻا ڏانهن نهارڻ لڳو. ڏسڻ لڳو، ته هن جي شڪل ۾ ڪجهه فرق نظر اچي ٿو يا نه. راڻا چيو: ”هريندر، چارو بابو ۽ اسپتال جي ڊاڪٽر ٽنهي کي اڄ کري کري سڻائي آيو آهيان.“

مهاشيه ڀروُن تاڻيندي پڇيس: ”ڇا چئي آيو آهين؟“

راڻا چيو: ”ڪوآپريٽو يا فوآپريٽو، الاجي ڪهڙو شفا خانو کوليو اٿن. اتي ويهي هو ششانڪ جي وڌوا جي ۽ منهنجي بيماريءَ جو ذڪر ڪري اوهان جي گلا ڪري رهيا هئا. آئون به بيٺي بيٺي ٻڌي رهيو هوس. سو کين ڦهڪائي ڏنم. جهٽ هن نئين ڊاڪٽر ٻوڪ ڦاڙيو؛ لک حيلا هلاءِ، پر تون بچندين ڪونه. مهاشيه توکي بچائي ڪونه سگهندو. بچڻ چاهين ته ڪنهن سلهه اسپتال ۾ وڃي ڀرتي ٿيءُ. تنهن تي مون به کين کتو جواب ڏنو.“

”تکا لفظ چيا هوندءِ؟“

”ٻه چار ضرور چيا هوندم، پر اهڙا تکا نه. جهڙوڪ، اوهان ڪهڙي ڪهڙي ڪٺن بيماري ٺيڪ ڪئي آهي، سو چيم. هن ڪهار جي سلهه وارو قصو سڻايم، جنهن جي وات مان رت ايندو هو.“

”نه نه. هن ڪهار کي سلهه ڪانه ٿي هئي. رت پت هو.“

”مگر چڪرڌاريءَ ته سلهه ئي ٻڌائي هئي. چارو بابوءَ پڻ.“

”هر هڪ آدميءَ کان ڀل ٿيندي آهي ڀاءُ.“

”ششانڪ جي استريءَ کي به ته هنن سلهه ئي ٻڌايو هو. اوهان چيو، سلهه نه آهي.“

”ها. منهنجي خيال ۾ ان ۾ به هنن غلطي ڪئي آهي. هوءَ ٺيڪ ٿي ويندي ايڪس ري ڪن ته ترت معلوم ٿي ويندو. ناڙي شناس هجين ها ته به روڳ پڪڙي سگهن ٿا. دراصل وايو جو وڪار آهي. وڌوا آهي، ان ڪري شرير تي اڻ ڳڻيا ظلم ٿي ڪري. اوير سوير کائيندي آهي، ٽي چار مهيني ۾ ورت واريندي آهي. ليور جي خرابيءَ ڪري ئي کنگهه ٿي اٿس. مٿان اٿس پراڻو بخار. ان کي هو سمجهي ڪونه سگهيا.“

”مون کي ته سلهه آهي. آئون اڳي کان بهتر آهيان.“

”بهتر آهين؟“

”ڀانيان ٿو. ٻن ڏينهن کان تپ گهٽيل آهي. ٿورو ٿورو آهي. نالي ماتر. خود به نبض ڏسڻ اچيم ٿي. نيم سان کاوان پيئان ٿو. هينئر ڪجهه چڱو لڳي ٿو. وري هن نڀاڳيءَ کان پيڇو ڇڏايو اٿم. هوءَ مري ويئي. هٿ ڏسو نه!“ راڻا آسائتو ٿي چيو. هٿ، ڇاتي سڀ جاچي مهاشيه چيو: ”ساڳي دوا هلڻ ڏي. سنجم سان رهجو. ڏس....“

”ڇا ٿا ڀانيو؟ مون کان لڪائڻ جي ڪائي ضرورت ڪانهي. راڻا کي اوهان سڃاڻو ٿا. موت جو ڊپ ڪو ڪونهيم. پر ٺيڪ ٿي سگهان، ڪڇ ڏينهن وڌيڪ جيئي سگهان، ته ڀل ڇو نه چاهيان. جڏهن سلهه ٿي اٿم، ته سمجهان ٿو منهنجي مرڻ جو نوٽيس تعميل ٿي چڪو آهي. هينئر جيڪر ضمانت تي ڏهه ڏينهن رهڻ جي مهلت ملي ته من جي مراد پوري ڪري وٺان. اوهان بي کٽڪي ٻڌايو.“

”اڃا ٻڌائڻ جو وقت ڪونه آيو آهي. ايترو چئي سگهان ٿو، ته خاص ڪجهه بگڙيو ڪونهي. تون هينئر پندرهن ڏينهن کان پوءِ اچج.“

”چڱو، ائين ئي سهي، هيءَ مڇي اوهان لاءِ آندي اٿم.“

”ان جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ مون وٽ ڪير کائيندو؟“

”راهه ۾ ملي ويئي. کڻي آيس. اِڇا ٿي. نديءَ ۾ مهاڻا ڦاسائي رهيا هئا. نديءَ تي پنهنجو راڄ آهي. مال گذاري وصول ٿيندي آهي. بهي ڪري ڏٺم، ڪافي مڇي آهي، ٻه اڍائي مڻ. هيءَ مڇي وڻي ويئي اوهان ياد آيا. کڻي آياس. گهر کڻي وڃو، ونيه وغيره کي ڏجو. پاڙي ۾ ورهايو. مون کي آسيس ڏيو. جيئڻ مرڻ جيڪي به ٿئي، سگهو ئي نبيرو ٿي وڃي. وڌيڪ ڀوڳڻو نه پوي. چڱو آئون هلان ٿو.“

مهاشيه سوچيو، ’راڻا آسائتو آهي. ڪمال جو آدمي آهي! ڪوبه ڊپ نه اٿس، پر هو بچندو ڪونه.‘

ونيه چيو: ”ته رات اوهان وٽ ئي دعوت رهي. ٻيو سامان گهرائي مڇيءَ سميت عطر ڀاڀيءَ کي موڪلي ڏيان؟“

مهاشيه کلي چيو: ”موڪلي ڏي.“ ونيه هليو ويو.

مهاشيه گهر ۾ اڪيلو پنهنجي ناڙي ڏسي رهيو هو. اڄڪلهه اهائي عادت اٿس. جيڪڏهن موت جي پيرن جي آهٽ ٻڌي سگهي! اهائي ڪامنا من ۾ ڀريل ٿيندي ٿي وڃيس. موت کي هو سڀني حواسن سان پڌرو ڪندو. سجاڳ رهندو. هن جي پيرن جي آهٽ، هن جو روپ، آواز، سواد سڀ ڪجهه ظاهر ڪندو. روپ هوندو ته ان کي ڏسندو، آواز کي سڻندو، ڇهاءُ هوندو ته محسوس ڪندو ۽ ممڪن آهي ته هو ٻڌائي به ويندو.

پر هوءَ ڪير آهي؟ عطر ۽ منجري آهي؟ تڏهن ڀلا ڪير آهي؟ ڪير؟

*      *      *      *

هڪ جوان عورت سندس ڪمري ۾ داخل ٿي. اچرج وچان هو کيس ڏسندو رهيو. وڏيون موڪريون اکيون، ماٺيڻي نگاهه، ٽڙندڙ مهانڊو، گورو رنگ، ڄمار ويهه ٻاويهه ورهيه، سفيد بلائوز، بارڊر واري سفيد ساڙهي، ڳچيءَ ۾ هار چمڪي رهيو آهي، ٻئي ڪرايون ڳهڻن کان خالي، کاٻي هٿ ۾ ڪاري پٽي واري رسٽ واچ. انگ انگ ۾ خوشيءَ جي مهڪ! ڏسندي ئي اکيون کپي ويس.

سندريءَ چيو: ”مان هتي نرس بڻجي آئي آهيان- اوهان جو نالو ٻڌو اٿم. اسپتال جي سامهون ايندي ويندي ڏسندي آهيان. اوهان سان ڳالهائڻ لاءِ من ڏاڍو چاهيندو آهي. بازار وئي هئس، ڏٺم ته اوهان اڪيلا ويٺا آهيو.“

”ويهه، ڌيءَ ويهه. ڳالهيون ڪرڻ آئي آهين ته بيهڻ سان ڪم ڪيئن هلندو؟ مون جهڙي ٻڍي کان سنڪوچ به ڪهڙو؟ ويهه، تنهن ڏينهن رات جو اسپتال جي ورانڊي ۾ تون بيٺي هئينءَ؟“

”اوهان کي مون ڏٺو هو.“

”مون کي؟“

”اوهان جي باري ۾ ڪيترا قصا ٻڌا اٿم.“

”ڪنهن کان؟“

”پنهنجي ماءُ کان.“ منهنجي ماءُ ۽ مون کي اوهان بچايو هو. تڏهن مان ننڍڙي هيس. منهنجو جنم اوهان جيئي ڳوٺ ۾ ٿيو آهي.“

”تون ڌيءَ، ڪير آهين؟ آئون ته.... مهاشيه جي اچرج جي حد نه رهي.“

”اوهان ڀلا ڪيئن سڃاڻندا؟ منهنجو نانو هتي نوڪري ڪندو هو. اوهان کي ڪيئن ياد رهندو؟ ڪيترن کي اوهان بچايو هوندو، سڀ ياد اٿو؟ پر جيڪي اوهان جي شفا سان بچي ويا آهن. تن کي ضرور ياد آهي.“

”ياد آهي؟“ جيون مهاشيه کليو.

”مون کي ته آهي. مان ته هڪ ڪري مري چڪي هيس، اما چوندي آهي. ان ڪري مان اسپتال ۾ انهن سڀني سان وڙهندي آهيان، جيڪي چوندا آهن. اوهان ڊاڪٽري پاس نه ڪئي آهي. ڪوڙا آهيو!“

مهاشيه کلڻ لڳو.

”مان چوندي آهيان، نه- ائين ڪورو هو نه آهي. اما کان ٻڌو آهي، اوهان مهاشيه آهيو. يعني مهاشيه ونش مان آهيو.“

اچرج وچان مهاشيه پڇيو: ”تنهنجي ماءُ! ڪير؟“

هوءَ چپ رهي. ذرا ساعت رکي چيائين: ”ڪنهن ڏينهن اچي سڀ ٻڌائي وينديس.“

هن جهڪي مهاشيه جا پير ڇهي پرڻام ڪيو. مهاشيه ذرا چڪرائجي ويو.

”مون کي پرڻام ڪري رهي آهين؟ پر آئون ته ڪائسٿ آهيان. تون برهامڻ يا وئش ته ڪونه آهين؟“

”نه. ۽ جيڪڏهن هجان ته ڇا ٿيو. اوهان مهاشيه آهيو!“

”خاڪ مهاشيه! مهاشيائي هاڻي پوري ٿي چڪي!“ ليڪن اچرج آهي، دنيا ۾ اڃا به ههڙي شڪرگذاري ٿيندي آهي! الاجي ڪڏهن ڪهڙي زماني ۾، يادگيري جي حد کان ٻاهر ڪنهن بيماريءَ کان هن کي ڇٽايو هوندم تنهن لاءِ ههڙي شڪر گذاري! مهاشيه سوچيندو رهيو.

”چڱو، هينئر مان موڪل وٺان ٿي.“

مهاشيه سچيت ٿي ويو. چي: ”تنهنجي واقفيت ته ڪانه ملي. پر نالو؟“

”سيتا.“

”سيتا؟“ هوءَ پير پير ۾ هتان هلي ويئي.

”مهاشيه!“ قدرو اچي بهي رهيو، ”آئون هاڻ بهتر آهيان، دوا کپي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org