سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :5

[5]

هن بوگس لفظ جي ئي استعمال سان ششيءَ هڪ جهنجهٽ کڙو ڪري ڇڏيو. جيتوڻيڪ عطر کي ان لفظ جو مطلب به معلوم ڪونهي، مگر هن جي اچارڻ جي ڍنگ مان هن کي ڀاسيو ته اهو لفظ وڏي اپمان وارو آهي.

پر ان ۾ششيءَ جو ڪو به قصور ڪونهي. هو به ان ڪري آيو هو جو کيس اها ڳالهه چڀي ويئي هئي. هيڏانهن نوگرام ۾ پرديوت ڊاڪٽر به ڪافي هلاچو مچائي ڇڏيو آهي. سنسار ۾انياءِ جو بدلو چڪائڻ انسان جو ڌرم آهي. نتيجو اهو ٿيو جڏهن هڪ ماڻهو مخالفت ۾ آواز اٿاريو، ته ٻيا به ڏهه ماڻهو ان۾ شامل ٿي ويا. اها مخالفت هڪ چڱو زوردار تحرڪ بڻجي پيو.

نوگرام ۾ جيترا به ڪواليفائيڊ ڊاڪٽر آهن، پر ديوت شايد سڀني کي ائين چيو آهي ۽ ڊاڪٽر جي جمائت اها ڳالهه ڇنڊجي بازار تائين پکڙجي ويئي آهي. چوڻي آهي، موت کان وڌيڪ ڪائي گار ڪانهي. حقيقت ۾ موت کان وڌيڪ ڪٺور ۽ ڀوائتي ٻي ڪائي چيز نه ٿيندي آهي. ماڻهو ته مرندائي رهن ٿا، روز مرن ٿا، هر گهڙي مرن ٿا، پر موت کي اڄ تائين ڪنهن ڪونه ڏٺو آهي، هن جو آواز ڪنهن ڪونه ٻڌو آهي، ورڻ،بوءِ رنگ روپ شبد، شپرش، سواد- ڪنهن ۾ به ڪنهن کي اڄ تائين ان جو احساس نه ٿيو آهي. هن جي وياکيا نٿي ٿي سگهي، ڪنهن به اڄ تائين هن جي وياکيا ڪئي ڪانه. رواجي طور ڪير ڪنهن کي مرڻ لاءِ چوي ته ڊپ نٿو ٿئي. پر جيڪڏهن ڪوڊاڪٽر چوي ته خوف ٿئي ٿو ۽ خاص ڪري ڪنهن بيمار کي ائين چئجي ته هن جي ۽ ڦاسي جي مجرم جي خوف ۾ ڪوبه فرق نٿو ٿئي. پرد يوت ڊاڪٽر جو به اهوئي چوڻ آهي. هن چيو آهي، ته اهڙي سنگدلي جي ڳالهه ٻي نٿي ٿي سگهي. ان کان ڪنهن گونڊي يا خوني يا ڌاڙيل جو هٿ ۾ ڇرو کڻي ڪنهن کي وهائي ڪڍڻ ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ هن جي راءِ آهي ته ضلع مئجسٽريٽ کي ان مطلب جي هڪ درخواست موڪلجي، جنهن تي سڀني ڊاڪٽرن جون صحيحون هجن.

نوگرام ۾ ڪل ٽي ڊاڪٽر آهن. هڪڙو ته پرديوت پاڻ اسپتال ۾آهي، باقي ٻن ڄڻن مان هڪ آهي هريندر، سڳائي ڳوٺ جو آهي، عمر ۾ پرديوت کان ڪجهه سال وڏو آهي. ميڊيڪل اسڪول ۾ ڊاڪٽري جو امتحان پاس ڪيو اٿائين ۽ ڳوٺ ۾ ئي پرئڪٽس ڪندو آهي. پنهنجو ننڍو دواخانو اٿس. ٽيون آهي ’چارو بابو‘ ڪرڙوڊ ڊاڪٽر.

انهن سڀني ۾ پر ٻيڻ آهي چارو بابوُ؛ پنجاهه کان وڌيڪ عمر. هتان جو سڀ کان پهريون ايم- بي پاڻ آهي. اڄ کان اٽڪل پنجويهه سال اڳي ڊاڪٽري پاس ڪيائين ۽ نوڪريءَ ۾ هتي جي اسپتال ۾ ئي آيو. ڏهه سال اڳي ملازمت ترڪ ڪيائين. پنهنجي پرئڪٽس ڪرڻ لڳو. گذريل چئن سالن کان هڪ طرح پرئڪٽس ڪرڻ به ڇڏي ڏني اٿائين. هينئر يونين بورڊ، اسڪول بورڊ ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺڻ لڳو آهي. البت ماڻهو ائين ضرور چون ٿا، ته پرئڪٽس ڍري پئجي ويئي هيس، ان ڪري ٻئي طرف جهڪي ويو. هن جا پٽ به لائق ٿي چڪا آهن. وڏو پٽ ڪنهن وڏي سرڪاري عهدي تي آهي. ننڍو ڊاڪٽري پڙهي رهيو آهي. جيڪي به هجي، چارو ’بابو‘ ماڻهو سچو آهي. کلي دل وارو ماڻهو ۽ وڏو حسابي. روز شام جو ميجر گالس سان ماپي ڪري ٻه آئونس برانڊي پيئندو آهي.

هن علائقي ۾ گهڻن ئي ڊاڪٽرن جي بقايا رقم ڪجهه نه ڪجهه ٻڏي ويٺي آهي، پر چارو ’بابو‘ جي وهيءَ ۾ ڄڻ تر جي چوڪ به نٿي رهي، ساڳي ريت هڪ ڪاري ڪوڏي به بقايا ۾ نه ٿي رهي سگهي. هر مهيني سندس ڪمپائونڊر يونين ڪورٽ ۾ باقيا (اوڌر) جا ٻه چار ڪيس دائر ڪري ايندو آهي. بعضي – بعضي ماڻهو ان ڳالهه جي شڪايت ڪندا آهن، کري کوٽي ٻڌائڻ کان به باز نه ٿو اچي، مگر چارو ’بابو‘ چوندو آهي- لڪ اَئٽ جيون مهاشيه- اول ان ٻڍي جي گت ڏسي وٺو پوءِ اهڙي ڳالهه چو. وهيءَ ۾ پنجاهه هزار جي بقايا جو حساب ۽ ان وهيءَ کي اڏوهي کائي ويئي. ٺوڪر کائي ڪري سکڻ جي صلاح نه ڏيو ڀائي! ٿوري گهڻي پرئڪٽس جيڪا هو اڄ به ڪري ٿو، اها ان ڪري جو شخصي خرچ هلندو رهي. پرئڪٽس گهٽ ٿيندي ئي هن جي ڊسپينسري به ننڍي ٿي وئي آهي. چئن ڪٻٽن مان رڳو هڪ ۾ دوا آهي ۽ هڪ جي پنج خانن مان ٽي خالي پيئون آهن.

ڪواليفائيڊ ٿيل ڊاڪٽر هڪڙو ٻيو به آهي- چڪرڌاري بابو. ڄمار ۾چارو بابو کان به وڏو آهي. ايل- ايم- ايف آهي. چارو بابو کان اڳي هتان جي خيراتي اسپتال جو ڊاڪٽر هوئي هو. هنجي جاءِ تي ئي چارو بابو جي بحالي ٿي هئي. هاڻ ته هو سنياسي جهڙو ٿي ويو آهي. رهندو ته گهر ۾ئي آهي، پرگيڙو ڪپڙا پهريندا آهي ۽ پوڄا پاٺ ۾ لڳو رهندو آهي. پرئڪٽس ته ڇڏي ڏني اٿائين، پر ڀلجي ڀٽڪي ڪوئي نبض به ڏيکارڻ ايندو آهي- هيءُ سڀ بيڪار آهي، بيڪار. ناڙي ڏسي ڪري ٿيندو ڇا؟ ڪوئي ڪجهه ڄاڻي به ٿو؟ هيءُ سڀ اوندهه ۾ ٿاڦوڙا هڻڻ  آهي ڀائي، اوندهه ۾ ٿاڦوڙا هڻڻ. لڳو ته تير، نه ته تُڪ. فيءَ جا روپيه ته کيسي ۾ اچي ئي ويندا. بيماري سچ پڇو ته پاڻمرادو ٺيڪ ٿي ويندي آهي. چڱو ڀلو ٿيڻ جي سگهه بيمار جي پنهنجي شرير ۾ ئي ٿيندي آهي. هيءُ ڊاڪٽر تيز ۽ ڪوڙيون دوائون رڳو انداز سان ڏيندا آهن. بيمار سمجهي ٿو، ته دوا سان بيماري ڀڳي. پر ها، ٻه – چار اهڙا ڊاڪٽر آهن، جيڪي سچ پچ چاق ڪندا آهن.

پوءِ تماڪ جو دم لڳائي چڪر ڌاري پنهنجي جواني جي ڏينهن جي ڪهاڻي شروع ڪري ڇڏيندو آهي. سر نيل رتن، ٻڌان راءِ، نلني سين گپتا جي ڪهاڻي. عجيب – عجيب ڪهاڻي! چڪرڌاري چوندو ويندو- پنهنجي اکين سان سڀ ڏٺو اٿم. هتان جي رنگ لعل کي ڏٺو- ڊاڪٽر ئي هو! هتي هڪ شخص ٻيو به آهي. هيءُ جيون مهاشيه. هيءُ نبض جي ناس ۾ ماهر آهي. هن جو پنهنجو پٽ ون وهاري (بن بهاري) به ڊاڪٽر هو. پنهنجو يار هو. گڏ ويهي شراب پيتو اٿائون، موج مزا ڪيا اٿائون. هن ون وهاري کي ٿي بيماري، موت جي بيماري- اسان کي ان جي سڻس به نه پئجي سگهي.... ليڪن مهاشيه....

بيمار جو صبر ٽٽي پوندو. هو اٿي هليو ويندو. چڪرڌاري کلي چوندو- گووند، گووند. وري چوندو مفت ۾ نبض گهڻوئي ڏٺم- هاڻ نه.

پرديوت وري چڪرڌاريءَ کي ڊاڪٽر ئي نٿو مڃي. ان ڪري هن جي حساب موج نوگرام ۾ ڪواليفائيڊ ڊاڪٽرن جو تعداد صرف ٽي آهي. هن جي ڳالهين جي مخالفت ڪنهن به ڪانه ڪئي، نه ڪا هريندر نه وري چارو ’بابو‘ ئي. سمجهيو هوندائين ته ماٺ ۾ رهي سڀني هن جي ڳالهه کي مڃي ورتو آهي. ڀلا ڪنهن جي منهن تي ائين چوڻ ته تون هاڻ وڌيڪ وقت جيئرو نه رهندين- ان کان سنگين ڳالهه ٻي وري ڪهڙي ٿي سگهندي؟ اهو به سچ آهي ته ان ڪري مرض جو آتم ٻل ٽٽي پوي ٿو ۽ مرض سان جنگ جوٽڻ ۾ به هو ڪمزور پئجي وڃي ٿو. جيئڻ جي اٻلاشا- جيئندس- اهو وشواس ئي جيئڻ جي سڀ کان وڏي دواآهي، ان کان ڪير انڪاري ٿي سگهي ٿو؟ پرديوت جي ان ڳالهه سان سهمت ٿيندي به هريندر هٿ جوڙي معافي ورتي يعني ان لاءِ مون کي بخشو. پرديوت ان تي سندس خوب نڪ وڍيا هئا- اوهان ڇا ڊاڪٽري کي رڳو آجيوڪا ڪمائڻ جوئي وسيلو ٿا سمجهو، هريندر بابو؟ اوهان جو ڪوئي پوتر ڪرتويه ڪونهي؟ اهڙي فتويٰ ڏيڻ وارن ۽ گيڙو ڌاري ٻاون پنڊتن ۾ فرق ئي ڪهڙو آهي؟ جڙي- ٻوٽي، جهاڙ- ڦوڪ، پاڻي پڙهي ڏيڻ واري علاج ۽ بازيگرن جي اناچاري علاج ۾ به ڊفرنس ئي ڪهڙو آهي؟

هريندر ويچارو شروع کان آخر تائين هٿ ٻڌي بيٺو رهيو، پرديوت جو ليڪچر جڏهن پورو ٿيو، تڏهن کلي چيائين- مان هن ئي ڳوٺ جو آهيان. ننڍپڻ ۾ مون کي جيون مهاشيه ئي بچائي ورتو هو.

ذرا ساعت رڪي ڪري وري چيائين- ڪنهن وقت هو بهترين علاج ڪندو هو. لاشڪ مان هڪ نهايت معمولي ڊاڪٽر آهيان، پنهنجي سوجهه- ٻوجهه ٿوري رکندو آهيان. ايترو چئي سگهان ٿو، ناڙي جاچي ڪري مرض جي سڃاڻپ غضب جي هئي. هاڻ ٻڍو ٿي ويو آهي، شايد ائين هجي جو.... ’مني نانگ چه متي ڀرم.‘ اوسٿا ته ان کان به پار لنگهي ويئي اٿس. ساڳئي وقت- وري ڪشور بابو اڃا حاضر نه آهي. هن جي غير حاضريءَ ۾ ائين ڪرڻ ٺيڪ نه ٿيندو- ڪشور بابو! ڪشور بابو! پرديوت آپي کان ٻاهر ٿي ويو. ڪشور بابو ڪير؟ هو وڌيڪ ڪجهه نه چئي ڪري هليو ويو.

چاروُ بابوچيس- اوهان جوان آدمي آهيو، رت ۾ تيج آهي. وري اڄ هتي آهيو، سڀاڻي نه هوندا. ٻئي ڪنهن هنڌ رمندا رهندا. ڪنهن چيو ته پئي اوهان جي هيءَ نوڪري ٽراپيڪل ڊزيز جي ايڪپيرسنس جي لاءِ آهي. اِسپيشلائيز ڪندا. هن ٻڍي آدميءَ تي بگڙجڻ اوهان کي سونهين ٿو؟ ڇڏي ڏيو. اهڙي عريضي موڪلڻ سان هن آدميءَ سان گڏ ٻين جي روزي به کسجي ويندي. سون جي جان وٺي ماڻهو ويڄ بڻجي ٿو، هزارن جا پراڻ وٺي ڊاڪٽر. پرائي حياتيءَ سان کيلي اهڙا وئديه حڪيم پنهنجو گذران ڪن ٿا ۽ ٻين جو به اپڪار ڪن ٿا. پر اوهان جهڙن لاءِ اهڙو غصو ڇنڊڻ ٺيڪ نه آهي. مان بلڪ هن کي منع ڪري ڇڏيندس ته ان طرح فتويٰ نه ڏيندو ڪري. اسان ماڻهن جي زماني ۾ هڪ گپت رائج هو- اسين اهو خوب آلاپيندا هئاسون، ان جو ڀاو هيءُ هو- ”جيڪي به ڪرڻو اٿو بابا، ڌيري ڪريو، آهستي ڪريو، چڀي ڪري زخم نه ڪريو.“ ۽ چاروُ بابو خوب ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو.

اڄ پرديوت کي چاروُ بابو ڏاڍو وڻيو. هتي اچڻ کانپوءِ هن جي ساڻس سڃاڻپ ضرور ٿي، پر اها سڃاڻپ اهڙي هئي، ڄڻڪ ڀلمانسائي جو مکڙو پهريل ڇڪتاڻ! اڄ چاروُ بابو ان نقاب کي لاهي ڦٽو ڪيو: خوب کلي ڳالهيون ڪيون. مزي جو آدمي آهي. پرديوت جو من ڪافي پگهرجي ويو. ذرا شرمائجي به ويو- چاروُ بابو جو چيو هوس ته هن ٻڍي آدميءَ تي هن ريت بگڙجڻ توکي سونهين نٿو.

پرديوت چيو- خير، اوهان جي ڳالهه ٺيڪ رهي. پر هن کي اوهان ساوڌان ڪري ڇڏيو. اها سٺي ڳالهه ڪانهي. هڪڙو ته ڳالهه ئي ڏاڍي ڪٺور آهي ويتر بلڪل ان- سائنيفڪ آهي. نبض ڏسي ڪري، پت، ڪف، وات، نيٺ- هيءُ سڀ ڇا!

چاروُ بابو چيو- ڪو زمانو هو، جو مهاشيه جي ڳالهه بيحد ڦلبي هئي. ذري پري- سو في صدي ٺيڪ نڪرندي هئي- ۽ اڄ به. هن پنهنجي نڙيءَ کي ملائم ڪندي چيو- ليڪن اوهان موتيءَ جي ماءُ کي ڪلڪتي يا بردوان موڪلڻ جو سوچيو اهي، موڪلي ئي ڏيو. نه ته ڪٿي ٻڍي جي ڳالهه تز بڻجي ويئي ته.... – هرگز نه ٿيندي- درڍتا سان هن جي ڳالهه کي ڪاٽيندي ۽ اتم وشواس ظاهر ڪري پرديوت سائيڪل تي سوار ٿي هليو-[1] هي مسٽ پرووهم سيلف. مان هن ٽوٽڪائي علاج جو پول کولي رکندس. منهنجو هڪ مقصد آهي، صرف روپين سان کيسا ڀرڻ لاءِ مان ڊاڪٽر ڪين بڻيو آهيان.

ڳالهه لڪل نه رهي. ٿورن ئي لاڪن ۾ سڄي نوگرام ۾ اها خبر پکڙجي ويئي ته ڊاڪٽر پرديوت، جيونمهاشيه کي جيل موڪلي ئي دم پٽيندو. مهاشيه ڪو چيو ته موتيءَ جي ماءُ مري ويندي، پرديوت هن کي بچائي وٺندو ۽ ضرورت پيئي ته مقدمو هلائيندو. اهڙي درخواست ڏيندو ته هن ٽوٽڪائي علاج کي قانوناً بندش وڌي وڃي. انهن ڳالهين تي سڀ کان وڌيڪ گرم ۽ تکي ٽيڪا ٽپڻي جي- ڪي ميڊيڪل اسٽورس ۾ ٿي. ونيه جو هيءُ دوڪان- جي- ڪي- ميڊيڪل اسٽورس هن علائقي ۾ دوا جو سڀ کان وڏو دوڪان آهي. جيڪي ڊاڪٽر پنهنجي پرئڪٽس سان گڏو گڏ دوائن جو به ڪاروبار ڪن ٿا، سڀ هتان ئي ٻڌيون دوائون خريد ڪندا آهن. سڄي علائقي ۾ ان دوڪان جي هاڪ متل آهي. پرچاروُ بابو اتان دوا خريد ڪونه ڪندو آهي. هن جي ئي دوڪان جي چٽاڀيٽيءَ ۾ هيءُ دوڪان کليو هو. چاروُ بابو جڏهن اسپتال جي نوڪري ڇڏي هئي ۽ اهيندر بابوُ، ٻيو نئون ايم-بي ڊاڪٽر سندس جاءِ تي بدلي ٿي هتي آيو هو، تڏهن هيءُ دوڪان کليو هو. اهيندر بابوءَ ئي ونيه کان هيءُ دوڪان کولايو هو. هن جا سمورا نسخا هتي ئي ايندا هئا، شام جو خود به ڪلاڪ ٻه ڪلاڪ اچي دوڪان ۾ ويهندو هو. مفت ۾ مريضن کي ڏسندو هو. اهيندر بابوءَ کان پوءِ اسپتال ۾ ٽي ڊاڪٽر آيا- هنن سڀني به ونيه جي مدد ڪئي. پر پرديوت هنن جي ليڪ تي وک ڪانه وڌائي. هن سان ڪن ڳالهين ۾ ونيه جو ونجوڳ پيدا ٿي پيو هو.

ونيه کي عالج جي خير ڪا ڄاڻ آهي، پر ڊاڪٽر- ڪويراج جي اتهاس ۾ هن کي شڪ ديو چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو. رات ڏينهن ڊاڪٽرن جي وچار ئي هن جو پيشو آهي. ششي ڊاڪٽر اتان ئي ٿيندو هريجنن جي محلي ڏانهن روڳيءَ جي ڳولها ۾ وڃي رهيو هو. ونيه سڏ ڪيس- ڊاڪٽر، تماڪ پيء وڃ.- وري چرچو ڪري چيائينس- هاڻ توهان ماڻهو ويا ڊاڪٽر، ويا! چوي ٿو، هنن ڪمبختن کي جيل اُماڻيندس.

تهان پوءِ گرماگرم ٽيڪا ٽپڻي شروع ٿي ويئي.

ششي اهي سموريون ڳالهيون وڃي ڊاڪٽر جيون مهاشيه جي استريءَ کي سڻايون هيون.

- آخر ضرورت ڪهڙي هئي؟ مفت ۾ موتيءَ جي ماءُ کي وڃي ڏسڻ ۽ ڏسي ڪري اهڙي فتويٰ ڏيڻ- انهن سڀني جي ضرورت ڪهڙي هئي؟ هيءُ زمانو سائنس جو آهي. هيءُ وقت انهن ڊاڪٽرن جو آهي، جن ڊاڪٽري پاس ڪئي آهي. وات- پت- ڪف وارو زمانو لڏي ويو! هاڻ ان جو ذڪر ڪرڻ ئي بيڪار آهي!

اهو ٻڌي ڊاڪٽر جو من بيحد دکي ٿيو. هيءُ جيون جي سڀني دک- دردن جي گويا انتها هئي. ڪنهن تکي ڦر واري ترار سان اوچتو ڪنهن کي ڪنهن هنڌ ڌڪ لڳي ۽ ان مان سڄي بدن ۾ زهر پکڙجي وڃي، اها ڄڻڪ  اهڙي ئي ڳالهه هئي. هن جو نصيب! نصيب ڌاران چئي به ڇا ٿو سگهجي! وجهه ملندي به هو ڊاڪٽري پڙهي نه سگهيو. جيڪڏهن ڪاليج مان نڪري هو ڊاڪٽري پڙهي وٺي ها، ته هن گهر ۾ عطر جو اچڻ به نه ٿئي ها.

حيرت جهڙي ڳالهه چئبي. ڊاڪٽر ڊگهو شوڪارو ڀريو. هڪ مکريلي سندس سڄي حياتي کي وئرٿ بڻائي هلي ويئي. ساڳي مکريليءَ جي جادوءَ هيٺ ڪاندي جي اسڪول ۾ پڙهندي هڪ اوچ ذات واري ڇوڪر سان سندس جهڳڙو ٿيو. ڇوڪرو پنهنجي ئي ذات جو هو- ڪاسٿ ڪريل حالت واري هڪ زميندار گهر جو هو.

پر هاءِ ڙي ڪشور اوسٿا! پنهنجي سمرٿي ۽ لياقت کي سوچي ڪري ڪڏهن به شرط ڪين پڄائي. تاڙ جي پتي جي ترار هٿ ۾ کڻي ڪشور راڪاسن سان ٿو مقابلو ڪري. ريڍار جو پٽ راجڪمار سان مقابلي- چٽاڀيٽيءَ ۾ پٺتي ڪين پوندو، نڪي ڊڄندو.


[1]  هن کي پنهنجو پاڻ کي ثابت ڪرڻو ئي پوندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org