سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: شفاخانه

باب: --

صفحو :8

[8]

 

شڀ ڪم ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي. وري نڪمن جي دلين ۾ برائين جا بي روڪ ٽوڪ اشارا هلندا رهن ٿا. ڦاڳڻ جي انت ۾ ئي جڳ ٻنڌو مهاشيه جيون کي وياڪرڻجو پهريون سبق ڏيئي ڇڏيو. آيورويد پنجون ويد آهي. چئن ئي ويدن جيئان اهو به خود پرجا پتيءَ جي رچان آهي. اهو به ديوڀاشا ۾ چيو ويو آهي؛ ديو ڀاشا ۾ لکيو ويو آهي. سو اول ديو ڀاشا تي اڌڪار ڪري وٺڻ لازمي آهي. ليڪن جيون کي وياڪرڻ ايترو پسند ڪين آيو؛ ”نره نروَ نراه“ کان وٺي پڇاڙيءَ تائين رٽڻ ڪائي سولي ڳالهه ڪانهي. پر هڪ ڳالهه سٺي لڳيس. صبوح جو جڳ ٻنڌو مهاشيه جيئن بيمارن جي نبض جاچيندو هو، تيئن کيس ڀرسان ويهاريندو هو. آيورويد ڀون جون دوائون ٺاهڻ جو ٿورو ٿورو ڪم کيس ڏيندو هو. ٽاريون، ٻوٽيون، گل ڦل سڃاڻڻ جو کيس موقعو ڏيڻ لڳو. کيس سڀ کان سٺي لڳي نبض شناس! وچتر حيرت انگيز آهي هيءَ وديا! ڪويراج جي گهر جو سپاتر ٿيو، ڪشور اوسٿا ۾ ئي نبض جي پڇاڻ ٿوري گهڻي اچي ويئي هيس. تپ آهي يا نه، تپ لهي ويو يا نه، ايترو ته نبض ڏسي ڪري ٻڌائي وٺندو هو. جنهن ڏينهن جڳ ٻنڌو مهاشيه کيس نبض شناس جو پهريون سبق ڏنو، هو اچرج ۾ ٻڏي ويو. اڄ به اها گهٽنا ياد اٿس.

اشٽ يوتا کي پرڻام ڪري هن ٻڌايو هو. بيماريءَ جي نرنيه ڪاڻ سڀ کان اول ته تفصيل ۾ وڃجي، تهان پوءِ بيمار جي ڪمري جو بوءِ جو انڀئه ڪرڻ گهرجي پوءِ مٿي کان پيرن تائين بخار کي غور سان ڏسڻ گهرجي. ان بعد بيمار کان پڇڻ گهرجي ته کيس تڪليف ڪهڙي آهي. ان مان ئي. نتيجي تي پهچبو. پوءِ ظاهر تپاس جي پهرين ۽ مکيه ڳالهه ’نبض شناس.‘ پوءِ ڄڀ ڏسڻ گهرجي، پيشاب، ڪاڪوس گديا، هاضمو وغيره. نبض سڀ کان پهريائين.

”آدو سرويشو روگيشوناڙي جو ها گرسمڀوام،

پريکشانگ ڪاريٽيڊ وئدينگه پشچادرونگ چڪتسييت.“

نبض جي پڇاڻ سڀ کان ڪٺن ڪم آهي. نهايت مشڪل. ڪوبه بيمار پيل اهي، روڳ ڀرشٽ ناڙي يا سوسٿ ناڙيل اهو سمجهڻ بيشڪ ڪٺن ڪم ڪونهي. مون غور ڪيو آهي، سو ته تون به ڏسين ٿو.

جڳ ٻنڌو مهاشيه کلي پيو. ستت ئي وري گنڀير ٿي چيائين: پر جنهن سمجهه سان بيماريءَ جو نرنيه، ان جي معياد جو نرنيه ۽ جيڪڏهن موت جي مرض ۾ مبتلا هجي ته مرڻ واري عرصي تائين نرنيه ڪري سگهجي ٿو، جو ڏاڍو سوکيم گيان وارو آهي؛ گيان ناهي، اهو ٻوڌ آهي: جنهن لاءِ سڀ کان پهرين گهرجي ڌيان يوگ. اسين جو اکيون ٻوٽي نبض ڏسون ٿا، ان جو اهو ئي مطلب آهي ته نب جي چال لاءِ ڌيان منگهن ٿي پوءِ ڪجهه نرنيه ڪريون ٿا. آسپاس جي ٻي ڪنهن به ڳالهه سان من جو هيءُ يوگ نشٽ نه ٿيڻ گهرجي. جيئن اِندرين جي اگوچر شڪتي ۽ رهسيه، جيڪو جڳت جي ڳوڙهي انتر ۾ هلي ۽ چمڪي رهيو آهي، اها شڪتي جهڙي طرح ڌيان يوگ سان يوگين ۾ لڪل روپ ۾ سمايل ٿئي ٿي، ٺيڪ ساڳي ريت آيورويد جو ڄاڻو جڏهن روڳيءَ جي ناڙي تپاسي ٿو، تڏهن اکين سان نه ڏسڻ ۾ ايندڙ ديهه جي اندر جي روڳ شڪتي ۽ ان جي ڪريا جو روپ آيور ويد جي ڄاڻو کي ڌيان يوگ دئاران ٺيڪ ٺيڪ ڏسڻ ۾ ايندو آهي. وايو، ڪن ۽ پت: انهن ٽنهي مان جنهنجي يا جن جي بگڙجڻ سان بيمار جي رت جي دوري ۾ ڪريا ٿئي ٿي، نبض ۾ ان جي گتي يا رفتار ڇا آهي: اهو سڀ صحيح حساب وانگر بي کٽڪي ڄاڻي سگهجي ٿو ۽....

جڳ ٻنڌو مهاشيه جو آواز گنڀير ٿي ويو. هن چيو: ”گيان يوگ سان، ناڙي گيان (نبض شناس) سان من جي ايڪاگرتا جيڪڏهن انڀئه ۾ بدلجي سگهي، ته سمجهي ويندين ته مرض جي اوٽ ۾ ڪوئي آهي يا نه آهي.“

پٽ ڏانهن مهڙ ڪري هن چيو هو: منهنجو پتا جي چوندو هو ته هڪ سنياسي کيس ٻڌايو هو... هن سنياسي کيس نانگ ڏنگ جي دوا ٻڌائي هئي؛ چيو هئائين: ”نانگ جي ڏنگڻ سان جيڪو زهر چرهي ٿو، ان جي دوا آهي، پر جيڪو نانگ موت جو پروانو وٺي ٿو اچي، ان جي ڏنگ سان موت يقيني آهي، ان جي ڪائي دوا نٿي ٿي سگهي. ٺيڪ ساڳي طرح بيماري جي ته دوا آهي، علاج آهي، پر جيڪو مرض موت بڻجي ٿو اچي، ان جي نه ڪا دوا آهي، نڪو ڪوئي علاج. اسان ويڄ آهيون، علاج اسان جي آجيوڪا آهي، ان ڪري علاج ته ڪرڻو ئي پوي ٿو، پر ان جو ڪوئي نتيجو نٿو نڪري. ان نبض شناس دئاران ئي اهو ڄاتو وڃي ٿوته روڳ مقرر معياد اندر ئي ماٺ ٿي ويندو يا پڇاڙيءَ ۾ ڪال روڳيءَ کي پنهنجي منهن ۾ ڳڙڪائي ويندو.“

جيون هڪ منو ٿي ٻڌي رهيو هو. ٻڌندي ٻڌندي سندس من جي دنيا ئي اُلٽ پلٽ ٿي ويئي.

تنهن زماني ۾ ڊاڪٽر رنگ لعل جي پرئڪٽس خوب هلندي هئي. جيون جي نگاهه به هن تي ئي هئي. ڪرنڊيءَ جو ڪوٽ پئجامو، سوني زنجير، سفيد گهوڙو ۽ ٻيو به گهڻو ئي ڪجهه، هن جي آمدني، دولت، عزت. انڪري ڊاڪٽري پڙهڻ ئي هن جو سپنو هو. پر ان ڳالهه کي هو قبول ڪندو آهي ته تنهن ڏينهن شاستر تتوَ جي چرچا ۾ اهي سموريون ڳالهيون هو وساري ويٺو هو. هن جي پتا، هن جي گوروءَ کيس هڪ انوکي گيان لوڪ جي سنگهه دئار تي آڻي کڙو ڪيو هو. چيو هئائين، ان جي اندر داخل ٿي سگهئين، ته امرت جو ڳجهه لهي ايندين. هن ڄڻڪ ان جي جهلڪ ئي پسي هئي.

سندس پتا چوندو هو: مان به مڃان هو ته ڪنهن شاستر کي ڄاڻڻ ۽ ان جو گيان اهي ٻئي جدا جدا ڳالهيون آهن. چي: پٽ، اسان جي شاستر ۾ لکيل آهي، گوروءَ جي ڪرپا ٿيڻ بنا گيان نٿو ملي؛ سکيا ٿي سگهي ٿي. رٽي سگهجي ٿو. پر اها سکيا جڏهن گيان ۾ بدلجي وڃي ٿي، تڏهن دنيا جي شڪل ئي پلٽجي وڃي ٿي. جيڪو اکين کان اگوچر (لڪل) آهي اهو پڌرو ٿي پوي ٿو، جنهن کي اسين ڇهي نٿا سگهون اهو انڀوتي (احساس) جي روپ ۾ ظاهر ٿئي ٿو. هيءَ نبض وديا جيڪر گيان ۾ رڱجي پوي ته تون زندگيءَ ۾ ئي موت جو انڀوَ ڪري سگهين ٿو.

اها سچي ڳالهه آهي. جيون دت اوچي آواز ۾ اعلان ڪري سگهي ٿو ته اهو سچ آهي، سچ آهي.

جيون جي هن لنبي عرصي ۾ ڪيترو ڪجهه ته ڏٺائين: ڌرتيءَ جي سرحد جمبو ديپ (ڀارت ورش) کان وڌي ڪري اولهه اڌ گول، اوڀر اڌ گول، اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب ائين پکڙجي ويئي. گذريل ايامن ۾ جنهن کي ماڻهن سچ سمجهي رکيو هو، سو ڪوڙ ثابت ٿيو. نئي سچ کي تسليم ڪرڻو پيو، پر اهو سچ ڪوڙ نه ٿيو. اهو ته سناٽن سچ آهي.

غوطا خورن (ٽوٻن) جي ڳالهه پڙهي اٿو. اهي سمنڊ جي اندر ويندا آهن. خاص طرح بڻيل پوشاڪ پهري سمنڊ جي اندر موتي چونڊڻ ويندا آهن. سمنڊ جي گرڀ جي شوڀا کان مگت ٿي ڪري ذرا ساعت لاءِ هو موتي چونڊڻ جي ڳالهه کي وساري ڇڏيندا آهن. ٺيڪ اُن ريت تنهن ڏينهن جيون دت سڀ ڪجهه وساري ويٺو هو: عزت، دولت، مان مرتبو: سڀ ڪجهه. انهي پرنگ هلندي جڳ ٻنڌو مهاشيه کيس هڪ ڪهاڻي سڻائي هئي. موت ڪير آهي؟ انهيءَ جي باري ۾ هئي ڪهاڻي.

جڳه ٻنڌو مهاشيه ڪٿا واچڪ جيئان ڳالهين ۾ ڀڙ هو. هن جي ڪامل ۽ حسن بيانيءَ جو جيون دت قائل ٿي چڪو هو.

هن چيو: مرض چاهي جيڪو هجي، موت جو ڇهاءُ ان ۾ ٿئي ٿو. مهاڀارت ۾ لکيل اهي: ”من جي آنند سان ڀڳوان پرجاپتيءَ سرشٽي شروع ڪئي.... رچنا ڪندو ئي ويو، هڪ جي بعد ٻي! هڪ کان هڪ عجيب ۽ انوکي.ان وقت پرٿويءَ تي هڪ ئي سرشٽي (ڪائنات) هئي، ان جي لئه يا سرشٽي تي مرتيو ڪونه هو. اهڙي حالت ۾ کيس الائي ڪنهن جي ڌيمي آواز جو پڙلاءُ ڪيئن پيو. دردناڪ آواز. هو ڄاڻڻ لاءِ اتاولو ٿيو. ايتري ۾ ڪا بانس هن جي نڪ ۾ گهڙي ويئي. هن پنهنجي ڪائنات ڏانهن نظر ڦيري. اڙي هيءُ ڇا! هن جي سرشٽيءَ جو هڪ وڏو سارو حصو زبون گندو، هڏائون پڃرو ۽ ٺوٺ بڻجي چڪو هو. ڌرتيءَ جي ڇاتي انيڪ جيون سان ڀريل هئي، پر ڇڙواڳ هوندي به جهڙا سرد آهه مثل اجهاميل ۽ وسائل. وري پيڙت پرٿوي درد وچان ڪراهي ۽ ٻاڏائي رهي هئي ۽ هوءَ بانس؟ اها بانس نڪري رهي هئي جهريل سرشٽيءَ جي ڳريل سڙيل ديهه مان.“

پرجاپتي برهما سوچ ۾ پئجي ويو: ”ڇا ڪيو وڃي؟“ ڳل تي چنتا جون ريکائون نمودار ٿي آيون. يڪا يڪ سندس چهرو پاڻمرادو سخت ٿي ويو. پرسن مستڪ تي ڀرون تڻجي ويس. کلمک مهانڊي تي ناراضگي جي جهلڪ. ڄڻڪ شفاف نيري اڀ تي سرڳ لوڪ کان ڪڪر اچي مڙيا. ان سمي هن جي انگ مان ڇايا جهڙي ڪائي صورت ٻاهر نڪتي ۽ ان ڇايا ڌيري ڌيري ڪايا گره ڪئي: ڏسندي ڏسندي هٿ جوڙي هڪ نار نماڻي جي مورتي سندس سامهون اڀي ٿي بيٺي. ڳچيءَ ۽ ڪرائيءَ ۾ ڪمل ٻج جا ڳهڻا، پيلا وار، پيلا نيڻ ۽ پيلو رنگ، گيڙو وستر. ان ناري ورتيءَ کي نمسڪار ڪري ڀڳوان کان پڇيو: ”پتا، مان ڪير آهيان؟ منهنجو ڪرم ڪهڙو آهي؟ اوهان منهنجي رچنا ڇا لاءِ ڪئي؟“

ڀڳوان پرجاپتيءَ چيو: ’تون منهنجي ڪنيا آهين، مرتيو[1] سرشٽيءَ ۾ سنگهار ڪاريه (مارڻ) جي ڪاڻ تنهنجي رچنا ٿي آهي. اهو ئي تنهنجو ڪرم آهي.‘

مرتيو کان ڇرڪ نڪري ويو. مرتيو يعني اها ناري مورتي. دردناڪ سر ۾ چيائين: ’پتا ٿي ڪري اوهان اهڙي سخت ۽ سنگدل واري ڪاريه ۾ مونکي مقرر ڪيو؟ اهو ڀلا ناريءَ جو ڪرم آهي؟ منهنجو ناري هردو، ناري ڌرم ان کي برداشت ڪيئن ڪندو؟‘

ڀڳوان کلي چيو: ’مان ڇا ڪريان، ڪوئي اپاءُ ڪونهي. جڏهن رچنا مون ڪئي آهي، ته هاڻ اهو ئي ڪرم توکي ڪرڻو پوندو.‘

مرتيو چيو ”پر مون کان اهو ٿيڻو نه آهي.“

”ٿيڻو ئي پوندو.“

مرتيو تپسيا شروع ڪئي. ڏاڍي ڪٺور تپسيا ڪئي.  ڀڳوان آوي. چي ”ور گهر.“

مرتيو ور گهريو: ”هن ڪٺور ڪرم کان مونکي مڪت ڪريو.“

ڀڳوان موٽي ويو: ”اهو نه ٿيندو.“

مرتوي ٻيهر تپسيا ڪئي، گذريل ڀيري کان به وڌيڪ ڪٺن تپسيا.

پرجاپتي وري آيو. مرتيو وري به ساڳيو وردان گهريو: ’پتا‘ هن نجس ڪرم کان مون کي مڪتي ڏيو.

پرجا پتي چپ بيٺو رهيو. ڪنڌ ڌوڻي ذهن نشين ڪيائين: ’اهو نٿو ٿي سگهي.‘

پرجاپتي غائب ٿي ويو.

مرتيو ڪافي دير توڻي اڀ ڏانهن تڪيندي رهي. وري تپ ڪرڻ ويٺي.

هيءُ ٽيون ڀيرو تپ ۾ مگهن ٿي مرتيو. هن ڀيري جيڪا تپسيا هن ڪئي، ان کان ڪٺور تپسيا ڪڏهن ڪنهن ڪانه ڪئي. برهما کي وري اچڻو پيو. مرتيو وري به اهوئي وردان گهريو. هن جا چپ ور گهرندي ڏڪڻ لڳا. اکين ۾ لڙڪن جي لڙي وهي آئي. سيگهه ۾ ٻُڪ جهلي برهما ان ۾ لڙڪ ڀري ورتا. چي: ”ڌيءُ، تنهنجا لڙڪ پوندي ئي سرشٽي تباهه ٿي ويندي.“

ڏسندي ئي ڏسندي انهن لڙڪن مان هڪ هڪ ڪري خوفناڪ شڪلين جو جنم ٿيو. ڀڳوان چيو: ”هيءُ روڳ آهن. هيءُ تنهنجي ئي رچنا آهي ۽ اهي تنهنجا ساٿي ٿي رهندا.“

مرتيو چيو: ”پر ناري ٿي ڪري مان پتنيءَ جي بغل مان پتيءَ کي ڪيئن کڻي اينديس؟ ماءُ جي ڇاتيءَ مان الاد کي ڪيئن ڇننديس؟.... من هردي هيڻ ڪرم جو پاپ....“

ٽوڪي ڪري ڀڳوان چيو: ”تون پاپ پچ کان پري آهين. توکي پاپ ڪين ڇهندو. ويتر هن جا ڪرم ڦل روڳ جي وسيلي توکي ڪوٺ ڪندا. انسان بدچلني، ويچار، ظلم ۽ پاپ جي روڳ جا شڪار ٿيندا رهندا ۽ تون پاڻ انهن کي ڏيندي رهندينءَ پيڙا کان مڪتي، جوالا کان شانتي، پراڻي کان نئون جنم.“

”پر....“ وياڪل ٿي ڪري مرتيو چيو: ”شوڪ ٻڏل استري، پٽ، ماتا پتا ڦٿڪندا رهندا، ڇاتي پٽيندا رهندا، مٿو ڦوڙندا، اهي سمورا دردناڪ نظارا آئون ڪيئن ڏسي سگهندين؟“

ڀڳوان چيس: ”ته وٺ، تون انڌين ٿينءَ. تنهنجي درشٽي نه رهي. توکي ڪجهه به ڏسڻو نه پوندو“

مرتيوچيو : ”پر هنن جو اهو زارو زار روئڻ پٽڪو؟ ناري ڪنٺ جي دلسوز دانهن پڪار؟“ ڀڳوان چيو:

”تون ٻوڙي رهه. ڪو به آواز تنهنجي ڪنين نه پهچندو.“

جڳ ٻنڌو مهاشيه چيو هو؛ ”هيءُ موت انڌو  آهي، ٻوڙو آهي. هيءُ روڳ مرض ئي هن کي هٿ کان پڪڙي سدا ساڻ نيو هلن ٿا. ها، هن کي قبضي ۾ رکيو آهي، نيم ۽ڪال. جنهنجو وقت ڀرجي ٿو اچي، تنهن کي وڃڻو ئي پوي ٿو. اڪال مرتيو به ٿيندو آهي. انسان پنهنجي پاپ سان پنهنجي عمر گهٽائي ٿو ۽ بيوقتو ڪال کي نوتو ڏي ٿو. هيءُ جيڪو پنجونويد، اسان جو آيورويد آهي، ان جي شڪتي اها آهي جو جتي ڪال روڳ جو سهائڪ نه آهي، اتي هو انکي روڪي ٿو. اهڙي حالت ۾ روڳ واپس موٽي وڃي ٿو، ساڻ گڏ موت به موٽي وڃي ٿو. پر جڏهن وقت پورو ٿي وڃي ٿو، اتي روڳ جي حملي سان اڙيءَ جي رفتار ۾ جيڪي اهڃاڻ پروڙجن ٿا، ان مان پتو پوندو آهي ته هتي موت ڪال جي اشاري تي ئي آئي آهي. ايتريقدر جو نبض جاچي ايترو به چئي سگهجي ٿو ته ڪيتري دير، ڪيترا پل، ڪيترا ڏينهن، هفتا يا مهينا گذاري موت پنهنجو ڪم پورو ڪري وٺندو.

جڏهن اها ڳالهه هلي رهي هئي، گهرجي ڪنڊ ۾ هڪ ڪرڙيءَ جو آواز ٿيو هو. مٽيءَ تي آڱر جي ٺوڪ لڳائي ڪري جڳهه ٻنڌو مهاشيه چيو: ”هو ڏسي وٺ“.

اول ته جيون اهو سمجهيو ته بابا اهو چوڻ چاهي ٿو ته ڪرڙيءَ به ان ڳالهه جي تائيد ڪئي. پر نه. جيون ٽپ ڏيئي ڪري ڏٺو، ڪرڙيءَ جهپٽو ڏيئي هڪ پتنگ کي دٻائي ورتو. پتنگ ڦٿڪي رهيو آهي.

جڳ ٻنڌو مهاشيه ٻوليو: ”اُبتڙ حالت ۾ مثلاً ڪنهن کي خوامخواهه ۾ ڪنهن اچي دٻايو هجي يا ڪوئي ٻن سخت شين جي وچ ۾ دٻجي ويو، پيسجي ويو، اهڙي ۾ ان جي نبض ڏٺي وڃي ته ان ۾ زندگي جي چيخ صاف سمجهي سگهين ٿو، پڌري پٽ انڀئه ٿيندو، ڄڻڪ اکيئن پسجي رهيو هجي.“

نبض – وگيان ۾ موت جي پڌرائي ڪرڻ جي سندس جيڪا پهرين ڄاڻ هئي، ان جي ڪهاڻي به جڳ ٻنڌو مهاشيه سڻائي هئي. چيو هئائين: ’گريش بابو جي ماءُ، اهو ئي نوگرام وارو گريش بابو، برسات ۾ هن جي ماءُ تلاوت جي گهاٽ تي ترڪي ڪري پيئي. ڪرندي ئي بيهوش ٿي ويئي. منهنجو پتا جي سرڳواس ٿي چڪو هو. منهنجو عمر تڏهن گهٽ هئي. مان ويس. نبض جاچي شڪي ٿيس. پر ٺيڪ ٺيڪ سمجهي نه سگهيس. مون ڏٺو، ڌڪ لڳڻ سان نبض جيئن گتي هيڻ ٿي ويندي آهي نه، تيئن ئي ٿي ويئي هئي. ان ۾ هروڀرو حالت روڪڻ کان ٻاهر ته نه ٿيندي آهي. تڏهن به ڪهڙو نه خطرناڪ شڪ جاڳيم. مون به کولي ڪري ئي چيو. هن حالت ۾ موت به ٿي سگهي ٿو، نه به ٿي سگهي ٿو. اوهان ڪنهن آزمود يگار ڪويراج کي ڏيکاري سگهو ٿا. سنجها جو جو پاروليا جو ٻڍو ڪويراج آيو. هن جاچ ڪئي ۽ چيو: ”ٽي ڏينهن ڪنهن ريت ڪٽجي وڃن ته سمجهو ڇوٽڪارو ٿيو. پر.....

هن وري به ناڙي جاچي. ڳچي ۽ ڪرائيءَ وٽ نبض کي پرکيائين. چي: ”بچي به وڃي ته هڪ سال جي اندر هن جو ديهانت ٿيندو ۽ ديهانت کان اڳي کيس بيحد پيڙا ڏسڻي پوندي، جتي اڄ ڌڪ لڳو اٿس. ان ڏينهن به ائين ئي محوسس ٿيندس، ڄڻڪ اڄ وري ڌڪ لڳو اٿس.“

گريش بابو ٻئي ڏيهاڙي ئي ماءُ کي پالڪيءَ تي کڻائي گنگا جي ڪانري وٺي ويو. سڀني اهو ئي چاتو، هوءَ ٽن ڏينهن جي اندر ئي چالاڻو ڪري ويندي. ماءُ جي به ڏاڍي اڇا هئي ته گنگا جي ڪناري شرير تياڳي. پر اتي وڃي ڪري چوٿين ڏينهن ٻڍيءَ کي هوش آيو. هوري هوري هوءَ چڱي ڀلي ٿي اٿي. مرڻ ڪاڻ گنگا ڪناري وڃي وري واپس موٽي اچڻ جو نيم ڪونهي. اتي ئي رهجي ويئي: سال پوري ٿيڻ تي آيو. هڪ هفتو اڳي کيس ساڳئي هنڌ تي سور معلوم ٿيو، جتي ڌڪ لڳو هوس. اهو سور وڌندو ئي ويو. چوويهه ڪلاڪ سور وچان ڦٿڪي ڦٿڪي هوءَ بيهوش ٿي ويئي. ٻارهن ڪلاڪن بعد گذاري ويئي.

هيءُ منهنجو پهريون اکين ڏٺو تجربو آهي. پوءِ ته مون پاڻ به گهڻوئي ڏٺو. تون به ڏسندين. اِها هروڀرو سمجهائڻ جي ڳالهه ڪانهي، ان جي وياکيا ڪرڻ بيڪار آهي. اها پاڻ ميسر ڪرڻ جي سگهه ۽ قسمت تي مدار رکي ٿي. جيڪڏهن تنهنجي اهڙي قسمت آهي، اهڙي شڪتي جيڪر تون پيدا ڪري سگهين ته تون به اهو سمجهي سگهندين.


[1]  هندي ۾ ’مرتيو‘ جنس مونث آهي. بينگاليءَ ۾ ’مرتيو‘ جنس مونث آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org