سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو پهريون)

حصو چوٿون

صفحو :13

 

باب چوٿون

هائلڪوف وٽ

اليوشا جلدئي بيگم هائلڪوف جي گهر پهچي ويو، جو سهڻي پٿر جو ٺهيل هو ۽ ٻه ماڙ هو. هيءَ عمارت پنهنجي اَڏاوت جي باعث، اسان جي شهر ۾ عمدي سمجهي ويندي آهي. جيتوڻيڪ بيگم هائلڪوف پنهنجو گهڻو وقت ٻي ڪنهن پرڳڻي ۾، جتي سندس زمينون آهن يا ماسڪو ۾ گذاريندي آهي، جتي به کيس پنهنجو گهر آهي، اُن هوندي به کيس اسان جي شهر ۾ گهر آهي، جو کيس پنهنجي وڏن کان ورثي ۾ مليو آهي. سندس ملڪيت اسان جي ضلعي ۾، ٽنهي ملڪيتن کان گهڻي آهي پر اُن هوندي به هن دفعي کان اڳ، هت تمام ٿورو رهندي آهي. هـُـو اليوشا کي ڏسي، ڊوڙي هال ۾ آئي ۽ جلد اٿي ۽ بي صبريءَ مان کيس چيائين:

 ”نئين ڪرامت بابت توکي منهنجو خط مليو آهي؟“

 ”هائو!“

 ”تو اُهو سڀ ڪنهن کي ٻـُـڌايو آهي. هن ماءُ کي پـُـٽ موٽائي ڏنو آهي.“

 ”هو اڄ مرڻ وارو آهي،“  اليوشا چيو.

 ”مان به ٻـُـڌو آهي. او، مان ڪيترو وقت، هن ڳالهه بابت توسان ياڪنهن ٻئي سان ڳالهائڻ گهران ٿي، نه، نه توسان، توسان. ڪيتري قدر مون کي ڏک ٿو ٿئي، جا مان هـُـن کي ٿي ڏسان. سڄي شهر ۾ مايوسي آهي ۽ سڄو ڪاروبار بند ٿي ويو آهي. پر توکي خبر آهي - ڪيٽرينا ايونونا، هينئر هتي آهي؟“

 ”هي ڏاڍو چڱو ٿيو،“  اليوشا چيو،  ”مان  ساڻس هينئر ئي ملندس. هن مون کي ڪالهه چيو هو، ته مان اڄ وٽس وڃي ضرور ملان.“

 ”مان ڄاڻان ٿي، مون کي سڄي حال جي خبر آهي، مان سڀ ڪجهه ٻـُـڌو آهي، ته ڪالهه ڇا ٿي گذريو هو، مان اُن حيثيت جي ظالماڻي روش کي ڄاڻان ٿي. هي هڪ وڏو الميو آهي. جيڪڏهن مان اُن جي جاءِ تي هجان ها، ته اَلائي ڇا ٿي پوي ها؟ اوهان پنهنجي ڀاءُ دمتري فيودورووچ لاءِ، ڪهڙو ٿا خيال ڪريو؟ خدايا! اليڪسي فيودورووچ، مان پنهنجي حيرت کان، اهو توکي ٻڌائڻ وساري ويٺي آهيان، ته تنهنجو ڀاءُ به اُن سان گڏ آهي. تنهنجو ظالم ڀاءُ نه، جو ڪالهه هن ايذاءَ جو سبب بڻيو هو، پر ٻيو ڀاءُ ايون فيودورووچ. هـُـو هـُـن سان ويٺو ڳالهائي. هـُـو پاڻ ۾ ڪنهن نازڪ مسئلي تي ضرور گفتگو ڪري رهيا آهن. اُنهن جي وچ ۾، جو ڪجهه هاڻي وَهي واپري رهيو آهي، اُن بابت جيڪڏهن تون فقط تصور ڪرين، ته نهايت خطرناڪ  آهي. دل آزاري آهي. جيڪڏهن تون باور ڪرين، ته اِها ڪنهن خوف ڏياريندڙ، حيرتناڪ ڳالهه وانگي ٿي لڳي. هـُـو بنا ڪنهن سبب جي، جنهن کي ڪو ڏسي ئي نه ٿو سگهي، پنهنجي زندگين کي برباد ڪري رهيا آهن. جيتوڻيڪ کين هن برباديءَ جي خبر به آهي، پر اُن کي اختيار ڪرڻ مان کين مزو ٿو اَچي. مان تنهنجي انتظار ۾ هيس! مان ڄڻ ته تنهنجي لاءِ اُڃايل هيس. مان هنن حالتن کي سـَـهي نه ٿي سگهان. مان توکي هاڻي ئي سڀ ڪجهه ٻـُـڌائينديس، پر هاڻي مان ڪنهن ٻي ڳالهه لاءِ ڳالهايان ٿي، جا نهايت ضروري ڳالهه آهي. مان اُن شيءِ کي وساري ڇڏيو آهي، جا نهايت ضروري آهي. مون کي ٻڌاءِ ته لـِـزيءَ جي مٿان، جذبات جي شدت ايڏي ڇو آهي؟ جيئن جو هـُـن ٻـُـڌو ته تون هتي آيو آهين، هـُـو جذبات جي شدت کان مغلوب ٿي وئي آهي.“

 ”اَما، هاڻي ته تون جذبات جي شدت ۾ وٺجي وئي آهين نه.“  لزيءَ جو ملاحت ڀريو آواز ٻي پاسي کان در جي چير مان ٻڌڻ ۾ آيو. سندس آواز اِيئن ٻڌڻ ۾ آيو، ڄڻ ته هـُـن کـِـلڻ ٿي گهريو پر اُن کي ضابطي ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. اليوشا جي نگاهه هڪدم دروازي جي چير ڏانهن کڄي وئي. اِنهيءَ ۾ ڪوشڪ نه آهي ته لزيءَ چير مان ليئا ٿي پاتا، پر اليوشا کي نظر نه آئي.

 ”لزي، هن ۾ ڪو به عجب نه آهي ته وهمي حالت، مون کي به جذبات جي شدت ۾ گرفتار ڪري ڇڏي. اليڪسي فيودورووچ، هيءَ بيمار آهي. ايڏي ته بيمار آهي، جو سڄي رات بخار هوس ۽ دانهون ڪندي رَهي آهي! مان ته صبح تائين به ترسي نه ٿي سگهيس، ته هر زينسٽيوب اَچي، هـُـو هميشھ چوندو آهي، ته  ”مان ڪجهه نه ٿو ڪري سگهان ۽ مون کي ترسڻ گهرجي.“  هر زينسٽيوب هميشھ اَچي، اِيئن ئي چوندو آهي. جيئن ئي تون گهر ۾ گهڙين، ته هـُـن رڙ ڪئي. هـُـو شدت جذبات کان مغلوب ٿي وئي ۽ هـُـن مجبور ڪيو ته هن ڪوٺيءَ ۾، کيس گاڏيءَ ۾ کڻي آڻجي.“

 ”اَما، مون کي هن جي اَچڻ جي ڪابه خبر نه هئي، مان هن جي ڪري اوهان کي ڪونه ٿي چيو، ته مون کي گاڏيءَ ۾ کڻي هتي پهچايو.“

 ”تون سچ نه ٿي ڳالهائين لزي! يوليا توکي ڊُڪي ٻڌايو هو، ته اليڪسي فيودورووچ اَچي ٿو، هـُـن ته تنهنجي لاءِ ٻاهر جي خبر ٿي رکي.“

 ”منهنجي عزيز ماءُ! اها تون عقل جي ڳالهه نه ٿي ڪرين، پر جيڪڏهن تون سياڻپ جي ڪنهن ڳالهه کي ٻڌائڻ به گهرين ٿي، ته چڱو اِيئن آهي ته تون پنهنجي عزت واري ملاقاتي کي اِها ڳالهه ٻڌاءِ، ته هو اسان کي پنهنجي جوکم ڀري سمجهه واري حقيقت ٻـُـڌائي، جا ڪالهه ٿي گذري هئي، جنهن کيس سڀني اڳيان کلڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي.

 ”لزي، تنهنجي گستاخي، حد ٽپي وئي! مان ظاهر ٿي ڪريان، ته مان توتي هاڻي سخت ٿينديس. هن تي ڪير ٿي کليو؟ مون کي ته خوشي ٿي آهي، جو هيءُ آيو آهي. مون کي هن جي ضرورت هئي، مان هن کان سواءِ، ڪجهه نه ٿي ڪري سگهان. او، اليڪسي فيودورووچ مان حد کان وڌيڪ بدنصيب آهيان!“

 ”پر، پياري ماءُ، توکي ڇا ٿي ويو آهي؟“

 ”اڙي لزي! تنهنجي هيءَ وَهمي حالت، بي قراري، بيماري، خوفائتي بخار جي رات، خوفائتو هردم حاضر هرزينسٽيوب، هردم حاضر، هردم حاضر، نهايت بڇڙيون شيون آهن. سڀ ڪا شيءِ، حقيقت ۾، توڙي جو اِها ڪرامت .... پيارا اليڪسي فيودورووچ، اِنهيءَ ڪرامت، ڪيڏو نه مون کي پريشان ڪري ۽ لوڏي ڇڏيو آهي. اُن انتطارگاهه ۾ جو الميو ٿي گذريو آهي، اُهو برداشت ڪرڻ کان مٿي آهي. مان توکي آگاهه ٿي ڪريان، ته اهو سڀڪجهه سـَـهي نه ٿي سگهان. حقيقت ۾ اِها ڏک جي ڳالهه نه آهي، پر کـِـل جي ڳالهه آهي. ٻڌاءِ ته مربي زوسيما، سڀاڻي تائين جيئرو رَهي سگهندو.... او خدايا! مون کي ڇا ٿي رهيو آهي؟ هر منٽ ۾ جڏهن مان پنهنجون اکيون بند ٿي ڪريان، ته مون کي سڀ اونداهي ٿي نظر اَچي.

اوچتو اليوشا هن گفتگوءَ جي وچ ۾ ٽپي پيو ۽ چيائين ته،  ”مان بيحد  شڪر گذار ٿيندس، جي اوهان مون کي ڪو صاف اڳڙيءَ جو ٽڪر ڏيندا. مان اُن کي آڱري جي مٿان ٻـُـڌندس، جا بـُـريءَ طرح سان زخمي ٿي پئي آهي ۽ ڏاڍو سور اَٿس.“

اليوشا اُن چـَـڪَ پاتل آڱر کي کوليو. سڄو رومال رَت سان ڀرجي ويو هو. بيگم هائلڪوف رڙ ڪري پنهنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيون.

 ”خدايا! ڪيڏو نه خطرناڪ زخم آهي!“

پر جيئن ئي لزي، چير مان، اليوشا جي آڱر کي ڏٺو، هـُـن دروازي کي کولي ڇڏيو.

 ”هيڏي اَچ، هيڏي اَچ!“  هـُـن بيتابيءَ مان رڙ ڪري چيو. هاڻي ڪابه بيوقوفي نه ٿيندي. خدايا! ڇو؟ تون اِتي بيهي، سموري وقت ۾ ڪجهه به ٻڌايو ئي نه آهي. اَما، ٿي سگهي ٿو ته هيءُ رت وهائي مـَـري وڃي ها. توکي اِهو زخم ڪيئن لڳو آهي. توکي پهريائين هيءُ زخم ڌوئڻ کپي. هن کي ٿڌي پاڻيءَ ۾ ڪجهه وقت جهـَـل، ته سور گهٽجي وڃي..... اما ڪنهن اونهي ٿانوَ ۾ جلدي پاڻي ڏئي. پر جلدي ڏئي.“  هن جذبات جي شدت ۾ اَچي چيو. هوءَ اليوشا جي زخم کي ڏسي، ڊڄي وئي هئي.

بيگم هائلڪوف واڪو ڪري چيو:

 ”ڇا اسان کي هرزينسٽيوب ڏي ماڻهو نه موڪلڻ گهرجي؟“

 ”اَما، تون منهنجي موت جي ڪـَـڍ آهين. تنهنجو هرزينسٽيوب، اَچڻ سان چوندو، ته هـُـو ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهي. پاڻي!پاڻي! هن جي ڀلائيءَ لاءِ توکي پاڻ وڃڻ گهرجي. يوليا، جلدي ٿيءُ. هيءَ وري اهڙي سست آهي، جو ڪڏهن به تڪڙ نه ڪندي! جلدي ٿيءُ اَما، نه ته مان مري وينديس!

لزيءَ جي دانهن کي ٻڌي ڊڄندي اليوشا چوڻ لڳو ته،  ”ڇو، هيءَ ته ڪا خاص ڳالهه نه آهي؟“

يوليا، پاڻي کڻي ڊوڙندي آئي. اِليوشا، آڱر اُن ۾ وڌي.

 ”اما ڪا پٽي؟ ڇا توکي رحم نه ٿو اَچي؟ هان ڪا پٽي ڏئي ۽ هـُـو تيزاب وارو لوشن به، جو زخمن جي لاءِ مفيد  آهي. اُن کي ڇا سڏبو آهي؟ اسان وٽ اُن جو ڪجهه ذرو آهي. اَما توکي چڱيءَ طرح خبر آهي، ته اُهو ڪٿي رکيو آهي؟ اِهو تنهنجي سمهڻ واري ڪوٺيءَ ۾ ساڄي هٿ واري ڪٻٽ ۾ رکيو آهي. اُتي اُها وڏي شيشي به رکي آهي ۽ پٽيون به.“

 ”لزي، مان هڪ منٽ ۾ سڀ ڪجهه کڻي ٿي اَچان. فقط تون رڙيون نه ڪر ۽ تماشو نه بڻاءِ. ڏسين نه ٿي ته اليڪسي فيودورووچ، ڪيئن نه بهادريءَ سان هن سور کي سهي ٿو، پر توکي هيءُ خطرناڪ زخم لڳو ڪٿان؟

ميڊم هائلڪوف، تڪڙي تڪڙي نڪري وئي. اِهائي ڳالهه هئي، جنهن کي لزي چاهيو ٿي.

 ”پهريائين، مون کي اهو جواب ڏئي ته هيءُ زخم توکي ڪٿان لڳو آهي؟ هن جلديءَ مان اِليوشا کان پڇيو،  ”اُن کان پوءِ مان ڪنهن ٻي ڳالهه بابت توسان ڳالهائينديس. چڱو؟“

اُن وقت اِليوشا به سمجهيو، ته سندس ماءُ جي غير حاضريءَ جو وقت نهايت ٿورو آهي، تنهنڪري جلدي مان، اسڪول جي ڇوڪرن سان پنهنجي ڳجهارت جهڙي ملاقات جو ذڪر ڪرڻ شروع ڪيو. هـُـن نهايت مختصر لفظن ۾ اُن کي بيان ڪيو. لزي سندس ڪهاڻي ٻـُـڌي هٿ مهٽڻ لڳي.

 ”پر تو، ڪيئن هن لباس ۾ اسڪول جي ڇوڪرن سان ملاقات ڪرڻ گهري؟“  هـُـن اهي لفظ ڪاوڙ مان چيا، ڄڻ ته کيس حق هو، ته هوءَ مٿس ضابطو رکي. تو جيڪڏهن اِيئن ڪيو آهي، ته تون پاڻ ٻار آهين! پر تون منهنجي ڪري ئي، اُن خطرناڪ ٻار کي ڳولي هٿ ڪر ۽ مون کي ٻـُـڌاءِ ته هـُـو ڪير هو؟ ڇاڪاڻ ته هن جي پويان ڪو راز  آهي. هاڻي ٻي شيءِ، پر پهريائين منهنجو سوال ٻـُـڌ. توکي ايڏو، ته سور نه آهي، جو معمولي ڳالهيون ته نه ڪري سگهين پر ضروري به؟“

 ”بيشڪ نه، هاڻي ته مون کي ايترو سور آهي به نه.“

اِهو، اِنهيءَ ڪري آهي، جو تنهنجي آڱر پاڻيءَ ۾ آهي. جيڪڏهن اِها ٿوري گرم ٿي ته وري سندس ساڳي حالت ٿي ويندي. يوليا ٿوري برف، تهخاني مان کڻي اچ ۽ پاڻيءَ جو ٻيو ٿانءُ به آڻ. هوءَ وئي، هاڻي مان توسان ڳالهائي سگهنديس. پيارا فيودورووچ اليڪسي، ڪالهه جو مون خط توڏئي موڪليو هو، اُهو مون کي موٽائي ڏئي. جلدي ٿي، اَما منٽ ۾ ڄاڻ آئي، ته مان نه ٿي چاهيان ته اُن ۾ دير پوي ....“

 ”مون وٽ هتي ته خط ڪونه آهي.“

 ”تون سچ نه ٿو ڳالهايائين، تو وٽ آهي. مون کي خبر  آهي ته تون اِيئن چوندين. اِهو جو تنهنجي کيسي ۾ موجود آهي!؟ مان اِنهيءَ مذاق تي سڄي رات ڏک ڪندي رهيس. مون کي هڪدم اِهو خط موٽائي ڏئي.“

 ”مان اُن کي گهر ۾ ڇڏي آيو آهيان.“

 ”پر مان توسان، جيڪو بيوقوفيءَ جو مذاق ڪيو آهي، تون اُن کي هڪ ٻار جو يا ننڍيءَ ڇوڪريءَ جو مذاق ته نه سمجهندو هوندين؟ مان توکان پنهنجي بيوقوفيءَ جي معافي ٿي گهران. جيڪڏهن تو وٽ اِهو خط هاڻي موجود نه آهي، ته ضرور کڻي اَچج. اڄ ئي، ضرور، ضرور.“

 ”اڄ! شايد ٿي نه سگهي؟ ڇاڪاڻ ته مان هاڻي سـِـڌو خانقاهه ڏي هليو ويندس ۽ ٻن ٽن ڏينهن تائين توکي ڏسي نه سگهان - اَڃا به، چار پنج ڏينهن لڳي وڃن - ڇاڪاڻ ته مربي زوسيما .....

 ”چار ڏينهن، ڪيڏي نه بيوقوفي! ڌيان ڏيئي  ٻـُـڌ، تون مون تي ڏاڍو کلندو هوندين؟“

 ”مان ڪونه کليو آهيان.“

 ”ڇو؟“

 ”ڇاڪاڻ ته تو جو ڪجهه چيو آهي، اُن تي مون کي يقين آهي.“

 ”تون منهنجي بي عزتي ٿو ڪرين!“

 ”ڪڏهن نه. ڇو ته جڏهن مون پڙهيو ته مون خيال ڪيو ته سڀ ڪجهه اِيئن ئي ٿيندو. ڇو ته جيئن ئي مربي زوسيما گذاري ويندو، مان خانقاهه ڇڏي ڏيندس. اُن کان پوءِ مان وڃي پنهنجي تعليم مڪمل ڪندس. تون جڏهن قانوني عمر کي پهچندين، ته مان توسان شادي ڪندس. مان توکي پيار ڪريان ٿو. جيتوڻيڪ مان اُن بابت ڪو خيال، ته نه ڪيو آهي، پر اُن هوندي به سمجهان ٿو، ته توکان بهتر ٻي زال مون کي ملي نه سگهندي. مربي زوسيما به مون کي شادي ڪرڻ لاءِ چيو آهي.“

 ”پر منهنجون ٽنگون ته بيڪار آهن، مون کي ڦيٿن واري ڪرسيءَ ۾ گهمايو ٿو وڃي.“  لزي کلڻ لڳي ۽ سندس چهري جو رنگ سرخ ۽ گلابي ٿي ويو.

 ”مان توکي پاڻ سان گاڏيءَ ۾ گهمائيندس، پر مون کي يقين آهي، ته تون ايستائين تندرست ٿي ويندين.“  لزي سندس شديد جذبات کان متاثر ٿي کيس چيو ته،  ”پر تون پاڳل آهين. تون مون سان بيوقوفيءَ جهڙو مذاق ڪري رهيو آهين. هـُـوءَ اَما! ڪاوڙ ۾ ٿي ڏسجي. اما تون هميشھ سست آهين. ڪيترو وقت اِيئن رهندين. اِجهو يوليا به برف کڻي آئي.“

 ”اَڙي لزي! چيٽون نه ڪر. ٻيءَ ڳالهه کي ڇڏ، چيٽون نه ڪر. اِهي چيٽون مون کي تنگ ٿيون ڪن. جڏهن ته پٽيون ئي ٻي هنڌ رکيون هيون ته مان ڇا ٿي ڪري سگهيس؟ مان ته ڳولهيندي رهيس. مان سمجهان ٿي ته هيءُ ڪم تو، ڪنهن مقصد سان ڪيو  آهي.“

 ”پر مان هن کي اِيئن ته ڪونه چيو هو ته پنهنجي آڱر وڍائي اَچي. يا مان ڪنهن ٻي مقصد کي سوچيو هجي. منهنجي ماءُ تون هميشھ عجيب نقطئه سنجي ڳالهين کي سوچيندي آهين.“ 

 ”تون ڀلي مون کي نقطئه سنج سمجهه. پر مان اِيئن ضرور چونديس ته تو اليڪسي فيودورووچ جي تڪليف لاءِ چڱو احساس ڏيکاريو آهي. او منهنجا پيارا اليڪسي فيودورووچ، ڪا خاص هڪڙي ڳالهه ته نه آهي، جا مون کي ماري ٿي،نه وري هر زينسٽيوب. مطلب ته سڀيئي ڳالهيون گڏجي، مون کي تڪليف ٿيون ڏين. اِهي ئي منهنجي لاءِ آزار جو سبب آهن.“

 ”اَما اِهو بس آهي، هر زينسٽيوب جي لاءِ ڪافي آهي.“  لزي ڏاڍي خوشيءَ مان کلڻ لڳي. اَما پٽي ۽ لوشن جلدي کڻي ڏئي. اليڪسي فيودورووچ، هي فقط گولارڊ جو پاڻي آهي. مون کي هن جو نالو هاڻي ياد اَچي ويو، پر ڏاڍو عمدو لوشن آهي. اَما توکي شايد يقين نه اَچي، رستي جي هڪ گهٽي ۾، هيءُ ڇوڪرن سان وڙهيو آهي ۽ هڪ ڇوڪر سندس  آڱر ۾ چـَـڪُ پاتو آهي. ڪيئن ٿي سمجهين، هيءُ پاڻ ٻار آهي نه ٻار! اِهڙيءَ حالت ۾ هيءُ شادي ڪري سگهي ٿو. هيءُ شايد ڏيکاءَ لاءِ کڻي شادي ڪري. هيءُ چاهي ٿو ته شادي ڪري اَما! سندس شادي ڪرڻ جو خيال ڪيڏو نه مذاق بڻجي ويندو ۽ ڪيڏو نه خطرناڪ!؟

لزي، اڳي وانگر، اليوشا ڏي وهمي طور تي نهاري، بدتميزيءَ سان کلندي رَهي.

 ”پر هيءُ ڇو شادي ڪري، لـِـزي؟ ڪهڙو سبب آهي، جو تون اِهي ڳالهيون ڪري رهي آهين؟ اِهڙي ته ڳالهه ئي ڪانه آهي - ڇوڪرو شايد چريو هوندو!؟“

 ”ڇو اَما، اُتي فقط چريا ڇوڪرا ئي هئا ڇا؟“

 ”ٿي سگهي ٿو لزي. تون سمجهين ٿي، ته مان شايد بيوقوفيءَ ۾ ڳالهايو آهي! ٿي سگهي ٿو ته اِنهيءَ ڇوڪري کي، ڪنهن ڇتي ڪـُـتي چـَـڪ پاتو هجي ۽ هو پاڳل بڻجي ويو هجي ۽ ماڻهن کي چـَـڪَ پائيندو هجي. اليڪسي فيودورووچ، ڪهڙي نه مزيدار پٽي ٻـَـڌي اَٿائين؟ مان شايد اِيئن نه ڪري سگهان ها! ڇا توکي اَڃا سور ٿئي ٿو؟“

 ”هاڻي ڪو خاص نه آهي.“

 ”توکي پاڻيءَ کان خوف ته نه ٿو ٿئي،“  لزي کانئس پڇيو.

 ”لزي، ٺهيو، اِهو ڪافي آهي. حقيقت ۾ مان، اٽڪل سان، ٻار کي ڇتو بڻائي وئي آهيان، جنهن کي تو هڪدم کڻي ڳنڍ ڏني آهي. ڪيٽرينا ايونونا کي به هاڻي خبر پئي آهي، ته هتي آهين، اليڪسي فيودورووچ، هـُـو، هي ٻـُـڌي مون ڏي ڊوڙي پئي. هـُـو تنهنجي ملڻ لاءِ ڄڻ ته مري پئي!“

 ”اَما، هن کي ڏاڍو سور آهي، هيءُ اُن ڏي ڪونه ويندو، تون ئي کڻي وڃينس.“

اليوشا کيس چيو،  ”نه، نه مان هاڻي پوري ريت خوش آهيان .“

 ”ڇا تون وڃڻ ٿو گهرين. شايد تنهنجو مطلب اِهوئي آهي؟“

 ”هائو، مان اُن جي ملاقات کانپوءِ، هيڏي موٽي ايندس. پوءِ جيڪو وقت ڳالهائڻو هوندو، ڳالهائينداسين، پر مان چاهيان ٿو، ته ڪيٽرينا ايونونا سان هڪدم ملاقات ڪريان. ڇاڪاڻ ته مون کان جيتري قدر جلد ٿي سگهي، خانقاهه ڏي موٽي وڃان. اُن جو سخت انتظار اَٿم.“

 ”اما! هن کي جلد وٺي وڃ! اليڪسي فيودورووچ وري موٽي اَچڻ جي تڪليف نه ڪج! توکي سـِـڌو خانقاهه ڏي وڃڻ گهرجي. جتي توکي چڱو ڇوٽڪارو ملي ويندو. مون سڄي رات ننڊ نه ڪئي آهي، اُن ڪري ننڊ ڪرڻ گهران ٿي.“

 ”او لزي، هي تنهنجو سڄو ڀوڳ آهي. منهنجي ڪيڏي نه خواهش آهي، توکي ننڊ اَچي!“  بيگم هائلڪوف واڪو ڪري چيو.

 ”مان نه ٿو سمجهي سگهان، ته مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي .... مان ٻه چار منٽ وڌيڪ، جيترو، تنهنجي طبعيت چاهي ترسان ٿو، توڙي کڻي ڇو نه پنج منٽ لڳي وڃن.“  اليوشا آهستگيءَ سان چيو.

 ”چار پنج منٽ! اَما هن کي جلدي وٺي وڃ! هي راڪاس آهي.“

 ”لزي، تون وهمي آهين. اليڪسي فيودورووچ! اچ ته هلون. اڄ هيءَ گهڻي بيوقوف ۽ پاڳل ٿي نظر اَچي. مون کي هيڏي ٽپي اَچڻ کان خوف ٿيندو آهي! هڪ اعصابي بيماري واري ڇوڪريءَ کي سنڀالڻ ڪيڏو نه مشڪل ڪم آهي! تنهنجي ڏسڻ کان پوءِ، هوءَ شايد ننڊ ڪري سگهي. تو ڪيڏو نه جلديءَ ۾ هن کي ننڊاکڙو بڻائي ڇڏيو ۽ اِها ڪيڏي نه خوش نصيبي آهي.“

 ”اڙي اما! تون ڪيڏو نه مٺڙو ٿي ڳالهائين. اِنهيءَ قرب لاءِ توکي چمڻ گهرجي.“

 ”لزي، مان به توکي چمڻ گهران ٿي. اليڪسي فيودورووچ، ڌيان ڏئي ٻـُـڌ. بيگم هائلڪوف تڪڙي ڀڻ ڀڻ سان، رازداراڻو ۽ ضروري ڳالهائڻ شروع ڪيو. مان ڪوبه مشورو ڏيئي نه ٿي سگهان. مان نه ٿي چاهيان، ته راز تان پردو کڻان. جو ڪجهه اُتي وَهي واپري ٿو، اُن کي تون اُتي پاڻ ڏسندين. جو ڪجهه اُتي ٿي رهيو آهي، سو ڊيڄاريندڙ آهي. اِهو نهايت بي ڍنگو ناٽڪ آهي. هوءَ تنهنجي ڀاءُ ايون کي پيار ڪري ٿي، پر سندس ٻاهريون ڏيکاءُ هيءُ  آهي، ته هـُـوءَ دمتري کي چاهي ٿي. اِهو خطرناڪ آهي! مان توسان هلان ٿي. جيڪڏهن کين، منهنجو اُتي ترسڻ وڻيو، ته مان آخر تائين اُتي ترسنديس.

 

dc

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org