سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو پهريون)

حصو پنجون

صفحو :18

 

باب چوٿون

بغاوت

ايون ڳالهائڻ شروع ڪيو ته، ”مون کي تو وٽ هڪ اعتراف ڪرڻ گهرجي. مان سمجهي نه ٿو سگهان، ته ڪهڙيءَ ريت هڪ پاڙيسري کي پيار ڪري سگهجي ٿو. منهنجي عقيدي موجب هڪ پاڙيسريءَ سان دوستي رکڻ نهايت محال آهي. جيتوڻيڪ ڪو هنن کي پري کان پيار ڪندو هوندو. مان هڪ دفعي، ڪٿي ”جان“ جي بابت پڙهيو هو، جو نهايت ٻاجهارو ولي ٿي گذريو آهي، ته جڏهن وٽس هڪ بکايل ۽ سـَـرديءَ جو ماريل فقير آيو، ته هـُـن کيس پنهنجي بستري ۾ سمهاري پنهنجي ٻانهن ۾ ورتو ۽ اُن جي وات ۾ ساهه کڻڻ شروع ڪيو. اُن فقير جي وات ۾ ڪنهن خوفناڪ بيماري جي باعث زخم هئا ۽ اُنهن مان سخت بدبوءِ ٿي آئي. مون کي يقين آهي، ته هـُـن سڀ ڪجهه پاڻ کي تڪليف ۾ وجهي، ٻئي کي فائدي پهچائڻ لاءِ ٿي ڪيو. هي ڄڻ سندس گناهه جو ڪفارو هيو، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ماڻهوءَ سان محبت لـِـڪائي ڪجي، جيئن ئي محبت ظاهر ٿي ته هوءَ گم ٿي ويندي.“

 ”مربي زوسيما، هڪ ڀيري، هن حقيقت بابت گهڻو ڪجهه ٻـُـڌايو هو.“ اليوشا جواب ڏنو. ”هن پڻ چيو ٿي ته انساني چهرو، اُنهيءَ ماڻهو جي لاءِ، جنهن کي محبت جو تجربو ئي نه هجي، سندس محبت جي عمل لاءِ روڪ ثابت ٿئي ٿو. پر اُن هوندي به بني نوع انسان ۾ محبت جو وڏو ذخيرو آهي، جنهن کي اَسان مسيح جهڙو عشق چئي سگهون ٿا. ايون اُن کي مان پاڻ ڄاڻان ٿو.“

 ”هائو، مون کي اُن جي لاءِ ڪا گهڻي خبر نه آهي. مان اُن کي سمجهي به نه ٿو سگهان. مون سان گڏ، مون جهڙا لاتعداد بني نوع انسان جا افراد موجود آهن. پر سوال ٿو اُٿي ته هيءُ سڀ ڪجهه ماڻهوءَ جي بـُـرين خاصيتن کان پيدا ٿو ٿئي يا سندس فطرت ۾ هي ورثي ۾ آيو آهي. منهنجي خيال ۾ مسيح جهڙو عشق، هن زمين تي انسان ذات لاءِ ناممڪن ۽ معجزو ٿي سگهي ٿو. هـُـو خدا جو پيغمبر هو پر اَسين نه آهيون. ٿوري وقت لاءِ اِيئن سمجهه ته مان ڪنهن عذاب کي سهان ٿو. پر ٻي کي هيءَ خبر ڪا نه پوندي ته مان ڪيترو سور سـَـٺو آهي. ڇاڪاڻ ته هـُـو غير آهي ۽ مان نه آهيان. هـِـن کانسواءِ، هڪ ماڻهو ڪڏهن به ٻي جي سور سهڻ واري حقيقت کي قبول نه ڪندو. (توڙي کڻي عذاب جي آخري حد ڇو نه هجي.) ڇو، هـُـو اُن کي ڇو نه قبول ڪندو، تنهنجو اُن بابت ڪهڙو خيال آهي؟ ڇاڪاڻ ته مون مان اَڻ وڻندڙ بوءِ ٿي اَچي. ڇاڪاڻ ته منهنجو چهرو بيوقوفن جهڙو آهي. ڇاڪاڻ ته مان هڪ ڏينهن اُن جي پير سان وچڙيو هوس. اُن کانسواءِ هتي عذاب ئي عذاب آهي. بي عزت ۽ شرمسار ڪندڙ عذاب، جي مون کي هميشھ جهڪائيندا رهن ٿا. مثال طور: بک، هو دنيادار اُن کي قبول ڪندو، پر جڏهن، هن کان به ڪا مٿانهين مصيبت ايندي. ڪا به فرض ڪيو، هـُـو اُن کي مشڪل سان قبول ڪندو. ڇاڪاڻ ته منهنجي صورت اُن جي نظر ۾ اِهڙي نه ايندي، جنهن مان هـُـو منهنجي رنج جو پوريءَ ريت اندازو ڪري سگهي. اُن ڪري مان سندس طرفداريءَ کي وڃائي ويهندس. جيتوڻيڪ هـُـو دل سان بدي ڏي راغب به نه هوندو. پينو خاص طرح شريف پينو، پاڻ کي روبرو نه ڏيکاريندا آهن، پر اخبارن جي ذريعي خيرات جي طلب ڪندا آهن. اِهڙي ريت، ڪنهن پاڙيسري سان غائباڻي ۽ مبهم طرح ته محبت ٿي سگهي ٿي پر قريب هجڻ ۾ ذرا ناممڪن آهي. پر جيڪڏهن رقص جي محفل ۾ اسٽيج تي جيڪڏهن ڪو پينو، چتين لڳل پـَـٽ جي پوشاڪ پهري ۽ وڏي ذوق سان رقص ڪري ۽ خيرات گهري ته ڪيئي ماڻهو اُن ڏانهن نهارڻ شروع ڪندا. پر اُن هوندي به اُنهن سان اسان جي محبت ڪانه پيدا ٿيندي. هيءُ ڪافي آهي. مان توکي پنهنجو نقطئه نظر سمجهائڻ ٿي گهريو. مان عام طرح انساني مصيبتن تي ڳالهائڻ ٿي گهريو. چڱو آهي ته اسان ننڍڙن ٻارن جي مصائب تائين پاڻ کي محدود رکون. هي منهنجي دليل جي حد کي اُن جي ڏهين حصي تائين گهٽائي ڇڏيندو.

اُن هوندي به پاڻ کي ٻارن تائين محدود رکندس، جيتوڻيڪ هيءُ منهنجي دليل کي ڪمزور ڪري ڇڏيندو. پهرئين ڳالهه اِها آهي ته ٻارن کي قريب کان به پيار ڪيو وڃي ٿو. پوءِ هـُـو کڻي ڇو نه غليظ ۽ بدنـُـما هجن. (جيتوڻيڪ ٻار ڪڏهن به بدنما نه هوندا آهن.) مان وڏي عمر وارن بابت نه ٿو ڳالهايان، اُن جو ٻيو سبب هيءُ آهي ته ڪرامت ۽ پيار جي لائق نه هئڻ کان سواءِ، هـُـو بدلي ۽ اُجوري جا شايق هوندا آهن. هـُـو صوف کائيندا ئي رهندا آهن. پر ٻار اِهڙي ڪنهن به شيءِ جي تمنا نه ٿا رکن ۽ معصوم آهن. اليوشا توکي ٻار پسند آهن؟ تون کين ضرور پيار ڪرين ٿو. تون هاڻي سمجهي سگهندين ته پنهنجي گفتگوءَ کي مان، هنن کي ڇو مٿانهين جاءِ ڏني آهي، جيڪڏهن هـُـو زمين تي ڪنهن وڏي مصيبت ۾ مبتلا ٿين ٿا ته هـُـو پنهنجي والدين جي گناهن جي باعث ڀوڳين ٿا، جن صوف کي کاڌو آهي. پر هيءُ دليل ٻئي جهان جو آهي ۽ هيءُ ادراڪ زمين تي رهڻ وارن لاءِ نه آهي. هڪ معصوم کي ٻي جي گناهه لاءِ ڇو لوڙڻو پوي، ۽ خاص طرح اِهڙا معصوم! اِليوشا تون مون تي حيرت کائيندو هوندين، پر مان ٻارن سان بيحد محبت ڪندو آهيان. مان ڏسان ٿو ته ظالم، سنگدل، خونخوار ۽ ڪرامازوف جي خاندان جهڙا به ڪڏهن ڪڏهن ٻارن سان بيحد محبت ڪن ٿا. ٻار اُهي جي ننڍڙا آهن ۽ ستن ورهين جي عمر تائين ٿين ٿا. هي وڏي عمر وارن کان گهڻو دور ٿين ٿا. هـُـو ٻي قسم ۽ ٻي نموني جا آهن. مون کي هڪ ڏوهاري جي خبر آهي، جو جيل ۾ هو. هن هڪ ڌاڙيل جي حيثيت ۾ ڪيترن خاندانن کي قتل ڪيو. جن ۾ ٻار به هئا، پر قيد ۾ کيس معصوم ٻارن لاءِ بيحد محبت هئي. هـُـو ڪيترو وقت دريءَ ۾ بيهي ٻارن کي نهاريندو هو، جي جيل جي ميدان ۾ بيهي رانديون کيڏندا هئا. هن هڪڙي ٻار کي ريبي دريءَ وٽ آندو ۽ اُن سان دوستيءَ جو رشتو قائم ڪيائين..... تون پڇندين ته ڇو؟ مان توکي سڀ ٻڌايان ٿو اليوشا. مون کي خبر نه آهي ته مان هي سڀ توکي ڇو ٿو ٻڌايان. منهنجو مٿو ڦري ٿو ۽ مان اُداس آهيان.“

 ”تون عجيب حوس سان ڳالهائي رهيو آهين. ” اليوشا عجب بي آراميءَ سان ڳالهائي رهيو هيو. اِيئن معلوم ٿو ٿئي ته تون پنهنجي هوش ۾ نه آهين.“

 ”گهڻو وقت ٿيو، اتفاقاً مان ماسڪو ۾، هڪ بلگيريا جي ماڻهو سان مليس.“ ايون ڳالهائيندو ويو، ڄڻ ته هـُـو پنهنجي ڀاءُ جو گفتگو ٻـُـڌي ئي نه رَهيو آهي. ”مان هن کان پڇيو ته سلاف جي بغاوت ۽ بيداريءَ جي خوف کان، ترڪن ۽ سرڪـِـشي ماڻهن بلگيريا جي هر حصي ۾ ڪهڙيون حرڪتون شروع ڪري ڏنيون آهن. هن ٻڌايو ته هنن ڳوٺ ساڙيا آهن. قتل ۽ غارت ڪندا رَهيا ۽ ٻارن ۽ زالن کي اغوا ڪندا رهيا آهن. هـُـو جنگي لوڙهن جي اَندر قيدين کي سخت سزائون ڏيندا رهيا آهن. صبح سان کين ميخون هنيون وينديون آهن ۽ شام جو کين ڦاهيءَ تي لڙڪايو ويندو آهي. ساڻن اُهو سڀ ڪجهه ڪيو ويندو، جو ڪجهه خيال ڪري سگهجي ٿو. ماڻهون ڪڏهن ڪڏهن وحشياڻي ظلم جون ڳالهيون ڪندا آهن، پر اِها جانورن سان بي انصافي ۽ سندن بي عزتي آهي. جانور ڪڏهن به ماڻهو جهڙو ظالم نه هوندو آهي. وٽس ظلم جو ڪو به فن نه هوندو آهي. چيتو ڦاڙي ۽ چيري ٿو. اِهو ئي آهي، جو هـُـو ڪري سگهي ٿو. هـُـو ڪڏهن به ماڻهوءَ کي ڪنن ۾ ميخون نه هڻندو آهي. ترڪن کي ٻارن کي به چيچلائڻ ۾ مزو ايندو آهي. هـُـو مائرن جي ڪک مان ٻار ڪڍي ماري ڇڏيندا آهن ۽ ٻارن کي هوا ۾ اُڇلائي، ترارن جي ڌار تي جهليندا آهن. هيءُ سڀ اُنهن بدنصيب مائرن جي سامهون ڪيو ويندو آهي ۽ اُن مان کين بيحد مزو ايندو آهي. مون کي هڪ اِهڙو ٻيو به منظر ياد ٿو اَچي، جو نهايت دلچسپ آهي. فاتح ترڪن جي وچ ۾، هڪ ٻار سان گڏ، هڪ ماءُ جو خيال ڪر. هنن کي هڪ عجيب چال ويچار ۾ آئي آهي. هـُـو ٻار جي پٺيءَ کي ٺپڪي، پاڻ کلي، هن کي کلائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. آخر ٻار کلي ٿو ۽ کلڻ واري حالت ۾ هـُـو کيس ماري وجهن ٿا. هن ۾ فن جو ڪيڏو نه مظاهرو آهي. ترڪ خاص طرح اِنهن شيرين ڳالهين جا شايق آهن.“

 ”ڀاءُ آخر تنهنجو مطلب ڇا آهي؟ ” اليوشا کيس چيو.

 ”مان خيال ڪريان ٿو ته شيطان جو ڪو به وجود ڪونه آهي پر ماڻهوءَ ئي کيس پيدا ڪيو آهي. هـُـن، کيس پاڻ تي ۽ پنهنجو عڪس پيدا ڪيو آهي.“

 ”جيئن هن خدا جي لاءِ ڪيو آهي؟ اِئين نه؟ ” اليوشا کانئس پڇيو.

 ”هيءُ ڪيڏو نه عجيب آهي، جو تون لفظن کي ڦيرائي سگهين ٿو. مان خوش آهيان. تنهنجو خدا بيحد وڻندڙ آهي، جيڪڏهن ماڻهو، کيس پنهنجي خواهش موجب پيدا ڪيو آهي. تو، هاڻي پڇيو آهي ته منهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟ توکي خبر هئڻ گهرجي ته مون کي ڪن حقيقتن جي گڏ ڪرڻ جو ڏاڍو شوق آهي. نه فقط ايترو پر مون کي ڪن آکاڻين، خبرن ۽ ڪتابن جي نقل ڪرڻ جي به عادت آهي. اِنهن شين جو مون وٽ خاصو ذخيرو موجود آهي. بيشڪ ترڪ به اُنهن کي پڙهندا هوندا، پر هـُـو اجنبي آهن. مون کي اِهي نمونا گهر ۾ موجود آهن ۽ ترڪن کان وڌيڪ عمدا آهن. توکي خبر آهي ته اسان مار موچڙي، ڏنڊي ۽ لڪڙ سان مارڻ پسند ڪندا آهيون. اِهي اسان جون قومي سزائون آهن. ميخون هڻڻ اسان وٽ ڪو نه آهن، آخر ته اسان يورپي آهيون. اِهي لٺيون ۽ لڪڻ اسان وٽ هميشھ رهندا ۽ اِهي اسان کان ڪو به کسي نه ٿو سگهي. اسان جي ملڪ کان پريان، هاڻي مشڪل سان ڪنهن کي ماريو وڃي ٿو. عادتن ۾ وڌيڪ انسانيت اَچي وئي آهي يا اِهڙا قانون تيار ڪيا ويا آهن، جو هاڻي ڪنهن به ماڻهو کي لڪڻن هڻڻ جي همٿ ئي نه ٿي ٿئي. هنن جو ڪجهه بڻايو آهي، سو سڀ قومي نقطئه نگاه کان آهي، جيئن اَسان وٽ، هيءُ هـُـتي ايڏو ته قومي بڻايو ويو آهي، جو اسان وٽ عملي طرح ناممڪن آهي. جيتوڻيڪ مون کي يقين آهي ته اِهي ٽـُـڪا اسان کي به لڳندا، ڇو ته اَسان جي حڪومت ۾ مذهب ضرور داخل ٿي ويندو. مون وٽ هڪ دلچسپ رسالو آهي، جو فرينچ زبان مان ترجمو ڪيو ويو آهي. اُن ۾ ڏيکاريو ويو آهي، ته تازو، جنهن کي پنج ورهيه مس گذريا آهن، ڪهڙيءَ ريت هڪ خوني، رچرڊ کي ڦاسي ڏني وئي هئي. هـُـو ٽيويهن ورهين جو نوجوان هو. هن ڦاسي چڙهڻ کان ٿورو اڳ عيسائيت کي قبول ڪري پنهنجي پڇتاءَ جو اظهار ڪيو هو. رچرڊ حلالي ٻار هو ۽ ڇهن ورهين جي عمر ۾ سندس والدين کيس سوئٽزرلينڊ جي جبلن ۾، هڪ ريڍار کي ڏئي ڇڏيو هو. هنن کيس پنهنجي ڌنڌي لاءِ پالي وڏو ڪيو. هـُـو اتان جي رهندڙن ۾ هڪ وحشي جانور وانگر پلجي وڏو ٿيو. ريڍار کيس ڪجهه به نه سيکاريو ۽ مشڪل سان کيس کاڌو ۽ ڪپڙو ڏنو ويندو هو. ستن ورهين جي عمر ۾ کيس سردي ۽ رطوبت ۾ ڌڻ سان ٻاهر موڪليو ويو. اِهڙيءَ ناروا هلت جي بابت ڪنهن به سندس پرواهه نه ڪئي، پر اُن جي برعڪس، هنن جو خيال هو ته هـُـو پنهنجي هلت ۾ هر طرح حق بجانب آهن. ڇاڪاڻ ته رچرڊ کين هڪ منتقل ٿيل ملڪيت جي حيثيت ۾ مليو هو ۽ کيس کارائڻ به ضروري نه ٿي سمجهيو ويو. رچرڊ جو پنهنجو بيان آهي ته هن اُنهن سالن ۾، سوئرن جي اوبر کائڻ جي ڪوشش ڪئي، جن کي وڪري جي لاءِ گڏ ڪيو ويو هو پر ريڍارن کيس اِها اوبر به ڏيڻ نه ٿي چاهي. جڏهن جڏهن هـُـن چورائي کائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ته کيس ماريو ٿي ويو. اِهڙي حالت ۾ هـُـن پنهنجو ننڍپڻ ۽ جواني ٿي گذاري. هـُـو جڏهن جوان ٿيو تڏهن چور ٿيڻ لاءِ ڀڄي ويو. هي وحشي ڏينهن جي وقت ۾ جنيوا ۾ مزور ٿي گذارڻ لڳو. هن جو ڪجهه ڪمايو ٿي، شراب ۾ وڃائي ٿي ڇڏيو ۽ سنگدل ٿي گذارڻ لڳو. هڪ پوڙهي جي خون ۽ ڌاڙي سان سندس پڄاڻي ٿي، کيس گرفتار ڪري ڪيس هلايو ويو ۽ مٿس ڦاسيءَ جي سزا جڙي. ڇاڪاڻ ته عدالت ۾ ڪي جذباتي ته ڪو نه ٿين. قيد ۾ پهچندي، سندس چوڌاري، ڪيئي راهب، عيسائي برادريءَ جا ارڪان ۽ خير واريون بيگمون سندس چوڌاري گڏ ٿي ويون. هنن کيس جيل ۾ پڙهڻ ۽ لکڻ سيکاريو ۽ انجيل جي تلقين ڪرڻ لڳا. واعظ ۽ نصيحت کي وٽس جاري رکيو ويو، جنهن جو نتيجو اِهو نڪتو، جو هن دل سان گناهه جو اعتراف ڪيو ۽ کيس عيسائي بنايو ويو. هن پاڻ عدالت کي لکي موڪليو، ته هـُـو هڪ بڇڙي بلا هو، پر آخر ۾ خدا کيس هدايت ڪئي آهي ۽ سندس روشني ۽ رحم کيس نصيب ٿيو آهي. سڄي جنيوا هن جي لاءِ جوش ۾ هئي. سڄي خير واري ۽ مذهبي جنيوا. سڀئي اَمير ۽ شهر جا سماجي ٿنڀا، قيدخاني ڏي ڊوڙي پيا ۽ رچرڊ کي چمڻ ۽ ڀاڪر پائڻ لڳا. ؟ ”تون اَسان جو ڀاءُ آهين، ڇو ته توکي نجات مليو آهي. ” رچرڊ ٻيو ته ڪجهه نه ٿي ڪيو، پر ڏک کان رئندو ٿي رهيو. هائو مون کي نجات ملي آهي. مان پنهنجي سڄي جواني ۽ ننڍپڻ مـِـرُن جي اوبر تي گذاري آهي، پر اُن هوندي به هاڻي مون کي نجات ملي وئي آهي. مان هاڻي پنهنجي مالڪ جي خدمت ۾، هڪ فرشتي جي حيثيت ۾ پهچندس. هائو رچرڊ، مالڪ جي خوشنودي حاصل ڪري مري ويو.  تو پرائو رت هاريو آهي ۽ توکي مرڻ گهرجي. جيتوڻيڪ اِها تنهنجي غلطي نه هئي، ڇو ته توکي خدا جي ڪا به خبر نه هئي ۽ تون مـِـرُنُ جي اوبر چورائيندو ٿي رهين ۽ اُن لاءِ مار کائيندو ٿي رهين. (اِها تنهنجي وڏي غلطي هئي، ڇو ته چوري وڏو ڏوهه آهي.) پر تو پرائو خون هاريو آهي، اُن ڪري توکي مرڻ گهرجي. آخري ڏينهن تي رچرڊ نهايت ناتوانيءَ جي حالت ۾ ٻيو ته ڪجهه ڪري نه سگهيو پر زاروزار رئندو رهيو ۽ هر منٽ کان پوءِ چوندو رَهيو ته هيءُ منهنجي حياتيءَ جو بيحد خوشيءَ جو ڏينهن آهي. مان پنهنجي مالڪ ڏي ٿو وڃان. سڀني راهبن، ججن ۽ خيرات ڪندڙ عورتن واڪا ڪري چيو ته، ”هائو، هي تنهنجي حياتيءَ جو خوش ترين ڏينهن آهي، ڇاڪاڻ ته تون پنهنجي مالڪ ڏي وڃي رهيو آهين. هـُـو سرگس جي صورت ۾، قيديءَ جي گاڏي جي پويان قتل گاهه ڏانهن هليا. قتل گاهه ۾ هنن رچرڊ کي پاڻ وٽ گهرايو ۽ کيس چيو ته: ڀاءُ مرڻ لاءِ تيار ٿي، ڇو ته تون پنهنجي خدا جي لاءِ مري رهيو آهين، ڇو ته توکي سندس رحمت حاصل آهي. اِهڙي ريت هو ڀائرن جي چمين ۾ اچي ويو. آخر رچرڊ کي قتل جي جاءِ تي گهلي ويا ۽ هن کي گلوٽين تي آندو ويو، جتي سندس سسي کي، ڀائپي ۽ برادري جي نموني ۾ ڪهاڙيءَ سان وڍيو ويو. ڇاڪاڻ ته هن رحمت کي لڌو هو. هائو هيءَ مخصوص حالت هئي. اِهو رسالو روسي زبان ۾ امير طبقي جي ڪنهن انسان دوست ۽ انجيل جي تبليغ جي خواهشمند ترجمو ڪيو آهي ۽ اِهو ماڻهن ۾ روشن خيالي پيدا ڪرڻ لاءِ مفت تقسيم ڪيو ويو. رچرڊ جو مقدمو دلچسپي وارو آهي، ڇاڪاڻ ته اِهو قومي آهي. اسان جي ملڪ ۾ اِها کلڻ جهڙي ڳالهه آهي ته ڪنهن ماڻهوءَ جو مٿو اِنهيءَ لاءِ ڪپيو وڃي ته هـُـو اسان جي برادريءَ ۾ آيو آهي ۽ خدا جي رحمت جو حقدار آهي. اُن هوندي به اسان وٽ ڪا خصوصيت آهي، جا سڀ ڪنهن طرح سان بدنما آهي. اسان جو تاريخي واندڪائيءَ جو مشغلو سنئون سڌو هڪ گـَـهري سور واري تسلي آهي. نيڪروسوف جي اشعار ۾ هي سٽون ڏسڻ جي لائق آهن ته ڪيئن نه هڪ هاري گهوڙي کي سندس اکين تي چهبڪ ٿو هڻي. سندس نماڻين اکين تي. سڀ ڪنهن ماڻهو هي تماشو ڏٺو هوندو. هي خاص روسين جو ڪم آهي. ننڍڙو ڪمزور گهوڙو، جنهن کي بار گهڻو آهي، چري نه ٿو سگهي. هاري هن کي ماري ٿو ۽ وحشياڻي طور سان ماري ٿو. هـُـو ظلم جي نشي ۾ هي مطلق نه ٿو ڄاڻي ته هـُـو ڇا ڪري رهيو آهي. هـُـو هن کي ورائي ۽ ورائي چهبڪ ٿو هڻي ۽ کيس غصي مان چوي ٿو ته، ”ڪيڏو نه تون ڪمزور آهين، توکي هي بار ڇڪڻ گهرجي، توڙي جو تون مري وڃين. ” بدبخت گهوڙو اُن جي لاءِ ڪوشش ٿو ڪري ۽ هو وري غير محفوظ غريب کي سندس رئندڙ اکين تي ڌڪ هڻڻ شروع ڪري ٿو ڏئي. سندس نماڻين اکين تي. بدبخت حيوان نااُميدي ۾ اُن بار کي ڇڪي ٿو. سڄو ڏڪي ٿو ۽ دم کڻڻ لاءِ به سـِـڪي ٿو. هـُـو تشنجي حالت ۾، غير فطري حرڪت سان ڪڏهن هيڏي ڪڏهن هوڏي بار کي ڦيرائيندو رَهي ٿو. نيڪرو سوف جو هيءُ ذڪر نهايت هيبتناڪ آهي. پر هـُـو هڪ گهوڙو آهي. خدا گهوڙن کي اِنهيءَ لاءِ پيدا ڪيو آهي ته هـُـو مار کائيندا رهن. تاتارين اسان کي اِهو ئي سيکاريو هو. اِهو ئي سندن ورثو يادگار رَهجي ويو آهي. پر ماڻهو به مار کائي سگهي ٿو. هڪ پڙهيل ڪڙهيل ۽ مهذب مرد ۽ اُن جي زال پنهنجي ڪاٺيءَ جي لڪڻ سان پنهنجي ٻار کي ماريندا رَهن ٿا، توڙي جو اُها ستن ورهين جي ڇوڪري ڇو نه هجي. مون کي اِها صحيح صحيح معلومات آهي. پيءُ انهيءَ ڳالهه ۾ خوش هوندو آهي. برچ ڪاٺيءَ جي لڪڙ کي شاخون به آهن. هـُـو چوندو آهي ته، ”هيءُ ڌڪ کائيندڙ کي وڌيڪ تڪليف ڏينديون آهن. ” اِهڙيءَ ريت هـُـو پنهنجي نياڻيءَ کي وڌيڪ ڏنگ هڻڻ پسند ڪندو آهي. مون کي خبر آهي ته بعض حالتن ۾ ماڻهو ڌڪ هڻڻ جي حالت ۾ جنوني ڪيفيت اختيار ڪندا آهن، مان اُن کي اَدبي حيثيت ۾ جنوني ئي چوندس. جا حالت هر هڪ ڌڪ هڻڻ سان وڌندي ويندي آهي. هـُـو هڪ منٽ، پنج منٽ، ڏهه منٽ يا اُن کان وڌيڪ وقت لاءِ ماريندا آهن ۽ وڌندي وڌندي وحشي بڻجي ويندا آهن. ٻار دانهون ڪندو آهي. آخر سندس دانهون بند ٿي وينديون آهن ۽ هـُـو اَبا، اَبا ئي چوندو رهندو آهي. هڪ عجيب ظالماڻي ۽ ناگهاني اتفاق سان اِهڙو مقدمو عدالت ۾ داخل ٿيو. اُن لاءِ مشيرن جي جماعت ويهاري وئي. روسي ماڻهو گهڻو اڳي هڪ وڪيل کي، ڪرائي تي ورتل ضمير، سڏيندا رهيا آهن. مشيرن جي جماعت پنهنجي طرف جي مؤڪل جي بچاءَ ۾ اعتراض ورتو ته، ”هيءَ هڪ سادي ڳالهه آهي ۽ روزانو گهرو ڳالهين ۾ شامل آهي. هڪ پيءُ هميشھ پنهنجي ٻار جي اصلاح ڪرڻ چاهيندو آهي. هيءَ شرم جي ڳالهه آهي، جو اُن کي عدالت ۾ آندو ويو آهي.“ ججن جي جماعت اُن کي پسند ڪيو ۽ سندن ئي فائدي ۾ فيصلو ڏنو. ماڻهن خوشيءَ مان نعرا هنيا، ڇو ته هڪ ظالم آزاد ٿيو. افسوس! مان اُتي ڪو نه هوس. مان جيڪڏهن اُتي هجان ها، ته سندس عزت ۾ چندو ڪريان ها!.... ڪيڏيون نه وڻندڙ تصويرون.

پر مون وٽ ٻارن جي بابت اَڃا به عمديون شيون موجود آهن. اليوشا، مان روسي ٻارن جي بابت ڳالهين جا انبار گڏ ڪيا آهن. هڪڙي پنجن ورهين جي ننڍڙي ڇوڪري هئي، جنهن کي پيءُ ۽ ماءُ نفرت سان ڏسندا هيا. نهايت عزت وارا ۽ شريف ڪافي تعليم يافته ۽ مهذب. مان وري به دهرايان ٿو ته ڪن ماڻهن ۾ هي خاص طرح عادت هوندي آهي ته ٻارن کي عذاب ڏيڻ ۾ کين مزو ايندو آهي ۽ فقط ٻارن کي. ٻين قسمن جي شخصيتن کي هي عذاب ڏيندڙ نهايت نرمي ۽ فياضي ڏيکاريندا آهن، جيئن مهذب ۽ انسان دوست يورپي ماڻهن جو دستور آهي، پر هيءُ ٻارن کي عذاب ڏيڻ جا شوقين هوندا آهن. ٻارن کي صحيح پيار ڪرڻ وارا به هن عادت ۾ مبتلا آهن. شايد ٻارن جي ڪنهن به بچاءَ نه هئڻ سبب، عذاب ڏيندڙ جي خواهش وڌي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته ٻارن وٽ فقط فرشتي جو ضمير آهي ۽ ڪا به پناهه ۽ التجا ڪا نه آهي. جنهن جي ڪري عذاب ڏيندڙ جي بيهودي خون ۾ باهه پيدا ٿي وڃي ٿي. بيشڪ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ ۾ شيطان لڪل ٿئي ٿو. غصي جو شيطان، نفساني خواهش جي حرارت وارو شيطان، جو عذاب ۾ ورتل شڪار جي دانهن تي خوش ٿئي ٿو. لاقانونيت جو شيطان جو پنهنجي زنجيرن کي ٽوڙي ڇڏي ٿو. بيمارين جو شيطان، جو بديءَ جو تابعدار آهي ۽ ڪوڙهه ۽ بڪين جي مرضن کي وڌائيندو اڳتي ٿو وڃي.

اِهو غريب ٻار جو پنجن ورهين جو هو، پنهنجي مهذب والدين جي سڀ ڪنهن ٿي سگهڻ جهڙي عذاب ۾ مبتلا هو. هـُـو کيس بنا سبب ماريندا هئا، چنبا هڻندا هئا ۽ لتون هڻندا هئا، تان جو هـُـن جو سڄو بدن ناڪارو ٿي ويو. اُن کان پوءِ هـُـو عظيم ظلمي ڪارروائيءَ جي طرف هليا ويا. هنن کيس سڄي رات هڪ سـَـرد ۽ برفيلي ڪاڪوس ۾ بند ڪرڻ شروع ڪيو. ڇاڪاڻ ته ٻار کين، هتان ڪڍڻ لاءِ نه ٿي چيو (ڄڻ ته پنجن سالن جو فرشته صفت ٻار، جو گهري ننڊ جو هيراڪ آهي، اِهڙي تربيت ورتل هو، جو کين جاڳائي ۽ ڪجهه چوي) هـُـو سندس منهن تي داغ ڏيندا ٿي رهيا ۽ سندس وات کي غلاظت سان ڀريندا ٿي رهيا. ها اِها سندس ماءُ هئي جا اِيئن ڪندي ٿي رَهي ۽ اِها ماءُ، ٻار جو ڪنجهڻ ٻڌي به آرام سان ننڊ ڪندي ٿي رَهي. ڇو، تون سمجهي سگهين ٿو ته اُهو ننڍڙو ٻار، جنهن کي اِها ڪا به خبر نه آهي ته ساڻس اِيئن ڇو ڪيو وڃي ٿو ۽ ڇا ڪيو وڃي ٿو، فقط مـُـٺيون ڀيڪوڙي، سردي ۽ اونداهيءَ ۾ پنهنجي ننڍڙي درد واري دل جي دَڪَ دَڪَ کي جاري رکي ٿي، ۽ نماڻين ۽ صابر اکين مان ڳوڙها ڳاڙيندي، پنهنجي محبوب ۽ مهربان خدا کي پناهه لاءِ واجهائي ٿي. تون ته هن کي سمجهين ٿو منهنجا پيارا ڀاءُ ۽ دوست، نيڪ ۽ نماڻا راهب. تون هن کي سمجهين ٿو ته ڇو هن کي اجازت ڏني وڃي ٿي. مون کي ٻڌايو ويو آهي، انسان اِهڙين حرڪتن کانسواءِ، هن ڌرتي تي ئي گذاري نه ٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته کيس نيڪي ۽ بـَـديءَ جي خبر پوڻ کپي. پر ڪهڙي ضرورت آهي اِهڙي نيڪي ۽ بديءَ جي ڄاڻڻ جي، جنهن جي قيمت ايتري گهڻي هجي؟ ڇا سڄي دنيا جي معلومات، پياري ۽ رحيم خدا وٽ، هن ٻار جي دعا جي قيمت جي برابر ٿي سگهي ٿي؟ مان عمر رسيده ماڻهن جي مصائب لاءِ ڪجهه نه چوندس. هنن صوف کي کاڌو آهي، کڏ ۾ وجهه انهن کي. ڀلي شيطان اِنهن سڀني کي کڻي وڃي. پر هيءُ ٻارڙا! اليوشا مان توکي تڪليف ڏيئي رهيو آهيان. ڏسان ٿو ته تون پنهنجي حال ۾ نه آهين. جيڪڏهن تون چاهين ته مان پنهنجي گفتگو کي بند ڪري ڇڏيان.“

اليوشا آهستي چيو ته، ”پرواهه نه آهي، مان چاهيان ٿو ته اِنهيءَ تڪليف کي برداشت ڪريان.“

 ”فقط هڪ تصوير فقط، ڇاڪاڻ ته اُها هڪ عجيب شيءِ آهي ۽ مزي جهڙي. مان اُن کي تازو هڪ پراڻي روسي تاريخ جي مجموعي ۾ پڙهيو آهي. مون کان اُن جو نالو وسري ٿو. مان اُن کي وري ڏسندس. هن حقيقت جو، غلاميءَ جي تاريڪ دور سان تعلق آهي، يعني هن صديءَ جي آغاز جي ڳالهه آهي. زنده باد انسانن کي آزاد ڪندڙ! اُن زماني ۾، اَمير طبقي جو هڪ جنرل ٿي رهيو. کيس وڏو املاڪ هو ۽ ڪيترائي دوست هيس. مان کيس اُنهن ماڻهن مان ٿو سمجهان، جي ملازمت کان سبڪدوش ٿيڻ کانپوءِ، فرست جي حياتي ۾ اِيئن سمجهندا آهن ته هنن پنهنجي رعايا جي حياتيءَ تي ڪامل اختيار حاصل ڪيو آهي. هيءُ به اِهڙن ماڻهن مان هو. سو اَسان جي جنرل جي هٿ ۾ به ٻه هزار جانين جي ملڪيت هئي. هو وڏي شان ۽ شوڪت سان ٿي رهيو. هـُـو ايڏو ته مغرور هو، جو پنهنجي غريب پاڙيسرين کي پنهنجو زيردست ۽ مسخرا سمجهندو هو. وٽس سوين شڪاري ڪتا هئا ۽ اُنهن جي خدمت لاءِ سـَـؤ کن خدمتگار ٻار هئا. سڀئي گهوڙي سوار ۽ هڪ جهڙي لباس وارا. هڪ ڏينهن هڪ غلام ڇوڪري، جنهن جي عمر اٽڪل اَٺ سال هئي، راند ۾ پٿر اُڇلائيندي، جنرل جي هڪ پياري ڪتي جي پير کي زخمي ڪري ڇڏيو. هن پڇيو ته ”منهنجي پياري ڪـُـتي جو پير ڇو مـَـنڊو آهي؟“ جواب مليس ته ”هڪ ٻار پٿر اُڇلائيندي، ڪتي جي پير کي زخمي ڪيو آهي. جنرل اُن ٻار کي مٿي کان هيٺ تائين ڏسي چيو ته ”ڇا، هي توکان ٿيو آهي؟ وٺوس. ” هن کي ورتو ويو. هن کي پنهنجي ماءُ کان جدا ڪيو ويو ۽ سڄي رات کيس ڪنهن جاءِ  بند ڪيو ويو. سويرو صبح جو هـُـو جنرل گهوڙي جي پٺ تي سوار ٻاهر آيو. ساڻس شڪاري ڪتا، سندس نوڪر، خدمتگار ٻار ۽ شڪاري هئا. هـُـو سڀئي گهوڙن تي سوار هئا، ڄڻ ته ڪنهن شڪار تي وڃي رهيا هئا. هـُـن عبرت ڏيارڻ لاءِ سڀني ماڻهن کي جمع ڪيو. اُن گنهگار ٻار جي ماءُ کي سڀ کان اڳ ۾ بيهاريو ويو. ٻار کي بند مان ٻاهر آندو ويو. هـُـو اُداس، بيحد سرد ۽ ڪوهيڙي وارو خزان جي موسم جو ڏينهن هو، جو شڪار جي لاءِ بيحد موزون سمجهيو ويندو آهي. جنرل حڪم ڏنو ته ڇوڪري کي اُگهاڙو ڪيو وڃي. ڇوڪرو اُگهاڙو ڪيو ويو. هـُـو خوف ۽ سرديءَ کان ڏڪي رهيو هو... کيس دانهن ڪرڻ جي به طاقت نه پئي ٿي. جنرل حڪم ڏنو ته کيس ڊوڙايو. ڪتن جي خدمتگار ڇوڪرن کيس واڪا ڪري چيو ته ڊوڙ! ڊوڙ! ڇوڪرو ڊوڙڻ لڳو..... جنرل رڙ ڪري چيو ته شڪاري ڪـُـتن کي هـِـن تي ڇڏيو ۽ ڪتن جو سڄو وَلر مٿس ڇڏيو ويو. شڪاري ڪتن سندس بدقسمت ماءُ جي اکين جي سامهون، کيس ٽـُـڪر ٽـُـڪر ڪري ڇڏيو!.... مان سمجهان ٿو ته بعد ۾ کيس ملڪيت جي سنڀالڻ جو وڏو منتظم قرار ڏنو ويو. ٺيڪ آهي، هـُـن جي ڪهڙي سزا هئڻ گهرجي؟ گولي هڻڻ؟ اسان جي اخلاقي جذبن کي تسلي ڏيڻ لاءِ گولي هڻڻ؟ ڪجهه ته ڳالهاءِ، اليوشا!“

اليوشا آهستي چيو ”ها، کيس گولي هنئي وڃي.“  هـُـن پنهنجون اکيون مٿي کڻي تلخ ۽ اُداسي واري کل سان ايون کي ڏٺو.

 ”شاباس“، ايون خوشيءَ مان چيو. ”جيڪڏهن تنهنجي اِها راءِ آهي ته تون بهترين راهب آهين! معلوم ٿئي ٿو ته اليوشا ڪرامازوف تنهنجي دل جي اَندر ڪو ننڍڙو شيطان ويٺو آهي؟“

 ”مان جو ڪجهه به چيو، اُهو اَجايو هو، پر - اِهي اَجايون ڳالهيون زمين تي بيحد ضروري آهن. دنيا اِنهيءَ فضوليات تي بيٺل آهي. شايد دنيا اِنهن کانسواءِ هلي نه سگهي. اسان اُهو ئي ڄاڻون ٿا، جو ڄاڻون ٿا.“

 ”تون ڇا ٿو ڄاڻين؟“

 ”مان ڪجهه به سمجهي نه ٿو سگهان. ” ايون ڳالهائيندو ويو. ڄڻ ته مٿس جنون سوار هو. هاڻي مون کي ڪنهن به حقيقت جي سمجهڻ جي ضرورت ڪا نه آهي. مان حقيقت سان چنبڙي رهندس. مان گهڻو اڳي ارادو ڪري چـُـڪو آهيان ته ڪجهه به نه سمجهندس. جيڪڏهن مان ڪجهه سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي به ته مان پنهنجي حقيقت ڏانهن ڪاذب بڻجي ويندس. مان پـَـڪو اِرادو ڪيو آهي ته حقيقت سان چنبڙي رهندس.“

 ”مون کي تون ڇالاءِ آزمائي رهيو آهين؟ ” اليوشا ڪنهن درد کان اوچتو رڙ ڪري چيو،  ”ڇا توکي جو آخري چوڻو آهي. اُن کي چوڻ گهرين ٿو ؟“

 ”بيشڪ، اِيئن چاهيان ٿو. مان جنهن ڳالهه ڏي توکي وٺي وڃڻ گهران ٿو، اُها مون کي بيحد پياري آهي. مان توکي ڇڏڻ نه ٿو گهران نه وري تنهنجي زوسيما ڏي توکي موٽائڻ گهران ٿو. ” ايون ٿوري وقت لاءِ خاموش ٿي ويو ۽ سندس چهرو هڪدم ڏکايل بڻجي ويو.

 ”ٻڌ، مان ٻارن جي حالات کي انهيءَ لاءِ پيش ڪيو آهي، ته مان پنهنجي طرف کي وڌيڪ صاف ڪري سگهان. انسانيت جا اُهي ٻيا لـُـڙڪ، جن سان زمين جي مٿئين تهه کان وٺي اُن جي مرڪز تائين کيس تـَـر ڪيو ويو آهي، مان ڪجهه به نه چوندس. مان پنهنجي مضمون کي پنهنجي مطلب موجب بيان ڪيو آهي. مان هڪ پـَـسون کان وڌيڪ نه آهيان ۽ مان نهايت نيزاريءَ سان هي اعتراف ٿو ڪريان ته هن دنيا جي نظام مان ڪجهه به نه ٿو سمجهان، جنهن کي اِهڙيءَ ريت ٺاهيو ويو آهي. ماڻهوءَ کي پاڻ کي ڏوهه ڏيڻ گهرجي. مثال لاءِ کين بهشت ڏنو ويو هو ۽ هنن کي آزاد ڇڏيو ويو. هنن آسمان مان باهه کي چورايو. جيتوڻيڪ هنن ڄاتو ٿي ته اِيئن ڪندي هـُـو ناخوش بڻجي ويندا. هاڻي هنن تي ڪهڙو ويهي غم ڪجي. منهنجي غمزده، زميني ۽ اقليدسي سمجهه، سموري، جنهن کي مان ڄاڻان ٿو، فقط هيتري آهي ته هتي مصيبتون ئي آهن، جن جي لاءِ ڪو به ڏوهي نه آهي. سبب اِهو آهي، جو پنهنجي سادگي سان سنئون سڌو اَثر ڏيکاري ٿو، هر ڪا شيءِ وهندي رَهي ٿي ۽ پنهنجي سطح ڳولهي ٿي، پر اِها فقط اقليدي بي سمجهي آهي. مان اُن کي ڄاڻان ٿو ۽ اُن سان شامل ٿي رهڻ نه ٿو چاهيان. مون لاءِ فقط هيءَ تسلي آهي ته هتي ڪو به ڏوهي ڪو نه آهي ۽ اُهو ئي سبب، اِنهيءَ اَثر لاءِ جوابدار آهي، جو سادو ۽ سنئون سڌو آهي، جنهن کي مان ڄاڻان ٿو. مون کي انصاف کپي، نه ته مان پاڻ کي تباهه ڪري ڇڏيندس. مان اِهو انصاف پرانهين لامحدود وقت ۽ جاءِ تي ڏسڻ نه ٿو گهران پر هن زمين تي، جنهن کي مان پاڻ ڏسي سگهان. مان هـِـن ۾ اعتبار رکان ٿو ۽ اُن کي ڏسڻ گهران ٿو. جيڪڏهن مان مري به وڃان ته وري جيئرو ٿي اُٿڻ گهران ٿو. ڇاڪاڻ ته اِهي سڀئي شيون مون کان پوءِ وجود ۾ آيون ته اِهو ڪو چڱو نه ٿيندو. يقيناً مان ڪا به تڪليف ڪا نه سـَـٺي آهي. فقط هيءُ ته منهنجا گناهه ۽ منهنجون مصيبتون، جنهن زمين کي آلوده بڻايو آهي، آئنده نسل جي لاءِ نفعي جو باعث ۽ استفادي جو سبب بنائڻ نه ٿو گهران، پر هيءُ ڏسڻ گهران ٿو ته سرخ هرڻي شينهن سان گڏ آرام ڪري سگهي ۽ شڪار اُٿي پنهنجي قاتل سان ڀاڪر پائي سگهي. مان هيءُ ڏسڻ چاهيان ٿو ته سڀڪو هي سمجهي ته هيءُ سڀ ڪجهه ڇاجي لاءِ سـِـٽيو ويو آهي. سڀئي مذهب اِنهيءَ آرزو تي جوڙيا ويا آهن ۽ مان مذهب ۾ ايمان ٿو رکان. پر وري به ٻارن جو سوال ٿو اُٿي ۽ اُنهن جي لاءِ مان ڇا چوان؟ اِهو ئي ته سوال آهي، جنهن کي مان حل ڪري نه ٿو سگهان. مان سـَـؤ ڀيرا هن کي دهرايان ٿو پر اَڃا به لاتعداد سوال موجود آهن. اُن هوندي به مان ٻارن تي ئي سوچيان ٿو، ڇو ته ٻار ئي آهن، جي اِنهن ڳالهين کي وڌيڪ روشن ٿا ڪن. ٻـُـڌ، مان توکان پڇڻ گهران ٿو ته جيڪڏهن سڀني کي جاوداني هم آهنگي جي لاءِ ڏيڻو پوي ٿو ته ٻارن کي اُن لاءِ ڇا ڪرڻو پوندو، مهرباني ڪري اِهو ٻـُـڌاءِ؟ اِهو هر ڪنهن فهم کان بالاتر آهي ته ڇو هنن کي مصائب برداشت ڪرڻا پون ۽ کين ڇو هم آهنگي لاءِ عيوض ڏيڻو پوي. اُنهن کي پڻ ڇو، اِهڙو مواد تيار ڪرڻ گهرجي، جنهن سان مستقبل جي هم آهنگي واري زمين کي هـُـو شاهوڪار ۽ سرسبز بڻائين؟ گناهه جي لاءِ مان ماڻهن ۾ احساس ۽ عمل کي چڱيءَ ريت سمجهان ٿو. مان هن احساس ۽ عمل جي مڪافات کي به ڄاڻان ٿو. پر هن احساس ۽ عمل جو ٻارن سان ڪو به واسطو نه آهي. جيڪڏهن اِهو سچ پچ صحيح آهي ته کين پيءُ جي گناهه جي جوابدارين ۾ حصو ڏيڻو آهي ته پوءِ اِها صداقت هن جهان جي نه چئبي ۽ اِها منهنجي سمجهه کان بالاتر آهي. ڪو مسخرو ئي اِيئن چئي سگهي ٿو ته ڪو ٻار وڏو ٿي ۽ گناهه ڪندو، پر هيءُ ڏسڻ گهرجي، ته اُهو ٻار جوان ئي نه ٿيو هو، جو کيس ڪتن ڦاڙي ۽ چيري ڇڏيو. اُن وقت اُن جي عمر اَٺ ورهيه قياس ڪرڻ گهرجي. اڙي اليوشا، مان ڪفر نه ٿو ڳالهايان! مان سمجهان ٿو ته بيشڪ هن جهان جو عظيم معاشرتي انقلاب ڪهڙو نه عمدو هوندو، جڏهن زمين ۽ آسمان جو ترانو ۽ ترنم تعريف ۾ يڪسان ٿي ويندو ۽ سڀڪو جو اُنهن ۾ رَهي ٿو، يڪ زبان ٿي پـُـڪاريندا ته ” خدايا حق تنهنجو آهي، تو جو ڪجهه به فرمايو هو، اُهو پورو ٿي رهيو.“ جڏهن ماءُ اُن ظالم کي ڀاڪر ۾ وٺندي، جنهن سندس ٻار کي ڪتن ۾ اُڇلايو هو، تڏهن ٽنهي جون اکيون اشڪبار ٿي وينديون. ” او خدا تون انصاف وارو آهين ۽ تنهنجا طريقا اِلهامي آهن.“

بيشڪ اُن وقت، ڄاڻ کي تاج پهرايو ويندو ۽ هر ڪا شيءِ ظاهر ٿي پوندي. پر هتي جي ڳالهه مون کي پاڻ ڏي ڇـِـڪي ٿي، اُها هيءَ آهي ته مان هن هم آهنگي کي قبول ڪري نه ٿو سگهان. ڇاڪاڻ ته مان زمين جي رهڻ وارو آهيان ۽ مون کي پنهنجي تور تڪ ڪرڻ ۾ جلدي ۽ تڪڙ آهي. اليوشا، جيڪڏهن اِيئن سچ پچ ٿي پوي ته مان اُن گهڙيءَ تائين زنده رهان. يا وري اُٿاريو وڃان ۽ جنهن جو مٿي ذڪر ڪيو اٿم. اُن کي ڏسان ته ماءُ ڪيئن نه اُن ٻار جي عذاب ڏيندڙ کي پنهنجي آغوش ۾ وٺي رَهي آهي ته مان به جيڪر ٻين سان گڏ واڪا ڪري چوان ته ”خدايا، تون بيشڪ انصاف ڪندڙ آهين!“ پر مان زور سان واڪا ڪرڻ پسند نه ڪندس. مون لاءِ اَڃا به وقت آهي ته مان پنهنجي بچاءَ لاءِ جلدي ڪريان ۽ اهڙي ريت عظيم هم آهنگي کان قطعي دست بردار ٿي وڃان. ڇاڪاڻ ته هيءَ سڄي هم آهنگي ۽ نظام ابدي، اُن مظلوم ٻار جي هڪ لـُـڙڪ جي برابر به ٿي نه ٿو سگهي، جنهن هڪ تنگ ۽ تاريڪ ڪوٺڙيءَ ۾ خدا تعاليٰ کان مدد ٿي گهري. هائو، هي لـُـڙڪ بخشجي نه ٿا سگهجن ۽ انهن لـُـڙڪن جو ڪو به عيوض ٿي نه ٿو سگهي. منهنجي عقيدي موجب، اِنهن ڳوڙهن کي خريد ڪيو وڃي. ڇو ته اِنهيءَ کانسواءِ نظام ۽ عدالت اَبديءَ جي ڪا به معنيٰ ٿي نه ٿي سگهي. پر ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ ريت اوهان اُنهن کي خريد ڪري سگهندا؟ اِهو ٿي به سگهي ٿو؟ ڇا اِهو انتقام سان ٿي سگهندو؟ پر مون کي انتقام وٺڻ جي ڪهڙي ضرورت  آهي؟ ظالمن جي لاءِ مون کي جهنم جي ڇو پرواهه ڪرڻ کپي؟ اُهي ٻار جن کي عذاب ملي چـُـڪو آهي، اُنهن لاءِ جهنم ڪهڙو فائدو پهچائي سگهندو؟ جهنم جي موجودگي ۾ هم آهنگي ۽ نظام ابديءَ جو ڇا ٿيندو؟ مان عفو چاهيان ٿو. مان ته ڀاڪر پائڻ گهران ٿو. مان وڌيڪ مصيبتون نه ٿو گهران. جيڪڏهن ٻارن جون مصيبتون وڌنديون رهنديون، جي حق ۽ صداقت جي عيوض لاءِ ضروري آهن ته پوءِ منهنجو احتجاج آهي، ته صداقت جي قيمت هڪ پائي به نه آهي. مان نه ٿو چاهيان مظلوم ماءُ پنهنجي ظالم کي آغوش ۾ وٺي، جنهن سندس لال کي ڪتن ۾ ڦٽو ڪيو هو! هـُـن کي کيس ڪڏهن به معاف نه ڪرڻ گهرجي. هن کي پنهنجي دل لاءِ جو عذاب مليو آهي، اُن کي ته هوءَ بخشي سگهي ٿي، پر ٻار جي عذاب کي بخشڻ جو کيس ڪو به حق نه آهي. ايستائين جو ٻار هـُـن کي معاف به ڪري پر ماءُ کي اِهو حق نه ٿو پهچي ته هوءَ هـُـن کي معاف ڪري. جيڪڏهن اِئين آهي ته ڪنهن کي به بخشش جو حق حاصل نه آهي ته پوءِ هن هم آهنگي ۽ نظام اَبديءَ جو ڇا ٿيندو؟ ڇا هن جهان جي اندر ڪنهن کي به هيءُ حق نه آهي ته هو ڪنهن کي بخشي، جيڪڏهن بخشڻ گهري؟ مون کي هيءَ هڪجهڙائي ۽ يڪ رنگي نه کپي. انسانيت سان محبت جي باعث هيءُ نه کپي. مون کي مصيبتون بنا ڪنهن انتقام جي پسند آهن. مان انتقام بغير مصيبتن ۽ پنهنجي نامڪمل بي عزتي کي به پسند ڪندس، توڙي جو اِهي ڇو نه غلط هجن. اُن کان سواءِ هن هڪ رنگي ۽ هڪ جهڙائي جي وڏي قيمت ٻڌائي ٿي وڃي. اِهو اسان جي مذاق کان بالاتر آهي، جو اَسان اُن جي لاءِ حد کان زياده اُجورو ڏئي، اُن ۾ داخل ٿيون. اُن ڪري مان تڪڙ مان داخلا جي هن ٽڪيٽ کي واپس ڏيڻ گهران ٿو. جيڪڏهن مان ايماندار ماڻهو آهيان ته مون کان جيتري قدر جلد ٿي سگهندو، مان اِها ٽڪيٽ واپس ڪري ڇڏيندس اليوشا.“

 اليوشا هيٺ ڏسندي، نهايت آهستگيءَ سان چيو ته ”هيءَ ته بغاوت آهي؟“

 ”بغاوت، مون کي ڏک آهي، جو تون اِيئن ٿو چوين؟“ ايون انتظار مان چيو. ”شايد ڪو بغاوت ۾ مشڪل سان رَهي سگهي ٿو پر مان رهڻ گهران ٿو. تون پنهنجي لاءِ ٻـُـڌاءِ. مان توکي دعوت ڏيان ٿو، ٻـُـڌاءِ. خيال ڪر تون انساني قسمت جي تاڃي پيٽي کي اِهڙي ريت اُڻين ٿو ته کيس آخرت ۾ وَڃي راحت نصيب ٿئي. کيس تون آرام ۽ مسرت، آخرت ۾ ڏيڻ گهرين ٿو، جنهن جي لاءِ هيءُ لازمي ۽ اَشد آهي ته هڪ ننڍڙي جيوَ کي عذاب ڏئي مارجي. جڏهن اُهو ٻار پنهنجي مـُـٺ سان پنهنجي سيني کي پٽيندو رَهي. پنهنجي روحاني عمارت اُنهن ڳوڙهن تي رکي، جنهن جو ڪو به انتقام نه آهي. تون اِهڙين حالتن هيٺ، اُن جو معمار ٿيڻ قبول ڪندين، ٻڌاءِ، ٻڌاءِ، مون کي سڄي حقيقت ٻـُـڌاءِ.“

 ”هائو، مان اِها شيءِ قبول نه ڪندس ” اليوشا هٻڪندي چيو.

 ”ڇا تون هيءَ ڳالهه قبول ڪندين ته ماڻهو جنهن لاءِ تون هيءَ جوڙ جوڙين ٿو، هـُـو پنهنجي خوشيءَ کي هن بنياد تي قبول ڪندو ته هڪڙي معصوم شڪار جو اُن لاءِ رت هارجي وڃي؟ ڇا اِيئن ڪرڻ سان هـُـو دائمي خوشي حاصل ڪري سگهي ٿو.“

 ”نه ڀاءُ، مان هن کي قبول ڪري نه سگهندس.“ اليوشا چيو. اوچتو چمڪندڙ اکيون کڻي چيو. ”تو هيءُ هاڻي صحيح ٻـُـڌايو ته سڄي دنيا ۾ ڪو هڪڙو اِهڙو ماڻهو ملي سگهندو، جنهن کي معاف ڪرڻ جو حق هجي ۽ معاف ڪري سگهي؟ مگر فقط هڪڙي شيءِ آهي، جا سڀ ڪجهه معاف ڪري سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي معصوم رت، سڀ ڪنهن لاءِ ڏنو. تو هن کي وساري ڇڏيو آهي ۽ اُن تي ئي ته روحاني عمارت کي کـَـڙو ڪيو ويو آهي ۽ اُن کي ئي ته هي واڪا ڪري پـُـڪارين ٿا ته، ”تون انصاف وارو آهين. اي مالڪ! ڇاڪاڻ ته تنهنجا رستا اِلهامي آهن.“

 ”اڙي، هڪ انسان گناهه کان سواءِ ۽ اُن جو رت! نه مان هن کي نه وساريو آهي. پر اُن جي برعڪس مان عجب ۾ آهيان ته هن سڄي وقت ۾ تو، هن کي پنهنجي سامهون آندو ئي نه آهي. ڇاڪاڻ ته رواجي طرح سڀئي دليل، اُن جي سامهون ڪـِـري پون ٿا. اِليوشا، تون اِهو ڄاڻين ٿو. کـِـل نه، سال کن ٿيو، مان هڪ نظم جوڙي هئي. جيڪڏهن تون منهنجي لاءِ وڌيڪ ڏهه منٽ ضايع ڪرين ته مان توکي اُها ٻڌايان.“

 ”تو، هڪ نظم لکي آهي؟“

ايون کلندي چيو، ”مان اُن کي نه لکيو آهي. مان پنهنجي حياتيءَ ۾ شعر جون ٻه سٽون به نه لکيون آهن. پر مان هن نظم کي نثر جي اَنداز ۾ لکيو آهي ۽ مون کي ياد آهي. تون هن جو پهريون پڙهڻ وارو ۽ ڌيان سان ٻڌڻ وارو هوندين. هڪ مصنف کي، هڪ ٻڌڻ واري جي لاءِ پري ڇو وڃڻ گهرجي. ڇا تون اُن کي ٻـُـڌڻ گهرين ٿو؟“

 ”منهنجو ڪـَـن توڏانهن آهي. ” اليوشا کيس چيو.

 ”منهنجي نظم جو عنوان آهي، ’ديول جي حساب جو عظيم محقق‘. اِها مونجهاري پيدا ڪندڙ شيءِ آهي، پر مان توکي ٻڌائيندس.“

 

 

dc

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org