سيڪشن؛  ناول 

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو ٻيو)

حصو چوٿون

صفحو :17

 

باب پنجون

تون نه، تون نه!

ايون ڏي ويندي، اليوشا کي، ڪيٽرينا ايونونا جي گهر کان گذرڻو پيو، جتي هوءَ رهي ٿي. گهر جي درين مان روشني ٿي آئي. هـُـو اوچتو بيهي رهيو ۽ فيصلو ڪيائين، ته اندر گهڙي وڃي. ڪيٽرينا کي ڏٺي، کيس هفتي کان وڌيڪ وقت گذريو هو، کيس اُن وقت هيءُ به خيال آيو، ته ايون ضرور اُتي هوندو. سوئي اِهڙي خطرناڪ ڏينهن جي شام جو گهنڊڻي وڄائڻ کان پوءِ، هو ڏاڪڻ تي چڙهڻ لڳو، جنهن ۾ جهڪي روشني سان هڪ چيني شمعدان ٻري رهيو هو. هن ڏٺو ته هڪ ماڻهو هيٺ لهندو پئي آيو. جڏهن هو پاڻ ۾ مليا، ته هن سڃاتو ته هيءُ سندس ڀاءُ هو. هو ڪيٽرينا ايونونا وٽان اچي رهيو هو.

 ”اڙي تون آهين؟“ ايون خشڪ لهجي ۾ کيس چيو. ” چڱو خدا حافظ! تون هن ڏي وڃي رهيو آهين؟“

”هائو!“

 ”مان جيڪر توکي صلاح ڏيان، ته هن ڏي نه وڃ.“  هوءَ پريشان آهي ۽ تون وڌيڪ کيس پريشان ڪندين، اُن وقت دروازو مٿي کليو ۽ اوچتو آواز آيو ته:

 ”نه، نه اليڪسي فيودورپاولووچ، تون اُن وٽان ئي ٿو اچين؟“

 ”هائو، مان اُن سان گڏ هوس.“

 ”ڇا هن منهنجي لاءِ ڪو نياپو ڏنو آهي؟ اليوشا مٿي اَچ ۽ تون به اِيون فيودورپاولووچ موٽي اَچ. ڇا تون ٻڌين نه ٿو.“

ڪٽيا جي آواز ۾ تحڪماڻو لهجو هو، جنهن ڪري ايون ٿوري وقت جي پس و پيش کان پوءِ، اليوشا سان گڏ، موٽي وڃڻ جو فيصلو ڪيو. هوءَ شايد ٻڌندي ٿي رهي، هـُـن غصي مان پاڻ سان ڀڻ ڀڻ ڪندي چيو، پر اليوشا کيس ٻڌو. ملاقات جي ڪمري ۾ داخل ٿيندي، ايون چيو، ته ”مون کي وڏي ڪوٽ جي پهرڻ لاءِ معاف ڪيو وڃي. مان ڪونه ويهندس ۽ هڪ منٽ کان مٿي نه ترسندس.“

اليڪسي فيودورپاولووچ ويهه. ڪيٽرينا ايونونا کيس چيو. جيتوڻيڪ هوءَ پاڻ بيٺي هئي. سندس جسم ۾، هن وقت اندر، ٿوري تبديلي ٿي ڏٺي، پر سندس ڪارين اکين مان خوفناڪ روشني ٿي ڏٺي. اليوشا کي پوءِ ياد ٿي آيو، ته اُن وقت هوءَ حسين ٿي لڳي ۽ کيس پنهنجي سونهن سان متاثر ڪيو هئائين.

 ”هن توکي ڇا چيو هو، ته مون کي ٻڌائين؟“

 ”فقط هڪ شيءِ“  اليوشا کيس چيو. هـُـن سندس چهري ۾ سـِـڌيءَ ريت نهاريو. ” اِهو ته مقدمي ۾ تون اِهو نه ٻڌائين (هـُـو ڪجهه منجهي ويو).... جو ڪجهه ماضي ۾ اوهان جي وچ ۾ گذريو آهي..... اُن وقت، جڏهن اوهان جي شهر ۾ پهرئين واقفيت ٿي هئي......؟“

 ”اڙي اِهو ته مان پيسي جي لاءِ زمين تي نوڙي هيس؟“  هو کلڻ لڳي. ”ڇو کيس منهنجي لاءِ خوف ٿو ٿئي يا پنهنجي لاءِ؟ هو مون کي چوي ٿو، ته مان کيس ڇڏي ڏيان. پر ڪنهن کي؟ هن کي يا پاڻ کي. اليڪزي فيودورپاولووچ، مون کي ٻڌاءِ. اليڪزي فيودورپاولووچ!“  اليوشا کيس ارادتاً جاچيندو رهيو ۽ ڪوشش ڪري رهيو هو، ته کيس سمجهي سگهي.

 ”اوهان ٻئي. هو به ۽ تون به.“  هن کيس جواب ڏنو.

 ”مان ٻڌي خوش ٿي آهيان.“  هن بدنيتي سان ڳالهه کي ڪٽيندي چيو. هوءَ اوچتو ڳاڙهي ٿي وئي.

 ”اليڪزي فيودورپاولووچ، تون اڃا مون کي سڃاڻي نه سگهيو آهين.“  هن نفرت مان چيو، “مان، پاڻ کي به اَڃا سڃاڻي نه سگهي آهيان. شايد تون چاهين ٿو، ته سڀاڻي منهنجي پڇا کان پوءِ تون مون کي پيرن ۾ مهٽي ڇڏيندين.“

 ”تون پنهنجي شاهدي عزت سان ڏيندين.“  اليوشا کيس چيو. ” اِهوئي سڀ ڪجهه آهي، جو کپي ٿو.“

 ”زالون اَڪثر بي ايمان ٿين ٿيون.“  هو پيچ تاب کائي اُٿي. ”مون کي ڪلاڪ کن ٿيو، جو مان خيال ڪندي ٿي رهيس. اُن خوفناڪ بلا کي ڇـُـهندي مون کي خوف پئي ٿيو.... ڄڻ ته هو نانگ هو.... پر اُن هوندي به هو مون لاءِ انسان آهي. پر ڇا هـُـن اِهو خون ڪيو آهي؟“  هن اوچتو جنون جي حالت ۾ رڙ ڪري چيو ۽ جلدي مان ايون ڏي رخ ڪيائين.

اليوشا هڪدم ڏٺو ته هن ايون کان اِهو سوال اڳ به پڇيو هوندو ۽ هو ٿوري گهڙي اڳ ۾ آيو هو. اِهو سوال هڪ ڀيرو نه، پر سؤ دفعا اڳ ۾ پڇيو ويو هو ۽ آخر جهيڙي سان ئي پورو ٿيو هو.

 ”مان سميرڊياڪوف ڏي به وئي هيس..... اِهو تون هئين، جنهن مون کي راغب ڪيو هو، ته هن ئي پنهنجي پيءُ کي قتل ڪيو آهي. مان سمجهان ٿي، ته اِهو تون ئي هئين.“  هو ايون سان مخاطب ٿي مسلسل ڳالهائيندي رهي. ايون نفرت سان مشڪندي کيس ڏٺو. اليوشا هن کي اِهڙي ريت ڏسي ڇرڪ ڀريو. اِهڙي قربت ۾ ويجهڙائي لاءِ کيس ڪو به وهم ۽ گمان نه هو.

 ”ٺيڪ آهي، ڪيئن به هجي، اِهو ڪافي آهي.“  ايون گفتگوءَ کي مختصر ڪندي چيو. ”مان وڃان ٿو ۽ سڀاڻي ايندس.“ هو هڪدم ڦريو ۽ ڪوٺيءَ مان ٻاهر نڪري ويو ۽ سڌو ڏاڪڻ ڏي هليو ويو.

ڪيٽرينا ايونونا، تحڪماڻي اشاري سان اليوشا جي ٻنهي هٿن کي جهليو ۽ چيو ته ”هن جي پوئتان وڃ ۽ کيس وٺ، هن کي ٿوري وقت لاءِ اَڪيلو نه ڇڏ.“  هوءَ تڪڙ ۾ چوندي وئي. ”هو چريو ٿي پيو آهي، توکي خبر نه آهي، ته هو چريو ٿي پيو آهي؟ هو بخار ۾ آهي ۽ مون کي ڊاڪٽر ايئن ٻڌايو آهي. وڃ، سندس پويان ڊوڙ.... اليوشا ٽپو ڏنو ۽ ايون جي پوئتان ڊوڙيو. هو کانئس پنجاهه قدم کن اڳ ۾ هو....؟ ”توکي ڇا گهرجي؟ هو تيزيءَ سان اليوشا ڏي مڙيو. هن ڏٺو ٿي ته هو ڊوڙندو وٽس آيو هو.“ هن ئي توکي چيو آهي، ته مون کي پڪڙي وٺ. ڇاڪاڻ ته مان چريو آهيان. مون کي پوري پوري يادگيري آهي.“ هن غصي مان چيو. ”هن کان بيشڪ غلطي ٿي آهي، پر هن ۾ هو صحيح آهي، ته تون بيمار آهين.“ اليوشا کيس چيو. ”مان تنهنجي منهن ۾ هاڻي نهاري رهيو هوس ۽ تون بيمار پئي نظر آئين ايون.“ ايون ترسڻ کان سواءِ هلندو رهيو. اليوشا سندس پوئتان هو.

 ”اليڪزي فيودورپاولووچ، توکي خبر آهي، ته ماڻهو ڪهڙي ريت هوش کان نڪري ويندا آهن؟“  ايون کانئس پنهنجي پـُـرسڪون آواز ۾ پڇيو، جنهن ۾ جوش جو ڪو به نشان نه هو. فقط سادگي واري حيرت پئي ظاهر ٿي.

 ”نه، مون کي خبر نه آهي. مان خيال ڪريان ٿو، ته جنون جا گهڻائي قسم آهن.“

 ”ڇا، ماڻهوءَ کي اِها خبر پوي ٿي، ته هو چريو ٿي پيو آهي؟“

اليوشا کيس جواب ڏنو، ته ”منهنجو خيال آهي ته ماڻهو، اُن کان پاڻ واقف نه ٿو ٿئي.“ ايون هڪ منٽ لاءِ خاموش ٿي ويو.

 ”جيڪڏهن تون مون سان ڳالهائڻ گهرين ٿو، ته مضمون کي بدلاءِ:“  هن اوچتو اليوشا کي چيو.

 ”مان جيستائين اُن لاءِ خيال ڪريان، مون وٽ تنهنجي لاءِ هڪ خط آهي.“ اليوشا هٻڪندي چيو. هن لزي جو خط کيسي مان ڪڍيو ۽ ايون کي ڏنو. هو هاڻي هڪ فانوس جي ٿنڀي جي هيٺان هئا. ايون هڪدم اکرن کي سڃاتو.

 ”مان، ان ننڍڙي شيطان کان!“  هو نفرت مان کليو ۽ لفافي کي کولڻ کان سواءِ هن اُن کي ڦاڙي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڦٽي ڪيو، خط جا ذرڙا هوا ۾ واءُ وکر ٿي ويا.

 ”هوءَ اَڃا سورنهن ورهين جي نه آهي. منهنجي خيال ۾ ته اِهو آهي. پر هوءَ اڳ ۾ ئي پاڻ کي پيش ڪري رهي آهي.“  هو نفرت سان ايئن چوندو، ڊگها قدم کڻندو وري گهٽيءَ مان هلڻ لڳو.

 ”پنهنجي پيش ڪرڻ کان تنهنجو ڇا مطلب آهي؟“  اليوشا کانئس پڇيو.

جيئن من موجي عورتون پاڻ کي پيش ڪنديون آهن. توکي هيءُ يقين هئڻ گهرجي.“

 ”اِهو ڪيئن؟ ايون، اِهو ڪيئن؟ تون ايئن ڪيئن ٿو چوين؟“  اليوشا ڏک ڀري آواز سان گرمجوشيءَ مان چيو. ”هوءَ ته ٻار آهي ۽ تون ٻار جي بي عزتي ڪري رهيو آهين ۽ هوءَ بيمار به آهي. هوءَ جنون جي حد تي آهي.... مان ته اِها ئي اميد ڪئي ته توکان اُن جي لاءِ ڪجهه ٻڌندس.... جا حقيقت کيس بچائي وٺندي.“

 ”تون، مون کان ڪجهه به نه ٻـُـڌندين، جيڪڏهن هوءَ ٻار آهي ته مان ان جي دائي ته نه آهيان. خاموش رهه اليڪزي اُن جي لاءِ ڪجهه به نه ڳالهاءِ، مان ته اُن جي لاءِ خيال به نه ٿو ڪري سگهان.“

هـُـو گهڙي لاءِ خاموش ٿي ويا.

 ”هوءَ هاڻي سڄي رات خدا کان دعائون گهرندي رهندي، ته کيس سڀاڻي مقدمي جي لاءِ صحيح راهه ڏيکاري.“

هن تيزيءَ مان ۽ غصي ۾ چيو.

 ”تنهنجو مطلب ڪيٽرينا ايونونا کان آهي“

 ”هائو.“ يا، ته هو مـِـتيا کي بچائيندي يا برباد ڪري ڇڏيندي. هوءَ سڄي رات اِنهيءَ لاءِ ته دعائون گهرندي رهندي. هوءَ پاڻ ڪنهن به ڳالهه تي دل ٻڌي نه ٿي سگهي. وقت نه هئڻ سبب هن پنهنجو ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي. هوءَ به مون کي دائي طور ڪم آڻڻ ٿي گهري ۽ چاهي ٿي ته مان وٽس آرام ڏيندڙ گيت ڳايان.“

 ”ڪيٽرينا توسان محبت ٿي ڪري ڀاءُ!“  اليوشا غمزده لهجي ۾ چيو.

 ”شايد، پر مان اُن ۾ ڪا گهڻي دلچسپي نه ٿو رکان. هـُـوءَ تڪليف ۾ آهي. تون هن کي ڇو ٿو..... ڪڏهن اِهڙيون ڳالهيون ٻڌائين ٿو، جنهن مان هوءَ اميد ڪـَـڍندي رهي ٿي،“  اليوشا، بي همٿي ڏيکارڻ بنا ڳالهائيندو ويو.

 ”توکي خبر آهي، ته تون کيس اميد ڏيکاريندو آهين.“  هن کيس وڌيڪ چيو، ته ”مون کي معاف ڪر، جو مان اِهڙي ريت توسان ڳالهائيندو رهيو آهيان.“

 ”مان منجهس ايترو اعتبار ٿو رکان، جو رکڻ گهرجي.... مان کيس ڇني ڇڏيندس ۽ صاف ٻڌائي ڇڏيندس.“ ايون جوش مان چيو. ”مان ايستائين ترسندس، جيستائين خوني جي فتويٰ صادر ٿئي. جيڪڏهن مان هاڻي ساڻس ڇني ڇڏيندس ته هوءَ سڀاڻي هن بدمعاش جي مقدمي ۾ مون کان بدلو وٺي ڇڏيندي ۽ مون کي برباد ڪندي. هو کيس ڌڪاري ٿو ۽ هوءَ ڄاڻي ٿي ته سندس ڌڪار بابت مون کي خبر آهي. هي سڀ ڪوڙ آهي ۽ ڪوڙ جي مٿان ڪوڙ! جيستائين مان ساڻس نه ڇنو آهي، هوءَ اُميد رکيو ايندي ۽ ان بلا کي  برباد نه ڪندي. ڇاڪاڻ ته هوءَ ڄاڻي ٿي ته مان چاهيان ٿو ته کيس ان تڪليف کان ٻاهر آڻجي. فقط هوءَ منحوس فتويٰ، ٻاهر اچي.

 ”خوني ۽ بلا “ جا لفظ، اليوشا جي دل ۾ ڏک ڀريو پڙاڏو پيدا ڪندا رهيا.

 ”پر هوءَ ڪيئن مـِـتيا کي برباد ڪندي؟“  هن ايون جي لفظن تي غور ڪندي، کانئس پڇيو. هو، ڪهڙي شاهدي ڏيندي، جنهن مان مـِـتيا جي بربادي ٿيندي.  ”توکي اڃا اُن جي خبر نه آهي. سندس هٿن ۾ هڪ دستاويز آهي، جو مـِـتيا جي هٿ اکرن ۾ آهي، جنهن مان آخر هيءَ ثابت ٿئي ٿو ته هن فيودور پاولووچ کي خون ڪيو آهي.“

 ”هيءَ ناشدني آهي.“  اليوشا واڪو ڪري چيو. ”ڇا اِها اَڻ ٿيڻي آهي؟ مان اُن کي پاڻ پڙهيو آهي. اِهو اِهڙو دستاويز ٿي نه ٿو سگهي! اليوشا وري گرمجوشيءَ سان گهرايو. اِهو ٿي نه ٿو سگهي، ڇاڪاڻ ته هو خوني آهي ئي ڪونه. هن پيءُ کي خون ڪونه ڪيو آهي.“  ايون اوچتو خاموش ٿي ويو.

 ”تڏهن خوني ڪير آهي! ۽ تنهنجي ان بابت ڪهڙي راءِ آهي؟“  هن کانئس سرد مهريءَ مان پڇيو. سندس آواز ۾ حقارت آميز تاثر هو. ”تون ڄاڻي ٿو ڪير آهي؟“  اليوشا آهستي، پر دل ۾ گهرندڙ آواز سان چيو.

 ”ڪير؟ تنهنجو مطلب هـُـن جنوني بيوقوف جي خرافات مان آهي. هو مرگهي ورتل سميرڊياڪوف؟“

 ”نه، ايون، تو پاڻ ڪيئي ڀيرا ايئن چيو آهي ته تون خوني آهين.“

پر مان ايئن ڪڏهن چيو هو؟ مان ته ماسڪو ۾ هيس.... مان ايئن ڪڏهن چيو هو. ايون هٻڪڻ لڳو.

اليوشا اوچتو محسوس ڪيو ته هو ڏڪي رهيو آهي.

 ”توکي اُن جي خبر آهي. هن کان بي اختيار نڪري ويو. هو مشڪل سان ساهه کڻي سگهيو. ڪير، ڪير؟ ايون خوفناڪ نموني رڙ ڪري چيو. سندس هواس خطا ٿي ويا.

 ”مون کي فقط هڪڙي شيءِ جي خبر آهي.“  اليوشا اَڃا به نهايت آهستي ڳالهائيندي ٿي ويو. اِهو تون ته نه هئين جنهن پيءُ کي ماريو آهي.“  اِهو تون ته نه هئين، تنهنجو اِنهيءَ مان ڇا مطلب آهي ته اِهو تون ته نه هئين؟“  ايون سخت حيران ٿي ويو. اَڌ منٽ لاءِ خاموشي ٿي وئي.

 ”نه، مان ڄاڻان ٿو ته مان ايئن نه ڪيو. توکي وهم ته نه ٿيو آهي.“ هو ڦڪو ۽ منجهيل مشڪڻ لڳو. سندس اکيون اليوشا ۾ کپي ويون. هو وري به هڪ فانوس جي ٿنڀي جي هيٺان بيٺا هئا.

 ”نه، ايون، تو پاڻ ڪيئي ڀيرا ايئن چيو آهي، هنن ٻن خطرناڪ مهينن ۾ جڏهن تون اڪيلو رهيو آهين ته ايئن چوندو رهيو آهين. اليوشا هاڻي به اڳي وانگر پوري نرميءَ سان چوندو رهيو. پر اُن هوندي به هو هاڻي ايئن ڳالهائي رهيو هو، ڄڻ ته هو پاڻ مرادو نه ڳالهائي رهيو، نه وري پنهنجي مرضيءَ سان، پر ڪنهن زبردست قوت جي حڪم هيٺ آهي.“  تو پاڻ کي جوابدار ٺهرايو آهي ۽ پاڻ قبوليت ڏني آهي، ته تون قاتل آهين ۽ نه ڪو ٻيو. پر تو اِهو ڪم نه ڪيو آهي. تون غلط آهين. تون ٻڌين ٿو؟ تون نه آهين. خدا مون کي توڏي موڪليو آهي ته مان توکي ٻڌايان. هو ٻئي خاموش هئا. هيءَ خاموشي سڄي منٽ لاءِ هلي. هو ٻئي چپ بيٺا هئا ۽ هڪٻئي جي اکين کي گهوري رهيا هئا. ٻئي زرد ٿي ويا هئا. اوچتو ايون مٿي کان وٺي پيرن تائين ڏڪڻ لڳو ۽ اليوشا جي ڪلهن کي چنبڙي پيو.

 ”تون منهنجي ڪمري ۾ هئين!“  گلوگير آواز ۾ ڀڻڪندي چيائين، ”تون رات جو اُتي هئين، جڏهن هو آيو هو..... اقرار ڪر.... تو کيس اُتي ڏٺو هو. ڏٺو به هو.“

 ”تنهنجو ڇا مطلب آهي؟ مـِـتيا.“  اليوشا منجهندي کانئس پڇيو هو.

 ”هن کي نه، کڏ ۾ وجهه هن بلا کي.“  ايون جنون سان رڙ ڪندي چيو. ”توکي خبر آهي، ته هو مون کي ڏسڻ لاءِ اچي ٿو. تو هن نقطي کي ڪيئن معلوم ڪيو.“ اليوشا جو سخت حيران ٿي ويو هو. چوڻ لڳو ته ”هو ڪير آهي؟ مون کي ڪهڙي خبر آهي ته تون ڪنهن سان محبت ٿو ڪرين.“

 ”خير! توکي خبر آهي..... جيڪڏهن ايئن نه هجي ها، ته تون ايئن ڪيئن چوين ها.... اهو ناممڪن آهي. ته توکي اُن جي خبر نه هجي.“  هن اوچتو پاڻ سنڀالي ورتو ۽ فڪر ۾ پئجي ويو. سندس مشڪڻ، سندس چپن کي عجيب طرح سان ڀڪوڙي ڇڏيو.

 ”ڀاءُ!“  اليوشا ڏڪندڙ آواز ۾ کيس چيو. ”مان توکي جو ڪجهه چيو آهي، اهو ان لاءِ به  ته توکي منهنجي ڳالهه تي اعتبار آهي. ۽ مان اُن کي ڄاڻان ٿو ۽ مان توکي هڪ ڀيرو هميشه لاءِ چئي ڇڏيو آهي، ته تون مجرم نه آهين. تون اها ڳالهه هميشه لاءِ ٻڌي ڇڏ. خدا تعاليٰ منهنجي دل ۾ وڌو آهي، ته مان توکي ايئن چوان. پوءِ ڇو نه تون مون کي هن گهڙيءَ کان پوءِ ڌڪاريندو رهين.“  پر هاڻي ايون چڱي ريت ضابطو حاصل ڪري ورتو هو.

 ”اليڪزي فيودورپاولووچ“ هن چيو. مان ڪنهن ريت پيش گوئي ڪندڙن ۽ مرگهي وارن کي برداشت نه ٿو ڪري سگهان. خاص ڪري خدا جي طرفان موڪليل قاصدن کي. تون هن ڳالهه کي چڱي ريت ڄاڻين به ٿو. مان هن گهڙيءَ توکان سڀئي تعلقات ٽوڙي ڇڏيان. خاص طرح سڄي حياتيءَ لاءِ مان توکي عرض ڪندس ته موڙ وٽ مون کان جدا ٿي وڃ. اُتان ئي تنهنجي گهر ڏي به رستو آهي. توکي خاص طرح خبردار ٿيڻ گهرجي، ته اڄ مون ڏي نه اَچ. تون ٻڌين ٿو؟“

هو ڦـِـريو ۽ مضبوط قدمن سان گهمندو ويو ۽ وري پوئتي نه نهاريائين.

 ”ڀاءُ!“  اليوشا کيس پويان سڏ ڪري چيو، ”جيڪڏهن اڄ توسان ڪجهه ٿي پوي ته تون ڪنهن ٻي سان ملڻ کان اڳ ۾ مون سان اَچي ملج.“

پر ايون ڪو به جواب نه ڏنو. اليوشا فانوس جي ٿنڀي جي هيٺيان بيٺو رهيو، ايستائين جو ايون اونداهيءَ ۾ سندس نظر کان غائب ٿي ويو. تنهن کان پوءِ هو آهستي آهستي پنهنجي گهر ڏانهن هلڻ لڳو. ٻئي اليوشا ۽ ايون مسواڙي جاين ۾ ٿي رهيا. هنن مان ڪو به فيودورپاولووچ جي خالي گهر ۾ رهڻ لاءِ تيار نه هو. اليوشا کي هڪ سجايل ڪمرو، ڪن مزدورن جي گهر ۾ مليو هو. ايون اُن کان ڪجهه فاصلي تي ٿي رهيو. هن هڪ ڪمري واري چڱي ۽ آسودگي واري جاءِ ورتي هئي، جا هڪ چڱي گهر جو حصو هئي ۽ هڪ عزت واريءَ خاتون جي ملڪيت هئي، جا هڪ آفيسر جي بيواهه هئي. پر سندس خدمتگار ٻوڙو، سنڌن جي سور جو مريض ۽ پوڙهو ماڻهو هو. جو هر شام جو ڇهين بجي وڃي سمهندو هو ۽ وري صبح سان ڇهين بجي جاڳندو هو. ايون سندس آرام ۽ آسائش کان بيزار ٿي پيو هو ۽ اڪيلائي پسند ڪندو هو. جنهن ڪوٺيءَ ۾ رهندو هو، اُن ۾ هن پنهنجي لاءِ سڀ ڪجهه آڻي وڌو هو ۽ گهر جي ٻين ڪمرن ۾ ورلي ويندو هو.

هو جڏهن گهر جي دروازي تي پهتو، تڏهن گهنڊ تي هٿ رکيائين، پر اوچتو اُن کي وڄائڻ بند ڪيائين. هن محسوس ڪيو ته هو مٿي کان وٺي، پيرن تائين ڪاوڙ ۾ ڏڪي رهيو آهي. هن گهنڊ کي ڇڏيو ۽ اُن کي بددعا ڏيندي پوئتي موٽيو ۽ تڪڙا تڪڙا قدم کڻندو، ٻي رخ ڏانهن هليو ويو. هو ڏيڍ ميل کن پنڌ ڪندو هڪ ننڍڙي مٿانهينءَ واري ڪاٺيءَ جي گهر وٽ پهتو جا جهوپڙي وانگر هئي، جتي ماريا ڪانڊريٽيونا ۽ اُها پاڙيسرڻ ٿي رهي. جا فيودور پاولووچ جي رڌڻي ۾ کاڌي لاءِ ايندي هئي ۽ جنهن وٽ هڪ ڀيري سميرڊياڪوف تنبوري تي ڪي راڳ ڳايا هئا. هن پنهنجي اڳئين ننڍڙي گهر کي وڪڻي ڇڏيو هو. هاڻي هتي ماءُ سان گڏ ٿي رهي. سميرڊياڪوف، جو بيمار هو ۽ قريب المرگ فيودور پاولووچ جي موت کان پوءِ وٽن ٿي رهيو. هن ڏي ئي ايون فيودورپاولووچ ٿي ويو ۽ اِهو هن جي اوچتي تاثر ۽ ڪـُـمهلي فڪر جو نتيجو هو.

 

 

dc

 

باب ڇهون

سميرڊياڪوف سان پهرين ملاقات

ماسڪو کان موٽڻ بعد هيءُ ٽيون ڀيرو هو، جو ايون، سميرڊياڪوف جي ملاقات لاءِ ٿي ويو. پهريون ڀيرو هو ساڻس اُن وقت مليو هو، جنهن وقت هو اُتي پهتو هو ۽ سندس اِهو پهريون ڏينهن هو، ٻه هفتا پوءِ، هـُـن وري ساڻس ملاقات ڪئي هئي پر ٻي ملاقات کان پوءِ سندس ملاقاتون مهيني کن کان بند هيون ۽ هن مشڪل سان ڪجهه هن لاءِ ٻڌو هو.

ايون پيءُ جي موت کان پنج ڏينهن پوءِ پهتو هو، ۽ هـُـو پنهنجي پيءُ جي دفنائڻ وقت حاضر نه هو، ڇو ته هيءَ رسم، سندس پهچڻ کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ پوري ٿي چڪي هئي. سندس دير سان پهچڻ جو سبب اِهو هو، جو اليوشا کي سندس ماسڪو جي ائڊريس معلوم نه هئي. هن ڪيٽرينا ايونونا کي عرض ڪيو ته هو اُن ڏانهن تار موڪلي ڏي. جيئن ته هن کي به سندس ائڊريس معلوم نه هئي، هن پنهنجي ڀيڻ ۽ پڦي کي زوردار نموني سان لکي موڪليو ته ايون سان جيتري قدر جلد ٿي سگهي ماسڪو ۾ ساڻس ملن. پر هو پنهنجي پهچڻ کان پوءِ به چئن ڏينهن تائين ساڻس نه ملي سگهيو هو، جڏهن کيس تار ملي ته هو نهايت تڪڙو اسان جي شهر ڏي موٽيو. پهريائين جو ساڻس مليو، سو اليوشا هو ۽ ايون کي هيءُ ڏسي حيرت ٿي ته شهر جي عام راءِ خلاف هن مـِـتيا ۾ شڪ ڏيکارڻ جي مخالفت ڪئي. هن کليل طور تي سميرڊياڪوف کي قاتل چيو. اُن کان پوءِ پوليس ڪپتان، جاچ ڪندڙ عملدار ۽ مقدمي جي نوعيت ۽ گرفتاري کي ٻڌڻ کان پوءِ، هو اليوشا تي وڌيڪ عجب کائڻ لڳو ۽ سندس راءِ کي مبالغه آميز ۽ مـِـتيا سان غير معمولي برادراڻي احساس ۽ سلوڪ جو نتيجو سمجهيو. ڇاڪاڻ ته ايون سمجهيو ٿي ته اليوشا کي متيا سان محبت آهي.

اڻ سڌيءَ طرح مان هتي ٻه ٽي لفظ، ايون جي احساس بابت چوندس. جو دمتري جي لاءِ کيس هو. ها، يقيناً کيس ناپسند ڪندو هو. وڌيڪ ڪڏهن ڪڏهن، مٿس رحم به کائيندو هو. اُن هوندي به کيس اُن لاءِ بيحد نفرت هئي جا ڪراهت جي حد تائين هئي، مـِـتيا، جي سڄي شخصيت، توڙي جو سندس ٻاهريون ڏيک ويک، پوريءَ ريت اُن جي لاءِ جاذب نه هو. ايون ڪيٽرينا ايونونا جي محبت کي، جا سندس ڀاءُ سان هئي، ناپسنديدگيءَ سان ڏسندو هو. اُن هوندي به هو پهرئين ڏينهن پهچندي ئي مـِـتيا سان ملڻ لاءِ ويو. پهرئين ڏينهن جي ملاقات ۾ ئي سندس خيال وڌيڪ مضبوط ٿي ويو. هن پنهنجي ڀاءُ کي جوش ۽ جنوني حالت ۾ ڏٺو. مـِـتيا گهڻ ڳالهائو بڻجي ويو هو، پر خالي دل هو ۽ پريشان خيال. هن سميرڊياڪوف جي خلاف بدزباني ٿي ڪئي ۽ کيس مجرم ٿي سمجهيو ۽ نهايت خطرناڪ نموني سان مونجهاري ۾ هو، هن خاص طرح ٽي هزار روبل جي لاءِ ٿي ڳالهايو، جي سندس راءِ موجب هن سندس پيءُ جا چورايا هئا. ”اِها رقم منهنجي هئي، اِها رقم منهنجي ئي مـِـتيا دهرائيندو رهيو.“ ”جيڪڏهن هو اِها ڪوشش به ڪري ها ته حقيقت سندس فائدي ۾ وڃي ته به اِها سڄي بي سود ۽ بيڪار بڻجي ها. سندس هيءَ مشڪل سان خواهش هئي ته پنهنجي بچاءَ کي ايون يا ٻين وٽ پيش ڪري. اُن جي خلاف مٿس جي تهمتون رکيون ويون هيون، اُن بابت غصي ۾ هو ۽ انهن کي نفرت سان ٿي ڏٺائين. هو مسلسل جوش ۾ هو ۽ گاريون ڏيندو ۽ بدشد ڳالهائيندو ٿي رهيو. گريگري جي هن ثابتي تي دروازو ڪنهن کوليو هو ۽ هن چيو ته هيءُ ڪم سندس ئي هو، اُن تي کلندو ٿي رهيو. پر هو اُن بابت ڪا واضح صفائي پيش ڪري نه سگهيو. هو پهرين ملاقات ۾، ايون جي بي عزتي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو هو. هن کيس نهايت تيز لفظن ۾ ٻڌايو هو، ته اِهو ماڻهو جو ڪم نه آهي ته هو ظاهر ڪندا وتن ته هيءُ سڀ ڪجهه قانون موجب آهي ۽ مٿس شڪ آڻيندا رهن ۽ کانئس سوال ڪندا رهن. ڪيئن به هجي، هو ڪجهه به هو، پر اُن وقت ايون سان سندس رويو دوستاڻو ٿي ڏٺو. هن ملاقات کان پوءِ، جلد ئي ايون پهريون ڀيرو سميرڊياڪوف سان ملڻ لاءِ ويو.“

ماسڪو کان ايندي ريل گاڏيءَ ۾، هو سميرڊياڪوف جي آخري گفتگوءَ تي جا شام جو ساڻس ڪئي ويئي هئي، غور ڪندو رَهيو، ڪيتريون شيون کيس ڳجهارت وانگر ۽ شڪي نظر آيون. پر جڏهن، هن پنهنجو بيان جاچ ڪندڙ عملدار وٽ ڏٺو، ته ايون اُن وقت جي گفتگوءَ بابت ڪجهه به نه چيو هـو، هـِـن حقيقت کي سميرڊياڪوف جي ملاقات تائين پوئتي اُڇلايو جو اُن وقت اسپتال ۾ هو.

ڊاڪٽر هرزينسٽيوب ۽ واراوزنسڪي، جنهن سان به هو اسپتال ۾ مليو، اُن ايون جي متاثر ڪندڙ سوال جي جواب ۾ کيس يقين ٿي ڏياريو، ته سميرڊياڪوف جي مٿان مرگهي جو حملو بنا ڪنهن غلطي جي سخت هو. هـُـو ايون جي هن سوال تي سچ پچ حيران پئي ٿيا، ته ايئن ته نه آهي ته اُن حادثي واري ڏينهن، هن پاڻ کي بيمار بڻايو هجي. اُن لاءِ، هنن هيءَ وضاحت ٿي ڏني ته هيءُ دورو نهايت سخت هو ۽ ڪيترائي ڏينهن هليو هو، بيمار جي حياتي خطري ۾ اچي چڪي هئي. اُن کان پوءِ ئي جو علاج عمل ۾ آيو هو، ايئن چيو ٿي ويو، ته سميرڊياڪوف هن بيماريءَ کان سلامت نڪري ويندو. ڊاڪٽر هرزينسٽيوب وڌيڪ هيءُ به چيو، ته هن علاج جي ڪري هو چڱي وقت تائين تندرست رهي، پر هيءُ هميشه لاءِ نه سمجهڻ گهرجي. بي صبريءَ سان ايون جي هن سوال تي ته ڇا هو اڃا به پاڳل آهي؟ هيئن کيس ٻڌايو ته بيمار جي اڃا ته اِهڙي حالت ڪانه آهي، پر اِهڙي غير معمولي حالت تي به هو پهچي سگهي ٿو. ايون فيصلو ڪيو، ته هو معلوم ڪندو ته اِهي غير معمولي حالتون ڪهڙيون آهن؟

اسپتال ۾ کيس هڪدم مريض کي ڏسڻ جي اجازت ملي وئي. سميرڊياڪوف اسپتال جي هڪ الڳ حصي ۾ عاجزيءَ سان بستري تي ليٽيو پيو هو، جنهن ۾ شهر جو هڪ واپاري ليٽيل هو. سندس پيٽ سڄيل هو ۽ جلندر جو مريض ٿي ڏٺو. هو قطعي مرڻينگ حالت ۾ هو ۽ سندن گفتگو ۾ ڪا به رڪاوٽ نه هئي. سميرڊياڪوف جي منهن ۾ ايون کي ڏسندي گهنج پئجي ويا ۽ پهرئين نگاهه ۾ هوش ڇڏي ويس. اهو ڏسي ايون کي عجب لڳو، پر هيءُ سڀ ڪجهه هڪ گهڙيءَ ۾ گذري ويو. باقي وقت ۾ سميرڊياڪوف جي اطمينان مٿس وڏو اثر ڪيو. پهرئين نگاهه ۾ ايون ڏٺو ته هو واقعي بيمار آهي. هو نهايت ضعيف هو. هن نهايت هوريان ٿي ڳالهايو، ڄڻ معلوم پئي ٿيو ته هو نهايت ڏکيائي مان پنهنجي زبان کي ڦيرائي رهيو آهي. هو گهڻو هلڪو ۽ سنهو ٿي ويو هو. سڄي ملاقات جي دوران، جا ويهه منٽ کن هلي، هن مٿي جي سور ۽ سڀني عضون جي سور جي شڪايت ٿي ڪئي. سندس سنهڙو ۽ خشڪ چهرو نهايت سـُـسيل ۽ ننڍڙو ٿي ڏٺو. سندس وار منجهيل ۽ ڏنگا ۽ زلف ڳنڍين جي صورت ۾ اُڀا هئا. پر سندس کٻي اک، جا بدمست ٿي ڏٺي، ڪنهن شيءِ ڏي اشارو ڪري رهي هئي ۽ سميرڊياڪوف نهايت سور ڏيڻ واري تڪليف سان بستري کي ٻاٽ ڏي بدلايو. پر هن ڳالهائڻ ۾ ڪا به اڳرائي نه ڪئي. هو بلڪل ٻوڙو بڻجي ويو ۽ منجهس ڪا به دلچسپي نظر نه ٿي آئي.

تون مون سان ڳالهائي سگهندين؟ ايون کانئس پڇيو. مان توکي گهڻو وقت نه ٿڪائيندس.

 ”هائو! مان ڳالهائي سگهندس“ هن ضعيف آواز ۾ جواب ڏنو. ”ڇا توهان گهڻي وقت کان تشريف فرما ٿيا آهيو؟“  هن مربياڻي نموني ۾ چيو، ڄڻ ته پنهنجي مضبوط الحواس ملاقاتيءَ کي همٿ ڏياري رهيو هو.

 ”مان اَڄ ئي آيو آهيان...... مان توکي هتي ڏسي حيرت ۾ آهيان؟“

سميرڊياڪوف ٿڌو ساهه کنيو. ”تون ٿڌو ساهه ٿو کڻين؟ تو ته هن واقعي کي گهڻو اڳ ۾ ڄاتو ٿي.“  ايون ڇوٽ ۾ چئي ويٺو.

سميرڊياڪوف وري ٿوري وقت لاءِ بي حسيءَ جي حالت ۾ خاموش ٿي ويو. اِهو ڪيئن پئي ٿي سگهيو، ته مان پيش قدمي ڪريان. اِهو اڳ ۾ ظاهر هو. پر ايئن ڪيئن چئي سگهان ته حالتون اِهڙي ريت بڻجي وينديون؟ ڪهڙيون حالتون ايئن بڻجي وينديون؟ هيءَ حرفت بازي نه ڏيکار. زير زميني ڪمري ڏي. ويندي، تو ايئن نه چيو هو ته توکان پري ٿيندو؟ تون ڄاڻين ٿو ۽ تو انهيءَ جاءِ تي ايئن چيو هو!“

 ”تو پنهنجي بچاءَ ۾ اَڃا تائين ايئن ته نه چيو آهي؟“  سميرڊياڪوف جو ڄڻ ته خون خشڪ ٿي ويو ۽ هن پريشاني مان ايئن پڇيو.

ايون اوچتو ڪاوڙ ۾ ڀرجي چيو.

 ”نه، مون ائين نه چيو آهي، پر مان اِهو ٻڌائيندس. منهنجا دوست توکي ان جي پوري ريت تشريح ڪرڻي پوندي. مان توکي هن جي اجازت نه ڏيندس، ته مون سان راند کيڏندو رهين!“

 ”مان توسان راند ڇو کيڏان، جڏهن ته مان تو ۾ ايڏو ئي اعتبار ٿو رکان، جيترو پنهنجي عظيم خدا ۾؟“  سميرڊياڪوف ساڳي پريشاني ۾ چيو، پر هـُـن ٿوري گهڙي لاءِ پنهنجي اکين کي بند ڪري ڇڏيو.

 ”پهريائين“. ايون ڳالهائڻ شروع ڪيو ته ”مون کي اِهو ڄاڻڻ کپي، ته انهن مرگهيءَ جي دورن جي اڳ ۾ به خبر پوندي آهي ڇا؟ جيئن مان جاچ ڪئي آهي، ته ايئن نه آهي. مون کي منجهائڻ جي ڪوشش نه ڪر. تون ڪڏهن به دوري جو ڏينهن ۽ ڪلاڪ ٻڌائي نه ٿو سگهين. ايئن ڪيئن پيو ٿي سگهي ته تو مون کي ڏينهن، گهڙي ۽ زير زميني ڪمري بابت به ٻڌائي ڇڏيو. اِهو ڪيئن پئي ٿي سگهيو ته تون مون کي اِهو به ٻڌائين ته تون ڪمري جي ڏاڪڻ کان هيٺ ڪري پوندين. پر هيءُ سڀ ڪجهه تڏهن ٿي سگهيو پئي، جڏهن تون مصنوعي دوري جو فيصلو ۽ نمونو اختيار ڪرين؟

ڪنهن به حالت ۾ مون کي زير زمين ڪمري ۾، روزانو ڪيئي ڀيرا وڃڻو ٿي پيو. سميرڊياڪوف، ڄاڻي ٻجهي، چٻي چٿي ڳالهائڻ شروع ڪيو. ”هڪ سال اڳ ۾ مان انهيءَ ساڳي جاءِ تان ڪري پيس. اِهو سچ آهي ته دوري جي باري ۾ مقرر ڏينهن ۽ ڪلاڪ کي اڳ ۾ ٻڌائي نه ٿو سگهجي، پر اُن جي اچڻ جو خطرو ته رهي ئي ٿو.“

 ”پر تو ته ڏينهن ۽ ڪلاڪ به اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو.“

 ”منهنجي مرگهيءَ جي باري ۾ سائين، چڱو ايئن ٿيندو ته ڊاڪٽر کان ان جي پڇا ڪر. تون اِنهن کان اِها به جاچ ڪر ته اِهو حقيقي دورو هو يا مصنوعي. منهنجي وڌيڪ چوڻ مان ته ڪو کڙتيل ڪونه نڪرندو.“

 ” ۽ هو زير زميني جاءِ! تون ڪيئن ٿي اُن بابت اڳ ۾ چئي سگهين؟“

 ”تون اُن زير زميني جاءِ جي باري ۾، ڪجهه به چئي نه سگهندين، پر مان جيئن اُن زير زميني ڪمري ڏي ويندو هوس، ته مون کي خطرناڪ خوف ۽ شڪ پيدا ٿيندو هو، مون لاءِ فقط ڊيڄاريندڙ ڳالهه هئي ته مان توکي وڃائي چڪو هوس. ۽ منهنجي لاءِ دنيا ۾ ڪو به بچاءُ نه رهيو هو، اِهڙي ريت مان خيال ڪندي زير زميني ڪمري ڏي لهي ويس ته حملو ڄاڻ شروع ٿيو ۽ هيءُ مون کي ڪيرائي وجهندو. ڇا مان ڪري پوندس؟ اِهو ئي خوف هو، جو مان اوچتو محسوس ٿي ڪيو ۽ اُن جي ايندي ئي، سڄي بدن ۾ تشنج پيدا ٿيو. جيئن اُن جو دستور هوندو آهي، مان ڪري پيس. هيءَ حالت ۽ اڳين گفتگو، جا مون توسان ان شام جو دروازي وٽ ڪئي هئي ۽ هيءُ ته مان ڪيترو نه زير زميني ڪمري کان ٿي ڊنس. جيئن توکي ٻڌايو هئم، ڊاڪٽر هرزينسٽيوب ۽ نڪولائي پار فينووچ کي ٻڌائي ڇڏيم. جاچ ڪندڙ وڪيل هيءُ سڀ ڪجهه پنهنجي ڪاغذن ۾ لکي ڇڏيو ۽ هتي جو ڊاڪٽر واراونسڪي آهي، اُن سڀني کي ٻڌايو ته اِهو دورو، انهيءَ کان ٿيو آهي ته هن کي خوف هو ته ڄاڻ ٿو ڪران. اِنهيءَ ڪري ئي مون تي اِهو دورو اچي ويو هو. اِها حقيقت هن سڄي لکي آهي. اِهو سڀ ڪجهه فقط خوف جي سبب کان ٿي گذريو.“

جيئن ئي سميرڊياڪوف هن حقيقت کي پورو ڪيو، هڪ ڊگهو ساهه کنيائين ڄڻ هو ٿڪجي پيو هو.

 ”تڏهن تو اِهو سڀ ڪجهه، پنهنجي بيان ۾ چئي ڇڏيو آهي؟“  ايون کيس چيو، جو ششدر رهجي ويو هو. هو پنهنجي گفتگوءَ کي وري وري دهرائڻ سان کيس مرغوب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، پر کيس هاڻي معلوم ٿيو ته هن اڳ ۾ ئي سڀ ڪجهه ظاهر ڪري ڇڏيو هو.

 ”مون کي ڇالاءِ خوف رکڻ گهرجي؟ ڀلي ته هو مڪمل صداقت کي پاڻ وٽ قلمبند ڪن.“  سميرڊياڪوف نهايت اعتماد سان چيو.

تو، هنن کي، اسان جي وچ ۾ دروازي وٽ جا گفتگو ٿي هئي، اُن جو هر لفظ ٻڌايو آهي؟“

 ”نه سڀ ڪجهه نه:“

ڇا تو، هن کي ٻڌايو آهي، ته تون مصنوعي دورو به اختيار ڪري سگهندو آهين ڇا، تو اُن جي راءِ زني نه ٿي ڪئي؟“

 ”نه، مان هن سان اِها ڳالهه نه ڪئي آهي.“

 ”هاڻي مون کي ٻڌاءِ ته تون، مون کي ان وقت شرماشنيا ڏي ڇو موڪلي رهيو هئين؟“  مون کي خوف پئي ٿيو ته تون ماسڪو هليو ويندين، ڪيئن به هجي شرماشنيا، گهڻو ويجهو آهي.

 ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين، منهنجي ٻاهر وڃڻ لاءِ صلاح ته توئي ڪئي هئي. تو مون کي چيو هو ته هنن تڪليفن کان مان نڪري وڃان.“  اها منهنجي بي لوث محبت ۽ ملخصاڻي قربانيءَ جي ڪري هو، جا مون کي توسان آهي. مان توکي ايندڙ تڪليفن کان بچائڻ ٿي گهريو. ايئن به هو ته مان پاڻ کي به بچائڻ ٿي گهريو اُهو ئي سبب هو، جو اوهان کي چيو هئم ته هن تڪليف کان اوهان نڪري وڃو، جنهن کي تو به چڱيءَ ريت سمجهي ٿي سگهيو ته گهر ۾ مصيبت اچڻ واري آهي. گهر ۾ رهڻ سان تون پنهنجي پيءُ کي بچائي ٿي سگهين.

ڪارمنها، تو مون کي هيءُ سڀ ڪجهه سنئون سڌو چئي ٿي سگهين. ايون باهه ٿي ويو.

 ”مان اُن وقت سنئين ۽ سڌي طرح توکي ڪيئن ٿي چئي سگهيس؟ مان ته اِهو فقط خوف مان ڳالهائي ويٺس ته تون شايد اُن وقت ڪاوڙجي وڃين ها، مون کي اُن وقت چڱي ريت انديشو هو ته دمتري فيودورپاولووچ ضرور ڪا، ڪاروائي ڪندو. رقم پاڻ سان کڻي ويندو. ڇاڪاڻ ته هن اُن کي پنهنجي ملڪيت ٿي سمجهيو، پر اِها ڪنهن کي خبر هئي ته اهڙي ريت خون ٿي پوندو؟ مون خيال ڪيو ٿي ته فقط ٽي هزار روبل کڻي ويندو. جي آقا جي وهاڻي جي هيٺيان، هڪ لفافي ۾ هئا، پر توکي خبر آهي ته هن اُن کي خون ڪري ڇڏيو. تون ٻي ڪهڙي ريت سائين، اُن جي نشاندهي ڪري ٿي سگهين؟“

 ”پر جڏهن ته تون پاڻ ئي چوين ٿو ته اُن جي نشاندهي ٿي نه پئي سگهي، ته مان ڪهڙيءَ ريت اُن کي سمجهان ها ۽ گهر ۾ رهي پوان هان؟ تون پاڻ تضاد آڻي رهيو آهين!“  ايون سوچيندي چيو.

 ”مان توکي ماسڪو جي بجاءِ شرماشينا موڪلڻ ٿي گهريو. اُن مان توکي اندازو لڳائڻ کپندو هو. ”اِنهيءَ مان ڪهڙي ريت مان اَندازو لڳائي ٿي سگهيس؟“

سميرڊياڪوف گهڻو ٿڪايل ٿي نظر آيو ۽ وري هڪ منٽ جي لاءِ خاموش ٿي ويو. تون هن حقيقت مان، جيڪا مون توکي ماسڪو نه وڃڻ لاءِ چئي ٿي ۽ شرماشينا لاءِ روز ٿي ڏنو، اندازو لڳائي ٿي سگهين. مان توکي ويجهو رکڻ ٿي گهريو. ڇو ته ماسڪو دوردراز پنڌ تي هو. دمتري فيودورپاولووچتوکي ويجهو سمجهي، ڪڏهن به اِها جرئت نه ڪري ها، پر جيڪڏهن ڪجهه ٿي به پوي ها، تون پڻ اچي منهنجو بچاءُ ڪرين ها. ڇاڪاڻ ته توکي گريگري وسيليووچ جي بيماري کان آگاهه ڪيو هو، ۽ مون کي خوف هو ته مون کي دورو ايندو. جڏهن ته مان توکي اُن کڙڪڻ بابت به ٻڌايو هو، جنهن جي رستي ماڻهو فوتيءَ وٽ پهچي ٿي سگهيو ۽ اُهي دمتري فيودورپاولووچ، منهنجي معرفت معلوم ڪري چـُـڪو هو، مون خيال ٿي ڪيو ته تون اِهو اندازو پاڻ لڳائيندين ته هو ڪجهه ڪرڻ وارو آهي. اُن ڪري توکي شرماشينا به وڃڻ نه گهربو، پر هتي ترسي پوڻو هو.“

 ”هيءُ نهايت سمجهداريءَ جي ڳالهه آهي.“  ايون خيال ڪيو. ”جيتوڻيڪ سندس زبان وچڙي به رهي آهي، هيءَ شايد سندس طاقت جي ضعف کان هجي، جنهن جي باري ۾ هرزينسٽيوب ٻڌائي ڇڏيو هو“.

تون مون سان مڪاري ڪري رهيو آهين. هن ڪاوڙ ۾ ايندي چيو.

 ”پر مان ته خيال ٿي ڪيو ته اُن وقت تو اَندازو لڳائي ورتو هو.“  سميرڊياڪوف سادگي سان تشريح ڪئي.

 ”جيڪڏهن مان اُن جو اندازو ڪريان ها، ته ضرور ترسي پوان ها.“  ايون کيس جواب ڏنو.

 ”ڇو؟ مان سمجهيو ٿي ته تو اُن جو اَندازو لڳايو هو، انهيءَ ڪري ئي ته تون تڪڙو هليو ويو هئين. انهيءَ لاءِ ته جيئن مصيبت کان نڪري وڃين ۽ خوف کان پاڻ کي بچائي ڀڄي وڃين.“

 ”شايد تون ايئن ٿو سمجهين ته سڀئي تو وانگر بزدل آهن؟“

 ”مون کي معاف ڪر مان ايئن ٿي سمجهيو ته تون به مون وانگر آهين؟“

 ”بيشڪ مون کي اِهو اندازو لڳائڻ کپندو هو“ ايون ڪاوڙ مان چيو.  ”مان اِهو به اندازو لڳايو ٿي، ته تنهنجي طرفان شرارت پيدا ٿي رهي آهي..... تو ڪوڙ ڳالهايو ٿي ته تنهنجي ڳالهه تي اعتبار نه آهي. تون ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين ۽ وري ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهين.“  هن اوچتو ڪنهن ڳالهه کي ياد ڪندي چيو.  ”توکي ياد آهي ته تو ڪهڙي ريت گاڏي وٽ پهچي، مون کي چيو هو ته هڪ دانا سان ڳالهائڻ وڏي قيمت ٿو رکي؟ ان ڪري تون خوش هئين ته چڱو ٿيو جو مان هليو ويس. انهيءَ ڪري ئي ته تو منهنجي تعريف ٿي ڪئي؟“

سميرڊياڪوف وري ٿڌو ساهه کنيو. سندس منهن تي نئين رنگ جو نشان نظر آيو.

 ”جيڪڏهن مان خوش هجان ها“  هن اها وضاحت، بنا ساهه کڻندي ڪئي ته اِهو سڀ ڪجهه اِنهيءَ ڪري هو، ته تو قبول ڪيو هو ته ماسڪو نه ٿو وڃين، پر شرماشينا وڃي رهيو آهين. ڪيئن به هجي اِهو ويجهو هو. جڏهن مان توکي اهي لفظ چيا هئا ته اُن ۾ تعريف جو ڪو به سوال نه هو، پر اِها ملامت هئي تون سمجهي نه سگهين“.

 ”ڇا جي ملامت؟“

ڇو؟ تون اِهڙي مصيبت کي اڳ ۾ ڏسندي به پنهنجي پيءُ کي ڇڏي وئين ۽ اسان جو ڪو به بچاءُ نه ڪري سگهين، ڇاڪاڻ ته ايئن ٿي سگهيو پئي، ته مان ڪنهن به وقت ٽن هزارن جي چوريءَ جي الزام هيٺ اَچان.

 ”ڦٽ هجئي“، ايون وري بگڙي ويو، ”ترس، تو اُنهن کڙڪن بابت جاچ ڪندڙ عملدار ۽ وڪيل کي ٻڌايو آهي ڇا؟“

 ”جاچ ڪندڙ عملدار ۽ وڪيل کي ٻڌائي ڇڏيو آهي، جيئن هو.“

ايون ٻيو ڀيرو به عجب ۾ پئجي ويو، ۽ ٿوري وقت کان پوءِ کيس چيائين ته جنهن شيءِ جو انتظار هئم، اُهو تنهنجي طرف کان خراب قدم کڄڻو هو، اهو ٿي سگهيو ٿي ته دمتري ماڻهو ماري وجهي پر هرگز چوري ڪرڻ وارو نه هو، اُن جي برعڪس تو ۾ انهن سڀني شين جي اميد ٿي رکيم. تو پاڻ مون کي ٻڌايو هو ته تون دوري جو مڪر ڪري سگهين ٿو، ايئن تو ڇاجي لاءِ چيو هو؟“

 ”اِها منهنجي سادگي هئي. مان ڪنهن به مطلب لاءِ، ڪڏهن به پنهنجي حياتيءَ ۾ مڪاري سان دوري جو نمونو نه ڪيو آهي. مان توکي جو ڪجهه چيو هو، سا فقط لاف زني هئي يا بيوقوفي. مان توکي حد کان گهڻو پسند ٿي ڪيو ۽ تو وٽ پنهنجي دل کولي رکي به هئم.“

 ”منهنجو ڀاءُ سنئون سڌو توکي خون ۽ چوريءَ جو جوابدار ٿو سمجهي.“

 ”هن وٽ ڀلا ٻي ڳالهه رَهي ئي ڪهڙي آهي؟“ سميرڊياڪوف نهايت تيز لهجي ۾ چيو. ”سندس خلاف جيڪي ثبوت آهن، انهن جي هوندي ڪير سندس چوڻ تي اعتبار ڪندو. گريگري دروازي کي کليل ڏٺو هو. هن حقيقت کان پوءِ ٻيو ڇا چئي سگهجي ٿو؟ پر اُن جو خيال نه ڪر، هو پاڻ کي بچائڻ لاءِ ڏڪي رهيو آهي.“

هـُـن اوچتو آهستگيءَ سان پنهنجي گفتگو بند ڪئي، پر پوءِ ڪنهن خيال کان وڌيڪ چوڻ لڳو ته:

 ”هيڏي ٻيهر نهار، هـُـو، هيءُ گند منهنجي مٿان اُڇلائڻ گهري ٿو. جيئن هو ڏيکاري سگهي ته اِهو ڪم مون ڪيو آهي، مان اِهو اڳ ۾ ٻڌو آهي، پر هيءُ منهنجي سياڻپ آهي، ته مان دوري جو فريب ڏيان. مان ايئن اڳ ۾ ٻڌائي سگهان. ٻيو ته مون کي دورو ايندو، سو به سچ پچ انهيءَ حالت ۾ جو تنهنجي پيءُ جي لاءِ اِهڙو منصوبو هجي؟ جيڪڏهن مون وٽ اِهڙو منصوبو هجي ها، سو به خون جهڙو ته مان اِهڙو بيوقوف ٿي سگهان پيو. جو اِهڙي ثابتي پنهنجي خلاف ڏيان ها. سو به سندس پٽ وٽ! منهنجي ڳالهه تي اعتبار ڪر. ايئن ٿي به سگهي ٿو؟ اِهڙو مثال ته اڳ ۾ ملي ئي ڪونه ٿو. اسان جي گفتگوءَ کي خلقڻهار کان سواءِ ٻيو ڪو به نه ٿو ٻڌي. جيڪڏهن تون اِهي ڳالهيون، جاچ ڪندڙ عملدار ۽ نڪولائي پارفينووچ سان ڪرين ها، ته ايئن ڪندي بلڪل منهنجو بچاءُ ڪرين ها. ڇاڪاڻ ته اِهڙي قسم جو مجرم ڪير هوندو، جو اڳ ۾ ئي سڀ ڪجهه ٻڌائي ڇڏي؟ هر ڪو انهيءَ ڳالهه کي سمجهي سگهي ٿو.“  

 ”ٺيڪ!“  ايون گفتگوءَ کي ٿوري ۾ قطع ڪندي اُٿي بيٺو. سميرڊياڪوف جي آخري دليل کيس متاثر ڪيو. ”مان تو ۾ ڪو به شبهو نه ٿو رکان، تو ۾ سچ پچ گمان رکڻ اجايو آهي، پر ان جي خلاف مان تنهنجو شڪرگذار آهيان، جو تو منهنجي دلجمعي ڪئي آهي. مان هاڻي وڃان ٿو، پر ٻيهر ايندس. چڱو خدا حافظ. توکي صحت حاصل ٿئي. ڪنهن شيءِ جي ضرورت آهي؟“

 ”مان هرهڪ شيءِ لاءِ تنهنجو ٿورائتو آهيان. مارفا ايگنا ٽوينيا مون کي وساريو نه آهي ۽ جو ڪجهه به گهرجي ٿو، اُهو موجود ڪري ڏئي ٿي. نيڪ انسان تون مون سان ڏهاڙي ملندو ڪر.“

 ”خدا حافظ، اُن هوندي به مان ائين ڪنهن کي نه چوندس ته دوري جو مڪر به ڪري سگهين ٿو. مان توکي به وصيت ٿو ڪريان، ته تون به هن معاملي ۾ ڪجهه چئج.“

مان چڱيءَ ريت سمجهان ٿو. جيڪڏهن تون اِها ڳالهه نه چوندين ته مان به ڪنهن سان در وٽ پاڻ ۾ ڪيل گفتگوءَ کي ڪنهن سان نه ڪندس. هن کان پوءِ ايون ٻاهر نڪري ويو، پر اَڃا هو ڏهه قدم مس گهٽيءَ کان ويو هو، ته هن اوچتو محسوس ڪيو ته هن جي آخري لفظن مان بي غيرتيءَ جي بوءِ ٿي آئي. هو پوئتي موٽڻ وارو هو، پر هيءُ فقط گذري وڃڻ وارو خيال هو، هو فقط ايترو ڀڻڪيو ته بيوقوف، ان کان پوءِ اسپتال کان ٻاهر نڪري ويو.

سندس مکيه جذبات جو تت هو، ته کيس هاڻي ئي نجات ملي وئي هئي. حقيقت هيءَ آهي ته اِهو سميرڊياڪوف نه هو، پر مـِـتيا هو، جنهن خون ڪيو هو، جيتوڻيڪ هو پنهنجي جذبات جي ڪري هن حقيقت جو مخالف هو، هو هن جذبي جي لاءِ، ڪنهن به دليل جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. توڙي جو سندس جذبات ۾ محڪم طور تي ناموافقت موجود هئي. هن محسوس ٿي ڪيو، ته جيتري قدر جلد ٿي سگهي، هو هن معاملي کي وساري ڇڏي.

هنن ڏينهن ۾ هو بلڪل مطمئن ٿي ويو هو، ته مـِـتيا گنهگار آهي، ڇاڪاڻ ته سندس خلاف ثابتين ۾ وڏو وزن هو، سندس خلاف ڪن معزز ماڻهن جون ثابتيون ته نه هيون، جيئن ته فينا ۽ سندس ماءُ، پر سندن اَثر وڏي طاقت وارو هو، پر وٽن، شرابخاني جا ماڻهو پلاٽينڪوف جو دڪان ۽ ماڪرو جا شاهد، هنن سڀني جون شاهديون، وڏي نتيجي واريون هيون. هيءُ سڄو تفصيل نهايت پريشان ڪندڙ هو. وڪيلن کي در جي کڙڪڻ جي حقيقت ايترو ئي متاثر ڪيو، جيترو گريگري جي کليل دروازي واري شاهدي. گريگريءَ جي زال مارفا ايون جي جواب ۾ ظاهر ڪيو هو، ته سميرڊياڪوف ڀت جي ٻئي پاسي پيو هو. هو سندس بستري کان ٽي قدم مس پري هو. جيتوڻيڪ کيس آرام سان گهري ننڊ ايندي آهي، پر اُن هوندي به هوءَ ڪيترائي ڀيرا جاڳي هئي ۽ سندس ڪنجهڻ کي ٻڌندي رَهي هئي. هو مسلسل ڪنجهندو ٿي رهيو.

هرزينسٽيوب سان گفتگو ڪندي ۽ سندس راءِ کي سامهون رکندي، کيس معلوم ٿيو، ته سميرڊياڪوف چريو نه هو، پر ڪمزور هو، ايون فقط سندس جذبات ڀري پراسرار کـِـلَ ڏٺي.

 ”توهان کي خبر آهي ته هاڻي هو پنهنجو وقت ڪيئن گذاريندو ٿو رهي؟ ايون کيس چيو فرينچ لفظن کي حفظ ڪندو ٿو رهي. هن وٽ هڪ نوٽ بوڪ آهي، جو هميشه سندس وهاڻي جي هيٺيان ٿو رهي، هن وٽ اُنهن فرينچ لفظن جي لسٽ آهي، روسي اکرن ۾ ڪنهن کيس لکي ڏنا آهن؟“

اخلاق واري ڇوڪري، جنهن ماڻهوءَ سان محبت ڪري رهي هئي. اُن ۾ ڪا به گهٽتائي آڻي نه سگهي هئي. جيتوڻيڪ هن ڪرامازوف وٽ محبت جي گهڻائي ۽ سندس لاءِ عظيم ميل جول به موجود هو، کيس ساڳي وقت هيءُ خيال به ساندهه عذاب ڏئي رهيو هو، جو هن مـِـتيا کي بلڪل پٺتي اڇلائي ڇڏيو هو، ۽ هن نزاع جي وقت (جو هي گهڙيون گهڻو ٿي پيش اينديون رهيون) پنهنجي نفرت ۽ ندامت ايون جي خلاف ظاهر ڪندي ٿي رَهي. ايون جو ڪجهه به اليوشا کي چيو ٿي، سو ڪوڙ تي ڪوڙ هو. ايئن به سچ هو ته هنن حقيقتن ۾ گهڻو ڪجهه ڪوڙ هو، جنهن کان ايون کي گهڻي ڪاوڙ ايندي ٿي رهي...... پر هن جي تشريح پوءِ ڪئي ويندي.

حقيقت ۾ هن دوران هو سميرڊياڪوف جي موجودگيءَ کي گهڻو تڻو وساري چڪو هو. پر پهرئين ملاقات کان ٻه هفتا پوءِ، هو وري اڳي وانگر عجيب خيالن کان زير زبر ٿي رهيو. هيءُ ڪافي هو، جو هـُـو مسلسل پاڻ کان سوال پڇي رهيو هو، ته ايئن ڇو هو؟ ته هو فيودور پاولووچ جي گهر ۾ پوئين رات، چورن وانگر چـُـرندو، ڏاڪڻ مان نهاري رهيو هو ته ٻي صبح جو هو ڇو اوچتو ڏک جي حالت ۾ سفر تي روانو ٿيو هو، جڏهن هو ماسڪو ۾ پهتو هو، ته هن ڇو پاڻ کي ٿي چيو ته مان هڪ بدمعاش آهيان؟ هاڻي هو عجب مان ڏسي رهيو هو، ته هن عذاب ڏيندڙ خيالن جي ڪري مرڳو هو ڪيٽرينا کي به وساري ويهندو. هيءُ خيال مڪمل طور تي وري سندس قبضو حاصل ڪري وٺندا. هنن خيالن جي اوڙاهه ۾ اليوشا کيس گهٽيءَ ۾ مليو، هن هڪدم کيس روڪيو ۽ کانئس سوال پڇڻ شروع ڪري ڏنائين.

 ”توکي ياد آهي ته رات جي ماني کانپوءِ دمتري وڳوڙجي ويو هو، ۽ پيءُ کي ماريو هئائين. مان توکي پوءِ اڱڻ ۾ چيو هو، ته مان پنهنجي خواهش جا حق محفوظ ٿو رکان...... مون کي ٻڌاءِ ته تو ان وقت اِهو خيال ته نه ٿي ڪيو ته منهنجي خواهش پيءُ جو موت هو يا نه؟“

 ”ها ايئن ئي هو. هيءَ حقيقت ڪا معنيٰ خيز نه هئي. پر توکي عجب نه ٿي لڳو ته اُن وقت منهنجي خواهش اِها هئي، ته هڪ نانگ ٻي کي کائي ويندو. يعني دمتري، جيترو جلد ٿي سگهندو، پيءُ کي ماري وجهندو...... مان پاڻ، کيس مدد ڏيڻ لاءِ تيار هوس ته ايئن ڪري.“

اليوشا جي چهري جو رنگ زرد ٿي ويو ۽ هو خاموشيءَ سان پنهنجي ڀاءُ جي چهري کي ڏسندو رهيو.

 ”جواب ڏي“  ايون رڙ ڪري چيو، ته ”مان چاهيان ٿو ته ڄاڻان ته اُن وقت تنهنجو ڪهڙو خيال هو؟ مون کي سچ کپي، سچ!“

هن ڊگهو ٿڌو ساهه کنيو ۽ ڪاوڙ مان اليوشا کي ڏسڻ لڳو، اُن کان اڳي جو هو ڪو جواب ڏي، مون کي معاف ڪر، مان به اُن وقت اِهو ئي خيال ڪيو. اليوشا آهستگي سان ڀڻڪيو ۽ ان کان پوءِ، هن ٻيو ڪو به جملو کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ وڌيڪ نه چيو.

 ”شڪريه“ ايون کيس چيو ۽ هو اليوشا کي ڇڏي، تڪڙو تڪڙو رستي تي وڌي ويو، اُن وقت کان اليوشا ڏٺو ته ايون ڄاڻي ٻجهي کانئس پاسو ڪري رهيو آهي ۽ اُن کان جا وڌيڪ کيس ناپسند رهيو آهي. اُن جي ڪري اليوشا وٽس وڃڻ ئي ڇڏي ڏنو. هن ملاقات کان جلدي پوءِ، ايون پنهنجي گهر نه ويو، پر وري سڌو سميرڊياڪوف ڏي هليو ويو.

 

dc

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org