سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو ٻيو)

حصو چوٿون

صفحو :19

 

باب نائون

شيطان: ايوَن جو رات وارو خواب

 ”مان ڊاڪٽر ته نه آهيان، پر اُن هوندي به مان محسوس ٿو ڪريان ته اُها گهڙي اَچي وئي آهي، ته مان ايون جي بيماري جي نموني بابت پڙهندڙ کي اَٽل حقيقت ٻڌايان، واقعن جي ذڪر کان اڳ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه ٻڌائڻ گهران ٿو. مٿس اُن گهڙي ۽ اُن شام جو مغز جي بيماري (مغز جو بخار) جو حملو پئي ٿيو. جيتوڻيڪ سندس صحت تي گهڻي وقت کان اَثر ٿي پيو ۽ هن، اُن تپ لاءِ غير معمولي برداشت جي قوت جو مظاهرو ٿي ڪيو، جو آخر ۾ مٿس قابض ٿي ويو. جيتوڻيڪ مون کي طب جي ڪابه ڄاڻ نه آهي، پر مان هيءُ خطرو کڻي، جوکي واري حقيقت پيش ڪريان ٿو، ته هيءُ سچ پچ پنهنجي قوت اِرادي جي خطرناڪ ڪوشش سان اُن حملي کي ٿوري وقت لاءِ ترسائيندو ٿي رهيو. فقط اِنهيءَ اُميد سان، هو مڪمل طرح اُن تي قبضو حاصل ڪري وٺندو. کيس خبر هئي ته هو ناخوش آهي، پر هن اُن خطرناڪ وقت ۾ بيمار هئڻ واري خيال کي نفرت سان ڏٺو. اُن وقت، جو سندس زندگيءَ جي مصيبتن جو دور هو، ۽ هن چاهيو ٿي ته سندس سڀئي هواس سندس قبضي ۾ هجن. ايئن کڻي چئجي ته هن نهايت همٿ ۽ پختگيءَ سان ڄڻ چيو ٿي ته پاڻ کي پاڻ سان ئي تورڻ گهرجي.“

ان هوندي به هن نئين ڊاڪٽر سان مشورو ڪيو هو. جو ڪيٽرينا ايونونا پنهنجي والهانه غرض لاءِ ماسڪو کان گهرايو هو، جنهن جو مٿي مان ذڪر ڪري آيو آهيان. ڊاڪٽر اُن کي ٻڌڻ ۽ جاچڻ کان پوءِ، هن نتيجي تي آيو هو ته هو سچ پچ دماغ جي بدانتظاميءَ جو بيمار آهي. ايون وٽس جا به حقيقت ٻڌائي هئي، اُن کان هو ڪنهن به عجب ۾ نه آيو هو، تنهن حالت ۾ تصور جو فريب پورو نظر ٿو اچي، ڊاڪٽر پنهنجي راءِ ڏني، جيتوڻيڪ چڱو ٿيندو ته اُن کي جاچي ڏسجي...... توکي هن لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجي. اُن ۾ هڪ گهڙيءَ جي به دير نه پوڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ تولاءِ حالتون خراب ٿي پونديون. پر ايون سندس واضح صلاح جي پٺڀرائي نه ڪئي ۽ هن پاڻ کي آرام ڏيڻ لاءِ بستري تي نه آندو. ”مان هيڏي هوڏي گهمان ٿو، جنهن مان سمجهان ٿو ته مان ڪافي طاقتور آهيان. جڏهن مان ڪريس ته اُها ٻي شيءِ ٿيندي. اُن وقت جنهن کي وڻندو، منهنجي تيمارداري ڪندو.“  هـُـن اُن مضمون کي موقوف ڪندي پنهنجو فيصلو ڏنو.

هو پنهنجي پريشانيءَ کان پوري ريت پاڻ خبردار ويٺو هو. جيئن مان اڳ ۾ چيو آهي. هو ڪنهن شيءِ کي صوفي تي، جو ڀت جي ڀرسان رکيو هو، چتائي نهاري رهيو هو، کيس نظر آيو ته ڪو ماڻهو اُتي ويٺو آهي. خدا بهتر ٿو ڄاڻي ته هو اَندر ڪيئن گهڙي آيو هو. جڏهن ته هـُـو اُن وقت هيو ئي ڪونه، جڏهن ايون، سميرڊياڪوف سان ملي، موٽي آيو هو. هيءُ ماڻهو، جيڪڏهن صحيح ريت ٻڌايو وڃي ته خاص نموني جو روسي سکر ماڻهو ٿي ڏٺو، هو نوجوان ته نه ٿي ڏٺو، پر فرينچ چوڻيءَ موجب، وٽس رت ۽ پت هئي. سندس ڊگها، گهاٽا ۽ ڪارا وار هئا ۽ نوڪدار ڀوري ڏاڙهي. کيس خاڪي رنگ جو جئڪيٽ پهريل هو، جو ڪنهن چڱي درزيءَ جو سبيل ٿي ڏٺو، جيتوڻيڪ اُن جو رواج ٽن سالن کان گهٽجي ويو هو، جو ڪنهن خوش پوش ۽ تيز طبع ماڻهن، ٻن سالن کان اُن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو هو، سندس قميص ۽ ڳـچيءَ ۾ پيل رومال، جو سندس ڳچيءَ ۾ نيڪٽاءِ وانگر ٿي ڏٺو، اِهڙا هئا، جي فيشن وارا ماڻهو پهريندا آهن، پر ويجهو وڃڻ سان خبر ٿي پئي ته قميص صاف نه هئي ۽ سندس ڳچيءَ مان تندون نڪري آيون هيون. ملاقاتي جو پجامون چيڪ جو هو، ۽ عمدو سبيل هو، جنهن جو رنگ هلڪو ۽ موجوده فيشن جي نسبت نهايت تنگ هو. سندس نرم ۽ نازڪ ۽ اڇي هيڊ (ٽوپي) موسم جي خلاف ٿي ڏٺي.

مختصر طرح ته سندس هرڪو ڏيک ويک سڌي طرح سکر ماڻهوءَ جهڙو هو، ايئن معلوم پئي ٿيو، ته هو بيڪار زميندارن جي درجي مان آهي، جيڪي غلامي جي دور جي پيداوار ٿين ٿا. هيءُ غلطيءَ کان سواءِ چئي سگهجي ٿو ته هو ڪنهن چڱي وضعدار سماج ۾ ٿي رهيو. جنهن سان سندس گهاٽا تعلقات هئا، جن کي هو اڃا تائين برقرار رکندو ٿي آيو. پر پنهنجي خوشنما جوانيءَ کان پوءِ آهستي آهستي غلامي جي منزل کان گذري چڪو هو. پنهنجي نيڪ دوستن، هڪ کان ٻي تائين ڀٽڪي رهيو هو ۽ سندن صحبت ۾ پنهنجي رهڻ خاطر وٽن پئي ٿي ڦريو. پر هو آخر ته سکر ماڻهو هو، اُن ڪري هر ڪو ماڻهو کيس ويهڻ لاءِ جاءِ ڏئي رهيو هو. هن قسم جي سازگار طبعيت وارو ماڻهو ۽ ٻين تي آڌار ڪرڻ وارا، يا ته ڪا آکاڻي ٻڌائيندا آهن يا جوا کيڏندا آهن. هو ٻين فرضن کان پنهنجي بيزاري ڏيکاريندا آهن. جڏهن ڪي مٿن عائد ڪيا ويندا آهن. هيءُ گهڻو ڪري تنهائي پسند يا ته ڪنوارا هوندا آهن يا رنڙ. ڪڏهن ڪڏهن کين ٻار به هوندا آهن. جيڪڏهن ايئن هوندو آهي، ته هو پنهنجي ٻارن کي دور رکندا آهن ۽ پڦيءَ يا ماسيءَ وٽ ڇڏيندا آهن. جن کي هيءُ سکر ماڻهو ڪڏهن به چڱي سماج ۾ اِشاري سان به ظاهر نه ڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته کين هن تعلق کان شرم ايندو آهي. آهستي آهستي هو پنهنجي ٻارن کي به وساري ويهندا آهن. جيتوڻيڪ هنن وقفن ۾ وٽن، سندن سالگرهه ۽ ڪرسمس جا ڪارڊ به پهچندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن کڻي کين جواب ڏيندا آهن.

اُميد جي خلاف ملاقاتيءَ جو چهرو، ڪنهن چڱيءَ طبعيت واري جو ته نظر نه ٿي آيو، جنهن مان سازگار ۽ موقعي شناس لڪيرون صاف نظر ٿي آيون. کيس گهڙي ته ڪانه هئي، پر کيس ڪاري ڌاڳي سان ڪڇونءَ جي خول جهڙي عينڪ ضرور هئي. سندس سڄي هٿ جي وچين آڱر ۾ سون جي منڊي هئي، جنهن ۾ ڪو نقلي پٿر پيل هو.

ايون ڪاوڙ مان خاموش هو ۽ هن سان ڳالهائڻ لاءِ تيار نه هو. ملاقاتي بلڪل ڏورانهين رشتي وانگر خاموش ويٺو هو ۽ ڄڻ ته پنهنجي ڪمري مان ميزبان وٽ چاءِ پيئڻ لاءِ آيو هو، هو ڏسي رهيو هو ته سندس ميزبان جـَـڪ کائي رهيو آهي ۽ بيزار آهي. پر هو ڪنهن به گفتگو کي خوش خلقيءَ سان ڪرڻ لاءِ تيار هو، فقط دير هئي ته ميزبان اُن کي شروع ڪري. اوچتو، سندس چهري مان عجيب خاموشيءَ جو اظهار ٿيڻ لڳو.

 ”مان چوان ٿو، هن ايون سان ڳالهائڻ شروع ڪيو، ته مون کي معاف ڪر مان توکي فقط هيءُ ياد ڏيارڻ گهران ٿو.“ هن ايون سان ڳالهائڻ شروع ڪيو، ته ”مون کي معاف ڪر مان توکي فقط هيءُ ياد ڏيارڻ گهران ٿو ته تون سميرڊياڪوف ڏي اِنهيءَ لاءِ ويو هئين، ته ڪيٽرينا ايونونا جي باري ۾ پڇا ڪرين، پر تون ڪنهن به اِهڙي حقيقت پڇڻ کان سواءِ هليو آئين، شايد تو اُن کي وساري ڇڏيو هو.....“

 ”هائو، ايون جواب ڏنو ۽ سندس چهرو بي آراميءَ کان اُداس بڻجي ويو. هائو، مون کان اِهو وسري چڪو هو......... پر اُن جي پرواهه نه آهي. خيال نه ڪر سڀاڻي. هن پاڻ سان ڳالهائيندي چيو ۽ تون.......“  هن ملاقاتيءَ کي خطاب ڪندي چيو ته مان هن ڳالهه کي منٽ ۾ ياد ڪري وٺان ها. ۽ اِها ئي ڳالهه ته هئي. جا مون کي هاڻي عذاب ڏيئي رهي هئي. تون ڇو ٿو، هن ۾ دخل اندازي ڪرين. مون کي هن وسهڻ لاءِ موقعو ٿو ڏئين ته ڄڻ ته تون مون کي اُن جي يادگيري ڏياري رهيو آهين ۽ ڄڻ ته مون کي اِها ڳالهه ياد ئي نه آهي.

تڏهن ته هن تي ويساهه نه آڻ. اُن سکر ماڻهو، مشڪندي، دوستاڻي نموني چيو. تنهنجي اِرادي جي خلاف ويساهه مان ڪهڙو فائدو؟ اُن کان سواءِ، ثابتين جي هوندي ويساهه مان ڪهڙو فائدو؟ خاص ڪري مادي ثابتيون. ٿامس اِنهيءَ لاءِ ويساهه نه ڪيو هو، ته هن حضرت مسيح کي اُٿندي ڏٺو هو، پر ڇاڪاڻ ته هن کي ويساهه آڻڻو هو، اُن ڪري ڏسڻ کان اڳ ۾ ئي هـُـن ايمان آندو هو. مثال لاءِ روحانيت وارن ڏي نهار،......... مان اُنهن جو ارادتمند آهيان..... فقط اِهو اچرج لڳندو اٿم ته سندن تصور هوندو آهي، ته هو مذهب جي خدمت ڪري رهيا آهن. ڇاڪاڻ ته شيطان کين ٻي دنيا مان پنهنجا سـِـڱَ ڏيکاريندو رهندو آهي. جنهن کي هو چون ٿا ته مادي ثابتي. عقبيٰ ۽ مادي ثبوت وڌيڪ ٻيو ڇا کپي! جيڪڏهن اوهان هن ڳالهه تي ايندا ته شيطان جو وجود آهي، ته پوءِ اوهان کي خدا کي ثابت ڪرڻو پوندو ۽ مڃڻو پوندو ته خدا آهي؟ ”مان با اُصول جماعت ۾ شامل ٿيڻ گهران ٿو. مان اُن ۾ مخالفت اختيار ڪندس. مان اُنهن کي چوندس ته مان حقيقت پسند آهيان ۽ ماده پرست نه آهيان. ها. ها.“

ايون اوچتو پنهنجي جاءِ کان اُٿيو ۽ چيائينس، ”ڌيان ڏيئي ٻڌ، مان هذيان ۾ مبتلا آهيان.“

 ”بنا ڪنهن شڪ ۽ شبهي جي مان هذيان ۾ ورتل آهيان..... توکي جيئن وڻي، تيئن ويٺو ڳالهاءِ، مون لاءِ سڀ ڳالهه برابر آهي،  اڳي وانگر مون کي تون جوش ۾ آڻي نه سگهندين، جيئن پوئين ڀيري تو ڪيو هو. پر مون کي ٿوري گهڻي ندامت ٿئي ٿي...... مان ڪمري ۾ گهمڻ ٿو گهران. مان توکي ڪنهن وقت ڪو نه ٿو ڏسان ۽ نه وري تنهنجو آواز ٿو ٻڌان. جيئن اڳئين ڀيري ٿيو هو. پر مان هميشه ايئن محسوس ڪيو آهي، ته تون ڪهڙي ريت ڌوڪو ٿو ڏئين. ڇاڪاڻ ته مان ئي آهيان جو ڳالهائي رهيو آهيان، نه تون. فقط مون کي اها خبر نه ٿي پوي، ته پوئين دفعي ايئن ته نه هو ته مان خواب ڏسي رهيو هوس، يا سچ پچ. مون توکي ڏٺو به هو، مان ٽوال کي تـَـر ڪندس ۽ مغز تي رکندس. پوءِ شايد تون هوا ۾ غائب ٿي ويندين.“

ايون ڪنڊ ۾ ويو. ٽوال کي کنيائين ۽ جيئن چيو هئائين، تيئن ڪيائين. اُن آلي ٽوال کي مٿي تي رکي ڪمري ۾ هيڏانهن هوڏانهن گهمڻ لڳو.

مون کي بيحد خوشي ٿي ٿئي، ته تون مون سان ويجهڙائي واري هلت وٺي رهيو آهين. ملاقاتي چيو، ”بيوقوف!“  ايون کليو.  تون سمجهين ٿو ته مان رسم ۽ رواج ۾ توسان شامل ٿيندس. مان هاڻي پوري سمجهه ۾ آهيان، جيتوڻيڪ مون کي پيشانيءَ ۾ اڃا سور آهي..... مٿي جي چوٽيءَ ۾...... مهرباني ڪري فقط فلسفا نه ڳالهاءِ، جيئن اڳئين ڀيري ڪيو هو ۽ جيڪڏهن تون ڳالهائڻ کان پاڻ کي روڪي نه ٿو سگهين، ته ڪا وندرائيندڙ ڳالهه ٻڌاءِ، ڪا گپ بازي جي ڳالهه ٻڌاءِ، توسان ايڏو ته تعلق نه اٿم، اُن ڪري توکي گپ بازي ئي ٻڌائڻ گهرجي. ڪهڙو نه خواب آهي! پر مان توکان ڊڄان نه ٿو. توتي قبضو ڪري وٺندس. مون کي چرين جي اسپتال ۾ ڪونه وٺي ويندا.

 ”هيءَ نهايت وندرائيندڙ ڳالهه آهي، ته گهاٽو تعلق نه آهي. هاڻي مان پنهنجي فطرتي صورت ۾ آهيان. ڇاڪاڻ ته زمين تي منهنجا سادا لاڳاپا ئي هوندا نه؟ جنهن طرح مان توڏي ڌيان ڏيئي رهيو آهيان، مون کي عجب ٿو لڳي ته مون کي حقيقت سمجهي رهيو آهين. هيءُ تنهنجو فقط عجب نه آهي، پر اڳئين ڀيري به تو ايئن ئي ڪيو هو.“

ايون ڪاوڙ مان رڙ ڪري چيو، ته ”مان توکي هڪ گهڙيءَ لاءِ به حقيقت نه ٿو سمجهان، تون سڄو ڪوڙ آهين ۽ منهنجي بيماري آهين ۽ هڪ وهمي صورت آهين. مون کي فقط اِها خبر نه ٿي پوي ته توکي ڪيئن برباد ڪريان ۽ مان ڏسان ٿو ته اُن ڪري، مون کي ڪجهه وقت ڀوڳڻو پوندو. تون فقط منهنجي نظر جو ڌوڪو آهين. تو منهنجي صورت اختيار ڪئي آهي، پر منهنجو فقط هڪ پاسو آهين........ منهنجي فڪر ۽ جذبات جو...... پر اُنهن مان به فقط منهنجي شرير ۽ بيوقوفي وارين حرڪتن سان واسطو ٿو رکين. ڪنهن به راءِ جي نقطه نظر کان، تون منهنجي لاءِ دلچسپي جو سبب هجين. پر ايترو مون کي وقت هجي، جو مان تنهنجي لاءِ وڃائي سگهان......“

ون کي معاف ڪر، مون کي معاف ڪر، مان توکي شڪ شبهي کان ٻاهر ٿو آڻيان. ٿورو وقت ٿيو تو رستي جي فانوس جي هيٺان، اَڄ شام جو اليوشا کي واڪو ڪري چيو هو، ته اُن وقت به منهنجو خيال ٿي ڪيو. هيءُ سڀ ڪجهه تو اُن کان سکيو آهي. توکي ڪهڙي خبر ته هو مون سان ڪيئن ملندو آهي. اُن ڪري هڪ مختصر گهڙيءَ لا، تو ائين چيو ٿي ته منهنجو وجود آهي. هو سکر ماڻهو زور سان ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳ و.

 ”هائو، اُها ڪمزوريءَ واري گهڙي هئي..... پر مان تو ۾ ڪو به اعتبار نه ٿو آڻيان. اڳئين ڀيري، مون کي اِها به خبر نه هئي، ته مان جاڳيس ٿي يا ننڊ ۾ هوس. شايد مان اُن وقت خواب ڏسي رهيو هوس. مان توکي سچ پچ ڪونه ڏٺو هو....“

 ”ٿورو وقت گذريو، تون اليوشا سان، ڇاجي لاءِ ڪاوڙيو هئين؟ هو نهايت عزيز آهي. مربي زوسيما جي مٿان، مان هن سان خراب روش اختيار ڪئي هئي.“

 ”اليوشا جي بابت ڪجهه نه ڳالهاءِ! توکي اِهڙي همٿ ڪيئن ٿي آهي؟ بيوقوف!“  ايون وري کليو، تو مون کي ڇينڀيو ۽ وري کلي رهيو آهين. اِها چڱي نشاني نظر اَچي رَهي آهي. پر تون اڳين دفعي کان گهڻو مروت وارو نظر اچي رهيو آهين ۽ مان ڄاڻان ٿو، ته ڇو هيءَ تنهنجي عظيم راءِ جي پختگي آهي.

منهنجي فيصلي جي ڳالهه نه ڪر، ايون وحشياڻي طرح کيس چيو.

 ”مان سمجهان ٿو. مان سمجهان ٿو. تون شاندار ۽ دلڪش انسان آهين. تون پنهنجي ڀاءُ جو بچاءُ ڪرڻ گهرين ٿو ۽ اُن لاءِ پنهنجي قرباني ڏئين ٿو. هيءُ بهادراڻو عمل آهي.....“

تون پنهنجي زبان کي روڪ..... مان توکي لتون هڻي ٻاهر ڪڍندس.

مون کي اُن لاءِ ڪو به ڏک نه ٿيندو. ڇاڪاڻ ته اِنهيءَ حالت ۾ منهنجو مطلب پورو ٿيندو. جيڪڏهن تون مون کي لتون هڻي ٻاهر ڪڍندين ته اِها منهنجي وجود جي صداقت ٿيندي، ڇاڪاڻ ته ماڻهو ڀوتن کي لتون نه هڻندا آهن. مذاق کي ڇڏي، جيڪڏهن مان چوان ته هن جي مون کي پرواهه به نه آهي. جيئن تون چاهين، مون کي ڇينڀ. جيتوڻيڪ توکي مروت ڏيکارڻ گهرجي. بيوقوف ۽ خوشامندي! ڪهڙا نه عجيب لفظ آهن.  ”توکي ڇينڀ ڪرڻ سان گويا مان پاڻ کي ڇينڀ ڪريان ٿو.“  ايون وري کليو. ”تون، مان آهيان، فقط چهري جو تفاوت آهي. تو هاڻي چيو ٿي، ته مان ڇا سوچي رهيو آهيان..... مان ان جي لائق ئي نه رهيو آهيان، ته ڪا نئين ڳالهه ڪريان!“

جيڪڏهن مان تو وانگر خيال ڪندو هجان، ته اِها منهنجي نيڪنامي هجي ها، ان سکر ماڻهوءَ، نزاڪت ۽ شان سان چيو. تون فقط بدخيالن کي چونڊين ٿو، جيڪي سڀ بيوقوفيءَ واريون شيون آهن.

 ”تون بيوقوف ۽ نالائق آهين. تون حد کان گهڻو بيوقوف آهين. نه، مان توسان شريڪ ٿي نه ٿو سگهان.“  ايون ڏند ڪرٽيندي چيو، ته ”مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟“  منهنجا عزيز دوست، مون کي هڪ سکر ماڻهو واري هلت اختيار ڪرڻ گهرجي، ته اِهڙيءَ ريت پنهنجي وجود کي مڃان. ملاقاتي پنهنجي عزت کي شدت سان گهٽ ڪندي. ساده دلي واري وقار سان چيو، جنهن مان سندس پري جو رشتو نمايان ٿي نظر آيو. مان هڪ غريب آهيان، پر........ مان سڀ ڪجهه ايمانداريءَ سان ته نه ڳالهائيندس، پر......... هيءُ موضوع جو اصول آهي، جو سماج ۾ عام طرح قبول ڪيو ويندو آهي، ته مان هڪ ڪيرايل فرشتو آهيان. مان يقيناً هي باور نه ڪرائيندس، ته مان ڪڏهن فرشتو به هوس. جيڪڏهن مان هيس ته اُن کي گهڻو عرصو گذريو ۽ جيڪڏهن اُن کي ڪو وساري ڇڏي، ته اُن ۾ ڪو نقصان به نه آهي. هاڻي مان فقط اُن شهرت جو انعام حاصل ڪرڻ لاءِ سکر ماڻهوءَ جي حيثيت بڻجي ويو آهيان، جيئن مان زندگي گذاري سگهان ۽ منهنجي ڪوشش آهي، ته ماڻهوءَ جي حيثيت بڻجي ويو آهيان، جيئن مان زندگي گذاري سگهان ۽ منهنجي ڪوشش آهي ته ماڻهن ۾ مقبول بڻجان. مان انسان کي بنا ڪنهن بناوٽ جي پيار ڪريان ٿو ۽ منهنجي مٿان وڏي تهمت تراشي ڪئي وئي آهي. هيڏي نهار، جڏهن مان توسان وقت بوقت گڏ رهان ٿو، منهنجي زندگي هڪ قسم جي صداقت حاصل ڪري ٿي ۽ اِها ئي شيءِ مون کي سڀ کان محبوب آهي. تون ڏسين ٿو ته مان به اڻ ڍنگائيءَ کان تڪليف ۾ آهيان. ان ڪري مان زمين جي بادشاهت کي پسند ٿو ڪريان. توسان گڏ سڀ ڪا شيءِ، پاڪائي واري، ضابطي اندر ۽ اقليدس اصولن واري آهي. جڏهن اسان وٽ ڪجهه نه آهي، پر اَڻ تڪيل توريل مساوات، مان هتي فقط خوابن واري دنيا ۾ رُلندو وتان ٿو. مون کي خواب جي صورت پسند ايندي آهي. اُن کان سواءِ زمين تي وهمي بڻجي ويندو آهيان. مان هتي سڀ تنهنجون عادتون اختيار ٿو ڪريان. مان عوام جي حمامن ڏي وڃڻ جو شوقين بڻجي ويو آهيان. ڇا توکي هن تي اعتبار ايندو؟ ۽ مان واپارين ۽ راهبن وٽ وڃي روز اَفزون ترقي ڪندو رهندس، مان جو خواب لهندو آهيان، اُن جي صورت، هڪ دفعو هميشه لاءِ بڻجي ويندي آهي. اُها ڪنهن واپاريءَ جي زال جي شڪل ۾ اٽل هوندي آهي، جا ارڙنهن پٿرن (هڪ پٿر ۾ چوڏهن سير ٿين ٿا.) جي تور جي هوندي آهي. ۽ هو ايئن سمجهندو ته هوءَ جو ڪجهه به سمجهي ٿي صحيح آهي. منهنجو دستور هوندو آهي، ته ديول ۾ وڃي، هڪ ساده دل انسان جي اعتقاد موجب، شمع کي پيش ڪريان. منهنجي زبان تي اعتبار ڪر، سچ پچ ايئن ئي هوندو آهي. هنن ڳالهين جي ڪري منهنجون تڪليفون ختم ٿيڻ گهرجن. مون کي ڊاڪٽرن وٽ وڃڻ به پسند ايندو آهي. بهار جي موسم ۾ ماتا جي مرض اچي منهن ڪڍيو. مان هڪ گمنام اسپتال ۾ ويس ۽ پاڻ کي ٽـُـڪا ڏياريم، تون فقط ڄاڻي سگهين ته مان اُن ڏينهن ڪيڏو نه خوش هوس مان سلاف (روسي قوم) کي مدد ڪرڻ لاءِ ڏهه روبل چندو ڏنم..... پر تون ته ڌيان ڏيئي نه ٿو ٻڌين ته تون شايد اَڄ شام جو خوش نه آهين؟ مون کي خبر آهي ته تون ڪالهه ڊاڪٽر ڏي ويو هئين. خير...... تنهنجي صحت ڪيئن آهي؟ ڊاڪٽر توکي ڇا چيText Box:  

 

و؟ ”بيوقوف“ ايون سندس گفتگوءَ کي ڪاٽيندي چيو.

 

 ”پر تون ڪيئن به هجي سياڻو آهين. مون کي تون وري ڇينڀي رهيو آهين؟ مان توکان ڪا به همدردي ته نه ٿو گهران. توکي جواب ڏيڻ جي ضرورت به نه آهي. تون وري بخار جي زد ۾ اچي ويو آهين.“   ”بيوقوف“  ايون وري دهرايو.

 ”تون ساڳي ڳالهه وري وري چئي رهيو آهين. پر مون کي به گذريل سال اِهڙي قسم جو بخار ٿيو، جو اَڄ تائين مون کي ياد آهي.“

 ”شيطان کي اِهڙو دماغي بخار!“

ڇو نه ٿو ٿي سگهي؟ ڇو ته مان ڪڏهن گوشت ۽ پوست جو جسم اختيار ڪندو آهيان؟ جڏهن مان اِهڙو جسم اختيار ڪندو آهيان، ته مون کي اُن جي نتيجن لاءِ به تيار رهڻ گهرجي. شيطان به ته انساني مظهر آهي.

ڇا، ڇا، شيطان به انساني مظهر آهي...... اِها شيطان لاءِ ڪا خراب شيءِ نه آهي! مان خوش آهيان ته آخر توکي راضي ڪري وڌو اَٿم.

پر اِهو بخار توکي، مون مان نه لڳو هو؟ ايون چپ ٿي ويو. ائين معلوم پئي ٿيو ته هـُـو ڪنهن شيءِ کان متاثر آهي. هن چيو ته اِها حقيقت ڪڏهن به منهنجي خيال ۾ نه آئي هئي. هيءُ عجيب شيءِ آهي.

 ”هن ڀيري مان ايمانداريءَ جو پابند رهندس ۽ توکي هر تشريح ٻڌائيندس. ڌيان ڏيئي ٻـُـڌ! خواب ۾ يا خاص ڪري رات جي ڪنهن ٻي حالت ۾، جا بدهاضمي جي باعث يا ڪنهن ٻي ريت اچي ٿي ماڻهو اِهڙيون صنعت ڪاراڻيون رويائون ڏسي ٿو جي عجيب ۽ غريب حقيقي ٿين ٿيون. اُهي اِهڙا ته طرحين طرحين قسمن جا اُميد جي خلاف واقعا ٿين ٿا، جو مان قسم سان ياد ٿو ڪريان ته خود ليوٽالسٽاءِ، انهن جي پيدا ڪرڻ ۾ عاجز هو، پر اِهڙا خواب، ڪڏهن ڪڏهن لکڻ وارن کي نصيب نه به هوندا آهن، پر نهايت معمولي قسم جا ماڻهو اِهي شيون ڏسندا آهن. جيئن ته آفيسر، صحافي ۽ راهب....... پر هيءُ مضمون پوري ڳجهارت آهي. هڪ سياستدان مون سان قبول ڪيو، ته سچ پچ بهترين خيال وٽس اُن وقت ايندا هئا، جڏهن هو ننڊ ۾ هوندو هو. هاڻي به اِيئن آهي. جيتوڻيڪ مان نظر جو ڌوڪو آهيان، پر خواب جي حالت ۾ به اِهڙيون ته اصليت واريون ڳالهيون ڪري رهيو آهيان، جي اڳي تنهنجي دماغ ۾ اچي نه سگهيون هيون. اُن ڪري مان تنهنجي خيال کي دهرايان نه ٿو. مان ته تنهنجو خواب آهيان ۽ ٻي ڪا شيءِ نه آهيان. تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين، تنهنجو مقصد آهي، ته مون کي قائل ڪرين ته تنهنجو وجود آهي. اُن کان سواءِ خواب نه آهي. هاڻي وري تون يقين ٿو ڏيارڻ گهرين ته هيءُ خواب آهي.“

 ”منهنجا عزيز دوست! مان اڄ خاص طريقو اختيار ڪيو آهي. جنهن جي تشريح مان توکي پوءِ ٻڌائيندس. ترس، مان ڳالهه ڪٽي ڇڏي هئي؟ اڙي هائو. مون کي بخار ٿيو هو، پر هتي نه، ڪنهن ٻي هنڌ.“

 ”اِهو ٻيو هنڌ ڪهڙو آهي؟ تون مون کي ٻڌاءِ ته هت اڃا ڪيترو وقت رهندين؟ تون وڃين ڇو نه ٿو؟“  ايون نااُميديءَ ۾ چيو.  ”هـُـن هيڏي هوڏي گهمڻ ڇڏي ڏنو. هـُـو صوفي تي وري ويهي رهيو، ٺونٺ ميز تي رکيائين ۽ مضبوطيءَ سان ٻنهي هٿن ۾ مٿي کي جهليائين. هن آلي ٽوال کي ڇڪي ورتو، ۽ نااُميديءَ مان پري ڦٽو ڪري ڇڏيائين. ڇو ته اُن مان کيس ڪو به فائدو نه پهتو هو. تنهنجون نبضون انتظام کان ٻاهر آهن. اُن سکر ماڻهو بي پرواهيءَ سان چيو. جيتوڻيڪ اُن ۾ مروت به هئي. تون مون تي انهيءَ لاءِ به ڪاوڙ ۾ آهين، ته مون کي به تپ اچي سگهندو آهي. جيتوڻيڪ هيءُ نهايت فطرتي طريقي سان هوندو آهي. مان اُن وقت تڪڙو تڪڙو هڪ سياسي مجلس ۾ دعوت تي، هڪ عزت واري خاتون جي گهر سينٽ پيٽرسبرگ ۾ ٿي ويس. جنهن جو مقصد هو ته وزارت ۾ اثر پيدا ڪري. ٺيڪ آ، رات جو لباس، ٽاءِ ۽ هٿ جا جوراب هيم. پر خدا ٿو ڄاڻي ته مان ڪٿي هوس ۽ جيئن ته مون کي اوهان جي زمين طئي ڪرڻي هئي، ۽ پهچڻو هو، مون هيءُ مفاصلو پورو ڪيو......... بيشڪ مون کي اُن ۾ هڪ وقفو لڳو. توکي هيءَ خبر آهي ته سج جي ڪرڻي کي زمين تائين پهچندي اَٺ منٽ لڳندا آهن. پر توکي ته عجب لڳندو ته مون کي رات جو لباس ۽ صدري به هئي. روح يخ بسته نه ٿيندا آهن، پر اُهو جو گوشت پوست جو جسم هوندو آهي. خير...... مختصر چوندس ته مان خيال کان به اڳ هلي پوندو آهيان ۽ توکي هيءَ خبر هجي، ته ايسٽر جي فضائن ۾، پاڻي ۾ جو آسمان کان به مٿي، ايترو ته پارو (سردي) هوندو آهي ....... گهٽ ۾ گهٽ ڪو به هن کي پارو (يخ) نه چوندو. توکي عجب لڳندو ته اُهو ٻڙيءَ کان 15 درجا هيٺ ٿئي ٿو. توکي خبر آهي، ته ڳوٺاڻيون ڇوڪريون ڪهڙي راند کيڏنديون آهن. سردي جڏهن ٻڙيءَ کان هيٺ ٽيهن ڊگرين تي هوندي آهي تڏهن، ڪنهن نوجوان کي چونديون آهن ته اُن ٿڌ ۾ ڪهاڙي کي چٽي، سندس زبان اُن وقت يخ ٿي ويندي آهي. سندس لـُـڙڪ وهي ايندا آهن، کـَـل اُڊڙي ويندي آهي؟ رت وهڻ شروع ڪندو آهي. ”هيءَ ته ٽيهن درجن جي ڳالهه آهي، پر هڪ سؤ پنجاهه درجن ۾ مان خيال ڪريان ٿو ته جيڪڏهن ڪهاڙي تي فقط آڱر رکي وڃي ته اُن جو انت آڻي وجهي. پر جيڪڏهن اُتي ڪهاڙو ملي سگهي.“

يون بي پرواهي ۽ نااُميدي مان کانئس پڇيو ته ڇا هيءُ ممڪن آهي، ته اُتي ڪهاڙو هجي. هن حتي المقدور ڪوشش ٿي ڪئي، پنهنجي ”هذيان“ جي حقيقت تي غور نه ڪري نه اعتبار! نه وري هن جنون ۾ پاڻ اٽڪائي. مهمان عجب ۾ پئي، وچ ۾ دخل ڏيندي چيو ته  ”ڪهاڙو؟“

هائو، اُتي هن ڪهاڙي جو ڇا ٿيندو؟ ايون وحشياڻي نموني، بلڪل نٺائپ ڏيکاريندي، رڙ ڪندي چيو. اُن خلا ۾ ڪهاڙي جو ڇا ٿيندو؟ جيڪڏهن اُن معاملي تي ڪنهن جاءِ تان ڪري پوي، ته مان خيال ٿو ڪريان، ته هو زمين جي چوڌاري اُڏرڻ شروع ڪري ڏيندو، هڪ سياري وانگر، جنهن جي ڪا به خبر پئجي نه سگهندي. هينئر ته توهان اُن ڪهاڙي جي طلوع ۽ غروب جو حساب لڳائيندا ۽ گيٽسزڪ، اُن کي پنهنجي ڪئلينڊر ۾ داخل ڪندو ۽ بس.

 ”تون بيوقوف آهين ۽ سخت بيوقوف آهين.“  ايون زودرنجيءَ مان کيس چيو. وڌيڪ هوشياريءَ سان رڙيون ڪر، يا مان توکي ڌيان ڏيئي نه ٻڌندس، تون مون کان حقيقت پسندي جي آڙ ۾ چڱو جواب وٺڻ گهرين ٿو، تون مون کي مڃائڻ گهرين ٿو ته تنهنجو وجود آهي. مان اُن تي اعتبار نه ڪندس.

 ”پر مان رڙيون ته ڪو نه ٿو ڪريان، هيءَ سڄي صداقت آهي. بدقسمتي سان سچائي وندرائيندڙ شيءِ نه هوندي آهي. مان ڏسان ٿو ته تون مون کان ڪنهن وڏي شيءِ جي اُميد ٿو رکين ۽ شايد اُها عمدي به هجي. جنهن جو افسوس اَٿم، ڇاڪاڻ ته مان اُهو ئي ڏيندس، جو ڏئي سگهان ٿو.............“

 ”بيوقوف فلاسافي نه ڳالهاءِ.“

فلسفو اُن وقت، جڏهن منهنجو ساڄو پاسو فالـج  زده آهي ۽ مان ڪنجهي ۽ ڪـُـرڪي رهيو آهيان. مان سڀئي طبي ادارا جاچي ڏٺا آهن، هو مرض جي سڃاڻپ ته چڱي ريت ڪن ٿا، هو تنهنجي سڄي مرض کي آڱرين تي ڳڻي ويندا، پر وٽن اُن مرض جو ڪو به علاج نه آهي. هتي هڪ جوشيلو نوجوان شاگرد هو. هن چيو ته ”تون مري ويندين، پر تون چڱيءَ طرح ڄاڻي سگهندين، ته ڪهڙي مرض ۾ تون مرين ٿو. تڏهن هو باقي ڇاجي لاءِ ماڻهن کي خاص مرضن جي ڄاڻن ڏانهن موڪلين ٿا. هو چون ٿا ته اسان فقط مرضن جي سڃاڻپ ڪندا آهيون. پر علاج لاءِ فلاڻي ڪي فلاڻي، مرض جي خاص ماهر وٽ وڃو، اُهو ئي اوهان جو علاج ڪندو. اُهي پراڻا ڊاڪٽر، هر مرض جو علاج ڪندا هئا. اُهي دنيا مان مڪمل طور تي غائب ٿي چـُـڪا آهن. مان توکي يقين ٿو ڏياريان، ته هاڻي فقط مرضن جا خاص ڄاڻو وڃي بچيا آهن ۽ هو اخبارن ۾ اشتهار ڏيندا ۽ چوندا، ته توکي اتي يورپين ماهر ملندو، جو تنهنجي نڪ جو علاج ڪندو. جيڪڏهن تون پئرس ويندين ته اُتي هو تنهنجي نڪ کي ڏسندو ۽ چوندو ته مان تنهنجي فقط کٻي ناس جو علاج ڪري سگهندس. سڄي ناس جو مان علاج نه ڪري سگهندس، جو مان اُن جو ماهر نه آهيان. تون اُن جي لاءِ وائنا وڃ، اُتي اُهو ماهر آهي. جو تنهنجي سڄي ناس جو علاج ڪري سگهندو. پوءِ تون ڇا ڪندين؟ مان ته پنهنجي علاج ڏي متوجهه ٿيندس. هڪ جرمن ڊاڪٽر مون کي صلاح ڏني هئي، ته تون حمام ۾ وڃي لوڻ ۽ ماکيءَ سان مالش ڪر. مان اُنهن شين سان مالش ڪري خاص حمام ۾ ويس، پر مون کي ته ڪو به فائدو نه ٿيو. مان نااُميديءَ ۾ ڪائونٽ مٽائيءَ کي لکيو. هن مون کي ڪتاب ۽ دوا ڏياري موڪلي. مون اُن کي دعا ڏني. توکي عجب لڳندو ته حـَـّوَن جي شراب مون کي فائدو ڏنو. مان اتفاق سان اُن کي خريد ڪيو هو. مان اُن جي ڏيڍ بوتل پيتي ۽ مان رقص ڪرڻ جهڙو ٿيس، ۽ سڀ ڪجهه هليو ويو. مون ارادو ڪيو، ته اُن جي شڪرگذاريءَ لاءِ خط اخبارن کي موڪليان. منهنجي اندر شڪرگذاريءَ جو جذبو هو، پر توکي عجب لڳندو، ته مون کي اُن لاءِ وڏي درد سري ڪرڻي پئي. هڪ به اخبار منهنجي خط کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هئي. هيءَ ته رجعت پسنداڻو قدم ٿيندو. هنن راءِ ڏني، ڪو به هن تي اعتبار نه ڪندو. چڱو اِيئن ٿيندو ته تون هيءَ گمنام طور تي شايع ڪراءِ، پر گمنام شڪرئي جي خدمت مان ڪهڙو فائدو. مان اخبار جي آفيس ۾ اُن ماڻهوءَ تي خوب کليس. اسان جي ڏينهن ۾ ته خدا کي مڃڻ به هڪ رجعت پسنداڻو قدم ٿو سمجهيو وڃي. مان کيس چيو ته مان شيطان آهيان. توکي مون کي مڃڻ کپي. اُتان جي رهندڙن چيو، ته تنهنجي ڳالهه سچي آهي، ڪير آهي جو شيطان ۾ عقيدو نه ٿو رکي. پر هن مان ڇا حاصل، تنهنجو اِهو خط، اَسان جي شهرت کي ڌڪ هڻندو. توهان کڻي هن خط کي مذاق طور شايع ڪرايو. پر مان سمجهيو ته ڀوڳ واري خط مان ڪو به اَثر پيدا نه ٿيندو. اُن ڪري اهو خط شايع ٿي نه سگهيو. توکي خبر آهي ته اِهو ڏک مون کي اڃا تائين آهي. منهنجي عمدي جذبي، مثال لاءِ شڪرگذاريءَ کي ادبي طور تي اِنهيءَ لاءِ قبول نه ڪيو ويو، جو منهنجي درجي کي سماجي طرح ڪجهه به حيثيت نه آهي.

 ”وَري فلسفي جا خيالات!“  ايون نفرت ۽ ڪاوڙ مان پيچ کائيندي چيو، ته

”خدا مون کي هنن کان محفوظ رکي. پر ڪو ڪڏهن ڪڏهن فرياد ڪري ئي ويهي ٿو. مان هڪ اُهو ماڻهو آهيان، جنهن جي مٿان بهتان لڳايو ويو آهي. تون مون کي هر هر بيوقوف سڏي رهيو آهين. توکي ته مان هڪ نوجوان ٿو ڏسان، منهنجا عزيز. ذهانت فقط دنيا ۾ ڪا هڪڙي شيءِ نه آهي! مون وٽ فطرتاً هڪ خوشي ڀريل ۽ مهربان دل آهي. مان پڻ موسيقيءَ سان ڀريل هر قسم جا ناٽڪ لکي موڪلي سگهندو آهيان. مان خيال ٿو ڪريان، ته تون مون کي ميرا سٽڪلف وانگر پوڙهو ٿو سمجهين، پر منهنجي قسمت گهڻي بهتر آهي. گهڻو وقت اڳي ازل جي نوشتي موجب منهنجي لاءِ اڳ ۾ ئي منهنجو ”انڪار“  لکيو ويو هو. پر اُن هوندي به مان نيڪدل ۽ ڪنهن به انڪار ۽ فساد ڏانهن متوجهه نه آهيان. جيتوڻيڪ مان اُن انڪار جو سبب ٻڌائي نه ٿو سگهان. مون کي چيو ويو ٿي، ته وڃ ۽ انڪار ڪر. ڇاڪاڻ ته انڪار کان سواءِ ڪنهن به تنقيد جو وجود پئجي نه ٿو سگهي. اُها حقيقت، جنهن کي تنقيد جو پهلو نه هجي، اُن مان ڪهڙو فائدو؟ زندگي، تنقيد کان سواءِ سڄي عيش آهي. پر هيءَ خوشي زندگيءَ جي لاءِ اڪيلي ڪافي نه آهي. زندگيءَ لاءِ لازمي آهي، ته شڪ کان گذري وڃي، خير مان هنن مسئلن ۾ دخل نه ڏيندس. مون کي انڪار لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. دنيا کي مان ڪونه خلقيو آهي، ۽ اُن بابت مون کان سوال به نه پڇيو ويندو. انهن حالتن موجب مون کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻايو ويو آهي ۽ مون کي مجبوراً تنقيد جو نشانو ٺاهيو ويو آهي. زندگي، اُن ڪري نمڪين بڻجي پيئي آهي. مان هن ڪاميٽي (خوشيءَ واري حقيقت) کان چڱي طرح باخبر آهيان. منهنجي مسلسل اِها آرزو آهي، ته نابود ٿي وڃان، پر مون کي چون ٿا، ته جيئرو هج، ڇاڪاڻ ته توکان سواءِ ڪو به حادثو ظاهر ٿي نه سگهندو، هوڏانهن جهان جو هر ڪاروبار، جيڪڏهن منطقي هجي، ته جيڪر ڪو به حادثو عمل ۾ نه اچي. پر هنن جو چوڻ آهي ته توکان سواءِ ڪو به حادثو رونما ٿي نه ٿو سگهي ۽ حادثن جو هئڻ لازمي آهي. اُن ڪري مان اَن جي بجاءِ حادثن کي پيدا ڪندو رهان ٿو، ۽ جو ڪجهه به ڪريان ٿو ڪاوڙ ڏياريندڙ، پر مون کي ان لاءِ حڪم ڪيو وڃي ٿو. انسان پنهنجي سڄي مڃيل ذهانت جي هوندي به، هن سڄي فارس (ناٽڪ) کي اهميت ڏي ٿو ۽ اِها ئي اُن جي (ٽريجڊي) انڌوهناڪ ڪهاڻي آهي. بيشڪ هو برداشت ڪن ٿا...... پر هو پنهنجي زندگي گذارين ٿا. نه، پر حقيقي زندگي گذارين ٿا. ڇاڪاڻ ته مصيبت ۾ گذارڻ ئي ته زندگي آهي. ڏک کان سواءِ سک جو ڪهڙو مزو ايندو؟ اِها ديول جي ناتمام ۾ تبديل ٿي ويندي. اِها پاڪيزهه ته هوندي، پر مشق ڀريل. پر منهنجي لاءِ ڇا هوندو؟ مان هر مصيبت برداشت ڪريان ٿو. پر مون کي زندگي ئي ڪانه آهي. مان حل نه ڪيل مساوات جي حساب ۾ فقط ’ايڪس‘ جو اکر آهيان. مان زندگيءَ ۾ هڪ وهمي صورت آهيان، جنهن پنهنجي ابتدا ۽ انتها وڃائي ڇڏي آهي ۽ پنهنجو نالو به وساري ڇڏيو اَٿس. تون کلين ٿو، تون وري ڪاوڙ ۾ اچي ويو آهين. تون هميشه لاءِ ڪاوڙ ۾ آهين، تون جنهن ڳالهه جي باري ۾ سنڀال ڪرين ٿو، اِها ذهانت آهي. پر مان وري به توسان ورجايان ٿو، ته مان هن زمين کان مٿانهين طاقتن، مرتبن ۽ عزت واري زندگي کي ڇڏي ڏيندس ۽ فقط هڪ واپاري جي 240 سيرن جي وزن واري عورت بڻجي ويندس ۽ خدا جي مندرن ۾ شمعون روشن ڪندي رهندي.“

مان هن حقيقت کي ڄاڻان ٿو ته هيءُ سڀ ڪجهه، هي سڀ شيون موجود آهن. اُها فقط خوديءَ جي برتري آهي. هيءَ منهنجي خودي جو منطقي واڌارو آهي، جو مون ۾ تنها، هميشه لاءِ نشونما وٺندو رهيو آهي، پر مان هتي پنهنجي گفتگوءَ کي ختم ٿو ڪريان، ڇو ته مان سمجهان ٿو، ته تون مون کي سڌيءَ طرح مارڻ لاءِ تيار آهين.“

 ”چڱو اِيئن آهي ته تون مون کي ڪا آکاڻي ٻڌاءِ!“  ايون بي ڪسيءَ مان چيو. مون وٽ خاص ڪري هن مضمون بابت هڪ آکاڻي آهي يا اُن کي هڪ روايتي داستان چئي سگهجي ٿو نه آکاڻي. تون بي اعتقاديءَ سان مون سان ملين ٿو. تون ڏسين ٿو ۽ ڳالهائين ٿو پر اڃا به تنهنجي بي اعتقادي موجود آهي. پر منهنجا عزيز دوست! مان ايئن نه آهيان. اسان سڀئي هتي، انهيءَ معاملي ۾ بدترتيبي ۾ مبتلا آهيون ۽ سائنس کان مونجهاري ۾ آهيون. ڳالهه ٿا ڪن ته ڪڏهن هتي فقط ذرا هئا (ائٽم) قديم زماني ۾ به موجود هئا، پر اُن وقت کان وٺي جيئن اسان کي خبر پئي آهي ته اوهان ڪيميائي شيون، سالم ماده ۽ ٻيون الائجي ڪهڙيون شيون اوهان دريافت ڪيون آهن، اُن ڪري هڪ عجيب دور شروع ٿي ويو آهي ۽ اسان جي عظمت ۾ گهٽتائي اچي وئي آهي، هتي عام جي ترتيبي موجود آهي ۽ اُن کان مٿي وهم ۽ شرمناڪ بدنامي پنهنجي ليکي آهي. هي شيون فقط اوهان ۾ نه آهن پر اسان ۾ به موجود آهن، جنهن جي توکي خبر آهي، حقيقت ۾ هن کان وڌيڪ ۽ جاسوسي ڪندي اسان کي گهڻيون ئي شيون معلوم ٿين ٿيون. ڇو ته اسان وٽ هڪ ڳجهو پوليس جو محڪمو آهي، جتي خانگي اطلاع پهچندا رهندا آهن. خير هيءَ وحشي داستان، اسان جي قرونِ وسطيٰ سان تعلق رکي ٿو نه اوهان سان.  پر اسان جا به اُن ۾ يقين نه ٿا رکن، سواءِ اُنهن پوڙهين عورتن جي، جن جي تور، چئن مڻن کان وڌيڪ آهي. اوهان جي پوڙهين بيگمن جو ذڪر نه آهي، پر مان پنهنجن جو ذڪر ڪري رهيو آهيان. اسان وٽ به سڀڪا شيءِ آهي، جيئن اوهان وٽ آهي. مان پنهنجي رازن مان هڪ تنهنجي دوستيءَ جي باعث ظاهر ڪري رهيو آهيان. جيتوڻيڪ اُن جي ممانت آهي. هيءُ داستان بهشت سان تعلق رکي ٿو. چون ٿا ته هن زمين تي هڪ فيلسوف ۽ مفڪر هو، هن سڀ ڪنهن شيءِ کي رد ڪري ڇڏيو هو، مثلاً، قانون، ضمير، اعتقاد ۽ سڀ کان مٿي، آئنده عقبيٰ جي حياتي. هـُـو مري ويو، کيس اُميد هئي ته هو سنئون سـِـڌو اونداهي ۾ هليو ويندو، پر هن پنهنجي اڳيان آئيندي جي زندگي ڏٺي، هو حيرت ۾ پئجي ويو ۽ پريشان ٿيو. هن چيو ته هيءُ منهنجي اُصولن جي خلاف آهي ۽ کيس اُن جي سزا ڏني وئي...... کيس سزا ڏني وئي ته کيس اربن جا ارب ڪلوميٽر، اونداهيءَ ۾ پنڌ ڪرڻو پيو (توکي خبر آهي ته اسان ميٽرڪ سسٽم کي رواج۾ آندو آهي) جڏهن ته هو پنهنجي اَربن ڪلوميٽرن جي هيءَ راهه پوري ڪندو ته مٿس بهشت جا دروازا کوليا ويندا ۽ کيس معاف ڪيو ويندو........“

هن ارب ڪلوميٽرن جي پنڌ کانسواءِ، ٻي دنيا ۾ ٻيو ڪهڙو عذاب موجود آهي. ايون کانئس پڇيو وٽس عجيب انتظام هو.

 ”ڪهڙا عذاب؟ اِهي مون کان نه پڇ. قديم زماني ۾، اِهي سڀني قسمن جا موجود هئا. جن کي هاڻي اخلاقي سزائون نالو ڏنو ويو آهي. ضمير جا ڏنگ ۽ ٻيون سڀئي بيوقوفيءَ جون شيون. اِهي هاڻي به اوهان کان ملنديون رهن ٿيون، يعني اوهان جي اخلاق جي صاف ٿيڻ کان اُن جا ڪهڙا لائق آهن؟ اُهي، جن وٽ ضمير ڪونه آهي. کين عذاب ڪيئن ملندو، جڏهن وٽن ضمير ئي نه آهي، پر جن وٽ ضمير آهي ۽ عزت به اُهي ئي عذاب هيٺ آهن. اصلاح جڏهن اُن جي لاءِ زمين ئي هموار نه ڪئي وئي آهي ۽ اُهي هڪ اداري جي صورت ۾ پرانهن ملڪن جو نقل ڪن ٿا. شراب کان سواءِ ٻيو ڇا ڪندا؟ اُهو ماڻهو جو اَرب ڪلوميٽرن جي سزا هيٺ آيل هو، هاڻي به موجود آهي. هو چوڌاري ڏسي ٿو ۽ رستي تي پئجي رهي ٿو. مان هن بحث ۾ نه ويندس ۽ اُصول جو انڪار ٿو ڪريان. هڪ روسي خدا جي منڪر جي روح کي وٺ ۽ اُن کي پيغمبر يونس (عليه السلام) جي روح سان گڏاءِ، جو ٽي راتيون ۽ ڏينهن مڇيءَ جي پيٽ ۾ بيقرار رهيو هو ۽ تو وٽ اُن جو ڪردار آهي جو رستي جي هن طرف ليٽيو پيو آهي؟“

اِهو ئي ته خيال وارو نقطو آهي، ته هو اتي نه آهي. هـُـو اتي هزارين سال پيو رهيو ۽ پوءِ هليو ويو.

 ”عجيب گڏهه آهين!“  ايون واڪو ڪري چيو. هو بي اختيار کلڻ لڳو، پر اڃا به ڪنهن گهري سوچ ۽ ويچار سان خيال ڪري رهيو هو. ”تون ٻڌائي سگهندين ته جيڪڏهن هـُـو اُتي پيو رهي يا ارب ڪلوميٽرن جو پنڌ پورو ڪري اِنهن ٻنهي ڳالهين ۾ ڪو تفاوت به آهي ڇا؟ کيس ان مفاصلي کي پوري ڪرڻ لاءِ ته ڪروڙين ورهيه لڳندا؟“

اِنهيءَ کان به گهڻو وڌيڪ، مون وٽ پنو ۽ پينسل ڪونه آهي، نه ته مان جيڪر ان جو حساب ڪري ٻڌايان، پر هو اُن جاءِ تي گهڻو اڳي پهچي چـُـڪو آهي ۽ اُتان ئي ته ڪهاڻي شروع ٿئي ٿي؟

 ”ڇا، هـُـو اُتي پهچي ويو؟ پر هو ڪهڙي ريت ڪروڙن ورهين کان به مٿي، جو مفاصلو پورو ڪري چڪو؟ ڇو؟ تون موجودهه زمين جو اندازو لڳائي رهيو آهين، پر اسان جي موجودهه زمين، اِهو ساڳيو عمل ڪروڙين ڀيرا دهرايو هجي. هوءَ ختم ٿي ويئي هجي، ڄمڻ کان پوءِ ڦاٽي پئي هجي، ٽڪرا ٽڪرا بڻجي ڀڄي پئي هجي ۽ سندس جزا هڪٻئي کان جدا ٿي ويا هجن. وري اسان کان پاڻي، اُن کان پوءِ وري سيارو ۽ ان کان پوءِ صبح ۽ سج مان ڌرتي، اِها ساڳي ترتيب اَڻ کٽ ريت دهرائي وئي، بلڪل اِهڙي ريت جيئن تفصيل ڏنو ويو آهي ۽ هيءُ تفصيل طولاني ۽ رنج ڏيندڙ آهي....“

 ”چڱو، چڱو، هو جڏهن پنهنجي منزل مقصود تي پهتو، ته پوءِ ڇا ٿيو؟“

اِنهيءَ گهڙيءَ مٿس بهشت جا دروازا کوليا ويا ۽ هو منجهس داخل ٿيو. اُتي کيس پهتي ٻه سيڪنڊ گذريا. هيءُ وقت سندس واچ موجب هو، (جيتوڻيڪ منهنجي خيال موجب اُن طويل عرصي ۾ سندس واچ جا پرزا ئي نه رهيا هوندا.) هن دانهن ڪري چيو ته بهشت جي اندر هيءُ ٻه سيڪنڊ، سندس اربن کان وڌيڪ نکرين جي تعداد واري عرصي جي پنڌ کان گهڻي قيمت وارا هئا. هن خدا جو حمد ڳاتو ۽ اُن ۾ ايترو ته محو ٿي ويو، جو پهريائين ڪن وڏن ماڻهن، ساڻس هٿ ملائڻ نه ٿي گهريو. هو چوڻ لڳا ته هيءُ تيزي سان رجعت پسند بڻجي ويو آهي. هيءَ روسي فطرت هئي. مان وري دهرايان ٿو ته هيءُ هڪ داستان آهي، هن مان ايترو ئي فائدو ملي ٿو، جا سندس قيمت آهي. ها اِهڙن مضمونن تي، هاڻي به اسان جا اِهڙا ئي خيال آهن.

 ”مان توکي ڦاسائي وڌو، ايون ٻاراڻي خوشيءَ وانگر، خوش ٿي رڙ ڪئي، ڄڻ ته هو آخر ڪنهن ڳالهه جي ياد ڪرڻ ۾ فتحياب ٿي چـُـڪو آهي. ”اِها اَرب ورهين جي ڪهاڻي مان پاڻ ئي تيار ڪئي آهي! مان اُن وقت سترنهن ورهين جو هوس ۽ اسڪول ۾ پڙهندو هوس. مان هن آکاڻيءَ کي ٺاهي، پنهنجي هم ڪلاسي ڪوردلڪن کي ٻڌائي هئي. اُن وقت ماسڪو ۾ هوس. هيءَ ڪهاڻي ايتري قدر ته مخصوص هئي، جو اُن کي مان ڪٿان به ٻڌول نه ڪيو هو، مان خيال ڪريان ٿو ته مون اُن کي وساري ڇڏيو هو ۽ هاڻي بيهوشيءَ ۾ ياد ڪئي اٿم. مان هن کي پاڻ ياد ڪيو آهي. اِهو تون نه آهين، جو مون کي ٻڌائي رهيو آهين. هزارين اِهڙي قسم جون ڳالهيون بيهوشيءَ ۾ ياد اينديون آهن، اُن وقت به جڏهن ماڻهو ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويندو آهي..... هيءَ حقيقت مون وٽ خواب ۾ موٽي آئي آهي، تون اِهو خواب آهين، تون هڪ خواب آهين نه زندهه حقيقت.“

جنهن جوش ۽ خروش سان، تون منهنجي هستيءَ جو انڪار ڪرين ٿو، هو سکر ماڻهو کلڻ لڳو. ”مان اظهار ڪريان ٿو ته تون مون ۾ اعتقاد رکين ٿو.“

 ”ذري جيترو به نه! منهنجو تو ۾، اَن جي داڻي جي سوين پتي جيترو به اعتقاد نه آهي.“

 ”پر تنهنجو هزاروڻ پتي جيترو اعتبار آهي؟ توکي خبر آهي ته هوميوپيٿيءَ جو علاج سڀ کان طاقتور آهي. تون اِها قبوليت ڏي ته توکي اعتقاد نه آهي، پوءِ کڻي ڏهه هزاروڻ حصي جيترو ڇو نه هجي.“

ايون کيس جوش مان چيو ته، ”هڪ منٽ لاءِ به نه. پر مان چاهيان ٿو، ته منهنجو تو ۾ اعتقاد هئڻ گهرجي. هي لفظ، هن نهايت عجيب نموني سان چيا.اها! اِها قبوليت آهي، پر مان چڱي طبعيت وارو آهيان. مان تنهنجي مدد لاءِ وري ايندس. ڌيان ڏئي ٻڌ، اِهو مان آهيان، جنهن توکي ڦاسايو آهي، نه تون. مان توکي تنهنجي آکاڻي ٻڌائي آهي. نه تو مون کي، تو اُن کي وساري ڇڏيو هو، هن جو مقصد اِهو ته توکي جو منهنجي لاءِ اعتقاد آهي، اُن کي پوري ريت برباد ڪري ڇڏيان. تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين. تنهنجي ملاقات جو مقصد ئي اِهو هو ته مون تي پنهنجي هستي بابت اثر وجهين! ايئن هوندو، پر تڪڙ. اعتقاد ۽ بد اعتقاد جي جنگ کي مهمل ڪري ڇڏيندي آهي. پر هيءَ طاقت ڪڏهن ڪڏهن، تو جهڙي ضمير واري انسان لاءِ عذاب بڻجي پوندي آهي. ايتري قدر جو هو پاڻ کي ڦاهو ڏئي مارڻ کي بهتر سمجهندو آهي. اِها ڄاڻي ته تون منهنجي هستيءَ کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار آهين، مان اِها آکاڻي ٻڌائي تنهنجي اندر ڪجهه بد اعتقادي پيدا ڪرڻ گهري آهي. مان توکي واري سان، اعتقاد ۽ بي اعتقاديءَ طرف رهنمائي ڪندو رهيو آهيان ۽ انهيءَ ۾ منهنجو مقصد هو. هيءَ استدلال جو نئون طريقو آهي. جيئن ئي تون مون ۾ بد اعتقادي کي لڻندين، تيئن ڄڻ منهنجي سامهون، مون کي هيءُ يقين ٿو ڏيارين ته مان خواب نه آهيان، پر صداقت آهيان. مان توکي ڄاڻان ٿو. هن کان پوءِ مون کي پنهنجي مقصد جي ڳالهه ڪرڻي آهي، جا نهايت عزت ڀري آهي. مان تنهنجي اندر اعتقاد جو ننڍڙو ٻج پوکڻ گهران ٿو ۽ اهو شاهه بلوط جيترو وڻ ٿي ويندو ۽ اِهڙو شاهه بلوط جو وڻ، جنهن تي تون ويندين، توکي انتظار رهندو ته تون راهبن جي درجي ۾ داخل ٿئين ۽ سنت عورتن جي درجي ۾ اچين، اِها ئي شيءِ آهي، جنهن لاءِ بـَـنَ ۾ رُلندو رهندين.“

 ”تڏهن هيءُ سڀ تون منهنجي روح جي نجات لاءِ ڪري رهيو آهين، ايئن آهي نه بدمعاش؟“

 ”ماڻهوءَ کي ڪڏهن ڪڏهن چڱو ڪم به ڪرڻ کپي، ڪيتري قدر نه تنهنجي طبعيت ۾ بيقراري آهي!“

بيوقوف! تو ڪڏهن، ڪن پاڪيزه انسانن کي به خواهش ۾ ڦاسايو آهي؟ جي ماڪڙ کائيندا رهيا آهن ۽ پنهنجي حياتيءَ جا سترنهن سال بن ۾ رُلندي گذاريا اٿن، ايستائين جو هو عوام ۾ مقبوليت تي وڃي پهتا آهن؟

 ”منهنجا عزيز دوست! مان ٻيو ڪجهه به نه ڪيو آهي، ڪو ماڻهو، هن جهان کي ۽ ٻين جهانن کي وساري، هڪ اِهڙي قسم جي سنت کي چنبڙي وڃي ٿو، ڇو ته نهايت قيمتي هيرو آهي. اهڙو روح توکي خبر آهي ته ستارن جي ساري جهرمٽ کان وڌيڪ قيمتي آهي. اسان کي جاچڻ جو پنهنجو طور ۽ طريقو آهي. ڪاميابيءَ جي قيمت جو ڪو به ڪاٿو ٿي نه ٿو سگهي ۽ انهن مان ڪي اِهڙا به آهن، جو مهذب طور، جيڪڏهن توکي منهنجي زبان تي اعتبار آهي ته توکان ڪنهن به ريت گهٽ نه آهن. جيتوڻيڪ تون هن حقيقت تي اعتبار نه ڪندين. هو اعتقاد ۽ بد اعتقاد جي گهراين کي ساڳي وقت تصور ۾ آڻين ٿا. ايتري قدر جو ڪنهن وقت سچ پچ ڏسڻ ۾ ايندو آهي، ته سندس مٿانهين کان هيٺ ڪرڻ ۾ وار جو به تفاوت نه آهي، جيئن اَداڪار گوربنوف چيو آهي.“

 ”ٺيڪ آهي، ڇا ڪڏهن تنهنجي نڪ کي به ڇڪيو ويو آهي؟

منهنجا عزيز دوست! ”ملاقاتي کيس مفڪراڻي اَنداز ۾ چيو، ته تنهنجي نڪ کي ڇڪيو وڃي، انهيءَ کان بهتر آهي ته نـَـڪُ ئي نه هجي. هڪ بيمار، مارڪئس، جنهن کي گهڻو وقت نه گذريو (هو شايد ڪنهن خاص مرض جي ڊاڪٽر وٽ زير علاج هو.) هڪ يسوعي راهب وٽ پنهنجي قبوليت ٿي ڏني. مان اُتي حاضر هوس. اُها نهايت مزيدار ڳالهه هئي. هن کيس چيو ته مون کي پنهنجو نڪ موٽائي ڏي! ۽ هن پنهنجو سينو ڪٽڻ شروع ڪيو. راهب کيس پيار واري نرم لهجي ۾ چيو، ته سڀئي شيون پالڻهار جي اَڻ ٽر تقدير ۾ بند آهن ۽ ظاهري درد ۾ ڪا حڪمت لڪل هوندي آهي، جيڪڏهن تقدير ۾ توکي نڪ کان محروم ڪري ڇڏيو آهي، ته اِنهيءَ ۾ به تنهنجو فائدو آهي، ڇو ته جيڪڏهن نڪ ئي نه هوندو ته اُن کي ڪير ڇڪيندو، مقدس پيءُ هن مان ته ڪا به تسلي نه ٿي. نااُميد مارڪئس رڙ ڪري چيو، مون کي ته جيڪر خوشي ٿي ته هر روز ڪو منهنجي نڪ کي مروڙي. پر جيڪڏهن اُهو پنهنجي جاءِ تي هجي به.“  منهنجا پٽ راهب ٿڌو ساهه کڻندي چيو ته توکي ڪڏهن به هڪدم سڀني برڪتن جي اُميد نه رکڻ گهرجي. هيءُ فضل الاهي جي خلاف ڪـِـر ڪـِـر آهي. جو توکي اُن هوندي به نه ٿو وساري، جيئن تون هاڻي مايوسي ۾ آهين ۽ هاڻي اُن جو اظهار ڪري چڪو آهين، ته تنهنجي باقي حياتيءَ ۾ جيڪڏهن ڪو تنهنجي نڪ کي ڇڪيندو ته تون خوش ٿيندين ته تنهنجي خواهش اَڻ سڌي طرح پوري ٿي چـُـڪي آهي، ڇاڪاڻ ته جڏهن تو نڪ وڃايو هو ته تنهنجي نڪ کي ڇڪيو ويو هو.

 ”آهي ڪيڏي نه بيوقوفي!“  ايون رڙ ڪري چيو.

 ”منهنجا عزيز دوست: مان توکي فقط وندرايو ٿي، پر مان قسم کڻي ٿو چوان ته يسوعين جو منطقي اُصول اِهو ئي آهي، ۽ مان توکي قسم کڻي ٿو ٻڌايان ته مان جيئن چيو آهي، لفظ بلفظ ايئن ئي ٿيندو رهندو آهي. اڳ ۾ ايئن ٿيو آهي، جنهن مون کي وڏي تڪليف ڏني هئي. هو دُکي نوجوان جڏهن پنهنجي گهر پهتو، تڏهن هن پاڻ کي گولي هڻي ماريو . مان آخري گهڙيءَ تائين سندس پاسي ۾ هوس. هي يسوعي اعتراف ڪندڙ، منهنجي لاءِ نهايت خوشي ڏيندڙ تفريح آهن. سو به غمناڪ گهڙيءَ ۾، اِهو هيءُ هڪ ٻيو مثال آهي. جو اُن جي ٻي ڏينهن ٿي گذريو. هڪ ننڍڙي سونهري وارن واري ڇوڪري، جا ويهن ورهين جي هئي، سندس چهري مان جادوگري، عضون مان رعنائي ٿي نظر آئي. جنهن کي ڏسي جيڪر تنهنجو وات پاڻي پاڻي ٿي وڃي. هڪ پوڙهي راهب وٽ آئي. هن مٿو جهڪائي، سرگوشي ۾ پنهنجي گناهه جو اعتراف ڪيو، راهب کيس واڪو ڪري چيو، ته آهي مقدس مريم! ڇا ٻڌي رهيو آهيان؟ تون اڳ ۾ هڪ ماڻهو سان ڦاسي چـُـڪي هئين نه؟ ۽ هاڻي اُهو ماڻهو نه آهي، اِهو تنهنجو حال، ڪيترو وقت هلندو. ڇا توکي هن لاءِ شرم نه ٿو اَچي؟ اُن گنهگار ڇوڪري. ڳوڙها وهائيندي تحمل سان کيس چيو ته اي! مقدس پيءُ هيءَ حقيقت لذت بخش آهي ۽ اُن ۾ ڪا به زحمت ڪانه آهي. هيءُ جواب عجب ڏيندڙ هو. مان پوئتي هٽي ويس، جيڪڏهن تون پسند ڪرين ته فطرت جي پڪار، جا خود معصوميت کان بهتر هئي. مان خيال ڪيو ته اُتان هليو وڃان، ايتري ۾ مان ٻڌو ته هو راهب، ساڻس ملاقات لاءِ شام جو وقت مقرر ڪري رهيو هو. جيتوڻيڪ هو بيحد پوڙهو هو. هو اُن گهڙيءَ ۾ ڪري پيو! هيءُ فطرتي هو، ڇو ته هو پوڙهو پنهنجي فطرت جي صداقت کي پيش ڪري رهيو هو، ڇو تون وري پنهنجي نڪ کي مروڙي رهيو آهين؟ وري ڪاوڙ ۾ اچي ويو آهين. مون کي خبر نه ٿي پئي، ته مان توکي ڪهڙي ريت راضي ڪريان؟

مون کي اَڪيلو ڇڏ، تون منهنجي دماغ تي، هڪ خوفناڪ خواب جي صورت ۾ ڌڪ هڻي رهيو آهين.

ايون دردمنداڻي لهجي ۾ روئڻهارڪو ٿي ڪنجهندي چيو، هو پنهنجي دعويدار جي سامهون بي يار بڻجي چڪو هو. مان توکي ڪجهه ڏيئي، ڪڍي ڇڏڻ لاءِ تيار آهيان.

 ”مان وري به دهرايان ٿو، ته پنهنجي اُميدن کي نرم ڪر. مون کان ڪنهن به عظيم ۽ شاندار شيءِ جي تقاضا نه ڪر، تون ڏسندين ته اسان پاڻ ۾ ڪيڏو نه ساز ۽ سلوڪ سان هلون ٿا. هيءُ لفظ اُن سکر ماڻهو مؤثر اَنداز ۾ چيا. تون سچ پچ مون تي ڪاوڙ ۾ آهين. ڇاڪاڻ ته مان تو وٽ سرخ روشني ۾ کنوڻ ۽ گجگوڙ ۽ شعلي جهڙي پرن سان آيو آهيان. پر مان پاڻ کي وڻندڙ نموني ۾ پيش ڪيو آهي. پهريائين ته تون پنهنجي حسن پسنديءَ جي جذبن کان زخمي آهين ۽ ٻيو تنهنجو غرور آهي. تون ڪهڙي عظيم انسان کي، هڪ بازاري ۽ بيهودو شيطان ڪهڙيءَ ريت مـِـلي سگهي ٿو. هائو تو ۾ رومانوي زور آهي. جنهن کي بلينسڪي کـِـل جهڙو سمجهي ٿو. منهنجا نوجوان انسان! منهنجو هن ۾ ڪو به وس نه آهي. مان جيئن توڏي اَچڻ لاءِ تيار ٿيو هوس. مون کي مذاق ٿي سجهيو ته هڪ ملازمت کان موٽيل جنرل جي صورت ۾ اچان، جنهن ڪوهه قاف ۾ ملازمت ڪئي هئي. کيس ”اسٽار آف لائن ائنڊ سن“ (شينهن ۽ سج جو نشان) جو اعزاز حاصل هو. پر مون کي ايئن ڪندي خوف ٿيو. ڇاڪاڻ ته تون مون کي شينهن ۽ سج جي اعزاز کي ڪوٽ تي هڻڻ سبب چڱي مـَـتِ ڏني هئي. اُن کان سواءِ مون کي قطب تارو يا ٽيڙو پنهنجي ڪوٽ تي هڻڻ کپندو هو. تون مون کي چوندو رهيو آهين، ته مان بيوقوف آهيان، توکي اَسان تي رحم ڪرڻ کپي! مان ذهني حالت ۾ توسان برابري جي دعويٰ نه ٿو ڪري سگهان. مينٽا فليس (شيطان) کي فاسٽ چيو هو، ته هو بـَـدي چاهي ٿو. پر هن فقط نيڪيءَ جو عمل ٿي ڪيو. ٺيڪ آهي، کيس جيئن وڻي تيئن چوي، پر اِهو منهنجي سراسر خلاف آهي. مان شايد هن ساري خلقت ۾ اڪيلو آهيان، جنهن کي صداقت سان محبت آهي ۽ فطرتاً نيڪي سان چاهه اٿم، مان ان وقت اُتي هوس جڏهن حضرت مسيح صليب تي فوت ٿي ويو ۽ آسمان ڏي پنهنجي سيني سان هڪ شرمسار چور جي روح کي لائي اُڏاميو هئو. ملائڪن جي شوق ۽ سرور جي آواز کي، جي خدا جي حمد ڳائي رهيا هئا. ۽ سندن گجگوڙ جهڙي ترانن جي صدائن کي، جنهن کان آسمان ۽ زمين ڏڪي رهيا هئا. ٻڌو هئم. مان اُنهن سڀني مقدس شين جو قسم کڻي چوان ٿو، ته منهنجي زبان مان نڪرڻ وارو لفظ هو...... پر تون ڄاڻين ٿو ته منهنجي خواهش هئي ته مان خدا جي حمد ۾ انهن سڀني سان شريڪ ٿيان. مان ڪيتري قدر نه زود حسن ۽ حـُـسن پرستيءَ جو تاثر رکڻ وارو آهيان، پر عام فهم حقيقت موجب، هيءَ هڪ ناخوش ۽ امتيازي شيءِ منهنجي ڪردار جي هئي، جنهن مون کي روڪي ورتو ۽ اُها ساعت گذري وئي! مان خيال ڪيو ته اِئين ڪرڻ سان ڇا ٿئي ها؟ منهنجي حمد کان پوءِ ڪهڙو نتيجو نڪري ها؟ زمين تي سڀ شيءِ اُجهامي وڃي ها ۽ ڪو به حادثو وري ظهور ۾ نه اچي ها. اُن ڪري مان پنهنجي فرض جي ڪري ۽ جيڪو منهنجو سماجي رتبو آهي، مان اُنهيءَ بهترين گهڙين کي ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجي گمراهه ڪندڙ عمل کي چنبڙي پيس. هرڪوئي هن ڳالهه کي مٿانهون سمجهي ٿو، جا ان لاءِ چڱي آهي. پوءِ منهنجي لاءِ گمراهه ڪندڙ شيءِ کان سواءِ، ٻي ڪا بهشتي نه رهي، پر منهنجي اِها آرزو نه آهي ته ٻين جي مدد سان حياتي گذاريان. مان حريص ۽ جاهه طلب نه آهيان. مان ڇو، هن سڄي دنيا جي آباديءَ ۾ خوار ۽ خراب آهيان ۽ شريف انسانن وٽ هڪالڻ جي لائق آهيان. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن مان غير فاني طرح ظاهر ٿيان، ته مون لاءِ به ضروري نه آهي ته ڪڏهن ڪڏهن، اِهي نتيجا به ڀوڳيندو رهان؟ مان بيشڪ ڄاڻان ٿو، ته هن ۾ هڪ راز آهي. پر نه ٿا چاهيون ته اهو مون تي کوليو وڃي، ڇاڪاڻ ته جڏهن حقيقتن کان واقف ٿيندس ته خدا جي حمد جو ترنم شروع ڪري ڏيندس. جڏهن انڪار وچان مان هليو ويندس. تڏهن سراسر عقل جي حڪمراني هوندي ۽ ضروري آهي ته هر شيءِ پنهنجي انجام تي پهچي، ايتري قدر جو رسالا ۽ اخبارون به ختم ٿي وينديون، ڇو ته ڪير هوندو، جو انهن ۾ حصو وٺندو. مان ڄاڻان ٿو ته سڀ ڪنهن شيءِ جي انجام کان پوءِ، مون کي به نجات ملي ويندي. مان به چئني طرفن کان اربن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي پهچي سڄي راز کي ظاهر ڪري ڇڏيندس. پر جيستائين ايئن نه ٿيو آهي، مان ڏک ۾ آهيان ۽ پنهنجي مقدر کي پورو ڪري رهيو آهيان، جيتوڻيڪ اُهو اُن جي دائي جي حالت ۾ خلاف آهي. يعني، هڪ کي بچائڻ لاءِ، هزارن کي نابود ڪرڻو ٿو پوي ۽ ڪيترن مان هڪ بااُصول ۽ بامقصد انسان کي بچائڻ لاءِ ڪيترن ئي روحن کي برباد ڪرڻو ٿو پوي ۽ ڪيترين ئي شهرت وارين هستين کي تباهه ڪرڻو پوي. اُن جو مثال ايوب آهي، جنهن کي قديم زماني ۾ پنهنجي بيوقوفي جو شڪار ٿيڻو پيو هو. هائو، جيستائين راز ظاهر ٿئي، مون وٽ ٻن قسمن جي صداقت آهي. هنن جي حقيقت يعني اُن جهان جي حقيقت، جنهن کان مان واقف نه آهيان ۽ پنهنجي جهان جي حقيقت خير اُن جهان يا هن جهان، ٻنهي مان هيءُ معلوم ٿي نه سگهيو آهي ته ڪهڙي هنن ٻنهي مان بهتر آهي، تون ننڊ ۾ ته نه آهين؟“

 ”اِيئن ٿي سگهي ٿو“ ايون ڪاوڙ مان چيو. ”مان خيال ٿو ڪريان ته اُهي احمقاڻا  فڪر جنهن کي منهنجو ذهن گهڻي وقت کان اڳ ۾ هضم ڪري چـُـڪو آهي ۽ اُن خرابيءَ کي دور ڪري چڪو آهي. تون وري هاڻي نئين خوراڪ ڏئي رهيو آهين.“

 ”مان توکي راضي نه ٿو ڪري سگهان. مان خيال ٿي ڪيو ته مان توکي پنهنجي جاذب ڳالهين سان جذب ڪري وٺندس، آسمان ۾ خدا جي حمد جو نغمو، خراب ته نه هو، ڇا هيو؟ اُن کان پوءِ هنن جو هـُـو طعنه آميز آواز.“

مان، ڪڏهن به اِهڙو خوشامدي نه آهيان، اِهڙي حالت ۾ منهنجو روح تو وانگر خوشامد بڻجي نه سگهندو.

 ”منهنجا عزيز دوست! مان هڪ نازنين ۽ پرڪشش نوجوان روسي سکر ماڻهو کي ڄاڻان ٿو. هو نوجوان، مفڪر ۽ اديب ۽ فن جو وڏو دلداده آهي. هو هڪ مقبول عظيم ڪليسا جو عظيم محتسب، واري نظم بابت ڳالهائڻ کان سواءِ خيال ڪندو رهان ٿو! مان توکي ڪليسا جو عظيم محتسب واري نظم بابت ڳالهائڻ کان منع ڪريان ٿو.“  ايون زور سان چيو، شرمندگي کان سندس رنگ سـُـرخ ٿي ويو.

 ” ۽ توکي اُها زميني لرزش، ياد آهي؟ اُن کي چڱو نظم چئي سگهجي ٿو.“

 ”پنهنجي زبان کي روڪ، نه ته ٻي صورت ۾ توکي ماري ڇڏيندس.“

تون مون کي ماري ڇڏيندين؟ معاف ڪج، مان ڳالهائيندو ئي رهندس. مان هت آسودگي ۽ راحت کي حاصل ڪرڻ جي خيال کان آيو هوس. اڙي مان پرجوش نوجوان دوستن جي خواب کي محبت جي نگاهه سان ڏسندو آهيان، جيڪي زندگي جي لاءِ انتظار کان ڏڪندا رهندا آهن. ”نوان انسان!“ تو گذريل بهار ۾، اُن جي متعلق فيصلو به ڪيو هو. تنهنجو مقصد هو ته جڏهن تون هتي ايندين، تڏهن هو هر شيءِ کي برباد ڪري، آدمخوريءَ جو مظاهرو ڪندا. بيوقوف انسان! هنن مون کان صلاح ئي نه پڇي! مان ته هميشه اِيئن چاهيندو آهيان، ته ڪا به ضرورت برباد نه ٿي. اَسان ته فقط اِهو ئي چاهيندا آهيون ته خدا جو تصور انسان وٽ تباهه ٿئي. شيطان جو اِهو ئي ته ڪم آهي، اِها ئي شيءِ آهي، جنهن سان اَسان پنهنجي ڪارروائي جي ابتدا ڪندا آهيون. انسان خدا جا منڪر بڻجي ويندا ۽ مون کي يقين آهي ته اُهو زمانو، جو طبقات الارض جي زمانن سان مشابهت ٿو رکي، ايندو ۽ گذري ويندو. پراڻو ڪائنات جو نظريو، بنا ڪنهن آدمخوريءَ جي ختم ٿي ويندو. اُها قديم اخلاقي نوعيت ۽ ٻي شيءِ نئين بڻجي ويندي. ماڻهو پنهنجي زندگاني کان اُهي سڀ شيون حاصل ڪندا، جا کين ڏئي سگهندي. پر اِها فقط دنياوي خوشي هوندي. انسان هڪٻئي سان اتحاد ۽ اتفاق جا هٿ وڌائيندا، تان جو هو زندگي کان پورو پورو فائدو حاصل ڪري سگهن. هو نيڪ بختي ۽ اُن جي لذت کي، هن جهان ۾ پنهنجي توجهه جو مرڪز سمجهندا. انساني روح کي سندس خودي، الوصيت جي رتبي تي پهچائيندي. انسان پنهنجي پختي اِرادي سان، پنهنجي طبعيت تي قبضو ڪري وٺندو. ۽ هيءَ فتحمندي ايتري لذت واري هوندي، جو درجي بدرجي اڳين اُميدن جي روشني ۾ زميني مسرت جي جانشين بڻجي ويندي. هرڪو هن حقيقت کان واقف ٿي ويندو، ته مرڻو آهي ۽ موت کي تحمل ۽ سنجيدگيءَ سان قبول ڪيو ويندو. انساني خودي کيس باور ڪرائيندي ته پنهنجي زندگي جي ڪوتاهي بابت ڪا به شڪايت نه ڪري، پر اِهو ڪوتاهيءَ جو احساس، سندس ذوق جي شعلي کي ويتر تيز ڪندو. پنهنجي ڀائرن کي ڪنهن به انتظار کان سواءِ دوست ئي سمجهندو ۽ عشق جي صورت فقط لذت تائين محدود نه هوندي. هن شعلي جو مرڪز عشق جاوداني جي اميد رقبي جي کٽڪي کان سواءِ هوندو..... اِهڙي ريت ۽ اهڙي نموني انسان اڳتي وڌندو رهندو، جو نهايت دلپذير هوندو.

ايون زمين ڏي اکيون جهڪائي ويٺو رهيو. هن پنهنجي هٿن سان ڪنن کي ڇڪيو، پر هو مٿي کان وٺي پيرن تائين ڏڪڻ لڳو. آواز مسلسل ايندو رهيو.

منهنجا نوجوان مفڪر، پر ايئن ٿي به سگهي ٿو ته اِهڙو دور ايندو؟ جيڪڏهن ايئن ٿيو، ته هرڪا شيءِ ترتيب ۾ هوندي ۽ انسانيت پنهنجي مقام تي آسودي ٿي ويندي، پر جيئن ته انسان جي اندر جهالت جو پراڻو مرض موجود آهي، اِهڙو دور گهٽ ۾ گهٽ هزار ورهين جي اندر ته اچي نه ٿو سگهي، اُهو شخص جو صداقت کي سڃاڻي ٿو، هاڻي به جائز طرح، جيئن سندس خواهش هجي، زندگيءَ کي موڙي سگهي ٿو ۽ نوان اُصول اختيار ڪري سگهي ٿو. هن فهم موجب هرڪا شيءِ قانوني آهي. اَڃا به وڌيڪ، جيڪڏهن هي دور گذري نه ٿو سگهي، ۽ جيئن ته هتي نه خدا آهي نه غيرفاني، ته نئون ماڻهو ديوتا بڻجي سگهي ٿو. پوءِ ڇو نه هو سڄي دنيا ۾ اڪيلو هجي، جيڪڏهن هو پنهنجي مقام کان وڌي ٿو ته هو پنهنجي نرم دليءَ سان قديم غلام جي قديم اخلاق جي حدن کي ٽوڙي ڇڏي ٿو، ڇاڪاڻ ته خدا لاءِ ڪو به قانون نه آهي. جتي به خدا آهي، اُهو مقام پاڪ آهي. جتي مان بيٺو آهيان، اُهو هڪدم خاص الخاص ۽ نمايان مقام بڻجي ويندو...... سڀئي شيون قاعدي واريون آهن. ۽ اِها ئي اُن جي پڄاڻي آهي. هيءُ سڀ دلڪش حقيقتون آهن. پر جيڪڏهن تون چاهين ٿو، ته ڌوڪو ڏئين ته تون اُن جي عمل لاءِ اخلاق جي منظوري ڇو ٿو وٺين. پر هتي جاڏي ڪاڏي اسان جا جديد روسي موجود آهن، هو اخلاقي منظوري کان سواءِ ڪڏهن به ڌوڪو نه ڏيندا. کين صداقت سان وڏي محبت آهي ۽ صداقت خدا آهي. ملاقاتي وضاحت سان پنهنجي فصاحت کي ظاهر ڪندو رهيو. هو زور سان ڳالهائيندو رهيو ۽ ملامت سان پنهنجي ميزبان کي ڏسندو رهيو. ايئن معلوم پئي ٿيو، ته هو پنهنجي گفتگوءَ کي بند نه ڪندو. ايون اوچتو گلاس کي ميز تان کنيو ۽ اُن فصيح ڏانهن اُڇلائي ڏنو.

پوئين رڙ ڪري کيس چيو ته هيءَ تنهنجي زيادتي آهي، هو ٽپو ڏئي صوفي تان اُٿيو ۽ پنهنجي ڪپڙن تان چاءِ جا ڦڙا ڇنڊڻ لڳو. ”هن کي لوٿر جي مس ڪـُـپڙي ياد آئي. هي ان کي خواب به سمجهي ٿو ۽ خواب تي گلاس به ٿو ڦٽو ڪري. هيءُ ته عورت جي ڪردار جهڙو آهي. مون کي گمان هو ته تون مڪر ڪري پنهنجي ڪنن کي بند ڪري رهيو هئين.

اوچتو هڪ زور دار کڙڪو دريءَ تي ٿيو، ايون صوفي تان ٽپو ڏئي اُٿيو.

ملاقاتي کيس چيو ته ”ٻڌين ٿو. توکي دري کولڻ کپي. هيءُ تنهنجو ڀاءُ اليوشا آهي، جنهن وٽ نهايت دلچسپ ۽ عبرت ۾ وجهندڙ خبرون آهن، مون کي وڃڻ کپي.

فريبي، خاموش رهه! مون کي خبر آهي ته اليوشا آهي.مان محسوس ڪيو ته هو ايندو بيشڪ هو اجايو نه آيو هوندو، هو ڪي خبرون کڻي آيو هوندو، ايون ڪاوڙ مان چيو.

کول، کول، هن جي لاءِ کول. ٻاهر برف جو طوفان گهـُلي رهيو آهي ۽ هو تنهنجو ڀاءُ آهي.

کڙڪو مسلسل ايندو رَهيو، ايون چاهيو ٿي ته دريءَ ڏي ڊوڙي وڃي، پر ڪنهن سندس ٻانهن ۽ ٽنگن ۾ زنجير وجهي ڇڏيا هئا. هـُـن ڪوشش ڪئي ته زور سان انهن زنجيرن کي ڀڃي، پر سڄي ڪوشش اَجائي هئي. دري تي کڙڪو زور کان زوردار ٿيندو رهيو. آخر اِهي زنجير ٽٽي پيا ۽ ايون صوفي تان ٽپو ڏئي اُٿيو. هن وحشياڻي نموني پنهنجي چوڌاري ڏٺو. ٻئي ميڻ بتيون گهڻو ڪري ٻري چڪيون هيون. گلاس جو تازو، اُن ملاقاتي کي هنيو هيائين، اُهو ميز تي رکيو هو. سندس سامهون صوفي تي ڪو به موجود نه هو. دريءَ جي طاق تي کڙڪو وڌندو ٿي ويو. پر هـُـو ايترو زور وارو نه هو، جو هن خواب ۾ ٻڌو هو، پر اُن جي خلاف هاڻي خاموشي هئي.

 ”هيءُ خواب نه هو! مان قسم کڻي چوان ٿو اِهو خواب نه هو.“  ايون زور سان چيو. هو پوءِ دريءَ ڏي ڊوڙيو ۽ اُن جي چرندڙ طاق کي کوليائين.

اليوشا، مان توکي چيو هو، ته مون ڏي نه اچجانءِ. هن خطرناڪ نموني ۾ پنهنجي ڀاءُ کي چيو. فقط ٻن لفظن ۾ ختم ڪر. توکي ڇا چوڻو آهي. فقط ٻن لفظن ۾ ٻڌين ٿو نه؟

هڪ ڪلاڪ ٿيو. سميرڊياڪوف پاڻ کي ڦاهو ڏئي ماريو آهي. اليوشا اڱڻ مان کيس جواب ڏنو.

ڏاڪڻ ڏي ڦري اچ مان دروازو کوليان ٿو. ايئن چئي ايون، اليوشا جي لاءِ دروازو کولڻ ويو.

 

dc

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org