سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: ڪرامازوف ڀائر

(ڀاڱو ٻيو)

حصو ٻيو

صفحو :7

 

حصو ٻيو

 

اِبتدائي

 

جاچ

 

باب پهريون

پرهوٽين جي خدمت جي ابتدا

پيوٽراليچ پرهوٽين، جنهن کي اَسان بيواهه موروزوف جي گهر جي بند ٿيل دروازي کي کڙڪائيندي ڇڏيو هيوسين، پنهنجو کڙڪو بند ڪري ڇڏيو هو، ڇاڪاڻ ته اُن جو آواز ٻـُـڌو ويو هو. فينا جا اَڃا تائين خوف کان گهٻرايل هئي، اُها بيزاريءَ سان بستري تي وڃڻ لاءِ تيار هئي، جو اوچتو دروازي تي جوش وارو کـُـڙڪو ٻـُـڌي خوف کان چرين وانگر بڻجي وئي. هن سمجهيو ته دمتري فيودورپاولووچ وري موٽي آيو آهي. جيتوڻيڪ هـُـن خود کيس ويندي ڏٺو هو. کيس پـَـڪ هئي، ته اِهڙو وحشياڻي طرح دروازي کڙڪائڻ وارو، اِهوئي ٿي سگهي ٿو. هوءَ گهر جي چوڪيدار ڏي ڀڳي، جو اڳ ۾ئي جاڳيو ۽ دروازي ڏي هليو ويو هو. هن کيس زور ڀريو ته هـُـو ڪنهن ضروري معاملي بابت فينا سان ڳالهائيندو. چوڪيدار آخر فيصلو ڪيو، ته هـُـو دروازو کوليندو. پيوٽر کيس اجازت ڏني، ته فينا جي رڌڻي ۾ وڃي. پر فينا کي دمتري کان اِجازت وٺڻ گهرجي، ته سندن گفتگو وقت چوڪيدار به حاضر رَهي. ڇاڪاڻ ته کانئس، ان کان  خوف پئي ٿيو. هـُـن فينا کان گهڻائي سوال پڇيا ۽ يڪدم موتمار حقيقت تائين وڃي پهتو. اُها هيءَ حقيقت هئي، ته جڏهن پهريون ڀيرو دمتري، گروشينڪا کي ٻاهر ڳولڻ لاءِ ويو ٿي، ته اُتان هاون دستو کڻي ويو هو. پر جڏهن هيءُ موٽي آيو، ته اِهو دستو وٽس موجود نه هو ۽ سندس هٿ رُت ۾ رڱيل هئا.

رت ڄڻ ته سندس هٿن مان وهي رَهيو هئو. فينا هيءَ حقيقت بيان ڪري رَهي هئي، پر جيئن فينا جو سڄو خيال ئي وائڙو هو، هـُـن اِيئن سمجهيو ٿي، ته دمتريءَ جي هٿن مان رت وهي زمين تي ٿي ڪـِـريو. پر اِئين نه هو. هيءَ سندس خوف گڏيل فڪر جو جـُـڙتو وهم هو. پيوٽراليچ، خود اُن جي هٿن کي ڏٺو هو، جن تي رت جا داغ موجود هئا ۽ هن کيس هٿن ڌئارڻ ۾ مدد به ڪئي هئي. وٽس هاڻي هي سـِـوال نه هو، ته خيال ڪري ته سندس رت هاڻا هٿ ڪڏهن سـُـڪا، پر کيس فڪر هو، ته اُن دستي سان دمتري فيودورپاولووچ ڪيڏانهن ويو هو؟ ڇا سچ پچ هـُـو فيودورپاولووچ ڏي ويو. هـُـو اُن بابت به ڪهڙي ريت خاطري ڪري ٿي سگهيو. پيوٽراليچ پنهنجي نقطـِّه خيال ڏانهن موٽڻ ٿي گهريو. جيتوڻيڪ هـُـو ڪنهن به نتيجي تي پهچي نه سگهيو هو، پر ضرور هن پيروي تي هو ته دمتري فيودورپاولووچ ٻيو ڪاڏي نه ويو آهي، پر پنهنجي پيءُ جي گهر ڏانهن. اُتي ضرور ڪجهه حادثو ٿيو آهي.

جڏهن هـُـو وري ٻيو ڀيرو موٽي آيو، ته فينا ڪهاڻي ٻڌائيندي چيو، ته مان کيس سموري ڳالهه ڪري ٻـُـڌائي ۽ تنهن کان پوءِ مان کانئس سوال ڪرڻ لڳس، ته تنهنجي هٿن تي، هيءَ رت ڪٿان آيو؟ هن جواب ڏنو ته هيءُ انساني خون آهي ۽ هن هاڻي ڪنهن ماڻهوءَ کي ماريو آهي. هن مون وٽ سڄي قبوليت ڏني ۽ هڪ پاڳل ماڻهوءَ وانگر، مون وٽ ڊوڙندو آيو. مان ويهي رَهيس ۽ خيال ڪرڻ لڳس ته خبر نه آهي، ته هاڻي اَلائجي ڪيڏانهن ويندو؟ مان سوچيندي، سمجهيو، ته هيءُ هاڻي ماڪرو ويندو ۽ منهنجي مالڪياڻيءَ جو به خون ڪندو. مان اُتان ڊوڙيس ته کيس عرض ڪريان، ته منهنجي مالڪياڻي کي نه ماري. مان سندس رهڻ واري جاءِ ڏي ٿي ويس، پر راهه ۾ پلاٽينڪوف جي دڪان تي ڏٺم، ته هـُـو اُن ۾ گهڙي وڃي رهيو  آهي ۽ اُن وقت سندس  هٿن تي ڪوبه رت جو نشان موجود نه هو. (فينا کيس ڏٺو هو ۽ کيس پوري ريت ياد هو.) فينا جي پوڙهي ڏاڏي به هن شاهديءَ کي جيتري قدر سندس يادگيري هئي، تصديق ڪئي. ٻين ڪن سوالن جي پڇڻ کان پوءِ، پيوٽراليچ گهر ڇڏي ويو. هـُـو، هن وقت، گهر ۾ گهڙڻ واري پهرئين حالت کان به وڌيڪ پريشان ۽ بي آرام ٿي ڏٺو.

سڀ کان وڌيڪ سنئين سـِـڌي ۽ آسان شيءِ، هن لاءِ اِها هئي، ته سـِـڌو فيودورپاولووچ ڏي وڃي ۽ معلوم ڪري ته اُتي ڪو واقعو ته نه ٿيو آهي ۽ جيڪڏهن ڪو ٿيو آهي، ته اُهو ڇا آهي؟ جڏهن کيس واقعي جي اهميت پوري ريت معلوم ٿي، ته هـُـن پختو اِرادو ڪيو، ته هـُـو پوليس ڪپتان ڏي هليو وڃي. پر رات جي اونداهي هئي ۽ فيودورپاولووچ جا دروازا نهايت مضبوط هئا، اُن ڪري کيس دروازو کڙڪائڻو ئي پوندو. سندس واقفيت فيودورپاولووچ سان معمولي هئي. اِنهيءَ ۾ ڇا آهي، هـُـو دروازو کڙڪائيندو ۽ هـُـو کوليندا. پر جيڪڏهن اُتي ڪجهه نه ٿيو هوندو، ته فيودورپاولووچ پنهنجي ٽوڪ بازيءَ جي نموني، سڄي شهر ۾ پکيڙي ڇڏيندو ته هڪڙو اجنبي پروهيٽن نالي، اَڌ رات جو وٽس هلي آيو هو، ته کيس ڪنهن قتل ته نه ڪيو آهي! هيءَ ناحق بدنامي ٿيندي ۽ پيوٽراليچ وري جهان ۾ بدناميءَ کان سواءِ ٻي ڪنهن شيءِ کان نه ٿي ڊنو.

پر هن کي جو احساس جو جذبو هو، اُهو ايڏو ته مضبوط هو، جو جيتوڻيڪ هـُـو پنهنجو پير ڪاوڙ مان زمين تي هڻي رهيو هو ۽ پاڻ سان قسم کڻي رهيو هو، ته هن حقيقت کي معلوم ڪرڻ گهرجي. هـُـو وري تيار ٿي هليو. فيودورپاولووچ ڏي نه، پر بيگم هائلڪوف ڏي. هن خيال ڪيو، ته جيڪڏهن اُن دمتريءَ کي ٽي هزار روبل ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي، ته هـُـو سڌو پوليس ڪپتان ڏي هليو ويندو، پر جيڪڏهن هن اِها ڳالهه قبول ڪئي، ته کيس اِها رقم ڏني اَٿس، ته پوءِ هـُـو پنهنجي گهر موٽي ايندو. ڀلي ته صبح تائين هيءُ معاملو پيو رَهي.

پر هيءَ نهايت مشڪل ڳالهه هئي، ته هـُـو گهڻي بدنامي پنهنجي سر تي کڻي ته يارهين بجي رات جو هڪ فيشنبل بيگم وٽ وڃي، سو به پوري ريت اَجنبي! کيس ننڊ مان اُٿاري ۽ عجب ۾ وجهندڙ سوال پڇي. اِنهيءَ کان چڱو آهي، ته فيودورپاولووچ وٽ وَڃي، پر هي سڄو معاملو ڪجهه اِهڙي قسم جو هو ۽ خاص ڪري هن جهڙن واقعن ۾ بلغمي مزاج وارو باقاعده ڪوبه فيصلو ڏئي نه سگهندو آهي. پيوٽرايليچ، اُن گهڙيءَ ۾ بلغمي مزاج وارو ته نه بڻجي ويو هو، پر کيس ياد ٿي آيو، ته ڪيئن نه خائف ڪندڙ، پريشاني، هوريان هوريان، کيس پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو هو ۽ جو آهستي آهستي عذاب ڏيندڙ ٿيندو ٿي ويو ۽ کيس سندس مرضيءَ جي خلاف ڀڻڪائي رهيو هو. پر هـُـو سڄي واٽ پاڻ کي، بيگم وٽ وڃڻ  لاءِ، بددعائون ڏيندو ٿي ويو.  ”پر مان هن جي تهه تائين ويندس.“  هن اِهو جملو ڏهه ڀيرا ورائي ورائي ٿي چيو. هـُـو پنهنجا ڏند ڪرٽي، پنهنجي دل جي راءِ کي ظاهر ڪري رَهيو هو.

اُن وقت پورا يارنهن ٿيا هئا، جو هـُـو بيگم هائلڪوف جي گهر وٽ پهتو. کيس گهر جي اڱڻ ۾ داخل ٿيڻ جي جلد ئي اِجازت ملي وئي. پر هـُـو جاچ جي خيال کان سوچي رَهيو هو، ته هوءَ جاڳي به ٿي يا نه؟ چوڪيدار اُن بابت ڪوبه جواب ڏئي نه ٿي سگهيو، پر هـُـن کيس فقط اِهو ٻڌايو ته هوءَ دستور موجب پنهنجي بستري ۾ آهي.

 ”تون مٿي ڏاڪڻ تي وڃي پڇا ڪر. هوءَ جيڪڏهن توسان ملڻ گهرندي ته ملندي. پر جيڪڏهن هـُـن نه ملڻ چاهيو ته بس.“

پيوٽرايليچ  مٿي ته چڙهي ويو، پر هتي کيس ڪابه سولائي نظر نه آئي. پيادو سندس نالو ٻڌائڻ لاءِ تيار نه هو، پر هن هڪ ڇوڪريءَ کي سڏي ورتو. پيوٽر نهايت نرميءَ سان پر زور ڏيندي عرض ڪيو، ته هوءَ، بيگم کي ٻڌائي ته شهر جو هڪ سرڪاري آفيسر جنهن جو نالو پروهيٽن آهي، ڪنهن ضروري ڪم جي لاءِ وٽس ملڻ لاءِ آيو آهي. جيڪڏهن اِهو خاص نه هجي ها، ته هيءُ ڪڏهن به نه اَچي ها.  ”مهرباني ڪري اِهي ئي لفظ کيس چئج.“

هوءَ هلي وئي، ۽ هيءُ لنگهه وٽ اُن جو انتظار ڪرڻ لڳو. بيگم هائلڪوف اڳ ۾ ئي پنهنجي سمهڻ واري ڪوٺيءَ ۾ هئي ۽ کيس اَڃا ننڊ نه آئي هئي. هوءَ مـِـتيا جي ملاقات کان پوءِ، وياڪل هئي.  هوءَ طبعيت جي حالت مان سمجهي وئي هئي، ته سندس رات مٿي جي سور کان ڏاڍي ڏکي گذرندي. هاڻي ته هن سور سان گڏ، کيس جوش به هو. هوءَ هن اطلاع تي عجب ۾ پئجي وئي. هن غصي مان ساڻس ملڻ کان انڪار ڪيو. ڇاڪاڻ ته رات جي وڳڙي ۾، شهر جو سرڪاري ڪامورو، ساڻس ملاقات ڪرڻ اَچي، سو به قطعي اجنبي، هن جي دل ۾، زناني پريشاني ۽ عجب کي پيدا ڪيو. پر هن ڀيري پيوٽر ايلووچ، خچر وانگر نٺر بڻجي ويو.  هن وري به ملازمه کي عرض ڪيو، ته اڳين لفطن سان گڏ ٻيو به نياپو کڻي وڃي ته:

 ”هـُـو نهايت ضروري ڪم سان آيو آهي. جيڪڏهن هوءَ هاڻي کيس نه ملندي ته پوءِ کيس بيحد ڏک ٿيندو.“

بعد ۾ هن بيان ٿي ڪيو، ته  ”اُن رات، هـُـن پوريءَ ريت جوکم  پنهنجي سر تي کنيو هو.“

ملازمه، کيس عجب مان ڏسندي رَهي ۽ پوءِ هوءَ وري پيغام کڻي وئي. بيگم هائلڪوف تي اَثر پيو. هـُـن ٿورو خيال ڪيو ۽ ملازمه ڇوڪريءَ کان سندس شڪل ۽ صورت پڇيائين. جڏهن خبر پيس ته هو چڱي پوشاڪ پهريل آهي ۽ نوجوان ۽ اخلاق وارو  آهي، تڏهن ڪجهه سوچڻ لڳي. اَسان کي هتي هيءُ ياد رکڻ گهرجي، ته پيوٽر چڱو سهڻو ۽ نوجوان هو. آخر بيگم هائلڪوف سندس ملاقات لاءِ دل ٻڌي. هـُـوءَ ڊگهي قبا ۽ سليپر ۾ هئي، پر هن پنهنجي ڪلهن تي هڪ ڪاري شال وجهي ڇڏي. ’آفيسر‘ کي چيو ويو، ته ملاقاتين جي ڪمري ۾ ترسي. هيءَ اُها ساڳي ڪوٺي هئي، جنهن ۾ مـِـتيا ساڻس گڏيو هو. بيگم ملاقاتي سان ملڻ لاءِ آئي. سندس چهرو سخت ۽ معلومات ڄاڻڻ وارو ٿي ڏٺو. کيس ويهڻ جي آڇ ڪرڻ بدران، هوءَ کانئس هڪٻئي پٺيان سوال پڇندي وئي.

 ”توکي ڇا کپي؟“

 ”مان اوهان جي آرام ۾ خلل وڌو آهي بيگم. مون کي دمتري فيودورپاولووچ جي ڪا حقيقت معلوم ڪرڻي آهي، جنهن سان اوهان جي ۽ منهنجي هڪجهڙي واقفيت آهي.“  پرهوٽين ڳالهائڻ شروع ڪيو.

پر هـُـن مشڪل سان، سندس نالو ورتو هو، جو بيگم جي چهري ۾ سخت غصي جون نشانيون ظاهر ٿيون. هن ذري گهٽ رڙ ڪئي ۽ جوش مان مداخلت ڪئي.

 ”مان ڪيستائين هن خوفناڪ ماڻهو لاءِ پاڻ کي پريشان رکنديس.“  هن جنون مان چيو. توکي اِهڙي همت ڪيئن ٿي آهي! تون هڪ اِجنبيءَ جي حيثيت ۾ هڪ عزت واري عورت جي آرام ۾ خلل وجهڻ آيو آهين. سو به سندس گهر ۾ ۽ هن اَويلي وقت ۾ ....... تون هڪ عورت تي زور آڻي رهيو آهين، ته تون اُن ماڻهو لاءِ ڳالهائين، جو هن ساڳي ملاقاتي ڪمري ۾، ٽي ڪلاڪ اڳ اِنهيءَ لاءِ آيو هو، ته منهنجو خون ڪري، پر زمين کي قدمن جا ڌڪ هڻندو هليو ويو. اِهڙي ريت ڪهڙو سکر ماڻهو، ڪنهن چڱي گهر مان ٻاهر وڃي سگهي ٿو. مان توکي ٻڌايان ٿي سائين، ته مان تنهنجي خلاف فرياد داخل ڪنديس. مهرباني ڪري هڪدم هليو وڃ ..... مان ماءُ آهيان، مان، مان .......“

 ”خون!، هـُـو تڏهن توکي به خون پيو ڪري؟“

 ”ڇا هن ڪنهن ٻئي کي خون ڪيو آهي؟“  بيگم هائلڪوف کانئس پريشانيءَ مان پڇيو.

 ”جيڪڏهن تون ٿوري وقت لاءِ بيگم ڌيان ڏئي ٻڌين، ته مان توکي ٻن لفظن ۾ سمجهائي ويندس.“  پرهوٽين کيس جواب ۾ چيو. اڄ پنجين وڳي شام جو دمتري فيودورپاولووچ، مون کان ڏهه روبل قرض ورتو هو. هيءَ حقيقت  آهي ته وٽس ڪوبه پيسو ڪونه هو. پر نائين بجي هـُـو مون کي ڏسڻ آيو، اُن وقت سندس هٿ ۾ سـَـوَ سـَـوَ روبل جي نوٽن جا ٿها هئا. مان سمجهان ٿو، ته ٻه يا ٽي هزار روبل هئا. سندس هـَـٿ ۽ چهرو رت سان ڀريل هو ۽ هـُـو پاڳلن وانگر نظر اَچي رهيو هو. جڏهن مان کانئس پڇيو ته اِهي پيسا ڪٿان آندا اَٿئي؟ تڏهن مون کي ٻڌايائين، ته اهي اوهان کان ئي مليا اَٿس. هن ٻڌايو ته اوهان کيس ٽي هزار روبل اِنهيءَ لاءِ ڏنا آهن، ته هـُـو سون جي کاڻين ڏانهن وڃي ......“

بيگم هائلڪوف جو چهرو ڳنڀير بڻجي ويو ۽ منجهس درد پيدا ڪندڙ جوش پيدا ٿيو.

 ”خدايا! هن ضرور پنهنجي پوڙهي پيءُ کي ماريو آهي.“  هن هٿن کي مهٽيندي چيو. مان کيس ڪوبه پيسو نه ڏنو آهي. ڪڏهن به نه! ڊوڙ، ڊوڙ، ...... ٻي ڳالهه نه ٻـُـڌاءِ! پوڙهي کي بچاءِ ..... ڊوڙ سندس پيءُ ڏي ڊوڙ .....!“

 ”مون کي معاف ڪر بيگم، تڏهن تو، کيس ڪجهه به نه ڏنو هو؟ توکي هيءَ حقيقت چڱي ريت ياد آهي، ته تو کيس ڪجهه به نه ڏنو هو؟“

 ”نه مان ڪجهه به کيس نه ڏنو هو. مان کيس ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو. جنهن کي هن پسند نه ٿي ڪيو. هـُـو ڏاڍي جوش مان، زمين تي پير هڻندو نڪتو هو. هـُـو مون تي حملو ڪري آيو هو، پر مان کانئس ترڪي ويس. مان هاڻي توکي سڀ ٻڌايان ٿي ۽ ڪجهه به توکان نه لڪائينديس ...... هن مون ڏي ٿـُـڪ اُڇلائي. ڇا توکي هن ڳالهه تي حيرت نه ٿي لڳي. پر اَسان بيٺا ڇو آهيون؟ .... مون کي معاف ڪر ...... ويهه ..... چڱو آهي ته تون ڊوڙ ۽ اُن مسڪين پوڙهي کي خوفناڪ موت کان بچاءِ!“

 ”پر جيڪڏهن، هـُـن اُن کي اڳ ۾ ماري ڇڏيو هجي ته.“

 ”خدايا، هائو! پر هاڻي اَسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ تون خيال ڪر ته هاڻي ڇا ڪرڻ کپي؟“

اُن وقت هن پيوٽرايليچ کي ويهڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ به ويهي رَهي. مختصر پر صاف طرح پيوٽرايليچ کيس سڄي معاملي جي تاريخ ٻڌائي. خاص اُهو حصو وضاحت سان ٻڌايائين. جنهن کي هن ڏٺو هو. هن کيس فينا سان سندس ملاقات جو ٻڌايو ۽ کيس همام دستي لاءِ به ٻـُـڌايائين. هن سڄي تفصيل، بيگم تي خوف طاري ڪري ڇڏيو. هوءَ منهن کي هٿ ڏئي رڙيون ڪرڻ لڳي.

 ”تون اعتبار ڪندين؟ مان اڳ ۾ ئي هيءُ سمجهي ورتو هو! مون وٽ اِهڙي خاص طاقت موجود آهي، جو مان جيڪو به خيال ڪندي آهيان، اُن کي عملي صورت ملي ويندي آهي. مان اَڪثر هن خوفناڪ ماڻهوءَ کي ڏسندي رهندي هيس ۽ خيال ڪندي هيس، ته هن ماڻهو جي پڄاڻي منهنجي موت سان ٿيندي ۽ هاڻي وري هيءُ ٿي پيو ..... يعني هن مون کي ته خون نه ڪيو، پر پنهنجي پيءُ کي به ماري وڌو. اهو ڪيئن ٿيو؟ اِها فقط خدا جي مهرباني هئي، جنهن مون کي پنهنجي حفاظت ۾ رکيو هو. وڌيڪ هيءَ به ڳالهه هئي، ته هـُـو مون کي قتل ڪري نه سگهي ها، ڇو ته مان کيس هڪ مقدس تعويذ ۽ شهيد ۽ ولي وار  وارا جي ڇڏيل نشانين مان سندس ڳچيءَ ۾ پاتو هو ..... تون خيال ڪري ڏس، ته مان اُن وقت ڪيتري نه موت جي قريب هيس. مان سندس ڀرسان به وئي هيس. هن پنهنجي ڳچي ڊگهي ڪري، مون کي ڏٺو به .... توکي خبر آهي پيوٽراليچ (مان سمجهان ٿي ته هـُـن پنهنجو نالو پيوٽراليچ ٻـُـڌايو هو) منهنجو ڪرامتن ۾ يقين نه هوندو آهي، پر هاڻي هن تعويذ منهنجي لڏندڙ اعتقاد کي ويتر لوڏي وڌو آهي ۽ مان هاڻي سڀ ڪنهن شيءِ کي مڃينديس، جنهن لاءِ تون چوين. تو ڪجهه مربي زوسيما لاءِ ٻڌو آهي؟ ...... پر مون کي خبر نه ٿي پوي، ته مان ڇا ڳالهائيندي وڃان ٿي ....؟ هيءَ عجب جهڙي ڳالهه آهي، ته اُن تعويذ جي باعث، هن مون ڏي فقط ٿـُـڪ اُڇلائي ..... هي سچ آهي ته هـُـن مون ڏي فقط ٿـُـڪ اُڇلائي ۽ مون کي خون نه ڪيو. هـُـو ٿاٻڙندو هليو ويو! پر اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ تنهنجو ڪهڙو خيال آهي؟“

پيوٽراليچ اُٿي بيٺو ۽ هن ظاهر ڪيو، ته هـُـو سـِـڌو پوليس ڪپتان ڏي وڃي رَهيو آهي ۽ کيس سڀ ڪجهه ٻـُـڌائي ڇڏيندو. پوءِ سندس مرضي  آهي، ته جيئن به ڪاروائي ڪري.

 ”اَڙي! هو نهايت سـُـٺو ماڻهو آهي. مهائيل ماڪرووچ. مان کيس سڃاڻندي آهيان. بيشڪ هيءُ ئي ماڻهو آهي، جنهن ڏي توکي وڃڻ کپي. ڪيتري قدر نه تون عملي ماڻهو آهين. تو ڪهڙي عمدي ريت هرهڪ ڳالهه کي سوچيو آهي. مان تنهنجي جاءِ تي هجان ها، ته ايڏاهين خيال ئي نه وَڃي ها.“

 ”خاص طرح جڏهن ته پوليس ڪپتان نهايت عمدو ماڻهو آهي.“  پيوٽرالووچ خيال ڪرڻ لڳو، جو اَڃا اُتي بيٺو هو ۽ خاص طرح اِنهيءَ انتظار ۾ هو، ته تڪڙو نڪري وڃي ۽ جيتري قدر کانئس ٿي سگهي، اُن من موجي عورت وٽان هليو وڃي ۽ کيس خدا حافظ به نه چوي.

 ”توکي يقين رکڻ گهرجي.“  هوءَ ڳالهائيندي وئي، ته  ”جڏهن تون اُن سان ملي موٽي اَچين، تڏهن مون کي اَچي ٻڌائج ته تو اُتي ڇا ڏٺو ....؟ توکي اُتي ڇا معلوم ٿيو .....؟ هـُـو ڪيئن مقدمو قائم ڪندا ....؟ مٿس ڪهڙو ڏوهه مـَـڙهيو ويو آهي ......؟ مون کي ٻـُـڌاءِ، اَسان وٽ ڪا ايڏي وڏي سـَـزا ته ڪانه آهي. آهي ڇا؟ پر يقيني طرح مون وٽ اچجانءِ. پوءِ کڻي رات جا ٽي وڳا هجن، چار يا ساڍا چار ..... مون کي جاڳائج، جيڪڏهن مان نه جاڳان، ته مون کي لوڏي به اُٿارج ..... پر خدايا! مون کي ننڊ ڪٿان ايندي؟ ترس. اِيئن چڱو نه ٿيندو، ته مان توسان گڏجي هلان!؟“

 ”نه، نه. پر جيڪڏهن تون فقط ٽي سٽون لکي ڏئين، ته تو دمتري فيودورپاولووچ کي ڪابه رقم نه ڏني آهي ..... اِها تحرير ڪم واري ٿيندي ........... جيڪڏهن اُن جي ضرورت پئي ته.......“

 ”تون يقين رک!“  بيگم هائلڪوف، ٽپو ڏيندي، خوشيءَ مان پنهنجي خبر ڏيندڙ کي چيو ته،  ”تون سمجهين سگهين ٿو، ته مان وڏي سادگيءَ سان توکان متاثر ٿي آهيان. مون کي تنهنجي ڪوششن کي ڏسي خوشي ٿي آهي. اِهڙن معاملن ۾ تون چڱي سمجهه رکين ٿو. تون هتي ڪٿي ملازمت ۾ آهين؟ مون کي خوشي ٿي ٿئي، ته تون هتي ملازمت ۾ آهين.“

اِهڙي ريت ڳالهائيندي، هـُـن پيپر جي اَڌ تي هيٺيون سٽون لکيون:

 ”مان سڄي حياتيءَ ۾ هن بدقسمت انسان کي ڪوبه قرض نه ڏنو آهي. منهنجو مطلب دمتري فيودورپاولووچ ڪرامازوف آهي. (هـُـو سڀ ڪنهن صورت ۾ بدقسمت آهي.) نه وري اڄ مون کيس ٽي هزار روبل ڏنا آهن. مان کيس ڪڏهن به نه ڏنا آهن. هر مقدس شيءِ جو قسم کڻي چوان ٿي.      ڪي - هائلڪوف“

 ”اِجهو هيءَ آهي تحرير.“  هـُـوءَ جلديءَ مان پيوٽراليچ ڏي ڦري ۽ کيس چوڻ لڳي ته:  ”وڃ هن کي بچاءِ، اِهو تنهنجو نهايت نيڪ ڪم ٿيندو.“

اُن کان پوءِ، هن سندس مٿان ٽي ڀيرا صليب جو نشان ڪڍيو. هوءَ کيس گهٽيءَ تائين ڇڏڻ لاءِ آئي.

مان ڪيڏي نه تنهنجي ٿورائتي آهيان، جو تون پهريائين مون وٽ آيو آهين. اِهو ڪيئن ٿيو، مان ته توسان اڳ ۾ ملي به نه آهيان. ڪيڏي نه مان خوشي محسوس ڪنديس. جو تون آئنده به منهنجي گهر ۾ ايندين. اِها ڪيڏي نه راحت ڀـَـري ڳالهه آهي، جو هتي تون رَهين ٿو. ڪيڏي نه عملي قوت .......! اُهي تنهنجي سچ پچ ساراهه ڪندا. هـُـو توکي يقيناََ سمجهندا. جيڪڏهن اِهڙي ڪا ڳالهه هجي، ته مان اُن کي پورو ڪنديس. تون يقين رک ته مان نوجوانن کي پيار ڪندي آهيان. هي نوجوان نسل اسان جي ڏکاري ملڪ جو سهارو آهن ..... اسان جي واحد اُميد ..... چڱو وڃ، وڃ ......“

پر پيوٽر اڳ ۾ هلي پيو، نه ته شايد هوءَ اَڃا به کيس نه ڇڏي ها. پر بيگم هائلڪوف مٿس چڱو اَثر ڇڏيو هو ۽ سندس انتظار ۾ گهٽتائي آڻي ڇڏي هئي، سو به اِهڙي اَڻ وڻندڙ معاملي ۾. هر ڪنهن جو مذاق جدا جدا ٿئي ٿو، جنهن کي اسان سڀ سمجهون ٿا.  ”هي ڪا ايڏي وڏي عمر جي به نه آهي.“ هن خيال ڪيو ۽ اُن تي کيس خوشي به ٿي. مان جيڪر کيس سندس ڌيءَ کان وڌيڪ پسند ڪريان.“

هوڏانهن بيگم هائلڪوف به هن نوجوان کان خوش هئي.  ”ايترو احساس! هڪ نوجوان ۾ ايتري خوبي! سو به اَسان جي وقت ۾. اِهڙا لڇڻ ۽ اِهڙي صورت! ماڻهو ته اِيئن ٿا چون، ته هن دور ۾، نوجوان ڪنهن به ڪم جا نه  آهن. پر هيءُ ته مثال  آهي، جو ڏيئي سگهجي ٿو. وغيره وغيره“ . سو هوءَ سادگيءَ سان اُن خطرناڪ معاملي کي وساري رَهي هئي. اِهو فقط اِنهيءَ ڪري هو، جو بستري ۾ داخل ٿي رَهي هئي. اوچتو وري کيس يادگيري آئي،  ”مان ڪيتري نه موت کي قريب هيس.“  هن زور سان چيو.  ”اڙي هي، خوفناڪ هو، خوفناڪ!“

پر هـُـوءَ جلدئي، شيرين ۽ وڻندڙ ننڊ ۾ غافل ٿي وئي.

جيئن ته اُن ڪارائتي نوجوان ۽ هن بيواهه جي وچ ۾ هن ملاقات کي ايترو تفصيل ڏيڻ جي ڪا به ضرورت نه هئي، پر جيئن ته هن عملي ۽ شائسته نوجوان جي حياتيءَ جي نشوونما جو بنياد هي ملاقات نه بڻجڻ واري هئي، اُن ڪري مان هن کي تفصيل سان ڏنو آهي. اَسان جي شهر ۾ اڄ به هيءَ ڪهاڻي عجب سان ٻڌائي ويندي آهي. جڏهن مان ڪرامازوف ڀائرن جي طويل تاريخ پوري ڪئي، ته مان شايد هن بابت به لکان.

dc

 

باب ٻيو

خطري جي گهنٽي

اسان جو پوليس ڪپتان مائيڪل ماڪرووچ ماڪروف، پينشن تي آيل ليفٽيننٽ ڪرنل، نهايت عمدو ماڻهو ۽ رنڙ هو. هـُـو ٽي سال اڳ اسان وٽ آيو هو، هن عوام ۾ عزت حاصل ڪئي هئي. ڇاڪاڻ ته هـُـو خاص طور تي اها ڳالهه ڄاڻندو هو ته سماج کي ڪيئن ميل ميلاپ سان هلائجي. وٽس ملاقاتي هميشھ موجود ٿي رهيا ۽ هـُـو اُنهن کانسواءِ رَهي به نه ٿي سگهيو. ڪو نه ڪو سندس کاڌي ۾ شريڪ هوندو هو. هـُـو ميز تي ڪڏهن به مهمان کانسواءِ نه ويٺو. سڀني موقعن تي عام کاڌي جون دعوتون ڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ته اِهي دعوتون عجب ۾ وجهندڙ هونديون هيون. جيتوڻيڪ ظاهر جي خيال کان اِهڙو ته نه ٿي ڏٺو. پر وٽس گهڻو ڪجهه هو. سجي جا ٽڪرا نهايت عمدا وٽس موجود هوندا هئا، شراب به گهڻي اَنداز ۾ کيس ميسر هو، جيتوڻيڪ قسم جي لحاظ کان گهٽ هو.

پهريون ڪمرو، جنهن ۾ مهمان اَچي داخل ٿيندا هئا. اُها ساز ۽ سامان سان سينگاريل ’بليئرڊ ڪوٺي‘ هئي. سڄي ڪمري ۾ انگريزي شرط جي گهوڙن جون تصويرون ڪاري فريم ۾ ڀتين تي ٽنگيل هيون، جي اِهڙي ڪمري جي سينگار لاءِ ضروري سمجهيون وينديون آهن. ڇاڪاڻ ته اَسان کي اڳ ۾ ئي خبر  آهي، ته اڪيلي رهندڙ ماڻهوءَ جي ’بليئرڊ ڪوٺي‘ اِيئن ئي ٿيندي آهي. هرهڪ شام تي وٽس تاش راند به ٿيندي ٿي رَهي. جيتوڻيڪ اُها هڪڙي ئي ميز هئي. ڪڏهن ڪڏهن آزاداڻن وقفن ۾، اسان جي شهر جي سڄي سوسائٽي، نوجوان عورتن ۽ سندن نوڪراڻين سان رقص لاءِ، آئي ٿي ۽ سڄي جاءِ ڀرجي ٿي وئي. جيتوڻيڪ مائيڪل ماڪرووچ رنڙ هو، پر هـُـو اَڪيلو نه رهندو هو. سندس بيواهه ڌيءَ پنهنجين ٻن جوان ڇوڪرين سان گڏ رهندي هئي، جن پنهنجي تعليم تازو پوري ڪئي هئي. اُهي وڻندڙ صورت جون هيون ۽ سندن سيرت به پسند جهڙي هئي. جيتوڻيڪ سڀني کي خبر هئي، ته وٽن ڪوبه ڏاج ڏانوڻ ڪونه آهي، اَن هوندي به سڀيئي نوجوان ڇڪجي سندن ناني جي گهر ايندا هئا.

اِنهيءَ ۾ ڪوشڪ نه آهي، ته مائيڪل ماڪرووچ، پنهنجي ڪم ۾ بيحد ڪامياب هو. جيتوڻيڪ هـُـو پنهنجي قرض اَدائي ۾ ٻين کان ڪو چڱو نه هو. مان اِيئن وضاحت سان چوندس، ته سندس تعليم ڪا چڱي نه هئي. سندس انتظامي حدن جي طاقت جي سمجهه تي آسرو ٿي نه پئي سگهيو. هـُـو ڪيترن ئي سڌارن کي، جي هن حڪومت جي دور ۾ عمل ۾ آيا ٿي، اُنهن تي هـُـو عمل ڪري نه سگهيو هو. يا ته هـُـو اُٰنهن کي سمجهي نه سگهيو هو،يا اُنهن کي بد ٿي سمجهيائين. هيءَ سندس حالت اِنهيءَ لاءِ به نه هئي، ته کيس پوري سمجهه نه هئي، پر هـُـو آزاد طبع هو ۽ نون سڌارن کي مطالعي ڪرڻ لاءِ کيس وقت نه هو. پاڻ به اِيئن چوندو هو، ته  ”مون وٽ هڪ فوجيءَ جي دل آهي، نه ڪنهن منتظم آفيسر جي.“  مثلاً: هن زرعي سڌارن جي آزاديءَ لاءِ، ۽ سندس بنيادي اُصولن جي لاءِ ڪابه واضح راءِ نه ٿي رَکي، پر هن جو ڪجهه به حاصل ڪيو هو، سو اَڻ سڌيءَ طرح، سال به سال عملي ڄاڻ جي وسيلي. جيتوڻيڪ هـُـو پاڻ به زميندار هو. پيوٽراليچ اُن شام جو خيال ڪيو، ته هـُـو ساڻس سندس ڪنهن دوست جي معرفت ملاقات ڪري. پر کيس خبر نه ٿي پئي، ته ڪنهنجي معرفت. هيءُ عجيب اتفاق هو، جو اُن وقت سرڪاري وڪيل ۽ وارونسڪي، اَسان جي ضلعي جو نوجوان ڊاڪٽر، جو تازو اَسان وٽ پيٽرسبرگ کان جو ’طبيب اڪيڊمي‘ مان پنهنجي سند وٺي آيو هو. هـُـو ٻئي، پوليس ڪپتان وٽ ’تاش‘ کيڏي رهيا هئا. آئپولٽ ڪيريلووچ سرڪاري وڪيل (جيتوڻيڪ هـُـو ننڍو سرڪاري وڪيل هو، پر کيس هميشھ سرڪاري وڪيل سڏيندا هئا)، خاص قسم جو ماڻهو هو. سندس عمر پنجٽيهه سال هئي، پر سلهه جي بيماريءَ کيس ڪمزور ڪري ڇڏيو هو. هـُـن هڪ ٿلهي متاري عورت سان شادي ڪئي هئي  ۽ اُن مان کيس ڪو به اولاد نه هو. هـُـو بيڪار ۽ جوشيلو هو، جيتوڻيڪ کيس چڱو ذهن هو ۽ مهربان دل. منجهس جا وڏي ۾ وڏي غلطي هئي، سا هيءَ ته کيس پنهنجي لاءِ مٿانهين راءِ هئي، جا سندس قابليت سان نه ٿي ٺهڪي. هن راءِ منجهس بي آرامي پيدا ڪري ڇڏي هئي. سڀ کان وڌيڪ کيس علم نفسيات جي طرف فنڪاراڻي رغبت هئي. مثال لاءِ هن خاص طور تي انساني دل جي راز معلوم ڪرڻ  جو مطالعو ڪيو هو ۽ ڏوهين ۽ ڏوهه جي بابت سندس چڱو مطالعو هو. کيس هميشھ هن دنيا کان شڪايت رهندي هئي، ته هن پنهنجي زندگي ملازمت ۾ گذاري آهي، پر مٿانهين طبقي کان کيس ڪابه شاباس نه ملي آهي، اُٽلو سندس دشمن آهن. مايوس گهڙين ۾ هـُـو، به دڙڪو ڏئي وٺندو هو، ته هـُـو پنهنجي ملازمت ڇڏي ڏيندو ۽ فوجداري مقدمن ۾ وڪيل ٿي ڪم ڪندو. اُميد جي خلاف ڪرامازوف مقدمي، منجهس گهڻي پريشاني پيدا ڪئي.  ”هي اُهو مقدمو آهي، جنهن تي سڄي رشيا ۾ ڳالهايو ويندو. جنهن جي مان ئي ابتدا ڪري رَهيو آهيان.“

نڪولائي پارفينووچ نـِـليوڊوف نوجوان جاچ ڪندڙ وڪيل، جو پيٽرسبرگ کان فقط ٻه مهينا اڳ ۾ آيو هو، ٻئي ڪمري ۾ نوجوان عورتن سان ويٺو هو، ماڻهن پوءِ ڳالهه ٿي ڪئي، ته هيءُ هڪ عجيب اتفاق هو، جو هيءُ سڀئي شريف انسان، ڏوهه واري شام جو ڪاروباري حاڪم جي گهر اَچي گڏ ٿيا هئا. معلوم پئي ٿيو، ته اِهو سڀ ڄاڻي واڻي ڪيو ويو هو. پر هن ۾ سڀ سادگي هئي ۽ جو ڪجهه به ٿيو هو، سو سڀ قدرتي هو.

آبيوليٽ ڪيريلووچ جي زال ڏندن جي سور ۾ گذريل ٻن ڏينهن کان بيمار هئي، هـُـو مجبور هو، ته هـُـو سور وارين دانهن کان ٿوري وقت لاءِ پـَـري هليو وڃي. ڊاڪٽر پنهنجي طبعيت کان مجبور هو، هـُـو پنهنجي شام تاش راند ڪرڻ کانسواءِ گذاري نه ٿي سگهيو. نڪولا نليوڊوف، ٿورا ڏينهن اڳ ۾ اِرادو ڪيو، ته مائيڪل ماڪرووچ جي گهر وڃي ۽ سندس وڏيءَ ڏهٽيءَ اولگامائلوونا کي چيڙائي ۽ کيس چوي، ته هـُـو سندس مخفي رازن کان واقف آهي. مثلاََ: هـُـو ڄاڻي ٿو، ته اڄ سندس ڄمڻ جو ڏينهن آهي ۽ پنهنجي ڄمڻ جي ڏينهن کي اِن لاءِ لڪايو اَٿائين، ته پنهنجي گهر، پنهنجي دوستن کي رقص جي دعوت نه ڏي ۽ خواهه مخواهه چيڙائي، ته هـُـو سندس حقيقي عمر کي سڄي شهر ۾ مشهور ڪندو. مائيڪل ماڪرووچ جي ڏهٽين هن کي ’شيطان‘ جو لقب ڏنو هو ۽ هـُـو هن لقب تي بيحد خوش هو. هيءَ ڳالهه ٻـُـڌائڻ ضروري آهي، ته نڪولا هڪ تربيت ورتل نوجوان هو ۽ هڪ شريف خاندان مان هو. سندس خيال نهايت پاڪ هئا. هـُـو خوش گذارڻ ۽ تفريح وارن سان هميشھ گڏ گذارڻ جو متلاشي هو. هـُـو پاڪ هو ۽ دوستيءَ ۽ عفت کان پير هرگز ٻاهر نه ٿي ڪڍيائين. عضوا ننڍڙا ۽ جسم ڪمزور هيس. اُن ڪري وڏيون منڊيون سندس ننڍين آڱرين تي پئي ٿي چمڪيون. هـُـو پنهنجي ڪم ۾ ڏکيو ۽ سختگير هو. کيس هي خاص خدائي ڏات هئي، ته هـُـو خونن ۽ ڳوٺاڻن جي ڏوهن ۾، سوال جواب جي سلسلي ۾، حقيقت کي سمجهي وٺندو هو. هـُـن فقط پنهنجي عزت حاصل ڪري ورتي هئي، پر يقيناً هـُـو سندن حيرت کي وڌائڻ ۾ به ڪامياب هو.

پيوٽراليچ، جڏهن پوليس ڪپتان وٽ ويو، ته هو بلڪل خاموش هو. هن ڏٺو ته هـُـو سڀئي ڄڻ اِنهيءَ معاملي کان واقف آهن ۽ تاش راند کي ختم ڪري ڇڏيو اَٿائون. سڀ بيٺا هئا ۽ ڳالهيون ڪري رَهيا هئا. نڪولاءِ پارفينووچ به نوجوان عورتن کي ڇڏي ڏنو هو ۽ بحث ۾ سرگرمي ڏيکارڻ لاءِ وڃي پهتو. پيوٽراليچ کي هي عجب ۾ وجهندڙ ڳالهه معلوم ٿي، ته سچ پچ پوڙهي فيودورپاولووچ، اُن شام جو سندس خون ڪيو ويو آهي ۽ ڦـُـريو ويو آهي. اِها خبر کين، هاڻي هاڻي ملي هئي.

مارفا اگناتووينيا، گريگري جي زال، اُن وقت به جڏهن هـُـو لوڙهي جي ڀرسان بيهوش پيو هو، پنهنجي بستري ۾ گهري ننڊ ۾ هئي ۽ اُن دوا جي بدولت، جنهن کي اُن ورتو هو، شايد صبح تائين به نه جاڳي ها. هـُـو سميرڊياڪوف جي خطرناڪ ۽ جنون ڀري رڙ کان جاڳي، جو ٻي ڪمري ۾ بيهوش پيو هو. اِها رڙ هميشھ سندس دوري کي ظاهر ڪندي هئي، مارفيا اُن کان ڊڄي ۽ پريشان ٿي ويندي هئي. هـُـو ڪڏهن به اُن جي عادي نه ٿي سگهي هئي. هـُـوءَ ٽپو ڏيئي ۽ ننڊاکڙي حالت ۾ سميرڊياڪوف جي ڪمري ۾ هلي وئي. پر اُتي اوندهه هئي ۽ هوءَ فقط بيمار جي تڪڙي ساهه کڻڻ ۽ سندس ڪشمڪش کي ٻـُـڌي رَهي هئي. هن کان رڙ نڪري وئي. هـُـو مڙس کي سڏڻ لاءِ وئي ٿي، ته اوچتو کيس ياد آيو، ته جڏهن هوءَ اُٿي هئي، ته سندس مڙس بستري تي نه هو. هوءَ وري کٽ ڏي موٽي وئي. هٿوراڙيون ڏئي ڏسڻ لڳي. پر بسترو بلڪل خالي هو. تڏهن هن خيال ڪيو ته هـُـو ضرور ٻاهر ويو آهي - پر ڪاڏي؟ هوءَ ڏاڪڻ ڏي وڌي ۽ خوف مان کيس سڏڻ لڳي. پر کيس ڪوبه جواب نه آيو. پر ٿورو پرڀرو کيس ڪنهن جي ڪـُـنجهڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. آواز اوندهه ۾ باغ کان اَچي رَهيو هو. هن ڌيان ڏيئي ٻـُـڌو. ڪنجهڻ جو آواز وري آيو ۽ کيس هاڻي پـَـڪ ٿي، ته آواز باغ مان اَچي رهيو آهي.

 ”خدايا! هيءُ آواز ته ڄڻ لزاويٽيا سميرڊشڪووينيا جو نالو ۽ فرياد آهي. هوءَ ڊڄندي ڏاڪڻ کان هيٺ لـَـٿي ۽ ڏٺائين، ته باغ جو دروازو کـُـليل آهي.  ”منهنجو پيارو ضرور اِتي آهي. ويچارو!“  هن خيال ڪيو. هـُـو دروازي تائين هلي وئي ۽ اوچتو ٻڌائين ته گريگري، کيس مارفا، مارفيا ڪري سڏي رهيو آهي. سندس آواز ڪمزور ۽ خوفائتو آهي.

 ”خدايا! اسان کي مصيبتن کان بچاءِ!“ . مارفيا ڀڻڪندي، اُن آواز ڏي ڊوڙي. اِهڙي ريت هن گريگريءَ کي ڳولي ورتو هو. هن کيس لوڙهي وٽ نه ڏٺو هو، جتي هو ڪـَـريو هو، پر ويهه قدم پرڀرو هو. پوءِ ظاهر ٿيو هو، ته هـُـو چــُـرندو ۽ رڙهندو اُتي پهتو هو. کيس هوش ۾ اَچڻ لاءِ گهڻو وقت لڳو هوندو. مٿس بيهوشي وري وري طاري ٿيندي ٿي رَهي. هن هڪدم ڏٺو، ته هـُـو سڄو رَت سان ڀـَـريو پيو آهي. هـُـن پنهنجي آواز کي پري تائين پهچائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي ۽ ڪجهه چوڻ ٿي گهريائين.

 ”هن خون ڪيو آهي ..... سندس پيءُ خون ٿي ويو آهي .... بيوقوف رڙيون ڇو ٿي ڪرين ..... ڊوڙ ..... ڪنهن کي وٺي اَچ.“

پر مارفيا رڙيون ڪندي رَهي. جڏهن ڏٺائين، ته سندس آقا جي ڪمري جي دري کليل آهي ۽ جڏهن ڏٺائين ته اندر روشني آهي، تڏهن هـُـوءَ اوڏانهين ڊوڙندي وئي ۽ فيودورپاولوچ کي سـَـڏ ڪرڻ لڳي. جڏهن کيس ڪوبه آواز نه آيو، ته هـُـن دريءَ مان ليئو پائي ڏٺو. هن کي هڪ ڀوائتو منظر نظر آيو. سندس آقا سنئون سڌو، بنا ڪنهن چـُـرپـُـر جي زمين تي ليٽيو پيو آهي. سندس هلڪي رنگ جي قبا ۽ اڇي قميص، رت ۾ ٻـُـڏل آهن. ميڻ بتي وڏي روشنيءَ سان ميز تي چمڪي رَهي هئي ۽ اُن جي چمڪ فيودورپاولووچ جي لٿل منهن تي صاف پئجي رَهي هئي. خوفزده مارفيا، دريءَ کان ٿيندي، باغ کان ڊوڙندي ٻاهر نڪتي، وڏي دروازي جي ڪـَـڙي کي لاٿائين ۽ نهايت تيزيءَ سان پنهنجي پاڙي واريءَ مارياڪانڊيٽيوينيا وٽ وئي، جتي ماءُ ۽ ڌيءَ ٻئي آرام ۾ هيون. پر هـُـو ٻئي مارفيا جي وڏيءَ دانهن ۽ دروازي جي ڌڪن تي سجاڳ ٿيون. مارفيا دانهون ڪندي ۽ روُئندي، کين مکيه ڳالهه ٻڌائي ۽ کين مدد لاءِ التجا ڪئي. هيءُ هڪ اتفاق هو، جو فوما پنهنجي آوارا گرديءَ کان موٽي آئي هئي ۽ هن ماءُ ۽ ڌيءَ سان ان رات اَچي رَهي هئي. هـُـو سڀئي گڏجي اُٿيون ۽ واردات جي جاءِ ڏي هليون.

رستي ۾ مارفيا ڪانڊيٽيوينيا، کي ياد آيو، ته اٽڪل اٺين وڳي، هـُـن باغ مان، هڪ خوفناڪ دانهن ايندي ٻـُـڌي هئي. اِها گريگري جي هئي. هـُـن مـِـتيا جي ٽنگ کي جهليندي، ’پدرڪشن‘ جو آواز وڏي رڙ سان ڪيو هو.

هـُـن ٻين کي ٻڌايو، ته ڪنهن ماڻهوءَ رڙ ڪئي هئي ۽ اُن کان پوءِ خاموشي ڇانئجي وئي. اُن جاءِ ڏانهن ڊوڙندي، جتي گريگري پيو هو، جڏهن پهتيون، تڏهن ٻنهي عورتن، فوما جي مدد سان کيس کڻي پنهنجي ڪمري ۾پهچايو. هنن هڪ ميڻ بتي روشن ڪئي ۽ ڏٺائون ته سميرڊياڪوف جي حالت تمام نازڪ هئي. سندس اکيون بگڙيل هيون، ڄڻ ته کوپن مان تارا نڪري رهيا هئا ۽ سندس زبان ٻاهر نڪري آئي هئي ۽ گجي سندس وات کان ٻاهر نڪري رَهي هئي. هنن هڪدم پاڻيءَ سان گريگري جي نرڙ کي آلو ڪيو.  پاڻي هڪدم مٿس اَثر ڪيو. هن هڪدم پڇيو ته:

 ”ڇا آقا قتل ٿي ويو آهي؟“

اُن کان پوءِ فوما ۽ ٻئي عورتون، گهر ڏي ڊوڙيون، پر هن دفعي هنن ڏٺو، ته نه فقط دَري پر باغ وارو دروازو به کليل آهي. جيتوڻيڪ فيودورپاولووچ، گذريل هفتي کان، پاڻ اُن کي قلف ڏيندو هو ۽ ڪنهن کي به اُتان لنگهڻ جي اجازت نه هوندي هئي. خود گريگري کي به، ڪهڙي به حالت ۾ اُتان گذرڻ جي موڪل نه هئي. دروازي کي کـُـليل ڏسي، کين فيودورپاولوچ ڏي ويندي خوف ٿيو، ته متان پوءِ ڪا ٻي ڳالهه نه بڻجي پوي. جڏهن هـُـو موٽي آيون، ته هن کين چيو ته اوهان سـِـڌو پوليس ڪپتان ڏي هليون وڃو. هـُـو پيوٽراليچ کان ڪي ٿورا منٽ اڳ ۾ پهتيون هيون. مارفيا کيس سڄي حقيقت کان واقف ڪيو. اُن ڪري پيوٽر جي ڪهاڻي، قياس آرائيءَ کانسواءِ ڪا نظرئي واري شيءِ ته نه هئي، پر شاهد جي سنئين سڌي قبوليت هئي. هيءَ مجرم جي براهه راست سڃاڻپ هئي. (پر هن پنهنجي دل جي گهراين ۾ دمتريءَ کي هميشھ ڏوهي نه ٿي سمجهيو.

اُن ڪري صلاح ڪئي وئي، ته هن ڪم ۾ وڏي سرگرمي ورتي وڃي. ڊپٽي پوليس انسپيڪٽر کي حڪم ڏنو ويو، ته چئن مشيرن کي ساڻ وٺي، فيودورپاولووچ جي گهر ۾ وڃي، جاچ جي ابتدا ڪن. اِهو رواجي دستور هو ۽ مان اُن ۾ وڃڻ نه ٿو گهران. ضلعي جو ڊاڪٽر جيڪو چوٽيءَ وارن ڄاڻن مان هو، هن ڳالهه تي زور ڏنو، ته پوليس ڪپتان سان گڏ، پراسيڪيوٽر ۽ جاچ ڪندڙ وڪيل به هجن.

مان هتي مختصر طرح واضح ڪرڻ گهران ٿو، ته فيودورپاولوچ بلڪل مرده حالت ۾ لڌو ويو. سندس مغز جا هڏ ڀڳل هئا. پر اِهي ڪنهن سان ڀڳا ويا هئا؟ گهڻو ڪري اُنهيءَ ساڳئي هٿيار سان، جنهن سان پوءِ گريگري تي حملو ڪيو ويو هو. جلد ئي، اُهو هٿيار ملي ويو. گريگري، جنهن کي جيتري قدر ٿي سگهيو ٿي، هڪدم لهي اِمداد پهچائي وئي ۽ هـُـو هفتي اندر منجهيل آواز ۾ ٻڌايو، ته ڪيئن کيس هيٺ ڪيرايو ويو هو. هنن فانوس کڻي لوڙهي جي وَٽِ کي ڏسڻ شروع ڪيو ۽ کين ٽامي جو ننڍڙو دستو ملي ويو. هـُـن باغ ۾ ظاهر ظهور رستي جي وچ تي پيل هو. جنهن ڪمري ۾ فيودورپاولوچ پيل هو، ڪابه گڙٻڙ نه هئي. پر بستري جي ڀرسان، پردي پويان، هنن فرش تان هڪ وڏو ٿلهو لفافو کنيو، جنهن تي لکيل هو:

 ”ٽن هزار روبلن جو تحفو، منهنجي ملائڪ غريب گروشينڪا لاءِ، جيڪڏهن هوءَ مون وٽ اَچڻ جو اِرادو ڪري؟“  اُن جي هيٺان هيءُ به لکيو ويو هو،  ”منهنجي ننڍڙي چوزي لاءِ.“

اُن جي مٿان، ڳاڙهي رنگ جي لاکَ جون ٽي مهرون هيون. پر اُنهن کي ڀڳو ويو هو ۽ لفافي ۾ ڪجهه به نه هو. رقم منجهانئس ڪڍي وئي هئي. هنن زمين تان گلابي رنگ جي ڏوري جو هڪ ٽڪرو به هٿ ڪيو، جنهن سان لفافي کي ٻـَـڌو ويو هو.

پيوٽراليچ جي بيان جي هڪ ٽڪري، وڏو اَثر پيدا ڪيو. پراسيڪيوٽر ۽ تحقيقات ڪندڙ آفيسر نهايت متاثر ٿيا. اِها هيءَ حقيقت هئي، ته دمتري فيودورپاولووچ، صبح ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي پاڻ کي گولي هڻي ماري ڇڏيندو. ڇاڪاڻ ته هـُـن اِهو فيصلو ڪيو هو ۽ پيوٽر کي ٻڌايو به هئائين. هن هيءُ به ٻڌايو، ته هن پستول کي سندس سامهون گولين سان ڀريو هو، هڪ تحرير لکي پنهنجي کيسي ۾ رکيائين، وغيره وغيره. جڏهن پيوٽراليچ (جنهن کي اَڃا به دمتري جي ڏوهه ثابت ٿيڻ ۾ کيس شڪ هو) کيس ڌمڪايو، ته هـُـو ڪنهن کي ضرور ٻڌائيندو، ته توکي خودڪـَـشي کان روڪي، تڏهن مـِـتيا، کيس ڏند ڪرٽيندي چيو هو، ته  ”اِهو نهايت دير سان هوندو“ . اُن ڪري کين ماڪرو وڃڻ لاءِ جلدي ڪرڻ کپي، ته جيئن هـُـو پاڻ کي گولي هڻڻ کان اڳ ۾ هٿ اَچي.

 ”اِهو صاف  آهي، اِهو صاف آهي،“  پراسيڪيوٽر وڏي جوش مان چيو  ”اِهي پاڳل ماڻهو اِهڙوئي رستو اختيار ڪندا آهن، ته مان سڀاڻي  پاڻ کي ماري ڇڏيندس، اُن ڪري لازمي آهي، ته ڪو دم خوش گذاريان!“

هن ڪهاڻيءَ، ته هـُـن ڪهڙي ريت، شراب ۽ سيڌي کي خريد ڪيو هو، پراسيڪيوٽر کي ايترو ته جوش ڏياريو، جو اڳي ڪڏهن به کيس نه آيو هو.

 ”توکي، اُهو ماڻهو ياد آهي، جنهن هڪ واپاري اولسيووف کي قتل ڪيو هو. هن پندرهن سـَـؤ روبل چوري ڪيا هئا، هڪدم وارن کي وڪڙ ڏيارڻ ۽ ٺهرائڻ لاءِ ويو هو. اُن کانپوءِ رقم کي لڪائڻ جي بجاءِ ساڳي ريت، هـُـو ڇوڪرين ڏي هليو ويو هو.“

جاچ ڪري سڀني کي دير ٿي وئي. فيودور جي گهر ۾ ڪجهه ڳولا ڪرڻي هئي ۽ ڪجهه ٻين قانوني ڳالهين کي به ڏسڻو هو. جيئن ته هن ۾ وقت لڳڻو هو، اُن ڪري هنن پنهنجي سنبت کان ٻه ڪلاڪ اڳ، ماڪرو ڏانهن ڳوٺاڻي پوليس جو هڪ آفيسر ملوريڪي ماوريڪيووچ شهرسوف کي موڪلي ڏنو، جو هڪ ڏينهن اڳ شهر ۾ پگهار وٺڻ لاءِ آيو هو. کيس هدايت ڪئي وئي هئي، ته هروڀرو اُتي وڃي، ڪنهن خوف کي نه جاڳائي، پر فقط ’مجرم‘ تي ڪـَـڙي نظر رکي، جيستائين، حاڪم پهچي وڃن. سندس گرفتاريءَ لاءِ، پوليس جي سپاهين ۽ شاهدن جو بندوبست رکي. ماوريڪي کي جيئن چيو ويو هو. هن اِيئن ئي ڪيو. هن پاڻ کي پوري ريت مخفي رکيو، فقط تريفان بوريسووچ کي، جنهن سان سندس واقفيت گهڻي وقت کان هئي، پنهنجي اَچڻ جي مقصد کي ٻڌايو. هيءُ اُهو وقت هو، جڏهن مـِـتيا سان سراءِ جو مالڪ بالاخاني تي مليو هو ۽ هن سندس تبديل ٿيل حالت کي اونداهيءَ ۾ به سمجهي ورتو هو، ڇو ته تريفان جي چهري ۽ آواز ۾ گهڻي تبديلي ٿي ڏٺي. اُن ڪري نه مـِـتيا نه ڪنهن ٻي کي خبر پئي، ته هن جي نگراني ڪئي وڃي ٿي. پستول جي پيتي تريفان کڻي ورتي هئي ۽ مناسب جاءِ تي ڦٽي ڪري ڇڏي هئائين. چئين بجي کان پوءِ، اِيئن کڻي چئجي، ته سج اُڀرڻ کان ٿورو وقت اڳ ۾، سڀئي آفيسر، پوليس ڪپتان، پراسيڪيوٽر ۽ جاچ ڪندڙ وڪيل، ٻن گاڏين ۾ چڙهي روانا ٿيا، جن کي ٽي گهوڙا ڇڪي رهيا هئا. ڊاڪٽر اُتي رهجي پيو، ڇاڪاڻ ته کيس صبح سان فيودورپاولوچ جو پوسٽ مارٽم (چيرڦاڙ) ڪرڻو هو، پر هـُـو خاص طرح، ملازم سميرڊياڪوف جي بيماريءَ ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺي رهيو هو. هن وڏي تعجب ۽ شوق مان پنهنجي ساٿين کي چيو ٿي، ته  ”هي سخت ۽ ڊگها دورا، جي عجيب معلوم ٿين ٿا، اِهي سائنس جي لحاظ کان، ڪافي دلچسپيءَ وارا آهن.“  جيئن هنن کانئس موڪلايو، کلندي کيس مبارڪ ڏني، ته اِهڙي قسم جو مريض کيس هٿ آيو آهي. کين پوري ريت ياد هو، ته ڊاڪٽر چيو ٿي، ته سميرڊياڪوف رات مشڪل سان جيئرو رَهي سگهندو.

هن طوفاني ۽ ڊگهي وضاحت کانپوءِ، اَسان ڳالهه جي اُن وقت ڏانهن موٽون ٿا، جتي اُن کي ڇڏيو هيوسون.

dc

 

باب ٽيون

هڪ روح جا تـَـاثر: پهريون دردِ دل

دمتري، پهريائين ته سخت ششدر ٿي ويو ۽ حيرانيءَ مان پئي چوڌاري نهاريائين، ته ڏسي ته هـُـو کيس وڌيڪ ڇا ٿا چون؟ اوچتو بيهي رهيو ۽ ٻئي هٿ اَسان ڏي کڻي چيائين ته:

 ”مان بيگناهه  آهيان، مان هن رت هارڻ جو ڏوهاري نه آهيان. مان پنهنجي پيءُ کي خون نه ڪيو آهي ..... مان کيس ملڻ گهريو ٿي، پر مان اُن کي مارڻ جو گنهگار نه آهيان. ها، مان نه آهيان.“

اَڃا هن مشڪل سان پنهنجي لفظن کي پورو ڪيو هو، ته گروشينڪا پرَدي جي پويان ڊوڙندي آئي ۽ پاڻ کي پوليس ڪپتان جي پيرن تي اُڇلائي ڇڏيائين.

هـُـن دل ڀـِـڄائيندڙ آواز ۾، ڳوڙها وَهائيندي، هٿ ٻـَـڌي، کين چيو ته،  ”اِها منهنجي غلطي آهي، منهنجي! منهنجي بڇڙائي. هن هيءُ سڀڪجهه منهنجي ئي ذريعي ڪيو آهي. مان کيس عذاب ڏئي. اِنهيءَ پاسي ڏي تڙي ڇڏيو هو. مان اُن غريب پوڙهي کي به عذاب ڏنا، جو هاڻي مري ويو آهي. اِها منهنجي بڇڙائي هئي، جو مان کيس اِن حالت تي پهچايو! اِها منهنجي غلطي آهي، پهريائين منهنجي ۽ نهايت بدترين غلطي!“

 ”هائو، اِها تنهنجي غلطي هئي. تون مـُـک ڏوهاري آهين. تون خطرناڪ، بدپيشه آهين ۽ تنهنجي مٿان ئي اِهو الزام آهي.“  پوليس ڪپتان وڏي آواز ۾، کيس هٿ سان دٻائيندي چيو.

پر اُن کي روڪيو ويو ۽ خاموش ڪيو ويو. پراسيڪيوٽر، سندس هٿ کي ورتو ۽ چيائين، ته هيءَ مهل نه آهي. اوهان ته تحقيقات کي خراب ٿا ڪريو ...... توهان ته مقدمي ۾ خلل ٿا پيدا ڪريو.

نڪولاءِ پارفينوويچ، خوف ۽ جوش مان رڙ ڪري چيو، ته  ”دستور موجب ڪم کي اُڪلايو، جيئن هميشھ ڪيو ويندو آهي. ٻي حالت ۾ معاملو مشڪل ٿي پوندو.“

گروشينڪا نهايت بي چينيءَ ۾ کيس دانهن ڪري چيو، ته  ”اَسان ٻنهي کي گڏجي سزا ڏيو. جيڪڏهن، هن کي ڦاهيءَ تي وڃڻو هوندو، ته مان به هن سان گڏجي وينديس.“  هوءَ اَڃا به گوڏن ڀر هئي.

 ”گروشينڪا منهنجي زندگي، منهنجو خون ۽ مون لاءِ مقدس شيءِ!“  مـِـتيا به اُن جي ڀرسان، نڪولاءِ جي پيرن تي ڪري پيو ۽ گروشينڪا کي پنهنجي آغوش ۾ مضبوطيءَ سان جهلي ورتائين. زورسان چوڻ لڳو ته  ”هيءَ ڪنهن به ڳالهه جي ڏوهاري نه آهي. ڪنهن به رتوڇاڻ جي يا ڪنهن ٻي شيءِ جي.“

کيس پوءِ ياد ٿي آيو، ته کيس ڪيترن ئي ماڻهن، زور سان گروشينڪا کان جدا ڪيو هو ۽ اُن کي اُتان ٻاهر ڪڍيو ويو هو. هو جڏهن هوش ۾ آيو، ته پاڻ کي ڏٺائين، ته هـُـو ميز جي سامهون ويٺو آهي. پنهنجي ڀرسان ۽ پويان ڪيترن ماڻهن کي بيٺل ڏٺائين ۽ جن کي هٿن ۾ فولادي زنجيرون هيون. ميز جي ٻي پاسي نڪولاءِ پارفينوويچ، جاچ ڪندڙ وڪيل ويٺو هو. هـُـو مٿس زور آڻي رَهيو هو، ته هو ميز تي رکيل گلاس مان پاڻي کي پيئي.

 ”هي توکي تازگي ڏيندو ۽ آرام. ڪوبه خوف نه ڪر.“  هـُـن بيحد مروت سان کيس چيو. مـِـتيا (جيئن هـُـن پوءِ ٻـُـڌايو ٿي) اوچتو سندس هٿ ۾ پيل مـُـنڊين ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. جن مان هڪ ۾ ياقوت جي ٽـِـڪَ هئي ۽ ٻيءَ ۾ هڪ زرد قيمتي پٿر. ٻنهي ۾ عجيب چـَـمڪ هئي. گهڻي وقت کانپوءِ، کيس عجب مان ياد آيو ٿي، ته اِنهن ٻن منڊين، ڪهڙيءَ ريت، انهي خطرناڪ جاچ جي وقت ۾، سندس ڌيان کي پاڻ ڏي ڇڪي ورتو هو. اِنهن جو مٿس ايڏو ته اَثر هو، جو هـُـو اُنهن مان پنهنجون اکيون نه ڪڍي سگهيو ۽ سمورو وقت اُنهن ۾ اَٽڪيو رَهيو. ڳالهه سندس منهن تي نه ٿي پيئي. مـِـتيا جي کاٻي پاسي ئي، اُن ساڳي جاءِ تي، جتي اڳ مڪزيموف ويٺو هو، هاڻي پراسيڪيوٽر ويٺو هو. سندس ساڄي طرف، جتي گروشينڪا ويٺي هئي، هاڻي هڪ گلابي ڳلن وارو نينگر ويٺو هو، جنهن کي پراڻو شڪاري لباس پيل هو ۽ سندس اڳيان مس ۽ قلم رکيو هو. هيءُ جاچ ڪندڙ وڪيل جو منشي هو، جنهن کي هـُـن پاڻ سان آندو هو. پوليس ڪپتان هاڻي ڪمري جي پوئين دريءَ وٽ بيٺو هو ۽ سندس ڀرسان ڪلنگوف ويٺو هو.

جاچ ڪندڙ وڪيل، کيس نرمائيءَ سان چيو ته  ”ڪجهه پاڻي پيءُ.“  هيءُ کيس ڏهون ڀيرو هو، جو هن کي پاڻيءَ پيئڻ جي دعوت ڏئي رهيو هو.

 ”مان پاڻي پيتو آهي عزيز، ..... ها، مان پيتو آهي ...... پر ..... اڄ جناب مون کي سزا ڏي ۽ مهٽي ڇڏ .... منهنجي قسمت جو فيصلو ڪر!“  مـِـتيا واڪو ڪري چيو، ته سندس اکيون خوفناڪ طرح سان کليل هيون ۽ هـُـو جاچ ڪندڙ وڪيل کي چـِـتائي ڏسي رهيو هو.

 ”ها تڏهن تون پـَـڪ سان ظاهر ٿو ڪرين، ته تون پنهنجي پيءُ جو قاتل نه آهين؟“  جاچ ڪندڙ وڪيل، زور ڏيندي، نرمائيءَ سان کانئس پڇيو.

 ”مان ڏوهي نه آهيان، پر مان هڪ ٻئي پوڙهي ماڻهوءَ جي خون جو ذميوار آهيان، پنهنجي پيءُ جو نه آهيان. جنهن لاءِ مان ڳوڙها ٿو ڳاڙيان! مان اُن کي ماريو آهي، مان اُن کي ماريو آهي ۽ اُن کي زمين تي ڪيرايو آهي، پر مان ٻئي خون جي بابت ڪجهه به ٻڌائي نه ٿو سگهان. اِهو هڪ خوفناڪ قتل آهي، جنهن جو مان گنهگار نه آهيان، پر ڪنهن منهنجي پيءُ کي ماريو؟ جيڪڏهن مان، نه ته ٻيو ڪير هن کي ماري سگهي ٿو؟ هيءَ عجيب، غير معمولي ۽ اَڻ ٿيڻي حقيقت آهي.“

 ”هائو، هن کي ڪير ماريندو؟“  جاچ ڪندڙ وڪيل، پنهنجي جواب کي شروع ڪيو، پر پراسيڪيوٽر ائپولٽ ڪيريلووچ، کيس نهاريندي مـِـتيا کي چيو ته:

 ”توکي پوڙهي ملازم گريگري ويسيلوويچ بابت انتظار ڪرڻ نه کپي. هـُـو جيئرو آهي ۽ هوش ۾ آهي. باوجود کيس سخت ڌڪ لڳو هو، جيئن هن پنهنجي زباني ڏني آهي ۽ تون به اِيئن ٿو، چوين، هـُـو موت کان بچي ويو آهي ۽ جيئرو رهندو. ڊاڪٽر جي اِها راءِ آهي.“

 ”جيئرو! هـُـو جيئرو آهي.“   مـِـتيا هٿن کي مهٽيندي زور سان چيو. سندس چهرو چمڪڻ لڳو. خدايا! مان سندءِ هن اعجاز لاءِ شڪرانو اَدا ڪريان ٿو، جو تو مون جهڙي بدسيرت ۽ گنهگار کي نوازيو آهي. هيءُ منهنجي دعا جو اَثر آهي، مان سڄي رات دعائون گهرندو رهيو هوس. هن پوءِ پنهنجي مٿان صليب جون ٽي ڀيرا نشانيون ڪڍيون. هـُـو سچ پچ خوشيءَ کان ساهه نه ٿي کڻي سگهيو.

 ”ها، ته اِنهيءَ گريگري کان، اَسان کي تنهنجي بابت ضروري ثابتيون مليون آهن، ته تون ......“  پراسيڪيوٽر اَڃابه سلسلي سان ڳالهائي ها، پر مـِـتيا اوچتو، ڪرسيءَ تان ٽپو ڏيئي اُٿيو.

 ”خدا جي واسطي هڪ منٽ شريف انسان! فقط هڪ منٽ، مان هن تائين وڃڻ گهران ٿو.“

 ”هن وقت مون کي معاف ڪر، اِيئن ٿي نه سگهندو.“  نڪولاءِ پارفينووچ، ڄڻ ته رڙ ڪرڻ چاهي. هـُـو پڻ ٽپو ڏيئي اُٿي بيٺو. مـِـتيا کي اُن ماڻهوءَ جهلي ورتو، جنهن کي هٿڪڙيون لڳل هيون، پر هو، پنهنجو پاڻ ويهي رهيو ......

 ”شريف انسان! ڪيڏي نه افسوسناڪ ڳالهه آهي. مان ته هن کي فقط هڪ منٽ ڏسڻ ٿي گهريو، مان کيس ٻڌائڻ ٿي چاهيو، ته اُهو سڀ رَتُ ڌوپي ويو ۽ گم ٿي ويو، جو سڄيءَ رات منهنجي دل تي بار هو. مان هاڻي خوني نه آهيان! شريف انسان، هوءَ منهنجي مڱيندي آهي.“  هن سڀني ڏي چوڌاري نهاريندي متانت ۾ عزت سان چيو.  ”مان تنهنجو بيحد شڪرگذار آهيان شريف انسان! تو، هڪ منٽ ۾ مون کي نئين زندگي ڏئي ڇڏي آهي ..... اِهو پوڙهو انسان، مون کي ڀاڪر ۾ کڻي گهمائيندو هو. مان جڏهن ٽن ورهين جو ننڍڙو ٻار هوس، تڏهن هـُـو ٽب ۾ مون کي وهنجاريندو هو. هيءُ مون کي پنهنجي پيءُ وانگر هو.“

 ”اُنڪري تون .....“  جاچ ڪندڙ وڪيل ڳالهائڻ شروع ڪيو.

 ”شريف انسان! مون کي هڪ منٽ وڌيڪ مهلت ڏي.“  مـِـتيا کيس وچ ۾ روڪيندي چيو. هن پنهنجي ٺونٺ ميز تي رکي ۽ ٻنهي هٿن سان منهن کي ڍَڪي ڇڏيو.  ”شريف انسان! مون کي هڪ گهڙي خيال ڪرڻ ڏئي ۽ چڱيءَ ريت ساهه کڻڻ ڏئي. هيءُ سڀ ڪجهه جو ٿي رهيو آهي، نهايت پريشان ڪندڙ آهي، شريف انسان! ماڻهو دهل ته ڪين آهي!“

 ”ٿورو پاڻي وڌيڪ پيءُ.“  نڪولاءِ پارفينوويچ، کيس آهستي چيو. مـِـتيا، پنهنجي چهري تان هٿ کڻي ورتا ۽ ٿورو مـُـرڪيو. سندس اکين مان اطمينان ظاهر ٿيڻ لڳو. هـُـو ڄڻ، ته هڪ گهڙيءَ ۾ بلڪل بدلجي چـُـڪو هو. سندس سڄو انتظار ختم ٿي ويو هو. هيءُ هاڻي ٻيهر، اِنهن ماڻهن جهڙو ئي هو، هنن سان سندس واقفيت به هئي. هـُـو هڪ ڏينهن اڳ ۾، جڏهن ڪجهه به نه ٿيو هو، ساڻن هڪ مقامي مجلس ۾ گڏ هو. هيءَ حقيقت ٻڌائيندي، اَسان کي ياد رکڻ کپي، ته پوليس ڪپتان جي پهريائين اَچڻ تي، هن دل کولي سندس مرحبا ڪئي هئي، پر پوءِ آخري مهيني جي وچ ۾ خاص طرح مـِـتيا کي ڪڏهن به نه سڏيو هئائين، پر جڏهن هـُـو ٻئي اتفاقاََ گهٽيءَ ۾ ملي ٿي ويا، ته مـِـتيا کيس منهن ۾ گهنج وجهندي ٿي ڏٺو ۽ هن فقط ظاهرداريءَ جي لياقت جي مدنظر سلام ٿي ڪيو. سندس پراسيڪيوٽر سان واقفيت ايتري گهـَـري نه هئي. جيتوڻيڪ هيءُ سندس زال، سان جا هڪ مزيدار ۽ ڪمزور فطرت جي مالڪـ$$$ هئي، مروت جي باعث ملاقاتون ڪندو هو، پر کيس اِها خبر نه پوندي هئي، ته اِيئن ڇو ڪـَـري رهيو آهي. هوءَ ساڻس هميشھ وڏيءَ حـُـب مان ملندي هئي. معلوم ٿو ٿئي، ته هوءَ ڪنهن سبب جي ڪري، آخر تائين، هن ۾ دلچسپي وٺندي رَهي. وٽس جاچ ڪندڙ وڪيل جي ملڻ لاءِ ڪو وقت ڪونه هو، جيتوڻيڪ هـُـو، ساڻس ٻه دفعا اڳ ۾ ملي چـُـڪو هو، ۽ پاڻ ۾ عورتن جي باري ۾ گفتگو به ڪئي هئائون.

مـِـتيا مـُـرڪندي کيس چيو، ته  ”تون نهايت شائسته وڪيل آهين، نڪولاءِ پارفينوويچ! مان هاڻي تنهنجي مدد ڪندس. شريف انسان! مان هاڻي پاڻ کي بلڪل نئون انسان ٿو سمجهان. مان توکي جيڪو سادگيءَ ۽ سڌيءَ طرح سان خطاب ڪري رهيو آهيان، اُن تي ناراض به نه ٿجانءِ. مان شراب به پيتو آهي ۽ اِها ڳالهه مان توسان بلڪل صاف طرح ڪري رهيو  آهيان. نڪولاءِ پارفينووچ، مان سمجهان ٿو، ته پنهنجي عزيز ميوسوف وٽ، مان اوهان سان مليو آهيان. شريف انسان! شريف انسان! تون اِيئن نه ڄاڻ ته مان ڪو توسان برابريءَ جو ڍونگ ڏيکاري رَهيو آهيان. مان چڱيءَ ريت سمجهان ٿو، ته ڪهڙي سلسلي ۾ مان تو وٽ ويٺو آهيان. بيشڪ منهنجي لاءِ خطرناڪ شڪ موجود آهي .... جو مون کي تڪليف ڏيئي رهيو آهي .... جڏهن گريگري اِهڙي ثابتي ڏيئي چـُـڪو آهي .... نهايت خطرناڪ گناهه، مان سمجهان ٿو، اُهو نهايت ڀوائتو آهي، ڀوائتو. پر شريف انسانو! مان چاهيان ٿو، ته هن سڄي معاملي کي اسان گهڙيءَ ۾ پورو ڪري ڇڏيون. شريف انسانو! ڌيان ڏيئي ٻڌو، مان ڄاڻان ٿو، ته مان معصوم آهيان. اُن ڪري اسان کي هـِـن معاملي کي هڪ گهڙيءَ ۾ پورو ڪرڻ گهرجي. ڇا اسان اِيئن نه ٿا ڪري سگهون؟ “

مـِـتيا، گهڻو تڪڙو، بي چينيءَ ڀريو ۽ منجهيل ڳالهائيندو ويو. اِيئن معلوم پئي ٿيو، ته هـُـو ڄڻ ٻڌندڙن کي پنهنجو بهترين دوست، تصور ڪري رهيو هو.

 ”سو هاڻي، اسان لکنداسون، ته تون اُن تهمت کان قطعي انڪاري آهين، جا تو تي مڙهي وئي آهي.“  نڪولائي پارفينووچ، کانئس اَثر وٺندي چيو. هـُـو تنهنجي سيڪريٽريءَ ڏي جهـُـڪيو ۽ کيس آهستگيءَ سان لکڻ لاءِ، چوڻ لڳو:

اِنهيءَ کان اڳي، جو هـُـو سيڪريٽري کي ڪجهه لکائي، مـِـتيا اُن کي چيو، ته  ”لـِـک ۽ ڇا لکندين؟ چڱو لـِـک، مان قبول ٿو ڪريان ۽ عزيز دوست مان پوري قبوليت ٿو ڏيان، فقط هيءَ ته ...... ترس، ترس، پر هيءُ لـِـک ته مان پنهنجي بيهودگيءَ جي ڪري، مان هڪ پوڙهي جي مٿان مصيبت آڻڻ جو ڏوهاري آهيان. اَڃا به وڌيڪ منهنجي دل جي گهرائين ۾ ٻي ڳالهه به آهي، جنهن جو به مان گنهگار آهيان، پر هن حقيقت جي لکڻ جي ضرورت نه آهي، (ُهو، هڪدم سيڪريٽريءَ ڏانهن ڦريو.) اِها منهنجي ذاتي زندگي آهي، شريف انسان! اِنهيءَ سان تنهنجو ڪوبه لاڳاپو نه آهي. اِيئن کڻي چوان، ته منهنجي دل جي گهرائين سان تنهنجو ڪهڙو واسطو ..... پر مان پنهنجي پيءُ جي خون جو ڏوهي نه آهيان. اِهو وحشياڻو خيال آهي. يقيناً اِهو وحشياڻو خيال آهي ..... مان اُن کي ثابت ڪندس ۽ تون اُن کان ضرور متاثر ٿيندين ..... شريف انسان! تون کلندين. تون پنهنجو پاڻ، پنهنجي مـَـشڪ تي کلندين .....“

 ”دمتري فيودورپاولووچ تحمل ڪر“ ، جاچ ڪندڙ آفيسر کيس چيو. هـُـن چاهيو ٿي ته مـِـتيا جي جوش کي جيتري قدر ٿي سگهي گهٽ ڪري.  ”اِنهيءَ کان اڳي جو اَسان پنهنجي جاچ کي وڌايون. مان چاهيان ٿو، ته تون منهنجي سوال جي جواب ۾ اِهو قول ڪندين، ته تون پنهنجي پيءُ کي ناپسند ڪندو هئين ۽ ساڻس لاڳيتو جهڳڙن ۾ هئين. هن کان اَڌ ڪلاڪ اڳ ۾ تو هتي ئي چيو هو، ته تون کيس قتل ڪرڻ گهريو ٿي، پر تو کيس نه ماريو آهي.“

ڇا مون اِيئن چيو هو؟ شريف انسان! ته پوءِ اِيئن ئي آهي! مان پريشانيءَ ۽ ناخوشيءَ مان کيس مارڻ ٿي گهريو ..... ڪيترائي ڀيرا مان اِيئن ڪرڻ ٿي گهريو ... ناخوشيءَ جي باعث، ناخوشيءَ جي باعث!

 ”تو اِيئن ڪرڻ گهريو ٿي. تون هن قبوليت جو اقرار ڪندي، کولي ٻڌائيندين، ته اُهي ڪهڙيون ناگوار حالتون هيون، جن توکي پنهنجي مائٽن جي خلاف ايتري نفرت جي حد تي پهچايو هو؟“

 ”شريف انسان! هن تفصيل بيان ڪرڻ مان فائدو،“  مـِـتيا  پنهنجي ڪلهن کي پريشانيءَ کان سوڙهو ڪيو ۽ زمين ڏي نهارڻ لڳو.  ”مان ڪڏهن به پنهنجي جذبات کي لڪائڻ نه گهريو آهي. هيءَ ڳالهه شهر ۾ هرڪو ڄاڻي ٿو. مان زوسيما جي حجري ۾ ٿورو وقت اڳ، هن حقيقت جو اعلان ڪري چـُـڪو هوس ..... ۽ ساڳي ڏينهن شام جو، مان پنهنجي پيءُ کي ماريو هو. مان کيس ذري گهٽ قتل ڪيو هو. مان قسم کڻي چوان ٿو، ته مان ٻيهر به وٽس آيو هوس، ته شاهدن جي سامهون، کيس قتل ڪريان ..... ها هزار شاهدن جي سامهون! مان گذريل مهيني کان وٺي، وڏي واڪي، اِهو آواز ڪڍندو رهيو آهيان. هرڪو توکي اِها حقيقت ٻڌائيندو ........ حقيقت تنهنجي منهن ۾ حيرت کي آڻي وڌو آهي. اِها حالت پنهنجو پاڻ ڳالهائي ٿي، مگر شريف انسان، جذبات ڪاٻي شيءِ آهي. شريف انسان! (مـِـتيا جي منهن ۾ گهنج پئجي ويا.) مان سمجهان ٿو، ته منهنجي جذبات جي باري ۾ توکي سوال پڇڻ جو ڪوبه حق نه آهي. مان ڄاڻان ٿو، ته تون پنهنجي عهدي جو ذميدار آهين، پر هيءُ منهنجو پنهنجو، ذاتي ۽ قريبي معاملو آهي، پر ...... جيئن ته مان اڳ به پنهنجي جذبات کي راز بڻائڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي، ..... مثال لاءِ هوٽل ۾، مان هيءَ ڳالهه سڀني سان ڪندو رهيو آهيان، اِهڙيءَ ريت، هاڻي به اُن کي راز بڻائڻ نه ٿو گهران. شريف انسان! مان ڄاڻان ٿو، ته هن معاملي ۾ پنهنجي خلاف نهايت خطرناڪ حقيقتون موجود آهن، مان سڀني کي چئي ڇڏيو هو، ته اُن کي ماريندس. هاڻي بلڪل اوچتو، هـُـو قتل ڪيو ويو آهي. اُن ڪري مان ئي سندس قاتل هوندس! ها، ها! شريف انسان! مان توکي هن ڳالهه جي مڃڻ جي اجازت ڏيندس. مان هن بدناميءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيو آهيان. جيڪڏهن مان نه آهيان، ته ڀـَـلا ٻيو ڪير اُن کي ماريندو؟ اِهوئي نتيجو ٿو نڪري، هائو نه! واقعي جي مان نه آهيان، ته ٻيو ڪير هوندو؟ شريف انسان! مان اِهو ڄاڻڻ ٿو گهران ۽ اُن تي زور ٿو ڏيان.“  اِهي لفظ هـُـن زور ڏيئي چيا.  ”کيس ڪٿي قتل ڪيو ويو آهي؟ ڪهڙيءَ ريت کيس ماريو ويو آهي؟ ڇا سان کيس ماريو ويو آهي؟ مون کي اهي سڀئي حقيقتون ٻـُـڌايو.“  هـُـن جلديءَ مان پنهنجي وڪيلن ڏي نهاريندي، کين چيو.

 ”اسان کيس سندس مطالعي واري ڪمري ۾ ڏٺو. هـُـو زمين تي پٺيءَ ڀـَـر پيو هو، ۽ سندس مٿو ٽڪرا ٽڪرا ٿيل هو.“  پراسيڪيوٽر کيس چيو.

نڪولائي پارفينووچ وچ ۾ ڳالهائيندي چيو ته:  ”اَسان کي پنهنجو سلسلو قائم رکڻ گهرجي.“

 ”اِهو نهايت خطرناڪ واقعو آهي،“  مـِـتيا ڏڪي ويو. هن پنهنجي ٺونٺ ميز تي ٽـِـڪائي ۽ پنهنجي منهن کي سڄي هٿ ۾ جهليو.

نڪولائي کانئس پڇيو ته:  ”اُها ڪهڙي ڳالهه هئي، جنهن توکي مجبور ڪيو، ته تون ساڻس ايڏي نفرت رکين؟ تو عام ۾ به اُن جو اظهار ڪيو آهي. مون کي هاڻي يقين آهي، ته هن جو بنياد ساڙ  ئي هو.“

 ”هائو ساڙ، پر فقط ساڙ نه.“

 ”پيسي جي بابت جهڳڙو؟“

 ”هائو پيسي جي به ڳالهه هئي.“

 ”ٽي هزار روبل تي جهڳڙو هو، جنهن کي تو پنهنجي ورثي جو حق ٿي سمجهيو؟“

 ”ٽي هزار، اُٺن کان گهڻو مٿي“  ڪاوڙ مان مـِـتيا جواب ڏنو.  ”ڇهن هزارن کان به مٿي، شايد ڏهن هزارن کان به مٿي، جن جي لاءِ مان ماڻهن کي رڙيون ڪري ٻـُـڌائيندو هوس، پر پوءِ مون ٽن هزارن کي ڪافي سمجهيو. مون کي اِنهن ٽن هزارن جي بيحد گهرج هئي ...... مون کي سندس ٽن هزارن جي ٿـَـهي جي خبر هئي، جي هـُـو پنهنجي وهاڻي جي هيٺان، گروشينڪا کي ڏيڻ لاءِ هميشھ تيار رکندو هو. مان خيال ڪيو، ته اِهي پيسا مان آسانيءَ سان چورائي سگهندس. هائو شريف انسانو! مان اِنهن پيسن کي پنهنجي ملڪيت ٿي سمجهيو ......“

پراسيڪيوٽر، جاچ ڪندڙ آفيسر ڏانهن وضاحت لاءِ ڏٺو، ۽ هن بيوقوفيءَ تي چاهيو ته کيس اک جو اشارو ڪري.

وڪيل مستعدي ڏيکاريندي  چيو ته:  ”اسان هن حقيقت ڏي پوءِ اينداسون، پهريان تون اِجازت ڏي، ته اسان هن حقيقت کي لکون، ته تو اِنهن پيسن کي پنهنجي ملڪيت ٿي سمجهيو.“

 ”بيشڪ! اوهان اُن کي لکو. مان سمجهان ٿو، ته اِها ٻي حقيقت آهي، جا منهنجي خلاف ٿيندي، پر مان حقيقتن کان خوف نه ٿو کاوان ۽ مان پاڻ ئي پنهنجي خلاف اُنهن کي ٻڌايان ٿو. شريف انسانو! اوهان مون کي جيئن ڏسو ٿا، اُن کان ٻي طرح جو انسان ڪري سمجهو.“  هن اوچتو اُداسائيءَ ۽ پريشانيءَ مان چيو.  ”اوهان کي هڪ عزت واري ماڻهوءَ سان معاملو پيو آهي. نهايت مٿانهين عزت وارو ماڻهو! سڀ کان مٿي - اُن کي نگاهه کان ٻاهر نه رکو. اُهو ماڻهو جنهن گهڻيون بيهوديون حرڪتون ڪيون آهن، پر جو پنهنجي دل جي گهرائين ۾، هميشھ ۽ اَڃا به عزت وارو آهي. مان هن حقيقت کي چڱيءَ طرح بيان ڪري نه ٿو سگهان. اِهائي ڳالهه آهي، جنهن مون کي سڄي حياتي عذاب ۾ مبتلا ڪري رکيو آهي. مان هميشھ عزت جي لاءِ پئي آرزو ڪئي آهي. ڄڻ ته مان عزت جي سمجهه ۽ فڪر جو شهيد هوس. مان اُن کي هڪ فانوس سان ڳولهيندو ٿي رهيس، تشخيص جي فانوس سان، پر اُن هوندي به مان  پنهنجي سڄي حياتي خراب ڪمن ۾، ٻين سڀني وانگر وڃائيندو رهيس، شريف انسانو! ... مان هن راهه ۾ اَڪيلو آهيان. اَڪيلو، اَڪيلو! ..... شريف انسانو! منهنجو مٿو سور ٿو ڪري.“  سندس رڳون واقعي ڦـُـنڊي ويون هيون.  ”شريف انسانو! مان سندس نگاهن کي برداشت ڪري نه  ٿي سگهيس. اُن ۾ اَڻپورو احساس، مستحده پن، سڀني پاڪيزه شين جي خلاف، گستاخي ڀريل نفرت ۽ ايمان جي قلت، موجود هئي. مان اُن جي اِنهن شين کان نفرت ٿي ڪئي، پر هاڻي جيئن ته هـُـو گذري چـُـڪو، مان ڪو ٻيو خيال ٿو ڪريان.“

 ”تنهنجو، اِنهيءَ مان مطلب ڇا آهي؟“

 ”مون کي ڪنهن ٻي احساس جو قطعي خيال نه آهي، پر مان سوچيان ٿو، ته مون کي ساڻس ايتري نفرت نه رکڻ کپندي هئي.“

 ”تون پاڻ کي پشيمان ٿو سمجهين؟“

نه - پشيمان نه، مهرباني ڪري اِهو نه لکجو. مان پاڻ چڱو نه آهيان. اُن ڪري مون کي ڪوبه حق نه ٿو پهچي، ته مان اُن کي خراب سمجهان. اِهائي منهنجي مدعا آهي! اِهو توهان ڀلي لکو، جيڪڏهن اوهان کي پسند اَچي!

اِيئن چوندي، مـِـتيا ماتم زده بڻجي ويو. جيئن جاچ مسلسل ٿيندي رَهي، هـُـو وڌ کان وڌ اُداس بڻجي ويو.

اُن گهڙيءَ اُميد جي خلاف، هڪ ٻيو منظر پيدا ٿي پيو. جيتوڻيڪ گروشينڪا کي اُتان ڪڍيو ويو هو، پر کيس پـَـري نه نيو ويو هو. هوءَ نيري ڪمري جي بلڪل ڀـَـر واري ڪمري ۾ موجود هئي، جنهن ۾ آڏي پڇا هلي رَهي هئي. هيءُ ننڍو ڪمرو هو، جنهن ۾ هڪ دَري هئي، جنهن جي پريان وڏو ڪمرو هو،جنهن ۾ رقص ۽ دعوت جو بندوبست ڪيو ويو هو. هوءَ اُن ڪمري ۾ ويٺي هئي، پر وٽس فقط ميڪزيموف موجود هو، جنهن کي سخت رنج پهتو هو ۽ ڊنل هو. هو پنهنجي سلامتي لاءِ، ڄڻ ته گروشينڪا کي چهـُـٽي پيو هو. دروازي تي هڪ ڳوٺاڻو ڪنهن ڌاتوءَ جو ٽڪرو کنيو بيٺو هو. هوءَ روئي رَهي هئي، اوچتو سندس ڏک بيحد وڌي ويو. هـُـو ٽپو ڏئي اُٿي. هـُـن پنهنجي ٻانهن کي ڪشادو ڪيو. غم جي گهڻائي کان پارَ ڪڍندي، اُن جي ڪمري ۾ ڊوڙندي وئي. ايترو ته هوءَ اوچتي ۽ اُميد جي خلاف پنهنجي مـِـتيا ڏي وئي، جو ڪو به کيس روڪي نه سگهيو. مـِـتيا سندس روئڻ کي ٻـُـڌي ڏڪي ويو ۽ ٽپو ڏئي اُٿيو. کيس ڪابه خبر نه پئي، ته هـُـو ڇا ڪري رهيو هو؟ پر کين پاڻ ۾ گڏجڻ جي اِجازت نه ڏني وئي. مـِـتيا کي ٻانهن کان جهليو ويو. هـُـو پاڻ ڇڏائڻ لاءِ ڪشمڪش ۾ پئجي ويو. هاڻي کيس ٽن چئن ماڻهن سوگهو جهليو. گروشينڪا کي پڻ جهلي ورتائون. مـِـتيا ڏٺو، ته هـُـن هڪ ٻانهن ڏانهس وڌائي. هـُـن کي جيئن گهليندا ٿي ويا، هـُـن رڙيون ڪري کين روڪيو. جڏهن هيءُ منظر پورو ٿيو، ته هـُـو وري پنهنجي هوش ۾ اَچي ويو. اڳي وانگر هـُـو پنهنجي جاءِ تي وڃي ويهي رهيو. سندس سامهون جاچ ڪندڙ ٻه وڪيل هئا، جن کي هـُـن روئندي چيو ته:

 ”توهان کي هـُـن مان ڇا کپي؟ توهان کيس ڇو عذاب ڏئي رهيا آهيو؟ هـُـن ته ڪجهه به نه ڪيو آهي.“

وڪيل ڪوشش ڪرڻ لڳا، ته کيس ٿڌو ڪن. اٽڪل ڏهه منٽ اِنهيءَ حالت ۾ گذري ويا. آخر مائيڪل مائڪرووچ، جو سمورو وقت غير حاضر هو، اندر تڪڙو تڪڙو گهڙي آيو ۽ وڏي آواز ۽ جوش مان جاچ ڪندڙ عملدار کي چيائين ته:

 ”هن کي عليحده ڪيو ويو آهي ۽ هوءَ هاڻي هيٺ آهي. شريف انسانو، مون کي اِجازت ڏيو، ته مان هن بدبخت انسان کي ٻه لفظ چوان. مان هن سان اوهان جي موجودگيءَ ۾ ڳالهائڻ گهران ٿو.“

 ”بيشڪ مائيڪل مائڪرووچ،“  جاچ ڪندڙ وڪيل جواب ڏنو.  ”موجوده حالت ۾ هن جي خلاف ڪجهه به چوڻو نه آهي.“

 ”منهنجا عزيز دمتري فيودورپاولووچ ڌيان ڏئي ٻڌ.“  پوليس ڪپتان ڳالهائڻ شروع ڪيو. وٽس اُن بدقسمت قيديءَ لاءِ پيءُ جهڙي گرم جوشي ٿي ڏٺي.  ”مان پاڻ تنهنجي اگرافينا اليگزينڊرووينا کي هيٺ وٺي ويو  آهيان ۽ جاءِ جي مالڪ جي نياڻين کي چيو اٿم، ته اهي سندس چڱيءَ ريت خبرگيري ڪن ۽ سمورو وقت پوڙهو ميڪزيموف ساڻس گڏ رهيو آهي. تون ٻڌين ٿو، مان کيس ٿڌو ڪيو آهي. مان کيس وضاحت سان ٻڌايو آهي، ته توکي پنهنجيءَ حالت کي پاڻ صاف ڪرڻو آهي، اُن ڪري اُن ۾ اَٽڪاءُ نه بڻجي، ۽ نه توکي غمگين بڻائي. جيڪڏهن تو غلط بيان ڏنو، ته پنهنجو سر وڃائي ويهندين. حقيقتاََ مان جو ڪجهه هـُـن سان ڳالهايو آهي، اُن کي هـُـن چڱيءَ ريت سمجهيو آهي. هوءَ سمجهه واري ڇوڪري آهي ۽ نيڪدل. هن منهنجي پوڙهن هٿن کي چميو ۽ تنهنجي مدد لاءِ عرض ڪيو آهي. هـُـن مون کي توڏانهن موڪليو آهي، ته اُن جي لاءِ تون ڪوبه انتظار نه ڪر. مان هاڻي وٽس ويندس ۽ کيس ٻڌائيندس، ته تون بلڪل مطمئن آهين ۽ اُن جي لاءِ توکي ڪو به انتظار ڪونه آهي. تون هن کي چڱيءَ ريت سمجهين ٿو. منهنجي روش هن سان ڪا چڱي نه هئي، پر هـُـو عيسائي روح آهي، شريف انسان! هائو هوءَ هڪ شريف روح آهي ۽ مٿس ڪوبه الزام اَچي نه ٿو سگهي. ها! دمتري فيودورپاولووچ جيئن مان هن کي چيو آهي، تون سانت ۾ ويهندين يا نه؟“

نيڪ طبعيت ڪپتان، رواج جي خلاف کيس گهڻو ڪجهه چيو. اِهو اِنهيءَ ڪري هو، جو گروشينڪا جي مصيبت ۽ پاڻ جهڙي انسان جي تڪليف سندس نيڪ فطرت دل تي وڏو اَثر ڪيو هو، ۽ سندس اکيون ڳوڙهن سان ڀريل هيون. مـِـتيا ٽپو ڏيئي اُٿيو ۽ اُن ڏي ڊوڙي  پيو.

 ”شريف انسان! مون کي معاف ڪر.“  هـُـن رڙ ڪري چيو.  ”مائيڪل ماڪرووچ تو وٽ هڪ ملائڪ جي دل آهي. مان اُن جي لاءِ تنهنجو شڪرانو اَدا ڪريان ٿو. مان مطمئن ۽ خوش رهندس. توهان پنهنجي مهربان روح جي گهرائي مان کيس چئو، ته مان نهايت خوش آهيان. هڪ منٽ جي اندر مان کلڻ شروع ڪري ڏيندس، ڇو ته مون کي هاڻي خبر آهي، ته تو جهڙو ملائڪ اُن جو سنڀاليندڙ آهي. مان هاڻي سنئون سڌو ڪاروائي کي منهن ڏيندس ۽ جيئن ئي آزاد ٿيندس، ته اُن ڏي هليو ويندس. مان ساڻس گڏ هوندس. کيس منهنجي لاءِ ترسڻ کپي.“  هن پوءِ ٻن وڪيلن ڏي منهن ڪري چيو، ته  ”هاڻي مان پنهنجي سڄي روح کي کولي، اوهان ڏي متوجهه ٿيندس. مان سڀئي ڳالهيون بيان ڪندس ۽ وڏيءَ خوشي سان اُنهن کي پورو ڪندس. اَسين آخر ۾ اِنهن ڳالهين تي کلنداسون. ڪيئن، اِيئن نه؟ پر شريف انسانو! هوءَ عورت منهنجي دل جي راڻي آهي. اِهو به مان اوهان کي ٻڌائي ٿو ڇڏيان. هڪڙي ٻي ڳالهه به اوهان کي ٻڌايان ٿو، ته مان عزت وارن ماڻهن سان پاڻ کي گڏ ٿو ڏسان. هوءَ منهنجي لاءِ روشني آهي ۽ مقدس آهي. جيڪر اوهان اُن کي ڄاڻو! اوهان سندس دانهن کي ٻـُـڌو، هـُـوءَ چئي رَهي هئي، ته مان توسان گڏ موت لاءِ به تيار آهيان؟ مون وٽ ڇا آهي، هڪ پيسي کان سواءِ فقير آهيان. اُن لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان؟ مون جهڙي ماڻهوءَ لاءِ ايڏي محبت ڇو؟ مون جهڙو جنوني، بڇڙو ۽ وحشي ۽ بدصورت اِهڙي محبت جي لاءِ ڪيئن لائق ٿي سگهي ٿو. ايتري قدر جو هـُـو مون سان ملڪ بدر ٿيڻ لاءِ به تيار آهي؟ ڪيئن نه هوءَ منهنجي لاءِ اوهان جي قدمن ۾ ڪري پئي هئي؟ اِجهو هاڻي! ...... اُن هوندي به هـُـو مجبور آهي ۽ هـُـن ڪجهه به نه ڪيو آهي! مان ڪيئن نه اُن کي سنوارڻ ۾ مدد  ڪريان ۽ ڪيئن نه روئي اُن ڏي ڊوڙان. اوهان اِهو سڀڪجهه هاڻي ڏٺو آهي. شريف انسانو، مون کي معاف ڪريو! پر هاڻي، هاڻي مان بلڪل مطمئن آهيان.

هـُـو ڪرسيءَ جي پٺ ڏي وري ليٽي پيو ۽ ٻنهي هٿن سان منهن کي ڍَڪي، ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو، پر اِهي خوشيءَ جا لـُـڙڪ هئا. هـُـن اِنهيءَ وقت ۾ پاڻ کي سنڀالي ورتو هو. پوڙهو پوليس ڪپتان، نهايت خوش ٿي ڏٺو ۽ اُن سان گڏ وڪيل به. هنن محسوس ڪيو، ته امتحان هاڻي نئين صورت اختيار ڪري رهيو آهي. جڏهن پوليس ڪپتان ٻاهر نڪري ويو، ته مـِـتيا بلڪل خوش هو.

 ”شريف انسانو، مان هاڻي اوهان جي حڪم جي تعميل لاءِ تيار آهيان ۽ سڄوئي اوهان جي هٿن ۾ آهيان. جيڪڏهن هي بي لطف تفصيل اوهان سڀني جي اڳيان نه هجي ها، ته شريف انسانو، مان اوهان جي حڪم جي تعميل لاءِ حاضر آهيان، پر مان هيءُ ظاهر ڪرڻ گهران ٿو، ته اسان کي پاڻ ۾ هڪٻئي تي ويساهه رکڻ گهرجي. اوهان کي مون ۾، ۽ مون کي اوهان ۾. جيڪڏهن اِيئن نه ٿيو، ته اِها بي نتيجي شيءِ ٿي پوندي ۽ اُها پڄاڻيءَ تائين پهچي نه سگهندي. مان اوهان جي فائدي جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان. شريف انسانو، اوهان پنهنجو ڪم ڪريو ۽ منهنجي روح کي ڳولڻ جي ڪوشش نه ڪريو. اوهان دڙڪن سان مون کي نه هيسايو، پر فقط حقيقت جي مون کان پڇا ڪريو، ته حالتون ڇا آهن؟ مان هڪدم اوهان کي مطمئن ڪندس. وڌيڪ تفصيل کي کڏ ۾ وجهو!“

مـِـتيا اِيئن ڳالهائيندو رَهيو ۽ سوال، جواب وري شروع ٿيا.

dc

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org