سيڪشن؛  ناول 

ڪتاب: ڪئنڊِيڊ

 

صفحو :2

1715ع ۾ جڏهن هو ايڪيهن ورهين جوٿيو، تڏهن فرانس جي بادشاهه لوئي 14 جي مرڻ تي هن جي جانشين پٽ هڪڙي امير ڪبير سنڀاليون. هن سرڪاري خرچ گهٽائڻ جي نيت سان، اڌ گهوڙا وڪڻي ڇڏيائين. جڏهن اها خبر والٽيئر ٻڌي، تڏهن هڪدم هن جي زبان مان هي گفتو نڪتو ته ”ڪيڏي نه وڌيڪ سمجهداريءَ جي ڳالهه ٿئي ها، جيڪڏهن اصطبل ۾ بيٺل گهوڙن کان اڳ درٻار ۾ ويٺل اڌ گڏهه ڪڍي ڇڏي ها!“ اهو هن جو گفتو فورن پئرس جي هر ماڻهو جي زبان تي چڙهي ويو. انهن ڏينهن ۾ ٻه هڪڙا ننڍا نظم به شهر ۾ عام پکڙجي ويا، جن ۾ قائم مقام امير ڪبير تي جُلهه ڪيل هئي ته هن سازش ڪري، تخت جو وارث بنجڻ چاهيون ٿي. ڪاهي ٻه نظم به ڪنهن طرح نوجوان آروٽ ڏانهن منسوب ٿي ويا. انهن ئي ڏينهن ۾ هڪڙي ڏينهن هو ڪنهن باغ ۾ ان قائم مقام امير ڪبير جي ور چڙهي ويو، جنهن ڳچي کان جهلي چيس، ”آروٽ، ترت ئي توکي مان اهڙي هنڌ جو سير ڪرائيندس، جو سڄي عمر ياد ڪندين!“ ڪهڙي هنڌ“ ”باسٽيل جي باغ جو!“ ٻئي ڏينهن يعني 12 اپريل 1717ع تي، آروٽ باسٽيل جي قيد خاني ۾ ويٺو هو!

ايئن هو ان باسٽيل جي شاهي ترم ۾ تقريباً ٻارهن مهنيا رهيو. پنهنجو ادبي نالو ”والٽيئر“ به اتي هن پاڻ تي رکيو. هن انهن ٻارهن مهينن ۾ ٻه ڪتاب لکيا. هڪ ”او ڊيپ“ ڏک وارو ناٽڪ، جنهن جو ڪجهه ذڪر مٿي ٿي چڪو اهي. ۽ ٻيو ”هينر ئيڊ“ جيڪو فرانس جي ڏيڍ سو سال ڳوڻي بادشاهه هينري چار جي سوانح حيات بابت هڪ طويل نظم هو، ان بادشاهه کي والٽيئر سڄي زندگي پنهنجو هيرو ڪري مڃيو، ڇاڪاڻ ته اهو بادشاهه مذهبي صلح ۽ رواداري جو علمبردار هو ۽ هن ئي يورپ ۾ ٽيهن سالن جي لاڳيتن مذهبي لڙاين جي خاتمي تي دين مسيح جي مختلف فرقم جي وچ ۾ نئنٽيز جو مذهبي صلح نامو“ (1596ع) تجويز ڪيو هو ۽ ان جي شرطن وغيره جو مسودو تيار ڪيو هو، باسٽيل ۾ هن کي اڃا ٻارهن مهينا ئي ڪونه ٿيا هئا، ته سرڪار وٽ ڪنهن طرح ثابت ٿيو ته اهي اعتراض جوڳا ٻه نظم والٽيئر ڪونه لکيا پئا پر ٻئي ڪنهن لکيا هئا، جنهن تي قائم مقام امير ڪبير نه فقط کيس قيد مان ازاد ڪيو، پر پينشن جي ڪجهه رقم به مقرر ڪري ڏنائينس. والٽيئر ان لاءِ هن ڏانهن شڪر گذري جو خط لکي موڪليو، جنهن ۾ لکيائينس ته کاڌي جو ته بندوبست منهنجو توهان ڪيو، ان لاءِ مهرباني پر وڌيڪ مهرباني ڪري منهنجي رهائش جو به بندوبست نه ڪجو، اجازت ڏجو ته اهو بندوبست آئون پنهنجو پاڻ ڪندو رهان!“

هن جي ايئن جيل مان نڪرڻ کان پوءِ جڏهن هن جو ناٽڪ او ڊيپ اسٽيج تي پيش ٿيو ته اهو هيڪر ته پنجيتاليهه راتيون لاڳيتو ڏيکاربو رهيو- جو پئرس ۾ ناٽڪ جي تاريخ ۾ رڪارڊ هو. هن جو پوڙهو پي به پهرين ڏينهن ڪاوڙ ۾ ڀرجي هن کي هيٺ مٿي ڪرڻ لاءِ، ٿيئٽر تي جُلهه ڪري آيو، پر جڏهنکيس وٺي وڃي اندر ويهاريائون، ۽ ناٽڪ شروع ٿيو، ۽ هن ڏسڻ شروع ڪيو ته ڏسندي ڏسندي هو مزيدار ڳالهه تي پنهنجي خوشي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪندي، گهٽيل سان چپن ۾ ڀٽڪندو رهيو- ”اڙي بدمعاش، اڙي بدمعاش! تو هي ٺاهيو!“ ناٽڪ تي ڪنهن تبصرو ڪندي والٽيئر کي چيو، ”محض ڏک جي ناٽڪ کان ته هي مٿي ڳالهه هئي، جواب ڏنائينس ته ”تو ڏک ڏٺو آهي؟ ڏک جا ناٽڪ وري وڃي ڏس ۽ پڙهه!“ پر واقعي والٽيئر جو هي ناٽڪ ان دور جي عام ناٽڪن کان مٿي به هو ۽ مختلف هو ڇاڪاڻ ته ان ۾ هن ”محض ڏک“ کان مٿڀريون ڳالهيون به لکيون هوين، جن ئي اڳتي هل هن جي ان ڊرامي کي درٻار ۽ ڪليسا ٻنهي جي ڪاوڙ جو نشانو بنايو ۽ ان جو نالو ”منع ٿيل“ ڪتابن جي لشت ۾ شامل ٿي ويو. اهي ان ۾ ڪهڙيون ڳالهيون هيون! مثلاً ههڙيون:

”اسان جا پادري ائين نه آهن جيئن سادو عوام انهن کي سمجهي ٿو، انهن جو علم بس ايترو اهي، جيترو اسان جو انهن ۾ ويساهه آهي.“

ان ۾ هڪڙي ڪرداري جي واتان انسان لاءِ علم جي هڪڙي ئي قابل اعتماد ذريعي جو، ۽ ان کان سواءِ ٻئي هر ذريعي جي انڪار جو، اعلان ڪرايل هو:

”اچو ته پنهنجي پاڻ تي اعتبار رکون، سڀڪجهه پنهنجي اکين سان پاڻ ڏسون، اهي ئي اسان لاءِ غيبدان، اسان لاءِ واعظ ۽ اسان لاءِ الهام آهن.“

ان کان پوءِ اٺ سال لاڳيتا والٽيئر پئرس جي ادب ۽ فن جي دنيا جو بي تاج بادشاهه بنيو رهيو. اوچتو هن جي زندگي ۾ هڪ ٻيو سانحو رونما ٿيو، جنهن هن جي سڃي مستقل جو رخ موڙي ڇڏيو، والٽيئر وٽ سواءِ سندس ڏات جي ٻي ڪا عزت ۽ رتبي يج سند ڪانه هئي ان دور جي جاگيرداري برادري ۾ توڻي اڄ به انهن ۾ اهو ڪنهن جو ڏوهه ڪونهي هن جي عزت ۽ رتبو ”خانداني“ نه پر پنهنجي ذاتي لياقت سبب هجي ۽ هو دعوا به ان لاءِ پنهنجي لياقت جي آڌار تي ڪندو هجي ۽ نه ڪنهن ورثي ۾ مليل خانداني وڏ ماڻهپ تي. هڪڙي ڏينهن ڪنهن رئيس وٽ دعوت هئي ۽ ماني کائي سڀني ويٺي پاڻ ۾ گپشپ هنئين جنهن ۾ سڀ کان اڳرو والٽيئر ئي هو. ڇاڪاڻ ته هن کي ڳالهئاڻ ۾ ڪوبه پڄي ڪونه ٿي سگهيو. هو سڄي محفل تي ڇانيو پيو هو. اوچتو سواءِ، ڪنهن سبب جي نواب شوليئر ڊي روهان، آواز ۾ حقارت ڀري، وڏي واڪ پڇيو ” اهو ڪير آهي جو ايڏي ارڏائي سان پيو ڳالهائي،“ والٽيئر فورن جواب ڏنس: ” منهنجا سائين هيءَ اهو اهي، جنهن وٽ ڪو وڏو نالو ڪونهي، پر جو پنهنجو نالو اٿس ان ڪري ئي عزت مليس ٿي!“ ڪنهن نواب بهادر کي جواب ڏئي نه سگهي، اهو ته هن جي پڳ ۾ هٿ هو، هن جي نوابي کي لوڏو هو! هو هن وڏيري وڏ ڌڻي ڇا ڪيو، جو رات جو گونڊا موڪلي والٽيئر کي ڏاڍي مار ڪڍائي ڇڏيائين، ٻئي ڏينهن ٿيئٽر ۾ والٽيئر آيو ته منڊڪائيندو آيو ۽ هن جي مٿي ۽ منهن تي پٽيون ٻڌيون پيون هيون. هو انهي ئي صورت ۾ وڌي نواب ڊي روهان جي خاص نشست تائين ويو ۽ هن کي سروسر تلواربازي جي استعمالي ڪيائين. پر نواب بهادر کي هڪ خسيس ”ڏات ڌني“ سان سروسر وڙهي، بهشت ۾ يا ٻئي ڪنهن هنڌ وڃڻو ڪونه هو، سو هن پنهنجي سوٽ سانڳالهه ڪئي، جيڪو درٻار ۾ پوليس جو وزير هو، ۽ ان ڇا ڪيو جو فورن والٽيئر کي گرفتار ڪرائي هڪ ڀيرو وري باسٽيل جي تر ۾ وجهائي ڇڏيائين. ٻه هفتا ان ۾ ويهارڻ کان پو کيس انهي حڪم تي ڪڍيو ويو ته هو ملڪ ڇڏي انگلينڊ هليو ويندو. والٽئير کي انگريزي کاري ٽپائي ٻي ڀر ڊوور بندر تي ڇڏي آيا، پر هو ويس بدلائي کاري واپس ٽپي، انتقام جي باهه ۾ پچندو فورن فرانس جي ڪناري تي پهچي ويو، ايتري ۾ کيس ڪٿان کڙڪ پئجي ويئي ته هو ڏسجي پيو هو، ۽ ٽيون ڀيرو اجهو ٿي گرفتار ٿيو! لاچرا هو ٻئي جهاز ۾ سوار ٿي، موٽي انگلينڊ ويو، جتي پوءِ هو ٽي سال (29- 1926) رهيو.

انگلينڊ ۾ رهائش جي انهن ٽن سالن سان والٽيئر جي فڪر ۾ بنيادي گهرائي ۽ پختگي پيدا ٿي. زندگي ۾ هن کي ڇا ڪرڻو هو، ان جي چٽي خبر ۽ روشن احساس هن کي انهي مدت ۾ ٿيو. امير شاهه جنهن جي هٿان پاڻ تڙجي نڪتو هو، ۽ پادريت جنهن جوآزادي جي هر ساهه سان وير هو، ان هٿان پنهنجي وڏي ڀاءُ جي موت کي ياد ڪندي هو انهن ٻنهي کي معاشري جي هر ناانصافي ۽ هر گناهه جو منڍ سمجهڻ لڳو هو.

فرانس ۾ موٽي اچڻ تي هن پنهنجي نئين دنيا جي ان نظريي کي چپ چاپ ”فيلسوفيانه خط“ يا ”انگريزن بابت خط“ نالي ڪتاب ۾ قلمبند ڪيو، جنهن ۾ هن انگريزي سماج جي تقرير، فڪر ۽ عقيدي جي آزادي علمي تحقيق ۽ تجربي ۽ جمهوري حڪومت جي پارلياماني سرشتي متعلق پنهنجا تاثرات پيش ڪيا، ائين اتان جي حڪومتي ۽ سماجي ادارن کي بيان ڪندي، هن فرينچ عوام ۽ خواص کي سندن پنهنجي ملڪي ۽ سماجي صورتحال تي ويچار ڪرڻ ۽ ان کي بدلائڻ لاءِ بي خوف ۽ کلي دعوت ڏني. اهو هن جو ڪتاب رکي رکي 1734ع ۾ شايع ٿيو، ۽ شايع ٿيڻ سان شاهي ’پارليامينٽ‘ جي فرمان تحت ان کي جلايو ويو ۽ ان جي مصنف لاءِ گرفتاري جا وارنٽ جاري ٿيا، ڪتاب تي اعتراض هي هو ته اهو ”خلاف مذهب هو، اخلاق جو بگاڙيندڙ هو ۽ قانون هيٺ قائم ٿيل اختيار جو دشمن ۽ باغي“ هو.

والٽيئر ان صورتحال لاءِ اڳي ئي تيار هو، ۽ هڪدم ڀڄي وڃي پاسي واري خودمختيار لورين رياست ۾ پنهنجي هڪ قربدار اميرياڻي- ايميلي ڊيوشٽليٽ- جي محل ۾ پناهه ورتائين، ۽ اتي پوءِ ان جي سايي 7 سنگ ۾ 16 سال 1734ع کان وٺي ان خاتونءَ جي مرڻ تائين، گذاريائين.

سورهن سالن جو اهو ڊگهو عرصو هن جو ڏاڍو سکيو ۽ سڦل گذريو. هي خاتون پاڻ به وڏي سمجهدار ۽ علم جي خاص طرح رياضي ۽ فلسفي جي – صاحب هئي. هو ٻئي گڏجي جديد علمن، خاص طرح فلڪيات، علم ڪيميا، ڪلن جي علم، ۽ پڻ تاريخ جو اڀياس ڪندا هئا. والٽيئر ان پنهنجي دل گهري خاتون لاءِ بلڪ ان جي چوڻ تي ٻين ڪيترين ننڍين وڌين تصنيفن سان گڏ پنهنجو علمي تحقيق ۽ ادبي ڪاوش جو سڀ کان وڏو ۽ سڀ کان اهم ڪم – ’تاريخ اقوام عالم‘ جنهن کي هن ”قومن جي اخلاقي ارتقا جي تاريخ“ جو نالو ڏنو- هٿ ۾ کنيو. پر افسوس، جو هو اهو ڪم ان مائي صاحبه ڪري ويئي ان تي ڪتاب بابت هڪ هنڌ هن ٻڌايو ته ”ڪنهن باب جي رڳو ٻن جملن لکڻ لاءِ ٻه ٻه هفتا تحقيق ڪرڻي پويم ٿي.“ اهو ڪتاب هن پوءِ چئن سالن گذرڻ بعد 1753ع ۾ شايع ڪيو.

والٽيئر هن پنهنجي هن هم طبع، هم مشرب، ۽ حوصله مند ساٿي جي فوت ٿي وڃڻ کان پوءِ ڏاڍي اٻاڻڪائي محسوس ڪئي ۽ نيٺ دل پڪي ڪري، پناهه ۽ آٿت جي ڳولا ۾، پنهنجي معتقد ۽ جرمني جي بادشاهه فريڊاعظم وٽ ويو. هن جي نظر ۾ فريڊرڪ اهڙو هڪ فراخدل ۽ روشن دماغ حاڪم هو، جنهن جو تصور، هڪ بي پهچ تمنا وانگر هو سدائين پنهنجي ذهن ۾ رکندو ٿي آيو. فريڊرڪ جي ساڻس خط و ڪتابت گهڻي وقت کان هلندڙ هئي، ۽ والٽيئر هن کي اهو دانشمند بادشاهه سمجهڻ لڳو هو، جنهن جو ذڪر افلاطون پنهنجي جڳ مشهور ڪتاب ”ريپبلڪ“ (رعيتي راڄ) ۾ ڪيو هو. جڏهن فريڊڪ اڇا نه بادشاهه ٿيو هو، نه اعظم، تڏهن پهريون خط جيڪو هن 1736ع ۾ والٽيئر کي لکيو هو، تنهن مان هن شهزادي جي دلي امنگن ۽ ذهني فضيلت جي خبر پئي ٿي. هن والٽيئر کي ”فرانس جو عظيم ترين انسان“ ڪري خطاب ڪيو هو. ”هڪ اهو فاني شخص، جنهن ٻولي جو مان وڌايو هو.... آءٌ اهو وڏي ۾ وڏ اعزاز سمجهان ٿو، جو آءٌ اهڙي انسان جي همعصر چوائڻ جو حقدار آهيان، جيڪو اهڙين بي مثل صلاحيتن جو صاحب آهي، جيئن اوهين آهيو...... اها هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ڪانهي، جو هو ماڻهو جي روئندڙ دل کي کلائي، ۽ واقعي دل جي خوشين کان وڌيڪ خوشيون زندگي ۾ آهن به ڪين.“ بادشاهه بنجڻ کانپوءِ به سدائين هو والٽيئر کي پاڻ وٽ اچڻ لاءِ زور ڀريندو هو. خط و ڪتابت ۾ ته هن ڪڏهن به ڪا بي رخي يا ٿڌاڻ ڪانه ڏيکاري هئي. سو دل ۾ ڪيتريون نيڪ تمنائون ۽ گهڻيون خوشفهميون کڻي،والٽيئر فريڊرڪ اعظم وٽ ويو ۽ اتي ٽي سال رهيو. پر ترت ئي هن محسوس ڪيو ته آپيشاهي جا ڪم ۽ طريقا ٻنهي صورتن ۾ تقريبن ساڳيا هئا. پوءِ آپيشاهي ڪنهن فيلسوف بادشاهه جي هجي يا ڪنهن دودستي جاهل بادشاهه جي، پنهنجي دل جي ان ڪيفيت جو ذڪر هڪ خط ۾ ڪندي لکي ٿو ته ”ڪو ماڻهو ڪنهن وڏي ٽاور تان ڪري ۽ ڪرندي ڪرندي هوا جي نرمي کي محسوس ڪري، چوي ته هي نرمائي ته ڏاڍي سٺي، پر شل سدائين رهي! منهنجي حالت به اڄڪلهه هتي اهڙي آهي.“ بهرحال اها گهڙي به آئي، جڏهن هو ان ”نرم هوا“ مان ٿيندو ٿيندو، اچي پٽ تي پهتو. هو هاڻي منجهي پيو ته وڃي ته ڪيڏانهن وڃي!

نيٺ هيترن سالن جي دوري کان پوءِ هن واپس پنهنجي وطن فرانس وڃڻ جو خيال ڪوي، پر افسوس اڃا سرحد ٽيپو ئي مس ته اطلاع مليس ته پئرس درٻار مان هن جي خلاف طلاوطني جو نئون فرمان جاري ٿي چڪو هو! لاچار هن سئٽزرلينڊ جي ”رعيتي راڄ“ جو رخ ڪيو- اهو 1754عجو سال هو: هن سمجهيو ته اتي هو شاهي پوليس جي اک کان بچيل رهندو، پر ترت ئي هن کي معلوم ٿيو ته تنگ نظري ۽ هٺ ڌرمي پروٽيسٽنٽ شريعت ۾ ايمان رکندڙ سئٽزرلينڊ جي جنيوا يا ٻيئ ڪنهن شهر ۾ اهڙو ئي خطرناڪ عذاب هئي، جهڙو ڪئٿولڪ شريعت ۾ ايمان رکندڙ فرانس جي پئرس ۾، اهڙي طرح ڪئٿولڪ فرانس ۽ پروٽيسٽنٽ سئٽزرلينڊ ٻنهي ۾ پاڻ کي سلامت نه سمجهي هن ڇا ڪيو، جو ٻنهي ملڪن جي عين سرحد تي هڪڙي پاسي ۾ ٻن گهرن جو بندوبست ڪيائين ۽ ٻي پاسي به ٻه گهر ورتائين، ته هڪڙي هنڌان نڪري، ٻئي هنڌ هليو ويندو هو- ”ائين هڪڙيءَ ڌر مان سُري ٻي ڏر ۾ ويندي، بادشاهن ۽ رعيتن ٻنهي جي لوڌين کان بچندو ٿو گهمان!“

فرانس مان والٽيئر جي جلاوطني جو جيڪو نئون شاهي فرمان صادر ٿيو، ان جو سبب وري به سندس هڪ ڪتاب هو اهو ڪتاب جنهن جي نالي جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. يعني اهو ڪتاب جي نالي جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. يعني اهو جيڪو هن مئڊم ڊيوشٽليٽ لاءِ، بلڪ هن جي چوڻ تي پنهنجي علمي تحقيق پنهنجي فڪر ۽ ادبي ڪاوش جو ”سڀ کان وڏو سڀ کان اهم پنهنجي قسم جو پاڻ ۽ سڀ کان وڌيڪ بي ڌڙڪ“ ڪتاب لکيو هو- ”تاريخ اقوام عالم“ جنهن کي هن پاڻ ”قومن جي اخلاقي ارتقا هئي، جنهن ان کي ايترو قابل اعتراض بنايو هو، جو فرانس جي شاهي سرڪار اوڻيهه سالن کان جلاوطن ان جي مصنف کي پنهنجي وطن جي سر زمين تي پير رکڻ کان اڳ وري به جلاوطن ڪري ڇڏيو! اها خاص ڳالهه اهو تاريخ جو فسلفو هو، جيڪو هن ان ڪتاب ۾ پيش ڪيو هو. مئڊم ڊيوشٽليٽ کيس چيو هو ته ”تاريخ، جيئن اسان کي ٻڌائي وڃي ٿي، اسان کي هڪ پراڻي جنتري وانگر پئي معلوم ٿئي. آءٌ هڪ فرينچ عورت آهيان هتي پنهنجي زمين تي ويٺي آهيان منهنجو ان ۾ ڇا، جي روس ۾ الف کان پوءِ ب تخت تي ويٺو، ۽ چين جي ج جو پٽ در نه پر هه هو ۽ ترڪيءَ و جي قبر کڏ ۾ اهي ۽ ز جي قبر مٿي هوا ۾ آهي! مون يونانين ۽ رومين جون قديم تاريخون به پڙهيون آهن، انهن مان ڪجهه مون کي لاڀ ملي ٿو، ڇو ته انهن ۾ اهڙيون ڪي ڳالهيون ٻڌايل آهن، جيڪي منهنجي من کي پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿيون، ڇو ته اهي مون کي مفيد ۽ معنيٰ واريون لڳن ٿيون. باقي ٻين تاريخن ۾، خاص طرح جديد قومن جي تاريخن ۾، ته مون کي رڳو ننڍيون ننڍيون، بي ڍنگيون ۽ بي ربط ڳالهيون پيون ڏسڻ ۾ اچن، جن کي مان پورو پڙهي به نٿي سگهان.

بيشمار جنگيون، جن جو نڪو مقصد نڪا مراد ۽ جن سان ڪا ڳالهه ئي نبري نه سگهي.... مان اهڙي ڪنهن تاريخ جي پڙهڻ لاءِ تيار نه آهيان، جيڪا منهنجي ذهن کي روشن ڪرڻ بدران، ان کي منجهائي ۽ ٻوساٽي رکي.“ ۽ والٽيئر هن سان متفق ٿيندي چيو هو ته ”تاريخ جيئن اسان جي اڳيان رکي وئي آهي، اها ته واقعي ماڻهن ۽ قومن جي بدبختين ۽ گناهن جي تصوير کان وڌيڪ ڪجهه نه آهي. اها جڏهن اسين پڙهون ٿا ته ايئن ٿا سمجهون ڄڻ ڪن ڌاڙيلن ۽ رهزنن جي تاريخ پڙهي رهيا آهيون. پر جيڪڏهن تاريخ سان فلسفي کي ملائجي، ۽ سياسي واقعن جي ردوبدل جي پٺيان انساني ذهن جي تاريخ جي مطالعي ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ته ڳالهه جو رخ ۽ رنگ ٻيو ٿي ٿو پوي... آءٌ جنگين جي نه پر سماج جي تاريخ لکڻ گهران ٿو.... منهنجو مقصد انساني ذهن جي تاريخ لکڻ جو آهي... منهنجو واسطو تاريخ جي وڏن ماڻهن سان نه آهي، منهنجو واسطو انسانن سان آهي. اهي وحشي هئا سي ڪيئن مهذب بنيا، ڪهڙي رستي سان اهي حيوانيت مان نڪري انسانيت جي هاڻوڪي منزل تي پهتا، آئون انهي رستي جي ڳولا ڪرڻ ۽ ان جا تفصيل بيان ڪرڻ چاهيان ٿو.“

ظاهر آهي ته تاريخ جي انهي فلسفي جي آڏو ٻه ڳالهيون پنهنجو وجود وڃائي ويهن ٿيون- هڪڙي بادشاهن جي برتري ۽ اهميت ۽ ٻي تاريخ جي مابعد الطبيعاتي تشريح ۽ توضيح- ٻين لفظن ۾ اقتدار ۽ ايمان ٻنهي جو تقدس ختم، ٻئي عقل ۽ تحقيق جي ڪسوٽي تي ئي پرکيا ويندا. ههڙي پنهنجي حالت نه ڪنهن بادشاهه کي، نه پنهنجي لاءِ، نه پنهنجي گهراڻي يا نوع لاءِ ۽ نه ڪنهن دين، ڌرم ۽ ڪليسا کي ئي قبول پئجي سگهي ٿي، ويتر جو والٽيئر پنهنجي تاريخ کي ”قومن جي اخلاقي ارتقا جي تاريخ“ جو نالو ڏيئي ان ۾ چين، جپان، هندستان ۽ ايران جهڙين قديم تهذيبن ۽ انهن جي فڪرن ۽ فلسفن کي به يورپ جي ذهني ۽ ايماني صورتحال سان پوري طرح هڪ غير جانبدار وزن ڪش وانگر، بيهي توريو ۽ تڪيو، تنهن ته هيڪاري فرانس جي درٻار ۽ ديول ٻنهي کي پاڻ مان ڪڍي ڇڏيو، نيٺ فرانس جي بادشاهه سلامت، مقدس مسيهي ڪليسا جي پٺڀرائي بلڪ تحرڪ، سان فرمان جاري ڪيو ته ”اهو شخص جيڪو پهريائين پاڻ کي انسان سمجهي ٿو ۽ پوءِ فرينچ ۽ مسيحي ان کي فرانس جي پاڪ ۽ برک ڌرتي تي پير رکڻ جو ڪو حق ڪونه هو.“ ائين والٽيئر کي تادم حيات پنهنجي وطن کان بيوطن رهڻو پيو، ۽ رڳو پوين ڏينهن ۾ اتي مرڻ لاءِ، بنان موڪل جي واپس هو پنهنجي پياري ننڍپڻ جي شهر پئرس ۾ وڃي نڪتو، جتي سڌو هو پنهنجي جواني جي هڪڙي دل گهرئي دوست (ڊي ارجينٽال) جي گهر ويو- چي، ”مان پنهنجي موت کان مهلت وڍي، وري به توکي ڏسڻ ۽ توسان ملڻ آيو آهيان!“

 

1754ع کان 1778ع تائين 24 سالن جي جلاوطني جو عرصو، جيڪو هن فرانس ۽ سئٽزرلينڊ جي سرحد تي ”هڪ ڏر مان سُري ٻي ڏر ۾ ويندي، بادشاهن ۽ رعيتن… کان بچندي“ گذاريو، اهو هن جي زندگي جو مصروف ترين دور چيو وڃي ٿو. هڪ ته سرحد جي ٻنهي پاسن جي پناهه گاهن جي سهوليت ۽ ٻيو ته هن جي پيري ۽ وڌندڙ علمي ساک انهن جي آڌار تي هن پاڻ کي اڳي کان وڌيڪ آزاد ۽ وڌيڪ محفوظ سمجهيو. انهي ڪري جو ڪجهه دنيا جي مسئلن تي هن سوچيو ٿي، اهو هو بي ڌڙڪ چوندو رهيو. سڄو وقت هو ڪم ۾ مشغول رهيو. سڄي يورپ تي هن جي قلم مان نڪتل ڪتابچن، رسالن ۽ پترن جي بارش ٿيندي رهي. ڪٿي به ڪا زراوريءَ يا ڏاڍ جي ڳالهه ڏٺائين يا ٻڌائين ٿي، ته ان ۾ هو هيڻي جو پاسو وٺي، ميدان ۾ نڪري اچي ٿي بيٺو. هن ئي دور ۾ هيڻي جو پاسو وٺي، ميدان ۾ نڪري اچي ٿي بيٺو. هن ئي دور ۾ هن بدنصيب ڪالس ۽ ٻين اهڙن پروٽيسٽنٽ شهيدن جا ڪيئي ڪيس هٿ ۾ کنيا ۽ انهن کي پوري طرح بيگناهه ثابت ڪري، ڪئٿولڪ ڪليسا جي انڌي تعصب ۽ بي ترسي کي دنيا جي اڳيان ايتري ته درد انگيز انداز ۾ ظاهر ڪري ڏيکاريائين جو ان کان پوءِ ئي پروٽينسٽنٽ عقيدي جي مسيحي مومنن جو فرانس جي ڪئٿولڪ سر زمين تي گذارو ممڪن بنجي سگهيو. هن ئي دور ۾ هن ”ڪئنڊيڊ“ جو هي ننڍو طنزيه ناول لکيو ۽ هن ئي درو ۾ ٻين ڪيترين بيشمار ننڍين وڏين تحريرن کان سواءِ ( جن ۾ تاريخي مقالا، ڊايالاگ، خط، سٽون، سبق ۽ نصيحتون، نظم، ڳالهيون، ناٽڪ، ٽوٽڪا، تبصرا ۽ تفسير ۽ ٻيا هر قسم جا خالص ادبي ۽ علمي مضمون اچي ٿي ويا.) هن پنهنجا ٻيا به بيحد اهم ۽ عظيم ڪتاب پڻ تخليق ڪيا، جن مان هڪڙو ”سهپ ۽ رواداري“ جي بچاءَ ۾ طويل مضمون هو، جنهن ۾ هن ڪالس جو ڪيس پيش ڪيو آهي، ان جو مرڪزي خيال سندس هڪڙي هن جملي مان ئي پڙهي سگهجي ٿو: ” جيڪو مون کي چوي ٿو ته ’جئين آءٌ مڃان ٿو تئين تون به مڃ، نه ته خدا تو تي ڪاوڙيو‘، اهو اتي ئي مون کي هيئن به چوندو ته ”جيئن آءٌ مڃان ٿو تئين مڃ ته آءٌ توکي ڪهندس،“ وهم ۽ جهالت جي ڪٽرپڻي جي هن وبا ۾ انسان صدين کان ورتل آهي ان کان ڇوٽڪاري جي ڪوشش ماڻهو جي وڏي ۾ وڏي نيڪي ۽ بهترين عمل آهي.“

ٻيو ان دور جو سندس لافاني ڪتاب ”فلسفي جي لغت“ آهي، جو هن ٻارهن سالن ۾ لکي پورو ڪيو. ان ۾ هن الف ب وار، فلسفي ۽ ٻين علمن جي مختلف عنوانن تي – مثلن مذهب، ارادو، روح، معجزا، رواداري، حسد، برابري، آزادي، محبت، انسان، مادو، روح، شڪ، علم، عقل، ايمان وغيره تي- پنهنجي بهترين طرز تحرير ۽ هلڪي ۽ دلپذير نثر ۾ پنهنجا انقلاب آفرين خيال ظاهر ڪيا آهن؛ هن ڪتاب لا ‎ءِ ئي چيو ويو آهي ته ان ۾ والٽيئر پاڻ کي فيلسوف ثابت ڪيو آهي. ان ۾ پهريائين هن پنهنجي ان استاد جا ٿورا مڃيا آهن، جنهن مون کي شڪ جو سبق سيکاريو… .علم جي انتها ۾ يقين فقط اڻ پڙهيا عالم ۽ فريب کاڌل مست رکي سگهن ٿا،. شڪ جي ڪيفيت تي ته رڳو کلي سگهجي ٿو، يا روئي سگهجي ٿو، جهالت ۾ به اطمينان آهي پر اهڙي اطمينان جي مون کي خواهش ڪونهي، علم جو ڊگهو سفر نماڻائي سان وک وک کڻي طئي ڪجي، اهو بهتر آهي انهي کان جو هڪ هنڌ ويهي، ڪامل علم جون اٺسٺائي دنيائون اڻبيون رهجن ۽ انهن جي معتبري تي پاڻ ۾ وڙهبو رهجي. اسين انسان آهيون ۽ اسان جي وس ۾ آهي حساب ڪرڻ، تورڻ تڪڻ، ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ، تپاسڻ ۽ جانچ جونچ ڪرڻ، اهوئي اسان جو فطرتي فلسفو آهي. اهائي اسنا جي قدرتي ڏاهپ آهي. ان کان سواءِ ٻي هر ڳالهه کي محض سودا ۽ خام خيالي ئي چئي سگهجي ٿي.“

هيءَ زير نظر ڪتاب ”ڪئنڊيڊ“ والٽيئر 1759ع ۾ لکيو، جڏهن پاڻ پنجويهه ورهين جي عمر جو هو.، ان جي لکڻ جو پس منظر هن ريت آهي: سال 1755ع جي آخر ۾ اوچتو مسيحي عيد جي موقعي تي، جڏهن سڀ مسيحي مومن ديولين ۾ دعائون گهري رهيا هئا ته اسپين جي گادي جي شهر لزبن ۾ هڪڙو هولناڪ زلزلو آهي، جنهن ۾ بنهه اک ڇنڀ ۾ ٽيهه هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا. والٽيئر جي نازڪ دل تي ان درُگهٽنا جو بيحد گهڻو اثر ٿيو ۽ رد عمل طور ان تي هڪ هڪ طويل نظم جوڙيو، جنهن ۾ حساس انساني دل جو سدا موجود پراڻو سوال نهايت درديلي نموني ٻيهر اٿاريو ته ”سڀ شيءِ جو مالڪ ۽ خالق خدا يا ته ڏک کي روڪي سگهي ٿو پر روڪڻ نٿو چاهي، يا روڪڻ چاهي ٿو پر روڪي نٿو سگهي!“ هن کي روحياني فلسفي جو هي دليل به مطمئن نه ڪري سگهيو ته ڏک ۽ سک چڱائي يا برائي انساني اصطلاح آهن، ڪائناتي ڳالهه ڳت سان انهن جي ڪا نسبت ڪانهي ۽ هر قسم جون درگهٽنائون ۽ حادثا ازل ۽ ابد جي لامحدود پولار ۾ بنهه بي معنيٰ ۽ خسيس چيزون آهن. هڪ پاسي هن جي هن ”لزبن نظم“ جو شايع ٿيڻ هو، ۽ چوڌاري هاهاڪار مچي ويئي. مسيحي ڪليسا هڪدم ڳالهه جو پير کنيو ته اهو قدرت جو ڪوپ هو، جيڪو خداوند قدوس لزبن جي ماڻهن تي سندن گناهن جي سزا طور نازل ڪيو هو. ٻئي پاسي جين جئڪس روسو جنهن جو عقيدو هو ته ماڻهو پنهنجي اصلوڪي ماحول ۽ اوائلي فطري صورتحال ۾ معصوم ۾ هئا ۽ سکي ۽ خوش به هئا ۽ سندن گناهه ۽ دک درد ۽ رڳو منجهن پوءِ جي هٿرادو تهذيبي ۽ تمدني صورتحال جي پيدا ٿيڻ سان پيدا ٿيا آهن- تنهن لزبن جي زلزلي ۾ ايتري عام ۽ وسيع انساني موت لاءِ ماڻهن جي تمدني يا شهري زندگي کي ذميوار سڏيو، ’انساني جانين جي هن تلفي لاءِ انسان پاڻ جوابدار آهي…. جيڪڏهن اسين ٻاهر کليل ميدان تي رهندڙ هجون ها، ۽ شهر ۾ائين ڳاهٽ ٿي بيٺل نه هجون ٿا، ته ايتري وڏي پيماني تي هوند هرگز مري نه سگهون ها، ۽ جيڪڏهن گهرن ۾ نه پر آسماني ڇت هيٺيان رهندا هجون ها، ته گهر ۽ عمارتون اسان جي مٿان هوند هرگز ڪونه ڪرن ها…، هونئن ته خدا انسان ۽ لزبن زلزلي متعلق هن چؤٻول ۾ والٽيئر ۽ سندس ”لزبن نظم“ جو گرمام گرم ذڪر به علمي ادبي ديني ۽ عامي دائرن ۾ ٿيندو ئي پئي رهيو. پر ان سلسلي ۾ ڪليسائي ’ايمان‘ جي ذهني افلاس ۽ خود فريبي جي حق ۾ ”فطرت جي مبلغ روسو جي مٿين دليل بازي پڙهي، والٽيئر کي سخت صدمو رسيو، ۽ ان جي جواب ۾، يا ردعمل طور، ٽن ڏينهن ۾ هن ”ڪئنڊيڊ“ جي نالي سان هيءُ طنزيه ننڍو ناول لکي تيار ڪيو.

افسانوي ادب ۾ ناولن جا بنيادي طرح ٽي قسم ٻڌايا ويا آهن: پهرئين قسم ۾ عشق (Love) جون ڳالهيون ٻئي ۾ کاهوڙڪيون يا پرخطر (Adventure) ڳالهيون ۽ ٽئي اٺسٺائي (Fantastic) ڳالهيون آنديون وڃن ٿيون. اٺسٺائي ڳالهه عشق جي ۽ کاهوڙڪي ڳالهه ٻنهي کان خاص طرح هن شي ۾ جدا ٿئي ٿي. جو اها بلڪل ناممڪن نه ته به سنئن سڌي اڻ سچي ضرور هوندي آهي، ۽ ان جي اٺسٺائي پلاٽ ۽ صورتحال کي خيالن جي اظهار جي وسيلي طور ڪم آندو وڃي ٿو، ان ۾ منظرڪشي، ڪردرا نگاري يا ڪنهن تفصيلي عبارت آرائي کان ڪو خاص ڪم ڪونه ورتو ويندو آهي. ان سچي ڳالهه ۾ خيالن کي ئي اولين ۽ اهم جڳهه ڏنل هوندي آهي. عالمي ادب ۾ اسپيني ٻولي جو ناول ”ڊان ڪُئگزاٽ“ انگريزي ٻولي جو ناول ”گليو رس ٽرئولس“، فرينچ ٻولي جو هي ننڍو ناول ”ڪئنڊيڊ“ ۽ اهڙا ٻيا ناول انهي اٺسٺائي قسم جي ناولن ۾ شمار ٿين ٿا. اسان جي سنڌي ۾ جديد اٺسٺائي مختصر افسانا ته ڪافي تعداد ۾ تخليق ٿي چڪا آهن، پر روايتي ڳالهين کي ڇڏي ڪري جن ۾ ديومالائي ، عشقيه، تاريخي ۽ نيم تاريخي قسم جا داستان ۽ قصا اچي وڃن ٿا، جديد ناول جي صنف ۾ اٺسٺائي قسم جو ناول هيلتائين منهنجي نظر مان هڪ ئي گذريو آهي- ياسين بروهي جو ”نارنگي ڪيلا 20-20“ (1976) جيڪو سائنسي مواد جو پنهنجي جاءِ تي هڪ ڪامياب اٺسٺائي ناول سڏي سگهجي ٿو.

والٽيئر جي ”ڪئنڊيڊ“ کي فرينچ ٻولي جي جڳ مشور سنت ساهتڪار، اناتون فرانس (1924ع- 1844ع) ”ڪل (عالمي) ادب جو هڪ بهترين مختصر افسانو“ سڏيو آهي. ول ڊيورانٽ جو خيال آهي ته ”ايتري سادي ۽ لڪل فن سان شايد ئي (دينا ئي ادب ۾) ڪٿي اهڙي ڪا ڳالهه پيش ٿي سگهي هجي... هي هڪ سڌي سنئين ۽ خالص آکاڻي آهي، ۽ بنيادي طور گفتگو جي عنصر تي بيٺل اهي، اها طول بياني کان سواءِ اڳتي وڌي ٿي ۽ ن جا واقعا تيز تيز عمل ۾ اچن ٿا.....“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org