سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: پرديسي پادري

 

صفحو :12

 باب اوڻويهون

 

هڪ غير مطمئن شخص

 

گهر جتي اسين مهمان ٿيا هئاسون، اهو ڳوٺ کان ڪجهه پري هو، اسان جي ميزبان اسان کي چيو، ”جيئن ته گاڏي تيار نه آهي، تنهنڪري آءٌ توهان کي پيادل وٺي هلندس.“ اسين جلدي عاليشان محل وٽ پهتاسون، اهو محل، ٻهراڙي ۾ جيڪي اعليٰ درجي جا محلات مون ڏٺا هئا، انهن مان هڪ هو، ڪمرو جيڪو اسان جي حوالي ڪيو ويو، سو نهايت نزاڪت وارو، ۽ جديد نموني جو ٺهيل هو، جيڏهن اسان جو ميزبان رات جي مانيءَ لاءِ چوڻ ويو، تڏهن اداڪار اک جي اشاري سان مون کي ٻڌايو ته اسين مڪمل طرح خوش نصيب هئاسون، اسان جو ميزبان جلد موٽيو، هڪ سٺي، سوادي ۽ سلوڻي رات جي ماني آندي ويئي، ۽ ڍلي ۽ گهرو پوشاڪ ۾ ملبوس ٿيل ٻن يا ٽن عورتن جو اسان سان تعارف ڪرايو ويو، ۽ گفتگو ڪجهه زنده دليءَ سان شروع ٿي، سياست ئي هڪ عنوان هو، جنهن تي اسان جي ميزبان خاص طرح تفصيل وار گفتگو ڪئي، ڇاڪاڻ ته هن دعويٰ ٿي رکي ته آزادي سندس فخر ۽ ساڳئي وقت سندس خطرو هئي. دسترخاني جي کڄڻ کانپوءِ هن مون کان پڇيو ته آيا مون تازي، ”مانيٽر“ اخبار ڏٺي هئي يا نه جنهن جي انڪاري جواب تي، هن واڪو ڪري چيو، ”آءٌ سمجهان ٿو ته توهان ”آڊيٽر“ اخبار به نه ڏٺي آهي؟“ ۽ مون جواب ڏنو، ”ڪا به نه .“ منهنجي ميزبان چيو، ”تحقيق اها هڪ عجيب ڳالهه آهي، تمام عجيب، هن وقت آءٌ سڀ سياسي اخبارون جيڪي به شايع ٿين ٿيون، سي پڙهندو آهيان. ”دي ڊيلي اخبار“ ”دي پبلڪ ليجر“ ”دي ڪرانيڪل،“ ”دي لنڊن ايوننگ،“ ”دي وائيٽ هال ايوننگ پوسٽ“[1] سترنهن رسالا ۽ ٻه تنقيدي رسالا، ۽ جيتوڻيڪ اهي سڀيئي هڪ ٻئي کي ڌڪارين ٿا، تنهن هوندي به آءٌ سڀني کي گهڻو پسند ڪريان ٿو، آزادي، سائين، آزادي ئي صرف انگريزن جو فخر آهي ۽ پنهنجي ڪارنوال وارين سڀني آڱرن جي کاڻين جي ساک سان چوان ٿو، ته آءٌ ان جي محافظن جو احترام ڪريان ٿو.“ مون چيو، ”تڏهن اها اميد ڪجي، ته توهين بادشاهه سلامت جو پڻ احترام ڪريو ٿا؟“ ”هائو“، منهنجي ميزبان جواب ڏنو، ”جڏهن هو اسان جي خواهشن مطابق هلت ڪري ٿو، پر جيڪڏهن هو پنهنجي اها هلت جاري رکندو هلندو، جا تازو هنن ڪئي آهي ته پوءِ آءٌ سندس متعلق ڪجهه به نه چوندس، آءٌ ڪجهه ڪو نه ٿو چوان، آءٌ صرف خيال ٿو ڪريان، آءٌ ڪي بهتر صلاحون ڏيئي سگهان ٿو، آءٌ نٿو ڀانيان، ته بادشاهه وٽ ڪو صلاحڪارن جو ڪافي انداز آهي. هن کي هر ڪنهن ان ماڻهوءَ کان صلاح وٺڻ گهرجي، جو ماڻهو صلاح ڏيڻ جي خواهش رکي ٿو ۽ پوءَ اسان ڏسنداسون، ته ڪاروبار ڪنهن ٻئي بهتر طريقي ۾ هلي ٿو.“

مون چيو، ”منهنجي مرضي آهي ته اهڙن اڻ ڪوٺيلن صلاحڪارن کي ٽڪٽڪيءَ تي چاڙهيو وڃي، ايماندار ماڻهن تي فرض هئڻ گهرجي، ته هو پنهنجيءَ حڪومت جي جوڙجڪ جي ڪمزور پهلوءَ کي مدد ڪن. اها پاڪ طاقت ڪيترن سالن کان روز به روز گهٽ ٿيندي وڃي ٿي ۽ حڪومت ۾ پنهنجي روز جو مناسب حصو وڃائي چڪي آهي، پر اڻڄاڻ ماڻهو اڃا تائين آزادي جي دانهن جاري رکندا اچن ها، ۽ جيڪڏهن کين ڪوبه وزن هجي، ته هوند حڪومت کي ڪميڻپ سان روز به روز تنزل ۾ آڻي ڇڏين.

انهن عورتن مان هڪ واڪو ڪري چيو، ”اهو ڪميڻو ۽ خود غرض انسان، جو آزاديءَ جو دشمن، ۽ ظالمن جو بچاءُ ڪندڙ آهي، ان کي ڏسڻ لاءِ آءٌ جيئري پيئي رهان ڇا؟ آزادي، هڪ خدائي نعمت ۽ انگريزن جو شاندار حق آهي؟“

اسان جي ميزبان چيو، ”ڇا هن وقت ڪوبه اهڙو ماڻهو لهي سگهڻ ممڪن آهي، جو غلاميءَ جي وڪالت ڪندو هجي؟ اهڙا به ڪي ماڻهو هٿ اچي سگهن ٿا ڇا، جي ڪميڻائپ سان انگريزن کي خاص حقن کي ڇڏڻ لاءِ تيار هجن؟ ڇا، ڪوبه ماڻهو اهڙو نيچ ٿي سگهي ٿو ڇا؟“

مون جواب ڏنو، ”نه سائين، آءٌ آزادي جو طرفدار آهيان، اها ئي ديوتائين جي وصف ۽ جديد جوشيليءَ تقرير جو عنوان آهي. منهنجي خواهش آهي ته سڀ ماڻهو بادشاهه هجن، آءٌ پاڻ به خود بادشاهه هجان، اسان سڀني کي تخت تي هڪ جهڙو قدرتي حق آهي، اسين سڀئي اصل کان هڪ جهڙا آهيون، هيءُ منهنجو اصول آهي ۽ اهو ئي هڪ دفعي هڪ ايماندار ماڻهن جي ٽوليءَ جو به اصول هو، جيڪي مساوات جا حامي ڪوٺيا ويندا هئا. هنن پاڻ کي هڪ اهڙي جماعت ۾ منظوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ سڀئي هڪ جهڙا آزاد هجن، مگر افسوس! انهي اصول کين اصل ڪاميابي نه ڏني، منجهن ڪي وڌيڪ زور وارا ۽ ڪي وڌيڪ هوشيار هئا، انهي ڪري اهي باقي رهيلن جا اڳواڻ ٿيا، جهڙي طرح سئس گهوڙن تي سوار ٿئي ٿو، ڇا ڪاڻ ته انسان ٻين جانورن کان وڌيڪ چالاڪ آهي، تهڙي طرح اهو جاندار، جو کانئس وڌيڪ زور وارو يا حرفتي هوندو، سو مٿس سواري ڪندو، اهڙيءَ طرح انسان ذات کي مٿي بيان ڪيل اصول تحت هلڻو پوي ٿو،ڪي ٿورا حڪم هلائڻ لاءِ پيدا ٿين ٿا ۽ ٻيا ا انهن جي فرمانبرداريءَ ڪرڻ لاءِ، سوال اهو آهي، ته جيئن ته انهن ۾ ضرور ڪي ظالم ٿيندا ته پوءِ ڇا اهو وڌيڪ چڱو آهي، ته انهن ظالمن کي پان سان گڏ ساڳئي گهر ۾ رهايون ۽ يا ساڳئي ڳوٺ ۾، يا اڃا به گهڻو پري دارالحڪومت ۾ رهڻ ڏيون. منهنجي خيال موجب جيئن ته آءٌ قدرتي طرح ظالم جي شڪل ڏسڻ کان به نفرت ڪندو آهيان‏، تنهن ڪري جيترو انهن کي مون کان گهڻو پري ڪيو ويندو، اوترو وڌيڪ آءٌ خوش ٿيندس، انسان ذات جي عموميت پڻ منهنجي ئي خيال سان متفق آهي. هنن يڪراءِ ٿي هڪڙو بادشاهه بنايو آهي، جنهن جي چونڊ ظالمن جي تعداد کي يڪدم گهٽائي ڇڏي ٿي ۽ ماڻهن جي وڏي انداز کي انهن ظلمن کان محفوظ رکي ٿي. هاڻي اهي وڏا ماڻهو جي هڪ ظالم جي چونڊ کان اڳ پاڻ به ظالم هئا، سي پنهنجي مٿان ان ٻيءَ طاقت جي کڙي ٿيڻ تي قدرتي طرح راضي نه آهن، ڇا ڪاڻ ته ان طاقت جو اثر سندس ماتحت طبقن تي تمام ڳورو پوي ٿو، انهي ڪري انهن وڏن ماڻهن جو مقصد آهي ته جيترو گهڻو ممڪن ٿي سگهي اوترو گهڻو بادشاهن جو زور گهٽائجي، هنن جو خيال آهي ته، هو سندن بادشاهه کان جيڪي به وٺندا، سو قدرتي طرح کين ئي واپس ملندو، هنن جو محض مقصد اهو آهي، ته ان اڪيلي ظالم جون پاڙون پٽين، ۽ ائين ڪرڻ سان پنهنجي اڳئين اختياري وري حاصل ڪن، هاڻي شايد حڪومت جون حالتون اهڙيون هجن، يا ان جا قانون شايد اهڙي نموني عمل ۾ آندا وڃن، يا ان جا پئسي وارا ماڻهو شايد اهڙا خيال رکندڙ هجن، جو بادشاهيءَ جي پاڙَن پَٽَڻَ جي ڪم هلائڻ لاءِ سڀيئي شاهوڪار ماڻهو پاڻ ۾ منصوبو ٺاهين. پهرينءَ حالت ۾ جيڪڏهن اسان جي حڪومت جون حالتون اهڙيون هجن، جو اهي دولت جي ڪٺي ڪرڻ جي طرفداري ڪن ۽ شاهوڪارن کي وڌيڪ شاهوڪار ڪن ته پوءِ اهي حالتون يقيناً وڏن ماڻهن جي حرص کي وڌائينديون، ڪيئن به، حڪومت جي اهڙيءَ نيتيءِ جو آخر ڪار نتيجو ٿيندو، دولت جو ڪٺو ٿيڻ، جيئن هن وقت، گهڻي دولت اندروني هنر مان پيدا ٿيڻ کان وڌيڪ ٻاهرئين واپار مان اندر داخل ٿي رهي آهي، ٻاهرئين واپار کي فائديمند طريقي تي هلائڻ جو انتظام صرف شاهوڪارن جي ئي هٿان ٿي سگهي ٿو ۽ ساڳئي وقت اندرئين هنر مان پيدا ٿيندڙ سڀئي منافع پڻ کين ئي ملندا رهن ٿا، انهيءَ ڪري اسان وٽ شاهوڪارن کي دولت حاصل ڪرڻ جا ٻه ذريعا آهن، مگر غريبن کي صرف هڪڙو آهي، مذڪوره سبب ڪري دولت سڀني واپاري حڪومتن ۾ جمع ٿيندي رهي ٿي ۽ اهڙيون حڪومتون هن وقت تائين ٿوري ئي وقت ۾ ٻين شاهوڪار شاهي ۽ حڪومتون ٿي پيون آهن.

وري جڏهن هن ئي ملڪ جا ساڳيا قائدا، دولت جي ڪٺي ٿيڻ کي مدد ڪندڙ هجن، يعني جڏهن سندن وسيلي اهي قدرتي ڳنڍ، جي شاهوڪار ۽ غريب کي هڪ ٻئي سان ملائين ٿا، ٽٽي پيل هجن ۽ فيصلو ڪيو ويو هجي ته شاهوڪار صرف شاهوڪار گهر مان شادي ڪندو، يا جڏهن عالمن کي صرف دولت نه هئڻ سبب ملڪ جي صلاحڪار ٿيڻ لاءِغير سند يافته قرار ڏنو ويو هجي ۽ اهريءَ طرح دولت کي سياڻي ماڻهوءَ لاءِ ڪٺن بنايو ويو هجي، ته پوءِ انهن ۽ اهڙن ٻين طريقن سان دولت سان ڪٺي ٿيندي، هاڻي جمع ٿيل دولت جو مالڪ، جڏهن زندگيِ جي ضرورتن ۽ خوشين سان لطف اندوز آهي، تڏهن کيس پنهنجيءَ زياده دولت کي سيڙائڻ جو ذريعو سواءِ طاقت خريد ڪرڻ جو ٻيو ڪو به ڪو نه آهي، ٻين الفظن ۾ ائين چئجي ته هو پنهنجيءَ دولت کي ضرورت وارن ضمير فروشن ۽ انهن ماڻهن جي آزاديءَ جي خريد ڪرڻ ۾ ۽ کين پنهنجي زير دستن بنائڻ ۾ لڳائي ٿو، جي مانيءَ لاءِ ڪيتري به ذلت برداشت ڪرڻ جا خواهان آهن، اهڙيءَ طرح هرهڪ شاهوڪار ماڻهو پنهنجي چوڌاري غريب ماڻهن جا گروهه گڏ ڪري ٿو، گڏ ٿيل گهڻي دولت ۾ مالا مال ٿيل دستور سلطنت کي ”ڪارٽيزن“[2] جي طريقي سان ڀيٽي سگهجي ٿو، جنهن ۾ ڪَنَ جو هر هڪ چڪر پنهنجي گردش سان پان پيدا ٿيل آهي، اهي ماڻهو جي وڏي ماڻهوءَ جي گرداب ۾ تحرڪ ڪرڻ جا طالبو آهن، اهي صرف اهڙا آهن جي ضرور غلام ۽ انسانذات جو بيڪار حصو ٿيڻ گهرجن، سندن روح ۽ سندن تعليم غلاميءَ جي راهه تي پئجي ويا آهن ۽ اهي سواءِ نالي جي، آزاديءَ بابت ٻيو ڪجهه نه ڪوبه ٿا ڄاڻن پر شاهوڪار ماڻهوءَ جي اثر کان ٻاهر به ضرور اڃا ماڻهن جو وڏو انداز هوندو، يعني ماڻهن جو اهو طبقو جو تمام شاهوڪارن ۽ تمام بيڪار حصن جي وچ ۾ زندگي بسر ڪري ٿو، اهي ماڻهو ايتري ته دولت وارا آهن، جو پاڻ کان وڌيڪ زور واري پاڙيسري کي پيش پوڻ وارا نه آهن، تنهن هوندي به ايترو ته غريب آهن، جو ڪو به نئون ظلم کڙو ڪري نٿا سگهن هن انسان ذات جي وچئين طبقي ۾ عام طرح سڀئي فن، سڃاڻپ ۽ جماعت جا اخلاق لڀن ٿا، صرف هيءُ ئي طبقو آهي، جو سچو پچو آزاديءَ جو  تحفظ ڪندڙ سمجهيو وڃي ٿو ۽ ان ئي عوام ڪوٺيو وڃي ٿو، هاڻي شايد ائين ٿي پوي، جو اهو انسان ذات جو وچيون طبقو حڪومت ۾ پنهنجو جملي اثر وڃائي ڇڏي ۽ سندس آواز پڻ اهڙيءَ طرح گم ٿي وڃي، جهڙي طرح بيڪار طبقي جو ، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهوءَ کي حڪومت جي ڪاروبار ۾ آواز جي حق ڏيڻ سَنَدَ يافته بنائڻ ۾ هن وقت جيڪا ملڪيت ڪافي ٺهرائي وڃي ٿي، سان پهريائين جوڙجڪ ٺاهڻ وقت جيڪا ڪافي ٺهرائي ويئي هئي، ان کان ڏهه دفعا گهٽ ٿي پوي، ته پوءِ اهو پڌرو آهي ته وڏو انداز بيڪارن جو سياسي طبقي ۾ داخل ٿي ويندو، ۽ اهي هميشه شاهوڪارن جي اثر هيٺ هلندا، هوڏانهن هلندا جيڏانهن وڏا ما ڻهو سندسن رهنمائي ڪندا. تنهن ڪري اهريءَ رياست ۾ اهو سڀ ڪجهه جيڪي وچئين طبقي ڇڏي ڏنو آهي، سو آهي، تمام پاڪيزه چوڪسي سان پنهنجي محافظ جي خاص حَقَن ۽ اختيارات جو تحفظ ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته هو شاهوڪار طبقي جو زور ڀڃي ڇڏي ٿو ۽ اعليٰ طبقي کي وچئين طبقي تي ظلم ڪرڻ کان روڪي ڇڏي ٿو. وچيون طبقو هڪ ان شهر سان مشابهت ڏيئي سگهجي ٿو، جنهن جو شاهوڪار گهيرو ڪري بيٺا آهن، ۽ جنهن جي دستگيريءَ لاءِ ٻاهران گورنر ڪوشش ڪري رهيو آهي، جڏهن گهيري ڪندڙ پنهنجي مٿان ڪنهن دشمن جي خوف ۾ هوندا آهن، تڏهن شهر وارن کي تمام فائدي وارا شرط آڇڻ، لقبن سان تعظيم سندن ڪرڻ ۽ رعايتن سان کين راضي ڪرڻ هڪ قدرتي طريقو آهي، جو هو اختيار ڪندا آهن، مگر جيڪڏهن هو گورنر کي فتح ڪندا ته پوءِ شهر جون ڀتيون ان جي رهاڪن لاءِ فقط تمام ٿورو بچاءُ ٿي سگهنديون، اهڙي شهر جي رهواسين کي پوءِ ڪهڙي اميد رکڻ گهرجي سا پنهنجيون اکيون ”هالينڊ“[3] ”جينوئا“ ۽ ”وينس“[4] ڏانهن ڦيرائڻ سان ڏسي سگهجي ٿي، جتي قانون غريب تي حڪومت هلائي ٿو ۽ شاهوڪار قانون کي سنڀالي ٿو. آءٌ انهي ڪري بادشاهي راڄ جي طرف آهيان ۽ بادشاهي راڄ جي فائدي ۾ مرڻ لاءِ تيار آهيان، ڇا ڪاڻ ته جيڪڏهن ماڻهن ۾ ڪا مقدس هستي آهي ته اها آهي، اهو بادشاهه جو خدائي خدمتگار ٿي حڪومت هلائي ٿو، لڙائيءَ يا امن جي وقت ۾ سندس طاقت ۾ جَوَ جيتري ڪمي آڻن رعيت جي سچيءَ آزادي جي هڪ وعدي شڪني آهي، وطن جي حب ۽ انگريزن جي آزاديءَ جي نعرن اڳيئي گهڻو ڪجهه ڪيو آهي ۽ اها اميد ڪجي ٿي ته منهنجي پنهنجي زماني جي انهن آزاديءَ جي مڪر ڪندڙ سورمن مان گهڻن سان واقفيت هئي، مگر مون کي ڪو به اهڙو ماڻهو ڪو نه سمجهي، جو پنهنجي دل ۽ پنهنجي خاندان ۾ ظالم نه هو.“

مون ڏٺو ته منهنجي جوش منهنجيءَ گفتگوءَ کي چڱيءِ تربيت جي قائدن کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هو، پر منهنجو ميزبان جو اڪثر ان لاءِ وچ ۾ روڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، ان جي بي صبري وڌيڪ وقت لاءِ روڪجي نه سگهي، هن واڪو ڪري چيو، ”ڇا ، تڏهن آءٌ هيءُ سمورو وقت انساني لباس ۾ ملبوس ٿيل هڪ شيطان سان گفتگو ڪري رهيو هوس؟ پر آءٌ ساک سان چوان ٿو ته جيڪڏهن منهنجو نالو ”ولڪنسن“ آهي ته پوءِ ان انسان نما شيطان کي جلد ٻاهر ڪڍيو ويندو.“ مون هاڻي ڏٺو، ته آءٌ جد کان ٻاهر نڪري ويو هوس ۽ جنهن جوش سان مون ڳالهايو هو، ان جي معافيءَ لاءِ گهر ڪيم، ۽ ”معافي“ ميزبان ڪاوڙ ۾ چيو، ”آءُ سمجهان ٿو، ته اهڙا اصول ڏهه هزار معافين جي ضرورت رکن ٿا، ڇا، اسين آزادي ۽ ملڪيت ڇڏي ڏيون،۽ سرڪاري ترجمان جي چوڻ موجب هر قسم جي تڪليف برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃون! مهربان آءٌ بدترين نتيجن جي روڪڻ خاطر اوهان تي زور رکان ٿو، ته اوهين جلد هن گهر مان نڪري وڃو، سائين آءٌ اوهان جي نڪري وڃڻ جي زوردار طلب ڪريان ٿو،“ آءٌ پنهنجين حجتن کي وري به دهرائڻ تي هوس، مگر عين انهيءَ وقت اسان هڪ نوڪر جو آواز در تي ٻڌو ۽ انهن ٻنهين عورتن دانهن ڪري چيو، ”موت جهڙي خاطري آهي، ته اسان جو آقا ۽ خاتون پيا اچن“، ان وقت اسان کي خبر پيئي ته اسان جو ميزبان سڄي ڄمار بورچي ٿي رهيو هو ۽ هن پنهنجي ڌڻيءَ جي غير حاضريءَ ۾ پنهنجي نالي ڪڍڻ ۽ ڪجهه وقت لاءِ پاڻ کي ”ميان مٺو“ سڏائڻ جي خواهش ڪئي هئي ۽ سچ چئجي ته هن سياست تي اهو چڱو ڳالهايو، جهڙو ٻهراڙيءَ جا گهڻا سکر ماڻهو ڳالهائيندا آهن، ان سکر ماڻهوءَ ۽ خاوتون جي اندر اچڻ تي جيڪا پريشان ٿي، ان جي نڪا حد نڪو حساب، پر اهڙيءَ محفل ۽ سٺيءَ کل ڀوڳ ڏسڻ تي جيڪا کين حيرت لڳي، سان پڻ اسان جيءَ حيرت کان گهٽ نه هئي، حقيقي مالڪ مون کي ۽ منهنجي ساٿيءَ کي چيو، ”موززو، منهنجي زال ۽ آءٌ اوهان جا نهايت شڪر گذار آهيون ۽ هيءَ اوهان جي اسان جي اهڙي ته خلاف توقع نوازش آهي، جو اسان جا گردن اوهان جي احسانن هيٺ‎ هميشه جهڪيل رهندا. هنن لاءِ اسان جي ملاقات کڻي ڪيتري قدر به اچانڪ هئي، مگر مون کي خاطري آهي، ته سندن اسان سان گڏجاڻي، اڃا به وڌيڪ خلاف توقع هئي، ان کان پوءِ جلدي مون پياريءَ ”اربيلا ولماٽ“ کي اندر ڪوٺيءَ ۾ گهڙندي ڏٺو ۽ پنهنجيءَ بيهودگيءَ جي انديشي کان منهنجون وايون بتال ٿي ويون، هن کي پهريائين منهنجي پٽ ”جارج“ سان پرڻائڻ لاءِ تجويز ڪيو ويو هو پر جيئن اڳي بيان ڪيو ويو آهي، تيئن اهو وهانءُ ٽٽي پيو هو، مون کي ڏسڻ شرط هوءَ خوشي ۾ ڊوڙي اچي منهنجي ڀاڪر ۾ پيئي، هن چيو، ”سائين ڪهڙي خوشيءَ جي موقعي سبب اسين اوهان جي اهڙيءَ اوچتي ملاقات جو حق رکون ٿا، مون کي خاطري آهي، ته منهنجو چاچو ۽ چاچي ڏاڍا خوش ٿيندا، جڏهن کين معلوم ٿيندو ته نيڪ ”ڊاڪٽر پرمروز“ وٽن مهمان ٿيو آهي،“ پيرسن بزرگ ۽ خاتون جڏهن منهنجو نالو ٻڌو، مون ڏانهن وڌي آيا، ۽ مون کي تمام مخلصانه تواضع سان آڌرڀاءُ ڪيائون، جڏهن مون کين پنهنجيءَ حاضري ملاقات جو سبب ٻڌايو، تڏهن هو پنهنجيءَ دل کي روڪي ڪين سگهيا، ۽ بدبخت بورچي جنهن کي ڪڍي ڇڏڻ جو ارادو ڪيو هئائون، ان کي منهنجيءَ سفارش تي معافي ڏنائون.

”مسٽر آرنلڊ“ ۽ سندس بيگم، جن جو اهو گهر هو، تن مون تي زور رکيو ته آءٌ ڪجهه ڏينهن لاءِ وٽن مهمان ٿي رهان ۽ جيئن ته سندن ڀائٽي ۽ منهنجي سعادتمند شاگرد جا ڪجهه قدر منهنجين هدايتن هيٺ پليل هئي، ساڻن منٿن ۾ شامل هئي، تنهن ڪري مون اها ڳالهه قبول ڪئي، اها رات آءٌ هڪ عاليشان ڪوٺيءَ ۾ ٽڪيس، ايندڙ صبح جو سوير ”مس ولماٽ“ مون سان گڏ باغ ۾ گهمڻ جي خواهش ڪئي، اهو باغ جديد نموني تي سينگاريل هو، ڪجهه وقت ان باغ جي خوبين ڏانهن اشارن ڪرڻ ۾ صرف ڪرڻ کان پوءِ هن بي واسطيداريءَ نموني مون کان پڇا ڪئي، ته مون کي پنهنجي پٽ ”جارج“ وٽان آخرين احوال ڪڏهن پهتو آهي، مون چيو، ”افسوس! خاتون، ٽي سال ٿيا آهن، جو هن ڪڏهن به مون ڏانهن يا پنهنجي دوستن مان ڪنهن ڏانهن خط نه لکيو آهي، مون کي خبر نه آهي ته هو ڪٿي آهي، شايد آءٌ ڪڏهن به هن کي يا خوشيءَ کي وري نه ڏسندس. منهنجي سعادتمند ڇوڪري اسان جهڙيون خوشيءَ واريون ساعتون ”ويڪفيلڊ“ ۾ پنهنجي گهر گذاريون. اهڙيون وري شايد ڪڏهن به ڪين ڏسي سگهنداسون، اسان جو ننڍو ڪٽنب هاڻي تمام تڪڙو ڇڙ وڇڙي ٿيندو وڃي ٿو، ۽ مفلسيءَ نه فقط ضرورت مگر بدنامي پڻ اسان تي آندي آهي، نيڪ سيرت ڇوڪريءَ جي اکين مان لڙڪ ڪري پيا، کيس گهڻو احساس رکندڙ ڏسي، پنهنجي مشڪلاتن جي سربستي احوال ڏيڻ کان پاڻ کي روڪي، جڏهن مون ڏٺو ته وقت سندس پيار ۾ ڪا به تبديلي نه آندي هئي ۽ جنهن وقت کان وٺي اسان سندس ملڪ ڇڏيو هو، ان وقت کان وٺي هن ڪيترا سڱ رد ڪري ڇڏيا هئا، تڏهن منهنجيءَ دل کي ڪافي تسلي پهتي، هوءَ ڪيترن رستن ۽ محرابدار واٽن ڏانهن اشارا ڪندي سڀ ڪنهن شيءِ مان ڪو نه ڪو اشارو منهنجي پٽ سان تعلق رکندڙ ڪنهن سوال لاءِ چونڊيندي، مون کي ان جاءِ جي سڀني وسيع ۽ زرخيز ڀاڱن جي چوڌاري گهمائيندي رهي.

اهڙي نموني ۾ اسين ٽپهريءَ تائين گهمندا رهياسين، جيستائين گهنڊ جي آواز اسان کي معافيءَ واسطي اندر سڏيو، اتي اسان مٿي بيان ڪيل ناٽڪي ڪمپنيءَ جو مئنيجر ڏٺو، هو ”سٺو پڇتائيندڙ“ نالي هڪ کيل لاءِ ٽڪيٽون نيڪال ڪرڻ آيو هو، اهو کيل انهي ڏينهن شام جو ٿيڻو هو، هن چيو ته ”هوريشو“ جو پارٽ هڪ اهو نوجوان ادا ڪندو، جو ڪڏهن به اسٽيج تي نه آيو آهي“، هن نئين اداڪار جي تمام گهڻي ساراهه ڪئي ۽ خاطريءَ سان چيائين، ”مون ڪڏهن به اهڙو ڪو به اداڪار نه ڏٺو آهي، جنهن اهڙي سهڻي اداڪاريءَ سبب پنهنجو نالو ڪڍيو هجي“. هن وڌيڪ چيو، ابڪاريءَ هڪ ڏينهن ۾ ڪانه سکي ويندي آهي پر هيءَ نوجوان ڄڻ ته ناٽڪ ۾ ”اداڪاريءَ لائي ڄائو آهي، هن جو آواز، هن جو ڊول ۽ هن جون روشون جملي تعريف جوڳيون آهن، اسان کي هو رستي ۾ مسافريءَ ڪندي اوچتو هٿ لڳي ويو،“ هن احوال اسان جي دلين ۾ ان ناٽڪ ڏسڻ لاءِ خواهش پيدا ڪئي، ۽ عورتن جي التجا تي، آءٌ ساڻن گڏ ناٽڪ تي هلڻ لاءِ مجبور ٿي پيس ۽ ناٽڪ جي جاءِ هڪ ڀانڊي جهڙي هئي ۽ جيئن ته اها هڪ جماعت جنهن سان آءٌ گڏ هوس، سان انهيءَ ڳوٺ ۾ سڀني جي قبوليت موجب مکيه ۽ اعليٰ هئي، تنهن ڪري اسان جو تمام وڏي عزت سان استقبال ڪيائون ۽ اسان کي ناٽڪ ڏسڻ لاءِ اڳيان جاءِ ڏنائون، اسين ”هوريشو“ جي ڏسڻ لاءِ تمام گهڻو منتظر هئاسون. آخر اهو نئون اداڪار اسٽيج تي آيو ۽ جڏهن مون ڏٺو ته اهو منهنجو پٽ هو، تڏهن منهنجي دل ۾ جيڪي احساس پيدا ٿيا، سي ڀلي والدين پنهنجي احساسات سان تصور ۾ آڻين، هيءُ پنهنجي ڪم شروع ڪرڻ تي هو، مگر جڏهن هن پنهنجيون اکيون تماشبينن ڏانهن ڦيرايون، تڏهن ”مس ولماٽ“ ۽ مون کي ڏسي، سندس وايون وائڙيون ٿي ويون، پڙدي جي پويان ويٺل اداڪارن هن جي فطري ڊپ کي سندس ماٺ جو سبب سمجهيو ۽ کيس همت ڏيارڻ جي ڪوشش ڪيائون مگر ڪم ڪرڻ بدران، هو اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو، ۽ يڪدم اسٽيج تان هيٺ لٿو، آءٌ چئي نٿو سگهان، ته ان وقت منهنجي دل ۾ ڪهڙا خيال پيدا ٿيا هئا، ڇا ڪاڻ ته اهي سندس احوال دريافت ڪرڻ لاءِ ايترو ته تڪڙو هڪ ٻئي جي پويان پئي چڙهيا ۽ لٿا، جو انهن جو احوال ڪري نٿو سگهجي، ”مس ولماٽ“ جلدي مون کي اهڙي اڻوڻندڙ خمار مان جاڳايو، ۽ ڏڪندڙ آواز ۾ مون کي عرض ڪيائين ته آءٌ کيس چاچي جي گهر وٺي هلان، مسٽر آرنلڊ“ جو اسان جي هن غير رواجيءَ هلت کان اڃا تائين اڻ واقف هو، تنهن کي جڏهن خبر پيئي ته اهو نئون اداڪار منهجو پٽ هو، تڏهن پنهنجي گاڏي ۽ هڪ ماڻهو کيس وٺي اچڻ لاءِ ڏياري موڪلائين، منهنجي پٽ وري ناٽڪ ۾ ڪم ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو، تنهن ڪري اداڪارن ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي سندس جاءِ تي مقرر ڪيو ۽ جلدي اسان سان اچي مليو، ”مسٽر آرنلڊ“ سندس آڌر ڀاءُ تمام سهڻي نموني ۾ ڪيو ۽ آءٌ ساڻس پنهنجي دستوري خوشي سان مليس. ڇاڪاڻ ته آءٌ ڪوڙيءَ ناراضگي جو ڪڏهن به مڪر ڪري ڪين سگهندو هوس. ”مس ولماٽ“ جو آڌرڀاءُ ظاهري طرح بي توجهيءَ وارو هو، پر تنهن هوندي به مون سهي ڪيو ته هن گهڻي تڪليف کان ڪم ورتو هو، تمام گهڻي خوشيءَ سبب هن پهريائين ڪيتريون بيهوشيءَ جون ڳالهيون ڪيون ٿي، ۽ پوءِ وري بلند آواز سان پنهنجي ڪم عقلي تي کليائين ٿي، ڪن وقتن تي هن آرسيءَ ۾ ليئو پاتو ٿي، ڄڻ ته پنهنجي لاثاني حسن جي آگاهيءَ تي خوش ٿي هئي، ۽ اڪثر پئي پڇيائين مگر جوابن ڏانهن ڪنهن به قسم جي توجهه ڪونه ٿي ڏنائين.


[1]   هي سڀئي اخبارن جا نالا آهن، جي اخبارون گولڊ سمٿ جي زماني ۾ نڪرنديون هيون.

[2]   ڪارٽيزن جو طريقو (Cartesian System) ؛فرينچ فلاسافر ڊيڪارٽس (Decartas) جو ايجاد ڪيل طريقو.

ڊيڪارٽس (1675-1734ع) هڪ فرينچ علم رياضي، علم طبعيءَ جو ماهر فلاسافر ۽ ڪارٽيزن جي نالي مشهور فلاسافي جو موجد هو، هن جي فلسفي جي ابتدا سندس مکيه تصنيف (Le-Daiscourse-De –le-Methode) (1737ع) ۾ وضاحت سان ڏنل آهي، سندس نظريو هيءَ آهي سندس نظريو هيءَ آهي ”آءُ خيال ڪريان ٿو ، تنهن ڪري آءٌ آهيان، روح ۽ مادي جي فرق سمجهائڻ لاءِ هن پنهنجي فلسفي جو سمورو مدار قياس تي رکيو ۽ عالم بابت سندس خيال ڪي قدر ڪل وانگر هو، هي مادي ۽ روح جي وچ وارو تعلق پوريءِ طرح سمجهائي نه سگهيو، هن جا ڪيترا اصول نيوٽن جي ايجادن کان پوءِ ٽٽي پيا، مگر هن پنهنجي فلسفي ۾ قياس جي شاهراهه قائم ڪئي

[3]   هالينڊ(Holland) يورپ کنڊ ۾ الهندي ڪناري تي هڪ ننڍو ملڪ آهي، جنهن کي واهن وارو ملڪ ڪري ڪوٺجي ٿو، هتي جي رهاڪن کي ڊچ ڪوٺبو آهي.

[4]   وينس(Venice) اٽليءَ جو سامونڊي بندر آهي، ائڊرياٽڪ سمنڊ جي ڪناري تي بيٺل آهي، ۽ وينس علائقي جي گاديءَ جو هنڌ آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org