سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: پرديسي پادري

 

صفحو :7

باب نائون

 

ٻن اعليٰ درجي وارين عورتن سان واقفيت

 

”مسٽر برچل“ اڃا مس رخصت ورتي ۽ ”صوفيا“ سرڪاري پادريءَ سان ناچ ڪرڻ قبول ڪيو ته منهنجا ننڍا ٻار ٻاهران ڊوڙندا مون کي ٻڌائڻ آيا، ته زميندار پنهنجي رفيقن جي ٽوليءَ سان آيو آهي، اسان جي موٽي اچڻ تي اسان پنهنجي زميندار کي ٻن سکر ماڻهن سان گڏ ايندو ڏٺو، ساڻس گڏ قيمتي ڪپڙن ۾ ملبوس ٿيل ٻه عورتون پڻ هيون، هن اسان کي ٻڌايو ته اهي ٻئي وڏي مرتبي ۽ ٺٺ واريون شهري عورتون آهن، جيئن ته اسان وٽ سڀني ماڻهن جي ويهڻ لاءِ ڪافي ڪرسيون موجود نه هيون، انهي ڪري ”مسٽر ٿارنهل “ رٿ ڏني ته هر هڪ مرد هڪ عورت جي گود ۾ ويهي، مون انهيءَ رٿ جي پنهنجي زال جي نا پسنديدگي جي باوجود قطعي طور مخالفت ڪئي، ڪرسين جي پورائي لاءِ ”موزز“ کي ٻن ڪرسين جي اڌاري وٺڻ لاءِ موڪليو ويو، اسان وٽ جيئن ته ٻهراڙي جي ناچ واسطي عورتن جو پورو انداز موجود نه هو، تنهن ڪري زميندار سان گڏ آيل ٻه نوجوان ”موزز“ سان گڏجي عورتن جي تلاش ۾ ويا، گهربل عورتون ۽ ڪرسيون جلد ميسر ڪيون ويون، ٻئي نوجوان اسان جي پاڙيسري فلمبرو جي ٻن ڌيئرن سان موٽي آيا، انهن ڇوڪرين جو رنگ گلاب جهڙو هو، ۽ سندسن ڳاڙها چوٽا هوا ۾ ڦڙ ڦڙ ڪري رهيا هئا، انهن نوجوان ڇوڪرين جي چونڊ ڪرڻ ۾ هڪ تشويش پيدا ڪندڙ حالت ڏانهن ڌيان نه ڏنو ويو هو، جا اها ئي هئي، جو جيتوڻيڪ فلمبرو جون ڇوڪريون سڄي  ڪليسا جي حلقي جي بهترين ناچڻين ۾ شمار ڪيون وينديون هيون، ۽ ناچ ڪرڻ لاءِ گهربل ساز ۽ ڦيري ۽ چڪر وارو ناچ اعليٰ درجي جوڄاڻنديون هيون، ته به هو ”ٻهراڙي جي ناچ“[1] کان پوريءَ طرح نا آشنا هيون، هن حالت پهريائين اسان کي تشويش ۾ وڌو مگر ڪجهه ڌڪ سڪ گيهل پيهل کان پوءِ چڱو ناچ ڪرڻ لڳيون، اسان جي سازن ۾ ٻه باجا هڪ توتاري ۽ هڪ دهل هو.

چنڊ پنهنجي پوري آب ۽ تاب سان روشن هو، ”مسٽر ٿارنهل“ ۽ منهنجي وڏي ڌيءَ تماشبينن کي گهڻي مسرت پهچائيندا ۽ ناچ جي مجلس کي گرم ڪندا رهيا، ڪيترائي پاڙيسري اهو ٻڌي ته اسان وٽ ڇا ٿي رهيو هو، جوق درجوق اسان جي چوڌاري اچي مڙيا هئا، منهنجي ڇوڪريءَ سونهن ۽ فطري سادگي سان اهڙو ته سٺو ناچ ڪيو، جو منهنجي زال فخر سان مون کي خاطري ڏني، ته جيتوڻيڪ ننڍڙي ڇوڪري هوشياريءَ سان ڪم ڪيو ٿي، ته به سڀئي قدم کانئس مخفي پئي چريا، شهري عورتن آرامده ٿيڻ ۾ تمام گهڻي ڪوشش ڪئي، مگر کين ڪاميابي نصيب نه ٿي، اهي تريون، چريون، پوئتي هٽيون ۽ ٽپا ڏنائون،  مگر سندن ڪا به ڪوشش ڪارگر ٿي نه سگهي، ڏسندڙن اعتراف ڪيو ته منهنجي ڌيءُ جو ناچ بهترين هو، پر پاڙيسري فلمبرو رايو ڏنو ته ”مس لويءَ“ جا پير ساز سان اهڙا ته ٺهڪي ٿي آيا، جهڙو ان جو پڙاڏو، ناچ اٽڪل هڪ ڪلاڪ مسلسل هليو، ان کانپوءِ انهن ٻنهي شهري عورتن، جن کي ٿڌ لڳڻ جو خطرو هو، ناچ جي مجلس کي ختم ڪرڻ لاءِ اشآرو ڪيو، مون ڏٺو ته انهي موقعي تي انهن عورتن مان هڪ جڏهن ڏٺو ته روح رچندڙ ناچ ڪري هوءَ سڄي پگهر ۾ شل ٿي ويئي هئي. تڏهن پنهنجا جذبا نهايت اڻوڻندڙ نموني ۾ ظاهر ڪيائين.

گهر واپس اچڻ تي هڪ تمام پسنديده رات جي ماني پنهجي اڳيان رکيل ڏٺي، اها ماني ”مسٽر ٿارنهل“ پاڻ سان آڻڻ جو بندوبست ڪيو هو، مانيءَ تي اسان جي گفتگو دستور کان وڌيڪ رکي هئي، اهي بئي عورتون منهنجي ڌيئرن کان آب ۽ تاب ۾ سرس هيون، سندن گفتگو اميراڻي زندگي، بلند معيار واريءَ صحبت ۽ انهي سان گڏ ٻين فيشني عنوانن جهڙوڪ، مورتون، مذاق، ”شيڪسپيئر“ ۽ سازيندڙ شيشن کانسواءِ ٻي ڪا نه هئي، اها حقيقت آهي، ته انهن ٻه دفعا قسم جي تڪڙي کڻڻ سان اسان کي شرم کان ڪنڌ هيٺ ڪرايو، مگر اها مون کي سندن مرتبي جي پڪي ۽ پختي نشاني ڏسڻ ۾ آئي، (جيتوڻيڪ مون کي هن وقت معلوم ٿي ويو آهي. ته قسم کڻڻ فيشن جي بلڪل بر خلاف آهي) سندن ڏيک ويک سندن ڪيل گفتگوءَ جي سڀ ڪنهن ناشائستگي تي نقاب وجهي ٿي ڇڏيو، منهنجو ڌيئرون انهن جي اعليٰ فضيلت تي رشڪ ڪري رهيون هيون ۽ جيڪي بيجا ڏسڻ ۾ ٿي آيو، انهيءَ کي عمديءَ تربيت جي خوبيءَ جو نتيجو سمجهيو ٿي ويو، انهن عورتن جي غريب پروري جي گڻڻ کان وڌيڪ اعليٰ هئي، انهن مان هڪ چيو ته ”مس اوليويا“ کي جيڪڏهن دنيا جو ڪجهه وڌيڪ تجربو هجي ها، ته اهو کيس گهڻي قدر سڌاري ڇڏي هئا، جنهن تي ٻيءَ چيو ته ننڍي ”صوفيا“ جيڪڏهن شهر ۾ هڪ سيارو گذاري، ته اهو هوند کيس اصل منفرد شيءَ بڻائي ڇڏي، منهنجيءَ زال ٻنهين عورتن جي ڳالهه قبول ڪئي ۽ چيو ته هن جي پڻ مرضي هئي ته سندس ڌيئرن کي هڪ سياري لاءِ شهر ڏانهن ڪجهه بهتري واسطي موڪليو وڃي، اها ئي هڪ تمنا هئي، جنهن لاءِ هن تمام گهڻي چاهت رکي ٿي، آءٌ سندن ڪيل گفتگو جي جواب ڏيڻ کان پاسو ڪري ڪين سگهيس، مون چيو”سندن پرورش سندن دولت کان اڳي ئي اعليٰ آهي، ۽ اها گهڻي شستگي صرف سندن غريبيءَ کي وڌيڪ ڌڪار جوڳي بنائڻ جو ڪم ڪندي ۽ کين انهن عيش عشرتن ڏانهن مائل ڪندي، جن تي قبضي رکڻ جو کين ڪو به حق حاصل نه آهي“ ”مسٽر ٿارنهل“ واڪو ڪري چيو، ” اهي ڪهڙيون عيش عشرتون آهن، جن تي قبضي رکڻ جو، انهن عورتن کي ڪو به حق حاصل نه آهي، جي ٻين تي نوازش ڪرڻ جي طاقت رکندڙ آهن.“ جيتري قدر منهنجو ان ڳالهه سان واسطو آهي ته منهنجي دولت ڪافي وڏي آهي ۽ پيار، آزادي ۽ عيش منهنجي زندگيءَ جا اصول آهن، جيڪڏهن منهنجيءَ ملڪيت جي اڌ جو انتقال منهنجي من مهڻيءَ ”اوليويا کي خوش رکي سگهي، ته آءٌ ان جي ڏيڻ  لاءِ تيار آهيان، آءٌ ان جي بدلي ۾ صرف نوازش طلبيندس ته آءٌ پڻ ان مان خوشيءَ حاصل ڪرڻ ۾ ساڻس ڀائيوار ڪيو وڃان، آءٌ انهن دنيوي ڳالهين کان ايتري قدر بي خبر نه هوس، جو هن ڪميڻي تجويز جي گستاخيءَ کي لڪائڻ لاءِ اها جيڪا نئين نموني جي چورائڻي ٻولي آندي ويئي هئي، ان کان غير واقف هجان، پر مون پنهنجي ناراضگيءَ روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، مون چيو، ”سائين اهو ڪٽنب جنهن تي توهين پنهنجي نوازش ڪندا رهو ٿا، سو اهڙي ئي عزت جي احساس سان پليل آهي، جنهن سان توهين. ان کي ڏکوئڻ جي ڪابه ڪوشش خوفناڪ نتيجن جي حامل ٿيندي، هن وقت صرف عزت ئي آهي، جنهن کي اسين پنهنجي سمجهون ٿا ۽ ۽ ان آخرين خزاني جي اسان کي خاص نگهباني ڪرڻي آهي، منهنجي ايتري چوڻ تي ان نوجوان منهنجو هٿ جهلي ساک تي چيو، ”جيتوڻيڪ آءٌ توهان جي گمانن کي پسند نٿو ڪريان ته به توهان جي جذبات جي ساراهه ڪريان ٿو.“ اهو ٻڌي مون کي ساڻس جوش سان ڳالهائڻ جو جلدي ڏک محسوس ٿيو، هن سلسلي ڪلام جاري رکندي چيو، ”توهان جي هن اشاري بنسبت آءٌ دعويٰ سان چوان ٿو ته اهڙي ڳالهه منهنجي خواب و خيال ۾ به ڪا نه هئي، انهن سڀني ترغيبن جي باوجود منهنجيءَ دل کي اهڙي فضيلت مرغوب نه آهي، جا انتهائي جدوجهد سان به حاصل ٿي نه سگهي، ڇا ڪاڻ ته منهنجي عشق جو جزبو ناگهاني بلا آهي.“

شهري عورتن اسان جي گفتگوءَ کان بي خبر هجڻ جو مڪر ڪيو، ۽ جنهن آزاديءَ سان مون گفتگو ڪئي هئي، ان تي تمام گهڻو ناراض نظر آيون، هنن موقعي پٽاندر اخلاق تي فهميدائيءَ سان قابل ذڪر گفتگو شروع ڪئي، منهنجي زال، پادري ۽ آءٌ جلدي ساڻن ان گفتگو ۾ شامل ٿي  وياسون ۽ خود زميندار کي به سندس ڪيل زيادتين تي پشيمان ٿيڻو پيو، اسان پرهيزگارييءَ جي لطيف ۽ گناهن کان پاڪ دل جي سرور بابگت گفتگو ڪئي. آءٌ ايترو ته خوش ٿيس، جو مون پنهنجن ننڍڙن کي اهڙيءَ سٺي گفتگو مان روحاني ۽ ديني فائدي حاصل ڪرڻ لاءِ دستوري وقت کان به وڌيڪ سجاڳ رکيو، ”مسٽر ٿارنهل“ ته مورڳو مون کان به گوءِ کڻي ويو ۽ مون کي مولا جي حمد و ثنا ڪرڻ لاءِ عرض ڪيائين، مون سندس رٿ خوشيءَ سان قبول ڪئي، جيستائين ٻاهرين رفيقن واپس ورڻ بابت خيال ظاهر ڪيو، تيستائين رات خوشيءَ جي لمحات ۾ گذري ويئي، ٻئي شهري عورتون منهنجي ڌيئرن کان جدا ٿيڻ ۾ ناراض نظر اچڻ لڳيون، ڇا ڪاڻ ته کين ساڻن تمام گهڻي محبت هئي، هنن مون کي عرض ڪيو ته آءٌ کين اجازت ڏيان ته هو ٻنهين ڇوڪرين کي پنهنجي گهر وٺي وڃن ۽ سندن محبت مان خوشي حاصل ڪن. زميندار ان رٿ جي تائيند ڪئي، منهنجي زال پنهنجو التجائون ان سان شامل ڪيون ۽ ڇوڪرين اهڙيءَ گهور سان مون ڏانهن نهاريو، جو ڄڻ ته انهن پڻ وڃڻ جي خواهش ٿي ڪئي، هن مونجهاري جي وقت ۾ مون ٻه ٽي عذر ڏنا، جي منهنجي ڌيئرن جلد رد ڪري ڇڏيا ۽ آءٌ قطعي طور انڪار ڪرڻ تي مجبور ٿي پيس، انهيءَ ڪري ٻئي ڏينهن تي اسان وٽ غمگين نگاهن ۽ مختصر جوابن کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو.

 

باب ڏهون

 

وڏي درجي وارن ماڻهن سان ڪلهي رس ٿيڻ جي ڪوشش

 

مون کي هاڻي ڏسڻ ۾ آيو ته منهنجا پرهيزگاريءَ سادگيءَ ۽ قناعت بابت سمورا ڊگها ۽ پر تڪليف خطبا پوريءَ طرح نظر انداز ڪيا ويا هئا. پاڻ کان وڏي درجي وارن جيڪي مرتبا تازو اسان کي ڏنا هئا، انهن اسان جي دلين ۾ اها وڏائي جاڳائي، جنهن کي مون دٻائي ڇڏيو، مگر موقوف نه ڪري ڇڏيو هو. اسان جو دريون وري به اڳيئين وانگر ڳچيءَ ۽ منهن جي صفا ڪرڻ وارن ڌوپَن سان ڀريل هيون، ٻاهر سج کي چمڙيءَ جو دشمن سمجهي ان جو خوف ڪيو ٿي ويو ۽ اندر وري باهه کي شڪل جو خراب ڪندڙ تصور ڪيو ٿي ويو، منهنجيءَ زال چيو ته، تمام سوير جاڳڻ سندس ڌيئرن جي اکين کي تڪليف پهچائيندو ۽ منجهند جي مانيءَ کان پوءِ ڪم ڪرڻ سندن نڪن کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيندو. هن مون کي خاطري ڏياري ٿي ته هٿن جي اڇائي فقط تڏهن قائم رهي سگهي ٿي، جڏهن ڪو به ڪم ڪيو نٿو وڃي، انهيءَ ڪري ”جارج“ جي قميصن کي سبي پوري ڪرڻ بدران، هاڻي منهنجون ڌيئرون اڳين ريشمي ڪپڙن کي نئين نموني ۾ تبديل ڪري رهيون هيون، يا لباس جي وڌيڪ سوڀيا لاءِ ٿلهن ڪپڙن تي ڀرت ڪرڻ جو ڪم ڪري رهيون هيون. هنن پنهنجين اڳين دل گهرندڙ سهيلين ”فلمبرو“ جي ڪيڪن کي معمولي واقفڪارن وانگر نظر انداز ڪري ڇڏيو ۽ سندن سموري گفتگو اميراڻي زندگيءَ، مٿانيهن درجي واريءَ صحبت، مورتن، مذق، ”شيڪسپيئر“ ۽ سازيندڙ گلاسن بابت ٿيڻ لڳي.

اسين اهو سڀ ڪجهه برداشت ڪري سگهون ها، جيڪڏهن هڪ اڳ ڪٿي ڪندڙ خانه بدوش عورت کين بلند پروازيءَ تي پهچائڻ لاءِ اتي نه اچي ها، اڃا اها ڪاري رنگ واري جوڳياڻي آئي ئي مس ته منهنجون ڇوڪريون ڊوڙنديون مون وٽ آيون، ۽ کيس نذراني ڏيڻ لاءِ مون کان هڪ شلنگ طلب ڪيائون، حق جي ڳالهه اها آهي ته آءٌ هميشه لاءِ سياڻي ٿيڻ کان بيزار هوس ۽ سندن عرض قبول ڪرڻ کان ڪنڌ ڪڍائي نه سگهيس، ڇا ڪاڻ ته مون کين خوش ڏسڻ چاهيو ٿي، مون هر هڪ کي هڪ شلنگ ڏنو، اهو ٻڌائڻ به غير ضروري نه ٿيندو ته خاندان جي مرتبي بر قرار رکڻ لاءِ هو ڪڏهن به پئسي کانسواءِ ٻاهر نه وينديون هيون، جڏهن به اهي ٻاهر نڪرنديون هيون، تڏهن منهنجي زال هميشه هر هڪ کي کيسي ۾ وجهڻ لاءِ هڪ گني ڏيندي هئي ۽ کين سخت هدايت ڪندي هئي، ته هو ان کي ڪنهن به حالت ۾ نه مٽائين، منهنجين ڌيئرن ان عورت سان ڪجهه وقت خلاصو ٿي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سندن موٽڻ تي مون معلوم ڪيو ته کين ڪنهن وڏي مرتبي جو دلاسو ڏنو ويو هو( مون کين چيو) ”ڇا، اوهان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿيون؟“ ”لوي“  ان نصيب ٻڌائيندڙ تو کي پينيءَ جي قيمت جيترو ڪي ڏنو؟“ ”بابا، جيڪي هن چيو ان جي آءٌ مخالفت ٿي ڪريان،“ ڇوڪري چيو، ”مون کي يقين آهي ته اها ڳالهه ڪنهن ٻي ڇوڪريءَ سان تعلق رکي ٿي، ڇا ڪاڻ ته هن چٽيءَ طرح پڌرو ڪيو ته آءٌ ٻارنهن مهينن کان اڳ ڪنهن زميندار سان شادي ڪنديس،“ مون چيو، ”چڱو، ”صوفي“ منهنجا ٻچا هاڻي ٻڌاءِ ته توکي ڪهڙي مڙس جو دلاسو مليو آهي؟“ هن جواب ڏنو. ”بابا“ ”لوي“ جي زميندار سان شاديءَ ٿيڻ کان جلدي پوءِ منهنجي شادي هڪ امير سان ٿيڻي آهي، مون چيو، ”ڇا! اهوئي سڀ ڪجهه آهي، جو اوهان کي ٻن شلنگن عيوض ملڻو ٿيو آهي! ٻن شلنگن ۾ صرف هڪ امير ۽ هڪ زميندا! بي وقوف ڇوڪريون آءٌ اوهان کي اڌ پئسن ۾ هڪ شهزادو ۽ هڪ نواب ڏيئي سگهان ها.“

منهنجي ڌيئرن جو اهو انتظام تمام نازڪ نتيجن جو سبب بنيو، اسان هاڻي سمجهڻ لڳاسون ته نصيب جي ستارن اسان کي ڪنهن اعليٰ درجي لاءِ تجويز ڪيو هو، ۽ پنهنجي مستقبل جي اقتدار جي اڳواٽ ئي اميد رکڻ لڳاسون. اهو هزارين دفعا چيو ويو آهي ۽ آئون ضرور هڪ دفعو وڌيڪ چوندس ته اهي ساعتون جي اسين خوشيءَ وارين اميدن کي نظر ۾ رکي گذاريون ٿا، سي انهن کان وڌيڪ خوشيءَ واريون آهن، جي ڪاميابيءَ سان  نتيجه خيز آهن. پهرينءَ حالت ۾ اسان پنهنجي خوراڪ پنهنجي اشتياق موافق پچايون ٿا، ٻيءَ ۾ قدرت اها اسان جي لاءِ تيار ڪري ٿي، اهو دلنواز خيالن جو سلسلو جو اسان پنهنجي وندر لاءِ بنايو آهي، ان کي وري دهرائڻ ناممڪن آهي.اسان پنهنجي نصيب کي وري به هڪ دفعو چڙهندڙ سمجهيو ۽ جيئن ته سڄي ديول جي پسگردائيءِ وارن ماڻهن جو چوڻ هو ته زميندار منهنجي ڌيءُ جو عاشق آهي، تنهن ڪري هوءَ پڻ سچ پچ ساڻس محبت ڪرڻ لڳي، ڇا ڪاڻ ته انهن ما ڻهن جي ڳالهين کيس شوق ۾ ترغيب ڏني هئي، هن خوشگوار وقت ۾ منهنجي زال نهايت بخت خواب ڏسندي هئي، جو هوءَ اسان کي صبح جو تمام گهڻي خبرداريءَ، سنجيدگيءَ ۽ درستگي سان ٻڌائيندي هئي، هن هڪ خواب ۾ لاشي واري پيتي ۽ صليب جا هڏا ايندڙ شاديءَ جي نشاني طور ڏٺا، ٻئي وقت تي هن پنهنجي ڌيئرن جا کيسا پئسن سان ڀريل ڏٺا، جا سندن جلدي سون سان مالا مال ٿيڻ لڳا. هنن شمع ۾ گول ڇلا، باهه مان ٽپا ڏيندڙ ٻٽئون ۽ هر هڪ چانهن جي ڪوپ ۾ سچيون محبت جون ڳنڍيون پيل ڏٺيون ٿي.

هفتي جي آخر جي ويجهڙائيءَ ۾ اسان کي شهري عورتن وٽان هڪ چٺي پهتي. جنهن ۾ پنهنجي دعائن ان گڏ هنن ايندڙ آچر تي اسان جي سڄي ڪٽنب کي ديول ۾ ڏسڻ جي اميد ڪئي هئي، ان جي نتيجي ۾ مون ڏٺو ته سڄو ڇنڇر جو ڏينهن منهنجيءَ زال ۽ ڌيئرن هڪ ٻئي سان تمام رازدارنه صلاحون پئي ڪيون، ۽ هر وقت مون ڏانهن اهڙين نگاهن سان پئي نهاريائون جن ڄڻ ته سندن ڳجهي منصوبي بابت چغليون پئي هنيون، حقيقت اها آهي ته مون کي پڻ شڪ هو ته ايندڙ ڏينهن تي شان سان ڏسڻ ۾ اچڻ جي تياريء لاءِ ڪا بيهودي تجويز تيارپئي ڪئي ويئي، شام جو هنن پنهنجو ڪم باقاعده ڪرڻ شروع ڪيو، ۽ منهنجي زال مون کي وڪوڙڻ جو ڪم پاڻ تي کنيو، چانهه کان پوءِ جڏهن منهنجو رخ چڱو ڏٺائين، تڏهن هن هيٺينءَ طرح شرروعات ڪئي، ”منهنجا پيرا چارلس! آءٌ ڀانئيان ٿي ته سڀاڻي ديول ۾ پاڻ سان گڏ هڪ وڏي جماعت هوندي“، مون جواب ڏنو، ” شايد هجي پر منهنجي پياري توهان کي ان لاءِ ڪو به انتظار نه هئڻ گهرجي، اتي وڏي جماعت هجي يا نه، مگر اوهان کي ديني نصيحت اتي ملندي،“ هن جواب ڏنو، ”اها ئي ڳالهه آهي، جنهن جي مون کي اميد آهي، مگر منهنجا پيارا، اسان کي گهرجي ته جيترو مڪن ٿي سگهي، اوترو فضيلت سان اتي هلون، ڇا ڪاڻ ته ايندڙ وقت جي ڪنهن کي ٿي خبر پوي؟“  مون جواب ڏنو، ”تنهنجا انديشا سچ پچ ته نهايت قابل تعريف آهن. فضيلت واري هلت ۽ ديول ۾ حاضري ئي آهن، جي مون کي خوش ڪن ٿيون، اسان کي ديندار، حليم خوش مزاج ۽ بردبار ٿيڻ گهرجي.“ هن واڪو ڪري چيو، ” ها اها مون کي به خبر آهي، مگر منهنجو مطلب آهي، ته جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي، اوتري قدر ڪنهن مناسب طريقي ۾ اتي هلون، ۽ پنهنجي پسگردائيءَ وارن نيچ ماڻهن جهڙا ڏسڻ ۾ نه اچون“ مون وراڻي ڏني، ” منهنجي پياري، تون انهيءَ ۾ صحيح آهين ۽ آءٌ پڻ ساڳئيءَ تجويز ڏيڻ تي هوس، هلڻ جو صحيح طريقو اهو آهي ته جيترو ممڪن ٿي سگهي، اوترو سوير اتي پهچجي، ۽ عبادت شروع ٿيڻ کان اڳ ڪجهه وقت مراقبي ۾ هلي ويهجي،“ هن وچ ۾ چيو، ” او چارلس“! اوهان جو چوڻ بلڪل درست آهي، پر ان جي اها معنيَ نه آهي، جيڪا منهنجي خواهش آهي، منهنجو مطلب آهي ته اسان اتي مهذب نموني ۾ هلون، توهان کي خبر آهي ته دول ٻه ميل پري آهي، ۽ آءٌ احتجاجن چوان ٿي، ته آءٌ پنهنجي ڌيئرن کي ائين ڏسڻ نٿي چاهيان، ته اهي ديول ڏانهن پيرين پنڌ گهلجنديون هلن ۽ پنڌ ڪرڻ سبب خراب نموني ۾ ملبوس ٿيل ۽ پگهر ۾ شل هجن ۽ سڀني ماڻهن جي اڳيان ائين ڏسڻ ۾ اچن جو ڄڻ ته اهي زناني ڪڙتي واريون شرط کٽندڙ آهن. هاڻي منهنجي تجويز هيءَ آهي ته ،اسان کي هر کيڙڻ جا ٻه گهوڙا آهن، هڪ ٻهاڻ جو اسان جي ڪٽنب ۾ نو سال رهيو آهي، ۽ ٻيو ان جو ساٿي ”بلئڪ بيري“[2] جنهن گذريل مهيني ۾ ورلي ڪو ڪم ڪيو آهي، اهي ٻئي ٿلها ۽ سست ٿي پيا آهن، اهي به ڇو نه اسان وانگر ڪو نه ڪو ڪم ڪن؟ آءٌ اوهان کي يقين سان ٻڌايان ٿي ته جڏهن ”موزز“ کين ٿورو ئي سنواريندو، تڏهن اهي نهايت پسندديده ڏسڻ ۾ ايندا.“

جيئن ته ”بلئڪ بيري“ اکين کان انڌو هو، ۽ ٻهاڻ کي پڇ ڪونه هو، اهي ڪڏهن به لغام تي هريل ڪونه هئا، مگر سوين گنديون عادتون هئن، ۽ اسان کي سڄي گهر ۾ فقط هڪ هنو ۽ هڪ ٽيڪ هئي، تنهن ڪري مون هن رٿ تي اعتراض ورتو ته پيرن پنڌ ڪرڻ اهڙي خسيس مسافريءَ جي طريقي کان ويهه دفعا وڌيڪ تعظيم وارو ٿيندو، تنهن هوندي به منهنجا اهي سڀيئي اعتراض رد ٿي ويا، ۽ آءٌ سندس تجويز جي ادائگي لاءِ مجبور ٿي پيس، ايندڙ صبح جو کين اهڙين شين گڏ ڪرڻ ۾ گهڻو مشغول ڏٺو، جي مسافريءَ لاءَ ضروري ٿي سگهيون ٿي، مون ڏٺو ته اهو ڌنڌو گهڻو وقت وٺندو، تنهن ڪري آءٌ اڳ ديول ڏانهن روانو ٿيس ۽ هنن جلد پويان اچڻ جو واعدو ڪيو، آءٌ سندن آمد لاءِ تقريباً هڪ ڪلاڪ مطالعي جي بينچ تي ترسيس، پر جيئن اميد هئي، تيئن انهن کي ايندو نه ڏسي، آئون (عبادت جي) شروع ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي پيس ۽ کين غير حاضر ڏسڻ گهڻيءَ تڪليف سان عبادت جو ڪم هلايم، تڪليف وڌيڪ وڌي، جڏهن سارو (ڪم) ختم ٿيو ۽ منهنجو ڪٽنب ڏسڻ ۾ ڪونه آيو، آءٌ تنهن ڪري گهوڙن واري رستي تان پوئتي موٽيس، اهو رستو ڦيري تي پنج ميل ڊگهو هو، جيتوڻيڪ پيادل پنڌ فقط ٻه ميل هو، جڏهن گهر کي اٽڪل اڌ پنڌ ويجهو ٿيس، تڏهن مون سڄي سرگس آهستگيءَ سان ديول ڏانهن ايندي ڏٺي. منهنجو پٽ، منهنجي زال ۽ ٻه ننڍڙا هڪ گهوڙي تي سوار هئا ۽ منهنجون ٻه ڌيئرون ٻئي تي سوار هيون، مون هنن کان دير جو سبب پڇيو، مگر سندن نگاهن مان سهي ڪيم ته رستي تي ساڻن هزارين بد بختيون سامهون ٿيون هونديون، گهوڙن پهريائين در کان اڳتي هلڻ کان نابري واري، مگر ”مسٽر برچل“ پنهنجي لڪڻ سان کين ڌڪ هڻي، اڳتي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي، پوءِ وري منهنجي زال جي ٽيڪ جا تنگ ٽٽي پيا ۽ اڳتي هلڻ کان اڳ مرمت ڪرڻ واسطي هو اتي ترسڻ لاءِ مجبور ٿي پيا، ان کانپوءِ گهوڙن مان هڪڙي جي مغز ۾ هڪ هنڌ بيهڻ جي خرابي اچي پيدا ٿي ۽ نڪي ڌڪ، نه ڪي ٻيون ڪوششون کيس اڳتي و‎ڌڻ لاءِ مجبور ڪري سگهيون، جڏهن مون گهوڙي کي ڏٺو، تڏهن ان مس پنهنجي انهيءَ نا اميديءَ جهڙي حالت مان نجات حاصل ڪئي هئي، پر سڀني کي سلامت ڏسي آءٌ قبول ٿو ڪريان ته سندن موجوده افسردگيءَ مون کي ڪجهه به ناخوش نه ڪيو، ڇاڪاڻ ته منهنجو خيال هو ته سندن افسردگيءَ مون کي مستقبل جي گهڻن ئي ڪاميابين جا وجهه ڏيندي ۽ منهنجي ڌيئرن کي وڌيڪ تواضع سيکاريندي.


[1]   ٻهراڙي جو ناچ؛ (Country dance) هن ناچ ۾ مرد ۽ عورتون جوڙا ٺاهي، هڪ ٻئي جي سامهون قطار ۾ بيهي نچندا آهن.

[2]   بلئڪ بيري: هيءَ ڊاڪٽر پر مروز جي هڪ گهوڙي جو نالو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org