سيڪشن؛  ناول  

ڪتاب: زينت

 

صفحو :7

 

 

باب تيرهون

خانه بربادي

علي رضاجن جي سنڌ مان لڏي وڃن کان  پوءِ سرائي فتح محمد خان جي گهر کي گهڻي شڪست پهچي ويئي هئي،. تنهن جا ٻه – ٽي سبب هئا؛  پهرين ته هنن جي اٿ – ويهه جيڪا وڃي رهي هئي، سان علي رضا جن سان ۽ ڪن ٿورن ٻين ماڻهن سان؛  مائٽن ۽ عزيزن سان ته رستو گهڻو ڪري بند ٿي ويو هئن، جيئن اسان مٿي به ڏيکاريو آهي. سو هنن جي وڃڻ ڪري هي ڏاڍا اٻاڻڪا ٿيا. هنن کي اڪيلو ڏسي، سندن عزيز،  جي  مٿن اڳيئي ڪاوڙيل هئا، سي هنن کي هر طرح ستائڻ لڳا. هڪڙي ڀيري ته ڪوڙي سوڙي معاملي ۾ حامد ۽ سندس ماءُ کي ڪورٽ ۾ به آڻائڻ جي ڪوشش ڪئي هئائون، جو سندن اڻبڻت ظاهر هئڻ ڪري هو انهيءََ تڪيلف کان ڇٽي ويا، ٻيون ته سندن ايماندار ٻانهي بختاور، علي رضا جن جي وڃڻ کان اٺ – نو مهينا پوءِ مري ويئي هئي، هوءَ مائي شهربانوءَ جي صلاحڪار ۽ مددگار سنگتياڻي هوندي هئي. هن کي ٻانهي نٿي ڄاتائون،پر گهر جو وڏو ڀاتي ڪيو ٿي ڄاتائون. هوءَ سرائيءَ جي اولاد کي پنهنجو اولاد ڄاڻندي هئي، ۽ هو به کيس پنهنجي ماءُ ڪري ڄاڻندا هئا. هنن سان ايتري خاطري هوندي هيس، جو مرڻ مهل به زينت بانوءَ کي ياد ڪيو پئي رنائين، ۽ سڀني کي دعائون ڪندي دم ڏنائين.

هن جي مئي کان پوءِ پوءِ مائي شهربانوءَ هڪڙي پورهيت رکي، پر ڪيڏانهن نمڪ حلال ٻانهي جو منهن،  ڪيڏانهن پورهيت جو منهن. سگهوئي هڪڙي ڪڍي ٻي رکيائين، بي ڪڍي ٽين رکيائين. ڪا پاڻيهي ڇڏي هلي ويئي، ڪا گهر جي شيءِ شڪل چورائي ڀڄي ويئي. مطلب ته ٿوري ئي عرصي ۾ هنن وٽ ڪيتريون ئي زالون آيون ويون، پرجا لذت هنن کي اڳي بختاور مان ايندي هئي سا نه آئي.

نڪا وري زينت جي جهڙي ٻي ڌيءَ گهر ۾ هئي، جا هن کي رڌڻ پچائڻ يا ٻئي ڪم ۾ مدد ڏئي، تنهن ڪري مائي شهربانو  ويچاري ڏکي ٿي هئي.، پاڻ کان به رڌڻ پچائڻ جو توڙي ٻيو ڪم ڪار نٿي ٿي سگهيس، لاچار ڏکيو سکيو گذران پيئي ڪندي هئي.

ٽيون جنهن ڏک هن کي سڀ کان وڌيڪ ماري وڌو هو، سو وچئون  ٻيو هو، اهو هيءُ، ته سندس پٽ حامد، جو اڳي هڪڙو سڌريل ڇوڪرو هوندو هو، سو هاڻي کري ٻهر ٿي پيو هو. علي رضا جو هتي هئڻ  هن جي لاءِ وڏي ڳالهه هئي، جو اڪثر هن کي هن جي صحبت ۾ رهڻو ٿيندو هو، گهر ۾ ته هن کي ڀيڻس زينت بانوءَ جهڙو ماڻهو هوندو  هو، جنهن سان گڏ پڙهڻو لکڻو ۽ ٻيو اهڙو شغل ڪرڻو ٿيندو هوس، ۽ ٻاهر شهر ۾ علي رضا وٽ ويندو هو ۽ هو وٽس ايندو هو،  ۽ هن جي معرفت چڱن چڱن ماڻهن وٽ اچ وڃ هيس، تنهن ڪري پاڻ به سڌري پيو هو. پر هن کي شڪار جو شوق اچي ٿيو، انهيءَ چوس تي هي پلٽڻ جي سپاهين سان واقف ٿيو، تن سان گڏ اڪثر آچر جي ڏينهن شڪار تي پيو ويندو هو. پوءِ ٿورو ٿورو ڪري پاڻ به بندوق هٿ ڪيائين، ۽ هنن جو پڪو سنگتي ٿي ويو. اهو آچر جو ڏينهن ئي ڪونه ٿي آيو، جو هن ٻاهر نٿي گذاريو.

انهن سنگتين جي معرفت هن کي ٻين لچن سان گڏ اٿڻو ويهڻو پيو، سگهوئي حقو پيئڻ سکيو[1]. پهرين لڪي لڪي  ڇڪيندو هو، پوءِ ته هڪڙو خلاصو حقو گهر ۾ جوڙي رکيائين.تنهن کان پوءِ  چرس پيئڻ ۾ پيو. سگهوئي انهيءَ جي پٺيان ڀنگ جو سواد وٺڻ لڳو ۽ اوبر سوبر جو چڪو پي پي اچي ٻانڌاڻي ٿيو، ۽ ڏهاڻي  پنهنجي ڀنگ گهوٽيندو هو، يا ڪو اوتارو ۽ دائرو چتائيندو هو.

اتي وڃڻ مان وري نون نون سنگتين جو واقف ٿيو، انهن سان گڏ ڳائڻ وڄائڻ  جو شوق جاڳيس. ڪافيون ۽ راڳ پيو ٻڌندو هو. گهر ۾ پنهنجو يڪتارو ٺاهي رکيائين، رات جو پيو اها وندر ڪندو هو. انهيءَ شغل مان ڦري وري رنن جي صحبت پيدا ٿيس، پهريائين پلٽڻ جي سپاهين ۽ ٻين سان ڪڃرين ۽ رنگيلين جي حاضري ڀرڻ لڳو، پوءِ ٿورو ٿورو ٿي اچي رنڊيبازيءَ جي عادت پيس، سونه ڪاري ڇٽي، نه ڪمري ڇٽي. ڳچ وقت تائين ٻاهر جو ٻاهر اهو ڌنڌو هلائيندو هو، پوءِ ته نيٺ هڪڙي مهاڻي وٺي آڻي ويهاريائين، رات ڏينهن انهيءَ سان خوش رهندو هو.

مطلب ته علي رضا جي بمبئيءَ لڏي وڃن کان پوءِ ورهيه – ٻن جي اندر  هن جي حالت ئي ڦري ويئي، جهڙو اڳي چڱو هو، اهڙو هاڻ بڇڙو ٿيو، هن کي منع ڪرڻ وارو ٻيو ڪو وڏو مائٽ ڪونه هو، رڳي ماءُ هئي، تنهن جي هن به پرواهه  ڪانه رکي. هوءَ ويچاري گهڻوئي چوندي هيس،  رئندي پٽيندي هئي، پر هو ليکيندو به ڪين هوس.   نڪو وري هنن جو ٻيو ڪو وڏو هو جو هن کي سمجهائي، جيڪي دشمن هئن سي ته پاڻ هنن جي خراب حالت ڏ سي حسد کان خوش ٿيندا هئا.

اهڙن ڪنن ڪمن ڪري حامد ۾ پڙهڻ لکڻ جو شوق گهٽبو ويو ۽ لچائيءَ جو خيال وڌندو ويو. اسڪول ۾ هي چڙهي چڙهي اچي مٿئين درجي کي پهتو هو، سو هاڻ پٺتي پوڻ لڳو. ماستر سندس ڪم کان ناراض رهيا ۽ مٿس ڪاوڙ ڪرڻ لڳا. ڪي ڏينهن ته هي اسڪول جي وڃڻ کان پيو گسائيندو هو، ڪڏهن ڪڏهن بيماريءَ جي  عذر تي غير حاضر رهي، پنهنجي منهن يا پنهنجن سنگتين سان پيو گذاريندو هو، جي ڪو جهڙالو ڏينهن آيو ته  اسڪول کان رهي پوندو هو؛ ۽ سنگتين سان باغن ۾ وڃي پيالا پاڻي ڪندو هو. نيٺ ٿورو ٿورو ڪري اسڪول به ڇڏي ڏنائين.

اهڙن ڪمن ۾ جيڪو لڳندو آهي تنهن کي پئسي جي  تهڍ گهرج ضرور ٿيني آحي. ماڻس کي جيڪا پينشن ملندي هئي، سا هنن جي لاءِ ٿورينه هوندي هئي. ٻيوته سرائي فتح محمد خان جي پوري بندوبست ڪري هي قرض کان به  ڇٽل هئا، تنهنڪري هنن جي حالت پاڙي وارن کان بهتر هلندي آئي، جيئن مٿي به اشارو ڏنو ويو آهي، جيڪي ٿورو گهڻو گڏ ڪيو هئائو، تنهن ۾ پريندي ئي حامد آڻي هٿ ڳنڍيا. ماڻس کي سندس شاديءَ جي ڳڻتي هئي؛ انهيءَ لاءِ پئي پئسو – پنجڙ ڇل ڇتر گڏ ڪندي هئي، سو به هاڻ هن جي هٿ ۾ آيو ۽ انهيءَ تي پنهنجو حق ڄاڻي، کپائڻ لڳو. رنڊيبازيءَ ۾ توڙي سنگتين جي پيالي پاڻيِءَ  ۾ هن جي ضرورت وڌي ته قرض کڻڻ لڳو؛ پينشن وٺڻ لاءِ ماءُ جي پاران آفيس ڏي هي پاڻ ويندو هو، سو اڌ ٻاهران کائي، کپائي باقي آڻي ماءُ کي ڏيندو هو. هوءَ گهڻيون  دانهون ڪندي هئي، پر سندس وس ڪونه ٿي هليو.

نيٺ جڏهن انهيءَ رستي به پورت ڪانه ٿيس، تڏهن ڪنهن نوڪريءَ جي ڳولا ۾ رهيو. جهڙا افعال هئس، تن ۾ ٻي ڀلا ڪهڙي نوڪري هن کي ملي! پوليس کاتي ۾ گهڙڻ جي خواهش ڪيائين، جو اها نوڪري سندس ڀيت تي هئي. هن ڄاتو ته ڳاڙهو پٽڪو ٻڌي، ترار چيلهه سان ٻڌي حڪم هلائيندو  وتندس ۽ مزي  مزي جي جاين تي گهمندو وتندس.[2] * سکر  ماڻهوءَ جو اولاد هو، تنهنڪري هن کي هڪڙي جاءِ جمعداريءَ جي پندرهن  روپين پگهار واري ملي ويئي، سو هاڻي پنهنجي  پئسي وارو به ٿيو، ٻي مدد ماءُ جي پئسن جي به سجهيس ٿي. رن ته اڳيئي گهر ۾ آڻي ويهاري هئائين، جا پريندي نٿي آئي ۽ چيائين  ٿي ته ”مون کي نڪاح ڪري گهر ويهارين ته ويهنديس، نه ته ائين هلي بند ۾ ڪين پونديس.“ انهيءَ ڪري هن کي لاچار ٿيو، پنج روپيا خرچي، مُلي کان ظاهر ظهور نڪاح پڙهائي، سنگتين ۾  کارڪون ورهائي، آڻي گهر ويهاريو هئائينس، جا هينئر ڪپڙا گنديون ۽ ڳهه ڳٺا گهرڻ لڳي، تنهن جي پورائي پيو ڪندو هو. هن رن کي ڪا هن سان محبت ڪانه هئي. هن کي هو ڦڙڻو کائڻو، جو ڄاڻندي هئي ته ڦري کائي هڪڙي ڏينهن هلي وينديس.

هي نئون ڀاتي جو گهر ۾ آيو، تنهنڪري مائي شهربانو ويچاريءَ جو بڇڙو حال ٿيو، جو هوءَ اچي مالڪياڻي ٿي ويٺي. هن جي جا ساڻس نه پيئي، تنهنڪري سنجهه- صبح جهيڙا ٿيڻ لڳا. مهاڻي، حامد وٽ ماڻس تي چغليون هڻڻ لڳي، جنهن تي حامد اويل سويل ماءُ سان معاملا ڪرڻ لڳو ۽ اجايو سجايو ڳالهائڻ لڳو.  ويچاري مائي شهربانو گذريل ڏينهن ياد ڪيو ۽ پٽ جو هاڻوڪو حال ڏسي رت پئي روئندي هئي. نڪي نڪري  ڪنهن ٻي پاسي وڃي سگهندي هئي؛  لاچار سوس  پيو پيئي گذاريندي هئي.

حامد عليءَ جو ۽ سرائي فتح  خان جي گهر جو  اهو  حال هو، جو علي رضا جن بمبئيءَ کان موٽي آيا.  آئي کان پوءِ سگهوئي هنن کي معلوم ٿيو ته حامد جو تمام خراب حال آهي ۽ مائي شهربانو ڏاڍي ڏکي آهي. هنن جي اچڻ ڪري انهي ويچاريءَ جي هانو تي وڏو ڇنڊُ پيو، جو ڄاتائين ٿي ته منهنجي ڌيءَ اگرچه هاڻي ڌارين آهي، پر وري به اولاد آهي ۽ صالح ته آهي ۽ علي رضا کي به پٽ وانگي ڄاڻندي هئي ۽ سندس صحبت ۾ حامد جي وري به سڌرڻ جي اميد هيس. پر هنن جي اچڻ ڪري حامد کي ڪا گهڻي خوشي ڪانه ٿي. بڇڙائي هن جي دل تي ايترو اثر ڪري ويئي  هئي، جو جنهن صحبت مان اڳي هن کي لذت ايندي هئي،تنهن کي هي هينئر  ڌڪارڻ لڳو؛ تنهن ڪري اها اڳوڻي آمد رفت ڇڏي ڏني هئائين. وري پنهنجي نوڪريءَ ۾ به قابو هو. نڪي حقيقت ڪري هاڻي خود علي رضا جي مرضي هئي ته ههڙو ماڻهو سندس گهر ۾ آمد رفت ڪري. پنهنجيءَ زال کي به علي رضا هن جي گهر  ڏي وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، جو هينئر سرائي  فتح خان جو گهر نه هو، حامد ۽مهاڻيءَ جو گهر هو. مائي شهربانوءَ کي هنن سان ملڻ جي خواهش ٿيندي هئي، ته اچي وٽانئن ٿي ويندي هئي. هوءَ جيڪر علي رضا جن وٽ ويهي رهي ها، پر ڄاتائين ته ماڻهو کلندا ۽ چوندا ته مڙس جا ڪک ڇڏي، ناٺيءَ جي در تي وڃي ڪري آهي؛ تنهن ڪري جيتوڻيڪ علي رضا انهيءَ لاءِ زور به ڪندو هوس، ته به هوءَ پئي نٽائيندي هئي.

علي رضا جن جي آئي کي ڇهه مهينا مس گذريا ته حامد علي، جو هينئر پوليس جي نوڪريءَ ۾ هو،  سو اچي ڪنهن معامل ۾ ڦاٿو؛ سندس حد ۾ هڪڙو خون ٿيو. ڪنهن شاهوڪار جي گهر کي رات جو کاٽ لڳو؛ ٽي – چار چور هئا، جي کاٽ هڻي اندر ويا ۽ قريباََ ٽن هزارن رپين  جيترو مال، زيور ۽ زريءَ جا ڪپڙا ۽ نقدي چوري ڪري کنيائون،  نڪرڻ مهل گهر جو مالڪ جاڳيو، شاهوڪار کي ڌڪ هڻي ماري وڌائون ۽ پٽس کي ڦٽي ڇڏيائون ۽ پاڻ مال سوڌو ڀڄي ويا.

ڳولا ڦولا ۽ تپاس هلي، ڪن ڏينهن تائين ڪوبه پتو ڪونه پيو. پوليس جا وڏا عملدار انهيءَ جاچ ۾ هئا ۽ جاسوس ڦٽا ڪيل هئا، آخر شهر کان ٻاهر ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪڙي ماڻهوءَ وٽ چوريءَ واري مال  مان ڪا شيءِ ڏسي، شڪ – چوريءَ ۾ جهليائون. جاچ ڪرڻ سان مالڪ جي پٽ اها شيءِ سڃاتي. هن کي پڪڙيائون. پوليس جي اک ڏيکارڻ سان هن سچي ڪري وڌي، ٻيا ٽي سنگتي به ڏسيائين ۽ جيئن پتيون ڪري مال ورهائيو هئائون، سو به ظاهر ڪيائين. هن اهڙي به ڳالهه ڪئي ته حامد علي جمعدار جي صلاح سان اسان اها چوري ڪئي ۽ هو انهيءَ رات اسان کي  آڻي، انهيءَ شاهوڪار جي جاءِ ۾ اُماڻي ويو هو.  هونءَ به چيائين ته چورايل مال جو هيترو  ڀاڱوحامد عليءَ کي مليو آهي.

انهيءَ چور جي ڏسڻ تي ٻيا ٽي چور ڳولي وڃي جهليائون ۽ انهن جي خانه تلاشيءَ مان چوريءَ جو ٿورو گهڻو مال مليو. حامد کي اچي جهليائون.سندس گهر جو جهاڙو ورتائون ته وٽانئس به ٿوريون گهڻيون شيون مليون. هن ڄاتو هو ته آءٌ وڏو ماڻهو آهيان ۽ پوليس جو عملدار آهيان؛ مون ۾ ڪنهن جو شڪ ڪونه پوندو، سو جيڪي زيور پتيءَ ۾ مليا هئس، تن مان ڪي ته سندس زال مهاڻيءَجي بت تي هئا. ٻيا ڪي لڪائي رکيا هئا. هن کي گرفتار ڪيائون ۽ پنجن ئي ڄڻن تي  مقدمو هليو. هنن چئن چورن مان ٻن کي ڦاسي ملي ۽ ٻن کي کارو پاڻي آيو ۽ حامد کي پنج  ورهيه سخت قيد مليو.

حامد عليءَ جي قيد ٿيڻ ڪري سندس دشمنن کي گهڻي خوشي ٿي. هن گهڻن اشرافن کي ڪڪ ڪري  ڇڏيو  هو ۽ پوليس جي نوڪريءَ ۾ رهي ڪيترن ئي سکرن کي آزاريو هئائين. علي رضا به هڪڙي ڪري خوش ٿيو، جو ڄاتائين ٿي ته هي ٻنهي گهرن تي ڪوڙهه جو چٽو هو. پر سندس  زال جو  ڀاءُ ٿهو، تنهن ڪري البت  ارمان ٿيس. معاملي هلندي جيڪا قاعدي موجب واجبي مدد پڄي سگهيس، سا به ڏنائين، پر ان مان حاصل ڪي ڪين ٿيو.

ويچاري مائي شهربانوءَ کي به انهيءَ پٽ جا سور گهڻا هئا، پر هاڻي  ته انهيءَ ساڳيءَ لاءِ پئي رنائين. سڌريل، جي کريل، ته  به نيٺ  اولاد مائٽ لاءِ وڏي وٿ آهي؛ تنهنڪري ويچاريءَ  روئي پٽي پنهنجو حال وڃائي ڇڏيو، هڪڙي  پيري، ٻيا وري ڏکن تي ڏک آيا هئس تن هن کي اڳهين نبيري ڇڏيو هو، هاڻي وري هي جو تازو ڌڪ لڳس، تنهن سبب ڪري پيئي ۽ انهيءَ معاملي کي ٻه مهينا به ڪين گذريا ته ويچاري مري ويئي. هن ويچاريءَ پنهنجي عمر پنهنجي اولاد تان صدقي ڪئي. هوءَ تمام نيڪ زال هئي، جنهنڪري جيڪي سندس خير خواهه هئا، تن کي ڏاڍو ارمان ٿيو. سڀ کان گهڻو افسوس علي رضا ۽ سندس زال کي هو. ويچارا روئي روئي ماٺ ڪري ويهي رهيا.

حامد به قيد ۾ گهڻو نه جاليو،  هن کي جو سخت پورهيو ڪرڻو پيو ۽ جنڊ ڪڍڻا پيا، سو انهن جي سٽ جهلي نه سگهيو، ڀلا، هن سڄي عمر سکن ۾ گذاريو هو، هتي ته رڳو سندس بڇڙن ڪمن جي ڪري خراب قسمت آڻي ڦاسايو هوس، سو چئن مهينن کان پوءِ مري ويو.

انهيءَ طرح سرائي فتح خان مرحوم جو گهر سڄو ويران ٿي ويو. باقي پوئتي اهڙو ڪونه بچيو، جو سندس نالو نشان ظاهر ڪري. زينت بانو سندس صالح ڌيءَ هئي، پر سا به هاڻي ٿي پرائي گهر ۽ پرائي وس. جنهن گهر ۾ ڪن ڏينهن چهچٽو لڳو پيو هوندو هو، سو خدا هن طرح بند ڪري ڇڏيو.

 

 

 

باب چوڏهون

نئون اسڪول

جڏهن علي رضا بمبئيءَ کان موٽي آيو، تڏهن هن اچي پنهنجو گهر وسايو هو. مٿان مونا هڻي هڪڙو – ٻه  صاحبلوڪ هٿ ڪيائين، جنهن ڪري سندس پڙهائڻ جو ڪم وري شروع ٿيو. مگر هو جو هيترن ڏينهن کان پوءِ آيو هو، تنهن ڪري سڃاڻپ ۽  جا پيدائش اڳي هوندي هيس، سا هاڻي ڪانه  ٿيس. ٻيو وري سرائي فتح خان جي گهر جو حال، حامد جي گبدچاليءَ ڪري خراب ڏٺائين، تنهنڪري اڪثر دل شڪستو گذاريندو هو. جڏهن مائي شهربانو به مئي ۽ حامد قيد ٿي ويو، تنهن هنن کي اتي گذارڻ بلڪل ڏکيو لڳو. سگهوئي وري حامد جي مرڻ جي خبر پين، تڏهن هيڪاري هتي ڪڪ ٿي پيا ۽ پير تپي آين. ٺهراءُ ڪيائون ته وري وڃي بمبئي وسائجي، جتي هو هيترن ڏينهن ڪري ٺهي به ويا هئا. علي رضا  کي به پنهنجي ڪم جو چڱو سانگو هو، سو حامد جي مرڻ کان پوءِ مهينو – اڌ گذاري،  هنن وري ٽپڙ ٻڌا ۽ اچي بمبئيءَ کان نڪتا.

بمبئيءَ ۾ ته علي رضا پنهنجو ڪارخانو متل ڇڏي ويو هو. جنهن منشيءَ کي پنهنجو عيوضي ڪري ڏئي ويو هو، سو اڃا انهيءَ ڪم ۾ رڌل هو. هن کي هن جي جلد موٽڻ جي اميد هئي، پر هن جو زياده ڏينهن لڳايا، تنهن ڪري هو پاڻ زياده خوش ٿيو، ۽ هن جو شڪرگذار رهيو. آخر هن پنهنجو ڪم  وري هٿ ڪيو. هن جا صاحبلوڪ شاگرد هن کي ڏسي خوش ٿيا. اگرچه انهيءَ وچ ۾ هڪڙو – ٻه ڄڻا بدلي ٿي ويا هئا، تڏهن به  اهڙا ٻيا وري سگهوئي هن کي هٿ لڳا،  جنهنڪري هن جي پيدائش ۾ گهڻي حرڪت ڪانه رهي.

علي رضا جو خانگي بندوبست به اڳي جهڙو چڱو پئي هليو. هن کي پنهنجي پياري زال زينت بانو گهر ۾ هئي.سندس ماءُ جان بيبي ساڻس هئي، سندس  پورهيت مريم اڃا وٽن هئي، هڪڙو پٽ محبوب علي  هئس، جو هينئر ٻن – اڍائن ورهين جي ڄمار جو هو ۽ هڪڙي ڌيءَ عظمت بانو (يا جنهن کي عظمت بي به  ڪري سڏيندا هئا) هندستاني زال مان هيس، جا زينت بانوءَ جي سنڀال هيٺ هئي ۽ جا هينبئر ورهيه – ڏيڍ جي هئي.

زينت بانو وري به پيٽ سان هئي ۽ بمبئيءَ ۾  آئي ٽي مهينا مس گذرين ته ويائي ۽ پٽ ڄائس، جنهن جو نالو منصور علي رکيائون. سو هينئر خدا جي مهربانيءَ سان علي رضا جو گهر اچي چڱو آباد ٿيو هو. هنن کي هڪڙي پورهيت وري به رکڻي پيئي، جا رکيائون. انهيءَ طرح هنن جو خانگي بندوبست عام  چڱي دستور پئي هليو ۽ خوشيءَ ۽  سک ۾ پئي گذاريائون.

علي  رضا کي ههڙي پڙهيل ۽ سڌريل زال گهر ۾ هئي، سو انهيءَ کان وڌيڪ فائدي وٺنڻ جي اميد پيو رکندو هو. زماني جو اٿليل پٿليل ماڻهو هو، وڏن وڏن شهرن ۾ ڏٺو ٻڌو هئائين ته هاڻوڪي زماني ۾  زالون  اهڙا عجيب عجيب ڪم ٿيون ڪن، جي مڙس کان به مشڪل  ٿي سگهن. هن جي زال کي چڱي تعليم ته اصل مليل هئي،  ٻي وري پاڻ ڏني هئائينس، سا بلڪل چالاڪ ٿي ويئي هئي.

جڏهن اڳي بمبئيءَ ۾ آيو هو ۽ پنهنجي زال به ٿي  آندائين، تڏهن سندس خاص مطلب اهو هو ته ڌارئين ملڪ ۾ رهڻ ڪري جا بندش وطن ۾ رهندي آهي، سا  ڪانه رهندي، آءٌ  زال کي علم ۽ هنر جو چڱو فائدو وٺارائيندس ۽ جي ٿي سگهيو ته ٻيئي گڏجي ڪنهن رستي پنهنجي قوم وارن کي فائدو رسائينداسين. پر تڏهن ته خدا جي مرضي ائين نه هئي. سندس زال جي سمنڊ ۾ ڪرڻ جو اتفاق ٿي پيو، جنهن ڪري هوءَ ويچاري ڪيترا ڏينهن  دربدر هئي.

وري جڏهن بمبئيءَ ۾ اچي ٻيئي گڏ ٿيا، تڏهن به پهريائين ته هو  هڪٻئي کي نه سڃاڻندا هئا، جڏهن سڃاتائون، تڏهن خوشيءَ کان وطن ڏي موٽي آيا. حيدرآباد ۾ ته هن  پنهنجي دل جي مطلب پوري ڪرڻ لاءِ مناسب وجهه نه ڏٺو، نڪي اتي وري گهڻا ڏينهن خوش گذاريائون.  پر هاڻ جڏهن هو وري بمبئيءَ ۾ آيا ۽ خدا جي فضل  سان اندر – ٻاهر آرام سان رهڻ لڳا، تڏهن علي رضا کي وري پنهنجو اصلوڪو خيال دل ۾ جاڳيو.

هن کي پريندي کان اهڙي قسم جي سڌاري جي لاءِ پردي جي وڏي اٽڪ ڏسڻ ۾ آئي. پر سندس زال جي گم ٿيڻ جي اتفاق اها اٽڪ لاٿي ۽ هن جي لاءِ رستو صفا ڪيائين، جو حجاب ۽ دل جي مونجهه پهرين ڏينهن ۾ زينت بانوءَ کي هوندي هئي، سا هاڻ نه هيس. هوءَ ڌارين مڙسن ۽ ڌارين ملڪن ۾ رلي هئي، تنهن ڪري دل جي همٿ يدڪ هيس. دنيا ۾ جدا جدا قسمن جي ماڻهن سان هلت چلت ڪهڙيءَ طرح ڪجي، تنهن  ۾ چڪي ٿي هئي. هوءَ اڃا عمر جي وڏي نه هئي، تنهن ڪري علي رضا ڀانئيو ته اهڙو ڪو بندوبست ڪريان، جنهن ڪري منهنجي زال جو به زياده سڌارو ٿئي، منهنجي اولاد جي به تعليم جو  بندوبست ٿئي، منهنجي پيدائش به وڌي.

انهيءَ بابت هن پنهنجي زال سان صلاح ڪئي. آخر پاڻ ۾ پهي، هيءُ ٺهراءُ ڪيائون ته هڪڙي چڱي پوشيده  جاءِ وٺي، انهيءَ ۾ هڪڙو زنانو اسڪول وجهجي، جنهن ۾ اڪثر سکرن مسلمانن جون ڌيئون پڙهائجن. انهيءَ ۾ هنن جي آسائش لاءِ آبروءَ جهڙو  بندوبست رکائجي.س يکارڻ واري زينت بانو پاڻ ٿئي ۽ جيئن  ڇوڪرين جو تعداد  وڌندو وڃي، تيئن جاچ ڪري پگهار تي ٻي هڪ – ٻه پڙهيل زال اشراف گهر جي مدد لاءِ هٿ ڪجي. تعليم فارسي،، هندستاني ۽ انگريزيءَ ۾ ڏجي؛ انهيءَ سان گڏ سبڻ، ڀرڻ ۽ ٻيو انگريزي سئي ۽ ڪُنڊيءَ يا اُن جو ڪم سيکارجي. تنهن کان  سواءِ قرآن پڙهائڻ ۽ ديني  علم جي به ضروري تعليم ڏيڻ ۾ اچي. انهيءَ پورهئي جي بدران هڪ – هڪ ڇوڪريءَ کان ٺهرايل پگهار يا في درماهو وٺجي.

اها مٿين رٿ هنن تفصيلوار لکي تيار ڪئي ۽ ان سان لاڳو ڪي مناسب قانون ٺاهي ڇاپيائون ۽ جيڪي شهر جا سکر – سکر مسلمان هئا، جن مانگهڻن سان علي رضا جي معرفت هئي،تن کي ورهائي ڌنائون. علي رضا وٽ پنهنجي بچت  جا پئسا گهڻائي هئا، جنهن ڪري اهڙي بندوبست ڪرڻ ۾ دير ڪانه ٿي. هڪڙي چڱي هوادار جاءِ ڀاڙي تي ورتائين،انهيءَ ۾ ضروري سامان ڪرسين، ميزن ۽ بينچن جو وجهارائين ۽ ٻارن جي آسائش لاءِ ڪي ڪوچ به وجهارائي ڇڏيائين، پاڻ ۾ ٺهراءُ  ڪري ڇڏيائون ته ڏسندي مهيني جي پهرينءَ تاريخ کان وٺي اهو ڪم هلڻ لڳندو.

انهيءَ کان اڳي، گهڻن سکرن وٽ علي رضا پاڻ به انهيءَ ڪم لاءِ ويو ۽ هنن  سان گفتگو ڪيائين ۽ هنن کي خاطري ڏنائين ته جنهن قسم جو بندوبست  اڳيئي هلندڙ آهي، تنهن کان اشراف پردي وارن مسلمان ماڻهن جي لاءِ هيءُ بهتر بندوبست  آهي، جتي خاص ڌيان ڏيڻ ۾ ايندو؛ تنهنڪري ٺهرايل تاريخ تي يڪدم ويهارو ڇوڪريون اچي نڪتيون، زينت بانو هنن ڇوڪرين جو گهڻو آڌرڀاءُ ۽ خاطري ڪئي. مريم، جا هاڻ اسڪول جي پٽيوالي ٿي، تنهن به انهيءَ ڪم ۾ پنهنجي بيبيءَ کي چڱي مدد ڏني. انهيءَ طرح هن زناني اسڪول جو ڪم تمام چڱيءَ طرح شروع ٿيو. پوءِ ته مهيني سر ڇوڪرين جو ٿورو گهڻو تعداد وڌندو ويو. زينت بانوءَ  کان جيترو پڄي ٿي سگهيو، اوترو ٻارن کي تعليم ڏيڻ ۾، هنن کي ادب اخلاق سيکارڻ  ۾، هنن کي پيار ڏيڻ ۾، هنن جي سنڀال ڪرڻ ۾، ڪين ٿي گهٽايائين. ڇوڪرين جي به هن سان اهڙي دل ٻجهي ويئي، جو هن کي سڳي ماءُ کان گهٽ نه ڄاڻنديون هيون. هن کي سيکارڻ جي اهڙي طرز ياد هئي، جو سگهوئي ڇوڪريون چالاڪ ۽ سمجهه واريون ٿي ويون.

جڏهن اهڙي رٿ  ڪئي هئائون ته ٻه – ٽي ٻوليون پڙهائڻ  ۾ اينديون، تڏهن زينت بانوءَ کي ضروري ٿيو ته گهر ۾ پاڻ به انهيءَ جو  وڌيڪ محاورو رکي؛ تنهنڪري هوءَ پاڻ ڪشالو ڪري، گهر ۾ انگريزي توڙي فارسي ۽ هندستاني پڙهڻ لڳي ۽ علي رضا هن کي انهيءَ ڪم ۾ گهڻي مدد ڏني. هيءَ اصلي هوشيار هئي، ويتر هينئر جو شوق رکي سکڻ لڳي، سو ويئي روز بروز خبردار ۽ ڀڙ ٿيندي.

ڇوڪرين جي حالت سڌرندي ڏسي، سندن ماءُ – پيءُ ڏاڍا خوش ٿيا. هنن کي ٻين هنڌن جي تعليم جي  چڱي خبر هئي، جو هو معتبر وڏا وڏا ماڻهو هئا؛ تنهنڪري هو آسانيءَ سان مقابلو ڪري سگهيا ته هتي نهايت چڱي  ۽ پسنديءَ  جهڙي تعليم ڏيڻ ۾ ٿي اچي.

جڏهن انهيءَ بندوبست کي ٻارهن مهينا گذريا،  يعني جڏهن اهو ساڳيو ڏينهن موٽي آيو، جنهن ڏينهن اسڪول کليو هو، تڏهن علي رضا اسڪول ۾ هڪڙي مجلس گڏ ڪئي، جنهن ۾ ڇوڪرين جا  پيءُ  ۽ ٻيا وڏا وڏا ماڻهو دعوت ڪري گهرايائين. انهن جي روبرو انهيءَ اسڪول جي شروعات ٿيڻ ۽ ڪم هلڻ  جو بيان، جو لکي تيار ڪيو هئائين، سو مفصل ڪري ٻڌايائين.

پوءِ ڇوڪرين جو امتحان ورتائون. تنهن کان پوءِ سڀيئي چاءِ پي گلدستا وٺي، موڪلائي ويا. اسڪول جي انهيءَ بيان ٻڌڻ ڪري ۽  حال ڏسڻ ڪري، ماڻهو نهايت خوش ٿيا ۽ علي رضا کي ۽ سندس بيبيءَ کي اهڙي چڱي بندوبست ڪرڻ تي  آفرين چيائون.

انهيءَ طرح مڪتب سال بسال بهتر ٿيندو ويو. جن اشراف مسلمان خاندان جون ڇوڪريون پوري بندوبست نه هئڻ ڪري ٻاهرئين ڪنهن اسڪول ۾ پڙهنديون هيون، سي هينئر هتي اچڻ لڳيون ۽ جيڪي پڙهي اُٿيون، سي بلڪل خبردار، لياقت واريون ۽ نيڪ ڏسڻ ۾ آيون؛ تنهنڪري سگهوئي هن اسڪول جو نالو مشهور ٿيو ۽ علي رضا ۽ زينت بانوءَ جا سکر ماڻهو واقف ٿي ويا.

ڪن ورهين کان پوءِ ته  مڪتب جو اهڙو زور هو، جو سالياني مجلس ۾ علي رضا گورنر صاحب ۽ ٻين وڏن وڏن صاحبلوڪن ۽ منڊمن کي به سڏڻ لڳو، جن هن زناني اسڪول جي بهتريءَ جو ذڪر پنهنجن ڪنن سان کانئن توڙي ٻين بيٺلن ماڻهن کان ٻڌي، ڏاڍو خوش ٿيا. هنن کي وڏي خوشيءَ جي ڳالهه اها نظر آئي ته سکرن مسلمانن جي زالن ۾ پردي جي هئڻ سب تعليم جو استعمال بلڪل مشڪل هو، اها مشڪلات علي رضا جن حل ڪئي، جوا هڙو مناسب بندوبست رکيائون، جنهنڪري علم به حاصل ٿئي ۽ ديني توڙي دنيوي اعتراض به برطرف ٿين.

هيترن  وڏن ماڻهن جون ڌيئون هن مڪتب ۾ پڙهنديون هيون، تن جي سک – سهنج تي هنن وقت بوقت پئسو زياده  پئي خرچيو، تڏهن به اپت خرچ کان  گهڻو مٿي ٿي آين. هيڏي وري خود زينت بانو گهر ۾ مڙس کان پڙهڻ ۽ پنهنجي منهن محاوري ڪرڻ ڪري ڏاڍي هوشيار ٿي ويئي. انگريزي ٻولي، جا هن جي لاءِ ٿوري اهنجي هئي، تنهن ۾ به هن ڏاڍو سڌارو ڪيو ۽ پڙهڻ – لکڻ توڙي ڳالهائڻ ۾ بلڪل چالاڪ ٿي. ڪيتريون ئي وڏن وڏن صاحبلوڪن جون منڊمون هن جون واقف ٿيون، جي وقت بوقت اسڪول ۾ اينديون هيون، تن سان هيءَ گفتگو ڪندي هئي ۽ هنن کي خوش ڪري ڪڍندي هئي.

هن بندوبست ڪري، خود علي رضا کي به پنهنجي ڪم ۾ فائدو پهتو. نالي مشهور هئڻ ڪري، هن جي وڏن وڏن ماڻهن سان واقفيت، ٿي، تنهن ڪري هن وٽ به وڏا صاحبلوڪ پڙهڻ وارا ٿيا. ڪي ته پاڻيهي سندس گهر سبق وٺڻ ايندا هئا، پاڻ هنن وٽ ويندو به ڪين هو. هن جي پيدائش هر طرح وڌڻ لڳي. هي هينئر ايتري وسعت وارا اچي ٿيا، جو تمام چڱي بنگلي ۾ رهندا هئا، گهوڙا گاڏيون رکيائيون، ڪيترائي نوڪر اڳيان ڪمائيندا هئن ۽ انهيءَ هوندي به ڳچ  جيتري رقم بچت ٿي پيئي  هين.

علي رضا پنهنجا  ٻيئي پٽ محبوب علي ۽ منصور علي به هاڻ  بمبئيءَ جي هڪڙي وڏي اسڪول ۾ پڙهڻ ويهاريا ۽ سندس نياڻي ته ماءُ جي هٿ هيٺ سندس مڪتب ۾ پڙهڻ لڳي. اهي ٽيئي هاڻ تعليم جهڙي ڄمار جا هئا، جو هنن کي بمبئيءَ  ۾ رهي ۽ انهيءَ مڪتب جاري ڪئي ته ڇه – ست ورهيه گذري ويا هئا، اهڙا ڇه – ست ورهيه ٻيا به هنن کي اتي گذريا. جهڙا هي پاڻ، تهڙا هنن جا ٻار تعليم ڪري سڌرندا به ويا ۽ سُکي حال ۾ به ايندا ويا. مڪتب به روز بروز ويو يڪ زور وٺندو ۽ مشهور ٿيندو.

علي رضا کي دل ۾ هو ته في الحال پنهنجي وڏي پٽ کي ولايت موڪلي. اهو هينئر سورهن – سترهن ورهين جو هو ۽ انهيءَ ڄمار ۾ انگريزي، فارسيءَ ۾ بلڪل هوشيار ٿيو هو. علي رضا هلندڙ زماني جي وڏن وڏن ماڻهن سان اٿليو پٿليو هو ۽ ٻيو وري ڪيترن صاحبلوڪن به اها صلاح ڏنيس؛ تنهنڪري هن انهيءَ ڪم تي ڪمر ي. سانگائتو هڪڙو وڏو آفيسر ولايت ويو ٿي، سو هن جو چڱيءَ طرح واقف هو، تنهن انجام ڪيو ته هن جي لاءِ آءٌ  چڱو بندوبست ڪندس.
علي رضا هينئر پئسي وارو به هو ۽ اهڙي قسم جو خرچ هو آسانيءَ سان ڪري به سگهيو ٿي، تنهن ڪري هن جو ارادو ٿيو ته محبوب علي کي لنڊن موڪليان ته پهريائين ٻه – چار ورهيه اتي وڃي علم حاصل ڪري، پوءِ قاعدا پڙهي باليسٽريءَ جو امحان ڏئي. محبوب علي پاڻ به انهيءَ لاءِ  گهڻو خواهشمند هو، جو ڄاتائين ته انهيءَ رستي جهڙو هاڻي آهيان، تنهن کان  بهتر ٿيندس. نيٺ اهو ٺهراءُ ڪري، علي رضا پنهنجي  پٽ کي روانو ڪيو ۽ سندس لاءِ اڳواٽ پئسا بئنڪ ۾ رکي ڇڏيائين. ته هن کي ماه بماه ٺهرايل وقت تي رقم ملندي رهي؛ جنهن ڪري هن کي ڌارئين ملڪ ۾ ڪابه تڪليف يا تنگي نه ٿئي.

آخر اها صلاح ڪري علي رضا پنهنجي  پٽ کي لنڊن ڏي موڪليو. اهو صاحبلوڪ، جنهن سان هي هتان گڏ روانو ٿيو هو، تنهن هن کي اتي رهڻ جي لاءِ چڱو بندوبست ڪرائي ڏنو ۽ ٻي معرفت به ڪرائي ڏنائينس. تنهن کان پوءِ محبوب علي اهڙي آرام سان پنهنجي ڪم کي لڳو. جهڙو پنهنجي وطن ۾.

 

 

 

باب پندرهون

بغداد  ۾

محبوب علي جي ولايت وڃڻ کان پوءِ سگهوئي علي رضا کي سندس ڌيءُ عظمت بانوءَ جي سڱ لاءِ بمبئيءَ جي هڪڙي – ٻن وڏن ماڻهن چورايو. هوءَ هينئر سورهن ورهين جي جوان زال هئي ۽ حسن واري به هئي. ماءُ واري ڪتب ۾ هندستاني، فارسي ۽ انگريزي پڙهي موچاري هوشيار ٿي هئي، نه رڳو لکڻ -  پڙهڻ ۾، پرڳ الهائڻ ۾ به. جيئن هن جا ماءُ – پيءُ مشهور ٿي ويا هئا، تيئن هيءَ پاڻ به نيڪيءَ، خوشخلقيءَ ۽ هوشياريءَ ڪري مشهورٿي ويئي هئي.

علي رضا جي ڪن مسلمانن خاندان سان اُٿ – ويهه هئي، تن مان هڪڙي ماڻهوءَ پنهنجي پٽ لاءِ اها ٻانهن گهري. اهو پٽس جوان هو ۽ وڪالت جو ڪم ڪندو هو ۽ هر طرح اهڙيءَ ٻانهن جو لائق هو.  ٻيو وري هڪڙو واپاري سيٺ هو، تنهن کي پنهنجي پٽ لاءِ  طمع هئي. پر علي رضا کي ٻنهي مان هو  جوان وڪيل پسند آيو، جو خزسندانيءَ ڪري بهتر ماڻهو به هو ۽ سندس پيءُ پئسي وارو به هو. اگرچه هن ڄاتو ٿي ته اڃا عظمت ننڍير آهي، شادي ڪرڻ لاءِ ٽي- چار ويهه ٻيا به گهرجنس، پر جڏهن  هن خيال ڪيو ته زال ذات جي جواني گهڻو جٽاءُ نٿي ڪري ۽ وجهه چڱو به لڳو آهي، تڏهن اهڙي مائٽي ڪرڻ ۾ حرڪت ناهي. ماءُ سان ۽ زال سان به صلاح ڪيائين. هن به ڄاتو ته انهيءَ ڪم ڪرڻ ۾ عيب ڪونهي.

پر انهيءَ بندوبست ڪرڻ جو ٻيو به هڪڙو سبب هو: علي رضا کي هڪڙي چڱي نوڪريءَ  جو دلاسو مليوهو، اگرچه هو تمام خوش هو ۽ سندس ڪم ڪار چڱو پئي هليو ۽ خود مختاريءَ ڪري بيپرواهه ٿيو ويٺو هو، تڏهن به اصل کان وڏن وڏن صاحبلوڪن کي ڪنهن آبروءَ واري نوڪريءَ لاءِ پيو چوندو هو؛ سو هاڻ هن کي بغداد ۾ انگريز سرڪار جي ريزيڊنٽ جي نائبيءَ جي جڳهه ملي.

هن کي پوليٽيڪل کاتي ۾ نوڪري ڪرڻ جي گهڻن ڏينهن کان خواهش هئي، جو ڄاتائين ٿي ته پنهنجي چالاڪي ۽  ايمانداريءَ ڪري پاڻ کي مشهور ڪري سگهندس. ٻن – ٽن صاحبلوڪن کيس انهيءَ جاءِ تي وڃڻ لاءِ صلاح ڏني ۽ اميد به ڏيکاريائونس ته شايد ورهيه-ٻن جي اندر ڪنهن پاسي نائب ڪانسل ٿي ويندين.  سو هن کي انهن مسلماني حڪومتن ڏسڻ جو به گهڻو شوق هو.

هي ڪيترين زبانن ۾ هوشيار هو، ۽ پاڻ مسلمان ۽  سکر ماڻهو هو ۽ بمبئيءَ جهڙي شهر ۾ به سندس نالو هو، تنهن ڪري اهڙيءَ نوڪريءَ لاءِ هن جهڙو لائق ماڻهو في الحال سرڪار کي هٿ ڪونه لڳو.  وڏي ڳالهه ته هن جي سفارش به گهڻي ٿي.

هي انهيءَ  پاسي وڃڻ لاءِ تيار ٿيو،  ڌيءَ جهڙي شيءِ کي پرڏيهه رلائڻ هن کي مناسب نه آيو. جيسين هڪ هنڌ ويٺو هو، تيسين پرواهه ڪانه هيس، پرهينئر ٿيو نوڪر، پرائي وس، ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي. ۽ ڌيءُ جو نيڪال به نيٺ ضروري هو ۽ هوءَ به هاڻ اچي زال ٿي هئي، تنهن ڪري هن دل ۾ خيال ڪيو ته پرڏيهه ۾ وري ڪو اهڙو چڱو بندوبست ٿئي نه ٿئي، هاڻي جڏهن پاڻيهي ڪو وجهه  مليو آهي، تڏهن انهيءَجو فائدو وٺڻ گهرجي.

انهيءَ خيال  سان هن انهيءَ جوان وڪيل جي نالي وارو چوڻ قبول ڪيو. هن جو نالو فضل علي هو، هو علي رضا جو واقف هو ۽ وٽس ايندڙ ويندڙ هو ۽ زينت بانوءَ جي  مڪتب ۾ به هڪ – ٻه ڀيرا سندس اچڻ ٿيو هو، جتي هن عظمت کي ڏٺو هو.

آخر سگهوئي شاديءَ جو بندوبست ٿيو، ٻيئي طرف دولتمند ۽ اشراف ماڻهو هئا، تنهن ڪري هنن جي شادي وڏي تجمل سان ٿي. نه رڳو بمبئي شهرجا مسلمان ۽ هندو هنن جي مجلس ۾ آيا، پر وڏا وڏا صاحبلوڪ ۽ منڊمون به اچي گڏ ٿيون، جو هنن سان هنن جي سڃاڻپ هئي.

اگرچه علي رضاپنهنجي شادي زينت سان مختصر بندوبست سان ڪئي هئي، پر تڏهن به هينئر هن کي لاچار ٿيو اهڙو وڏو بندوبست ڪرڻ؛ جو وڏي شهر ۾ هو، پئسي وارو هو ۽ وڏن وڏن ماڻهن سان رستو هوس. جيتوڻيڪ شاديءَ جون اجايون رسمون اڳئين وانگي هن ڪم نه آنديون، جو  ٻئي  طرف سڌريل ماڻهو هئا ۽  نئين زماني ۾ پيدا ٿيا هئا.

ڌيءَ جو ڪم اُڪلائي ۽ سندن سک سنڀال جو پورو بندوبست ڪري، علي رضا سنبت ڪرڻ لڳو. ڌيءَ جي  نسبت هن کي ٻي به خاطري هئي، عظمت جي ماءُ عزت به اصل بمبئيءَ جي ويٺل هئي، تنهن جا مائٽ به اُتي هئا ۽ عظمت کي ملڻ لاءِ علي رضاجي گهر ايندا هئا، سي به هن  جا  ويجها مائٽ ٿيا، تنهن ڪري هنن کي هيڪلائيءَ جو گهڻو ڊپ ڪونه ٿيو، جو ڄاتائون ته پنهنجن  مان به ڪي آهن، جي هن وٽ پيا ايندا ويندا.

وڃڻ کان اڳي هنن کي هڪڙو وڏو ڪارخانو ڦٽائڻو پيو، علي رضا کي ته  آسان ٿيو، جو  جن صاحبلوڪن کي پڙهائيندو هو، تن کي چيائين ته خدا جي مهربانيءَ سان ۽ اوهان جي مدد سان، مون کي  ٻاهر آبروءَ جهڙي نوڪري ملي آهي، سو آءٌ اوڏي وڃان ٿو، اوهين پنهنجي لاءِ  ڪو ٻيو بندوبست ڪريو. پر زينت بانوءَ کي ته هڪڙي وڏي  ڪارخاني ۾ رولو وجهڻو  ٿيو. اگرچه ڏک ٿي ٿين ته ههڙو بندوبست ڦٽي وڃي! پر فائدي جي اميدتي ائين ڪرڻ لاچار ڄاتائون.

سو سڀني ڇوڪرين جي مائٽن کي اطلاع ڏنائون، جنهن تي ٺهرايل ڏينهن سڀئي اچي گڏ ٿيا. انهن کي سڄو احوال ٻڌايائون. هنن کي گهڻو ارمان ٿيو ته اهڙي اشراف ۽ ۽ پڙهيل زال ڪيئن هٿ لڳي، جا انهيءَ متل ڪارخاني کي هلائي،مٿان گهڻائي هنيائون، پر في الحال هٿ ڪانه لڳين، تنهن ڪري لاچار اهو اسڪول بند ڪيائون. سڀڪو پنهنجي ٻار جو بندوبست  پاڻ  ڪرڻ لڳو.

جڏهن علي رضا جن جي رواني ٿيڻ جو  ڏينهن  آيو، تڏهن آگبوٽ تي چڙهڻ کان اڳي بندر تي ڪيتريون ئي گاڏيون اچي گڏ ٿيون.  ڪيترا مسلمان، هندو ۽ يورپين، جي هنن جا واقف هئا، سي  هنن کي موڪلائڻ ۽ هنن کي اُپرائڻ لاءِ آيا. سڀ ڪنهن پئي افسوس ڪيو،.  سڀئي پئي هن جي تعريف ڪئي ۽ هنن کي  آئندي جي بهتريءَ لاءِ دعائون پئي ڪيائون ۽  اهي اُميدون پئي رکيائون ته شل وري به موٽي هتي ايندا.  گهڻا ته هنن سان آگبوٽ تائين به آيا. پوءِ سڀ موڪلائي هليا ويا ۽ آگبوٽ  روانو  ٿيو.

انهيءَ طرح جنهن بمبئيءَ  شهر ۾ علي رضا پهرين هڪڙو بي نام بي نشان ماستر ٿي آيو هو، جنهن ۾ سندس زال  زينت بانو ڪيترا ڏينهن دربدر ٿيو پئي رلي، جنهن ۾ هن  قيد  ڪاٽيو هو؛ تنهن  ۾هي اهڙا مشهور ٿي ويا هئا، جو وڏا وڏا ماڻهو هنن جي تعريف مان ڍاوائي نٿي. اهو سڀ هنن جي سرجوشي ۽ محبت، علميت، ايمانداري اشرافت ۽ چڱي انتظام جو ڦل هو.

درياه جو سفر چڱي آرام سان ڪاٽي، نيٺ علي رضا پنهنجي زال زينت بانو، پنهنجي ماءُ جان بيبي، پنهنجي ننڍي پٽ منصور علي ۽ پنهنجي دائي مريم سان اچي  بغداد ۾ وارد ٿيو.

انهيءَ  پٽ کي علي رضا ڄاڻي واڻي پاڻ سان کڻندو هو. پهرين دل ۾ آيو هوس ته متان بغداد ۾ يا ٻئي پاسي هنن جي پڙهڻ جو بندوبست نه ٿئي، تنهنڪري هن کي بمبئيءَ ۾ ڇڏي وڃجي، جتي سندس ماٽي جي ڀيڻ به هوندي ۽  ٻيا به  سڃاڻپ وارا هوندا ۽ جتي هن جو پڙهڻ چڱيءَ طرح پيو هلندو ، پر ڏٺائين ته اهڙي سفر ۾ زال کان سواءِ هڪڙو ٻيو سنگتي به مڙس ماڻهن مان ضروري آهي ۽ پٽ جو ساڻ هئڻ دل جي  لاءِ وڏو ڏڍ آهي ۽ اوکي سوکي ڪم ۾ وڏي مدد آهي. رٿ ڪيائين ته جيستائين ڪو ٻيو بهتر  بندوبست ٿئي، تيستائين آءٌ پاڻ پيو پڙهائيندوسانس.انهيءَ طرح گهر جا ڀاتي اچي بغداد جا رهاڪو ٿيا.

علي رضا وڃي پنهنجي عهدي جي جاءِ تي قابو ٿيو. لکپڙهه سڀ وٺي هٿ ڪيائين. رهيا کهيا ڪاعذ جيڪي هئا تن جو پڇي ڳاڇي نيڪال ڪيائين ۽ جيڪي ڪم ڪرڻا درپيش هئا، انهن جي  پورائيءَ جو بندوبست ڪيائين. ٿورن ئي ڏينهن ۾ هن  جي هوشياري، چالاڪي ۽ ايمانداري سندس بالا آفيسر کي معلوم ٿي، جنهن جو ساڻس گهڻو پيار ٻجهي ويو. هن کي هن جا سفارش ناما به گهڻا پهتا هئا، سو هن کي خاطري ٿي ته برابر هي هر طرح اهڙن ملڪي ڪمن جو لائق آهي.

ڌارينءَ حڪومت سان ٺاهه- ٺوهه رکڻ البت مشڪل ڪم آهي. هڪڙو ٻه ڪم انگريز سرڪار ۽ سلطان جي سرڪار جي وچ ۾ هو، جنهن جو فيصلو ڪرڻو هو ۽ هن کان اڳي گهڻا مٿا هنيا هئائون، پر فائدي ‎ ۾ نبيرو  نٿي ٿيو. علي رضا، جنهن سلطان جي ڪامورن سان دوستيءَ جو رستو رکيو هو ۽ ٻيو وري پاڻ مسلمان ۽ قابل تجويز وارو ماڻهو هو، تنهن هنن سان سگهوئي اهڙو ٺاهه ڪيو، جنهنڪري ريزيڊنٽ صاحب نهايت خوش  ٿيو ۽ هن جي تعريف مٿي سرڪار ۾ لکيائين، جو علي رضا جي نالي آفرين نامو آيو.

مطلب ته انهيءَ عهدي تي علي رضا کي هڪڙو ورهيه مس گذريو ته هن جو نالو ٻنهي طرفن ۾ مشهور ٿي ويو. هن جي اهڙي عجيب هلت هئي، جو هو هر دلعزيز ٿي ويو.

سگهوئي حڪم پهتو ته استنبول ۾ انگريز سرڪار جو جيڪو ڪانسل رهي  ٿو، تنهن جي هيٺان نائب جي جاءِ تي علي رضا وڃي. پگهار به تمام چـڱو ۽ درجو به وڏو هو، تنهنڪري علي رضا گهڻو خوش  ٿيو.

اگرچه بغداد جي ريزيڊنٽ هن کي ڇڏڻ نٿي گهريو ۽ دفعي ته انهيءَ  بدلي مهل رکڻ لاءِ به لکيو هئائين، پر جڏهن هن پاڻ کي لياقت ڪري اضافي جو حقدار ڪيو هو، تڏهن سرڪار هن جي هڪدم بدلي ڪئي؛ سو اوڏي وڃڻ لاءِ تيار ٿيو. هن کي انهيءَ پاسي وڃڻ ملڪن  گهمڻ جو هوس اڳيئي گهڻو هو، جو خوشي هيس ته قومن- قومن جي ماڻهن سان واقفيت ٿئي ۽ زماني جو آزمودو به حاصل ٿئي، سو پاڻ گهڻو خوش ٿيو.

اهو  هڪڙو  سال،جو علي رضا بغداد ۾ رهيو، تنهن ڪري سندس پٽ منصور عليءَ جي تعليم  ۾ گهڻي رنڊڪ ٿي. اگرچه پاڻ هن کي پيو پڙهائيندو هو، تڏهن به پوليٽيڪل ڪم ايترو گهڻو هو، جو هن کي پوريءَ طرح تعليم ڏيڻ لاءِ وقت ڪونه ٿي مليس، سو پئي خيال ڪيائين تنهن کي وري بمبئيءَ موڪليان،  يا ولايت ڏي روانو ڪريان ته ڀلي ڀاءُ سان گڏ رهي، پڙهي، هيءُ محبوب علي کان رڳو ٻه – اڍائي ورهيه ننڍو هو ۽ بمبئيءَ ۾ پڙهي ڀاءُ جهڙو هوشيار ٿيو هو.

ڪن دوستن به علي رضا کي اها صلاح ڏني ته ”جڏهن هڪڙو پٽ اڳيئي لنڊن ۾ اٿئي، تڏهن هن کي به ڏياري موڪل، ٻيئي گڏ رهندا، ڌارين ملڪ ۾ هڪ ٻئي جي سنگت به ٿيندين ۽ خرچ به هڪڙو  ئي ٿيندو. گهڻو وڌندو ڪين، وڏي ڳالهه ته هن جي تعليم جو تمام چڱو  بندوبست ٿيندو.“

اها صلاح علي رضا کي به پسند آئي،  جڏهن خدا  وسعت به ڏني هيس، تڏهن پنهنجي اولاد جي لاءِ حتي المقدور چڱو بندوبست ڪرڻ هن ضروري ڄاتو، تنهنڪري ٺهراءُ ڪيائين ته سڀ گڏ بغداد مان روانا ٿيون؛ اسين وڃون استنبول ۽ منصور علي وڃي لنڊن.

هن پٽ جي نسبت ۾ علي رضا  ارادو ڪيو ته ولايت ۾ طبابت جو علم سکي ۽ ڊاڪٽريءَ جو امتحان ڏئي ۽ نيٺ سول سرجن ٿئي. انهيءَ بابت جيڪا فهمايش هن ضروري ڄاتي، سا ڏيئي، هن، پٽ کي به روانو ڪيو ۽ پاڻ به روانو ٿيو.

پنهنجي اولاد جي نسبت ۾ علي رضا کي هاڻ هر طرح خاطري ٿي. هن  ڏٺو ته خدا جي مهربانيءَ  سان سڀ صالح ٿيا آهن ۽ پنهنجي منهن ڪم کي لڳي ويا آهن ۽ وڏو انتظار  مائٽ کي ڌيءُ جو ٿيندو اهي، سو به ڪونه هوس. جيڪي کانئس پڄي سگهيو هو، سو انهن جي بهتري لاءِ ڪيو هئائين، باقي سڀ ننگ کڻي الله تي رکيائين.

ٻيو ڪو ٻار به اڃا ڪونه ٿيو هون، تنهنڪري گهر ۾ وري به اهي ساڳيا ڀاتي وڃي بچيا،  جيڪي سندس شاديءَ جي پهرئين ڏينهن هئا: يعني علي رضا، سندس زال زينت بانو، سندس ماءُ جان بيبي ۽ سندس دائي مريم.

جان بيبي ۽ مريم اچي پوڙهيون ٿيون هيون، پر علي رضاجي لاءِ هي غنيمت هيون. انهن جي هوندي هن جي گهر جي وڏي آبادي هئي، هو هن جي لاءِ وڏي مدد هونديون هيون.

اگرچه پريندي بمبئيءَ ۾  صلاح  آئي هيس ته انهن مان هڪڙي يا ٻنهي کي پنهنجي ڌيءَ وٽ کڻي ڇڏي، پر پوءِ هن خيال ڪري ڏٺو ته اهي سوکڙيون بابي مرحوم جون نشانيون آهن، سي ڀلي منهنجي سر سان هجن ته چڱو، جو انهن جي سنڀال جو حق منهنجي ئي سر تي آهي.

انهن مٿين ڀاتين سان علي رضا اچي استنبول ۾ پهتو.


[1] . تڏهن هتي اڃان ٻيڙين ۽ سگارن جو رواج عام نه هو.

[2] . * اڳين ڏينهن ۾ پوليس وارا ڳاڙهو پٽڪو ٻڌندا هئا۽ تراريون کڻندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org