سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اُهي ڏينهن اُهي شينهن

 

صفحو : 9

جنوريءَ جو مهينو خير سان گذريو، فيبروريءَ ۾ سيد صاحب وزارت ڪيرائڻ لاءِ پنهنجو نقشو تيار ڪيو. مارچ جي اوائل ۾ اسيمبليءَ جو بجيٽ اجلاس شروع ٿيو. مون ڏانهن خط آيو ته ڪراچيءَ ۾ هليو اچان. مون سمجهيو ته وزارت ڏانهن خير ڪونه آهي، تنهنڪري مون سارو سفر، ڪراچيءَ تائين ٿرڊ ڪلاس گاڏيءَ جي مٿئين تختي تي سمهندي پورو ڪيو، ڇو ته آءٌ سر صاحب جي وزارت جو مشهور مخالف هوس، جڏهن ٻين سڀني وڃي ساڻس ٺاهه ڪيو هو تڏهن آءٌ ٻاهر رهيو هوس، هينئر بجيٽ هلندي منهنجو ڪراچيءَ وڃڻ، لازماً چوٻول پيدا ڪري ها ۽ سندس رفيقن کي خبردار ٿيڻ جو موقعو ملي وڃي ها. مون نٿي گهريو ته وقت کان اڳ وزارت کي اسانجن ارادن جو پتو پوي.

ڪوٽڙي اسٽيشن تي چانهه پيئڻ لاءِ اڃا ڪنڌ مس ٻاهر ڪڍيو هو، ته پريان مرحوم سائين ميران محمد شاهه کي ايندو ڏٺم. ميران محمد شاهه، ان زماني ۾ اسپيڪر هو ۽ سر غلام حسين جو حامي، توڙي جو رهندو جي. ايم سيد جي بنگلي ۾ هو، ۽ صلاح صلاحيت ۽ امن امان جي مصلحت ان کي به پيو ڏيندو هو. کيس ڏسي مان وري به ڪنڌ هيٺ ڪري لڪي پيس. اهڙيءَ ريت ڪراچيءَ پهچڻ تائين پورا چوڏهن ڪلاڪ، نه ڪٿ ماني کائڻ لاءِ اٿيس نه چانهه جو ڍڪ نصيب ٿيم. جي. ايم. سيد جي بنگلي تي پهتس ته ميران محمد شاهه صاحب ات اڳ ۾ ئي پهچي چڪو هو‍! مون کي ڏسي گهڻو ئي ڪن اُڀا ڪيائين، پر مان ظاهر ڪندو رهيس ته منهنجو اچڻ محض ڊاڪٽري علاج جي سلسلي ۾ ٿيو آهي ۽ ڊاڪٽر کي پاڻ ڏيکاري ڏينهن - اڌ ۾ وري واپس هليو ويندس. پر شاهه صاحب کي وري به اطمينان ڪو نه ٿيو. رات جي هڪ بجي تائين وچ ۾ ويٺو رهيو. جي. ايم. سيد ۽ مون کي اصلي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو ئي ڪونه ٿي مليو. نيٺ اسان مجلس برخواست ڪري وڃي سمهياسين. جڏهن ميران محمد شاهه به وڃي سمهيو ۽ اسان کي خاطري ٿي ته هو هينئر محو خواب آهي، تڏهن جي. ايم. سيد ۽ آءٌ موٽي اٿي اچي هڪ اونداهي ڪمري ۾ ويٺاسون ۽ وزارت تي رٿيل حملي واري نقشي کي آخري طرح نظر مان ڪڍيوسين. بجيٽ تي آخري ووٽنگ ۾ باقي ٻه ڏينهن هئا. جي. ايم. سيد صاحب ڪانگريس ۽ نهچلداس وزيراڻيءَ واريءَ هندو پارٽيءَ سان اڳ ۾ ئي، هڪ اصلاحي پروگرام جي بنياد تي، ٺاهه ڪري ڇڏيو هو. رٿ هيءَ هئي ته ووٽنگ جي آخري گهڙيءَ تائين جيڪو ميمبر جنهن بينچ تي ويهندڙ هجي، اتي ويٺو رهي. مسٽر سڌوا، ڪانگريس پارٽيءَ جو پارسي ميمبر، عدم اعتماد جي اظهار لاءِ هڪ رپئي جو ڪَٽ موشن ڏئي. تقريرون فقط ڪانگريسي ميمبر ڪن. ٻيا سڀ خاموش رهن. جنهن وقت آخري ووٽنگ جو ٽائيم ٿئي، ان وقت سڀ باغي ۽ انقلابي ميمبر اٿي وزارت جي خلاف ووٽ ڏين.

ووٽنگ کان اڳئين رات تي حسب دستور، سر غلام حسين پنهنجن سمورن مددگار ميمبرن جي اعزاز ۾ ڊنر ڏني. سوال اٿيو ته جي. ايم. سيد صاحب ان ڊنر ۾ شامل ٿئي يا نه؟ ڪن جو خيال هو ته جنهن صورت ۾ سر غلام حسين کي ٻئي ڏينهن تي ڪيرائڻو آهي، تنهن صورت ۾ هينئر ان جو نمڪ نه کائجي. پر بحث مباحثي بعد هن نتيجي تي پهتاسون ته جيڪڏهن سيد صاحب ڊنر ۾ شريڪ نه ٿيندو، ته هڪدم شڪ شبها جاڳندا، ميمبرن تي وزارت پاران چوڪسي شروع ٿي ويندي، ڪن کي ته عهدن جا پڻ واعدا ملندا، غرض ان هڪ غلط قدم ڪري ساري ڪئي ڪمائي ختم ٿي ويندي. تنهنڪري سيد صاحب ڊنر ۾ ضرور شريڪ ٿئي.

ڊنر کان پوءِ سيد جي بنگلي تي اسان جي آخري ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ نهچلداس به اچي شريڪ ٿيو. اها ميٽنگ اڃا هلي رهي هئي ته ٻاهران خبر ملي ته کهڙو صاحب (1) اچي رهيو آهي. کهڙي صاحب جو نهچلداس کي آڌيءَ رات وڳڙي اسان وٽ ويٺو ڏسڻ خطرناڪ سمجهيو ويو، تنهنڪري مون نهچلداس کي اٿاري وڃي غسلخاني ۾ بند ڪيو. کيس سمجهائي ڇڏيم ته جيستائين کهڙو هت آهي تيستائين پاڻ غسلخاني اندر ڪمونڊ کي ڪرسي بڻايون ويٺو هجي، جنهن ويلي کهڙو اٿي ويو ته آءٌ فوراً در کولي اچي کيس ٻاهر  ڪڍندس. کهڙي صاحب کي ڳالهين ڪندي ڪي ڪلاڪ گذري ويا، آخر پاڻ روانو به ٿي ويو، ۽ اسان کي اچي ورتو ننڊ. اها ڳالهه ئي مورڳو وسري ويئي ته ڪو نهچلداس غريب غسلخاني ۾ بند آهي ۽ سمهڻ کان اڳ کيس اتان آزاد ڪرڻو آهي. ڪنهن ويلي قضا حاجت لاءِ غسلخاني ۾ داخل ٿيس ته ڏٺم نهچلداس باقاعدي ڪمونڊ تي ويٺو آهي. مون ساڻس گهڻي همدردي ڪئي. کيس چيم ته ”هن وقت تائين کهڙي اٿڻ جو نالو ئي ڪونه ٿي ورتو، تنهنڪري اسان به ويٺا رهياسين. معلوم ٿئي ٿو ته وزارت پارٽيءَ کي ڪو شڪ جاڳيو آهي، جنهن جي تحقيق لاءِ کهڙي کي مقرر ڪيو هئائون. اسان به کيس ويهاري خوب ويساهه ڏنا آهن. هو هينئر اٿي ويو آهي ۽ مون اچي در کوليو آهي.“

نهچلداس جي دماغ تي وزارت جو شوق چڙهيل هو، سو هُن اُن ساريءَ رات جي ڪشٽ کي تڇ برابر به ڪونه سمجهيو. کلندو اٿي گهر ڏانهن روانو ٿي ويو. هلندي فقط ايترو سو پڇيائين ته ”پروگرام ته آل رائٽ آهي؟“

”بلڪل آل رائٽ.“

پروگرام جو هڪ حصو هيءُ به هو ته سردار سهراب خان سرڪيءَ کي اسيمبليءَ ۾ اچڻ نه ڏبو ۽ کيس موٽر ۾ ويهاري منگهي پير ڏانهن ڪڍي وڃي بند ڪبو.

آخري ڏينهن تي آءٌ به وڃي گيلريءَ ۾ ويٺس. وزارت کي ڪيرائڻ جو انتظام مڪمل ٿي چڪو هو. ڪلاڪ - ٻن کان پوءِ ووٽنگ ٿيڻي هئي، تنهنڪري وڌيڪ لڪل رهڻ بيڪار هو. ساڳيءَ شام ”سنڌ آبزرور“ اخبار لکيو ته ”سنڌ جي لارينس (1) کي گيلريءَ ۾ ويٺو ڏسي اسان اڳ ۾ ئي تاڙي ويا هئاسين ته اڄ وزارت جو خير ڪونه آهي.“

شام جو پنج بجي ووٽنگ ٿي، هڪ ووٽ تي وزارت ڪِري پئي. سر غلام حسين مرحوم جوش ۾ اچي ”Treachery Treachery“ (دغا، دغا) پڪاريندو ٻاهر نڪري ويو. بدقسمتيءَ سان ورانڊي ۾ آءٌ سندس سامهون پئجي ويس. بزرگانه انداز ۾ ڪافي تنبيهه ڪيائين - چي، ”تو ئي اچي هيءَ دغا ڪرائي آهي. پر منهنجي دل کي ڪا پرواهه ڪانه آهي. ووٽنگ ڇا به هجي پر منهنجي وزارت ڪانه ويندي.“

مون کيس وراڻي ڏني: ”سر صاحب، اوهان جيڪي به چئو پر خدا جي حڪم سان اوهان جي وزارت ويئي پئي آهي. ٻڪري جي ماءٌ ڪيستائين خير منائيندي رهندي.“

مرحوم جي دل صاف هوندي هئي، تنهنڪري زبان کي آزاد ڇڏي ڏيندو هو. ان ڏينهن، سندس ان خصوصيت جو مون کي ڪافي تجربو حاصل ٿيو.

گورنر، سر لانسلاٽ گراهم، سر غلام حسين جو دلي دوست هو، ۽ پنهنجن هٿن سان کيس وزيراعظم جي ڪرسيءَ تي ويهاري چڪو هو، مگر وري به انگريز هو، ان ڪري قانون ۽ آئين جو پابند. ڏينهن - ٻن اندر ئي سر صاحب کان استعفا وٺي مخالف ڌر جي اڳواڻ خانبهادر الله بخش کي سڏي وزيراعظم مقرر ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ ڪل ٽي وزير ٿيندا هئا. نئين وزارت ۾ باقي ٻه وزير ٿيا: پير الاهي بخش ۽ مسٽر نهچلداس وزيراڻي.

سنڌ جي وزارت جي ان پهرينءَ تبديليءَ جا ٻه - ٽي ٻيا پهلو پڻ قابل ذڪر آهن:

مثلاً وزارت جي هڪ اميدوار کي جو اسان وٽ بند هو، سندس هڪ بزرگ اوچتو اچي پيرين اگهاڙو اسان وٽان ڀڄائي ويو. جڏهن وري هٿ آيو ته اسان کيس وٺي وڃي راڻي باغ جي هڪ ڪنڊ ۾ لڪايو.

پير الاهي بخش صاحب وزير بڻيو ته مون کي، بطور سيڪريٽريءَ جي، ساڻس وابسته ڪيو ويو. پير صاحب ساريءَ سنڌ جو دورو ڪيو ۽ آءٌ سندس خدمت ۾ رهيس. ڪاموراشاهيءَ جي خلاف خوب تقريرون ڪيونسين. پير صاحب ته کليل ميٽنگن ۾ ظالم ۽ رشوتي ڪامورن کي ڏنڊا به ڏيکاريندو رهيو. پبلڪ تي اثر تمام چڱو پيو، ماڻهن ۾ ڪجهه همت پيدا ٿي. هزارن جي تعداد ۾ ڪامورن خلاف درخواستون ڏنائون، عملدار شاهيءَ کي ساريءَ سنڌ اندر ڏڪڻي وٺي ويئي. مجموعي طرح پڻ نئين وزارت ويهڻ شرط ٻه - چار تمام دلپسند قدم کنيا: درٻارين ۽ ڪرسين جي سلسلي کي ختم ڪيو ويو، اسپيشل ماجسٽريٽن کي رخصت ڏني ويئي، لوڪل باڊيز مان ٿاڦيل ميمبر ڪڍيا ويا، مولانا عبيدالله سنڌيءَ کي جلا وطني ختم ڪري واپس سنڌ ورڻ جي اجازت ملي، ۽ سياسي قيدي آزاد ٿيا.

پر  ٽن - چئن مهينن اندر نوڪرشاهي نئين وزارت تي قبضو ڪري ويئي. گورنر ۽ هيٺين عملدارن محسوس ڪيو ته جيڪڏهن وزارت تي جي. ايم. سيد جو اثر وڌيڪ هليو ته پوءِ ڪامورا شاهي ختم آهي، تنهنڪري ڪوشش ٿي ته جي. ايم سيد ۽ الله بخش کي هڪٻئي کان جدا ڪن. اوچتو ئي اوچتو مرحوم الله بخش کي آماده ڪيو ويو ته سکر بئراج ايراضي اندر ڍلون وڌائي. جي. ايم. سيد ڍلن جي مخالفت ڪئي. الله بخش پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو. هوڏانهن ڍلون زوريءَ وڌايون ويون، هيڏانهن جي. ايم. سيد ۽ اسان جي وزارت پارٽيءَ کان جدا ٿي وياسون. ڪانگريسي هندو، سيد جي علحدگيءَ جو فائدو وٺي، الله بخش کي چنبڙي پيا.

جي. ايم. سيد ۽ اسان، ڪانگريسين جا اهي لڇڻ ڏسي، وڃي مسلم ليگ ۾ شامل ٿياسون ۽ ان کان پوءِ سنڌ اندر مسلم ليگ ۽ هندستان اندر پاڪستان تحريڪ جو بنياد پيو، جنهن جو تفصيل مناسب جاءِ تي ڏنو ويندو.

سر غلام حسين، اها حالت ڏسي،اچي اسان سان مسلم ليگ ۾ شامل ٿيو. مسلم ليگ پاران، الله بخش وزارت کي ٽوڙڻ لاءِ هڪ ”وار ڪائونسل“ ٺاهي ويئي، جنهن جو اڳواڻ، منهنجي تحريڪ تي، سر غلام حسين مقرر ٿيو ۽ آءٌ پاڻ ان ”ڪائونسل“ جو سيڪريٽري چونڊيس. ”ڪائونسل“ جا ٻيا ميمبر هئا: جي. ايم. سيد، سر حاجي عبدالله هارون، خانبهادر کهڙو، شيخ عبدالمجيد، ۽ مسٽر محمد هاشم گزدر.

مرحوم سر حاجي عبدالله هارون، ۽ سر غلام حسين جا پاڻ ۾ سخت اختلاف هوندا هئا. انهن اختلافن پٺيان سر عبدالله هارون جو پنهنجو ڪو ذاتي مقصد ڪونه هو. مرحوم پراڻو قومي ڪارڪن هو، سندس دماغي تشڪيل ئي هن طرح ٿي چڪي هئي ته جيڪو به ماڻهو قومي تحريڪ لاءِ مفيد آهي سو سندس نظر ۾ چڱو ماڻهو آهي ۽ ان جي برعڪس جو به شخص ذاتي مقصدن کي قومي مقصدن تي ترجيح ڏئي ٿو، سو ايتريقدر خراب آهي جو ان سان هوند هڪ ٽيبل تي ويهي ماني به نه کائجي. سر غلام حسين مرحوم سان، تنهنڪري، اڪثر ڪانه پوندي هئس.

جنهن ڏينهن سر غلام حسين وار ڪائونسل جو چيئرمن چونڊيو ان ڏينهن، ميٽنگ مان اٿي، آءٌ سر عبدالله هارون کي ريلوي اسٽيشن تي ڇڏڻ لاءِ ويس. پاڻ شمله يا دهليءَ وڃي رهيو هو. صدر جي پليٽفارم تي پهچندي ئي سر عبدالله هارون، غصي وچان، وار ڪائونسل جا ڪاغذ مون کي اڇلائي ڏنا- چي، ”هينئر غلام حسين اڳواڻ ڪيو اٿوَ ته پوءِ عبدالله هارون جي پٺيان ڇو پيا اچو“- مون دل ڀِڄائيندڙ اپيلون ڪيس. الله بخش ۽ ڪانگريسين جي نئين سنٻنڌ سبب سنڌ جي مسلمانن لاءِ جي نوان خطرا پيدا ٿي چڪا هئا، تن کان کيس آگاهه ڪيم. کيس يقين ڏنم ته توڙي جو نالي ماتر سر غلام حسين اڳواڻ چونڊيو آهي، مگر حقيقي اڳواڻ پاڻ ئي رهندو. اسان سڀ سندس پئلڳ آهيون. سر غلام حسين کي محض مصلحتاً اهو اعزاز ڏنو ويو آهي، ڇو ته سنڌ اسيمبليءَ اندر هو ئي ڪم ڏيئي سگهندو، وغيره وغيره. سر صاحب مرحوم نيٺ ٿڌو ٿيو ۽ فائيل موٽائي ورتائين. آءٌ ڪلمو ڀري واپس آيس. ان کان پوءِ ورندڙ جنوريءَ (1939ع) تائين (جڏهن سر غلام حسين اسان کي ڇڏي اوچتو ئي اوچتو وڃي الله بخش سان شامل ٿيو) منهنجو فرض اهو رهيو ته انهن ٻن شينهن سان هڪڙي ئي ٻيلي اندر منهن ڏيو ويٺو هجان ۽ کين هڪٻئي سان زور آزمائي ڪرڻ نه ڏيان. ڪم مشڪل هو، پر پنهنجي طرفان پوري ڪوشش ڪندو رهيس.

ان وچ ۾ گهڻا ئي قصا ٿي گذريا. مسلم ليگ تحريڪ کي زور وٺرايو ويو. ڪراچيءَ ۾، آڪٽوبر 1938ع ۾، مسلم ليگ جي پهرين ڪانفرنس قائداعظم جي صدارت هيٺ سڏائي ويئي. ان ڪانفرنس ۾ پهرئين دفعي هيءُ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته جنهن صورت ۾ ڪانگريسي هندو مسلمانن سان ڪنهن به منصفانه سلوڪ ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، تنهن صورت ۾ مسلم ليگ کي پاڪستان قائم ڪرائڻ لاءِ ڪوشش شروع ڪرڻ گهرجي. پاڪستان اسڪيم جي تحقيق ۽ مقبوليت لاءِ ڪاميٽي ٺهي، جنهن جو چيئرمن مرحوم عبدالله هارون ۽ سيڪريٽري آءٌ مقرر ٿيس. سنڌ پراونشل مسلم ليگ جو پايو پيو، جنهن جو پڻ عبدالله هارون صدر ۽ آءٌ سيڪريٽري چونڊيس - وغيره وغيره.

ايندڙ جنوريءَ تائين ٻه - چار ڳالهيون بلڪل ظاهر ٿي چڪيون:

(1) مسلم ليگ جو وڌندڙ زور ڏسي، ڪانگريسي الله بخش مرحوم جا پير جهلي بيهي رهيا،

(2) سنڌ جا اڪثر وڏيرا ايم. ايل. اي. الله بخش وزارت جا مددگار رهيا،

(3) وزارت جي ڪِرڻ جو ڪو امڪان باقي ڪونه بچيو.

(4) مسلم ليگ تحريڪ اندر سر عبدالله هارون جو اثر ۽ رتبو وڌندو ويو، ۽ سر غلام حسين لاءِ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ نا اميديءَ جي فضا پيدا ٿيندي ويئي.

(5) سر غلام حسين کي زندگيءَ ۾ پهريون دفعو يڪا ڏهه مهينا وزارت ۽ اقتدار کان ٻاهر رهڻو پيو، ۽ کيس اڳ لاءِ ڪا به گهڻي اميد ڪانه رهي، ڇو ته هن محسوس ڪري ورتو ته جيڪڏهن مسلم ليگ کي ڪنهن موقعي تي وزارت ٺاهڻ جو موقعو به مليو، ته جناح صاحب وڏي وزيري کيس نه ڏيندو، پر جي. ايم. سيد يا عبدالله هارون جي حوالي ڪندو،

(6) سر صاحب جي ساٿين ۽ حامي عملدارن تي مشڪل گهڙيون اچي ويون هيون، تقريباً ڏهه مهينا انهن پونئرن کي پاڻي ڪونه مليو هو، سڀني مڙي مٿس زور آڻڻ شروع ڪيو ته ليگ کي ڇڏي، الله بخش سان ٺاهه ڪري، ننڍي وزيري ئي هٿ ڪجي، جيئن وڌيڪ وقت لاءِ کيس ”اقتدار“ کان ٻاهر رهڻو نه پوي.

جنوريءَ (1939ع) ۾ اسيمبلي - اجلاس ٿيڻو هو. اسان پنهنجي پاران خوب تياريون ڪيون، الله بخش وزارت ۽ سندس مددگار ميمبرن تي اثر وجهڻ جون. سر غلام حسين ناتال جي موقعي تي بمبئيءَ ويو. ويندي مون کي چوندو ويو ته اسيمبليءَ جي اجلاس وقت گئلريءَ ۾ پبلڪ کي آڻي ويهارڻ جو بندوبست اڳواٽ ڪري ڇڏيان. ريل ۾ ويهڻ وقت به چٺي لکي ڇڏي ويو ته مسلم ليگين لاءِ گهڻي ۾ گهڻيون گئلري - پاسون ڪڍرائي رکان. اسان سڀني کي يقين ٿيو ته سر صاحب بلڪل پختو آهي. انهن ڏينهن تائين پارٽين بدلائڻ جو رواج اڃا ڪونه پيو هو، تنهنڪري اسان جي تصور ۾ به ڪونه ٿي آيو ته سر صاحب جي پايي واري ليڊر کان ڪا لغزش واقع ٿيندي، ۽ هو ساڳئي الله بخش کان، جنهن کيس وزارت مان لاٿو هو، ننڍي وزيري وٺي، پنهنجي جماعت کي پُٺي ۾ ڇُري ۽ اقرارن تي ٻُڙي ڏيئي ويهي رهندو.

اجلاس کان اڳئين ڏينهن تي هو بمبئيءَ کان واپس آيو ٻئي ڏينهن اجلاس شروع ٿيو. پاڻ مخالف بينچن تي، بطور اپوزيشن ليڊر جي ويٺو رهيو. وزارت خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ٿي، پاڻ اُٿي ان جي پٺڀرائي ڪيائين.

ٻئي ڏينهن جي اجلاس ۾ مورڳو شامل ئي ڪونه ٿيو.

ٽئين ڏينهن اجلاس ۾ آيو، پر سڌو اچي وزارت جي بينچن تي ويهي رهيو. ۽ جڏهن مسلم ليگين طرفان تعجب، حيرت ۽ قدري نفرت جو اظهار ٿيو، ته جوش ۾ اچي کين ٻه - ٽي سخت جملا چئي ڏنائين، ۽ اڳتي هلي، ساڳئي عدم اعتماد واري ٺهراءَ تي ووٽنگ ٿي ته پنهنجو ووٽ وزارت جي فائدي ۾ ڏنائين. ان کان پوءِ، ٻن - چئن ڏينهن اندر هوم منسٽر بڻيو، ۽ 1942ع تائين الله بخش سان گڏيو رهيو.

1942ع ۾ الله بخش کي انگريزن ڊسمس ڪيو ته پاڻ ان جي جاءِ تي وزيراعظم بڻيو ۽ ٿورن ئي ڏينهن اندر دوباره مسلم ليگ ۾ داخل ٿيو. ان کان پوءِ، رفتي رفتي، حالتون پڻ مسلم ليگ لاءِ سازگار ٿينديون ويون ۽ سر صاحب مرحوم پنهنجي باقي زندگيءَ جا ڇهه - ست سال مسلم ليگ اندر ئي خاصو مقام وٺيو، ويٺو رهيو. وقت گذرندي، جناح صاحب جو پڻ ڀروسو ٿي ويو. عبدالله هارون مرحوم ان وچ ۾ انتقال ڪري ويو هو. جي. ايم. سيد ۽ مون کي ته مورڳو مسلم ليگ مان ڪڍي ڇڏيو هئائون، ڇو ته اسين، سنڌ جي قيادت سر غلام حسين جي سپرد رهي، تنهن جي سخت مخالفت ڪندا ٿي رهياسين، ۽ آخر بيزار ٿي، کليل بغاوت به ڪئي هئيسين.

سر غلام حسين مرحوم پڇاڙيءَ ۾ فنا في المسلم ليگ جو درجو حاصل ڪري چڪو هو. ڪئبينيٽ مِشن جي پلان خلاف، 1946ع ۾ مسلم ليگ سڌي قدم جو فيصلو ڪيو، ته ان تجويز جو پيش ڪندڙ پاڻ بڻيو. نه فقط ايترو، بلڪ انگريزن جي لقبن ڇڏڻ لاءِ پڻ رٿ ڏنائين، ۽ سڀ کان اول خاص پنهنجن لقبن (خانبهادر، ڪي. سي. ايس. آءِ. وغيره) اڇلائڻ جو فيصلو ڪيائين. ساري هندستان جي مسلمانن اندر واه واه ٿي ويئي. سر صاحب ساريءَ قوم جو هيرو بڻجي ويو. اسين سنڌ جا اصلوڪا مسلم ليگي، محض واجهائيندا ۽ جُتيون چٽخائيندا رهجي وياسين.

اهڙي هئي سر صاحب مرحوم کي ”وقت جي سڃاڻ“، ۽ ايتريقدر عملي هئي سندس سياست! انگريز هئا، ته پاڻ اڳ ۾: الله بخش ۽ ڪانگريس جو زور ٿيو، ته به پاڻ وچ ۾: مسلم ليگ جو وارو وريو، ته مورڳو ساريءَ ملت اسلاميه جي مٿي جو موڙ!

سر غلام حسين مرحوم جي ڪاميابيءَ جو راز سندس ڪهڙين وصفن ۾ سمايل هو، تنهن تي مون گهڻو غور ڪيو، ۽ آخر هيٺين نتيجن تي پهتس:

(1) فيصلي جو صحيح ٽائيم مقرر ڪرڻ. مثلاً، سياسي وڳوڙ جي ابتدا ٿي ۽ مخالف ڌر سندس وزارت ڪيرائڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون. ڪيڏو به هل مچي ويو، سنگتين ۽ ساٿين اچي خبرون پهچايس ته وزارت وڃي رهي آهي، ۽ مخالفن، ميمبر سڀ ڦيرائي ڇڏيا آهن، وغيره وغيره، مگر پاڻ پيو فقط کلندو ۽ ساڻن چرچا گهٻا ڪندو. چي، ”آءٌ فقير آهيان، خدا منهنجي مدد ڪندو.“ شام بنان ناغي ”ڪراچي ڪلب“ ۾ ويندو ۽ آفيس ۾ وڃڻ به چالو رکيو ايندو، سندس منهن مان ڪا به پريشاني ظاهر ڪانه ٿيندي. مخالف، سندس اهڙيءَ بيپرواهيءَ کي بيخبري تي محمول ڪري، وڌيڪ جرئت سان وزارت ڪيرائڻ جو ڪم هلائيندا رهندا. سر صاحب ويٺو سندن مخالفت جي نقشي تي ويچار ڪندو. ۽ پنهنجي پاران اوستائين ڪو قدم نه کڻندو، جيستائين مخالفن پنهنجو سارو نقشو ظاهر نه ڪري ڇڏيو آهي. ان کان پوءِ، آخري ساعت تي هڪڙو ئي گهاتڪ ڌڪ هڻندو، جنهن جي وسيلي مخالف ڌر جي ساريءَ ڪئيءَ ڪمائيءَ تي پاڻي ڦيرائي ڇڏيندو. سندس طريقه ڪار اهو هو ته ”اڳواٽ پريشان نه ٿجي. مخالف کي ڊگهي رسي ڏجي ته ڀل پنهنجو سارو منصوبو ظاهر ڪري بيهي رهي. ان کان پوءِ آخري گهڙيءَ تي قدم کڻجي، ۽ اهو قدم اوچتو کڄي، زبردست هجي، ۽ ان جو سارو زور منصوبي واريءَ زنجيريءَ جي ڪمزور ترين ڪڙيءَ تي اڇلائي وجهجي“. سندس ساريءَ سياسي زندگيءَ اندر، سندس اهو طريقه ڪار هڪڙو دفعو به ناڪامياب ٿيندو نظر نه آيو.

(2) ننڍين ننڍين ڳالهين ۾ انتقام ۽ بدلو وٺي، نه دشمنن جو تعداد وڌائجي ۽ نه دشمنيءَ ۾ تيزي پيدا ٿيڻ ڏجي. دنيا تي عام اثر اهو ويهارجي ته ”سر صاحب نيڪدل انسان آهي، ساڻس بڇڙائي ڪجي ٿي ته به پنهنجي پاران چڱائي ڪريو ڇڏي“. سخت دشمني ڪرڻ کان پوءِ جيڪڏهن ساڳيو دشمن ڪنهن ڪم لاءِ هلي ويس ته پهريائين جوش وچان ڪجهه قدر گهٽ - وڌ چوندس، مگر ان سان گڏوگڏ ڪم به ڪري ڏيندس. مانيءَ جو وقت هوندو ته ماني به کارائيندس ۽ کيس هي به ٻڌائي ڇڏيندو ته ”تنهنجا فلاڻا وڏا منهنجا دوست هوندا هئا، مون سان هر طرح وفاداري ڪندا رهيا. سندن فلاڻو مقدمو ٿيو، جنهن ۾ مون سندن مدد ڪئي هئي. تنهنجا بزرگ تمام مهربان هوندا هئا. تون ئي هڪ اهڙو شخص پيدا ٿيو آهين، جنهن پنهنجن وڏن جي دوستن سان بيوفائي شروع ڪري ڏني آهي.“ ڪم ٿيڻ ۽ مانيءَ کائڻ کان پوءِ اهو ماڻهو گهڻي وقت تائين دغدغي ۾ پيو رهندو.

(3) مهماننوازي سندس خاص وصف هئي. في الحقيقت، دسترخوان جي ڪشادگيءَ وسيلي ئي هن پهرئين زماني ۾ اثر پيدا ڪيو هو، ۽ بعد ۾ ان اثر کي قائم رکيو آيو.

(4) مخالف کي ڌڪ نه هڻندو، پر جي هڻندو ته بلڪل ڪاري، ۽ حتي المقدور اڻسڌو - پڇاڙيءَ تائين کيس پنهنجنّ ارادن جي خبر پوڻ نه ڏيندو. کهڙو صاحب سندس ڪئبينيٽ جو ميمبر هو، پر سر صاحب محسوس ڪيو ته اڳتي هلي کهڙو کيس تڪليف رسائيندو. اوچتو ئي اوچتو الله بخش مرحوم جي خون جي جانچ شروع ٿي ويئي، نئين سر، تقريباً هڪ سال کان پوءِ. جانچ جو رخ هن دفعي کهڙي جي خلاف هو، پر کهڙو وري به سر صاحب سان صلاح مصلحت ڪندو رهيو. اوچتو ئي اوچتو، هڪ ڏينهن گورنر کهڙي صاحب کي گهرائي کانئس وزارت جي استعفا ورتي، ۽ ساڳئي ڏينهن (يا وڌ ۾ وڌ ٻئي ڏينهن) پوليس اچي کيس گرفتار ڪيو. ٻارهن مهينا ڪيس هلندو رهيو، ۽ کهڙو صاحب جيل ۾ بند رهيو. ان وچ ۾ مسلم عوام جي همدردي کهڙي صاحب سان پيدا ٿي ويئي، ۽ جڏهن ڪيس مان آزاد ٿي بطور ڪامياب هيرو جي ڪراچيءَ رسيو ته سندس استقبال لاءِ اسٽيشن تي  سر غلام حسين صاحب خود موجود هو ۽ کيس جلوس ۾ وٺي آڻي گهر پهچايائين. ان کان پوءِ چونڊون ٿيون، کهڙو صاحب ۽ سر غلام حسين ساڳيءَ ڪئمپ ۾ رهيا، ۽ اليڪشن جي ڪاميابيءَ بعد کهڙو صاحب دوباره سندس ڪئبينيٽ ۾ وزارت وٺي ويهي رهيو. سر صاحب وري ساڳيءَ ڪئبينيٽ جي هڪ ٻئي ميمبر، مسٽر محمد هاشم گزدر تي ناراض ٿي پيو. اوچتو ئي اوچتو، قائداعظم وٽان بمبئيءَ مان حڪم اچي ويو ته گزدر استعفا ڏيئي ٻاهر نڪري وڃي، ٻيءَ صورت ۾ کيس وزارت مان ڊسمس ڪرايو وڃي. گهڻيون ئي اپيلون ڪيون ويون، گهڻا واجهه وڌا ويا، مگر جناح صاحب باز نه آيو، ۽ ٻن ڏينهن اندر گزدر صاحب کي ٻاهر نڪرڻو پيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سر صاحب گورنر مقرر ٿيو، ۽ کهڙو صاحب سنڌ جو چيف منسٽر. ٻنهي جي وچ ۾ سخت اختلافات پيدا ٿي پيا. قائداعظم پاڻ سر غلام حسين کي اجازت ڏني ته کهڙي صاحب کي ڊسمس ڪري مٿس (بدانتظامي وغيره جي الزامن جي سلسلي ۾) ڪورٽ آف انڪوائري ويهاري. ان وچ ۾ قائداعظم ۽ سر غلام حسين ٻنهي جو انتقال ٿي ويو، پر کهڙي صاحب لاءِ ان کان پوءِ به اِها پيڙا ڪيتري عرصي تائين هلندي رهي. جڏهن سر صاحب جو انتقال ٿيو ته کهڙو صاحب به جنازي سان گڏجي عيدگاهه واري قبرستان تائين هليو، ۽ اتي ٻين وانگر پاڻ به قرآن مجيد ڪڍي ويهي پڙهڻ لڳو. دعا ڪهڙي گهريائين، تنهن جو مون کي پتو ڪونه رهيو، پر ايصال ثواب جي سلسلي ۾، ٻين وانگر، سندس هٿ پڻ فضا ۾ متحرڪ رهيا.

(5) خوشيءَ خواهه غم جي اثر کي ڳوڙهو وڃڻ ڪونه ڏيندو هو. وڏي ۾ وڏو صدمو تڏهن رسيو، جڏهن سندس هوم منسٽريءَ جي زماني ۾ حرن، ٽنڊي آدم وٽ، لاهور ميل ڪيرائي، سندس فرزند کي بيگناهه شهيد ڪري ڇڏيو. ماڻهن سمجهيو ٿي ته ان صدمي جي بار هيٺ سر صاحب ختم ٿي ويندو، مگر جلد ئي کين راءِ بدلائڻي پئي. سر صاحب کي ڏک رسڻ لازمي هو، ۽ واقعي ڏک به سخت رسيس، مگر سندس زندگيءَ جي معمولات ۾ ڪو به فرق ڪونه آيو. بدستور صبح جو آفيس ۾ ويندو رهيو، ۽ شام جو ڪراچي ڪلب ۾. سندس فرزند جي شهادت 1942ع ۾ ٿي، ۽ سندس پنهنجو انتقال ان کان ڇهه سال پوءِ، يعني 1948ع ۾.

(6) خانگي ۽ غير سياسي دوستن سان ڏاڍو نيبهه ڪندو هو. اوائلي عمر ۾ جيڪي دوست ٿيس، انهن سان پڇاڙيءَ تائين ڳنڍيو آيو.

(7) ڪامورن ۽ عملدارن جي عزت ڪندو هو ۽ انهن کي هٿ ۾ رکندو هو. جيتريقدر ٿي سگهندس، ڪنهن به عملدار جي مرضيءَ خلاف، سندس ڪم ۾ دست اندازي نه ڪندو، ۽ نه جهٽ ۾ ناراض ٿي نقصان ئي پهچائيندس. پر وقت پئي جيڪڏهن منجهانئن ڪنهن کي ڪو حڪم ڪندو ته ان جي تعميل ۾ اهو عملدار مرڻ جيئڻ جي بنهه ڪانه ڪندو.

(8) طاقت جو وقت سر، جيڪو به مرڪز هوندو، سر صاحب جا ان سان بهترين تعلقات هوندا. جيستائين طاقت جو منبع بمبئيءَ جو گورنر هو، سر صاحب ان جو معتمد خاص هوندو هو. سنڌ جدا ٿي ته وري به اصلي طاقت جو سر چشمو گورنر سنڌ ئي رهيو، ۽ جيڪو به گورنر آيو سو سر صاحب جو سرپرست ٿي رهيو. ان کان پوءِ آيو دؤر قائداعظم ۽ پاڪستان جو. ان دؤر اندر به سر صاحب سخت اعتبار جي قابل سمجهيو ويو. جنهن ڳالهه ۾ سر صاحب  مرحوم کي خاص ملڪو هوندو هو، سا هيءَ ته کيس وقت کان گهڻو اڳ محسوس ٿي ويندو هو ته طاقت جو رخ ڪهڙي طرف ڦري رهيو آهي، ۽ ان احساس جي بنياد تي هو وقت کان اڳ ۾ ئي پنهنجا تعلقات ان ڌر سان پيدا ڪري ڇڏيندو هو. سياسي موسم شناسيءَ (political metereology) ۾ سندس ثاني مون ڪونه ڏٺو آهي، حالانڪ ان فن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش گهڻا ئي سياسي همعصر ڪندا پئي رهيا آهن.

(9) دفتري ڪم (فائيل پڙهڻ ۽ نوٽ لکڻ) سندس پرسنل اسسٽنٽ (مسٽر ڪارڊيرو) جي سپرد هوندو هو، ۽ انتظامي معاملات سيڪريٽرين جي حوالي. جيڪڏهن پاڻ کي ڪو خاص ڪم ڪرڻو هوندو هوس، ته به اشارو سيڪريٽرين کي ئي ڪري ڇڏيندو هو. پاڻ پنهنجو وقت سياسي معاملات متعلق غور يا فڪر ڪرڻ تي صرف ڪندو رهندو هو. کيس چڱيءَ طرح معلوم هو ته جيڪڏهن ڪنهن پارٽي - ليڊر يا وزير سياست به هلائي ۽ ساڳئي وقت دفتري ڪم به پنهنجي سر تي کنيو، ته کيس سوچڻ لاءِ ڪو به وقت نه ملندو، ۽ خبر تڏهن پونديس، جڏهن اوچتو وڃي ڪنهن کڏ ۾ ڪِرندو. پاڻ ابتدا ۾ ئي ماڻهو قابل اعتماد هٿ ڪندو هو، ۽ ان کان پوءِ کين ڪم هلائڻ لاءِ ڊگهي رسي ڏيئي ڇڏيندو هو- ۽ ان ڪري سندس زيردست کانئس خوش به هوندا هئا- هر ڪو ائين پيو سمجهندو هو ته سر صاحب جو منجهس پورو پورو ڀروسو آهي، ۽ تنهنڪري سر صاحب جو پاور ۾ رهڻ گويا سندس پنهنجو پاور ۾ رهڻ آهي. مسٽر ڪارڊيرو سر صاحب جي اوائلي وڪالت وارن ڏينهن کان وٺي ساڻس وابسته رهيو هو، ۽ پڇاڙيءَ تائين کانئس ڪو نه ٽُٽو. سر صاحب پاران لکپڙهن نيڪال ڪرڻ ۽ فائيلن تي نوٽن لکڻ جو سمورو ڪم ڪارڊيرو ڪندو هو. مون پنهنجين اکين سان ڏٺو ته ڪن ڪاغذن تي هو سر صاحب جي صحيح به پاڻ ئي ڪري ڇڏيندو هو. ڪمال اهو هو ته پنجٽيهن سالن جي تعلق اندر ڪارڊيري کان اهڙو ڪو به فعل سرزد ڪونه ٿيو، جنهنڪري پنهنجي آقا جو اعتبار وڃائي ويهي.

(10) سر صاحب هر شام سنڌي نموني جي ڪچهري ڪندو هو، يار دوست، ڪامورو ڪڙو، وڪيل وڙو، آيو ويو، پيو وٽس ڍرندو هو. پاڻ ويٺو خبرون پڇندو، ڳالهيون ٻڌندو، ۽ کل مذاق ڪندو. ان ڪچهريءَ جي ذريعي، روزاني کيس ساري ملڪ جو واءُ سواءُ گهر ويٺي پيو معلوم ٿيندو هو.

سر صاحب جي رهڻي ڪرڻي صاف سٿري هوندي هئي. ڪپڙا سٺا پهريندو هو. کائيندو چڱو چوکو هو. ڪنهن به وقت وٽس وڃبو ته ٻه - چار قسم ماني تيار ملندي، ۽ روزاني جي ضرورت کان وڌيڪ انداز ۾ ٺهيل هوندي. مهمان کي ماني کارائيندي کيس خوشي محسوس ٿيندي هئي.

نه وري مغرور يا متڪبر ئي هو. هڪ دفعي مون کي ڪنهن پارٽيءَ جي سلسلي ۾ دوستن لاءِ ڪارڊ وٺڻا هئا. مون وڃي کيس چيو. پاڻ گهر جا ڪپڙا پهريو ويٺو هو، پاجامو ۽ سنهو لنڊو ململ جو پيرهن. مرحوم انهيءَ حال ۾ ئي موٽر ۾ چڙهي هلي مون کي ڪارڊ وٺي ڏنا.

سياسي طور تي آءٌ هميشہ سندس مخالف رهيس. پر ان هوندي به وقت پئي مون کي ڪڏهن ڪونه ڏکويائين. منزلگاهه فسادن جي زماني ۾ مون هڪ ڪتاب لکيو، جنهن ۾ ڄاڻايم ته ان ساريءَ خونريزيءَ جي جوابداري سنڌ وزارت تي آهي ۽ ان وزارت اندر لا ائنڊ آرڊر جو پورٽفوليو سر صاحب جي حوالي آهي. اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ان ڪتاب جو ذڪر آيو. پاڻ جوش مان اٿي، سر عبدالله هارون ۽ مون لاءِ گهڻو گهٽ - وڌ چيائين. ماڻهن سمجهيو ته هاڻي ”لڳو ڌڪڙ تي اٽو“، پر ٿيو ائين ڪونه. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ منهنجي ساڻس ملاقات ٿي: ساڳي خنده پيشاني، ساڳي نوڪ جهوڪ، گويا ياد ئي ڪونه هوس ته مون ڪو اهڙو ڪتاب به لکيو هو.

موسيقيءَ ۽ ڪلب لائيف کان سواءِ کيس ٻيو ڪو به شوق ڪونه هو، تنهنڪري ورزش کان پري رهيو. پر ان هوندي به سندس صحت تمام چڱي هوندي هئي. هر صبح فقط تيل - مالش ڪرائيندو هو، ۽ ان ڪم لاءِ هڪ خاص ملازم رکيل هوس.

1938ع جي آڪٽوبر مهيني ۾، ڪراچيءَ جي عيدگاهه ميدان تي مسلم ليگ جي ڪانفرنس ٿي. سر صاحب انهن ڏينهن ۾ مسلم ليگ ۾ شامل هو. پر ڪانفرنس جي انتظامي يا استقباليه ڪاميٽيءَ ۾ کيس ڪو عهدو ڏنل ڪونه هو. ڪانفرنس شروع ٿيڻ وقت عهديدارن بخمل جون رنگين بئجون پنهنجن ڪوٽن تي چسپان ڪيون. سر صاحب جي نظر بئجن تي پئجي ويئي، پڇيائين، ”منهنجي بئج ڪٿي آهي؟“ ڪنهن ماڻهوءَ جواب ڏنس ته ”اوهين استقباليه ڪاميٽيءَ جا عهديدار نه آهيو، تنهنڪري اوهان لاءِ ضروري نه آهي ته ڪا بئج لڳايو.“

”پر مون پنج سؤ (يا هزار) رپيا چندو جو ڏيڻو ڪيو آهي؟“

”چندي تي بئج نه ملندي آهي.“

بس، پوءِ ته سر صاحب غصي ۾ ڳاڙهو ٿي ويو. سر عبدالله هارون (چيئرمين استقباليه ڪاميٽي) کي، مون کي، ۽ ٻين مسلم ليگين کي، ڪيترائي لقب ڏيندو، ڪانفرنس ڇڏي هليو ويو. ڪجهه وقت بعد مون کي خبر پئي ته سر صاحب بئج جي ڳالهه تي ڪاوڙجي پيو آهي. آخر، جيتريقدر مون کي ياد پوي ٿو، شايد جي. ايم. سيد، يا ڪو ٻيو مسلم ليگي کيس بئج لڳائي، منٿ ميڙ ڪري، واپس ڪانفرنس ۾ وٺي آيو.

انهن ڏينهن ۾ هڪ دفعي جناح صاحب پنهنجيءَ جاءِ رهائش (سر عبدالله هارون جو وڪٽوريا روڊ وارو بنگلو) تي مسلم ليگي اسيمبلي ميمبرن جي ميٽنگ سڏائي. ان مقصد لاءِ ته پارٽي جا عهديدار سندس موجودگيءَ ۾ چونڊيا وڃن. ان زماني ۾ امڪان پيدا ٿيو ته شايد الله بخش مرحوم استعفا ڏئي ۽ نئين وزارت ٺاهڻ جو موقعو مسلم ليگ کي ملي. ميٽنگ اندر گفتگو هلندي، سر غلام حسين مرحوم محسوس ڪري ورتو ته جناح صاحب پارٽيءَ جو ليڊر جي. ايم .سيد کي چونڊائڻ گهري ٿو، ۽ نه کيس. جناح صاحب پاڻ ان حد تائين ظاهر ڪري ڏنو ته جيڪڏهن ليڊريءَ لاءِ سر غلام حسين جو نالو پيش ٿيو ته پاڻ مورڳو ميٽنگ ئي ڇڏي هليو ويندو. اها حالت ڏسي سر صاحب، حسب دستور غصي ۾ پئجي، intrigue intrigue (سازش! جوڙ  توڙ!) پڪاريندو، اٿيو هليو ويو.

اسان پاڻ اهو ئي ٿي گهريو ته سر غلام حسين دوباره سنڌ جو وزيراعظم نه ٿئي، ڇو ته جنهن انقلاب جي درپئي اسين هئاسين، سو انقلاب سندس هٿان ٿيڻ بلڪل ممڪن نه هو. جيتوڻيڪ ان ڏينهن سر غلام حسين ميٽنگ کي بائيڪاٽ ڪري هليو ويو، مگر ڪجهه خطرو اڃا موجود هو ته شايد، اتحاد خاطر، جناح صاحب خود کيس ليڊري ڏيئي وري موٽائي آڻي، ۽ چيف منسٽري سندس ئي سپرد ڪري.

ٻئي صبح تي، سر عبدالله هارون وٽ جناح صاحب جي اعزاز ۾ ناشتي جو انتظام ٿيو. آءٌ به ٽيبل تي موجود هوس. سر غلام حسين جي ڳالهه نڪتي. مون وڏي واڪي چئي ڏنو ته ”سر غلام حسين ظاهر ڪري رهيو آهي ته هو قائداعظم کي ان راءِ تان باز آڻيندو، ۽ ان مقصد لاءِ هو کيس سندس ڀيڻ، يعني مس فاطمه جناح، کان سفارش ڪرائيندو.“

منهنجو ايترو چوڻ ۽ جناح صاحب غصي ۾ اچي ويو. وڏي گرجدار آواز ۾ چيائين: ”جيڪڏهن منهنجي ڀيڻّ اهڙي ڪا ڳالهه مون سان ڪئي ته آءٌ سندس ڳچي مروٽي ڇڏيندس.“

سر غلام حسين توڙي جو ميٽنگ ڇڏي ويو هو، مگر ان هوندي به سردست مسلم ليگ تان استعفا ڪانه ڏنائين، ۽ نه وري مسلم ليگ ئي انهن ڏينهن ۾ وزارت ٺاهي سگهي. اهو زخم سر غلام حسين پنهنجيءَ دل اندر سانڍي رکيو. الله بخش سان صلح جون ڳالهيون هلايائين. ايندڙ جنوريءَ ۾ جڏهن اسيمبلي اجلاس شروع ٿيو ته اوچتو مسلم ليگ ڇڏي وڃي الله بخش پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو، ۽ اتان هوم منسٽري حاصل ڪيائين. ان واقعي جو ذڪر ٻيءَ جاءِ تي ٿي چڪو آهي.

ان کان پوءِ زمانو گذرندو ويو. هڪڙو ڏينهن اهڙو به آيو، جڏهن ساڳيو سر غلام حسين، ساڳئي قائداعظم جو معتمد خاص بڻجي ويو، ۽ ساڳيءَ مسلم ليگ مان، ساڳيو جي. ايم. سيد، ساڳئي قائداعظم هٿان خارج ڪيو ويو‍!

ايتريقدر بي پناهه، ۽ اهڙي گهاتڪ هوندي هئي سر صاحب مرحوم جي پاليٽڪس!

قد جو پورو پُنو ۽ جسم ۾ ڀريل هوندو هو. هٿ نسبتاً ننڍا، نرم ۽ نازڪ، رنگ ڀورو. اڪثر چوندو هو ته ”بابا، آءٌ فقير آهيان، مون سان نه ڦٽايو، مون کي ستائي سک نه پائيندؤ.“

مرحوم پنهنجو وارو وڄائي ويو، زندگيءَ جو مقصد جيڪو مقرر ڪيائين، سو ”ازمهد تالحد“ ماڻيندو رهيو. ڪراچيءَ ۾، بندر روڊ تي، عيدگاهه ميدان جي هڪ ڪنڊ ۾ مدفون آهي.

ڊکڻ

”ذات نه پڇي ڏات، جيڪو لوچي سو لهي.“

ڳڙهي ياسين تعلقي جا ڊکڻ، ذات جا ڊکڻ هئا، پر ڏات وگهي نه پاڻ کي پر ڊکڻ اکر کي به باعث عزت بڻائي ڇڏيائون.

رتيديري کان ڳڙهي ياسين ويندي، رستي تي ٻه شهر اچن ٿا، بڊو ۽ عبدالرحيم خان ڊکڻ جو ڳوٺ. اهي ٻيئي ڳوٺ مردم خيز ثابت ٿيا.

ملا محمد عثمان، اسان کان اڳ ٿي گذريو . منهنجو استاد حضرت مولانا محمد سومر عليہ الرحمة چوندو هو ته محمد عثمان وڏو عقلمند، دور انديش ۽ پرهيزگار شخص هو. سندس ڪمال اهو هو ته توڙي جو پاڻ ملا قسم جو ماڻهو هو، ۽ ان زماني ۾ ان قسم جي ماڻهن کي انگريزي علم ۽ تهذيب کان سخت نفرت هوندي هئي، پر ايندڙ وقت جي تقاضائن کي اڳواٽ محسوس ڪري، هن پنهنجن چئن ئي پٽن کي اعليٰ قسم جي انگريزي تعليم ڏياري. چئن مان ٻه ايم.اي.ايل. ايل. بي.، ۽ ٻه بي. اي. ايل. ايل. بي. ٿيا.

سندس وڏو فرزند، مرحوم غلام مصطفيٰ خان عيساڻي، ڊپٽي ڪليڪٽر بڻيو، ۽ مون کيس گهڻو ڏٺو. سندس ٻئي نمبر فرزند، غلام صديق خان مرحوم، پڻ ڊپٽي ڪليڪٽر ٿي رٽائر ڪيو.

اهي ٻيئي انسان، پنهنجي پنهنجي نوع ۾، عجب طبيعتن جا مالڪ ٿي گذريا. خوشقسمتيءَ سان، منهنجو واسطو ٻنهي صاحبن سان پيو.

غلام مصطفيٰ خان جون خصوصيتون ٻڌو:

انهن ڏينهن ۾ هر هڪ ديسي علمدار وقت ۽ عهدي جو فائدو وٺي، پاسو پلؤ لُٽي ڦري، پنهنجا گهر پئي ٺاهيا، مگر غلام مصطفيٰ خان کي شوق هو ته پنهنجو گهر ڊاهي ۽ پنهنجي وجود کي تڪليف ۾ وجهي، ٻين جا گهر اڏيندو رهي. شال نه ڪو سوالي وٽس لنگهي اچي - گهر خواهه دفقرِ، ٻيئي بنهه مٿي تي کڻي بيهي رهندو. پاڻ وٽ ڪم هوندس ته جيستائين سندس آفيس جي منشين اهو ڪم پورو ڪري نه ڏنو آهي، اوستائين مٿن لٺ پئي وسندي ۽ سارو دفتر ٿرٿلي ۾ هوندو. وڃڻ کان اڳ، ڪم واري ماڻهوءَ کي ماني به کارائيندو - البت پڊنگ جي جاءِ تي سندس حق ۾ ٻه - چار اُگرا اکر ضروري چئي ڇڏيندو. سواليءَ جو ڪم جيڪڏهن ڪنهن ٻئي عملدار ۾ هوندو ته غلام مصطفيٰ خان کان پنهنجو ڪم بلڪل وسري ويندو. هڪدم ٽانگو سڏجي ايندو: وڏو ٽوپلو مٿي ۾ وجهي، لٺ هٿ ۾ کڻي وڃي واسطيدار آفيسر وٽ پهچندو، ۽ اوستائين سندس پچر نه ڇڏيندو، جيستائين ان سواليءَ جي حاجت پوري ڪري نه ڏني اٿس. ساڳيو ڪاروبار واٽ ويندي به چالو رهندو. مثلاً، هڪ ڏينهن سکر ۾ ٽانگي تي چڙهيو، مون سان ڪنهن طرف هلي رهيو هو. سکر جيل وٽان لنگهياسين ته رستي تي هڪ واقف ڳوٺاڻي ٻروچ تي نظر پئجي ويس. ٽانگو روڪي، کانئس جيل ٻاهران رستي تي بيهڻ جو سبب پڇيائين. ٻروچ ٻڌايس ته جيلر ۾ ڪم اٿم. ٻانهن کان ڇڪي چاڙهيائينس ٽانگي تي، ۽ ٽانگي واري کي حڪم ٿيو ته هل جيل جي دروازي تي. جيل جي گيٽ ٻاهران بيهي. اندران جيلر کي سڏارايائين. جيلر اچي گيٽ جي ٻئي پاسي کان بيٺو. غلام مصطفيٰ خان سواليءَ جو ڪم ٻڌايس. جيلر ڪم ڪرڻ کان ڪجهه قدر پاڻ ڪڍائڻ لڳو. اچي ويو غلام مصطفيٰ خان کي جوش- دروازي جي سيخن مان پنهنجو لڪڻ اندر لنگهائي، ان جو انگوڙو جيلر جي گردن ۾ وجهي، کيس زور سان پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لڳو. اِن جسماني ڪارروائيءَ سان گڏ، زوردار گفتگو جي ذريعي، جيلر صاحب جو روحاني معالجو به ٿيندو رهيو. غرض ته اوستائين جيلر جي ڳچيءَ مان انگوڙو نه نڪتو، جيستائين هن ڪم ڪرڻ جو وعدو نه ڪيو. هلڻ کان اڳ، کلندي، جيلر کان سندس هر هڪ گهر - ڀاتيءَ جي خير عافيت جو احوال به پڇي ورتائين.

هڪ دفعي، منهنجي ڪنهن ڪم جي سلسلي ۾، مون سان گڏجي ڀِرين واري مرحوم سيد مراد علي شاهه ڏانهن هليو. ڀرين مان ڪم لاهي، ريل ۾ سوار ٿيڻ لاءِ، موٽي پڊ عيدن اسٽيشن طرف آياسون. گاڏي اڳ ۾ ئي پلئٽفارم تي اچي ويئي هئي، تنهنڪري ٻاهرئين ڦاٽڪ واري، گيٽ بند ڪري ڇڏيو هو. ٽانگو ڇڏي، پاڻ پنڌ پلئٽفارم طرف هلڻ لڳو. پلئٽفارم جي ڇيڙي تي آياسين ته گاڏي ڇٽي هلي. پاڻ هڪل ڪري (ان هڪل ۾ ڪن اهڙن اکرن جي به آميزش هئي جن جي نوعيت متعلق پڙهندڙن کي پنهنجو دماغ استعمال ڪرڻو پوندو)، ڊرائيور کي حڪم ڪيائين ته ”جهل گاڏي!“ ڊرائيور ڪنهن فيصلي تي پهچي، ان کان اڳ ئي، وک وڌائي، لڪڻ جو انگوڙو وڌائين ڊرائيور جي ٽَنگ ۾، ريل بيهجي ويئي. پاڻ ساري ريلوي اسٽاف تي غصي جو اظهار ڪندو، هلي ويٺو گاڏيءَ ۾، ۽ ان کان پوءِ ٽرين رواني ٿي روهڙيءَ طرف. اڳئينءَ اسٽيشن تي سوڊالمليٽ واري کي سڏ ٿيو. هڪ ئي ڍڪ ۾ ٻن ٻاٽلين پيئڻ بعد محسوس ٿيس ته ٻاٽلين ۾ پوري برف ڪانه هئي. ريلوي انتظام جي دوباره تعريف ٿيڻ لڳي! خوف وچان، سوڊالمليٽ واري ڀائيبند جون اکيون ٻاهر نڪري آيون. نيٺ، مون وچ ۾ پئي، ڊنل ڀائيءَ جي جان ڇڏائي.

هڪ وقت روهڙي ڊويزن جو ڊپٽي ڪليڪٽر مقرر ٿيو. سموريون غير آباد سرڪاري زمينون، ادنيٰ مالڪاڻي تي، آئي وئي ۾ ورهائي ڇڏيائين. سوين ماڻهو سکيا ستابا ٿي ويا. اهو حال ڏسي، سرڪار مورڳو زمينن ڏيڻ جا اختيار ڊپٽي ڪليڪٽرن کان کسي ورتا.

ٻئي وقت تحريڪ ٿي ته زميندارن جي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ خاص ڪاليج کولجي ۽ ان لاءِ چندو گڏ ڪجي. غلام مصطفيٰ خان، پنهنجي تاريخي لڪڻ سان ليس ٿي، چندي گڏ ڪرڻ لاءِ نڪري پيو. ڪنهن کي مجال جو کيس خالي موٽائي! ٿوري ئي عرصي اندر مقرر ڪيل رقم گڏ ٿي ويئي. ان وچ ۾ سندس بدلي بمبئيءَ طرف ٿي. پٺيان ڪاليج ڪونه کلي سگهيو، پر ان رقم ۽ شيخ قادر واري گڏ ڪيل چندي مان ڪراچيءَ اندر مسلمان شاگردن جي رهائش لاءِ هاسٽل تعمير ٿيو، جنهن کي پهرين ”ليسلي ولسن مسلم هاسٽل“ ۽ هينئر ”جناح هاسٽل“ سڏيو پيو وڃي.

عيساڻي ڀائرن جا ڪي خاص اصول هوندا هئا. جن سان دوستي رکيائون، انهن جي خدمت ۽ مدد ڪندي، پنهنجن هٿن ساڙڻ ۽ مفادن کي قربان ڪرڻ کان به پوئتي ڪين پوندا، پر جنهن بدبخت انسان سان پوَت نه پين، اُن جي پاڇي کان به پري پيا ڀڄندا.

مرحوم غلام مصطفيٰ خان جي سرڪاري ملازمت به ان خصوصيت سبب ئي قبل از وقت ختم ٿي ويئي. پاڻ ٿاڻي ضلعي (بمبئي پريزيڊنسيءَ) ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر هو. سنڌ ان زماني ۾ بمبئي پريزيڊنسيءَ سان لاڳو هوندي هئي. ڪيترا سنڌي عملدار مرحوم عيساڻيءَ جي ذريعي بمبئي سيڪريٽريٽ مان پنهنجي اضافي ۽ رڪارڊ وغيره متعلق پيا خبرون هٿ ڪندا هئا. عيساڻي صاحب جا دوست ڪثرت سان هوندا هئا، حتاڪ سيڪريٽريٽ جي ڪانفيڊنشل برانچ به سندس دسترس کان ٻاهر نه هوندي هئي. جا به خبر کيس گهربي هئي، سا انهن دوستن ذريعي آسانيءَ سان معلوم ڪري سگهندو هو. ڪن بد باطن ماڻهن اها ڳالهه وڃي سرڪار تائين پهچائي. چي، عيساڻي صاحب اهڙو ڄار پکيڙيو آهي جو سرڪار جو ڪو به مخفي ڪاغذ کانئس مخفي ڪو نه ٿو رهي، ۽ هر ڪو سنڌي عملدار سندس معرفت پيو پنهنجي رڪارڊ متعلق خبرون گهرائي. هڪ اهڙي ئي بدباطن ماڻهوءَ کي ان ڪم تي رکيو ويو ته هو غلام مصطفيٰ خان معرفت پنهنجي ڪانفيڊنشل رڪارڊ جي ڪاپي هٿ ڪري آڻي سرڪار وٽ پيش ڪري. اهو ماڻهو وڃي غلام مصطفيٰ خان کي چنبڙيو. غلام مصطفيٰ خان، حسب طبيعت، سندس چيو ڪو نه موٽايو. هڪ دوست ذريعي سندس مخفي رڪارڊ جو اصلي نقل وٺي سندس سپرد ڪيائين. اهو نقل وڃي پهتو سرڪار وٽ. فيصلو ٿيو ته سرڪاري رازن جي افشان ڪرڻ واري جرم هيٺ غلام مصطفيٰ خان جي نوڪري ختم.

جا ڳالهه ان سلسلي ۾ خاص طرح سان ڏکوئيندڙ هئي، سا هيءَ ته غلام مصطفيٰ خان پنهنجي عرصي ملازمت اندر هزارن ماڻهو جون مددون ڪيون هيون، ان حد تائين جو ڪو به سوالي وٽانئس خالي ڪونه موٽيو، پر جڏهن خود مٿانئس وقت آيو، تڏهن انهن بدبختن مان ڪنهن هڪڙي شخص به ميدان ۾ نڪري سندس مدد ڪانه ڪئي.

پاڻ به مرحوم سخت خوددار هوندو هو. نوڪريءَ مان خارج ٿي اچي گهر ويٺو ۽ زمينداري ڪم ڪرڻ لڳو، پر پنهنجي باري ۾ ڪنهن به دوست آشنا اڳيان هٿ نه ڊگهيريائين!

غلام مصطفيٰ خان جو ٻيو نمبر ڀاءُ غلام صديق خان ته قطعاً الله لوڪ هو - وڏو عالم ۽ وڏو فلاسفر. پهرين بطور مختيارڪار جي ملازم ٿيو، ۽ ڪجهه عرصي بعد ڊپٽي ڪليڪٽر ٿيو. ملازمت جي سلسلي ۾ ساري سنڌ ڦِريو. ڪڏهن دفتردار، ڪڏهن ڊپٽي ڪليڪٽر، ڪڏهن سٽي ماجسٽريٽ. مختصر دوست رکندو هو، پر جنهن کي دوست سڏيائين ان تي قربان هوندو هو. دوستيءَ جون جوابداريون سختيءَ سان محسوس ڪندو هو، تنهنڪري دوست اوترا ڪندو هو، جن متعلق اُهي جوابداريون نباهي سگهي. راءِ جو سخت هوندو هو، ڪنهن شخص لاءِ راءِ خراب ٿيس ته هميشہ لاءِ خراب ئي رهندس. اُن راءِ جي بنا تي ڪو خاص نقصان به نه پهچائيندس، ڇو ته ڪنهن به انسان کي هٿ وٺي نقصان رسائڻ سندس فلسفي موجب گناهه عظيم هو، پر نه ساڻس دوستي رکندو ۽ نه سندس ويجهو ئي پوندو.

ساري زندگي فلسفيانه هيس. دنيا اندر ماڻهو مسافر آهي، تنهنڪري دنيا سان دل لائڻ جي معنيٰ آهي ذميواريون وڌائڻ، اطمينان قلب ختم ڪرڻ، ۽ قيمتي وقت ضايع ڪرڻ،ماڻهوءَ جي پنهنجي دنيا پنهنجي دل ۽ دماغ اندر آهي، تنهنڪري پنهنجو حال پاڻ سان ئي اورجي، پنهنجو ڏک پاڻ سان ئي ونڊجي. شيون اوتريون ڌارجن، جيتريون زنده رهڻ لاءِ سخت ضروري هجن، ۽ نه ايتري انداز ۾ جو انهن جي حاصل ڪندي ۽ سنڀاليندي ماڻهو خود پريشانيءَ ۾ مبتلا رهي. مال ملڪيت جنجال آهي. اوترو هجڻ ڪافي آهي جو ماڻهوءَ کي انتهائي سادگيءَ سان زنده رهڻ خاطر نه ڪنهن  جي اڳيان هٿ ڊگهيرڻو پوي، نه عزت نفس برباد ٿئي، ۽ نه ڪنهن غلط ڪم ڪرڻ تي مجبور ٿيڻو پوي. وڏائي، تڪبر ۽ غرور بيوقوفيءَ جون علامتون آهن. دنيا ۾ ماڻهو مسافر آهي، پرڏيهيءَ ۽ مسافر کي مغروري ڪرڻ نه جُڳائي.

پنهنجي حياتي ڪيئن گذاريائين، تنهن جو تفصيل ٻڌو.

عام لباس: مٿي تي پراڻو ٽوپلو، جسم تي سستي ڪپڙي جي قميص، ڳچيءَ ۾ سستي ٽائي، هيٺ تي گوڏن تائين خاڪي نِڪر، ڊگها جورابَ ۽ سستي ۾ سستو شوز. سرديءَ جي زماني ۾ اوني ڪوٽ، ۽ ڦٽل رنگ جي ڊگهي پتلون. منهنجي قياس موجب، ساريءَ حياتيءَ اندر ٻن - ٽن جوڙن ڪپڙن کان مٿي نه چوڙيائين.

خوراڪ: سادو ڇِٽو ٻوڙ، ۽ ڪڻڪ جي اڻ مکيل ماني. ڀاڄي ملي ته گوشت جي ويجهو نه وڃبو.

رهائش: هڪ ڪهنه سال ڪرسي پنهنجي ويهڻ لاءِ، ۽ ٻي هڪ - اڌ آئي وئي واسطي. سمهڻ لاءِ سنڌي کٽ، ڪتابن رکڻ لاءِ ٽپائي، لکڻ پڙهڻ لاءِ ميز جو ٽُڪر. نه آرائش نه زيبائش، نه آرٽ نه نمائش.

سواري هميشه ڀاڙي جي ٽانگي ۾ ٿيندي - نه موٽر، نه گهوڙو، نه اُٺ ڌارڻو. نوڪريءَ جي ڪم بعد جيترو وقت بچندس، سو ڪتابن ۽ اخبارن بلي هوندو. در بند ٿي ويندو، ملاقاتين لاءِ ”صاحب گهر موجود ڪونه هوندو“. صحت کي بحال رکڻ لاءِ صبح شام ٻه - چار ميل پنڌ ٿيندو، سو به ڪنهن ويرانيءَ طرف، جت ماڻهو منهن نه پوي. پگهار مان سٺ - ستر رپيا پنهنجي خرچ  لاءِ رکندو، باقي عزيزن خويشن، بيواهه عورتن، يتيم ٻارن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيندو. پنهنجي لاءِ رکيل سٺ - ستر رپين جو پڻ وڏو حصو ڪتابن خريد ڪرڻ تي خرچ ڪندو.

اوائل زندگيءَ ۾ شادي ڪيائين، جنهن مان پٽ ڄائس. گهرواريءَ جي ستت ئي فوت ٿي وڃڻ بعد، وري نه شادي ڪيائين ۽ نه دوباره گهرو زندگي ٺاهيائين. پٽ نوجوان ٿيس، جنهن شادي به ڪئي، پر عين جوانيءَ جي ڦوهه ۾ هڪ حادثي وگهي فوت ٿي ويو. ماڻهن سمجهيو ٿي ته ان صدمي وگهي غلام صديق خان ختم ٿي ويندو، مگر نه پاڻ ختم ٿيو ۽ نه سندس زندگيءَ جي روزاني پروگرام ۾ ڪو فرق آيو. بطور هڪ فلاسفر جي، ان پيالي کي خنده پيشانيءَ سان پِي وڃي مٿي چڙهيو.

رٽائر ڪرڻ کان پوءِ ته ماڻهن سان تعلقات بنهه ٽوڙي ڇڏيائين. سياري جا ڏينهن ڳوٺ بڊهه ۾ رهندو هو، جت هڪ ماڙي ٺهرائي، ان جي مٿئين طبقي ۾ تنها رهڻ، ڪتاب پڙهڻ، ۽ غور فڪر ڪرڻ لڳو. ڪنهن به ماڻهوءَ کي وٽس وڃڻ جي اجازت نه هوندي هئي. وقت تي فقط نوڪر مانيءَ جو ٽڪر ڪُنڊ ۾ رکي ٻاهر نڪري ويندو هو، ۽ ڪجهه وقت بعد وري اچي خالي ٿانوَ کڻي هليو ويندو هو. جاءِ جي ڇت پنجاهه فوٽ ڊگهي هوندي هئي. صبح جو ”واڪ“ به اُن ڇت تي ٿيندو هو، جيئن هيٺ لهڻ سان ماڻهوءَ جي منهن پوڻو نه پوي.

سانوڻ جي موسم ۾ ٺٽي ۾ رهندو هو. سندس هڪ وفادار ملازم هوندو هو، جنهن ساري عمر سندس خدمت ۾ گذاري هئي. ان جو گهر ٺٽي ۾ هو، ۽ پاڻ ان گهر ۾ وڃي رهندو هو. در اُت به بند هوندا. مهينن جا مهينا رهيو پيو هوندو، مگر خبر ڪنهن کي ڪانه پوندي ته ڪو عيساڻي صاحب آيل آهي. هڪ سال ٺٽي ۾ ٻوڏ آئي. سارو شهر پاڻيءَ هيٺ اچي ويو. جايون ڪِرڻ لڳيون. سرڪار ماڻهن کي شهر مان ڪڍي آڻي مڪليءَ تي رهايو. حد جي عملدارن عيساڻي صاحب جي رهائش لاءِ مڪليءَ تي خاص بندوبست ڪيو، پر پاڻ شهر مان ٻاهر نه نڪتو. پاڻي جاءِ کي وڪوڙي ويو، ته ڪتابَ کيسي ۾ وجهي، ويجهو هڪ وڻ تي چڙهي ويهي رهيو. گهڻي وقت بعد ۽ وڏي مشڪل سان کيس ان وڻ تان لاهي، پاڻيءَ مان ڪڍي آڻي سڪيءَ تي ويهاريائون.

انهن ڏينهن ۾ آءٌ روينيو وزير هوس. ٻڌم ته عيساڻي ٺٽي، آيل آهي. سندس ڏسڻ لاءِ دل ۾ اڪير پيدا ٿي. ٺٽي پهچي، سندس رهائش واريءَ جاءِ ٻاهران وڃي بيٺس. در بند. گهڻائي سڏ واڪا ڪيم، پر ڪو به جواب ڪونه آيو. نيٺ موٽر مان لهي دروازي جي چانئٺ تي چڙهي ويهي رهيس. ڪلاڪ - ٻه گذريو، ان کان پوءِ مس مس دروازو کليو ۽ اندر وڃڻ جي اجازت ملي. مون کي ڏسندي، کلي چيائين: ”اڙي سائين، هي ڪهڙا ڪم پيا ڪريو. ڪاٿي اچي نڪتا آهيو. ڇو اهڙي تڪليف ڪئي اٿوَ؟“ ان کان پوءِ گفتگو جو سلسلو شروع ٿيو ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو هلندو. پر اها ساري تقرير يڪطرفي هوندي، اڳلي کي وچ ۾ هڪ اکر چوڻ جو به وجهه ڪونه ملندو. گفتگو گهڻو ڪري سطحي هوندي - گذري ويل انگريزن جا واقعا، زميندارن جا قصا، وقتي حجالات جي اپٽار، وغيره وغيره. نه پنهنجي فلسفيانه کوجنا جا نتيجا ظاهر ڪندو، نه پنهنجا نظريا ٻڌائيندو. خيال هوندو هوس ته ماڻهن ۾ ايترو استعداد ئي ڪونه آهي جو سندس دل جي رازن جا متحمل ٿي سگهن.

هڪ ڀيري مون کيس ڏاڍو تنگ ڪيو، ان لاءِ ته ڪجهه دل جا راز ٻڌائي. مون عرض ڪيو ته ”هزارن ڪتابن پڙهڻ ۽ اڌ صديءَ تائين انساني حالات تي غور ڪرڻ بعد اوهين لازماً ڪن نتيجن تائين پهتا هوندا، جن جي ٻڌڻ کان سواءِ آءٌ اڄ بنهه ڪونه اٿندس.“ گهڻي ڪوشش ڪيائين ته آءٌ ان ضد تان لهان، مگر آءٌ ڪونه مڙيس. آخر مجبور ٿي پڇيائين.

”نيٺ اوهين ڇا ٿا معلوم ڪرڻ گهرو؟“

”ايتري غور ۽ فڪر بعد، انساني زندگيءَ متعلق ڪهڙيون مکيه حقيقتون اوهان کي محسوس ۽ معلوم ٿيون؟“

”مون اهو ڏٺو ته ماڻهو مرونءَ کان بدتر آهي. مرون مرندي مري ويندو، پر زندگيءَ ۽ فطرت جي معين اصولن تان ڪڏهن ڪونه هٽندو. مقابلتاً، انسان ڪنهن به اصول جو پابند ڪونه آهي. اوهان کي ڪڏهن به يقين رکڻ نه گهرجي ته کانئن ڪهڙي وقت تي ڪهڙي خرابي ۽ ڪهڙي بيهودگي واقع ٿئي ٿي. ٻي ڳالهه جا مون ڏٺي، سا هيءَ ته انسان جي اميد اڻکٽ آهي. بطور ماجسٽريٽ جي. پنهنجيءَ زندگيءَ اندر مون تقريباً پنج سؤ ماڻهو ڦاهيءَ تي چڙهندي ڏٺا. منجهانئن هر هڪ کي آخري گهڙيءَ تائين اها اميد هئي ته ڪو نه ڪو اهڙو واقعو ضرور ٿيندو، جنهنڪري هو ڦاسيءَ تان بچي ويندو. جيڪڏهن قدرت انسان جي دل کي اميد جي ايڏن خزانن سان مالا مال نه ڪري ها ته هوند انسان جي دل ڦاٽي پوي ها ۽ انسانذات جي اڪثريت جيئري رهي ئي ڪا نه سگهي ها.

پنهنجي وزارت جي زماني ۾ مون کيس گهڻيون ئي منٿون ميڙيون ڪيون ته هو وري ڪا سرڪاري مشغولي اختيار ڪري. توڙي جو پاڻ اصلي ملازمت جو مقرر عرصو پورو ڪري اڳ ۾ ئي پينشن وٺي چڪو هو، تنهن هوندي به آءٌ تيار هوس ته کيس دوباره مقرر ڪري ڪليڪٽريءَ جي پايي جو ڪو عهدو ڏيان، جيئن مشغوليءَ سان گڏ سندس آمدنيءَ ۾ به ڪجهه اضافو ٿئي. پر پاڻ ان ڳالهه لاءِ تيار ڪونه ٿيو. چي، “پنهنجي حياتيءَ جي ٽائيم ٽيبل ۾ وڌيڪ نوڪريءَ لاءِ وقت ڪونه بچيل آهي. شيطان جي ڏر مان هڪ دفعي ٻاهر نڪري اچڻ بعد، ڪنهن جي دل گهرندي ته ساڳئي ڏر ۾ وري گهڙي، دوباره شيطان جي غلاميءَ جو ڳٽ پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهي؟“

سندس مطالعو بلڪل وسيع هو. اخبارن جو اکر اکر پڙهندو. جو ٽڪرو دلچسپ نظر ايندس، سو ڪاٽي ڪتابن تي چنبڙائيندو. ڪتاب هر مهيني نوان نوان گهرائيندو رهندو. خاص طرح سان ٽن مضمونن سان ڪافي دلچسپي هوندي هيس:

(1) شيڪسپيئر جو ڪلام، (2) راڻي وڪٽوريا جي زندگي ۽ سندس تحريرون، (3) برٽش ارسٽو ڪرسي (British Aristocracy) جا حالات.

شيڪسپيئر کي سڀ کان وڏو مفڪر سمجهندو هو. چوندو هو ته شيڪسپيئر جي ڪلام اندر ڪائنات جي هر راز جي ڪنجي موجود آهي. جنهن شخص شيڪسپيئر پڙهيو ۽ سمجهيو، ان کي ٻئي ڪنهن ڪتاب پڙهڻ يا معلومات جي ذريعي پٺيان وڃڻ جي ضرورت ڪانه هجڻ گهرجي.

ستر سال جي عمر کي پهتو ته ڪتاب وغيره. اڇلائي ڦٽا ڪيائين. چي، هاڻي موت اچڻ گهرجي، ڇو ته ستر ورهين کان مٿي زندهه رهڻ جي ضرورت ڪا نه آهي. بيمار ٿيو ته ڊاڪٽر وغيره کي پاڻ ڏيکارڻ کان نابري واري ويهي رهيو. عزيزن قريبن لاءِ مصيبت ٿي ويئي. گهڻيون ئي ڪوششون ڪيائون ته زندگيءَ ۾ سندس دلچسپيءَ کي قائم رکن. پر بظاهر پاڻ به تندرست تنومند، مگر حياتيءَ جي معلومات قطعاً ڇڏي ڏنائين. سندس ڀاءَ، غلام مرتضيٰ خان، بڊهه مان ڪڍي آڻي ڪراچيءَ رهايس. ٿورن ئي ڏينهن ۾ ڪري اکيون ٻوٽيائين. صبح جو خبر ملي ته مسافر سفر ختم ڪري وڃي پنهنجيءَ آخريءَ منزل تي رسيو - انالله و انا اليہ راجعون. حياتي اهڙي صاف حالت ۾ گذاريائين، جيئن بلور جي شڪل.

ٽيهه - پنجٽيهه ورهيه ماجسٽريٽ ٿي رهيو، پر هڪ ڀيرو به اها شڪايت نه ڏنائين ته سندس هٿان ڪنهن سان بي انصافي ٿي.

ساڳيو عرصو روينيو آفيسر به رهيو، مگر پئسو وٺڻ ته درڪنار، ڪنهن جي ماني به نه کاڌائين. رهڻيءَ ڪرڻيءَ جو انداز ايتريقدر سادو رکيائين، جيترو بنهه جيئري رهڻ لاءِ ضروري هو.

پنهنجي پگهار جو وڏو حصو مخفي طرح حاجتمندن ۾ ورهائيندو رهيو، ۽ اها خبر ڪڏهن به نه ظاهر ڪيائين ته ڪنهن کي ڏيندو رهيو ۽ ڪيترو.

وقت سمورو حصول علم، غور و فڪر، ۽ پنهنجن رازن کي پاڻ سان اوريندي بسر ڪيائين. انسانذات سان اهڙو لاڳاپو ئي ڪو نه رکيائين، جو ڪنهن به وقت انهن جي بيوفائين يا غمزن جو شڪار ٿيڻو پويس.

فرض سمورا نباهيائين - حڪومت جا، ماڻهن جا، عزيزن جا، دوستن جا. ڪنهن جو به پاءُ پاڻيءَ جو پاڻ ڏانهن رهڻ نه ڏنائين.

خود داريءَ ۽ عزت نفس کي قائم رکندي، ڪنهن جي به اڳيان حاجتمند بڻجي نه ويو. نه اميد رکيائين، نه مرادن جي منجڌار ۾ پنهنجي زندگيءَ جو ٻيڙو مبتلا ڪيائين. هڪ مختصر اصول تي هليو، ۽ اُهو هو:

”نامراديءَ جي نجهري، پيهي پس الله!“

موت کي تڇ برابر نه سمجهيائين. هن دنيا مان ائين ئي روانو ٿي ويو، جيئن ڊپٽي ڪليڪٽريءَ واري زماني ۾ هڪ هنڌان منزل پٽي ٻيءَ منزل طرف روانو ٿيندو رهندو هو.

الله تعاليٰ بي نياز بادشاهه آهي. وٽس اَگهي ته پاءُ، نه ته مڻ به موٽيا وڃن. پر مون کي يقين آهي ته غلام صديق خان جهڙو قلندر، حيات بعدالممات اندر، حورن جي هنج ۾ هوندو.

اها ٻي ڳالهه آهي ته جيئن خاڪي زندگيءَ اندر خاڪي حورن جي پاڇي کان به ڀڄندو رهيو، تيئن روحاني حورن جي همسائگيءَ کي نامنظور ڪيو هجيس!

*            *             *

ڊکڻ خاندان جو ٻيو مرڪز، جيئڻ مٿي ذڪر ڪيو اٿم، ڳوٺ عبدالرحيم ڊکڻ ۾ هو. اتي ٽي شخص ناميارا پيدا ٿيا.

غلام قادر خان مرحوم منهنجي وقت کان گهڻو اڳ گذاري ويو. ڏاڏو مرحوم بيان ڪندو هو ته بطور دوست جي، غلام قادر پنهنجو مَٽ پاڻ هو- وفادار، وضعدار، ۽ باوقار هو. غلام قادر خان جو وڏو فرزند، خانبهادر شاهنواز خان مون به ڏٺو. مرداني حُسن ۾ سندس همپايي ٻيو ماڻهو مون اڄ تائين ڪونه ڏٺو. ڏاڙهي چاپئين، ائين پئي نظر ايندي، ڄڻ جنڊيءَ تان لٿل آهي. قدبُت موزون. هٿ - پير جو پوان ۽ خوبصورت، وار وڏا. ڪپڙا پهريندو ته هر گهڙيءَ گهوٽ پيو نظر ايندو. ڳالهائيندو ته موتي پيا جهڙندا. هڪ دفعو ڪنهن سان ڳالهايائين ته اڳلو عمر تائين موهجي ويو. وقت جا عملدار، خاص طرح انگريز ته مورڳو مٿس ڇڪن هوندا هئا. پهرين ”خانصاحب“، ۽ ٿوري وقت بعد ”خانبهادر“ بڻايائونس. اسپيشل ماجسٽريٽيءَ جا پاور ابتدا کان ڏنل هئس. وٽس نه وڏو راڄ هو، جنهن جو پاڻ سردار هجي، نه پنهنجن همعصر زميندارن جاگيردارن جي مقابلي ۾ ڪا اڻکٽ جائداد: سندس اصلي سرمايو هو سندس ذهن، سندس انداز گفتگو، سندس وڻندڙ شخصيت (Personality)، ۽ سندس طريقه ڪار، جنهن جو بنياد هو سنجيدگيءَ ۽ معامله فهميءَ تي. دشمني ڪنهن سان نه ڪندو، جهيڙي فساد کان قطعاً ڪنارو، هٿ صاف، جا ڳالهه ڪندو سا صحيح ۽ صاف، جيئن مُنڊيءَ تي ٽِڪ، ڳُوڙهائي ۽ ڇيڳرائي دوستيءَ ۾ به ڪانه.

حياتيءَ وفا ڪانه ڪيس. شايد پنجٽيهن ورهين جي عمر ۾ انتقال ٿيس. هڏڪيءَ جي مرض ۾، جنهن جو علاج وقت جي وڏن وڏن حڪيمن ۽ ڊاڪٽرن کان به ٿي ڪونه سگهيو. منهجي ڏاڏي مرحوم جو دلي دوست هوندو هو. سندس بيماريءَ جي زماني ۾ ڏاڏو مرحوم اڪثر وقت سندس قريب رهيو. پويان ڏينهن دِل جهلي نه سگهيو، موٽي گهر آيو. مون کي اهو صبح چڱيءَ طرح ياد آهي، جڏهن خبر آئي ته شاهنواز خان گذاري ويو. ڏاڏو مرحوم پنهنجيءَ جاءِ تي صبر، سنجيدگيءَ ۽ وقار جو هماليا پهاڙ هوندو هيو، وڏي کان وڏي صدمي جي باوجود سندس چهري مان پريشاني هرگز ظاهر نه ٿيندي هئي. ان ڏينهن پاڻ باغ ۾ ٽهلي رهيو هو. پاڻ اڳ ۾، آءٌ سندس پويان. گلابن جي ٻوٽن سان خاص پيار هوندو هوس. هر ٻوٽي مٿان بيهي، ٽڙيل مکڙين جو معائنو ڪندو ٿي هليو. ٻاهران پورهيت اچي خبر ڏني ته ڊکڻن کان ماڻهو آيو آهي، جيڪو چوي ٿو ته شاهنواز خان گذاري ويو. ڏاڏي مرحوم جيئن نوڙي بيٺي هڪ گل کي هٿ لاتا، تيئن سندس اکين مان ٻه ڳوڙها ڳڙي وڃي ان گل جي پتين مٿان پيا.

دل جو معاملو هو- گل ٻُڌو ۽ بس.

مرحوم خانبهادر شاهنواز خان جا ٻه ملازم خاص طرح سان قابل ذڪر آهن: حوالدار احمد ڊکڻ، ۽ منشي علي بخش. مون ٻيئي ڏٺا.

حوالدار احمد جي صورت حشمت واري، قداور، ڏاڙهي راجپوتن وانگر وڏي ۽ وچ مان چيريل، مٿي تي خاڪي يا سفيد پٽڪو، ٻاهر نڪرندو ته برجس يا شلوار مٿان پٽيون ٻڌندو. پنهنجي آقا جو نه فقط معتمد خاص هو، پر بطور انسان جي به قابل اعتماد. هر وڏي ماڻهوءَ وٽ، انهن ڏينهن ۾، هڪ معتمد ۽ معزز ملازم هوندو هو، جيڪو نه فقط ملازمن جي حلقي اندر ممتاز ۽ معتبر هوندو، پر پنهنجي آقا جي هر مخفي ۽ نازڪ راز جي سانڍڻ جو پڻ اهل هوندو هو. ڪنهن دوست آشنا ڏانهن ڪو مخفي حال موڪلڻو هوندو هون ته ان قسم جا ملازم زباني طور کڻي ويندا هئا. دستي خط ۾ فقط ايترو لکيو ويندو هو ته ”فلاڻو معتمد خاص احوال ساڻ اچي ٿو، سندس چئي کي معتبر سمجهندا“. حوالدار احمد، شاهنواز خان پاران اهڙن ئي ڪمن تي مقرر هوندو هو. ڏاڏي مرحوم وٽ اڪثر ايندو رهندو هو. پنهنجي آقا جي ”ٽيپ رڪارڊر“ هو. شاهنواز خان جي ڏنل پيغام مان، مجال آهي جو هڪ اکر هيٺ مٿي ٿئي، ۽ بيان به اهڙيءَ سنجيدگيءَ، نفاست ۽ نزاڪت ساڻ پيو ڪندو هو، ڄڻ خود شاهنواز خان پاڻ پيو ڳالهائي.

منشي علي بخش لکپڙهه ۽ مئجسٽريٽي ڪاروبار جي سلسلي ۾ سرشتيداريءَ جو ڪم ڪندو هو. ڊگهي اڇي ڏاڙهي، مولوياڻو نمونو، خط خوبصورت، طرز نگارش عالمانه ۽ دور انديشيءَ سان ڀريل. فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو، علم مجلسيءَ جو ماهر. سندس هڪ بياض مون کي هٿ آيو، جو بعد ۾ مون محمد حنيف وڪيل کي ڏنو. اهو ڪتاب مجموعو هو مثالي شعرن، بزرگن جي قولن ۽ تاريخي ڳالهين جو. سنڌ جي اڳوڻي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وصيت، ”منشور الوصيت و دستور الحڪومت“، ڪيتري عرصي کان اڻلڀ ٿي ويئي هئي، سا مون کي ان بياض مان ملي. بياض تي نالو رکيو هئائين ”روح رهاڻ“، ۽ هو به واقعي ”روح رهاڻ“ مرحوم ناس جا ٻڪ ڏيندو رهندو هو، جنهن جي نشان سان نه فقط سندس وڏو رومال چٽيل رهندو هو، مگر عينڪ کان وٺي پيرهن ۽ شلوار تائين سندس ان عادت جي غمازي ڪندا ٿي رهيا.

*      *      *

شاهنواز خان مرحوم جو ٻيو نمبر ڀاءُ، خانبهادر محمد پناهه خان ڊکڻ هو، جو منهنجو همعصر هو، ۽ جنهن جي زندگيءَ جي اقبال جي بهار خواهه  خزان منهنجي اکين اڳيان ٿي گذري. ڀاءُ جي انتقال بعد، محمد پناهه خان خاندان جي سياسي ميراث کي نه فقط سنڀالڻ شروع ڪيو، پر ان کي وڏي ترقي وٺارايائين. زماني به ڦِرڻ شروع ڪيو. 20 - 1919ع ۾ آئيني سڌارا آيا، بمبئي ڪائونسل ۽ هندستان جي اسيمبليءَ جون نيون چونڊون ٿيون. محمد پناهه خان آسانيءَ سان بمبئي ڪائونسل جو ميمبر چونڊجي ويو. انهن ڏينهن ۾ اڃا ووٽ لڳ لاڳاپي تي ويندا هئا. نه سياسي پارٽيون پيدا ٿيون هيون، نه رشوتخوريءَ ۽ دغا دولاب تي ماڻهو هريا هئا. ڪو خاندان اميدوار ڪنهن جي در تي لنگهي ويو ته ڇيهه ٿي ويندو، دنيا هيٺ مٿي ٿي وڃي پر هڪ دفعي جو ڏنل واعدو ڪونه ڦرندو هو. محمد پناهه خان جي گهر جو اڳ ۾ ئي ڪافي اثر هو، ضلعي جي ماڻهن گهڻو ڪري سندس چٺين چپاٽين تي ئي کيس ووٽ ڏنا.

اهو زمانو مون کي به چڱيءَ طرح ياد آهي. محمد پناهه خان بمبئي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بمبئيءَ روانو ٿيو، هلندي ڏاڏي مرحوم کي به بمبئيءَ اچڻ جي دعوت ڏيئي ويو. ڏاڏو مرحوم هليو، ته مون کي به ساڻ وٺي ويو. اهو پهريون دفعو هو جو مون بمبئي ڏٺي.

ڳوٺان ريل ۾ سوار ٿي حيدرآباد پهتاسون. اتان شام جو بمبئي - ميل، جنهن کي عام ماڻهو ”راجا جي گاڏي“ سڏيندا هئا (ان ڪري جو اها لائين جوڌپور ۽ بيڪانير رياستن جي هوندي هئي)، ۾ چڙهياسون. صبح ٿيو ته جوڌپور رياست جا پَٽ اکين اڳيان هئا. ميلن ۾ سائو گاهه ئي گاهه، هنڌ هنڌ هرڻن جون ”ڊارون“. جيستائين اک ٿي پهتي، اوستائين اهو بهشتي نظارو نظر ٿي آيو. پهرين ”مارواڙ پالي“ جي اسٽيشن آئي. ڏاڏي مرحوم اسٽيشن جي قريب، ڪنهن زماني ۾، شڪار ڪيا هئا. پاڻ پلئٽفارم  تي لهي، ڪن واقف ماڻهن سان مليو ۽ کانئن هرڻن متعلق حال احوال ورتائين. اتان هلي. ”مارواڙ جنڪشن“ تي آياسون. اهو پڻ ڏاڏي مرحوم جي شڪارن جو خاص مرڪز هو. گهڻو ڪري هر سال اچي مارواڙ جي ڊاڪ بنگلي ۾ منزل ڪندو هو، ۽ هر روز اتان اٿي، بيل گاڏيءَ ۾ چڙهي وڃي پسگردائيءَ ۾ شڪار ڪندو هو. ان علائقي سان مرحوم جي بيحد محبت هوندي هئي. ننهي خان نالي سان سندس شڪاري هوندو هو. اسٽيشن تي پهچڻ شرط، ماڻهو موڪلي ان کي گهرايائين. ساڻس اهو بندوبست ڪيو ويو ته بمبئيءَ کان واپسيءَ تي اتي لهي شڪار ڪبو. مارواڙ اسٽيشن جي رفريشمينٽ - روم جا ”ڪَڙهي چانور“ مشهور هوندا هئا. اهي کائي، وري ريل ۾ روانا ٿياسون. چئين بجي ڌاري گاڏي ”اَبو روڊ“ اسٽيشن تي آئي.  اتي هڪ پوڙهو نانوائي هوندو هو، جنهن جو ٻوڙ، اڦراٽا ۽ ڪباب ايتريقدر لذيز هوندا هئا. جو ماڻهو سارو ڏينهن پري کان ان غرض سان بکيا هليا ايندا هئا ته اَبو پهچڻ بعد ان پوڙهي وٽان ماني وٺي کائين. گاڏيءَ بيهڻ شرط، مسافر پوڙهي جي ديڳڙن مٿان پرٽجي پوندا هئا. اسين به خالي ٿانوَ کڻي ان هجوم ۾ شامل ٿي وياسون. واري اچڻ تي اسان کي به ڪوٽا ملي، جا وٺي آڻي پاڻ وٽ رکيسين ۽ رات ويلي کائي پوري ڪئي سين. ان ڏينهن ۽ اڄوڪي ڏينهن جي وچ ۾ تقريباً اٺٽيهه سال گذري ويا آهن، مگر ان طعام جي لذت اڄ به محسوس ٿي رهي آهي. آءٌ دعويٰ سان چوان ٿو ته جيڪڏهن اڄ به دستر خوان تي هزارن طعامن سان ملائي آڻي ان پوڙهي جو رڌل ٻوڙ، اڦراٽا يا ڪباب اڳيان رکندا، ته آءٌ آسانيءَ سان انهن کي سڃاڻي ٻاهر ڪڍي ويندس. اهڙي هئي لذت، پوڙهي جي تيار ڪيل طعام ۾!

سج لٿي بعد گاڏي احمد آباد پهتي، اتان وري ٻيءَ ٽرين ۾ سوار ٿياسون. صبح ويلي بمبئيءَ جي گرانٽ روڊ اسٽيشن تي اچي لٿاسون (بعد ۾ گرانٽ روڊ اسٽيشن کي ڊاهي، ان جي جاءِ تي نئين اسٽيشن، ”بمبئي سينٽرل“ جي نالي سان تعمير ڪئي اٿن). بمبئيءَ ۾ موٽرن جو رواج اڳ ۾ ئي پئجي چڪو هو، پر اڃا تائين عام ڪونه ٿيون هيون. ٽئڪسيون ته مورڳو هيون ئي ڪين. بمبئيءَ جي سواري هوندي هئي وڪٽوريا گاڏي. اسين به هڪ وڪٽوريا هٿ ڪري، منجهس چڙهي اچي اورينٽ هوٽل ۾ لٿاسون. اها هوٽل ڪرافورڊ مارڪيٽ جي سامهون، شهر جي بلڪل وچ ۾ هوندي هئي. ٽن رپين ڏهاڙيءَ تي ڊبل ڪمرو مليو. ان زماني ۾ هوٽلن جا اگهه ايتريقدر گهٽ هوندا هئا جو بمبئيءَ جي تاج محل هوٽل جو بهترين ڪمرو فقط ستاويهن رپين روز تي پيو ملندو هو.

بمبئيءَ جو شان ڏسڻ وٽان هوندو هو. آءٌ هيستائين دنيا جا گهڻا شهر ڏسي چڪو آهيان، پر مون کي موجوده دور اندر اهڙو ٻيو ڪو شهر نظر ڪونه آيو آهي، جنهن جي هلچل يا فضا انهن ڏينهن جي بمبئيءَ جهڙي هجي.

فورٽ ايريا ۾ لنگهبو هو ته عمارتون خواهه دڪان ڏسي ڏند چپن سان لڳيو ويندا هئا. مقابلتاً اڄ لنڊن جي ”ويسٽ ائنڊ“ به قبرستان پئي معلوم ٿئي. وائٽ وي ليڊ لا، آرمي ائنڊ نيوي اسٽور، ايوانز فزيزر، اسڪوئٿ ائنڊ لارڊ جي دڪانن (ڊٽارٽمينٽل اسٽورن) ۾ قدم رکڻ کان پوءِ ائين پيو محسوس ٿيندو هو، ڄڻ ماڻهو بهشت برين جي ڪنهن خاص ڪنڊ ۾ پهچي چڪو آهي. ڇا سامان جي ڪثرت، ڇا سامان رکڻ جي ترڪيب، ڇا خوشبو“! جا شي گهرو، سا موجوده. نه قيمت ۾ ڦير، نه هڪ شي ڏيکاري ٻي شي ڏيڻ جو رواج. دڪانن ۾ ڪم ڪرڻ وارا انگريز. کين ڏسيو سنڌ جا ڪليڪٽر ۽ ڪمشنر ياد اچيو ويندا هئا - ۽ اسان ماڻهن کي ته انهن انگريزي دڪاندارن سان به ساڳيءَ طرح ادب سان ئي ڳالهائڻو پوندو هو. جنهن ڏينهن کلي ڳالهائيندا هئا ته ان ڏينهن ۾ اشتها ۾ خاص اضافو ٿي ويندو هو.

فورٽ ايريا مان لنگهي، اپالو بندر تي پهچبو هو. تاج محل هوٽل ۾ پير رکندي ته ڏڪڻي وٺيو ويندي هئي، تنهنڪري ٻاهران ئي بيهي ان جي شان جو داد ڏبو هو. شام وقت، هوا خوريءَ خاطر، بمبئيءَ جو سارو حسن هڪلجي اچي ان اپالو بندر تي جمع ٿيندو هو.

ڪرافورڊ مارڪيٽ پڻ ڏسڻ وٽان هوندي هئي. هر قسم جي شين جا دڪان، وسعت جو اهڙو عالم، جو منجهس هلندي ماڻهو ٿڪجيو پوندو هو.

مارڪيٽ سامهون ڦُٽندي هئي محمد علي اسٽريٽ، جنهن تي وڏا وڏا بندوقن جا دڪان هوندا هئا. مثلاً محمد علي نُور ڀائي، احمد علي نُور ڀائي، غلام حسين علي ڀائي، بمبئي آرمري، وغيره. قسمن قسمن جا هٿيار موجود، ۽ اڄ وارين قيمتن جي مقابلي ۾ ڄڻ ڦلن جي مٺ تي پيا وڪامندا هئا.

بمبئيءَ تي ان سطحي نظر ڦيرائڻ بعد، محمد پناهه خان جي وٿاڻن ڏانهن ورجي ٿو. محمد پناهه خان، ۽ ساڻس گڏ ٻه - چار ٻيا سنڌي ڪائونسل ميمبر، بيرامجي هال نالي هڪ جاءِ ۾ رهيل هئا، جنهن جو انتظام سرڪار طرفان ٿيل هو. جن ٻين صاحبن سان انهن ڏينهن ۾ پهريون دفعو ملاقات ۽ واقفيت ٿي، سي هئا خانبهادر قيصر خان بوزدار، خانبهادر غلام محمد خان اسراڻ، ۽ خانبهادر امام بخش خان جتوئي (نوابشاهه ضلعي وارو). اهي سڀ صاحب ڪائونسل جا ميمبر هئا، ۽ ساڳئي بيرامجي هال ۾ رهيا ٿي.

محمد پناهه خان جو رعب تاب قابل ديد هو. سنڌي ڪپڙن تي بو - ٽائِي ٻڌڻ انهن ڏينهن کان شروع ڪئي هئائين، جا تمام سهڻي لڳيس ٿي. هيٺتي پندرهن - ويهن والن جي شلوار، انگريزي طرز جي قميص، ”اسڪوئٿ ائنڊ لارڊ“ جو سبيل سفيد چائنا سلڪ جو شارٽ ڪوٽ، پيرن ۾ انگريزي طرز جو شوز، مٿي تي زريءَ سان بنارسيءَ جي پڳ: جنهن ڏٺس ٿي، تنهن سمجهيو ٿي ته ڪنهن رياست جو والي آهي. پنهنجي هلڻي چلڻي به اهڙي ئي کڙڪي سان هيس. مهمانداريءَ جو مَلهه، جو ماڻهو هٿ چڙهندس، تنهن کي وٺي وڃي ڪنهن نه ڪنهن وڏي ريسٽورانٽ ۾ ماني کارائيندو. انگريز عملدارن ۾ وڏي هلندي هيس. سندس ڀاءُ مرحوم شاهنواز خان جا واقف آفيسر اڃا ويٺا هئا، تنهنڪري هر هنڌان کيس عزت ۽ مانُ ملندو رهيو ٿي.

هڪ دفعي بمبئي وڪٽريا ٽرمينس ريلوي اسٽيشن ڏيکارڻ لاءِ وٺي هليو، انهن ڏينهن ۾ اها اسٽيشن اڃا نئين ٺهي هئي. اڳ ۾ ان اسٽيشن جو نالو هوندو هو ”بوري بندر“ اسٽيشن. اسٽيشن جي ريسٽارنٽ ۾ ماني کارايائين. هڪ ڪورس چيز ۽ ٽوسٽ جو هو. مون کي خبر ڪانه هئي ته ”چيز“ (Cheese) ڇا بلا ٿيندي آهي. ذرو کڻي وڌم  وات ۾ پوءِ ته الٽيءَ جهڙو حال ٿي ويو. ڪجهه وقت تائين ته طبيعت تي زور وجهيو اها بلا منهن ۾ جهليو ويٺو رهيس، پر آخر مجبور ٿي، اتان کسڪي وڃي پري رکيل گلن جي هڪ ڪونڊيءَ ۾ ٿوڪاري آيس. ان کان پوءِ گهڻن سالن تائين وري ڪڏهن چيز جي ويجهو ڪونه ويس. اسٽيشن، اسٽيشن نه هئي، پر بمبئي شهر اندر هڪ ٻيو نئون شهر قائم ڪيل هو. ڀانت ڀانت جا ماڻهو، اڌ - اڌ ڪلاڪ اندر هندستان جي ڪنهن نه ڪنهن طرف کان ٽرين آئي ٿي - بين الاقوامي ميلي جو سمان هو.

بمبئيءَ جي سيڪريٽريٽ پڻ ڏٺي سون. عمارت قدري پراڻي هئي، پر گهٽتائي منجهس ڪنهن شيِّ جي ڪانه هئي. ريزيڊنسيءَ جو سارو انتظام اتان ٿي هليو. مگر ظاهري طرح ايتريقدر خموشي طاري هئي جو ائين پئي سمجهڻ ۾ آيو، ڄڻ ڪو ماڻهو ئي منجهس ڪونه آهي. ايگزيڪيوٽو ڪائونسلر ته وڏي شي هئا، پر سيڪريٽريٽ جا چپراسي (اڇن ۽ ڳاڙهين وردين ۽ سونهري ڪمربندن سان ليس، جن جي چيلهه سان خنجر پئي لٽڪيا) ڏسيو ڏڪڻي وٺيو ٿي ويئي.

ڪجهه ڏينهن بمبئيءَ ۾ رهي، واپس ورياسون. محمد پناهه خان، خانبهادر غلام محمد خان اسراڻ، ۽ خانبهادر امام بخش خان جتوئي به اسان سان گڏ نڪتا. رستي ۾، شڪار ڪرڻ جي ارادي سان، اچي مارواڙ جنڪشن تي لٿاسون. اسٽيشن جي ڀر ۾ ڊاڪ بنگلو هوندو هو. سارو لڏو هلي ان ۾ لٿو. مقامي شڪاري اچي ويا. جُوءِ جي خبرچار ورتي ويئي. ٻئي ڏينهن جو پروگرام رٿيو ويو.

صبح جو شڪاري ٻن پارٽين ۾ ورهائجي، بيل گاڏين ۾ سوار ٿي، روانا ٿيا. ڏاڏو مرحوم، محمد پناهه خان ۽ آءٌ، هڪ ئي بيل گاڏيءَ ۾ چڙهياسون. ڏاڏي مرحوم پنهنجي رائيفل محمد پناهه خان کي ڏني ۽ پاڻ هٿين خالي هليو. مون کي 30 - 32 بور جي هڪ يڪنالي، ٽاپ ليور رائفل مقامي شڪاريءَ کان وٺي ڏنائين. جوڌپور رياست ۾ بغير ليسن هٿيارن رکڻ جي آزادي هوندي هئي، تنهنڪري عام کان عام ماڻهن وٽ به چڱا چڱا هٿيار هوندا هئا. مون اڳ ڪڏهن به هرڻ تي گولي ڪانه ڇوڙي هئي. عمر ۾ اهو پهريون دفعو هو جو هرڻن جي شڪار تي وڃڻ جو اتفاق ٿيو. هلندي، ڏاڏي مرحوم سمجهاڻي ڏني ته ”بابا، هي شڪار محمد پناهه خان لاءِ آهي، جو اسان جو مهمان ٿيو پيو هلي. تون گولي نه ڇوڙجان“، مبادا تڪڙ ڪري مهمان جو شڪار خراب ڪري وجهين.“

محمد پناهه پلٿي ماري بيل گاڏيءَ ۾ ويهي رهيو. اڳتي هلي، بندوق ۾ ڪارتوس وڌائين. شهر کان اڃا اڌ ميل کن مشڪل سان ٻاهر ويا هئاسون ته هڪ هرڻ گاهه ۾ بيٺل نظر آيو. بيل گاڏي ڦيرائيندي ڦيرائيندي وڃي ويجها پياسونس. محمد پناهه خان کي تيار ٿيندو ڏسي، چوريءَ چوريءَ، مون به پنهنجي يڪناليءَ ۾ ڪارتوس وڌو. مناسب جاءِ تي گاڏي روڪي ويئي. محمد پناهه خان جي گولي ڇٽي، پر هرڻ تندرست تنومند حالت ۾ ڀڄي نڪتو. ڀڄندي هرڻ تي نظر وٺي مون به ڪري گولي ڇوڙي، گردن ۾ لڳيس، ۽ هرڻ بولاٽيون کائيندو وڃي ڪريو. ظاهراً ته واه واه ٿي ويئي. محمد پناهه خان چيو:

”پير شاهه سائين، علي محمد شاهه ته هاڻي ئي پيو ڀڄندا هرڻ ماري.“

”مون ته روڪيو هوس، پر ڇوڪرو تڪڙو آهي.“

”روڪڻ اجايو هوس، جيڪڏهن علي محمد شاهه گولي نه هڻي ها ته هرڻ هونئن به ڀڄي وڃي ها“.

ٻاهران ٻاهر ته محمد پناهه خان اهڙيءَ وسيع القلبيءَ جو اظهار فرمايو، مگر اندرون اندر طبيعت بي مزي رهيس. ان کان پوءِ وري بندوق مون ڪانه هنئي، هرڻ محمد پناهه خان کان به ڪونه مئو. گهمي ڦري، شام جو ڊاڪ بنگلي تي موٽي آياسون. محمد پناهه خان جي گسڻ ۽ منهنجي هرڻ مارڻ جو واقعو موضوع بحث بڻجي پيو. مرحوم امام بخش خان جتوئي سخت با مذاق انسان هوندو هو. محمد پناهه خان مرحوم تي خوب ٽوڪون ۽ چٿرون ڪندو رهيو.

پنهنجي علائقي اندر محمد پناهه خان وڏو ڌاڪو پيدا ڪيو. ڀاءُ جي مرڻ بعد اسپيشل ماجسٽريٽيءَ جا پاور کيس ملي چڪا هئا. وڏي رعب سان ڪورٽ جو ڪم هلائيندو هو.

بمبئي ڪائونسل جي ميمبريءَ جو ٽرم پورو ٿيس، ته محمد پناهه خان انڊين سينٽرل اسيمبليءَ جو ميمبر منتخب ٿيو. ان زماني اندر زميندارن جو مارو بمبئي ڪائونسل جي ميمبريءَ تي هوندو هو، ڇو ته مقامي معاملن جو واسطو پراونشل سرڪار ۽ پراونشل ڪائونسل سان هوندو هو، ۽ سينٽرل اسيمبليءَ ڏانهن ڪنهن جو توجهه ڪونه هوندو هو. ڪيترن بمبئي ڪائونسل جي ميمبرن کي سينٽرل اسيمبليءَ جو پورو نالو وٺڻ به ڪونه ايندو هو. هڪ دفعي محمد پناهه خان پاڻ ذڪر ڪيو ته ورڪ ڪندي جڏهن بمبئي ڪائونسل جي هڪ وڏيري ميمبر وٽ پهتو ۽ کيس پنهنجو مقصد ٻڌايائين، تڏهن ميمبر صاحب اظهار راءِ فرمايو:

”اها ايسلمبي ڪهڙي بلا آهي؟ ميان، ايڏي تڪليف ته ڪائونسل لاءِ وٺين ها ته چڱو ٿئي ها“.

ان سال جي چونڊيل ”ايسلمبي،“ جنهن جو سنڌ پاران ميمبر محمد پناهه خان چونڊجي ويو، هندستان جي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي اسيمبلي ٿي گذري. جواهر لال نهرو جو پيءَ، پنڊت موتي لال نهرو، ڪانگريس پارٽيءَ جو ليڊر بڻيو. هندستان جي تاريخ ٺاهيندڙ سمورا ماڻهو، سواءِ هڪ مهاتما گانڌيءَ جي، ان جا ميمبر هئا: مثلاً، پنڊت مدن موهن مالويا، لالا لاجپتراءِ، مسٽر جناح، ۽ ٻيا ڪيترا عظيم مرتبي جا ليڊر. نئين دهليءَ جي شهر، نئين وائسريگل لاج، نئين سيڪريٽريٽ ۽ نئين اسيمبلي چيمبر جو افتتاح پڻ ان سال ئي ٿيو. اُن نئينءَ چونڊيل اسيمبليءَ جو پهريون اجلاس ان نئينءَ عمارت ۾ ٿيو. اهڙي تاريخي موقعي ملهائڻ لاءِ وڏا شادمانا ٿيا، جن جو تفصيل محمد پناهه خان جي زباني ٻڌوسون. ڪٿ ٻڌوسون، سو موقعو پڻ ياد پويم ٿو. الهداداڻي اسٽيشن جي قريب، فقير جي ڳوٺ واري انجنيئري بنگلي ۾ رهيل هئاسون. شڪار جي ڪئمپ هئي. مسٽر اومني، پوليس جو ڊي. آءِ. جي.، آيل هو. ڏاڏو مرحوم، ابو سائين، ۽ آءٌ به مدعو هئاسون. محمد پناهه خان، تازو اسيمبليءَ جو پهريون اجلاس پورو ڪري، دهليءَ مان واپس آيو هو. احوال اهڙي انداز ۾ بيان ڪيائين، جو اسين سڀ تعجب جي تصوير بڻجي وياسون.

محمد پناهه خان هو فقط سنڌي خواندو، پوريءَ طرح ايندي اردو به ڪانه هيس، اسيمبليءَ جي ساري عرصي اندر مشڪل سان ٻه يا ٽي دفعا، ٻن - ٻن منٽن لاءِ مس ڳالهايائين، سو به ڀڳل ٽٽل اردوءَ نه پر ”اڙدوءَ“ ۾، مگر ان هوندي به اسيمبليءَ جي مختلف حلقن اندر اثر اٿاهه پيدا ڪيائين. سندس ڊنرين، پارٽين، هستيءَ سان هلڻ چلڻ، رعبدار صورت ۽ موقر شخصيت، هڻي وڃي هنڌ ڪيو هو. هڪ ڀيرو ته ساريءَ اسيمبليءَ طرفان هندستان جي ريلواين جي سينٽرل صلاحڪار ڪائونسل جو ميمبر پڻ چونڊجي ويو، ۽ سيلون گاڏي وٺي، ساري هندستان جو دورو ڪري آيو. ان ڪائونسل لاءِ فقط ٻارهن ماڻهو منتخب ٿيندا هئا، ۽ انتخاب ۾ ووٽ ساريءَ اسيمبليءَ کي ڪرڻو پوندو هو. ان چونڊ ۾ فقط اهي ماڻهو اميدوار بيهي سگهندا هئا، جن جي پٺيان وڏيون پارٽيون هونديون هيون.

ٽن سالن جي عرصي بعد اسيمبليءَ ۽ ڪائونسلن جون نيون چونڊون ٿيون. محمد پناهه خان ان دفعي ڪائونسل آف اسٽيٽ لاءِ اميدوار بيٺو ۽ ناڪام ٿيو، پر ان کان اڳ ضلعي جي سياست اندر وري به سندس هستي قائم رهي.

شڪار جو پڻ شوقين هو. سندس شڪار جون محفلون وسرڻ جون نه آهن. سنگتي ساٿي گڏ ڪري هلي مناسب جاءِ تي منزل ڪندو. ڇيلا ڪُسي ويندا ۽ طرحين طرحين طعامن جا ديڳڙا دمجي ويندا. سَون مُنهين ڇيڙا اچي گڏ ٿيندا، جن لاءِ تانهريءَ جون ديڳيون اڳواٽ چڙهيل هونديون. پاڻ برجيس پهريندو، جنهن جي مٿان پٽيون ڪشيون وينديون، پير ۾ لانگ بوٽ ۽ مٿي تي نرم ترڪي ٽوپي. جو تتر ۽ پکي سندس اڳيان اٿيو، تنهن جو پويون ڏينهن هوندو. جان ولڪس ڪمپنيءَ جي جڙيل هڪ 12 بور جي خوبصورت دونالي بندوق وٽس هوندي هئي، جنهن تي خاص طرح سان سندس هٿ ڏاڍو هريل هوندو هو.

گهڻو ڪري الهداداڻي ۽ تاجديري جي پسگردائيءَ ۾ اهي محفلون رچيندو هو. ساون جهنگن جي وچ ۾ سرنهن جي ڦولار جا کيت هوندا هئا. جنهن طرف اک ويندي، ان طرف فقط اهو زعفراني فرش پکڙيل پيو ڏسبو، ۽ هوندي خوشبو“، سرنهن ۽ ڄانڀي جي گلن جي! ۽ انهن ميدانن مان ڪارڙن تترن جو مٿي اٿڻ، ۽ مٿان بندوق کائي، رمال بڻجي اچي هيٺ ڪرڻ!

سندس زندگيءَ جا ڪيترا دلچسپ پهلو هوندا هئا. مثلاً، مهمان نوازي.

اڪيلو ماني کائڻ سندس لاءِ مصيبت هوندي هئي. جيستائين ٻه - چار سنگتي ساٿي مهمان دستر خوان تي موجود نه هوندا، سندس طبيعت نه کُلندي، ۽ جيڪڏهن سندس طبيعت کُلي، کِلندي کِلندي پيٽن ۾ سور پئجي ويندا.

کاڌي پيتي سان چاهه هوس: ٻه - چار قسم ٻوڙ، پلاءُ ڀاڄيون ۽ ميوو هر وقت دستر خوان تي موجود رکندو. سفر تي چڙهندو، ته به کاڄا پيڄا جو انتظام پهرين ٿيندو. ميوَن ۽ ڀاڄين جا ٽوڪرا ساڻ هلندا، ۽ انهن سان گڏ برف جا ٿرماس ۽ تيار طعام سان پُر ٽفن باڪس.

سندس شخصيت ۾ اهڙو اثر هوندو هو جو جنهن به محفل ۾ ويٺل هوندو، ان محفل اندر سڀ کان وڌيڪ ممتاز پيو نظر ايندو ۽ هر ڪنهن جي نظر وڃيو مٿس پوندي.

خود اعتماديءَ جو اهم عالم هوس جو هر شخص کي هيچ ۽ پاڻ کي هر مشڪل کان مشڪل مقام ۽ منصب جو اهل پيو سمجهندو هو.

آءٌ اڄ هيءُ مضمون فلپائن جي پرفضا شهر باگئي ۾ ويٺو لکان. چئني  طرفين ساوڪ ئي ساوڪ آهي - رنگا رنگي گل، قسما قسمين درخت، ۽ طرحين طرحين جا سڳند. في الحقيقت هتان جا سرو صنوبر ايتريقدر مشهور آهن جو انهن جي سونهن پسڻ لاءِ ماڻهو آمريڪا کان به ڪاهيو پيا اچن، پر منهنجيءَ دل کي ڪا به شيءِ ڪانه پئي آئڙي. جو ڪيف سنڌي سرنهن جي گلن ۾ مضمر هو، ۽ جا سرنهن ڪَچي جي لئن جي ڳاڙهن گُلن ۽ ٻٻرن جي ٻور اندر سمايل هئي، تنهن جو مقابلو ڪٿان ٿيون هي شيون ڪري سگهن؟-- هي چمن انسان جو سجايل آهي، هو چمن قدرت جو رکيل هو.

محمد پناهه خان مرحوم جو هڪ قول مون کي اڄ تائين چڱيءَ طرح ياد آهي. آءٌ اٺن - ڏهن ورهين جي عمر جو مَس هوس. هڪ دفعي پاڻ اچي اسان وٽ مهمان ٿيو. شام جو ڪچهري ٿي. ڪا ڳالهه نڪتي. مون وڏي جوش سان گفتگو ۾ حصو ورتو. ڏاڏي مرحوم مون کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. محمد پناهه خان چيو:

”پير شاهه سائين، علي محمد شاهه کي نه روڪيو. ايندڙ زمانو پڙٻاٽين جو آهي. ماڻهو جيتري قدر پڙٻاٽي ۽ گهڻ - ڳالهائو ٿيندو، اوتريقدر ٻُڌو ويندو ۽ اوتري قدر ترقي ڪندو. اوهان ۽ اسان جهڙن ٿور - ڳالهائن کي ڪو پڇندو به ڪونه.“

اهو واقعو آئيني سڌارن جي رائج ٿيڻ، ۽ سياسي بيداري جي پيدا ٿيڻ کان اڳ جو هو.

افسوس آهي، هينئر اُهي وقت نه رهيا، اُهي فراغتون ختم ٿي ويون، اُهي مجلسون اُجڙي ويون!

محمد پناهه خان مرحوم جا ڪي همعصر همسايا، جن سان سندس اُٿ- ويهه هوندي هئي، پڻ قابل ذڪر آهن:

مديجيءَ ۾ ميان مبارڪ شاهه پٺاڻ هوندو هو. ٿلهو متارو، قداور، ڀورو، موڪرن پاچن سان پٺاڻڪي نموني جي سٿڻ پائيندو هو. هٿ ۾ ٿلهو نيٽ جو ڏنڊو کڻندو هو. سندس اهڙي هيئت اسان لاءِ باعث تعجب هوندي هئي. بذله سنج هوندو هو. گهڻو زمانو ڏسي چڪو هو. جا ڳالهه ڪندو هو، سا عقل سان ڀرپور هوندي. پاڙي جا وڏا ماڻهو ڀل پيا پاڻ ۾ وڙهن، مگر هي صاحب دور انديشيءَ کان ڪم وٺي پاسو ڪريو ويٺو هوندو هو. سڀ جو سلام سڀ سان رام رام!

امروٽ جو سيد ميان جمن شاهه، سنڌي مردانه حسن ۽ حشمت جو اعليٰ نمونو هوندو هو. قداور، ڀورو، وار وڏا، ڏاڙهي چاپئين، اڇا کُنڀيل ڪپڙا، سفيد وڏي گول پڳ، پير ۾ سيم سان ڀريل سنڌي جُتي. ٻهراڙيءَ جي ماڻهن کي خيال هوندو هو ته ميان صاحب جي هٿن ۾ جن آهن، ۽ ڇتي ڪُتي جي کاڌل ماڻهن تي سندس پڙهي ڏنل سڳو اثر ڪري ٿو، تنهنڪري گهڻائي جن جا ورتل يا ڇتي ڪُتي جا کاڌل ماڻهو پيا وٽس ويندا هئا. پاڻ ڏاڍي فهم ۽ ڌيرج جو صاحب هوندو هو. فارسي علم کان به واقف هو. جنهن مجلس ۾ هوندو، هڪ خاص قسم جي فضا پيدا ڪري ڇڏيندو.

وڏيرو همت علي خان ڪماريو: ترائيءَ ۾ رهائش هيس، ۽ ساريءَ ابڙا قوم جو سردار هو. ڪنهن زماني ۾ ابڙن جو چڱو زور رهي چڪو هو. ڪلهوڙن جي صاحبيءَ اندر ڪلهوڙن حاڪمن سان چڱيون چڪريون کائيندا رهندا هئا، ۽ انهن واقعن تي اڄ تائين هر هڪ غريب کان غريب ابڙي کي به فخر ۽ ناز آهي. شڪارپور کان وٺي لاڙڪاڻي جي پسگردائيءَ تائين سندن قوم جي پکيڙ هوندي هئي لٺ بانٺي جي معاملي ۾ خاص طرح سان مشهور هوندا هئا. مون پاڻ منجهانئن هڪ شخص ڏٺو، جنهن جو نالو باغ هو ۽ ذات جو ککراڻي هو (ککراڻي ابڙا قوم جي هڪ شاخ آهي) اسان جي پاڙي ۾ رهندو هو، سندس متعلق هيءَ مسلم راءِ هوندي هئي ته هو فقط لٺ سان اڪيلي سر پنجاهه ماڻهن جو مقابلو ڪري سگهيو ٿي، ۽ مقابلي ڪندڙ ڀل ڪهاڙين، ترارين، لوڙين يا لٺين سان مسلح هجن. لٺبازي سنڌ جو پراڻو اباڻو ورثو هو، جو هينئر بندوقن آئي ختم ٿيندو پيو وڃي.

همت علي خان سان اسان جي گهَر جي پڪي دوستي هوندي هئي، سندس ڳوٺ ترائي، اسان جي ڳوٺ کان فقط ڇهن ميلن جي مفاصلي تي هوندو هو. هڪ روايت موجب، شاهه عبداللطيف ڀٽائي پڻ ترائيءَ ۾ آيو هو، جو سندس ”نظارو“ هڪ ابڙي عورت سان هوندو هو. انهن ڏينهن ۾ ترائيءَ جي سردار کي نرينو اولاد ڪونه ٿيندو هو، تنهنڪري ان سردار جي والده شاهه صاحب وٽ لنگهي آئي ۽ اچي کانئس دعا پنيائين. شاهه صاحب وراڻيءَ ۾ هڪ شعر چيو:

”تنهن جوري واريءَ جوءِ ويو شهر ورائيو،
سڙيءَ لام منجهان ڪو جو مورو موريو.“

 

ان کان پوءِ سردار کي پٽ ڄائو، ۽ اهو خاندان اڄ تائين قائم رهندو اچي. منهنجي پنهنجي زماني اندر همت علي خان کي پٽ جو اولاد ڪونه ٿيندو هو، حتاڪ سندس ڄمار اچي سٺ ورهين کي رسي هئي. سندس قوم جي ماڻهن کي ان هوندي به هميشه آسرو هوندو هو ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن همت علي خان کي ضرور پٽ ڄمندو، ڇو ته ”ان خاندان کي ڀٽائي صاحب جي دعا ٿيل آهي ۽ تنهنڪري ان جو نسل هرگز ختم نه ٿيندو.“ آخر، خدا جي قدرت، ٿيو به ائين. همت علي خان کي، پنهنجي مرڻ کان ٻه سال کن اڳ ۾، پٽ ڄائو، پر گونگو ۽ ٻوڙو-- وري به پٽ هو! هينئر اهو گونگو وڌي مڙس ٿيو آهي،“ ڪماريي خاندان جو نالو قائم رکيو اچي.

همت علي خان مرحوم جي طبيعت بلڪل نرالي قسم جي هوندي هئي. هو نه ڪنهن انگريز عملدار ۽ ديسي ڪاموري سان دوستي رکندو هو، ۽ نه انهن سان گهڻو ڪري اچ - وڃ ئي رکندو هو. پاڻ هڪ وڏي قوم جو سردار ۽ فرسٽ ڪلاس جاگيردار هوندو هو، پر ڌاريءَ حڪومت جي اهلڪارن سان ويجهو پوڻ ناپسند ڪندو هو. ساريءَ عمر اندر هڪڙي به انگريز عملدار کي ڪڏهن دعوت ڪانه ڏنائين، ۽ نه منجهانئن ڪنهن کي شڪار ئي ڪرايائين. حالانڪ اُهي ڏينهن اهڙا هوندا هئا جو عملدارن کي شڪارن ڪرائڻ لاءِ زميندار هميشه سرگردان پيا رهندا هئا. ان گوشه نشينيءَ ڪري همت علي خان جي اثر ۽ هلنديءَ کي گهڻو نقصان رسيو، ان حد تائين جو ڪمن ڪارين وارا ماڻهو کيس ”بي همت“ سڏڻ لڳا، پر اُنهن اُلَن يا چوڻين جي خود کيس ڪا پرواهه ڪانه رهي. هو پنهنجيءَ جاءِ تي ڪنارو ڪريو ويٺو رهيو، ۽ جيڪڏهن اُٿي ڪنهن جو ڪم نه ڪيائين ته ڪنهن کي ڏکويائين به ڪونه. شڪار سان البت دلچسپي هوندي هيس. گهڻو ڪري ڪو به اهڙو هفتو ڪونه گذرندو، جنهن ۾ سندس هڪ - ٻه پروگرام شڪار جا رکيل نه هوندا. هڪ 16 بور جي دو نالي بندوق وٽس هوندي هئي، جنهن سان گهڻو شوق هوس، ۽ جنهن تي سون جو پاڻي پڻ چڙهايو هئائين. اُها بندوق اُٺ تي اڳيان رکي روانو ٿيندو هو. پاسن سان گهوڙيسوار ملازم رليا ايندا هئس. شڪار جي جاءِ تي پهچڻ بعد، پاڻ لهي اڪيلي سر ٻه - چار ٺڪاءُ ڪري وري واپس هليو ايندو هو. ڪمن نالي سندس هڪ ملازم هوندو هو، جو ڪڏهن ڪڏهن ساڻس شريڪ شڪار پيو ٿيندو هو. اهو سندس معزز ۽ معتبر ملازم هوندو هو. جنهن تان ٻيو سڀ ڪم ڪار معاف هوندو هو. هو سارو ڏينهن فقط بندوق ڪلهي تي کنيو، شڪار پٺيان، ٻيلن ۾ ڦرندو وتندو هو. اهڙو ڪو ڏينهن مشڪل سان ٿيو هوندو. جنهن ڏينهن ڪمن خالي هٿين گهر وريو هوندو. ڪمن مون گهڻو ڏٺو. واقعي عزت ۽ اعتبار جي قابل انسان هوندو هو. مجلس ۾ ويهندو ته تهذيب سان، ڳالهائيندو ته چٻي چٿي، ڪم ڪار ڪندو ته سليقي ساڻ. پنهنجي آقا جو نالو، ادب وچان، هرگز وات تي نه آڻيندو، هميشہ         وڏيرو سائين“ ڪري پيو ڏانهنس اشارو ڪندو. ساري زندگي شڪاري يونيفارم ۾ رهيو. خاڪي شلوار، تنهن تي پٽيون ٻڌل، ڳچيءَ ۾ ڪارتوسن جو ٿيلهو، مٿي تي خاڪي موڱو پٽڪو ۽ ڪلهي تي بندوق،عام چوڻي هوندي هئي ته ”جهنگ ۾ ٺڪاءُ ٻڌو ته سمجهو ته ڪمن آهي ۽ ڪانه ڪا شي ضرور ماري اٿس-“ ڪمن جو ڪارتوس خالي نه ويندو هو.

همت علي خان مرحوم ڪنهن زماني ۾ عشق وچان شاعري ڪئي هئي. اهائي مائي مُئي ته ان جي قبر ڀرسان پنهنجي قبر به ٺهرائي ڇڏيائين، جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن وڃي پاڻ سمهندو به هو. انتقال بعد کيس انهيءَ قبر ۾ دفن ڪيائون.

مرحوم اڻپڙهيل هوندو هو. صحيح بدران، اڳوڻي دستور موجب، پنهنجي منڊيءَ تي ٽِڪ بطور مهر جي هڻندو هو. ڳالهائيندو مختصر هو، ٻڌندو گهڻو هو، جيڪو اکر پاڻ چوندو هو، سو شائستو ۽ وڻندڙ هوندو. شيعي مذهب جو هو. غريب کان غريب سيد به ڪڏهن وٽس لنگهي آيو ته پاڻ اٿي کڙو ٿيندو. وڌي، نوڙي، پيرين پئي، کيس وٺي آڻي سيرانديءَ ڏانهن ويهاريندو. سيد سڳورو بعد ۾ جيڪو به حڪم ڪندو، تنهن جي حتي الوسيع تعميل ٿيندي.

وڏيرو غلام عباس خان، سندس سؤٽ ۽ سندس همعصر هو. اهو صاحب وري پنهنجي اوطاق کوليو، جدا ڪچهري ڪريو ويٺو هوندو هو. شريف انسان هوندو هو. سندس صورت ڏسي، اڳئين زماني جي سنڌي اميرن ۽ سردارن جون صورتون اکين اڳيان ڦرڻ لڳنديون هيون.

محمد پناهه خان ڊکڻ جي خاندان جو، وقت جي حڪومت سان تعلق هجڻ سبب، وڏو پرتاب هوندو هو. تنهنڪري همت علي خان مرحوم کي هميشہ ساڻس ٺهي هلڻو پيو. انهن ڏينهن ۾ ”پاڙي جي شرم ۽ لحاظ“ جو سوال پڻ هوندو هو. ”پاڙي کي پٺي ڏيڻ“ ائين سمجهيو ويندو، جيئن ڪتي جو ماس کائڻ. ائين نه آهي ته رقابتون نه هونديون هيون، پاڙيچا پاڻ ۾ وڙهندا نه هئا. پر انهن رقابتن کي حد اندر رکيو ويندو هو ۽ هر ويڙهه جو فيصلو پاڙي جا چڱا مڙس پاڻ ۾ مڙي ڪري ڇڏيندا هئا. جيئن گهڻي اوگهڙ نه ٿئي. پاڙي جي ماڻهوءَ هٿان ڪهڙي به ”ڪَسي پڪي“ ٿي پوي ته پاڙي جو ٻيو ماڻهو ان جو ”پن نه کڻندو“. پنهنجي همسايي خلاف ڪنهن چغلي هنئي، ته ڀت ڀاڄيءَ کان خارج ٿي ويندو. شل نه ڪنهن تي نالو پوي چغل جو. جيڏانهن منهن کڻندو،اتان ڦٽڪار پئي وسنديس. جيڪڏهن مورڳو ڪنهن ماري وڌس ته به گهڻو داد فرياد ڪونه ٿيندس. اهڙي ماڻهوءَ کي سڏيو ويندو ”چغل ٽويو“. ۽ چغل ٽوئي کي راڄ طرفان ڪنهن به قسم جي پناهه يا مدد ڪانه ملندي. ان ”چغل“ جي هيڊنگ هيٺ ٻه ٻيون صنفون به اينديون هيون: يعني (1) ”چانجوس“ يا ”ياسوس“ (جاسوس)، ۽ (2) ”باڪو“. ”چانجوس“ اهو هوندو هو، جو لڪي ڇپي ڪا خبر معلوم ڪري ۽ چپ چپاوت ۾ وڃي ٻئي تائين پهچائي. ”باڪو“ اهو هوندو، جو ڪچهري ۾ اچي کليو کلايو ڪنهن خلاف شاهدي ڏئي يا ڪنهن جو پلؤ کڻي. انهن ٻنهي قسمن جي ماڻهن کي حقارت سان ڏٺو ويندو ۽ مٿن اعتبار ڪو به ڪونه ڪندو.

اهي هونديون هيون ابڙا قوم يا ابڙا سوسائٽيءَ جون عام روايتون، جنهن جو فائدو پاڙي جا ٻيا غير ابڙا به پيا ماڻيندا هئا. محمد پناهه خان ڊکڻ جون اليڪشنون ٿيون، ڏورانهن پري وارن سان جهيڙا لڳا، خود مٿس مقدمو داخل ٿيو، پر همت علي خان جو خاندان هر موقعي تي ساڻس ٻانهن ٻيلي ٿيو بيٺو رهيو.

محمد پناهه خان مرحوم جي ڪچهريءَ ۾ چرچا گهٻا خوب ٿيندا هئا، ۽ ان ڪري سندس محفل ڪڏهن به بي رونق نه هوندي هئي. وقتاً فوقتاً هميشه ڪو نه ڪو ساٿي پاڻ سان گڏ کنيو وتندو هو، جنهن کان مسخريءَ جي ڊيوٽي ورتي ويندي هئي.

خير محمد ڊکڻ نالي هڪ بذله سنج ماڻهو هوندو هو، جنهن کي ڪنهن زماني ۾ آڻي پاڻ وٽ رکيائين. خير محمد پنجوديري جو ويٺل هوندو هو ۽ تپيدار رهي چڪو هو. تپيداري مان سندس ڊسمس ٿي نڪرڻ جو سبب اهو ٿيو جو هن پنهنجي اسسٽنٽ ڪليڪٽر جي هڪ داشته، مقامي مهاڻي عورت سان هٿچراند ڪري وڌي هئي. اهو اسسٽنٽ ڪليڪٽر مسٽر ڪريرار هو، جو بعد ۾ سرجيمس ڪريرار جي نالي سان، پهريائين بمبئي سرڪار جو ايگزيڪيوٽو ڪائونسلر، ۽ پڇاڙيءَ ۾ وائسراءِ جو ايگزيڪيوٽو ڪائونسلر بڻيو. خير محمد وارو واقعو انهن ڏينهن ۾ ٿي گذريو هو، جڏهن ڪريرار قنبر ڊويزن جو اسسٽنٽ ڪليڪٽر هو ۽ خير محمد هو تپي ڪنڊڙيءَ جو تپيدار.

ان ڳالهه کي ڪيترا سال گذري ويا. ڪريرار ترقي ڪندي ڪندي وڃي بمبئي سرڪار جو ايگزيڪيوٽو ڪائونسلر مقرر ٿيو، ۽ خير محمد تپيداريءَ مان نڪرڻ بعد رلندي پنندي وڃي محمد پناهه جي مصاحبي اختيار ڪئي، ۽ محمد پناهه خان بمبئي ڪائونسل جي ميمبر چونڊجڻ بعد جڏهن اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ بمبئيءَ ويو ته خير محمد به ساڻس گڏيو ويو.

هڪ ڏينهن، بمبئيءَ جي اسڪوئٿ ائنڊ لارڊ ڪمپنيءَ جي دڪان اندر، اوچتو ئي اوچتو ڪريرار ۽ خير محمد هڪٻئي جي آمهون سامهون ٿي ويا. خير محمد، محمد پناهه سان گڏ هو، ۽ محمد پناهه خان، ڪريرار کي دڪان اندر ڏسي، وڌي وڃي سلام ڪيو. سندس پٺيان خير محمد به لڳو ويو. ڪريرار محمد پناهه خان کي هٿ ڏيڻ بعد جيئن نگاهه کنئي ته وڃي خير محمد تي پيس. هڪدم ڇرڪ ڀري، خير محمد ڏانهن منهن ڪري، چيائين:

”ويل، ڪنڊڙيءَ جو تپيدار؟“

خير محمد سينو تاڻي وراڻي ڏني:

”حضور، ساڳيو ئي گنهگار‍!“

سردست رديف قافيي جو معاملو ته طئه ٿي ويو، مگر محمد پناهه خان بعد ۾ جڏهن خير محمد کان ان بيتبازيءَ جو پس منظر معلوم ڪيو، تڏهن پيشانيءَ تي پگهر اچي ويس.

انهن ڏينهن ۾ واقعي ڪي رعب هوندا هئا انگريز عملدارن جا. صاحب جي داشته تي ڪنهن ديسي ماڻهوءَ جي نگاهه به پوي، ۽ اهو ماڻهو وري ڪنهن زميندار سان گڏ گهمندو ڦرندو نظر اچي! ناقابل معافي جرم هو.

خير محمد جا اڪثر لطيفا اهڙي قسم جا هوندا هئا، جي فقط مردن اڳيان، ۽ سو به ان زماني ّجي وڏيرڪين محفلن اندر ئي بيان ٿي سگهندا هئا. اڄ انهن کي ڪتاب ۾ آڻڻ مشڪل آهي. حقيقت هيءَ آهي ته مڙس اهڙو هو، جنهن جي ويٺي غم غلط هوندا هئا.

خير محمد کان اڳ، محمد پناهه جو هڪ مصاحب گنومل به هوندو هو. گنومل ان علائقي جي اڪثر وڏن ماڻهن جو واقف هوندو هو. کين وياج تي پئسا ڏيندو هو، ۽ وٽن ايندو ويندو ۽ رهندو هو. ڏاڍو چرچائي هو. جا ڳالهه ڪندو سا روڪ ٽوڪ بنا، ۽ جنهن مجلس ۾ ويٺل هوندو ان مجلس تي اداسي ڇانئجڻ هرگز نه ڏيندو. چرچن ڪندي، مُڙندو وڏي کان وڏي ماڻهوءَ مان به ڪو نه، ۽ ڪنهن نه ڪنهن وقت محمد پناهه خان جهڙي انسان سان به سوڙهه- گهُٽ ڪري ڇڏيندو هو.

هڪ ڀيري محمد پناهه خان کي ڏاڍو تنگ ڪيائين. محمد پناهه خان انتقام وٺڻ جي ارادي سان پنهنجي بورچيءَ کي سمجهائي ڇڏيو ته ان ڏينهن ٻوڙ ۾ وڏي ٻڪريءَ جو گوشت استعمال ڪري، جنهن تي وڏي گوشت جو شهبو ٿي سگهي. اهو به چيائينس ته گنومل ٻوڙ کائي ويهي ۽ کانئس (بورچيءَ کان) گوشت جي سخت هئڻ بابت سوال پڇيو وڃي، ته هو جواب ڏئي ته اهو ٻوڙ وڏي گوشت مان رڌل هو.

دستر خوان وڇيو، ماني آئي، گنومل گوڏا کوڙي تيوڻ واپرايو. جڏهن پليٽ صاف ڪري ويٺو ته محمد پناهه خان بورچيءَ کان گوشت بابت پڇيو. بورچيءَ چيو ته ”ان ٻوڙ ۾ ته وڏو گوشت هو!“ پر گنومل ڳالهه تاڙي ويو. بورچيءَ ڏانهن منهن ورائي چيائينس: ”ميان اڄوڪي تيوڻ ۾ ڏاڍو ساءُ ۽ مَجو (مزو) هو. مون کي ڏاڍو وڻيو. اڳتي به اهڙا تيوڻ تيار ڪندو رهجان“، ڇڙو ڪنهن هٽ واڻئي سان اها پچار نه ڪجانءِ، جيئن اها ڳالهه پنچائت تائين نه پُڄي، ۽ چريا واڻيا اجايو مون کي نڙ تان لاهي نه ڇڏين.“

محمد پناهه خان جا ٻه ٻيا ساٿي پڻ ڪچهريءَ جا ڪوڏيا هوندا هئا: هڪ وڏيرو قائم خان وڳڻ مرحوم، ۽ ٻيو الهه بخش خان ڪاڪيپوٽو مرحوم، جو بعد ۾ ”خانبهادر سردار الهه بخش خان ڪاڪيپوٽي“ جي نالي سان مشهور ٿيو. ٻيئي دلچسپ انسان هوندا هئا، کِل چرچي کان سواءِ ويهڻ ڪونه ايندو هونِ. محمد پناهه خان مرحوم تي عاشق هوندا هئا. اهڙو ڪو هفتو مشڪل سان گذرندو هو، جڏهن منجهانئن هڪ نه ٻيو محمد پناهه خان وٽ ٽڪيل نه هوندو. انهن ڏينهن ۾ واندڪايون به هيون، ۽ خوشي مذاق ۽ ڪچهرين لاءِ ڪافي وقت هوندو هو.

محمد پناهه خان مرحوم جي انتقال بعد، هڪ دفعو مان سندس اوطاق تي ويس. ويراني ئي ويراني لڳي پئي هئي. اڳين ڏينهن جو هاڻوڪن ڏينهن سان مقابلو ڪندي ۽ دنيا جي بي ثباتيءَ تي ڳوڙها ڳاڙيندي، روانو ٿي ويس:

هنڌ اهي ئي ماڳ، پر جَت نه پَسان جُوءِ ۾!


(1)  کهڙو صاحب سر غلام حسين جي وزارت ۾ پارليامينٽري سيڪريٽري هو.

(1)  عرب جي لارينس، پهرين عالمگير جنگ جي زماني ۾ عرب ممالڪ ۾ انقلاب آندو هو.

 

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org