سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اهي ڏينهن اهي شينهن

باب: --

صفحو :11

 

 

حاجي عبدالله هارون جي خطبه

استقباليه جو سنڌي ترجمو

 

(جيڪو پاڻ سنڌ پراونشل مسلم ليگ جي اجلاس ۾ 18 آڪٽوبر 1938ع جو پڙهيائين.)

”منهنجي لاءِ هيءُ موقعو باعث عزت افزائي آهي، جو آءٌ سنڌ جي مسلم قوم پاران اوهان صاحب جهڙن بزرگن جي آجيان ڪري رهيو آهيان. مون کي احساس آهي ته مون ۽ منهنجن رفيقن، جن تي اوهان جي استقبال جي ذميداري عائد ٿيل هئي، ايترو ڪجهه نه ڪيو آهي جيڪو اسان کي ڪرڻ کپندو هو، تنهنڪري آءٌ پنهنجين گهڻين ڪوتاهين لاءِ اوهان کان معافي گهران ٿو. آءٌ اوهان کي يقين ڏياريان ٿو ته اسان سنڌ  وارا محسوس ڪريون ٿا ۽ ان ڳالهه جو قدر ڪريون ٿا ته اوهان جهڙا بزرگ مختلف هنڌن تان هلي ڪيڏا نه ڏکيا سفر ڪري هت پهتا آهيو، محض ان مقصد لاءِ ته اسان جي هن ڏکئي ۽ تڪليف واري وقت ۾ رهنمائي فرمايو.

”اڄ اسان هڪ اهڙي صوبي جي دارالحڪومت ۾ گڏ ٿي رهيا آهيون، جيڪو رقبي جي لحاظ سان ته انگلينڊ (ويلس جي علائقي ڪاٽئي) جيترو آهي، پر تاريخي ۽ جغرافيائي لحاظ سان هندستان جي اهم ترين حصن مان هڪ آهي. جغرافيائي طرح ڪراچي يورپ کي ويجهي ۾ ويجهو بندر آهي، بري، بحري ۽ هوائي سفر جي نقطه نگاهه کان. تاريخي طرح تازين کوجنائن ذريعي اهڙا خزانا هٿ لڳا آهن، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ماضيءَ  ۾ سنڌ تعجب انگيز پيماني تي هڪ شاندار ۽ عظيم تمدن جي حامل هئي. نه وري هندستان جو ڪو مسلمان هيءَ حقيقت ئي نظر انداز ڪري سگهي ٿو ته اسلام جو قافلو پهريان پهريان سنڌ مان گذري پوءِ ٻين پاسن ڏانهن وڌيو هو. صرف ان نسبت سان ئي اسان سنڌي مسلمان هن ڳالهه جا مستحق آهيون ته جنهن تڪليف  ۾ اسان اڄ ڪالهه مبتلا آهيون، تنهن کان نجات ڏيارڻ لاءِ اوهان اسان جي مدد ڪريو. مون کي قوي اميد آهي ته اوهان جي هت گڏ ٿيڻ ڪري نه فقط اسان جين مقامي تڪليفن ۾ تخفيف ٿيندي، پر هتان هڪ نئون قافلو مسلمانن جي اتحاد، ٻڌيءَ ۾ قوت جو وکر کڻي اڳتي هندستان ڏانهن روانو ٿيندو. اميد اها اٿم ته توڙي  جو هينئر منهنجي پنهنجيءَ عمر جي شام آهي، پر آءٌ اهو ڏينهن، جيڪو پري نه آهي، ڏسندس، جڏهن اهو قافلو روانو ٿيندو ۽ منزل مقصود تي پهچندو.

”هندستان جي مسلمانن جي مسئلن جي فهرست ايتري قدر طويل آهي، جو اها ساري هن داستان ۾ سمائجي نه سگهندي. تنهنڪري آءٌ اختصار کان ڪم وٺندي، محض انهن چند اهم مسئلن ڏانهن اوهان جو توجهه ڇڪايان ٿو، جن مسئلن کي اوهان سلجهائي سگهو ٿا.

اقليتن جو مسئلو: ”هن  پهرين بنيادي حقيقت کان ڪو به انڪار ڪري ڪو نه سگهندو ته هندستان هڪ اهڙو ملڪ آهي، جيڪو قسما قسم قومن ۽ فرقن جو وطن آهي. انهن قومن ۽ فرقن جا پنهنجا پنهنجا مذهب آهن ۽ پنهنجون پنهنجون ثقافتون ۽ روايتون. مگر اهي مختلف ۽ متضاد عناصر ڪهڙي طرح هڪ آئيني نظام هيٺ رهن( جنهن کي منجهانئن هر هڪ قبول ڪري) تنهن مسئلي جو حل اڃا تائين ڪو ڪڍي ڪو نه سگهيو آهي. منهنجي پنهنجي راءِ اها آهي ته ان ڏس ۾ ناڪاميابيءَ جو مکيه ڪارڻ اهو آهي جو هندستان جي اڪثريت واري قوم ( هندو) انهن مختلف اقليتن جي وجود ۽ شخصيت تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ ڇڙو ملڪ جي جغرافيائي خصوصيت تي پئي زور ڏئي ۽ ان مان ناجائز فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪري.

”في الحقيقت جغرافيائي يا تاريخي لحاظ سان هندستان ڪڏهن به هڪ مرڪز هيٺ نه رهيو آهي ۽ جيڪڏهن انگريزن پنهنجي دور حڪومت ۾ هندستان جي جدا جدا حصن ( Units)  جي شخصيت کي اڀرڻ ۽ اسرڻ جي موقعن کان محروم ڪري ڇڏيو ته ان جي اها معنيٰ نه ٿيڻ گهرجي ته هندستان ۾ رهندڙ مختلف قومن جي وجود ۽ هستيءَ  کان ئي انڪار ڪري ڇڏجي. ظاهر آهي ته اڪثريت واري قوم اهو انداز فڪر هن لاءِ اختيار ڪري رهي آهي ته هندستان اندر رهندڙ ساري انسان ذات مٿان هوءَ پنهنجو تسلط قائم ڪري وٺي. مگر اقليتون انهيءَ انداز فڪر کي هرگز قبول ڪو نه ڪنديون ۽ اهو ئي فڪري تصادم ڪارڻ آهي. هن ڳالهه جو ته هندستان جو مسئلو جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ پيچيدو بڻبو پيو وڃي.

”مناسب ته ائين هو ته اقليتن جي وجود کي هڪدم تسليم ڪري انهن کي پنهنجي وجود کي سلامت رکڻ لاءِ، ضروري تحفظات مهيا ڪري ڏنا وڃن. اهو ئي هڪ رستو هو جنهن سان هندستان جو مسئلو سلجهي سگهيو ٿي. جنهن وقت مسلمانن اهڙن تحفظات لاءِ گهر ڪئي، ان وقت انهن جي پيش نظر ڇڙو پنهنجو فائدو ڪو نه هو، پر انهن سمورين ننڍين ننڍين اقليتن (جيڪي تعداد جي لحاظ سان ڪيتريقدر به ڪمزور هيون) جي حقن جي حفاظت به مدنظر هئي.

اوهان کي معلوم آهي ته گذريل پندرهن سورهن سالن اندر گهٽ ۾ گهٽ پنجويهه دفعا ان مسئلي کي حل ڪرائڻ لاءِ ڪوششون ٿي چڪيون آهن. پهرين ڪوشش 1923ع ۾ ٿي، جڏهن انهن ڳالهين لاءِ دهليءَ ۾ ڪانگريس جو خاص اجلاس سڏايو ويو. آخري ڀيرو اهڙي ڪوشش تازو ٿي گذري، جنهن جي دوران ۾ خود هن ڪانفرنس جي صدر صاحب (مسٽر جناح رحه) پاڻ مسلمانن جي وڏي قابليت سان نمائندگي فرمائي.

ان سلسلي ۾ جيڪي به بحث مباحثا اڄ تائين ٿيندا رهيا آهن، انهن جي هڪ خصوصيت اها پئي رهي آهي ته اڪثريت هميشه اقليتن جي شخصيت تسليم ڪرڻ کان نابري پئي واري آهي. اڪثريت جو مقصد اهو هو ته ملڪ جون اقليتون ملڪ جي حڪمرانيءَ ۾ حصو نه گـُـهري سگهن. ان مقصد جي نشاندهي ميثاق لکنو جي موقعي تي ٿي، جڏهن اڪثريت واريءَ قوم بنگال ۽ پنجاب (جن ۾ مسلمانن جي گهڻائي هئي) ۾ ملسمانن جي اڪثريت کي ٽوڙي انهن کي اقليت بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. ان کان پوءِ هوءَ (يعني هندو اڪثريت)، ساڳي ئي نيت سان، بلوچستان ۽ سنڌ کي جدا انتظامي حلقن بڻائڻ واري مطالبي جي مخالفت ڪندي رهي. هندن جي اهڙي تنگ دليءَ جي مقابلي ۾ مسلمانن هميشه فراخدلي پئي ڏيکاري آهي ۽ هر فرقي ۽ هر اقليت کي سندس حقن ڏيارڻ واري اصول جي پٺڀرائي ڪئي آهي. مثلاً: مسلمانن اوڙيسه صوبي جي بڻجڻ جي مخالفت ڪانه ڪئي، ننڍين ننڍين اقليتن کي حق ملن، تنهن مطالبي جي به مزاحمت ڪانه ڪئي. برعڪس ان جي، هندن جدا چونڊن جي اصول جي مخالفت پئي ڪئي آهي، جيئن اقليتون پنهنجا حق حاصل ڪري نه سگهن. تعجب جي ڳالهه ته اها آهي ته هندو پنهنجي ان منفي ۽ خود غرضانه روش کي ”نيشنلزم“ لاءِ  پنهنجي خواهش ۽ پيار سان پيا تعبير ڪن! اسان جڏهن به اڪثريت کي استدعا ڪريون ٿا ته هوءَ اسان سان گڏجي ويهي مسئلن جو تصفيو ڪري ته جواب اهو پئي ڏئي ته: ”اڃا تائين مليو ڇا آهي، جنهن جي ويهي ونڊ ورهاست ڪريون؟“ پاڻ سندس طرفان اهو مشورو پيو ڏنو وڃي ته اقليتون ان وقت تائين ترسي ويهن، جيستائين هندستان کي سوراج مليو آهي. مگر سندن سوراج جي معنيٰ ڇا آهي؟  معنيٰ اها آهي جنهن جو اظهار اڳ ۾ ئي انهن ستن صوبن ۾ ٿي رهيو آهي، جن ۾ (نون سڌارن هيٺ)  ڪانگريس کي (صوبائي وزارتن وسيلي) راڄ ڪرڻ جو موقعو مليو آهي. ڪهڙي قسم جا مسلمان، مسلمانن جي نمائندگيءَ  لاءِ، يو. پي. بمبئي، بهار ۽ مدراس جي وزارتن ۾ کنيا اٿن؟ اهي، جن ۾ نه مسلمانن جو ڀروسو آهي ۽ انهن کي صوبي جي مسلمانن جي پٺڀرائي حاصل آهي! مسٽر شريف کي ڪڍي ڇڏڻ کان پوءِ سي. پيءَ  ۾ ڪنهن به مسلمان کي وزارت  ۾ کڄڻ جي لائق ڪو نه سمجهيو اٿائون! ڪجهه وقت تائين اهو پئي چيو ويو ته جنهن صورت ۾ مسلمان ميمبرن جي اڪثريت  ڪانگريس جي پاليسي قبول نٿي ڪري، تنهن صورت ۾ ڪانگريس به ساڻ تعاون ڪو نه ٿي ڪري سگهي، پر صوبي سرحد ۾ ڪانگريس جو اهو اصول ڪيڏانهن ويو، جت هـُـن هزارا جي غير ڪانگريسي  جمهوري پارٽيءَ جي شرڪت سان پنهنجي وزارت ٺاهي آهي؟ آسام ۾ ته پاڻ وڌيڪ کـُــليءَ  طرح سان پنهنجي ان ”اصول“ جي مٽي خراب ڪئي اٿائين. اوڙيسه ۾ جڏهن مسلمانن وزارت ۾ نمائندگيءَ لاءِ گهر ڪئي، ته کين جواب ڏنو ويو ته جيڪو مسلمان ڪابينه ۾ کڄي سگهڻ جهڙو هو، تنهن چونڊن ۾ هڪ ڪانگريسي اميدوار کي شڪست ڏئي پاڻ کي چونڊايو آهي، تنهن ڪري ان کي وزارت ۾ کڻڻ جو ڪو سوال ئي پيدا ڪو نه ٿو ٿئي. پر صوبه سرحد ۾ ڪانگريس هڪ اهڙي پارٽيءَ جو تعاون قبول ڪيو آهي، جنهن چونڊن ۾ سندس مخالفت ڪئي هئي. نه فقط ايترو، پر خود اسيمبليءَ جو ڊپٽي اسپيڪر هڪ اهڙي مسلمان ميمبر کي بڻايو اٿائين، جيڪو چونڊن ۾ ڪانگريسي اميدوار کي شڪست ڏئي چڪو هو. پوءِ ڪيڏانهن ويو اِت ڪانگريس جو اصول؟

”وزارتن ٺاهڻ کان پوءِ ڪانگريس مسلمانن سان ڪهڙا ويل وهايا آهن، تن جو تفصيل ڏيڻ غير ضروري آهي ڇو ته اوهان مان هر هڪ کي اڳ ۾ ئي معلوم آهي ته اُت ڇا وهي واپري رهيو آهي. آءٌ فقط ايترو ئي عرض ڪري سگهان ٿو ته انهن صوبن ۾ مسلمانن جو مذهب، سندن ثقافت ۽ خود وجود سخت خطري ۾ پئجي چڪا آهن. جيڪڏهن اهو ئي نمونو آهي مسلمانن سان ڪانگريس جي سلوڪ جو، ته پوءِ ارمان ۽ نااميديءَ جو ئي اظهار ڪري سگهجي ٿو.

”اسان کي  وري وري چيو پيو وڃي ته هندستانين کي هيءُ ڏسڻ گهرجي ته يورپ ۾ ڪهڙي طرح اتاهون جي اقليتن جو مسئلو حل ڪيو ويو آهي ۽ ان سلسلي ۾ جمعيت اقوام League of Nations  جي اصولن جو پڻ حوالو ڏنو پيو وڃي. ان وعظ جو مطلب هيءُ نڪري ٿو ته اسان مسلمان پنهنجي مذهب، ثقافت ۽ روايتن جي بقا ۽ سلامتيءَ جو ڪو خيال نه ڪري هندو اڪثريت ۾ مدغم ٿي وڃون. پر هيءَ حقيقت وساري پئي وڃي ته خود يورپ اڄ ڪالهه انهن اصولن تان هٽندي پئي وڃي. مثال لاءِ چيڪو سلاواڪيه (1)  ڏانهن ڏسو، جت ممڻ متو پيو آهي.

”حقيقت ۾ هندستان جي آزاديءَ جا وڏي ۾ وڏا دشمن اُهي آهن، جيڪي اقليتن کي سندن صحيح مقام ڏيڻ کان انڪاري آهن. هندستان (آزاديءَ لاءِ) اوستائين متحد محاذ هرگز ٺاهي ڪو نه سگهندو، جيستائين اڪثريت واريءَ قوم جو اهو عزم آهي ته اقليتن جي هستيءَ کي نابود ڪري ڇڏي. آءٌ اڪثريت کي تنبيهه  ڪريان ٿو ته هوءَ اسان مسلمانن جا مطالبا قبول ڪري، نه ته هت به چيڪو سلاواڪيه جهڙو حال ٿيندو. جيڪڏهن چيڪو سلاواڪيه جا 35 لک جرمن ايترو ڪري سگهن ٿا ته هندستان جا 9 ڪروڙ  مسلمان (۽ ٻيو اقليتون)  ڇا نه ڪري گذرندا، اڪثريت واريءَ قوم جي بدنيتين کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ؟

 ”آءٌ هن موقعي جو فائدو وٺندي، وري به هڪ ڀيرو اڪثريت واريءَ قوم کي اپيل ڪريان ٿو ته هوءَ  اسان جي صبر جو وڌيڪ امتحان نه وٺي.  اسان اڳ ۾ ئي ان منزل تي پهچي چڪا آهيون، جتان اسان جا رستا جدا ٿي وڃن ٿا ۽ جيڪڏهن اسان جو (حقن ۽ مطالبن جو)  مسئلو حل نه ٿو ڪيو وڃي ته دنيا جي ڪا به طاقت  هندستان کي ”هندو هندوستان“ ۽  ”مسلم هندستان“ ۾ ڪٽجي وراهجي وڃڻ ۽ ٻن جدا جدا فيڊريشنن هيٺ رهڻ کان روڪي ڪا نه سگهندي. اڄ ڪالهه مسلمان  سجاڳ ٿي چڪا آهن ۽ انهن کي دٻائڻ يا گمراه ڪرڻ جي ڪا به ڪوشش ڪامياب ڪا نه ٿيڻي آهي. جيڪي ڌريون ”نيشنلزم“ (قوميت)  جو ٻهروپ ڪيون ويٺيون آهن، تن کي ياد رکڻ گهرجي ته اقليتن کي سندن حقن کان محروم ڪرڻ ملڪ جي آزاديءَ کي قريب آڻي ڪو نه سگهندو. مسلمان سياسي مسئلن ۾ نه خود غرض آهن نه تنگ دل. هندستان جي آزاديءَ جا هو تهدل سان خواهان آهن ۽ ان ڏس ۾ پنهنجن ڪوششن ۾ ڪڏهن به  گهٽتائي ڪا نه ڪئي اٿائون. پر ساڳئي وقت هو اهڙي به ڪا ڳالهه قبول ڪا نه ڪندا جنهن جي معنيٰ هيءَ نڪرندي هجي ته صرف سندن حاڪمن ۾ تبديلي ٿئي، يعني انگريزن جي جاءِ تي هندو مٿن راڄ ڪن.

”هندستان  جي مجموعي سياسي مسئلي جي باري ۾ مٿين حقيقتن عرض ڪرڻ بعد مان پنهنجن مسلمان ڀائرن جي خدمت ۾ به ڪجهه ڳالهيون پيش ڪرڻ گهران ٿو. انهن ڳالهين جو ساڻن ڳوڙهو تعلق آهي ۽ سندن حق ۾ وڏي اهميت رکن ٿيون.

”کين  پنهنجو ذهن صاف رکڻ گهرجي، ۽ هيءَ حقيقت پروڙڻ گهرجي، ته جيستائين هو پاڻ ۾ هڪ ٻئي سان تعلق پيدا نه ڪندا، تيستائين موجوده حالتن ۾ سندن زنده رهڻ دشوار ٿي پوندو. جن صوبن ۾ مسلمان اڪثريت ۾ آهن اتاهون کين پنهنجا نمائندا (وفدن جي صورت ۾) اقليت وارن صوبن ڏانهن موڪلڻ گهرجن، جيڪي اُت وڃي ساڻن تبادله خيالات ڪن ۽ جن حالتن ۾ هو ڪانگريس حڪومتن هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن تن جي باري ۾ معلومات حاصل ڪن. ساڳي طرح اقليت وارن صوبن مان به مسلمانن جا وفد(1) اڪثريت وارن صوبن ۾ اچڻ گهرجن، جيڪي هت اچي اتاهون جو حال احوال پنهنجن ڀائرن کي ٻڌائين. اسان مسلمانن ڏاڍي ڏکئي وقت مان گذري رهيا آهيون، تنهن ڪري اسان کي صاف ۽ مضبوط ۽ متحد طريقه ڪار اختيار ڪرڻ گهرجي.

”آءٌ هن حد تائين به وڃڻ لاءِ تيار آهيان ته آءٌ کين (مسلمانن کي) اهو مشورو به ڏيان ته هو پنهنجا وفد پنهنجي ملڪ کان ٻاهر مسلمان ملڪن ڏانهن موڪلين. ان مقصد سان ته انهن سان سڌو سياسي ۽ ثقافتي تعلق پيدا ٿئي ۽ کين هتان جي روئداد کان به واقف ڪيو وڃي. ڪانگريس وقتاً فوقتاً اهڙا وفد مسلمان ملڪن ڏانهن موڪليندي رهي ٿي، جيڪي اُت پهچي غلط ڳالهيون ٻڌائين ٿا ۽ اسان هندستان جي مسلمانن کي هندستان جي آزادي  ۽ وطن جا دشمن ڪري ڏيکارين ٿا. تنهن ڪري اسان کي به پنهنجا وفد (1) موڪلي اهڙيءَ پروپئگنڊا جو هينئر مقابلو ڪرڻ گهرجي.هونءَ  به دنيا جون حالتون ڦري رهيون آهن ۽ اسان کي عالمي مسلمان برادريءَ جي ويجهو اچڻ گهرجي، جنهن جهڙي وسيع برادري ٻيءَ ڪنهن به قوم کي ميسر ڪا نه آهي.

سنڌ جي سياست: ”ان کان پوءِ آءٌ اوهان کي پنهنجي گهر يعني سنڌ جو حال ٻڌائيندس. اسان هت تمام ڏکين حالتن جي ڪـُـن ۾ ڦاسي پوڻ بعد پنهنجا هيڻان هٿ پير پيا هڻون.  هتان جا مسلمان تمام پسمانده حالت ۾ آهن. سندن گذارو زراعت پيشه تي آهي، پر هو سخت مقروض آهن ۽ سندن قرض  جو تخمينو ويهن  ڪروڙن رپين  کان مٿي جو آهي. جنهن وقت انگريزن هيءُ ملڪ هٿ ڪيو، ان وقت تائين غير زراعت پيشه ماڻهن (يعني هندن) وٽ هڪ ايڪڙ زرعي زمين جو به ڪو نه هو. پر سال 1935ع تائين چاليهه سيڪڙو زمينون مسلمانن وٽان نڪري هندن جي هٿن ۾ پهچي چڪيون هيون. گذريل ٽن سالن ۾ وڌيڪ چاليهه سيڪڙو زمين وياج خورن جي قبضي ۾ اچي ويل چئي وڃي ٿي. تعليم مسلمانن ۾ تقريباً  ڪا نه آهي. انهيءَ اندوهناڪ حالت کي سنڌ جون نيون صوبائي جمهوري وزارتون به درست ڪري ڪو نه سگهيون آهن. سنڌ اندر پوليس  تي ته سالانه 35 لک رپيا خرچ پيا ٿين، پر سنڌ جي صحت تي فقط هڪ لک اسي هزار! سنڌ جي سرڪاري انتظام تي بمبئيءَ کان سواءِ هندستان جي ٻين سمورن صوبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ خرچ ڪيو پيو وڃي. دٻڙدونس ۽ وٺ پڪڙ جا پراڻا قاعدا هن صوبي ۾ اڃا پيا هلن، حالانڪ سڀني ڌرين پاران اِهو مطالبو ٿيندو رهيو آهي ته اهي قاعدا منسوخ ڪيا وڃن. زمينن تي ڍلن جا نرخ تمام وڏا آهن ۽ بي انصافيءَ جي بنياد تي رکيل آهن. سرڪاري خرچ کي گهٽائڻ بدران، جيئن پوءِ تيئن وڌايو پيو وڃي. في الحقيقت اسان وٽ آمدنيءَ کان خرچ وڌيڪ لڳو پيو آهي ۽ کوٽ کي پوري ڪرڻ لاءِ آبادگارن تي نوان نوان محصول وڌا پيا وڃن. جن ماڻهن کي سنڌ جي حالتن جو پورو ڄاڻ ڪو نه آهي، تن کي خيال هوندو ته سکر براج چالو ٿيڻ بعد سنڌ جا بيابان باغ بوستان بڻجي ويا هوندا، پر آءٌ انهن کي ٻڌائڻ گهران ٿو ته حقيقت ائين نه آهي. اِن براج ڪري پاڻ نوان مسئلا پيدا ٿي پيا آهن. پهريان ته براج بلي ورتل قرض جي لاهڻ جو مسئلو آهي. اِهو  قرض ان وقت کنيل هو، جڏهن سنڌ بمبئيءَ جي صوبي جو هڪ حصو هئي. سنڌ جي جدا ٿيڻ کان پوءِ ٻنهين جي وچ ۾ انصاف سان حساب ڪتاب جي صفائي ڪانه ٿي، پاڻ ان قرض جو سارو بار لاهي  سنڌ جي آبادگارن تي وڌو ويو ۽ ڪو ويچار ڪو نه ڪيو ويو ته براج بعد مرڪزي سرڪار جي پنهنجيءَ (سنڌ مان) آمدنيءَ ۾ ڪيترو واڌارو ٿيو آهي(انهن محڪمن جي ذريعي جن جي آمدني سڌيءَ طرح مرڪزي سرڪار پئي کڻي). ان کان سواءِ براج اسڪيم ۾ ڪيتريون فني گهٽتايون پڻ رهجي ويل هيون، جن کي هاڻي(وڏي خرچ سان) پورو ڪرڻو پيو پوي.انهن گهٽتاين جي اڃا چڪاس به پوريءَ طرح ڪا نه ٿي آهي، جنهن مان پتو پئجي سگهي ته انهن کي رفع ڪرڻ تي سنڌ کي ڪيترو خرچ ڪرڻو پوندو ۽ ڪهڙيون ڦير ڦاريون ڪرائڻيون پونديون. اِن اپرانڌ في ايڪڙ ڪيترو پاڻي کپندو، تنهن جي باري ۾ به براج ٺاهيندڙن انجنيرن جي اڳ ڪٿين ۾ گهڻيون غلطيون نڪتيون آهن، جنهن ڪري پاڻيءَ  جي گهٽتائيءَ جي شڪايت عام ٿيندي پئي وڃي.

”هاڻي اوهان  جو ڌيان آءٌ هڪ اهڙي خاص مسئلي ڏانهن ڇڪايان ٿو، جنهن جي پيدا ٿيڻ ڪري سنڌ جي آبادگارن ۾ اڄ ڪالهه گهڻي بي آرامي پيدا ٿي آهي. اهو مسئلو (سنڌ جي الله بخش وزارت طرفان)  ڍلن ۾ تازو ڪيل واڌاري جو آهي(يعني تازو ڍلن وڌائڻ جو منصوبو بڻايو ويو آهي). نئين منصوبي جا 3 حصا آهن:

(1) سلائڊنگ اسڪيل (Sliding Scale)  جو طريقو اختيار ڪيو پيو وڃي، جنهن هيٺ ڦـُـٽين  پيدا ڪندڙ اراضيءَ جي ڍل ۾ (ڦٽين جي وقتي اگهه پٽاندر) گهٽائڻ ۽ وڌائڻ جو دستور رائج ڪيو ويندو.

(2) گهٽ پيداوار ڪندڙ اراضيءَ جي ڍل ۾ به اضافو ڪيو ويندو.

(3) هر قسم جي پوک تي ڍل وڌائي ويندي.

”اِهو منصوبو، ڪيترن سببن ڪري، سنڌ جي ماڻهن کي نامنظور آهي. سلائڊنگ اسڪيل جو طريقو سنڌ ۾ اڳ ڪڏهن به رائج ڪو نه رهيو آهي. ان کان سواءِ سلائڊنگ اسڪيل جي اصطلاح به غلط آهي، ڇو ته ان هيٺ ڍلون وقت بوقت (ڦٽين جي اگهن چڙهڻ ڪري)  وڌائي ته سگهبيون پر(اگهن جي ڪرڻ واريءَ صورت ۾) گهٽائي نه سگهبيون!  جن زمينن سان اهو طريقو لاڳو ڪيو ويندو، اڃا تائين انهن جا ڪلاس به متعين ڪو نه ڪرڻ ۾ آيا آهن ۽ نه وري انهن مان ٿيندڙ پيداوار جو ڪو صحيح تخمينو لڳايو ويو آهي.

”منصوبي سان تعلق رکندڙ باقي ٻه ڳالهيون سنڌ جي اسيمبليءَ آگسٽ 1937ع ۾ اڳ ۾ ئي رد ڪري ڇڏيون هيون ۽ انهن کي رد ڪرڻ ۾ سنڌ جو موجوده وزيراعليٰ (خان بهادر الهه بخش) پاڻ به شريڪ هو.

”ڍلن واري ان منصوبي جي سامهون اچڻ بعد(جنهن تي عوام جي شديد مخالفت جي باوجود هينئر عمل ٿيڻو آهي) سنڌ ۾ ٿيندڙ واقعات تمام افسوسناڪ آهن. هتان جي ڪانگريس جي روش مان ائين پيو معلوم ٿئي ڄڻ هوءَ  ڪانگريس نه پر مهاسڀا آهي. ساڳي طرح موجوده سنڌ وزارت جي هلت به حد درجي قابل نفرت آهي. اها وزارت قائم هن طرح ٿي هئي ته ٻه مسلمان وزير (1) ”يونائيٽيڊ پارٽي“ جا هئا، جيڪي پنهنجي ان پارٽيءَ ڏانهن جوابده هئا. پر جيڪو سلوڪ انهن وزيرن پنهنجيءَ پارٽيءَ سان ڪيو آهي، تنهن جو مثال جمهوريت جي تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي. پهريان ته هنن پارٽي سان صلاح ڪرڻ کان سواءِ ڍلن وڌائڻ جو منصوبو ٺاهيو. ان کان پوءِ جڏهن پارٽيءَ کانئن گهـُـر ڪئي ته ان منصوبي کي ٻارهن مهينن لاءِ ملتوي ڪيو وڃي ته اها ڳالهه به ڪا نه مڃيائون، حالانڪه التوا واري ان مطالبي ٿيڻ وقت وزير پاڻ به ان ميٽنگ ۾ موجود هئا ۽ ان مطالبي جي فائدي ۾ نظر ٿي آيا. انهن وزيرن آخر ۾، ڏاڍائي ڪري ۽ پنهنجي ضمير جي آواز کي ٺـُـڪرائي ڍلن وڌائڻ جي منصوبي کي عمل ۾ آڻي ڇڏيو. پارٽيءَ، سندن ان باغيانه قدم جي پيش نظر، کانئن استعفا جي گهر ڪئي، پر هنن وزارت مان استعفا ڏيڻ بدران پاڻ پارٽي کان استعفا ڏئي ڇڏي. نتيجو اهو نڪتو جو سنڌ جي هڪ ڪـُـنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين شديد ناراضگي پيدا ٿي وئي، پر وزيرن ان جو ڪو اثر قبول ڪو نه ڪيو.

”انهن ڪارگذارين ۾ ڪانگريس پارٽيءَ  ڪهڙو بهرو ورتو، ان جي باري ۾ به ڪجهه احوال ٻڌو. مثلاً: سنڌ اندر ڪانگريس پارٽيءَ  پاڻ کي اگهاڙو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هيءُ ثابت ڪيو اٿائين ته کيس نه پنهنجن اصولن جي پرواهه آهي، نه پنهنجن اڳ جي ڪيل اعلانن جي، ۽ نه ئي پنهنجي روش ۾ ربط پيدا ڪرڻ جي.

”جنهن وقت ڍلن جي سوال تي بحث هلي رهيو هو، ان وقت ڪانگريس پاڻ ڍلن وڌائڻ جي مخالفت پئي ڪئي. ان مخالفت ۾ مسٽر جيرامداس دولترام، جيڪو سنڌ طرفان مرڪزي ڪانگريس هاءِ ڪمانڊ جو ميمبر آهي، پڻ شريڪ هو. ڪانگريس ان مضمون جا ٺهراءَ پاس ڪيا ۽ وزيرن ڏانهن تارون موڪليون ۽ ان تجويز تي ملامت جو اظهار ڪندي ان کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.  سنڌ جي موجوده وزارت  کي ڊاهڻ يا ٺاهڻ جي معاملي ۾ ڪانگريس کي وڏي قوت حاصل هئي. اها وزارت ٺهي ئي هئي ڪانگريس پارٽيءَ جي پٺڀرائيءَ  جي آڌار تي. تنهنڪري جيڪڏهن ڪانگريس پارٽي پنهنجن اصولن ۽ اعلانن تي ثابت قدم رهي ها ته وزارت کي ڪا مجال ئي ڪا نه هئي ته هوءَ عوام جي راءِ کي ريٽي ڍلون وڌائي ها.

”ذرا تاريخن تي غور ڪريو (۽ ڪانگريس جي ڦيرين گهيرين ۽ ڦڙتين کي ڏسو):

- وزارت ڍلن وڌائڻ جو حڪم 15 جولاءِ تي جاري ڪيو.

- ٻئي ڏينهن ڪانگريس، به طور اعتراض، وزارت جي پٺڀرائي (Support) ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

- 21 تاريخ جولاءِ جو وزارت ڪانگريس پارٽيءَ سان ڳالهيون شروع ڪيون. ڪانگريس پارٽيءَ وزيرن کي چيو ته 23 جولاءِ کان اڳ وزارت ڍلن وڌائڻ واري فيصلي کي روڪڻ جو اعلان ڪري، ورنه ڪانگريس عدم اعتماد واري ٺهراءَ (جيڪو اسيمبليءَ اڳيان پيش ٿي چڪو هو) تي وزارت جي خلاف صحيحيون ڏيندي.

- وزارت ڪانگريس جي چوڻ موجب اهڙو اعلان ڪو نه ڪيو، جنهنڪري 25 جولاءِ جو ڪانگريس ميٽنگ ڪري وزارت کي، سندس غير آئيني ۽ خراب هلت ڪري، سخت ننديو ۽ سندس خلاف ملامت جي ووٽ تي صحيح ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريو، ان شرط سان ته جيڪا نئين وزارت ٺهندي سا ڍلن واريءَ رٿ کي سال لاءِ واپس وٺڻ جو عهدنامو ڪندي.

”ظاهري طور، ڪانگريس پارٽي جي ان آخري ۽ حتمي فيصلي بعد ڪنهن لاءِ به وهم ۽ گمان جي گنجائش ڪا نه رهي هئي ته هوءَ، محض فرقه پرستيءَ جي خيال سان، ايترو جلد پنهنجي اهڙي فيصلي تان ڦري ويندي. مگر ٿيو ڇا؟ پهريان ڪانگريس اسيمبليءَ ۾ مخالف پارٽيءَ سان عهدنامو ڪيو ته موجوده وزارت جي ڊهڻ واريءَ صورت ۾ هوءَ ڪا به وزارت ڪا نه ٺاهيندي، بشرطيڪ  ڍلن وڌائڻ  وارو فيصلو اڳواٽ واپس ورتل نه هوندو. پر پوءِ اسان جي تعجب جي ڪا حد ڪا نه رهي، جڏهن معلوم ٿيو ته ڪانگريس وارا ان کان پوءِ به الهه بخش وزارت سان مخفي طرح ڳالهيون پيا هلائن ۽ آخر هن ڳالهه تي پاڻ ۾ ٺاهه ڪري ڇڏيو اٿائون ته وزارت فقط سلائڊنگ اسڪيل واري حصي کي ٻارهن مهينا ملتوي  ڪندي، مگر منصوبي جي باقي ٻن حصن تي ڪيل فيصلي موجب عمل قائم رهندو.

”ڪانگريس جي ان ٻه چاپڙائيءَ ۽ منافقيءَ سببان ساري سنڌ مان ڪانگريس تي لعنت ملامت وسڻ لڳي ۽ سنڌ منجهه سندن پارٽيءَ جا پير اُکڙي ويا. ان نئين صورتحال کي مـُــنهن  ڏيڻ لاءِ سنڌ جي ڪانگريس وارن سردار ولڀ ڀائي پٽيل ۽ مولانا ابوالڪلام آزاد کي سنڌ ۾ گهرايو. جناب پٽيل ڪراچيءَ ۾ پهچندي ئي ٻئي ڏينهن تي، بنا ٻئي طرف کي ٻـُـڌي، ۽ بنا ڪنهن سبب جي، سنڌ جي مسلمانن خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو. جلد ابوالڪلام آزاد به هت پهتو ۽ ان کان پوءِ سنڌ جي ٻنهين ڌرين سان سندن ڳالهيون هليون. آخر فيصلو اِهو ٿيو ته جيڪڏهن سنڌ جي وزارت ڍلن وارو منصوبو واپس نه ٿي وٺي ۽ سندس خلاف عدم اعتماد جي رٿ اسيمبليءَ ۾ پيش ٿئي ٿي ته ڪانگريس پارٽي نيوٽرل رهندي. ڪانگريس جو اهو فيصلو به هڪ لحاظ کان اڻ وڻندڙ هو. ڪانگريس کي سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڏهه سيٽون هيون ۽ سندس نيوٽرل رهڻ جي اِها معنيٰ ٿي ٿـِـي  ته ڍلن جهڙي نازڪ سوال تي به سنڌ جا اهي ڏهه تڪ ڪا به راءِ ڏئي نه سگهندا. ان کان سواءِ سنڌ جي جنهن وزارت اهڙيون غير آئيني حرڪتون ڪيون هيون، ان کي جوڳي سزا ڏيڻ واري پهلوءَ کي به نظر انداز ڪيو ويو هو، حالانڪه ڪانگريس هاءِ ڪمانڊ جي پنهنجي راءِ به اها هئي ته وزارت جي هلت قابل اعتراض رهي هئي.

”اصل ۾ سچي ۽ بنيادي ڳالهه هيءَ آهي ته ڪانگريس انهن ورن وڪڙن کائڻ سان،اڻ سڌيءَ طرح، موجوده غلط ڪار وزارت کي قائم رکڻ گهري ٿي. ڪانگريس جي ”فرض فراموشي“ ظاهر ٿي چڪي آهي. موجوده وزارت جڏهن کان قائم ٿي آهي، اسيمبليءَ جو اجلاس ڪونه سڏايو اٿائين(سواءِ پندرهن ڏينهن جي، جڏهن مئي مهيني ۾ هڪ تڪڙو اجلاس سڏايو هئائين). اسيمبليءَ جي ايجنڊا تي 108 بل، سوين ٺهرائن جا نوٽيس ۽ هزارين سوال چڙهي چڪا آهن. مخالف ڌر جي اڳواڻ، وزارت خلاف عدم اعتماد جي ٺهراءُ جو نوٽيس پڻ موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو اٿائين ته ڪانگريس جي نيوٽرل هجڻ واري اعلان کان پوءِ وزارت کي اسيمبلي اندر اڪثريت جي حمايت حاصل ڪا نه رهي آهي، ۽ جنهن صورت ۾ باقي ميمبرن جي اڪثريت مخالف ڌر جي حامي بڻجي چڪي آهي، تنهن صورت ۾ اسيمبليءَ جو اجلاس هڪدم سڏائي هڪ نه هڪ فيصلو وٺڻ گهرجي. انهن حالتن هيٺ هاڻي وزارت جو گهر حمايتن کان خالي ٿي چڪو آهي. ڪنهن به پارٽيءَ جي سپورٽ کيس حاصل ڪا نه رهي آهي. وزارت فقط اٽڪلن تي پنهنجو گذارو پئي ڪري. ان قسم جي وزارت کي وڌيڪ وقت چالو رکڻ آئيني جمهوري اصولن سان هاڃي ڪرڻي آهي.

”آءٌ ڪانگريس کان پڇڻ گهران ٿو ته هوءَ ان باري ۾ هينئر ڇا ڪرڻ گهري ٿي؟ موجوده وزارت کان اڳ واري دؤر ۾ ڪانگريس کي هر وقت انتظار لڳل رهندو هو ته اسيمبليءَ جا اجلاس تڪڙا تڪڙا سڏايا وڃن. ڇا هوءَ هينئر سنڌ جي گورنر تي زور آڻڻ لاءِ تيار آهي ته اسيمبليءَ جو اجلاس هڪدم ڪوٺايو وڃي ۽ سنڌ جي صوبي کي هاڻوڪيءَ وزارت جي تباهه ڪارين کان ڇوٽڪارو ڏياريو وڃي.

”ڪانگريس لاءِ رستو ڪيتريقدر به صاف ۽ سڌو ڇو نه هجي، پر هوءَ ان تي بنهه ڪا نه هلندي. ڪانگريس کليو کلايو هندن جي جماعت آهي،هوءَ هر حال ۾ هاڻوڪيءَ وزارت کي قائم رکڻ گهري ٿي ڇو ته هندو مهاسڀا وارا وزارت جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن. مهاسڀا وارن جي مراد اها آهي ته هو ان وزارت ذريعي سنڌ جي مسلمانن کي تباهه ۽ برباد ڪرائي ڇڏين. ان سازش ۾ ڪانگريس به ساڻن شامل آهي ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو هوءَ پنهنجن مڙني نام نهاد اصولن ۽ اعلانن تان ڦرندي رهي آهي.

”پر، هڪ ڳالهه چڱي ٿي آهي، يعني سنڌ ۾ هينئر ڪانگريس اگهاڙي ٿي پئي آهي ۽ پنهنجي تابوت ۾ آخري ڪلي ٺوڪي چڪي آهي.

عام هندن کي تسلي: هن خطبي  کي ختم ڪرڻ کان پهريان آءٌ سنڌ جي هم وطن هندن کي مشوري طور هيءُ چوڻ گهران ٿو ته هن صوبي جي ترقي ٿيڻ اوستائين مشڪل رهندي جيستائين سندن اها ڪوشش هوندي ته هو مسلمانن کي پاڻ ۾ ويڙهائي، هڪ اهڙيءَ وزارت جي ذريعي پنهنجو راڄ قائم ڪن جيڪا وزارت پنهنجي ولر کان وڇڙي خود پنهنجي مسلمان قوم ۾ نفرت ۽ ملامت جو نشانو بڻجي چڪي آهي. فرقه پرستيءَ مان، آخرڪار، ڪنهن به قوم يا فرقي کي فائدو ڪو نه پهچڻو آهي. انساني حياتيءَ  جي وڏن مسئلن کي ڌاڙيلن وارن طريقن سان حل ڪري ڪو نه ٿو سگهجي. ملڪ جي سياسي زندگيءَ کي صاف ۽ آئيني اقدارن  کي هر حال ۾ ملحوظ رکڻ جڳائي. انهن اصولن تي جيڪو فرقو عمل نه ڪندو، سو گويا ساري ملڪ سان دشمني ڪندو.

”پنهنجي پاران  آءٌ سنڌ جي هندن کي تسلي ڏيڻ گهران ٿو ته جيڪڏهن مسلم ليگ پاور ۾ آئي ته هوءَ هندن ۽ ٻين اقليتن جي حقن جي اهڙي ئي تندهي ۽ ايمانداريءَ سان حفاظت ڪندي، جهڙي مسلمانن جي حقن جي. ان باري ۾ کين ڪا تشويش نه هجڻ گهرجي، حتاڪ ان صورت ۾ به جيڪڏهن هو موجوده وزارت ، جنهن جا مسلمان مخالف آهن، جي اڃا به پٺڀرائي ڪندا رهندا. انتقام ۽ بدلو وٺڻ مسلم ليگ جي اصولن جي خلاف آهي. ان يقين ڏيارڻ کان پوءِ آءٌ البته کين هيءُ به چوندس ته هو موجوده وزارت جي باري ۾  پنهنجي روش تي نظرثاني ڪن. آخر ڪيستائين هاڻوڪيون شڪي حالتون ۽ بي اعتباري ۽ ڪشمڪش جي ڪيفيت جاري رهندي؟ ڇا هو سمجهن ٿا ته انهن طريقن اختيار ڪرڻ سان هو صوبي جي ماڻهن سان ڀلائي ڪري رهيا آهن.

”خطبي جي پڇاڙيءَ ۾ آءٌ اوهان صاحبن جي رهنمائي حاصل ڪرڻ جي غرض سان ڪجهه نـُـڪتا پيش ڪريان ٿو:

(1) سنڌ جا مسلمان پسمانده آهن ۽ سندن اها پسماندگي اوستائين ڪا نه ويندي، جيستائين هاڻوڪي وزارت برسراقتدار رهندي، جنهن جي 35 مان 26 مسلمان ميمبر مخالفت ڪري رهيا آهن.

(2) هندن پاڻ ۾ ٻڌي ڪري هيءَ پاليسي اختيار ڪئي آهي ته موجوده اڻ وڻندڙ وزارت کي هو هر حال ۾ قائم رکيون ايندا.

(3) ڪانگريس پاڻ کي وزارت جي معاملي ۾ نيوٽرل ظاهر ڪري صوبي کي نقصان پهچائي رهي آهي.

(4) سنڌ جو گورنر اسيمبليءَ جو اجلاس سڏائي فيصلي ڪرائڻ لاءِ تيار نه آهي، باوجود هنن ڳالهين جي ته:

(الف) موجوده وزارت کي يونائيٽڊ پارٽي، جنهن سان هن جي وابستگي هئي، رد ڪري چڪي آهي. ڪانگريس پارٽي به ووٽ جي باري ۾ نيوٽرل رهڻ جو فيصلو ڪيو ٿو ڏسجي.

(ب)    گورنر جي اها روش ۽ موجوده وزارت جو اڃا به قائم رهڻ 1935ع واري آئين جي خلاف آهي ۽ پڻ انهن هدايتن جي جيڪي بادشاهه وٽان Instrument of Instructions جي ذريعي گورنر کي ڏنل آهن.

(ج)    پوزيشن جي ليڊر وزارت جي خلاف عدم اعتماد جي ٺهراءَ جو نوٽيس گورنر ڏانهن موڪلي ڏنو آهي(پر گورنر پنهنجن خطن ۾ ان اطلاع جو ڪو حوالو به ڪو نه ٿو ڏئي.)

(د)     اسيمبليءَ جو ڪيترو ٻيو ڪم به اجلاس نه سڏجڻ ڪري رُڪيو پيو آهي.

(هه)    موجوده وزارت جي اڃا به قائم رهڻ ڪري سنڌ جي انتظام جي حالت ابتر ٿي رهي آهي.

”اهو آهي اختصار  انهن مسئلن جو، جيڪي هن ڪانفرنس جي اڳيان مختلف ٺهرائن جي صورت ۾ پيش ٿيندا ۽ اوهان کي انهن جي باري ۾ اسان جي رهنمائي ڪرڻي پوندي.

”خطبه استقباليه کي ختم ڪرڻ کان اڳ آءٌ انهن سائين جو شڪريو ادا ڪرڻ گهران ٿو، جن هن ڪانفرنس کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي. مثلاً: شيخ عبدالمجيد، سر غلام حسين هدايت الله، مسٽر گزدر، مسٽر جي.ايم. سيد، ملڪ عبدالعزيز، خان بهادر کهڙو، مسٽر ايم. اي. خالق، مسٽر غلام علي خان، مولانا ثناءُ الله، مولوي حقاني، سيد ايم. اسلم، مسٽر آغا، حاجي عبدالعزيز، مسٽر يوسف هارون ۽ سيد علي محمد راشدي ڪانفرنس جو جنرل سيڪريٽري) ۽ ٻيا اهي حضرات، جن هن باري ۾ وڏي محنت ڪئي آهي ۽ وڏي تڪليف برداشت ڪئي آهي.“

 

*     *     *

مٿئين خطبي جو هيءُ ٽڪر اڄ غور ڪرڻ جي قابل آهي، ڇو ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته حاجي عبدالله هارون جي نگاهه ڪيتريقدر نه دور رس هئي:

آءٌ هن موقعي جو فائدو وٺندي، وري به هڪ ڀيرو اڪثريت واريءَ قوم (هندن) کي اپيل ڪريان ٿو ته هوءَ اسان جي صبر جو وڌيڪ امتحان نه وٺي. اسان اڳ ۾ ئي ان منزل تي پهچي چڪا آهيون جتان اسان جا رستا جدا ٿي وڃن ٿا ۽ جيڪڏهن اسان جي حقن ۽ مطالبن جو مسئلو حل نه ٿو ڪيو وڃي ته دنيا جي ڪا به طاقت هندستان کي هندو - هندستان“ مسلم – هندستان ۾ ڪٽجي ورهائجي وڃڻ، ۽ ٻن جدا جدا فيڊريشنن هيٺ رهڻ کان روڪي ڪا نه سگهندي.

حاجي صاحب هندن کي اها سمجهاڻي يا تنبيهه  آڪٽوبر 1938ع ۾ ڏني، پر هندن سندس ڪا ڳالهه ڪا نه ٻڌي. پاڻ هر محاذ تي مسلمانن کي وڌيڪ تنگ ڪرڻ جون ڪوششون جاري رکندا آيا. سنڌ ۾ ته خاص طرح سان، مسلمانن کي چيڙائڻ ۽ زير ڪري کين پنهنجي طاقت ڏيکارڻ جي نيت سان، الله بخش مرحوم جي وزارت سان چنبڙيا رهيا، جنهنڪري سنڌ جي مسلمانن کي، منجهانئن پنهنجي جند ڇڏائڻ خاطر هندستان کي ورهائڻ ۽ مسلمانن جي علائقن کي جدا ڪرائڻ لاءِ، سـُـتت ئي جيڪا تحريڪ شروع ٿي تنهن ۾، اندر جي باهه کان، وڌ ۾ وڌ حصو وٺڻو پيو.

ان ساري قصي کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته آڪٽوبر 1938ع (جڏهن حاجي صاحب هندن کي اها تنبيهه ڏني) کان پوءِ جا ٿيل واقعا مختصر طرح، هت ڏئي ڇڏجن:

(1) آڪٽوبر1938ع ۾ حاجي صاحب اها تنبيهه  هندن کي ڏني، پر مٿن اثر ڪو نه ٿيو. پاڻ حاجي صاحب تي هندو اخبارن گارين جا ڌوڙيا وسائڻ شروع ڪيا ۽ سندس باري ۾ لکيائون ته هو
(حاجي صاحب) ڪٽر فرقه پرست آهي ۽ هندستان کي ٽڪر ٽڪر ڪرڻ ۽ پاڪستان آڻڻ جا منصوبا بڻائي رهيو آهي.(1)  هندن ان پروپئگنڊا جي دوران ۾ پاڻهرتو  ”پاڪستان“ جو نالو استعمال ڪرڻ شروع ڪيو. حالانڪ انهن ڏينهن تائين اهو نالو مسلم ليگ جي پليٽفارم تان ڪڏهن به ڪو نه کنيو ويو هو.

(2) حاجي صاحب هندن جي اها ضدي ۽ منفي ذهنيت ڏسي ۽ منجهانئن نااميد ٿي، هندستان جي تقسيم ۽ مسلمانن جي اڪثريت وارن صوبن کي هندستان کان جدا ڪرائڻ لاءِ هڪدم پنهنجي مٿي ٿورو گهڻو ميدان هموار ڪرڻ شروع ڪيو.

(3) 1938ع جي پڇاڙيءَ ۽ 1939ع ۾ مسلمان نمائندن جا خير سگالي وفد(2) ، پنهنجي خرچ تي، هندستان جي مختلف صوبن ۾ راءِ عامه پيدا ڪرڻ جي مقصد سان روانا ڪيائين. جن صوبن ۾ مسلمان گهڻائيءَ ۾ هئا، اتان جي نمائندن جا وفد انهن صوبن ۾ موڪليائين جت مسلمان ٿورائيءَ ۾ هئا، ساڳي طرح مسلمانن جي ٿورائي وارن صوبن جي نمائندن جا وفد گهرائي مسلمانن جي اڪثريت وارن صوبن ۾ انهن جو گشت ڪرايائين.(هيءُ قصو قرارداد لاهور جي پاس ٿيڻ کان ڏيڍ سال اڳ جو آهي.)(3)

(4) صوبي پنجاب جي اهميت ۽ خاص حالتن جي پيش نظر(1) حاجي صاحب اتاهون جي حالتن جي مطالعي لاءِ مون کي اوڏانهن موڪليو. منهنجي رپورٽ  جي بنياد تي حاجي صاحب فارين اينڊ انلينڊ پبلسٽي ڪميٽي (جنهن جو ذڪر هن هيٺ ايندو) کان 12 جون 1939ع(2)  جو قائداعظم رحه جي خدمت ۾ سفارش موڪلرائي ته آل انڊيا مسلم ليگ جو ايندڙ سالانه اجلاس پنجاب ۾ سڏايو وڃي. اجلاس جي انتظام ۾ مقامي ڪارڪنن سان تعاون لاءِ جون 1939ع کان پوءِ منهنجو هيڊ ڪوارٽر لاهور ۾ ڪرايائين، جت مان نواب سر شاهنواز خان ممد وٽ مرحوم سان اجلاس ختم ٿيڻ واري وقت تائين شريڪ ڪار رهيس. اهو اجلاس مسلم ليگ جو اهو تاريخي اجلاس ثابت ٿيو، جنهن ۾ قرارداد لاهور(جا بعد ۾ قرارداد پاڪستان جي ٽائٽل سان مشهور ٿي) 23- مارچ 1940ع جو پاس ٿي. منهنجي هيڊ ڪوارٽر (جنهن ۾ آفيس، رهائش جي جاءِ ۽ ڪافي عملو شامل هو) جو سارو خرچ حاجي صاحب پئي ڀريو ۽ اجلاس متعلق تقريباً سارو ڪم مون وٽ ئي ٿيندو رهيو.

(5) مٿي ذڪر ڪيل وفدن جي انتظام کان سواءِ حاجي صاحب ٻه ٻيا قدم به کنيا: هڪ ته آل انڊيا مسلم ليگ کان (ڊسمبر 1938ع ۾) ٺهراءُ پاس ڪرائي مسلم ليگ پاران ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر ساريءَ پروپيگنڊا جو ڪم پنهنجي هٿ ۾ کنيائين. ان ڪم لاءِ هڪ ڪميٽي مقرر ڪرايائين، جنهن جو پاڻ چيئرمين ٿيو. خرچ سمورو پاڻ تي هموار ڪيائين.

(6) ان ڪميٽيءَ تي نالو پيو ”فارين  اينڊ انلنڊ پبلسٽي ڪميٽي“(Foregin&inland Publicity Committee)  جا پوءِ عام طرح فارين ڪميٽي سڏجڻ لڳي. ان ڪميٽي(1) ٺهڻ شرط حاجي صاحب ڪميٽيءَ کان هڪ ٺهراءُ پاس ڪرائي هڪ سب ڪميٽي (2) ٺاهي،  جنهن جي سپرد هيءُ ڪم ٿيو ته هوءَ ملڪ جي تقسيم کي ممڪن العمل ثابت ڪرڻ لاءِ مختلف تجويزن ۽ ضروري مواد جو جائزو وٺي، هڪ جامع ۽ مڪمل اسڪيم تيار ڪري، جنهن اسڪيم جي ذريعي هڪ طرف  آل انڊيا مسلم ليگ جي هاءِ ڪمانڊ کي ۽ ٻئي طرف انگريزن ۽ باقي دنيا کي هن اصول جو قائل ڪري سگهجي ته تقسيم برصغير ۽ مسلمان علائقن جي علحدگي قابل عمل رٿائون آهن. ان سبب ڪميٽيءَ  جون ميٽنگون سارو سال (1939ع) هلنديون رهيون ۽ فبروريءَ 1940ع ۾ حاجي صاحب بحيثيت چيئرمين جي، آل انڊيا ليگ هاءِ ڪمانڊ اڳيانInterim(3) رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ ڄاڻايائين ته هاڻي مسلم ليگ کي مسلمانن لاءِ علحده رياست حاصل ڪرڻ متعلق مطالبو پيش ڪري ڇڏيڻ گهرجي. رپورٽ ۾ اهو به لکيائين ته فارين(۽ انلنڊ پبلسٽي)  ڪميٽي هڪ سب ڪاميٽي ٺاهي آهي، جيڪا ان باري ۾ مفصل Feasibility رپورٽ جلد مرتب ڪندي(1)

 

پاڪستان جي اسڪيم تي غور لاءِ ڪاميٽيءَ جو اجلاس


 

(7) ايندڙ مارچ (1940) ۾ لاهور واري قرارداد آل انڊيا ورڪنگ ڪميٽي تيار ڪري، سالانه اجلاس کان منظور ڪرائي ۽ ان کان پوءِ تحريڪ پاڪستان زور شور سان هلي.

(8) 1942ع جي اپريل مهيني ۾ حاجي صاحب پاڻ انتقال ڪري ويو، مگر سندس مچايل چڻنگ هڪ شعلي جي صورت اختيار ڪري چڪي هئي ۽ ورندڙ پنجن سالن اندر ملڪ جو ورهاڱو ٿي ويو ۽ پاڪستان وجود ۾ اچي ويو. ڪاش، حاجي صاحب جيئرو هجي ها ۽ پنهنجي پوکيل سلي جو ثمر ڏسي سگهي ها.

 

*        *        *

ان قصي جو هڪ ٻيو پهلو به حيرت ۾ وجهندڙ آهي. مثلاً: جيڪڏهن الله بخش وزارت ڍلن ۾ في رپئي تي صرف ٻن ٽن آنن جو اضافو نه ڪري ها ته سنڌ ۾ ممڻ ڪو نه مچي ها،  ڪانگريس ( جنهن الله بخش وزارت  جي مدد ڪئي)  مان سنڌ جا مسلمان نااُميد ٿي، جوش ۾ اچي هندن خلاف آل انڊيا مسئلن ۾ ڪاهي ڪو نه پون ها، ٿي سگهيو ٿي ته حاجي عبدالله هارون(1) به آڪٽوبر 1938ع واري مسلم ليگ ڪانفرنس ئي ڪو نه ڪوٺائي ها ۽ مسلم ليگ جو سنڌ ۾ ڪو به خاص اثر پيدا ڪو نه ٿئي ها، ٿي سگهيو ٿي ته هندستان جي ورهاڱي واري مطالبي جي ابتدا (ڪم از ڪم ان منزل تي) ڪا نه ٿئي ها، ٿي سگهيو ٿي ته خود حاجي عبدالله هارون به ايڏي جوش سان سر ڌڙ جي بازي ڪو نه  لڳائي ها ۽ پنهنجي خرچ سان اهي ڪم ڪو نه ڪري ها، جن جو ذڪر هينئر ڪري چڪو آهيان(2) ۽ اهڙين حالتن ۾ امڪان ٿي سگهيو ٿي ته برصغير جي تاريخ ڪنهن ٻيءَ طرح ٺهي ها ۽ شايد ته هندن کي سنڌ مان بنهه لـَـڏڻوڻ ڪو نه پوي ها. اهي سڀ امڪاني ڳالهيون هيون، امڪان جي حدن کان ٻاهر ڪو نه هيون. آخر ٿيو اهو، جيڪو مولا کي منظور هو. سندس لک احسان جو اسان مسلمانن کي هڪ آزاد رياست پاڪستان عطا فرمايائين.

بهرحال سياست جي دنيا ۾ ننڍين ڳالهين مان ڳالهوڙا بڻجيو پون.

*        *        *

حاجي عبدالله هارون جي باري ۾ ڪجهه واقعات ٻڌو:

حاجي صاحب ۽ آءٌ مسلم ليگ جي ڪم سان دهليءَ ۾ رهيل هئاسون، 20- ونڊ سر پئليس ۾،جيڪا حاجي صاحب جي رهائش جي جاءِ هئي ۽ اسيمبلي ميمبر جي حيثيت ۾ کيس سرڪار طرفان الاٽ ٿيل هئي. ات فبروري 1940ع ۾ جڏهن قرارداد پاڪستان جو مسودو تيار ٿيو ته قائداعظم جي حڪم موجب، عبدالله هارون مرحوم مون کي دهليءَ کان لاهور موڪلڻ ٿي گهريو ته اهو مسودو وڃي سر سڪندر حيات خان مرحوم کي ڏيکاريان ۽ کانئس منظور ڪرايان. سر سڪندر حيات خان  جي رضامندي، ان مسودي جي باري ۾ ، حاصل ڪرڻ ضروري هئي، ڇو ته هو پنجاب جو وزيراعليٰ ۽ قائد هو ۽ جيستائين هو شامل نه ٿي ٿيو، اوستائين قرارداد جو مقصد حاصل ٿيڻ ڏکيو هو. مسودي جي ڪاپي کڻي آءٌ دهلي ريلوي اسٽيشن تي آيس ته گاڏيءَ ۾ جاءِ ڪا نه ملي، جنهن ڪري موٽي اچي حاجي صاحب کي اِها ماجرا ٻڌايم. پاڻ چيائين: ”ائين ڪم ڪو نه هلي سگهندو، ريلن جي آسري تي. پاڻ کي سياسي ڪم لاءِ پنهنجو هوائي جهاز وٺڻو پوندو.“ مون ان وقت ته اها ڳالهه مذاق سمجهي. حاجي صاحب کي جڏهن  جوش ايندو هو ته وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪري گذرندو هو. مگر منهنجي حيرت جي حد نه رهي، جڏهن ورندي صبح جو پاڻ موٽر ۾ سوار ٿي، مون کي ساڻ ڪري، سنڊيا اسٽيم نيويگيشن ڪمپنيءَ جي دفتر ۾ هلي پهتو. آءٌ به ساڻس گڏ مئنيجر جي ڪمري ۾ گهڙي ويس. ات حاجي صاحب جهاز جي خريداريءَ جي باري ۾ آرڊر ڏيڻ لڳو. مون کي خطرو محسوس ٿيو ته ڳالهه مان ڳالهوڙو بڻجي رهيو آهي، هينئر هوائي جهاز خريد پيو ٿئي، جڏهن اهو هوائي جهاز آيو ته لازماً مون کي اهو استعمال ڪرڻو پوندو، ڇو ته حاجي صاحب طرفان مون کي ئي ڊڪ ڊوڙ ڪرڻي پئي پوي. مون وچ ۾ (حاجي صاحب ۽ ڪمپنيءَ جي مئنيجر جي گفتگو ۾) دخل ڏئي، سنڌيءَ ۾، حاجي صاحب کي چيو ته آءٌ هوائي جهاز ۾ بنهه ڪو نه چڙهندس، تنهن ڪري اهو خرچ اجايو ويندو. حقيقت اها هئي ته ان وقت تائين مون ڪڏهن به هوائي جهاز ۾ سفر ڪو نه ڪيو هو.(1)  مون کي هوائي جهاز کان وحشت ۽ نفرت هوندي هئي.

منهنجيءَ گهڻي گڙٻڙ ڪري حاجي صاحب ڳالهيون اڌ ۾ ڇڏي موٽي گهر آيو ۽ مون کي سمجهائڻ لڳو ته: ”دنيا تيزيءَ سان بدلجي رهي آهي، هوائي جهاز جي سواري زندگيءَ جي ضروريات ۾ داخل ٿي رهي آهي. آءٌ ڪيستائين پاڻ کي بيل گاڏيءَ جي دؤر ۾ رکيو ويٺو هوندس؟“ حاجي صاحب آخر ۾ هيءُ هٿيار به استعمال ڪيو. چي: ”تنهنجن انهن حالن ۾ پاڻ پاڪستان ڪيئن بڻائي سگهنداسين؟“ مون کـُـتو جواب ڏنس: ”پاڪستان ٺهي يا نه ٺهي، سو الله تعاليٰ جي مرضيءَ تي منحصر آهي، پر آءٌ هوائي جهاز ۾ هر گز ڪو نه چڙهندس.“ آخر  بضد مشڪل حاجي صاحب باز آيو. آءٌ ان خوف وچان، ته مبادا منهنجي لاهور وڃڻ ۾ دير پوڻ ڪري حاجي صاحب کي ٻي ڪا خطرناڪ رٿ خيال ۾ اچي، انهيءَ وقت پنهنجي موٽر ۾ چڙهي سر سڪندر حيات سان ملڻ لاءِ لاهور کسڪي ويس، تاڪ في الحال حاجي صاحب جي اکين کان ٽريل هجان.

ٻي عالمي جنگ جي اعلان کان پوءِ ستت ئي وائسراءِ هند لارڊ لنلٿگو هندستان جي مکيه ليڊرن ڏانهن شملي مان دعوت موڪلي ته هو اچي ساڻس ملن، تاڪ نئين صورتحال ۾ هندستان جي آئيني مسئلن جي باري ۾ ساڻن مشورو ڪيو وڃي.انهن ليڊرن مان، جن جي نالي وائسراءِ وٽان تارون آيون، هڪ حاجي صاحب به هو. تار پهچڻ شرط مون کي سڏائي ورتائين. چي: ”هاڻي کوهه ۾ کڙو پئجي چڪو آهي. آئين جي باري ۾ نئين سر ڳالهيون ٿينديون. اهو ئي موقعو آهي جو اسين هندستان جي ورهاڱي ۽ آزاد مسلم رياست حاصل ڪرڻ لاءِ ڪجهه ڪري سگهنداسين، تنهنڪري هڪدم تيار ٿي ته شملي هلون.“ ان کان پوءِ پاڻ هرتو چيائين ته شملي ۾ سردي هوندي، تنهنڪري تنهنجي لاءِ ٻن گرم سوٽن سبائڻ جو آرڊر ڏيڻو اٿم.مون چيس ته گرم ڪپڙا اٿم، هروڀرو نون سوٽن سبائڻ جي ضرورت ڪا نه آهي، پر پاڻ ڪو نه مڙيو، مون کي موٽر ۾ ويهاري، انهيءَ ئي وقت ڪراچيءَ جي مهانگي ۾ مهانگي درزيءَ حميد وٽ هليو. ان کي سلائيءَ جا ڊبل پيسا آڇي، مون لاءِ اعليٰ ۾ اعليٰ گرم ڪپڙي مان سوٽن ٺاهڻ جو آرڊر ڏنائين.

واپس دفتر ۾ آياسين ته مون کيس مشورو ڏنو ته اسين هڪ مضمون لکي، لاهور جي سول ملٽري گزيٽ اخبار ۾ ڇپارائي، شملي هلڻ کان اڳ پڌرو ڪرائي ڇڏيون، جنهن ۾ اسان دنيا اڳيان واضح ڪري ڇڏيون ته هندستان جي مسلمانن کي پنهنجي مستقبل کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڇا ٿو گهرجي؟ يعني هندستان جو ورهاڱو ۽ آزاد مسلمان رياست جو قيام! اهو مضمون سول ملٽري گزيٽ ۾ شايع ٿيو ته شملي ۾ وائسراءِ جي نظر مان به گذرندو ۽ هو اڳواٽ ان باري ۾ سوچڻ شروع ڪري ڏيندو. گهٽ ۾ گهٽ حاجي صاحب کي ته دوران گفتگو، ساري داستان ۽ دليل دلائل ٻڌائڻ جي ضرورت ڪا نه پوندي. ممڪن آهي ته ان مضمون جي ڪري وائسراءِ پاڻ هرتو ساڻس اها گفتگو ڇيڙي. منهنجي صلاح حاجي صاحب کي ڏاڍو پسند آئي. مون انهيءَ ئي وقت هڪ ڊگهو مضمون سندس نالي ۾ لکي تيار ڪيو، جنهن جي سرخي هئي: “Sword or Logic” (تلوار يا منطقي دليل). خود مضمون ۾ اهي سمورا دليل ڄاڻايل هئا، جن جي بنياد تي هندستان جو ورهاڱو ۽ مسلمان رياست جو قيام لازمي هو ۽ آخر ۾ لکيل هو ته جيڪڏهن صاحب اختيار ڌريون اهڙن واضح دليلن کي نظر انداز ڪري مسلمانن جي مطالبي کي ٺـُـڪرائين ٿيون ته مسلمانن کي لاچار ترار جي ذريعي پنهنجو حق وٺڻو پوندو.

مضمون ۾ مون دليلن جي انتها ڪري ڇڏي هئي. مضمون ٻڌي حاجي صاحب ڏاڍو خوش ٿيو. اسان شملي ڏانهن وڃي رهيا هئاسين ته ڪالڪا ۽ شملي جي وچ ۾ رستي تي هڪ موٽر اسٽينڊ وٽ سول ملٽري گزيٽ جو پرچو مليو.  ان ۾ مضمون به ڇپيل هو ۽ پهرين صفحي تي مسلمانن جي گهـُـر موجب تيار ڪيل مسلم رياست جو نقشو به ڏنل هو. اخبار ڏسي حاجي صاحب ڪپڙن ۾ ڪو نه ٿي ماپيو. سندس چهري جي رونق ڏسڻ وٽان هئي، چوڻ لڳو:

”هاڻي مسلمانن اڳيان هڪ مقصد Goal واضح طور اچي چڪو آهي، هاڻي ان جي حصول کي ڪا به طاقت روڪي ڪا نه سگهندي.“

ائين چوندي، ڀر واري ريسٽورانٽ مان ”چانهه، پيسٽري، ڪيڪ، سينڊوچ وغيره“ جي طشتري گهرائي زور سان مون کي کارائڻ لڳو. مان انهن شين کائڻ جو عادي ڪو نه هوس، خاص طرح سان مانيءَ جي ٽائمن جي وچ ۾، مگر حاجي صاحب پنهنجن هٿن سان شيون کڻي منهنجي وات ۾ وجهندو ويو، چيائين: ”اڄ ته روزا ٽوڙ، هينئر به وات مٺو نه ڪندين ته ڪڏهن ڪندين؟“

 

*        *        *

مارچ  1940ع ۾ لاهور واري آل انڊيا مسلم ليگ جي سالانه اجلاس ۾ مشهور زمانه قرارداد لاهور پاس ٿي. 1941ع جي اپريل ۾ سالانه اجلاس مدراس ۾ ٿيو. ان اجلاس ۾ سنڌ پاران حاجي صاحب مرحوم، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ آءٌ شريڪ ٿياسين. ساري پنجاب مان فقط ٻه صاحب آيا، ملڪ برڪت علي مرحوم ۽ مولانا ظفر علي خان مرحوم. صوبه سرحد ۽ بلوچستان مان بنهه  ڪو ماڻهو ڪو نه آيل هو. ان اجلاس ۾ مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ قرارداد لاهور کي مسلم ليگ جي نصب العين يا اغراض مقاصد ۾ شامل ڪرڻ ٿي گهريو. منهنجو خيال هو ته قرارداد جو اهو حصو نظرثاني جو محتاج آهي، جنهن جو مضمون هن طرح هو:

”(جنهن حصي ۾ مسلمان رياستون قائم ٿينديون) ات اقليتن (يعني غير مسلمانن) لاءِ ڪافي،موثر ۽ لازمي (Mandatory)، تحفظات، تفصيل سان ۽ سندن مشوري سان، آئين اندر مهيا ڪيا ويندا، تاڪ اقليتن جي مذهبي، ثقافتي، اقتصادي،سياسي، انتظامي ۽ ٻين حقن ۽ واسطن (Rights and Interests)  جي حفاظت ٿي سگهي.“

ساڳي قسم جو وثيقه(بندوبست) انهن علاقن ۾ اقليتن لاءِ رکيل هو، جت هندو رياست ٺهڻي هئي.

منهنجا دليل هي هئا:

1- مسلمان علائقن ۾ جيڪڏهن هندن ۽ سکن کي اهي، ايترا ۽ اهڙا حق آئيني طور، عين سندن مشوري موجب ڏنا ويا ته اهي مسلمان رياست کي ”مسلمان ٿي  ڪم ڪرڻ يا بنهه هلڻ، ڪو نه ڏيندا. اسان کي پنهنجن اڪثريت وارن صوبن ۾ اڳ ئي سندن هٿ لڳل هئا(اهڙي دؤر ۾ جڏهن کين اڃا اهي ۽ ايترا حق به حاصل ڪو نه هئا) ان وقت آدمشماريءَ جي پوزيشن هيءَ هئي: مسلمانن جي وڏي ۾ وڏن صوبن ۾ سندن اڪثريت معمولي هئي، يعني بنگال ۾ صرف 4 فيصد ۽ پنجاب ۾ 6 فيصد. بيشڪ سرحد، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مسلمانن کي نمايان گهڻائي حاصل هئي، مگر انهن صوبن جي آبادي بنگال ۽ پنجاب جي مقابلي ۾ ڪجهه ڪا نه هئي(1).

2- ته جيڪڏهن اسان جي پنهنجي قرارداد ۾ اقليتن سان مشوري وارو شرط بحال رهيو ته ان مان اسان جن علائقن جي هندو اقليت گهڻي ۾ گهڻي ناجائز فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪندي ۽ ايتري قدر تنگ ڪندي ۽ ايتريون رڪاوٽون وجهندي جو اسان وٽ ڪو آئين ٺهي ڪو نه سگهندو(1) .

3- ان وقت تائين مستقبل جي باري ۾ ايتري قدر تفصيل ۾ وڃڻ ۽ وضاحت ڪرڻ جي ضرورت پيش آيل ڪا نه هئي، جو خواهه مخواهه اڳواٽ پاڻ هرتو پنهنجا هٿ ٻڌي پاڻ کي هندو اقليت جي حوالي ڪري ڇڏجي ۽ کيس بليڪ ميل ڪرڻ جو رستو ٺاهي ڏجي. (ان وقت جي حالتن پٽاندر اهڙيءَ پيش بنديءَ جي ضرورت محسوس پئي ٿي).

4- ايتري قدر اڳواٽ تفصيل ۾ وڃڻ جو نتيجو هيءُ به نڪري سگهيو ٿي ته خود هندستان جا مسلمان ٻن گروپن ۾ ورهائجي وڃن، يعني هندو علائقن ۾  وسندڙ مسلم اقليت پنهنجي لاءِ ساڳن حقن وٺڻ خاطر(2) ، مسلم اڪثريت وارن علائقن جي مسلمانن کان قيمت ادا ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري ۽ ان سوال تي مسلمانن جا پاڻ ۾ اختلاف پيدا ٿي پون.

5 - في الحال اسان مسلم ليگ جي نصيب العين ۽ اغراض مقاصد کي هندستان جي ورهاڱي  ۽ علحده آزاد مسلمان رياست جي قيام تائين محدود رکون. باقي ڳالهيون مناسب وقت تائين کليل ڇڏي ڏيون ۽ سياسي پتن جي راند ۾ وقت کان اڳ پنهنجا سمورا پتا ڏيکاري نه ڇڏيون.

6-  ”نصب العين“ ۽  ”قرارداد“ جي وچ ۾ هيءُ فرق ٿي ٿيو ته نصب العين ۾ اڳتي هلي ڪنهن به ترميم لاءِ گنجائش ڪا نه ٿي رهي، مگر مقابلتاً قرارداد ۾ حالتن سارو اڳتي وڌڻ يا پوئتي هٽڻ لاءِ رستو کليل ٿي رهيو. تنهنڪري اصولي ڳالهين، يعني تقسيم برصغير ۽ مسلمان رياست کي وجود ۾ آڻڻ وارن مطالبن کي ته نصب العين ۽ اغراض و مقاصد ۾ ضرور رکجي، مگر تفصيلي ۽ تشريحي ڳالهيون في الحال قرارداد جي ليول تي ئي رهڻ ڏجن.

غرض، انهن ۽ ٻين دليلن کي سامهون رکندي، مون مدراس پهچندي، اجلاس جي مضمون ڪميٽيءَ(Subject Committee)  اڳيان مناسب ترميم پيش ڪئي، جنهن تي تقريباً اڍائي ڏينهن بحث هلندو رهيو. پهريان ٻه ڏينهن ڪميٽيءَ جي ڪارروائي نواب محمد اسماعيل خان مرحوم ۽ نوابزاده لياقت علي خان مرحوم جي زير صدارت هلي، جو قائداعظم رح جي طبيعت ناساز هئي(1)، مون تي ان وچ ۾ بعض ڌرين طرفان طرح طرح جا بار آندا ويا ته آءٌ پنهنجي ترميم واپس  وٺان، مگر مون ڪو نه مڃيو. آخر ۾ مون سان ڳالهين ڪرڻ لاءِ حاجي عبدالله هارون مرحوم کي مون ڏانهن موڪليائون، جو کين (غلط) خيال هو ته آءٌ حاجي صاحب جو نوڪر ۽ سيڪريٽري آهيان، تنهنڪري حاجي صاحب جي حڪم اڳيان هڪدم پـُـسي پوندس. مون حاجي صاحب کي سڄي پوزيشن سمجهائي ۽ مسقبل جا سمورا خطرا ۽ امڪان سندس اڳيان واضح ڪيم. ساڳئي وقت مون کيس اهو به چئي ڏنو ته ههڙيءَ وڏيءَ ڳالهه ۾ آءٌ سندس مرضي ڪو نه رکندس، بلڪ کـُـليءَ مخالفت(2) ڪرڻ لاءِ به تيار ٿي ويندس.

قصو مختصر، جا ڳالهه عرض ڪرڻ جي آهي، سا هيءَ ته حاجي صاحب ايتري قدر آزاد خيال، باهمت ۽ ضمير وارو انسان هو، جو منهنجن دليلن کيس قائل ڪري ڇڏيو ۽ پاڻ هيءَ چئي روانو ٿيو ته: ”آءٌ سارو مسئلو قائداعظم رح جي خدمت ۾ پيش ڪندس ۽ تنهنجي راءِ جي پٺ ڀرائي ڪندس.“

ڪميٽيءَ جي ٽئين ڏينهن واري اجلاس جي صدارت ڪرڻ لاءِ حضرت قائداعظم رح خود تشريف فرما ٿيو ۽ مون کي چيمبر ۾ سڏي حڪم ڪيائين ته:

”عبدالله هارون مون کي تنهنجو نقطه نظر ٻڌايو آهي. تنهنجيءَ ڳالهه ۾ وزن آهي ۽ آءٌ ان جو تدارڪ اڳتي هلي پاڻ ڪندس. في الحال جيڪڏهن اسان اصليءَ پوزيشن تان هٽنداسين ته اسان جا مخالف پروپئگنڊا ڪندا ته ليگ خود قرارداد لاهور کان هٽڻ شروع ڪري ڏنو آهي، تنهنڪري ان قرارداد ۾ ڪيل مطالبو آخري حتمي ۽ Final  سمجهڻ نه گهرجي. اهڙيءَ پروپئگنڊا جو نتيجو اسان جي ساريءَ تحريڪ تي اثر انداز ٿيندو.“

قائداعظم رح جي ان ارشاد کي صحيح سمجهي، مون پنهنجي ترميم واپس ورتي ۽ ٽن ڏينهن کان هلندڙ جهڳڙو خيرو خوبيءَ سان ختم ٿي ويو(1).

 

*        *        *

پڙهندڙن کان آءٌ معافي گهران ٿو،  جو حاجي عبدالله هارون مرحوم جو هيءُ ذڪر قدري طويل ٿي رهيو آهي. آءٌ مجبور آهيان. حاجي صاحب جي جهان ڇڏئي کي اڄ 36 سال ۽ پاڪستان ٺهئي کي 30 سال گذري ويا آهن، پر حاجي صاحب جي سوانح عمري لکڻ ۽ سنڌ جي نون نسلن کي اهو ٻڌائڻ ته اسان ۾ اهڙو ماڻهو به ٿي گذريو آهي،ڪنهن کي همت ڪا نه ٿي سگهي آهي، حالانڪه سنڌ جي مجموعي تاريخ جو حاجي صاحب وارو باب نهايت اهم ۽ فيصله ڪن هو. مون کي خطرو آهي ته مون کان پوءِ هيتري ڪجهه لکڻ وارو به ڪو نه رهندو، تنهن ڪري تڙ تڪڙ ۾ حاجي صاحب جي باري ۾ جيترو مواد منهنجي ذهن ۾ آيو آهي، تنهن کي قلمبند ڪري رهيو آهيان.

 

        * *        *

حاجي صاحب کي وزير بڻجڻ جو موقعو ڪو نه مليو، ورنه مون کي يقين آهي ته هو وڏو منتظم ثابت ٿئي ها. ڪراچي واري تاريخي مسلم ليگ ڪانفرنس (جنهن جو ذڪر مٿي اچي چڪو آهي) جي باري ۾ انتظام ٿي رهيا هئا. پاڻ استقباليه ۽ انتظامي ڪميٽيءَ جو چيئرمين هو ۽ آءٌ جنرل  سيڪريٽري. سندس فرزند يوسف هارون مسلم ليگ والنٽيئرن (نيشنل گارڊ سڏبا هئا) جو سالار هو. ڪانفرنس لاءِ پنڊال تيار ٿي رهيو هو. هڪ ڏينهن آءٌ پنڊال جي لڳ پنهنجي دفتر ۾ آيس ته مون کي شڪايت ملي ته والنٽيئر پنهنجي سـِـٽي رهيا آهن ۽ ڪم ۾ خواهه مخواهه دخل پيا ڏين. آءٌ سرسري تحقيقات ڪري، ان نتيجي تي پهتس ته اهڙي دوعمليءَ هيٺ اسان جو ڪم هلي ڪو نه سگهندو، تنهن ڪري مون اعلان ڪرائي ڇڏيو ته والنٽيئر پنڊال ڇڏي وڃن ۽ نه اندر داخل ٿين ۽ نه کين ڪنهن ڪم ۾ شريڪ ڪيو وڃي. جيڪي والنٽيئر پهري تي هئا، انهن جي جاءِ تي مون پنهنجي ڳوٺ مان آيل لٺڙيا  بيهاري ڇڏيا. والنٽيئرن کي خيال هو ته ڪانفرنس جو چيئرمين سندن سالار جو والد محترم آهي، تنهن ڪري هو سندن اهڙي توهين برداشت ڪو نه ڪندو ۽ منهنجي کنيل قدم کي ريٽي ڇڏيندو. حاجي صاحب مرحوم جا خوب ڪن ڀريا ويا، پر مٿس ڪو اثر ڪو نه ٿيو. کين چئي ڏنائين ته اهو ڪم جنرل سيڪريٽريءَ جو آهي، آءٌ ان جي ڪم ۾ دخل ڏئي، انتظامي ڊسيپلن کي خراب ڪو نه ڪندس.  نتيجو اهو نڪتو جو والنٽيئرن کي لاچار مون ڏانهن ئي رجوع ڪرڻو پيو ۽ آئنده لاءِ وعدو وٺي، مون کين وري پنڊال اندر بحال ڪيو. حاجي صاحب جي اهڙي قدم کان پوءِ ڪانفرنس جي ڪاروبار ۾ پوري ڊسيپلن رهي ۽ ڪانفرنس ايتري قدر ڪامياب ٿي جو قائداعظم رحه خود کي (اسان ڏانهن روءِ سخن فرمائيندي)، از راه ڪرم، اظهار ڪرڻو پيو:

”جنٽلمين، اوهان ڪرامت ڪري ڏيکاري آهي.“(1)

جيڪڏهن حاجي صاحب خود منتظم نه هجي ها ۽ ڊسيپلن جو اصول سمجهندڙ نه هجي ها ته اهڙو خوشگوار نتيجو ڪو نه نڪري ها.


 

(1) چيڪو سلواڪيه ۾ جرمن نسل (Sudetan) جي اقليت تي اهو گوڙ متل هو - ان اقليت کي آزاد ڪرائڻ لاءِ هٽلر چيڪو سلاواڪيه تي حملو ڪيو ۽ چيڪو سلاواڪيه وڏيءَ پڙا ۾ پئجي وئي.

(1) ورندڙ ٽن چئن مهينن اندر حاجي عبدالله هارون پنهنجي خرچ تي اهڙا وفد تيار ڪرائي روانا ڪيا. انهن وفدن کي ٺاهڻ ۽ موڪلڻ جو انتظام منهنجي حوالي ڪيائن.

(1) ان مقصد لاءِ حاجي صاحب پاڻ پنهنجي خرچ تي مولانا حسرت موهاني رحه ۽ مولانا آزاد سبحانيرحه کي ٻاهرين ملڪن جي دوري تي روانو ڪيو.

(1) اهي ٻه مسلمان وزير هئا: خان بهادر الهه بخش مرحوم ۽ پير الاهي بخش مرحوم، ساڻن ٽيون هندو وزير ديوان نهچلداس هو. وزارت ۾ ڪل اهي ٽي وزير هئا. اها وزارت، جيڪا صوبي جي جدائيءَ کان پوءِ سنڌ جي ٻي وزارت هئي، مارچ 1938ع ۾ سر غلام حسين جي وزارت کي ڪيرائي قائم ڪئي وئي هئي. ان وزارت ٺاهڻ ۾ مسلمانن جي يونائيٽيڊ پارٽي ۽ ڪانگريس پارٽي شريڪ هيون.

(1) حاجي صاحب جي جواب ۽ مقابلي ۾ هندن خانبهادر الهه بخش کي آل انڊيا سياست ۾ به آندو ۽ سندس صدارت هيٺ دهليءَ ۾ ”آزاد ڪانفرنس“ جو  انتظام ڪري جنهن ۾ ڪانگريسي خيال جي مسلمانن جون ٻيون جماعتون به شريڪ ٿيون. حاجي صاحب ۽ ڪراچي مسلم ليگ ڪانفرنس جي تجويزن جي مخالفت ڪرائي(آخر 1939ع).

(2) انهن وفدن مان هڪ وفد جي فوٽو لاءِ ڏسو ڪتاب ”اسٽرگل فار انڊپنڊنس فوٽو گراف اَلبم“، بيوروآف نيشنل ريڪنسٽرڪشن، گورنمينٽ آف ويسٽ پاڪستان، مطبوعه مارچ 1970، صفحو 68.

(3) انهن ڪارگذارين کان حاجي عبدالله هارون بروقت حضرت قائداعظمرحه کي واقف ڪندو ٿي رهيو. قائداعظم رحه ڏانهن ان باري ۾ لکيل سندس خط نيشنل آرڪائوز ۾ اڄ تائين محفوظ آهن ۽ انهن جا فوٽو اسٽيٽ، آرڪائوز مان ورتل، مون وٽ به موجود آهن. مثال لاءِ ڏسو حاجي صاحب جو قائداعظم ڏانهن خط مورخه 22 اپريل 1939ع (آرڪائوز جو نمبر 11/48 F - عبدالله هارون جي قائداعظم سان لکپڙهه جو فائيل.)

(1) مثال لاءِ پڙهو ملڪ برڪت علي صاحب جو خطبو، جيڪو هن 1931ع واريءَ لاهور جي ”پنجاب نيشنلسٽ مسلم ڪانفرنس“ جي  صدر استقباليه  جي حيثيت ۾ پڙهيو هو. اهو خطبو ٻئي ڪنهن هنڌان هٿ نه اچي ته ڊاڪٽر امبيڊڪر جي 1941ع ۾ ڇپايل ڪتاب Thoughts on Pakistan جي صفحن 325 کان 327 تي پڙهي ڏسجي. ملڪ صاحب اهو خطبو علامه اقبال رحمة الله عليه جي الله آباد واري خطبي (1930ع ۾) کان هڪ سال پوءِ يعني 1931ع ۾ خود لاهور ۾ (جڏهن ته علامه صاحب رحه خود به زنده ۽ لاهور ۾ موجود هو)  ۾ پڙهيو هو ۽ خطبي ۾ علامه اقبال رحه جي الله آباد وارن ارشادات ڏانهن به اشارا نظر اچن ٿا، جيڪي پڙهڻ جهڙا آهن، اهو خطبو ڪتاب Indian Annual Register   سال 1931 جلد 2، صفحو 234 ۽ 235 ۾ به موجود آهي. ملڪ برڪت علي مرحوم 1936ع کان آل انڊيا مسلم ليگ جو سرگرم ليڊر بڻيو ۽ ڪيترن سالن تائين قائداعظم جي ورڪنگ ڪميٽيءَ جو به ميمبر رهيو.

(2) فارين ڪميٽي جي اها ميٽنگ 12 جون 1939ع جو لاهور ۾ ٿي. ان جي ڪار گذاريءَ ۾ اها سفارش موجود آهي. ميٽنگ ۾ هيءُ صاحب شريڪ ٿيا:  حاجي عبدالله هارون، نواب سر شاهنواز ممد وٽ، پروفيسر عبدالستار خيري، سيد سجاد حيدر يلدرم، مسٽر اختر حسين ايم. ايل. سي (لکنو) ۽ سيڪريٽري علي محمد راشدي.

(1) ڪميٽيءَ جا ميمبر هئا: حاجي عبدالله هارون (چيئرمين)، نواب سرشاهنواز محمد وٽ، سردار اورنگزيب خان ۽ راجا محمود آباد، ڪميٽيءَ کي اختيا رڏنل هو ته هوءَ پاڻ وڌيڪ ميمبر به کڻي سگهي ٿي. ان اختيار هيٺ ڪميٽيءَ علي محمد راشديءَ کي ميمبر ۽ سيڪريٽري ڪري پاڻ سان شامل ڪيو.

(2) ان سب ڪميٽيءَ جا ميمبر هئا: حاجي عبدالله هارون( چيئرمين) مولانا غلام رسول مهر ايڊيٽر انقلاب لاهور، نواب سر شاهنواز آف ممدوٽ، مسٽر رضوان الله ايم. ايل. اي (لکنو) ڊاڪٽر افضال حسين قادري (عليڳڙه)، ڊاڪٽر سيد عبداللطيف (حيدرآباد دکن)، چوڌري اختر حسين ايم. ايل. سي (لکنو)، مسٽر اي. پنجابي(لاهور) ۽ سيد علي محمد راشدي(سنڌ) سيڪريٽري.(پڇاڙيءَ ۾ رپورٽ متعلق سارو ڪم مولانا مهر ۽ علي محمد راشديءَ ڪيو.)

(3) حاجي عبدالله هارون اها رپورٽ 2- فيبروري 1940ع جو هاءِ ڪمانڊ کي موڪلي ۽ ان جو اصل قائداعظم رحه جي ڪاغذن ۾ موجود آهي، جيڪي هينئر اسلام آباد جي نيشنل آرڪائوز ۾ محفوظ آهن. هن رپورٽ تي آرڪائوز جو نمبر آهي(عبدالله هارون سان لکپڙهه) 70/96F- آرڪائوز  وارن وٽان ان دستاويز جو فوٽو اسٽيٽ وٺي  مون پاڻ وٽ به سوگهو ڪيو آهي. متان نه متان، ڪڏهن نه ڪڏهن نظريه پاڪستان جي فطري ارتقا جي تاريخ ڪنهن محقق کي لکڻي پوي ۽ سندس پهچ کان اڳ ئي اهي ڪاغذ هيٺ مٿي ٿي وڃن.

(1) اها مڪمل رپورٽ قائداعظم رحه ڏانهن 23- ڊسمبر 1940ع جو موڪلي وئي ۽ سندس ڪاغذن ۾ جنسي  رپورٽ موجود آهي. آرڪائوز  جو نمبر اٿس(عبدلله هارون سان لکپڙه): 141/274F- ان رپورٽ جو نقل ڪتابي صورت ۾ به 1943ع ۾ لاهور مان شيخ محمد اشرف(ڪشميري بازار) وارن شايع ڪيو. ڪتاب، جنهن ۾ اها رپورٽ شايع ٿي، ان جو ٽائٽل آهي The Pakistan Issue ۽ سندس مؤلف آهي نواب نذير  يار جنگ بهادر، حيدرآباد دکن جو. (شال ڪنهن ڏينهن، حاجي عبدالله هارون جي قائداعظم رحه  سان لکپڙه جا ڪنهن حد تائين نيشنل آرڪائوز ۾ موجود اُهي مٿين ٻن ڪميٽين جي ڪار گذاري ۽ سندن پيش ڪيل رپورٽون،  ڪتابي صورت ۾ دنيا جي اڳيان اچن. انهن دستاويزن کي پيش نظر رکڻ کان سواءِ پاڪستان  جي تصور جي ارتقا جي مڪمل، صحيح ۽ سچي تاريخ مرتب ٿي ڪا نه سگهندي، اهو مون کي يقين آهي.)

(1) 1938ع جي پڇاڙيءَ تائين سنڌ ۾ مسلم ليگ بلڪل نالي خاطر پئي ٽـُـلڪي ۽ ان جو ”صدر“ شيخ عبدالمجيد هو. حاجي عبدالله هارون ڪراچي ڪانفرنس ۽ سنڌ جي وزارتي بحران کان پوءِ ئي سنڌ مسلم ليگ جو صدر بڻيو ۽ ان جو ڪاروبار پنهنجي هٿن ۾ کنيو.

(2) هيءَ ڳالهه ياد رکڻ جي قابل آهي ته توڙي جو مسلم ليگ تحريڪ جو نئون دؤر 1936ع کان شروع ٿيو هو، مگر حاجي عبدالله ان ۾ ڪو خاص يا نمايان حصو ڪو نه ورتو هو، جيستائين ته 1938ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ليگ ڪانفرنس نه ٿي. ان ڪانفرنس کان پوءِ سنڌ جا گهڻا سياسي ڪارڪن ليگ ۾ شامل ٿي ويا، مثلا: جناب جي. ايم. سيد، محمد هاشم گزدر، خان بهادر کهڙو، سر غلام حسين (جيڪو پوءِ ڦري ويو)، آءٌ ۽ ٻيا ڪيترا.

(1) هوائي جهاز جي سفر جي 1926ع کان ابتدا ٿي چڪي هئي، مگر مون پهريون دفعو هوائي جهاز ۾ سفر 1950ع ۾ ڪيو، جڏهن اخبار وارن جي ميٽنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مولانا مهر مرحوم سان گڏ ڪراچيءَ کان ڪلڪتي تائين هوائي جهاز ۾ ويس.

(1) آدمشماريءَ جا انگ اکر هن طرح هئا:

صوبو

مجموعي آبادي

مسلمانن جي آبادي

مسلمان في صد

سنڌ

3887070

2830809

7عه 73 فيصد

سرحد

2425076

2227303

8عه65 فيصد

بلوچستان

463508

405309

87 فيصد

پنجاب

23580852

13332460

8عه56 فيصد

بنگال

50114002

27497624

1عه54 فيصد

 

(1) هندن جي روش اڳ ۾ ئي هيءَ پئي رهي ته سرحد ۾ مسلمانن جي ايتري اڪثريت هوندي به ات ڪانگريس وزارت قائم ڪرائي ڇڏي هئائون. ساڳيءَ طرح سنڌ ۾ الله بخش وزارت قائم ڪرائي ويٺا هئا. پنجاب ۾ اٺ جي مهار چوڌري ڇوٽو رام جي هٿن ۾ ٿي رهي. بنگال ۾ مولوي فضل الحق جو اٿڻ ويهڻ حرام ڪري چڪا هئا. هينئر جيڪڏهن اهڙيءَ هندو اقليت کي اهي حق ڏنا ويا، جن جو اشارو قرارداد لاهور جي پڇاڙيءَ واري حصي ۾ ڪيل هو ته پوءِ ملڪ کي جدا ڪرائڻ مان ڪهڙو خاص فائدو حاصل ٿيندو. ان سوال جو جواب اڳتي هلي خود مسلم ليگ کي مسلمان علائقن جي مسلمانن کي ڏيڻو پوندو ۽ سندس مقبوليت لاءِ اها ڳالهه ڏکي ثابت ٿيندي.

(2) اهڙا سـُـرٻاٽ اسان مدراس تائين پهچندي رستي ۾ ۽ خود مدراس اندر ڊيليگيٽن جي ڪيمپن اندر ٻڌي چڪا هئاسين. ان کان سواءِ قرارداد لاهور کان پوءِ پورو سال (1940ع) مولانا غلام رسول مهر ۽ مون، دهليءَ ۽ لاهور ۾ رهي، تقسيم برصغير ۽ علحده مسلم رياست جي قيام واري مطالبي جي پٺ ڀرائيءَ ۾ Feasibility Report تيار ڪئي هئي(جنهن جو مختصر ذڪر هن کان اڳ به اچي چڪو آهي) ۽ رپورٽ جي سلسلي ۾ اسان جيڪا تحقيقات ڪئي، تنهن جي دوران ۾ ساري تصوير اسان جي اکين اڳيان واضع ٿي چڪي هئي، جنهنڪري مون کي احساس ٿيو ته ڪهڙي ڳالهه اسان جي فائدي ۾ ويندي ۽ ڪهڙيءَ مان نقصان پهچي سگهندو.

(1) بمبئيءَ کان مدراس تائين ريل گاڏيءَ ۾ سفر ڪندي، رستي ۾ گرميءَ جي شدت سببان قائداعظم جي طبيعت قدري عليل ٿي پئي هئي.

(2) ان وچ ۾ مون پنهنجي ذاتي انگريزي اخبار مسلم وائيس جاري ڪري ڇڏي هئي، جنهن اڀرندي سان وڏو شعاع ڪري ڇڏيو هو.

(1) 1941ع کان 1947ع تائين منهنجي خدشي جو تدارڪ ڪو نه ٿيو، جنهنڪري مان بي آرامي محسوس ڪندو رهيس، پر پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ لڏپلاڻ شروع ٿي ۽ هندو اقليت اسانجن علائقن مان پنهنجي مرضيءَ سان لڏي ويئي، جنهنڪري خود بخود تدارڪ ٿي ويو.

(1)  “Gentlemen! You have performed a miracle.”

 

(وڌيڪ پڙهو)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org