سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: اهي ڏينهن اهي شينهن

باب: --

صفحو :19

 

مير ايوب خان مرحوم

ان زماني جي هندستان جي راجائن ۾ مهاراجا بيڪانير- سنڌ جي سربر آورده مسلمانن ۾ مير ايوب خان مرحوم. بلند قامت، ڀريل بت، گوري رنگت، رعبدار شهپر، ڏاڙهي شيو، مٿي تي گل سان ڳاڙهي ترڪي ٽوپي، سوٽ پاتل هجي يا سلوار، بو ٽائي ضرور لڳل.

لس ٻيلي جي ڄامن مان هو، صورت خواهه سيرت ۾ ڄائي ڄام. کيس ڏٺي تسلي ٿيندي هئي ته ڪراچيءَ ۾ به ڪي معزز ماڻهو رهن ٿا.

ولايت مان بيريسٽري پاس ڪري اچي ڪراچيءَ ۾ رهيو. پريڪٽس ڪا نه ڪيائين. انگريزن ۾ ماڻهن جي سڃاڻپ هئي ۽ ڪيريڪٽر جو قدر، تن کيس اول درجه جو آنريري اسپيشل ماجسٽريت مقرر ڪيو، جيڪا وندر پڇاڙيءَ تائين رهيس.

وقت سر مرحوم سياسي چـَـهـَـرِ بـَـهـَـرِ به ڪندو ٿي رهيو. پر سنڌ محمدن ائسوسيئيشن، محمدن ايڊوڪيشنل ڪانفرنس، اوائلي مسلم ليگ، سنڌ مدرسته الاسلام، ڪراچي ميونسپالٽي، ڪو اُڙيو ٿـُـڙيو ڊيپوٽيشن- انهن کان مٿي نه پاڻ پرواز ڪيائين، نه پرواز جي خواهش رکيائين، نه طائر لاهوتي هجڻ جي دعويٰ ڪيائين نه ”شاهين بچه“ بڻجڻ جي سـَـڌ. نيم نان صحت جان.

سنڌ جي خانداني ڪلچر  جو دلڪش نمونو هو، جنهن ۾ مغربي تهذيب ۽ علم جديد جي آميزش جي ڪافي گلڪاري ڪيل هئي. وقت جا انگريز حاڪم ڏاڍ احترام ڪندا هئس. ليڊي لارينس پنهنجي ڪتاب “Indian Embers”  ۾ سندس گهڻي تعريف ڪئي آهي.

اردو ۽ فارسي ادب سان دلچسپي هئس. انجمن ترقي ۽ اردو جي پهرين شاخ پاڻ ڪراچيءَ ۾ کولرايائين. ڪنهن زماني ۾ شعر شاعريءَ جو به شغل ڪندو هو. مخلوق خدا کيس چڱو انسان سمجهندي هئي. وس پڄندي سڀ کي فائدو پهچايائين، دشمني ڪنهن فرد بشر سان ڪا نه ڪيائين. سڀ جي عزت ڪيائين، سڀ وٽان عزت لڌائين. هن دنيا مان  لاڏاڻو ڪيائين ته ڄڻ ڪراچيءَ جي ٽوپيءَ جو گـُـل ڪري پيو، ۽ ٽوپي ٻـُـسي  ٿي پيئي. اها ڪمي وري ڪو شخص پوري ڪري ڪو نه سگهيو. شهرن جي آبرو ڪي شخص ئي ٿيندا آهن، هون ته مکيون ۽ مڇر، ڪـِـوليون ۽ ماڪوڙيون به پيون شهرن ۾ رهن.

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org