سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي

 باب--

صفحو :10

 

ضميمو – الف

شاهه عبداللطيف جي نسل جو شجرو حضرت محمد صلي الله عليه وسلم تائين:

سيد عبداللطيف شاهه بن سيد حبيب شاهه بن سيد عبدالقدوس شاهه بن سيد جمال شاهه بن سيد عبدالڪريم شاهه بن سيد لعل محمد شاهه يا ]عرف[ لَلَــه شاهه بن سيد عبدالموءمن شاهه بن سيد هاشم شاهه بن سيد حاجي شاهه بن سيد جلال محمد شاهه يا جرار محمد شاهه بن سيد شرف الدين شاهه بن سيد مير علي شاهه بن سيد حيدر شاهه بن سيد مير علي شاهه هراتي بن سيد محمد شاهه شيرازي بن سيد حسين شاهه ترمذي بن سيد علي بن سيد يوسف شاهه بن سيد حسين شاهه شيرازي بن سيد ابراهيم شاهه بن سيد علي جواري (حواري) بن سيد حسين الاڪبري شيرازي بن سيد جعفر شاهه امام زاده عراقي بن امام موسيٰ ڪاظم بن امام جعفر صادق بن امام محمد باقر بن امام زين العابدين بن امام حسين بن علي المرتضيٰ بن ابوطالب بن عبدالمطلب بن هاشم.

هاشم حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جو ڏاڏو هو، جو عبدالله جو پٽ هو، ۽ عبدالله عبدالمطلب جو پٽ هو.

 

ضميمو – ب

حضرت محمد کان وٺي شاهه عبداللطيف تائين مرشدي ۽ مريدي جو سلسلو ڏسو، جو هيٺ ڏجي ٿو:

شاهه عبداللطيف پاڻ مرشد هو، ۽ سندس مرشد سندس پيءُ سيد حبيب شاهه هو، تنهن جو مرشد وري سيد عبدالقدوس شاهه انهيءَ جو سيد جمال شاهه ۽ انهيءَ جو سيد عبدالڪريم شاهه (بلڙي وارو) ۽ انهيءَ جو سلطان ابراهيم ادهم، انهيءَ جو شيخ احمد ۽ انهيءَ جو شيخ علي هاشمي ۽ انهيءَ جو شيخ بدرالدين يحيٰ ۽ انهيءَ جو نورالدين حسين ۽ انهيءَ جو شاهه شمس الدين محمد ۽ انهيءَ جو سيف الدوله يحييٰ ۽ انهيءَ جو ظهرالدين احمد ۽ انهيءَ جو شاهه شهاب الدين، انهي جو ابو صالح نصر ۽ انهيءَ جو شاهه عبدالرزاق ۽ انهيءَ جو ابو سيد عبدالقادر شاهه جيلاني ۽ انهيءَ جو ابي سعيد ابن علي مبارڪ ۽ انهيءَ جو شيخ ابوالحسن علي بن محمد يوسف قريشي ۽ انهيءَ جو شيخ ابوالفرح طرطوسي ۽ انهيءَ جو ابوالفضل عبدالواحد يمني ۽ انهيءَ جو ابوبڪر شبلي ۽ انهيءَ جو جنيد بغدادي ۽ انهيءَ جو خواجه ابوالحسن سري سقطي ۽ انهيءَ جو خواجه معروف ڪرخي ۽ انهيءَ جو امام علي رضا خراساني ۽ انهيءَ امام موسيٰ ڪاظم،انهيءَ جو  امام جعفر صادق،انهيءَ جو امام محمد باقر، انهيءَ جو امام زين العابدين ۽ انهيءَ جو امام حسين ۽ انهيءَ جو علي المرتضيٰ ۽ انهيءَ جو حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم آهي.

اشارو:- مٿين بزرگن مان هرهڪ پنهنجي پنهنجي زماني ۾ وڏو مرشد ۽ اولياء ٿي گذريو آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org