سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي

 باب--

صفحو :6

 

باب اٺون

 

علم تصوف جا نڪتا ۽ قرآن ۽ حديث وغيره مان شاهديون، جي ان سان شامل آهن.

 

هاڻي اسين تصوف يعني صوفين جي مذهب ۽ حڪمت جي نسبت ۾ ڪي مختصر ڳالهيون ۽ نڪتا چونڊي لکون ٿا. اگرچه هڪ هڪ اونهي خيال سان ڀريل آهي، ته به جيترو اسان کان ٿي سگهندو اوترو چٽائي، سان لکنداسين ۽ اڌ صفحي تي انهن جي سامهون قرآن جون آيتون يا حديثون يا ٻيا عربي يا پارسي شعر يا پارسي قول، شاهه صاحب جا ٿورا بيت، انهن جي مضمونن جي موافقت ۽ مناسبت رکن ٿا، سي شاهديءَ ۾ آڻينداسين، ۽ اهي ساڳيا عربي قول، شاهه جي رسالي ۾ به ڪيترن هنڌن جنسي آندل آهن. جيڪڏهن پهريائين پڙهندڙ اهي سڀ نڪتا ذهن تي وجهندا ته پوءِ شاهه جي رسالي ۾ يا ڪن ٻين صوفين جي ڪتابن ۾ جيڪي رمزون آهن، جي لکيون پيون آهن، تن جو چڱيءَ طرح سماءُ پوندو. اهي نڪتا گهڻو ڪري تصوف جي ڪتاب مان چونڊي ورتل آهن، جو حميدالدين ناگوري وڏي صوفيءَ جو جوڙيل آهي.

ڪَنتُ ڪَنراَ مَخفِيا فَاَ حبَبتُ اَن اُعرف فخلقتُ

الخَلقَ لِاعَرفَ. اِنماَ اَمرهُ‘ اِذا اَرادَ شيَناَ اَن بقُولَ لَه‘ ڪن فَيَڪُون.

* خَلَق آدم عَليٰ صُورتَهِ وَ نَفَختُ فِيهِ مِن رُ وحِي:

 پيدا ڪيو الله تعاليٰ آدم عليه السلام کي، مٿي صورت پانهنجي يعني پانهنجي نور مان پيدا ڪيائين.

* فَخلَقه باخلاق الله:

پيدا ڪيائين انسان کي ساڻ اخلاقن پانهجي، جي موچارا آهن.

*قُل الر وُحُ مِن اَمرِ رَبي:

چئو تون اي محمد ڪريم، روح ساڻ حڪم الله تعاليٰ جي، جو ٻئي ڪهين کي ڪا خبر نه آهي، ۽ هميشه جي لاءِ هوندو، ٻئي ڪنهن جي ڇڪتاڻ نه رکندو هو، اهو آدم جو روح خوشيءَ سان انساني جسم ۽ خاڪي پڃري ۾ داخل ٿيو.

*اَلستُ بِربڪُم قَالوا بَليٰ:

الله سائين چيو ”نه آهيان مان رب توهان جو“ روحن چيو ’قالو بليٰ‘- چيائون هائو سائين، تون اسان جو رب آهين.

* جيڪي فراقان، سو وصالان نه ٿئي

اچي اوطاقان، پري مون پرينءَ ڪيو:

جي تون فراق ۾ دانهن ڪندين ته تون وصال هرگز ڪين ڏسندين.

*قُل سِبر وُ فِي الاَرضِ:

چيو آهي الله تعاليٰ قرآن مجيد ۾ ”چئو تون، جو سير ڪريو منجهه زمين جي.“

*ز بهرِ ديدِ روي تو آمدم بوجود

وگر نه آمدنم از عدم براي چه بود:

واسطي ڏسڻ مُنهن تنهنجي آيس مان منجهه وجود جي، نه ته اچڻ ڏنهن عدم جي واسطي ڪنهن جو هئو.

*اَنت عَبديِ عاشقا لي وَ اَنا عَاشِقَ لَکَ يُحِبُهم

وَ يُحبو نه فاذ ڪرُ ونِي اَذ ڪُرُ ڪُم:

۽ تون ٻانهو عاشق آهين ۽ مان عاشق تو ڪاڻ. اوهين مون کي دوست رکو ته دوست مان توهان کي رکان. ياد ڪريو مون کي ته مان ياد ڪريان توهان کي.

*اُدعونِي اَسُتجب لَکُم فاينما تو لو افشم وَجُه

 اللهِ لَقد خَلقنا الاِ نسانَ فِي ڪَيد:

توهين مون کي سڏي دعا گهرو ته مان قبول ڪريان، فائدو ته جنهن طرف تون حاضر ٿج آءٌ اوڏاهين آهيان.

*اليوم اڪملت لَڪُم دينڪُم وَ اَنمُتُ عَليڪمُ نِعمتِي:

اڄ ڏينهن ڪامل ڪيم دين تنهنجي کي ۽ تمام ڪيو مون مٿي تنهنجي.

*ڪُل شَيءِ ير جِع اِليٰ اَصلِه ثم الينا تُر جَعونَ:

هر شيءِ رجوع ٿيندي آهي مٿي اصل پنهنجي، پوءِ طرف تنهنجي رجوع ٿينداسون.

*وَ هُوَ مَعَڪُم اَينما ڪُنتمُ:

۽ اهو ساڻ تنهنجي آهي جو تون جتي به هجين اگرچه پري هجين.

*و نحنُ اَقرَبُ اِليهِ مِن حَبلِ الو ريِدِ:

آهيان مان ويجهڙو طرف تنهنجي ڏانهن رڳن ساهه جي

*وَ في اَنفُسڪُم اَفلاَ تُبصِرُ و’نَ:

۽ اهو منجهه نفس تنهنجي آهي ۽ تون ته ان کي ڏسندڙ آهين.

*ڪل شيءِ هَالِڪً الا وَ جهه‘:

هر شيءِ هلاڪت واري آهي مگر جو منهن انهي جو؛ يعني ذات رب جي کي فنا نه آهي، اها هميشه قائم آهي.

*اَلدنيا سِجنُ الموءمِنين وَ جنته الڪافرِينَ:

هي دنيا جو جهان دوزخ مومنن ڪاڻ آهي ۽ بهشت ڪافرن جي ڪاڻ آهي، جو گويا دوزخ جي عذاب اڳيئون بهشت اٿن. ۽ مومنن لاءِ بهشت هي جهان دوزخ آهي.

 

*ڪُل مَن عَليها فانِ وَّ يَبقيٰ وَ جهُ رَبّڪَ ذُوالُجَلالِ

 وَ الاِڪرامِ:

جيڪا شيءِ جهان ۾ آهي سا جٽاء نه ڪندي نيٺ گذري ويندي رڳو الله تعاليٰ جي ذات قائم رهندي.

*کرين ڏهي کير، ڦرين ڦيڻ نه چکئو

دنيا ڪارڻ دين، وڃي وڻجائي ولها ٿيا:

يعني اهي ماڻهو بڇڙا آهن جي دنيا جون لذتون ڏسي ڪجهه به ڪم نيڪ نه ڪيائون آخر مري ويا. دين مان آخرت ڪاڻ ڪجهه نه ڪيائون.

*مَن ڪَانَ فِي هٰذِه اَعميٰ فَهُوَ فِي الاٰخِرتَهِ اَعُميٰ:

جيڪو هن (دنيا) ۾ انڌو آهي، سو آخرت ۾ پڻ انڌو هوندو.

*جي هت نه هوت پسن، سي ڪيئن ڪيچ پسنديون:

جي هتي پانهنجي محبوب کي ڪين ٿيون ڏسن سي اڳتي ڪي به ڪين پسنديون اگرچ گهڻا حيلا ڪن.

*اَلعشقُ عَيشءٌ وَ طَيشءٌ:

عشق گاهي مست ڪري گاهي خبردار ڪندڙ آهي.

*اجهايو ٻارين پرين، جو ٻاريو اجهائين:

جو تو ۾ نور ايمان جو آهي، جو مثل ڏيئي جي آهي،

 جو ٻريل آهي وري غفلت ڪري اجهائي ٿو ڇڏي.

*همه کس طالبِ يار اندر چه هشيار و چه مست

همه جا خانه عشق است چه مسجد چه کشت:

مڙئي ماڻهو طلب ڪندڙ محبوب جي آهن ڇا هشيار آهن ۽ ڇا مست آهن، مڙني جاين ۾ گهر عشق جو آهي ڇا مسجد آهي جا مندر آهي: مگر تون غافل آهين جو هتي دنيا  دنيا جي هوسن تي ڦاٿل آهين.

*اَلايمانُ بَينَ الخَوفِ وَ الرّٰجاءِ:

ايمان وچان اميد ۽ خوف آهي يعني عمل چڱا ڪري، تڪبر نه ڪري وري به خوف، اهڙي به اميد نه رکي جو رب العالمين مون کي پاڻهي بخشيندو.

*الايمان اقرار رب للسان و تصديق باِلقلبِ وَ عَمَلّ باِ لاَ رڪَانِ:

ايمان ڇا شيءِ آهي. ايمان اقرار ڪرڻ سان زبان جي آهي ۽ سچ ڪري مڃڻ ساڻ دل جي آهي ۽ عمل ڪرڻ ساڻ رڪنن جي آهي، سي فرض، واجب، سنتون آهن. شيخ سعيد رحمته الله فرمايو آهي:

به آبِ عبادت وضو تازه دار

که حاصل کني دولتِ پائدار

ڇالاءِ ته پهريون عبادتن ۾ اصول ڀلي نماز آهي ۽ اڄوڪي وقت جا صوفي فقير، نمازن ۽ روزن کي ته ڪجهه ڪري نٿا سمجهن، بلڪ چون ٿا ته جيڪي نمازون پڙهن ٿا، سي نادان آهن. پوءِ اها ڳالهه انهن جي ڪوڙي آهي، پاڻ به ڪوڙا آهن.

*مَن تَرڪَ الصّلواتَ مُتَعمّداً فَقَد’ ڪَفَرَ:

حديث ۾ آهي جو فرمايو آهي پيغمبر خدا صلي الله عليه وسلم اهو شخص، جو ترڪ ڪيائين نماز کي ڄاڻي واڻي، پوءِ تحقيق اهو شخص نماز جي نه پڙهڻ ڪري ڪفر جي نزديڪ ٿيو.

*وَ اَقيِمُوا الصّلواتَ وَلاَ تَڪو نُوا مِن المُشرُ ڪِينَ:

يعني قائم ڪريو نماز کي ۽ نه هجو اوهان ڏنه مشرڪن جي. هاڻي هن آيت مان معلوم ٿو ٿئي ته جيڪي نمازون نٿا پڙهن ڪن، سي مشرڪ آهن، تنهنڪري

*اَوّٰل مَا يُسئَلُ يَومَ القيِمٰتهِ مِن اَلُعبدِ هُوَ الصّٰلَواتهُ:

اول درجو فقيري ۾ نماز پڙهڻ آهي ۽ نه فقيري ان کي چئبو آهي جو ڀنگ جو وڏو ڪونڊو پي، ڀنگ جي نشي ۾ غرقان ٿي پوءِ ڊاڙون پيو هڻي ته آءٌ ولي آهيان. مون کي ستن آسمانن جو سير حاصل آهي، بلڪ جيڪي خيال نشي ۾ پوندس اها سندس منزل آهي. پوءِ سندس دعويٰ ڪوڙي آهي. اول ته پانهنجي پيٽ ۾ حرام وائين جا ڀنگ به حرام آهي.

*اِنمّاَ الخمرَ وَ الميسرُ رظ جُس مّن عَمَلِ الشيطٰنِ:

يعني تحقيقتاً شراب ۽ چوپڙ (جُوا) شيطان جا عمل آهن خراب ۽ بڇڙا.

مروي ابو داوءد عن ام سلمه رضي الله تعاليٰ عنها، نَهيٰ رَسُولُ اللهِ صلي الله عليه وسلم عَن ڪُلّ مُسٰڪِر وَّ مُفُتِر انتهيٰ: 

روايت ڪئي ٿي آهي ڏانهن ابو دائود جي ، ان روايت ڪئي ڏانهن ام سلمه جي، جو منع ڪئي رسول الله صلي الله عليه وسلم ڏانهن هر شيءِ نشي ڪندڙ جي؛ ۽ عام ماڻهو ڀنگ ۽ آفيم کي حرام نٿا چون، ڇو جو هي جهنگ جو گاهه آهي، جو ان ۾ نشو به ڪين آهي ۽ ڀنگ جي پيئڻ ۾ ڪو گناهه نه آهي، سا سندن غلط فهمي آهي جيئن ته (حديث ۾ آهي) ”اسڪر“ ڀنگ به حرام حديث نبوي سان آهي، جا هتي بيان ڪجي ٿي.

قال النبي صلي الله عليه وسلم ماَ اَسڪَرڙ کَثيِرُ ه‘ فَقَليِلُه‘ حَرامً- فتويٰ مولوي عبدالحي لکنوي عفه الله عنه:

يعني فرمايو آهي نبي عليه السلام اها شيءِ (جنهن جي گهڻائي)نشو ڪندڙ آهي، حرام آهي، ته پوءِ ڦڙو ان مان به حرام آهي. پوءِ ان حديث مان معلوم ٿيو ته جيڪي شيون نشو آڻين ٿيو، سي سڀ حرام آهن، ۽ حرام به ان لاءِ آهن جو ماڻهو جو عقل گم ٿيو وڃي- تنهنڪري حرام آهي ۽ پيئڻ کائڻ به سندس حرام آهي.

*يَحرُم اَکُل البنجِ وَ الحَشيِشتهَ وَهي وَ دَقَ الغضبَ وَ لااَفُيُونِ لاِلــهّ مُفسِدُ للعقلِ سَدُّ عَن ذڪرذ اَللهِ تعاليٰ- الخ.(فقه جي ڪتاب در مختار ۾ آهي)

حرام آهي کائڻ ڀنگ جو ۽ آفيم. پوءِ تحقيقتاً پن ڀنگ جا، جو آڻين نشي کي ۽ آفيم پوءِ اهي حرام آهن ۽ وڃائيندڙ عقل جا آهن، غافل ٿا ڪن ڏانهن ذڪر الله تعاليٰ جي. پوءِ اڄوڪا صوفي دعويٰ ٿا ڪن ته ڀنگ پي خدا صاحب کي ياد ٿا ڪريون.

*مَن عَرفَ الله ڪُلَّ لِسَانُه‘:

يعني انهي شخص جو سڃاتو الله تعاليٰ کي پوءِ گونگي ٿي زبان ان جي يعني جو شخص مٿي رازن الله تعاليٰ جي واقف ٿيو ته زبان ان ماڻهو جي وڍيل ٿي رهي، جو هو رازن کي ٻاهر ڪين ڪڍندو.

*کسي ره سوي گنج قارون نه بُرد

وگر بُرد ره باز بيرون نه بُرد:

يعني ڪو شخص واٽ طرف خزاني قارون جي نه نيڻ ڪري جيڪو رازن جو آهي، مٿي هر شخص جي کليل نه آهي. پر جي وري کليو ته ان جي زبان گونگي هوندي.

*مَن عَرفَ نفسه فَقدُ عَرفَ رَبــَّهُ:

يعني انهي شخص جو سڃاتو نفس پانهنجي کي پوءِ تحقيق سڃاتائين الله تعاليٰ کي. پوءِ الله ڪري مڃڻ ۽ ان جي عبادت ۾ رات ڏينهن مشغول رهڻ ٻين بدعتن جي ڪمن کان پاسي ٿيڻ الله تعاليٰ جو سڃاڻڻ، سو سواءِ مرشد ڪمال جي محال آهي.

*غافل آنکس که خويش را نه شناخت

مر خدارا و کيش را نه شناخت:

اي دل اهو شخص جو پاڻ کي نه سڃاڻي ۽ جيڪڏهن نه ته خاصو خدا تعاليٰ کي سڃاڻي ڪين سگهندو.

*شريعت جو سهڻي، ساري سک سبق

طريقتان تکو وهي حقيقت جو حق

معرفت مرڪ، آهي اصل عاشقن جو:

شريعت، طريقت، معرفت، حقيقت: پهرينءَ حالت ۾ طالبن کي اتي رهڻو ٿو پوي جيڪي ديني دنيوي ڳالهيون آهن، ۽ هن کي ڪرڻيون ٿيون پون.

*لا صلواته الاَّ بِحضُورِ لقَلب:

يعني نه آهي نماز مگر ساڻ حاضر ڪرڻ دل جي. يعني نماز ۾ دل حاضر هجي، سو اهو ڪم سواءِ ڪاملن جي مشڪل آهي. هر ڪنهن جو ڪم نه آهي. پر تنهن هوندي به سعيو ڪرڻ انسان کي لائق آهي ۽ نفساني خيال پري ڪري.

*اَلمصُلَــَّي غَائِب مَّنَ الصَّلواته:

يعني نمازي غائب ٿي وڃي وقت نماز جي: يعني نمازي نماز پڙهڻ جي وقت رب جي ذات ۾ اهڙو محو ٿي وڃي جو ڪا خبر نه پويس، نه سڄي طرف نه کٻي طرف جي، نه هيٺ نه مٿي جي. ان جو بيان تمام ڊگهو آهي، ٿوري تي اڪتفا ڪئي ٿي وڃي.

*روزا نمازون، اي پڻ چڱو ڪم

او ڪيو ٻيو فهم، جنهن سان پسجي پرينءَ کي:

يعني نماز پڙهڻ پانهنجي گردن آزاد ڪرڻ آهي يعني الله تعاليٰ جو فرض ادا ڪرڻو آهي، ۽ اها عبادت ٻي آهي، جنهن سان پانهنجي موليٰ کي ملڻ ٿئي، اهي رياضتون ڪڍڻيون آهن.

*راست بين از نظر راست بمقصود رسيد

احول از چشم دو بين در طمع خام افتاد:

سڌو ڏسندڙ، ساڻ نظر سچ جي پهتو مقصود کي، احول (ٽيڏو) اکين جي خامائي جي سببان منجهه طمع پئي*.

*ٽيڏيون ڏسن ٽي، هوت مڙئي هيڪڙو:

يعني هن جي خيال ۾ ٻئي الله ٿي پيا آهن، يعني توکي سڌون نفس جون ڇڪيو ٿيون وڃن، جو يادگيري رب العالمين جي کان غافل ٿيون ڪن، سي تنهنجي ڪاڻ تمام خراب آهن.

*يَا عِباديِ اَلـــَّذيِن اَسر فَوا عَليٰ اَنفُسِهمِ، لاَ تَقنَطُو امِن

 رّٰحُمَتهِ اللهِ. اِنَّ الله يَغفِرُ الذُّ نُوبَ جَيميعاً:

اي ٻانها منهنجا، نااميد نه ٿيو، ڏسو هي الله تعاليٰ جي تحقيقاً الله تعاليٰ بخش ڪندڙ مڙني گناهن جو آهي اگرچه صغيرا ۽ ڪبيرا هجن، پر جي گناهه سهو کان ٿا ٿين سي بخشڻ بي ٿيندا؛ جي گناهه عملاً ڪندو ان جي لاءِ عذاب آهي.

*گناه من ز عدم گر نيامدي بوجود

وجود عفو تو در عالم عدم مي بود:

گناهه منهنجا ڏانهن نا هئڻ جي نه اچن ها ساڻ ٿيڻ جي، عفو تنهنجي جو منجهه جهان جي نه هجي ها. يعني جيڪڏهن منهنجا گناهه تنهنجي هٿان نه ٿين ها ته تنهنجي بخشش منجهه جهان جي نه هجي ها.

*رحمت او تشنه ديدم بر گناه

عرصهء عصيان گرفتم زين سبب:

رحمت انهي جي کي اڃايل ڏٺو مان مٿي گناهه؛ ميدان گناهن کي ورتو مان ڏانهن انهي سبب جي. يعني جڏهن درياء رحمت تنهنجي جو گهڻو ڪشادو ڏٺو مان، تڏهن مان (کي) گناهه ڪرڻ آيا آهن.

*سهو و خطاي بنده اگر گيرد اعتبار

معناي عفو و رحمت پروردگار چيست:

يعني سهو ۽ خطا ٻانهي جي ڇا وٺي اعتبار، معني عفو ۽ رحمت الله تعاليٰ جي ڪهڙي آهي؟ يعني اسان جا گناهه ربّٰ سائين جي رحمت جي اڳيان ڪجهه به ڪين آهن، ڇو ڇو درياء رحمت جو فراوان آهي.

*اي برادر چو عاقبت خاڪ است

خاک شو پيش از آنکه خاک شوي:

يعني اي ڀاءُ، جڏهن توکي اوڙڪ خاڪ ٿيڻو آهي، خاڪ ٿيءُ، اڳي ڏنهن انهي جي، جو تون خاڪ ٿين.

*اَنا المشتاقُ اِليَ المدينَ:

يعني تحقيق مان شوق رکندڙ آهيان نيڪن جو. يعني جي نيڪ آهن الله تعاليٰ به انهن جي خواهش رکندو آهي ۽ مٿس پانهنجي رحمت نازل ڪندو آهي.

*مَلڪن ٿي سجدا ڪيا،

واه ته مِٽي تنهنجو آهي مُلهه!:

يعني مٽي آدم عليه السلام جي، توکي الله تعاليٰ وڏو عزّ ۽ مان ڏنو آهي، جو مَلڪن کان به توکي سجدا ڪرايائين. تون سڀ کان اشرف المخلوقات آهين.

*گر نبودي ذات حق اندر وجود

آب و گل را کي مَلڪ اَرد سجود:

جيڪڏهن ذات حق جي نه هجي ها منجهه وجود جي، پاڻي ۽ مٽي کي ڪير ڪري ها سجدو؛ يعني آدم جي جُسي اندر جڏهن الله تعاليٰ جو نور هو تڏهن مَلڪن سجدا ڪيا.

*نابودي نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو:

يعني جڏهن تون نابود ٿيندين تڏهن مٿي ٿيندين؛ يعني پاڻ کي سڀڪا گهٽ ڪري ڏس جي ماڻهو آهن سڀ مون کان اعليٰ آهن.

*اَحيِني مِسڪيِناً وَ اُمِتنِي مِسڪِيناً وَ احشرُ نِي فِي زُمر ته المَسَاڪِينِ:

يعني اي الله! جيار مون کي مسڪين ۽ مار مون کي مسڪين ڪري ۽ حشر ڪر منهنجو سان ٽولي مسڪينن جي: يعني الله تعاليٰ جيار به مون کي مسڪين ڪري ۽ مارين ته به مسڪين ڪري مار ۽ حشر ڏينهن مسڪينن سان گڏ اُٿار.

*زنيڪان هر چه صادر گشت نيڪ است

طريقت هر چه پيش رد بخير است:

يعني ڏنهه نيڪن جي هر جيڪي صادر ٿئي اهو چڱو ڪم آهي. منجهه واٽ (الاهي) جي هر جيڪي به پيش اچي، اي سالڪ! سو چڱو ڪم اهو آهي.

*فِعلُ الحَڪيِمِ لاَ يَخلُو عَنِ الحِڪمَتهِ:

يعني فعل حڪمي جو خالي ڏانهن حڪمت جي نه آهي، يعني الله تعاليٰ جا ڪم حڪمت کان خالي نه آهن.

*پريان سندي پار جي مڙئي مٺائي

ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري:

جيڪي محبوب جي طرف کان مون ڏي اچي ٿو سو منهنجي لاءِ چڱو ڪم آهي. اگرچه ڪا نعمت جهڙي شيءِ آهي يا مصيب جهڙي شيءِ آهي، سڀ منهنجي ڪاڻ چڱيون آهن.

*لاَ يَتَحَرَڪُ سَيءٌ اِلاَّ باِ ِنِ اللهِ:

نٿي چُري ڪابه شيءِ مگر ساڻ حڪم الله تعاليٰ جي، يعني سڀ شيون الله تعاليٰ جي حڪم هيٺ آهن، هو مٿي سڀن جو قادر آهي.

*ڪاتي ڪونهي ڏوهه، ڳن وڍيندڙ هٿ ۾:

يعني ڪاتي ڏوهه ڪونه آهي، جو ڳن جي وٺڻ وارو ٻيو آهي. يعني تقدير جو معاملو الله تعاليٰ جي اختيار آهي. انسان کي ڪا مجال نه آهي.

*خَيرهِ وَ شَر ّ ه، مِن ّ اللهِ تعاليٰ:

نيڪي ۽ بدي ڏانهن الله تعاليٰ جي آهي. جو انسان لاءِ ازل ۾ نيڪي بدي لکي ويئي آهي، سا ضرور آڏو ايندس ۽ هرگز نه ٽرندس.

*سرتيون منهنجي ساهه کي، ڏور وڌي ڏاهي،

جڏهن ٿو ساهي، تڏهن لڏان لهرون وچ ۾:

اي ساهڙيون! جا محبوب مون کي تقدير ۾ محبت واري ڏور وڌي آهي، سا هن کي هميشه ڇڪيندڙ آهي، پر نفس جا لوڏا ۽ لهريون گهڻيون آهن.

*عشق که ز عشق جاوداني است

بازيچهء مشهور آن جواني است:

اهو عشق جو ڏنه عشق جي هميشه آهي. راند کيڏڻ ساڻ جواني جي مشهور آهي. يعني عمل موچارا ڪرڻ ۽ عبادت رب جي ڪرڻ به جواني سان متعلق آهي.پيريءَ جي وقت سڀ عضوا سست ٿي ويندا آهن، پوءِ ڪجهه نه ٿيندو.

*توبه کردن در جواني شيوهُ پيغمبري است

وقت پيري ميشود گرگِ ڪهن پرهيزگار:

توبهه ڪرڻ منجهه جواني جي طريقو نبين جو آهي. وقت پيريءَ جي بگهڙ به پرهيزگار ٿيندا آهن. تنهنڪري انسان کي لائق آهي ته جواني جو وقت غنيمت ڄاڻي، عبادت رب جي ۾ مشغول رهي، نه ته پوءِ هٿ هڻندين.

*هرگز نه ميرد آنکه دلش زنده شد بعشق

ثبت اثت بر جريدهُ عالم دوامِ ما:

يعني هرگز نه مري اهو، جو دل انهي جي جيئري آهي ساڻ عشق جي. ڄميل آهي مٿي پيٽ نيڪن جي هميشه، يعني جا دل عشق مان چيري ٿي، سا هرگز ڪين مرندي.

*ڪل نفسً ذائقته الموت:

يعني هرڪو نفس ذائقو موت جو چکيندو، يعني هر انسان جي لاءِ موت آهي، جو هرگز مري.

*گرو مري نه مين مران، نت مري ميري بلاء

مين اس ڪا ٻالڪا جو مري نه مارا جاء:

يعني جي انسان آدميت کان لنگهيل آهن، سي انساني ذات نه چئبا، بلڪه روحاني چئبا. هنن کي روح واريون خاصيتون آهن، جو مرڻ جا نه آهن.

*دولت پاک کن از همه غيرِ او

بدل زنده شو پس بکن سيرِ او:

جيڪي خدا تعاليٰ جا ٻانها آهن، سي پانهجي دل جي تختي کي دنياوي هوسن ۽ لالچن کان پاڪ ڪن ٿا. ٻيو ته پنهنجي دل تي نالو الله سائين جو نقش برسنگ ڪن ٿا.

*ان اولياء لايموتون ولڪن يتقلون من الدار الي الدار:

يعني تحقيق اولياء الله تعاليٰ جا نه مرندا آهن. بلڪ نقل ڪندا آهن ڏانهن هڪ طرف جي ٻئي طرف ڏي. يعني انهن جي لاءِ مرڻ ڪونه آهي. بلڪه هڪ طرف کان ٻئي طرف ڏي وڃڻا آهن.

*مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات

هوندا سي حيات، جيڻا اڳي جي جيا:

يعني جي انسانن کان اڳي مئل آهن، جو جيئري مري ٿا وڃن ته پوءِ انهن ماڻهن جي لاءِ موت ڪونه آهي. بلڪه جئين وارا آهن، جا ديدگي حياتي ملي اٿن، موت ڪين ڏسندا.

*مُو تُا اقبُل اَن تَموُ تُوا:

يعني مر تون اڳي ڏنه مرڻ جي، جو توکي عزرائيل جي هٿان مرڻو آهي ان کان تون محبت موليٰ جي ۾ اڳي مر ته هن موت کان ڇٽي پوين.

*الموت حبسر يوصل الحبيب الي الحبيب:

يعني موت هڪڙي پل آهي، جو وصال ڪندڙ آهي دوست کي صرف دوست جي يعني موت ته هڪ واري پانهجي اصلي ذات ڏي رجوع ٿي ڪري، جو پانهجي محبوب سان ملندو.

*نڪو ڏينڀو ڏيهه ۾، نڪو ڪارو نانگ

سڄڻ جا ٿي سانگ، ته ملڪ مڙيو ئي ماکي:

يعني اي سالڪ! هن دنيا جي جهان ۾ نڪو ايذاءَ نه سک آهي. تون پانهجي موليٰ جي محبت ۾ مست رهه جو تنهنجي محبوب توکي هتڙي آندو آهي. اگرچه هي جهان تنهنجي ڪاڻ غير آهي، تڏهن توکي ان تي شڪر ڪرڻ جڳائي.

*ميان عاشق و معشوق رمزيست

ڪراماً ڪاتبين را هم خبر نيست:

وچالي عاشق ۽ معشوق جي هڪ اهڙي رمز رکيل آهي، جو مَلڪن ڪراماً ڪاتبين کي به خبر نه آهي، جو اهي ان ڳالهه کان ناواقف آهن. الله تعاليٰ انسان جي لاءِ ڏاڍيون نعمتون پيدا ڪيون آهن، پر هي نادان تمام ناشڪر آهي.

*جان خواهم از خدا نه يکي بلڪ صد هزار

يا صد هزار بار بميرم براي يار:

يعني جان گهر امان ڏنه خدا تعاليٰ جي، بلڪ سئو هزار ۽ تان جو سئو هزار پير وارن مان واسطي يار جي سئو ڀيرا. اگرچه هزار ساهه هجن، سي محبوب جي مٿان قربان ۽ فدا آهن، بلڪه لک ساهه قربان آهن.

*لا فرق بيني و بين  يريد:

يعني ته آهي جدائي وچالي منهنجي ۽ وچالي رب تنهنجي. يعني جي عارف ڪامل آهن، انهن ۽ رب جي وچان ڪا جدائي نه آهي، بلڪه جدائي به انهن جي لاءِ شوق آهي. پوءِ ٻيا ڪاهڻ ڪندا، هرگز نه مڙندا.

*الموءمن مراته الموءمن:

يعني مومن، آئينو مومن جو آهي، عاشق به معشوق جو آئينو آهي يا معشوق عاشق جو آئينو آهي. هڪڙو ٻئي جو عڪس آهي. عشق حسن آهي. جڏهن ان ڏي نظر ڪري ٿو ته گويا پاڻ کي ڏسي ٿو، پانهجو عڪس نظر ۾ ٿو اچي.

*قلب الموءمن بيت الله:

يعني قلب موءمن جو، گهر الله تعاليٰ جو آهي. يعني مومن جي دل جا ذاڪر ساڻ يادگيري رب جي آهي، سا گويا خانه خدائي آهي، جو ان جي قلب تي نور الله جل جلاله جو هميشه نازل ٿو ٿئي ۽ رحمت سندس هميشه جاري ٿي رهي.

*و لقد ڪرّ منا بني آدم:

يعني تحقيق سڳورو ڪيو اسان اولاد آدم عليه السلام جي کي مٿي ٻين مخلوقن جي، اگرچه مَلڪ نوراني آهن، تن به فرمودي موجب سجدو ڪيو.

*اتي جاعلً في الارض خليفه:

يعني تحقيق ڪنداسين اسين منجهه زمين جي خليفو. ان مان مراد آدم عليه السلام جي آهي، جو آدم جي پيدا ٿيڻ تي مَلڪن اعتراض ڪيو، پوءِ سندن مدعا پوري ڪين ٿي.

*لو لاک لما خَلَقُت الا فلاڪ:

يعني جيڪڏهن نه پيدا ڪريان مان توکي، ته نه پيدا ڪريان مان آسمان کي. اها حديث قدسي حضرت نبي عليه السلام جي شان ۾ آهي، جو تنهن جو پيدا ٿيڻ عالم جي موجودائي آهي.

*و في انفسڪم افلا تبصرون:

يعني اهو نفس منجهه تنهنجي آهي. پوءِ تون نه ڏسندڙ آهين، يعني خزانو معرفت جو تنهنجي دل ۾ رکيل آهي. پر توکي غفلت ويڙهي وئي آهي، جو توکي ڪابه شيءِ نظر نٿي اچي. نفس شيطان توکي خراب ڪري ڇڏيو آهي، خبردار ڪر.

*الانسان سري و اناسره:

يعني انسان راز منهنجو آهي ۽ مان راز انسان جو آهيان. جيڪي منهنجا راز آهن سي انسان ۾ رکيل آهن، جو هو پاڻ سڌارڻ سان درجي بدرجي حاصل ڪري ٿو. پر نفس کان پهرين جان آزاد ڪري، ان جي طرف اڪيلو رجوع ٿئي، ٻيائي ڇڏي ڏي.

*که بچشمانِ دل مبين جز دوست

هر چه بيني بدا نکه مظهر اوست:

جو ساڻ اکين دل جي نه ڏس سواءِ دوست جي، هو جيڪي ڏسي تون ڄاڻ جو جاءِ مظهر انهي جي آهي. يعني هر شيءِ جا هن جهان تي آهي، اها شيءِ مظهر ذات الاهي آهي. ذات الاهي کان سواءِ ڪجهه ڪين آهي. جيڪي آهي نور آهي، نور آهي ته حضور آهي.

*ما راءيت شيئاً الا راءيت الله فيه:

نه ڏس تون ڪنهن شيءِ کي،  مگر ڏسين تون منجهه انهي جي نور الله تعاليٰ جو. هر شيءِ الله تعاليٰ جي نور مان پيدا ٿي آهي، ان جي نور کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.

*يسبح الله ما في اسمــٰوات والارض:

يعني تسبيح ٿي ڪري واسطي الله تعاليٰ جي هر شيءِ، جو منجهه آسمان جي آهي ۽ زمين جي وچالي تي آهي. سڀڪا شيءِ الله تعاليٰ جل جلاله جي يادگيري کان هڪ دم به غافل نه آهي.

*اين جهان صورت ست معني دوست

و ز بمعني نظر کني همه اوست:

هي جهان نشاني آهي معنيٰ دوست جي، جيڪڏهن ساڻ معنيٰ جي نظر ڪرين تون، مڙئي اُهو آهي. يعني هر جاءِ ذات الاهي جو تجلو آهي، پر اهو حاصل ڪرڻ مشڪل آهي. سواءِ مرشد ڪامل جي. هي مُردن جي حال ۾ آهي. جهين وقت مرشد ڪامل هن سان راهبر آهي ته هن جي دل کي غير کان پاڪ ۽ صاف ڪندڙ ساڻ نور الاهي جي.

*از بس که دو ديده در خيالت دارم

در هر جا نگه کنم ترا جمالت بينم:

يعني ڏانهن گهڻي وقت جي ٻه اکيون منجهه خيال تنهنجي رکا مان، هر جاءِ نظر ڪريان مان، جمال تنهنجي کي ٿو ڏسان مان. يعني جڏهن طالب جي دل متوجهه رب جي طرف ٿيندي ته سواءِ حق جي ٻيو ڪي به نطر ڪين ايندس.

*برگِ درختانِ سبز در نظرِ هوشيار

هر ورقي دفتريست از معرفتِ ڪرد گار:

يعني پن وڻن جا جي ساوا آهن منجهه نظر هشيار جي، هر هڪ پن دفتر آهي ڏنهه سڃاڻپ الله تعاليٰ جي، جيئن ”هر چه بيني بدانکه مظهر اوست“ اهي به دل جي روشنائي سان شامل آهن.

*ليس في الدارين اِلا هو:

يعني نه آهين منجهه ٻنهي جهانن، مگر تون آهين، جو ذات الله تعاليٰ جي کان سواءِ ٻنهي جهانن ۾ ڪا ٻي شيءِ نه آهي، مگر ذات تنهنجي آهي. جو تون درڪار آهين، تون گهرج آهين.

*العشق حجاب بين العاشق والمعشوق:

يعني عشق پردو آهي وچالي عاشق ۽ معشوق جي. يعني هجڻ خود پردو آهي. جڏهن هي پاڻ کي پاڻ ۾ فنا ڪندو ته اهو حجاب خودي وارو جو وچ ۾ رکيل آهي ڦاٽي پوندو. سواءِ محبوب حقيقي جي ڪجهه به نظر ۾ نه ايندس، جيڏانهن ڪيڏانهن دوست نظر ايندس.

*ميان عاشق و معشوق پرده حائل نيست

تو خود حجاب خودي حافظ از ميان بر خيز:

يعني وچالي عاشق ۽ معشوق جي پردو رکيل نه آهي. تون پاڻ پردو پاڻ جو آهين. اي حافظ! ڏانهن وچ جي مٿي اُٿ، جيڪو پردو خودي جو رکيل آهي، سو خود پاڻ آهي. انهي کي ڦاڙي پرزا ڪري ڇڏ ته سڀ مرادون توکي حاصل ٿين.

*پنهنجو آهين پاڻ، آڏو عجيبن جي:

يعني تون پنهنجي محبوب جي نزديڪ آهين. پر جڏهن پنهنجي خود کي وڃاءِ ته پوءِ توکي ڏورائي ڪابه نه آهي. هردم محبوب جي حضور ۾ آهين، پر پاڻ کي فنا ڪر.

*اناالحق اناالحق:

يعني جڏهن تنهنجي دل جا ڪَن سامع ٿيندا ته هي شيءِ اناالحق پئي چوندي.

*سڀت پچار پرين جي، سڀني هوت حضور،

ملڪ مڙئي منصور، ڪهي ڪهندين ڪيترا:

يعني سڀني شين کي رب جي ياد ڪرڻ جي پچار آهي، جو سڀ رب جي ياد ڪرڻ ۾ غرقان آهن. تان جو پنهنجي خود کي وڃائي منصور وانگي اناالحق ٿا چون. پر تون هڪ کي ماري سگهندين، ڪيترن کي ته تون ڪين ماري سگهندين.

*کشد نقش اناالحق بر زمين خون’

چو منصورم کُشي برادرم امشب:

ڇڪي اناالحق جو مٿي زمين جي خون کي. جڏهن منصور وانگي پاڻ سوري تي ڏئي ته عيد ان رات آهي. يعني پنهنجي محبوب سان هي به تڏهن ملندو جڏهن پاڻ کي مٿي سوءدي جي نه ڏيندو. هڪ ساهه ڏي ته سئو ساهه ملڻ ڪن.

*ان الله لا يغفر ان يشرڪ به و يغفر ما دون ذللڪ لمن يشاء:

يعني تحقيق الله تعاليٰ نه بخشيندو ان شخص کي جو ساڻس شريڪ ڪيائين ۽ پاڻ بخشيندو سواءِ شرڪ جي ٻين گناهن کي جو شرڪ پاڙ ڪفر جي آهي. الله تعاليٰ شرڪ هرگز ڪين بخشيندس.

*اکيون سيئي ڌار، جن سين پسين پرينءَ کي

ٻئي ڏي ڪين نهار، ريسارا گهڻو:

يعني اي طالب! تون اها دل ڌار جو جهين سان پنهنجي محبوب کي ڏسين ۽ غير کان هن کي آزاد ڪر ته پنهنجو مقصد مڙئي حاصل ٿيندو، جو ٻيا به ڏسي ڪندا.

*اکين ۾ ٿي ويهه ته آءٌ واري ڍڪيان

توکي نه ڏسي ڏيهه، آءٌ نه ڏسان ڪو ٻيو:

يعني اي طالب! محبوب جي دل ۾ اهڙي جاءِ ڪر جو سواءِ محبوب حقيقي جي ڪجهه به نه ڏس ۽ سچو عاشق پنهنجين اکين کان به غيرت ٿو آڻي. هو ڀانئي ته سواءِ محبوب جي ڪجهه به نه ڏسان. اهو حال طالب کي تڏهن حاصل ٿيندو، جڏهن سڌون نفس جون ماري ڇڏيندو، تڏهن هي حال ٿيندس.

*عاشق عزازيل، ٻيا مڙئي سڌڙيا

منجهان سڪ سبيل، لعنتي لعل ٿيو:

يعني شيطان جيتوڻيڪ خدا جي نافرماني ڪئي ۽ هٺ ڪرڻ ڪري لعنت جو طوق گردن ۾ پيس، تڏهن آدم کي سجدو نه ڪيائين، جو هن کي غيرت نظر ۾ آئي.

*و ما ارسلنـــٰڪ الا رحمته لِلعالمين:

يعني ته اسان موڪليو آهي توکي مگر رحمت آهي واسطي جهان جي. هي آيت حضرت نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي شان نزول ۾ آهي. يعني محمد رحمت مومنن جي لاءِ آهي.

*الشيخ في قومه النبي في امــّته:

يعني ولي ڪامل منجهه خادمن ۽ مريدن پنهنجي اهڙي طرح ساڻ آهي، جهڙي طرح نبي پنهنجي امت ۾ آهن، جو هر وقت انهن جا سڌارا ڪندڙ آهن.

*من يطيع الرسول فقد اطاع الله:

يعني ان شخص فرمانبرداري ڪئي رسول جي پوءِ تحقيق فرمانبرداري ڪيائين الله تعاليٰ جي.

*و في انفسڪم، سمجهه اشارو:

يعني اها ذات الله تعاليٰ جي انسان جي دل اندر آهي. پر پهرين دل ذڪر سان صاف ڪرڻ گهرجي.

*نفس مار ته نر ٿئين:

 يعني نفس کي فرمانبردار ڪر ته مرد ڪامل ٿئين.

 


 


* هن معنيٰ کي هت درست ڪري لکيو ويو آهي.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org