سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:ٻري جن ٻاري

 باب-- ٻيو

صفحو :10

هن ميٽنگ ۾ هيٺيان ٺهراءَ بحال ڪيا ويا.

1. هيءُ ميٽنگ متفقه طور مطالبو ٿي ڪري ته قائداعظم محمد علي جناح کي آئينده آل انڊيا مسلم ڪانفرنس، جيڪا لاهور ۾ ٿيڻ واري آهي، تنهن جو صدر منتخب ڪيو وڃي. انهيءَ جو اطلاع تار رستي سيڪريٽري آل انڊيا مسلم ليگ کي موڪليو وڃي.

2. هيءُ فيصلو ڪيو ويو ته، صوبي سنڌ مسلم ليگ جا عهديدار ورڪنگ ڪاميٽيءَ جا ميمبر ٿي رهندا، ان کان سواءِ جنرل باڊيءَ کي حق رهندو ته پاڻ مان 25 ڄڻن کي ورڪنگ ڪاميٽيءَ تي چونڊين.

3. گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته، مسلم ليگ جي عهديدارن ۽ ورڪنگ ڪيمٽيءَ جي ميمبرن جي چونڊ ڪئي وڃي.

4. ڪو به ورڪنگ ڪميٽيءَ جو ميمبر ٽن ميٽنگن ۾ لڳاتار غير حاضر رهندو ته، هن جي جاءِ کي خالي سمجهي، ٻئي کي نامزد ڪيو ويندو.

5. صوبي سنڌ مسلم ليگ جي هن گڏجاڻيءَ جو رايو آهي ته سکر ضلعي ۾ جيڪي بدقسمتيءَ سان افسوسناڪ واقعا ٿيا آهن، تن جي جوابدار موجودهه وزارت آهي، اها انهن سڀني ماڻهن، جيڪي هن نقصان جو شڪار ٿيا آهن، سان دلي همدردي ڪري ٿي. ٻنهي قومن کي اپيل ڪري ٿي ته پاڻ ۾ محبت سان رهن ۽ الهه بخش سومري جي اهڙي پاليسيءَ جو شڪار نه ٿين، جنهن موجب صاحب موصوف قومن ۾ تفرقو وجهي حڪومت ڪرڻ گهري ٿو.

6. هيءُ فيصلو ڪيو ويو ته صوبي سنڌ جي سيڪريٽري جي پاران اخبارن ۾ اعلان ڪيو وڃي ته آل انڊيا مسلم ليگ لاهور واري اجلاس ۾ صوبي سنڌ جي شرڪت لاءِ 20 فيبروري جي اندر سيڪريٽري سنڌ مسلم ليگ کي درخواست ڏياري موڪلين، ڇاڪاڻ ته سيڪريٽريءَ جي سرٽيفڪيٽ کان سواءِ ڪو به ڊيليگيٽ ٿي نه سگهندو.

7. فيصلو ڪيو ويو ته صوبي سنڌ ورڪنگ ڪميٽي پارليامينٽري ڪاميٽيءَ جا فرائض انجام ڏيندي.

8 هيءُ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ اسيمبليءَ جي چونڊ لاءِ جيڪي حضرات مسلم ليگ جي قواعد و ضوابط جا پابند ٿي اميدوار بيهڻ گهرن ٿا، سي پنهنجون درخواستون 15 اپريل 1940ع تائين صدر سنڌ مسلم ليگ کي ڏياري موڪلين. اميدوارن جا نالا به مناسب وقت تائين مخفي رکيا ويندا، جن صاحبن کي مسلم ليگ جي طرفان نامزد ڪيو ويندو، انهن جي نالن جو اعلان نامينيشن پيپر ڀرڻ کان اڳ ڪيو ويندو. سيڪريٽري صاحب کي هدايت ڪئي ويئي ته اهڙو اعلان اخبارن جي اشاعت لاءِ موڪلي.

9. هيءُ فيصلو ڪيو ويو ته مسلم ليگ تحريڪ کي صوبي سنڌ ۾ زور وٺائڻ لاءِ هڪ لائوڊ اسپيڪر ۽ لاري خريد ڪئي وڃي، جنهن لاءِ هيٺين صاحبن مالي مدد ڏيڻ جو اعلان ڪيو:

جي ايم سيد ۽ خير شاهه هڪ هزار، محمد ايوب کهڙو هڪ هزار ۽ وڌيڪ خرچ حاجي عدالله هارون ڀريندو، حاجي عبدالله هارون اعلان ڪيو ته اسان جي ورڪرن جيڪڏهن ڇهن مهينن ۾ سٺو ڪم ڪري ڏيکاريو ته هيءُ ٻي لاري به خريد ڪري ڏيندو.

10. هي فيصلو ڪيو ويو ته صوبي سنڌ مسلم ليگ جي امدادي سرمائي لاءِ 500 ماڻهن کان گهٽ ۾ گهٽ 10 رپيا ساليانو چندو ورتو وڃي.

11. هيءُ فيصلو ڪيو ويو ته مسلم ليگ تحريڪ کي زور وٺائڻ لاءِ مختلف تڪن ۾ ضلعي مسلم ليگ ڪانفرنسون ڪوٺايون وڃن. انهيءَ سلسلي ۾ پهرين ڪانفرنس 25 فيبروري 1940ع تي ڳوٺ مراد ميمڻ ملير ۾ ڪئي وڃي. هن ڪانفرنس گهرائڻ لاءِ سمورا انتظام پير غلام مرتضيٰ سرهندي ڪرڻ قبول ڪيا. صوبه سنڌ جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي وئي ته اهڙيون ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ لاءِ ٻين پرائمري برانچن کي پڻ هدايت ڪري.

12. هيءُ به فيصلو ڪيو ويو ته صوبي سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس جو اجلاس مئي مهيني ۾ لاڙڪاڻي ۾ گهرايو وڃي، جنهن جو انتظام لاڙڪاڻي جو صدر محمد ايوب کهڙو ڪندو.

13. هيءُ فيصلو ڪيو ويو ته جرڳن جي بل  جي مخالفت ڪئي وڃي ۽ مسلم ليگ جي ميمبرن کي هدايت ڪئي وڃي ته هو ان بل جي مخالفت ڪن.

14. هيءُ به فيصلو ڪيو ويو ته آل انڊيا مسلم ليگ کي درخواست ڪجي ته سکر منزل گاهه مسجد جي فسادن ۽ گرفتارين جي ضروري تحقيقات لاءِ هڪ تحقيقاتي ڪاميٽي مقرر ڪري.

15. هيءُ فيصلو ڪيو ويو ته مسلم ليگ رليف فنڊ جي عهديدارن جي چونڊ ڪئي وڃي، جنهن لاءِ هيٺيان عهديدار مقرر ڪيا ويا:

صدر                           محمد ايوب کهڙو

جنرل سيڪريٽري              سيد محبوب علي شاهه

خزانچي                        حافظ محمد صديق

۽ ٻيا ميمبر هئا: آغا نظر علي خان، جي ايم سيد، سيد خير شاهه، ڊاڪٽر محمد يامين، نعمت الله قريشي، ابو شوڪت حمزو، شيخ واجد علي، سيد رسول بخش شاهه، قاضي فضل الله، آغا غلام نبي، حاجي گل خان، تاج الدين ۽ غلام نبي بروهي. - -- - - -(1)

لاهور واري ٺهراءَ جي سنڌ مان پٺڀرائي

تاريخ 21، 22، 23 مارچ 1940ع ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو تاريخي اجلاس قائداعظم محمد علي جناح جي صدارت هيٺ لاهور ۾ منعقد ٿيو. ”مسلم ليگ جي اجلاس کان اڳ 21 مارچ 1940ع تي مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ قائداعظم ۽ سڪندر حيات سان ٿي، جتي قائداعظم کي قرارداد جو مسودو ڏنو ويو، جيڪو جناح صاحب کي هڪ يادداشت نامي جي صورت ۾ حاجي عبدالله هارون کيس 1 فيبروري 1940ع ۾ ڏنو. - - - - -(1)

لاهور جي اجلاس ۾ سنڌ جي طرفان خانبهادر محمد ايوب کهڙو، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ جي ايم سيد جيڪي ان وقت ۾ سنڌ وزارت ۾ شامل هئا سي اجلاس ۾ نمايان ڏسڻ ۾ پئي آيا. - - - -  - (2)

سنڌ ۾ مسلم ليگ جي سڀني برانچن قرارداد لاهور جي حمايت ۾ ٺهراءَ منظور ڪيا. اهڙيءَ طرح سنڌ مسلم ليگ لاهور قرارداد جي مڪمل حمايت ڪئي. سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل جي گڏجاڻي 22 ڊسمبر 1940ع تي زير صدارت حاجي عبدالله هارون جي ڪراچيءَ ۾ ٿي (شيخ عبدالمجيد به ان ۾ شرڪت ڪئي) ۽ ان ۾ هيٺيان ٺهراءَ بحال ڪيا ويا:

سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل سنڌ جي موجوده سياسي حالتن ۽ ليگ جي تنظيمي ڳالهين تي ويچار ڪرڻ بعد هيٺيون فيصلو ڪيو آهي ته مسلم ليگ جي وزيرن، مير بندهه علي خان، محمد ايوب کهڙو ۽ شيخ عبدالمجيد کي گهرجي ته هو جنوري 1941ع جي خاتمي کان اڳ سنڌ اسيمبلي اندر مسلم ليگ پارٽيءَ جو وجود قائم ڪن. اهڙي پارٽي قائم ٿيڻ بعد نئين سر حالتن تي غور ويچار ڪيو ويندو، ان وچ ۾ ڪائونسل سنڌ اسيمبليءَ جي هر هڪ مسلمان ميمبر کي استدعا ٿي ڪري ته هو مسلم ليگ پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿي مسلمانن جي اتحاد کي مضبوط ڪن. صوبي سنڌ جي مسلم ليگ کي پختي پائي تي بيهارڻ لاءِ ضروري آهي ته سڄي تحريڪ تي مڪمل ڪنٽرول رهي. پريس ۽ پروپئگنڊا جي ڪم کي وڌائجي. مسلم ليگ جي ورڪرن جا جٿا پيدا ڪجن.

4- مٿين مقصدن جي حصول لاءِ هيٺينءَ طرح ڪاميٽي ٺاهي وڃي، جنهن جو چيئرمين مسٽر جي ايم سيد، سيڪريٽري محمد هاشم گذدر ٿيندا. ان ڪاميٽيءَ کي وڌيڪ عهديدار ۽ ٻين وڌيڪ ميمبرن کي مقرر ڪرڻ جو اختيار هوندو.

ڪاميٽيءَ جا ميمبر هي هوندا:

جي ايم سيد، يوسف هارون، قاضي فضل الله، آغا غلام نبي پٺاڻ، سيد حسين بخش شاهه، پير عبدالستار جان سرهندي، مسٽر محمد هاشم گذدر ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي.

 

ڪاميٽي يڪدم هيٺيان قدم کڻندي:

(الف) هر شهر ۾ پرائمري مسلم ليگ جون برانچون قائم ڪرائيندي.

(ب) پريس، پليٽ فارم ۽ پروپئگنڊا وسيلي اسيمبليءَ جا اصول عوام تائين پهچائيندي.

(ث) عوام جي ڀلي جا ڪم ڪندي، مسلمانن جي معاشرتي، اقتصادي، تعليمي ۽ سياسي بهبود جي لاءِ ڪوشش ڪندي. ڪاميٽي صوبائي مسلم ليگ جي ڪائونسل ۽ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ضابطي اندر رهندي. مٿين مقصدن جي حصول لاءِ جلد هڪ اسڪيم تيار ڪندي. ڪاميٽيءَ گهٽ ۾ گهٽ هر ٽئين مهيني پنهنجي رپورٽ صوبائي ورڪنگ ڪاميٽي ڏانهن موڪليندي.

(ج) سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي گڏجاڻي، ضلعي مئجسٽريٽ حيدرآباد ۽ سنڌ حڪومت جي مذمت ڪري ٿي, جو هن سکر فسادن جي ٽن قيدين کي حيدرآباد سينٽرل جيل ۾ 11 ڊسمبر تي ڦاسين ڏيارڻ بعد لاش سندن عزيزن جي حوالي نه ڪيا، ۽ نه ئي انهن جي جنازه نماز پڙهائي ويئي ۽ لاش مخفي طور جيلن ۾ دفنائي ڇڏيا. - - - - (1)

سنڌ وزارت ۾:

تاريخ 18 مارچ 1940ع تي الهه بخش وزارت استعيفيٰ ڏني ۽ مير بنده علي خان وزارت ٺاهي، جنهن ۾ هن وڏي وزير جي حيثيت سان داخلا، سياست امور، قانون ۽ عام انتظامي امور جا کاتا پاڻ وٽ رکيا ۽ سندس  ٻيا وزير هيٺيان هئا:

نهچلداس وزيراڻي، روينيو، خانبهادر محمد ايوب کهڙو. پي- ڊبليو ڊي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، خزانو، صحت، پبلڪ هيلٿ ۽ آبادڪاري، گوڪلداس زراعت، مقامي خود حڪومت. جي ايم سيد محنت، صحت، ٻيلا، تعليم ۽ ديهي ترقيات جا کاتا. ”- - - - (1)

جڏهن الهه بخش وزارت مان نڪري ويو ته هندو گروپ الهه بخش کي وزير بنائڻ جي گهر ڪئي، جيڪڏهن الهه بخش حڪومت کان ٻاهر پيو رهي ته برسر اقتدار پارٽيءَ کي هر وقت خطرو درپيش هو. انهيءَ لاءِ ضروري هو ته هندو مسلمان اتحاد قائم ٿئي ۽ امن امان جي فضا قائم رهي.

تاريخ 23 ڊسمبر 1940ع ۾ جي ايم سيد استعيفيٰ ڏني ۽ ان جي جاءِ تي الهه بخش کي وزير بنايو ويو، هن کي خزانو، صحت، پبلڪ هيلٿ، آبادڪاري ۽ عام انتظامي امور جا کاتا ڏنا ويا.

”اسيمبليءَ ۾ گڏيل پارلياماني صلاحڪار ڪاميٽي بنائي ويئي. هندو مسلم اتحاد جو هڪ عهد نامو صحيح ڪيو ويو. ڪاميٽيءَ تي اهو فرض مقرر ڪيو ويو ته هو عهدنامي تي عمل درآمد ڪرائي. هيٺيان عهديدار صلاحڪار ڪاميٽيءَ تي نامزد ڪيا ويا:

چيئرمين:- مير بندهه علي، سيڪريٽري: جي ايم سيد، ميمبر: محمد ايوب کهڙو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، الهه بخش سومرو، غلام حسين هدايت الله، پير الاهي بخش، محمد هاشم گذدر، نيوند رام، نهچلداس، گوڪلداس، رت سڌوا، نارائڻ داس بيچر، ڊاڪٽر چوئٿرام، جي فريزار ۽ ٻيا آزاد هندو گروپ مان هئا“ . - - - - -(2)

1940ع جي آخر ۾ قائداعظم محمد علي جناح سنڌ ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ لاءِ مسلم ليگ تنظيمي ڪاميٽي ٺاهي. ڪاميٽيءَ جا هيٺيان عهديدار نامزد ڪيا ويا.

چيئرمين: جي ايم سيد، ميمبر- صاحبزادو عبدالستار، جان سرهندي، غلام نبي پٺاڻ، علي اڪبر شاهه، قاضي فضل الله، فقير محمد مڱريو (لاڙڪاڻو)، سيد حسين بخش شاهه، هن ڪاميٽيءَ جي پهرئين ميٽنگ سن ۾ 22 – فيبروري 1941ع ۾ ٿي. هن ميٽنگ ۾ پاڪستان حاصل ڪرڻ لاءِ پروگرام تيار ڪيو يو ۽ پوسٽر ڇپرايا ويا.

 

مسلم ليگ لاءِ پروپئگنڊا:

الوحيد اخبار سنڌ مسلم ليگ جي ترجمان هئي. هن اخبار ۾ مسلم ليگ جون ڪارگذاريون اينديون رهيون. مسلم ليگ ۽ تحريڪ پاڪستان لاءِ مضمون اخبار ۾ ڇپجندا رهيا. الوحيد اخبار سنڌ جي مسلمانن ۾ تمام گهڻو مقبول هئي. هن اخبار وسيلي خلافت تحريڪ جي تنظيم کي زور وٺايو ويو. هن ئي اخبار جي وسيلي سنڌ جي مسلمانن سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ جي تحريڪ هلائي، انهيءَ ڪري هيءَ اخبار سنڌ جي مسلمانن ۾ مقبول هئي. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ هن اخبار کي مسلم ليگ لاءِ استعمال ڪيو.

1941ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جي عهديدارن کي نئين  طرح نامزد ڪيو ويو. هيٺيان عهديدار چونڊيا ويا.

صدر: حاجي عبدالله هارون(ايڪس آفيشو)

آنرري سيڪريٽري: سيد علي محمد شاهه راشدي.

مرڪزي اسيمبليءَ تي ايڪس آفيشو ميمبر.

سنڌ مان هيٺيان ماڻهو سنڌ مسلم ليگ ڪائونسل جا ميمبر چونڊيا ويا.

ڪراچي: محمد ايوب کهڙو (وزير) شيخ عبدالمجيد سنڌي (وزير) جي. ايم. سيد (وزير) ايم. ايڇ گذدر، يوسف هارون، محبوب احمد قريشي، مولانا ضياءٌ الدين (ڊيلي حيات ڪراچي) مولانا ظهور الحسن درس.

 

سنڌ اسيمبليءَ مان پاڪستان جو ٺهراءُ پاس ٿيڻ:

تاريخ 14 آڪٽوبر 1942ع ۾ الهه بخش سومري وزيراعظم سنڌ، انگريز سرڪار جا ڏنل خطاب احتجاج طور واپس ڪيا. گورنر کيس وزيراعظم جي عهدي تان برطرف ڪيو ۽ غلام حسين هدايت الله وزارت ٺاهي، جي. ايم. سيد مسلم ليگ جي تنظيمي ڪم ۾ مشغول هو، هو مسلم ليگ کي عوام ۾ مقبول ڪرڻ لاءِ تبليغ ڪري رهيو هو. سر غلام حسين جي وزارت مسلم ليگ جي مدد سان حاصل هئي، هُو مرڪزي مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ جو منظور نظر هو.

”تحريڪ پاڪستان ۾ هڪ موقعو اهڙو به آيو جو انگريزن قائداعظم کي چيو ته هو مسلم  اڪثريت واري صوبي جي ڪنهن به اسيمبليءَ مان پنهنجيءَ اڪثريت جو ثبوت ڏئي. انهيءَ نازڪ مرحلي تي پير عبدالرحمٰن  ڀرچونڊي جيڪو روحاني پيشوا هو، تنهن اهو ڪم ڪيو. پير صاحب سڀني مسلمان ميمبرن سان ملاقاتون ڪيون، جنهن مان ڪيترا هن جا معتقد هئا، پر انهن جي اڪثريت ڪانگريس سان هئي، پر صاحب هڪ هڪ ميمبر کي چيو ته اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ تحريڪ پاڪستان جي تائيد ۾ ووٽ ڏين“ - - - -(1)

تاريخ 3 مارچ 1943ع تي جي. ايم. سيد سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان جي تاريخي قرارداد پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو ته هندستان جا مسلمان الڳ قوم آهن ۽ الڳ قوميت تحت الڳ وطن جو مطالبو ڪن ٿا. (2) سنڌ اسيمبليءَ جو اجلاس چيئرمين مسٽر جي فريزار جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، مسٽر جي. ايم. سيد اجلاس ۾ هيٺيون ٺهراءُ پيش ڪيو هو:

هيءُ اجلاس حڪومت کي سفارش ٿو ڪري ته  هو پنهنجي شهنشاهي حڪومت کي عزت ماب وائسراءِ جي وسيلي، هن صوبي جي مسلمانن جي جذبات ۽ خواهشات کان آگاهه ڪري: جيئن ته هندستان جا مسلمان هڪ الڳ قوم آهن، جنهن کي الڳ مذهب، فلسفو، سماجي رسمون، ادب، روايات، سياسي ۽ اقتصادي نظريات آهن. انهيءَ لاءِ هو حق بجانب آهن ته هو هڪ الڳ قوم آهن. هو هندن کان بلڪل مختلف آهن، مسلمانن کي اتي پنهنجي جدا آزاد قومي رياست هجي، جتي اهي  هندستان جي اڪثريتي علائقن ۾ آباد آهن. انهيءَ لاءِ هو ظاهر ڪرڻ چاهين ٿا ته انهن کي اهڙو ڪو به آئين قبول نه هوندو، جنهن ۾ مسلمانن کي هڪ مرڪزي حڪومت تحت ٻي قوم جي زير اثر رکيو وڃي...... انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته انهن کي پنهنجي ڌار قومي رياست  هجي. جيڪڏهن مسلمانن کي هڪ مرڪزي حڪومت تحت رهڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو ته، حڪومت انهيءَ  لاءِ ذميوار رهندي، جنهن جو نتيجو خانه جنگي ۽ بي گوروڪفن وانگر هوندو.

شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ قرارداد جي حمايت ۾ تقرير ڪئي ۽ اجلاس آڏو ٻه ترميمون پيش ڪيون. نهچلداس وزيراڻي اعتراض ڪيو مگر اهي ترميمون به اجلاس ۾ منظور ڪيون ويون. ترميم ۾ چيو ويو ته:

”ترميم آندي ويئي ته آخري سٽ نمبر 3 ”پنهنجي“ لفظ جي بدران لفظ ”اقليتن جي سلامتيءَ لاءِ“ جملو شامل ڪيو وڃي ۽ آخري سٽ جو لفظ خانه جنگي ۽ بي گورو ڪفن وانگر“ جي بدلي لفظ ”خوفناڪ“ آندو وڃي“ - - - - - (1)

اجلاس ۾ ڪل 27 ميمبر هئا، جن ۾ 24 ميمبرن قرارداد جي حمايت ڪئي ۽ ٽن ميمبرن مخالفت ڪئي. حمايت ڪندڙ هئا:

1- شيخ عبدالمجيد سنڌي    2- خانبهادر الهه بخش گبول

3- خانبهادر حاجي امير علي لاهوري 4- ارباب توڳاچي

5- مير بنده علي ٽالپر                 6- مير غلام علي ٽالپر

7- سر غلام حسين هدايت الله        8- خانبهادر غلام محمد اسراڻ

9- سيد غلام مرتضيٰ شاهه   10- خانبهادر غلام نبي شاهه

11- پير الاهي بخش           12- نواب ڄام جان محمد

13- مسز جينا ٻائي جي، الانا،        14- سردار بهادر سردار قيصر خان

15- سيد محمد علي شاهه    16- خانبهادر محمد ايوب کهڙو

17- حاج محمد هاشم گذدر 18- محمد عثمان سومرو

19- محمد يوسف چانڊيو      20- سيد نور محمد شاهه

21- رئيس  رسول بخش خان انڙ 22- علي گوهر خان مهر

23- شمس الدين خان بارڪزئي       24- خان صاحب سهراب خان سرڪي

مخالفت ڪندڙ هئا:

1- راجه صاحب گوڪلداس     2- ڊاڪٽر هيمنداس آر- واڌواڻي

3- لعلو مل آر- موٽواڻي - - - -- -  (1)

هندو ڪانگريسي ۽ ٻين آزاد هندو ميمبرن هن اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو.

ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو ساليانو، ايڪٽيهون اجلاس 1943ع

تاريخ 24 ڊسمبر 1943ع ۾ ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو ايڪٽيهون اجلاس منعقد ٿيو. هن اجلاس جي صدارت قائداعظم محمد علي جناح ڪئي. اجلاس جو پنڊال خوبصورت جهنڊين سان سينگاريو ويو هو. هر هنڌ تي مسلم نيشنل گارڊ پنهنجي سالارن سان گڏ فرائض انجام ڏيئي رهيا هئا. هن جلسي ۾ اٽڪل 8 (اٺ) هزار ماڻهن شرڪت ڪئي. اسٽيج جي وچ تي چانديءَ جي ڪرسي جناح صاحب لاءِ رکي ويئي، ساڻس گڏ استقباليه ڪاميٽيءَ جو چيئرمين محترم جي. ايم. سيد ۽ جنرل سيڪريٽري نوابزاده لياقت علي خان ۽ استقباليه ڪاميٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري يوسف هارون ويٺل هئا. هن جلسي ۾ هندستان جي ٻين مکيه اڳواڻن شرڪت ڪئي. جهڙوڪ شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ پنجاب جو وزيراعظم خضر حيات، سردار اورنگزيب خان صوبي سرحد جا وزير، پارليامينٽري سيڪريٽري ۽ آل انڊيا مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جا ميمبر ۽ آل انڊيا اسٽيٽس، مسلم ليگ جا صدر، نواب بهادر يار جنگ انهن سان گڏ قائداعظم جي همشيره محترمه فاطمه جناح، ليڊي هارون، بيگم طاهره اعجاز آغا.

 

غلام حسين جي وزارت خلاف  عدم اعتماد جو ووٽ:

تاريخ 14 – مئي 1943ع تي سنڌ جي سابق وزيراعظم الهه بخش سومري کي جيڪب آباد ۾ قتل ڪيو ويو. سيپٽمبر 1943ع ۾ سنڌ جي هڪ وزير محمد ايوب کهڙي کي استعيفيٰ ڏياري الهه بخش سومري جي خون جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. سنڌ وزارت ۾ وزير جي جاءِ خالي ٿيڻ سبب تاريخ 13 نومبر 1944ع ۾ سنڌ وزارت ۾ ٻه وڌيڪ وزير کنيا ويا، هڪ مير غلام محمد ۽ ٻيو راجا ٿامس. هيءَ وزارت مسلم ليگ جي حمايتي هئي ۽ ان جي مڪمل حمايت سان ڪافي عرصي تائين هلي.

سال 1945ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جي سالياني چونڊ ٿي، جنهن ۾ هيٺيان عهديددار سال 1945ع لاءِ نامزد ڪيا ويا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org