سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:ٻري جن ٻاري

 باب--

صفحو :14

محترم محمد ڪامل شاهه ۽ مسٽر نور محمد (بي ايم ايل سي) کي گذارش ڪندي اخبار لکي ٿي ته:

”اها غريب قوم جنهن جي طفيل اوهين هيڏي عزت واري درجي تي پهتا آهيو، ان جي دردن ۽ مصيبتن جي هٽائڻ جو ڪو اپاءُ به ڪريو. اوهان جي عزت، اوهان جو شان، اوهان جو افتخار، قوم جي سلامتيءَ سان ٻڌل آهي، تنهن ڪري انهيءَ قوم کي جيئرو رکڻ چاهيو ٿا ته پوءِ اوهان تي فرض آهي ته اهڙي قوم جي ڪشتيءَ کي سلامتيءَ جي ڪناري پهچايو ۽ اها ڳالهه اوهان لاءِ سخت غيرت جو باعث آهي جو اوهان هڪ اخبار به جاري ڪري نه  ٿا سگهو.“ - - - - (1)

ساڳئي سال شڪارپور مان هفتيوار ”شڪارپور گزيٽ“ ”الحنيف“ ۽ ماهوار ڪتابي سلسلو ”غنچه اميد“ جي نالي ۾ جاري ٿيا. ساڳئي سال هڪ هفتيوار اخبار شڪارپور مان ۽ ٻي هفتيوار اخبار ”اتحاد“ نوابشاهه مان جاري ٿي، تنهن کان سواءِ سوامي ناٿاڻي ”ڪيسري“ اخبار جاري ڪئي هئي، جيڪا مواد ۽ پاليسيءَ سبب منفرد هئي.

مسلمان اخبارن جو نوڪون جهوڪون ان  زماني ۾ ڪيترن ئي مشهور صحافين وچ ۾ اخبارن ۾ هلنديون رهيون، جن مان مکيه ”نور الاسلام“ وارو  مولوي نور محمد نظاماڻي ۽ سندس اخبارون. ”ميرپورخاص گزيٽ“ ۽ ان جو ايڊيٽر گُرڏنومل ۽ ”الوحيد“ جو هلائيندڙ ۽ روح روان شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ ”تنظيم“ جو ايڊيٽر عاجز صاحب، انهن سڀني تي خوب ڇوهه ڇنڊيا ويندا هئا. انهن کان سواءِ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، شمس الدين بلبل ۽ پير جهنڊي واري خلاف به مرحوم مخلص مضمون لکيا. هن اخبار ۾ ڀرڳڙي صاحب جي رسائي ۽ لابي واري هٿ ۾ کنيل مسئلي کي چڱي طرح وضاحت سان سمجهايو. مخلص مرحوم پنهنجي قلم ۽ شاعريءَ جا وڏا ڪرتب ڏيکاريندو هو. مسلمان اخبارن جي ٻي خصوصيت هيءَ هئي ته انهن جا صفحا شروع ۾ تحريڪ خلافت، تُرڪن جي همدردي ۽ ٻين سمورن اسلامي مسئلن سان ڀريا پيا هوندا هئا. انهيءَ کان علاوه ساڳي سال ٻي اهم اخبار هفتيوار ”نور الاسلام“ جي نالي سان مولوي نور محمد  نظاماڻيءَ ٽنڊي الهيار مان جاري ڪئي ۽ ديال سنگ ريلومل ۽ پروفيسر تاراچند گاجرا، شڪارپور مان هفتيوار ”ميلاپ“ ڪڍي چُڪا هئا، اها 1935ع ۾ بند ٿي ويئي. ”نورالاسلام“ 1929ع تائين هلي ۽ ٽنڊي الهيار کان پوءِ ميرپورخاص ۾ ”مسلمان پريس“ ۽ ان کان پوءِ ڪجهه وقت ٽنڊي محمد خان مان به نڪرندي هئي، ازانسواءِ هن سال ٻيا ڪيترائي ماهوار ۽ هفتيوار رسالا نڪتا، جهڙوڪ ”ترقي“ ، ”الحنيف“ ، ”ديپڪا“ ، ”گيان“ ۽ ”شيوا منڊل“ وغيره، ان کانسواءِ هڪ ٻيو ”سحتر ماشڪ پتر“ رسالو نڪتو، جنهن جو ايڊيٽر مولچند ٺارومل هو. هن رسالي ۾ مذهبي ۽ اخلاقي قسم جو مواد ڇپبو هو. ساڳئي مولچند ٺارومل هڪ ٻيو ماهوار رسالو ”سرسوتي ساهتيه“ نالي جاري ڪيو هو، جنهن ۾ ناول ڇپبا هئا.

1924ع ۾ جاري ٿيل ”ترقي“ ۽ ”الحنيف“ رسالا ڪافي اهم هئا، ”ترقي“ ڪراچيءَ مان عبدالخالق مورائي ڪڍيو هو، هيءُ رسالو مذهبي ۽ ادبي  نوعيت جو رسالو هو، جنهن جا سلسلا ”آخري رسول“، ”فاتح سنڌ“، ”آخرين مذهب“ ۽ ”قرباني“ به مشهور آهن. ”الحنيف“ کي شروع ۾ مذهبي رنگ هوندو هو،  پوءِ سياست ۾ ڪاهي پيئي. سندس ايڊيٽرن ۾ مسٽر غلام نبي قريشي، مولوي محمد ابراهيم خليل، ڪريم بخش ٽانوري، محمد حسين کهاوڙ ۽ حافظ خير محمد اوحدي شامل هئا. هن رسالي سنڌ کان ٻاهر بلوچستان جي به خدمت ڪئي.

هن رسالي بابت بزرگ صحافي پير علي محمد شاهه راشدي ٻڌائي ٿو:

”الوحيد“ جي مقابلي ۾ حنفي حضرات، ”الحنيف“ نالي هڪ هفتيوار پرچو، شڪارپور مان جاري ڪرايو. ان زماني ۾ حنفي ۽ وهابي عالمن جي وچ ۾ سخت ڪشيدگي پيدا ٿي پيئي هئي، جيڪڏهن ستت ئي هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ فساد شروع نه ٿي پون ها ته مسلمانن جا اهي باهمي جهيڙا ڪو وڏو ظلم مچائين  ها. - - - (1)

1924ع ۾ ئي ”ڏيارام گدومل ڪاليج“ حيدرآباد طرفان سالياني انگريزي سنڌي مخزن ”ڦليلي“ شروع ڪئي ويئي هئي. هن سال  حيدرآباد مان ”غنچه اميد“ هڪ ماهانه علمي ۽ ادبي مخزن پڻ جاري ٿي هئي.

انهيءَ سال ڪراچيءَ مان شاگرد برادري ”دي اسٽوڊنٽ هيرالڊ“ سنڌي انگريزي اخبار جاري ڪئي. جنهن جو اعزازي ايڊيٽر ايم ايم ڪرپلاڻي هو. هن اخبار ۾ سنڌي شاگردن جي ان وقت جي مسائل ۽ مطالبن جون خبرون ڇپبيون هيون، هن اخبار ۾ ٻين ليکڪن سان گڏ مرحوم مرزا قليچ بيگ، ڄيٺمل پرسرام ۽ محمد صديق ميمڻ جا مضمون شايع ٿيندا هئا.

1925ع ۾ ”ديش متر“ (ديس جو دوست) نالي هڪ هفتيوار سنڌي انگريزيءَ ۾ مسٽر کيمچند ڊيٽارام واسواڻي ڪراچيءَ مان جاري ڪئي هئي. اخبار ۾ گهڻو ڪري سماجي سڌارن بابت مضمون ايندا هئا. هيءَ اخبار پاڪستان ٺهڻ تائين نڪرندي رهي. ساڳئي سال حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”الجامع“ نالي رسالو جاري ڪيو. رسالي ۾ سر عبدالله هارون جي امداد حاصل هيس. رسالو ڪراچيءَ جي کڏي واري مدرسي مان نڪرندو هو ۽ ان سان مسلمانن جي گهڻي ديني خدمت ڪئي ويئي.

ان ئي سال ڪراچيءَ مان هندو پريس وارن ”هندي“ نالي هڪ ماهوار رسالو ڪڍيو هو. ازانسواءِ مرحوم قاضي عبدالرزاق 1927ع ۾ هڪ ماهوار رسالو ”علمي دنيا“ جاري ڪيو. 1925ع ۾ڪراچيءَ مان عبدالله  عباسي ”گلشن“ نالي هڪ ماهوار رسالو جاري ڪيو.

ساڳئي سال ”ڏيپڪا“ ماهوار رسالو حيدرآباد مان ڪيول رام ديارام جاري ڪيو. رسالي ۾ ٿياسافيءَ جي اڳواڻن، مبلغن جي هلت چلت ۽ تحريرن ۽ تقريرن کان پڙهندڙن کي واقف ڪيو ويندو هو. ساڳئي سال هڪ ٻيو رسالو ”ديپڪ“ هفتيوار شڪل ۾ شڪارپور مان مسٽر چندر ڀاٽيه جاري ڪيو.

ازانسواءِ ان ئي سال مسٽر مولچند ٺارومل هڪ ماهوار رسالو ”گيان اديه“ نالي سان جاري ڪيو، جنهن جو پهريون پرچو ”هندو پريس“ ڪراچيءَ مان ڇپيو. رسالي جي پهرئين سال جي پڇاڙيءَ ۾ خريدارن کي ”سندر ڪيسري“ نالي ڪتاب ڏنو ويو. ڪن جو خيال آهي ته 1947ع ۾ ”الوحيد“ ۽ ”ڪيسري“ کان سواءِ  ”ماتر ڀومي“ ۽ ”هندو جاتي“ به روزانه اخبارون هيون، ائين ٿو لڳي ته مشهور روزانه ”هندو سنسار“ انهن ڏينهن ۾ جاري ٿي  هئي، جنهن جو ايڊيٽر مسٽر ريجهومل اگناڻي هوندو هو. - - - - (1)

ان وقت حيدرآباد مان نڪرندڙ ٻي اهم اخبار ”هندو“ هئي، جنهن جو ايڊيٽر مسٽر هيرانند ڪرمچند هو. انگريزيءَ ۾ ان زماني ۾ ڪراچيءَ مان ”ڊيلي گزيٽ“ ايس ايس شرما جي ايڊيٽريءَ ۾ نڪرندي هئي. ٻيون اخبارون انگريزي هيون. ”سنڌ آبزرور“، ”نيو ٽائمز“، ”ڪراچي“ ۽ ”ڪراچي ڊيلي“ - - - - 1928ع ۾ ڪراچيءَ مان روزانه ”سنسار سماچار“ جاري ٿي. جنهن جو ايڊيٽر مسٽر ٺاڪرداس اگناڻي هوندو هو، جيڪا ان ساڳئي عمارت مان نڪرندي هئي، جنهن ۾ 1955ع ڌاري بعد ۾ روزانه ”مهراڻ“ نڪتي. ان سال مسٽر ميلارام منگترام جي زير ادارت رسالو ”سندر ساهتيه“ به نڪرندو هو.

ساڳي سال سکر مان پير ضرب الله شاهه راشدي عرف پير جيئل شاهه جي سرپرستيءَ هيٺ ۽ مولانا دين محمد وفائيءَ جي زير ادارت هفتيوار اخبار ”الحرب“ جاري ٿي، جيڪا ستن مهينن کانپوءِ بند ٿي ويئي. ان سال پير علي محمد  راشديءَ هڪ ماهوار رسالو ”الراشد“ جي نالي سان سکر مان جاري ڪيو. سندس پهريان پرچا ”سنڌ زميندار“ پريس مان ڇپيا ويا، جيڪو بعد ۾ شڪارپور واري ”الحنيف“ پريس ۾ ڇپبو هو. ”الراشد“ لاءِ ان جو ايڊيٽر راشدي صاحب ٻڌائي ٿو ته ان ۾:

”وڏيرڪي سياست تي ڪڏهن ڪڏهن تکي نڪته چيني به ٿيندي ٿي رهي، جنهن ڪري ”سنڌ زميندار“ وارن وڌيڪ پرچن ڇاپڻ کان نابري واري. ان بعد ”الراشد“ الحنيف پريس مان ڇپبو رهيو.“ - - (1)

ساڳئي سال ميرپورخاص مان، محمد هاشم مستوئي هفتيوار اخبار ”رهنما“ جاري ڪئي. جيڪب آباد مان ”فرنٽيئر گزيٽ“ نڪرڻ لڳي ان جو ايڊيٽر عبدالڪريم گدائي هو. مولانا عبدالڪريم چشتي، جيڪب آباد مان ”صداقت“ اخبار جاري ڪئي جا 5 مهينن کان پوءِ ”الحنيف“ جي ايڊيٽر مسٽر ٽانوريءَ جي حوالي ڪيائين.

ان کان علاوه مولانا چشتي شڪارپور مان ”جمهور“ نالي هڪ هفتيوار اخبار ڪڍي ۽ پڻ ”آزاد“ ڪراچي، ”قرباني“ روزانه اخبار ڪراچي ”مجاهد“ روزانه ڪراچي ۽ ”پاڪستان“ هفتيوار لاڙڪاڻي جو ايڊيٽر ٿي رهيو.

1928ع ۾ هفتيوار ”خادم الاسلام“ حيدرآباد مان مولوي خير محمد نظاماڻي جاري ڪئي ۽ سکر مان ”دعوت الاسلام“ ڊاڪٽر محمد يامين ڪڍي. حيدرآباد مان ”حيدرآباد گزيٽ“ به نڪتي جيڪا پوءِ به نڪرندي رهي ۽ هينئر تائين بمبئي مان نڪري رهي آهي. ازانسواءِ هفتيوار اخبار ”پيسا“ به شڪارپور مان جاري ٿي.

1929ع ۾ 12 جولاءِ تي مسٽر ڀوڄرام موٽومل ”ڀارت“ - - - (1) نالي اخبار جاري ڪئي. ”الوحيد“ مان خبر پوي ٿي ته ساڳي سال ٻيراڻ مان ”الامان سنڌ“ ۽ ٻين هنڌن تان ”پرتاب“ ”تيج“ ۽ ”سکر گزيٽ“ به نڪرنديون هيون. مشهور شاعر غلام احمد خان نظاماڻي به ساڳئي سال  ”درهه حيدري“ نالي هڪ رسالو جاري ڪيو هو.

ساڳئي وقت اخبار هفتيوار ”چوڏس“ جاري ٿي ۽ ”پيغام“ هڪ هفتيوار ڪتابچي جو نالو هو، جيڪو مولانا عبدالڪريم چشتي ان وقت شايع ڪندو هو. جڏهن انگريز جي منافقانه پاليسيءَ سبب ڪٽر ۽ معتصب هندو، مسلم جماعتن پاران غير مهذب ۽ سخت رويي اختيار ڪرڻ سببان ورهايل هندستان اندر هندو، مسلم ڪشيدگيءَ منهن ڪڍيو هو. اهو رسالو شڪارپور مان نڪرندو هو. - - - - (1)

ساڳئي سال مشهور ٿياسافسٽ عالم ۽ صحافي مسٽر ڄيٺمل پرسرام ”پرڪاش“ اخبار جاري ڪئي. انهيءَ  زماني ۾ ”ستاره منڊل“ پاران هڪ ماهوار مخزن ”ستاره“ جي نالي سان نڪتي هئي.

ساڳئي سال يعني 1929ع ۾ پير مظفر شاهه لاڙڪاڻي مان ماهوار ”هدايت الخوان“ رسالو جاري ڪيو. اهڙيءَ ريت 1929ع ۾ هوندراج هفتيوار ”همدرد“ پڻ جاري ڪئي.

1930ع ۾ مسٽر عبدالرحيم آزاد ماهوار ”المنار“ رسالو جاري ڪيو، جيڪو  بعد ۾ هفتيوار ٿي نڪتو، ان ئي سال ٽنڊي محمد خان مان ”همدرد“ رسالو به جاري ٿيو.

سلطان ڪوٽ مان مولانا صاحبداد ماهوار رسالو ”الاسلام“ شروع ڪيو. لاڙڪاڻي مان ساڳئي سال هفتيوار ”عالمگير“ جاري ٿيو، جنهن جو ايڊيٽر غلام علي قريشي هو. ان ئي سال مشهور ڪهاڻي نويس امر لعل هنڱوراڻي رسالو ”ڦلواري“ جاري ڪيو. جڏهن ته حيدرآباد مان تولارام  ٻالاڻي روزانه اخبار ”سنڌ شيوڪ“ جاري ڪئي. ساڳئي سال ڪراچيءَ مان مولانا خير محمد نظاماڻي ماهوار ”طالب  علم“ جاري ڪيو. 1931ع ۾ خانبهادر محمد صديق ميمڻ حيدرآباد مان رسالو ”گلزار“ شروع ڪيو. هن رسالي پاران هر سال پڙهندڙن کي ”ادبي تحفو“ جي عنوان سان ڪتاب ڏنو ويندو هو. اهو سلسلو ڏاڍو مقبول ٿيو.

اپريل 1931ع ۾ ڪانگريسي سيٺ شونداس ڪراچيءَ مان هفتيوار رسالو ”آزاد“ جاري ڪيو.

ساڳئي سال  آڪٽوبر ۾ شڪارپور مان  روزانه ”قرباني“ نڪرڻ شروع ٿي. اها اخبار ويرومل بيگراج جاري ڪئي. بعد ۾ اها اخبار محترم جي. ايم. سيد خريد ڪئي هئي. هيءَ اخبار 1948ع  تائين نڪرندي رهي. شروع ۾ مولوي خير محمد نظاماڻي ۽ بعد ۾ پير علي محمد شاهه راشدي، علي احمد بروهي هن جا ايڊيٽر  مقرر ٿيا، پير صاحب جي ”فرياد سنڌ“ ان ۾ قسطوار ڇپي. اخبار مسلم ليگ جي خلاف لکندي هئي. حافظ خير محمد اوحدي، مولوي چشتي ۽ مير محمد شاهه به هن اخبار جا ايڊيٽر ٿي رهيا آهن.

ساڳئي سال يعني 1931ع ۾ حيدرآباد مان شڌي ۽ هندو پرچار لاءِ ٽهلرام آئلداس رسالو ”آريه وير“ جاري ڪيو. رسالي جي هيٺان ”سڄي سنسار کي آريه بنايو“ لکيل هوندو هو.

1932ع ۾ شڪارپور مان ٻولچند راجپال ”سنڌو“ رسالو جاري ڪيو، جيڪو  پوءِ ميان جي ڳوٺ منتقل ٿيو. وري 1935ع ۾ جيڪب آباد  مان نڪتو ۽ سال بعد شڪارپور مان نڪرڻ لڳو. ماڌوداس سندس ايڊيٽر هو. هن  رسالي جون علمي ۽ ادبي خدمتون مشهور آهن. هيءُ رسالو پاڪستان ٺهڻ تائين نڪرندو رهيو. رسالو بعد ۾ ڪانگريسين جي پرچار ڪرڻ لڳو. ”سنڌو“ جو 1946ع ۾ نڪتل ”نئين سنڌ“ نمبر يادگار آهي. مشهور ليکڪ منوهر داس ڪوڙي مل جو مزاحيه ڪالم ”چرچن جي چٽڻي“ رسالي ۾ شايع ٿيندو هو. ساڳئي سال ڀوڄرام لوڪومل واڌواڻي حيدرآباد مان ماهوار رسالو ”پريم“ جاري ڪيو. هيءُ ادبي رسالو هو، هن ۾ ان دور جا مشهور ليکڪ لکندا هئا.

ان ئي سال حيدرآباد مان ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي هارين جي حقن لاءِ هفتيوار ”هاري حقدار“ رسالو جاري ڪيو. 1933ع ۾ نبي بخش سرڪي جيڪب آباد مان هفتيوار ”اتحاد“ اخبارجاري ڪئي. ساڳئي سال نوابشاهه مان  طلومل داس هفتيوار ”هندو سماچار“ ڪراچيءَ مان عبدالرزاق قاضي ماهوار ”ڪاميابي“  شڪارپور مان فقير ممتاز علي هفتيوار ”صداقت“ اخبارون پڌريون ڪيون. ان ئي سال شيوڪ ڀوڄراڄ ڪراچيءَ مان ٻارن لاءِ ”گلشن“ رسالو شروع ڪيو، جنهن جي ايڊيٽوريل بورڊ تي، پارو گدواڻي ۽ لعل چند امر ڏنومل هوندا هئا. ان ئي سال مولانا خير محمد نظاماڻي هفتيوار ”بيداري“ رسالو جاري ڪيو.

1934ع ۾ پير علي محمد شاهه راشدي، نبي بخش ڀٽي جي مدد سان هفتيوار ”ستاره سنڌ“ رسالو ڪراچيءَ مان جاري ڪيو. اليڪشن جي مسئلن کي منهن ڏيڻ  کان پوءِ هيءُ رسالو هفتيوار اخبار جي صورت ۾ نڪرڻ لڳو.

ساڳئي سال روزانه ”صبح سنڌ“ پڻ هن جاري ڪئي. جيڪا 1938ع تائين نڪرندي رهي. هيءَ روزانه اخبار ڪافي مقبول ۽ مشهور رهي. ڪئين هن جا خاص نمبر نڪتا جن ۾ ”عورت نمبر“ ۽ ”بهادر نمبر“ مشهور آهن.

هن سال لاڙڪاڻي مان هاءِ اسڪول پاران سالياني مخزن پڻ نڪتي. هن جي ليکڪن ۾ نمايان ليکڪ شامل آهن. ان ئي سال مولوي نور محمد نظاماڻي مشهور رسالا ”مرغ فلڪ“ ۽ ”طيرا“ ، ”ابابيل“ جاري ڪيا.

1934ع ۾ ئي حيدرآباد مان شيخ عبدالله هفتيوار ”نور مسلم“ ۽ ميرپورخاص مان محمود هالائي ”همدرد“ اخبارون جاري ڪيون.

ان دور ۾ حيدرآباد مان ”فتح“ ۽ ”چاند“ پڻ رسالا نڪرڻ شروع ٿيا، جن ۾ فرقيوارانه مواد هوندو هو.

ڪراچيءَ مان ”رابندر ناٿ ڊراماٽڪ سوسائٽي“ پاران سنڌي انگريزي ٻوليءَ ۾ ”انڊس“ رسالو پڻ ساڳئي سال جاري ٿيو، جنهن جو ايڊيٽر مشهور ليکڪ پروفيسر منگهارام اڌارام هو. هن رسالي ۾ وڏا ليکڪ لکندا هئا.

اهڙيءَ طرح ”شري ويدانت پرڪاشڪ“ منڊل پاران هڪ ماهوار رسالو ”تتو گيان“ پڻ جاري ٿيو.

”ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته ”صبح سنڌ“ 1936ع ۾ جاري ٿي هئي ۽ ڪن جو خيال آهي ته 1934ع ۾. هيءَ اتحاد پارٽيءَ جي اخبار هئي“ - - -  -(1)

ساڳئي سال يعني 1934ع ۾ علاءُ الدين سمي هفتيوار ”حريت“ جاري ڪئي.

اهڙيءَ طرح ٻيا رسالا جهڙوڪ ”انتي“، ”ٻالڪ“، ”بوسيده خزانو“ ۽ ”رتن“ پڻ هن ئي سال جاري ٿيا. جن مان اڪثر رسالا هئا.

”رتن ساهتيه منڊل“ پاران ماهوار ”رتن“ جاري ٿيو هو، جنهن جو ايڊيٽر: ورومل ڪيولرام هو.

ان ئي سال 28 جون کان ”هندو“ اخبار ڪراچيءَ مان نڪرڻ لڳي، ان کان اڳ هيءَ اخبار حيدرآباد مان نڪرندي هئي.

1935ع ۾ جيڪي رسالا ۽ اخبارون جاري ٿيون، تن ۾ هيٺيون اخبارون ۽ رسالا قابل ذڪر آهن: -

- - - ماهوار مکڙي ڪراچي، ايڊيٽر: واڌواڻي.

- - - ماهوار ”موتين جوڻ“ ايڊيٽر: ٽوپڻ داس ٽي ليسرواڻي.

- - - آشيانه ادب“ (ڳڙهي ياسين، ايڊيٽر: آغا بدرالدين دراني.

- - -  ”بهار اخلاق“ (ادبي) ايڊيٽر: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي.

- - - پندرهن روزه ”دم اسلام“ حيدرآباد، ايڊيٽر: خير محمد نظاماڻي. هيءَ اخبار بعد ۾ هفتيوار جي صورت ۾ ميرپورخاص مان جاري ٿي. هاڻي اسان 1934ع ۾ جاري ٿيل  اخبارن ۽ رسالن تي نظر وجهنداسين:

- - - ٽي روزه ”اصلاح“، ايڊيٽر: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي، نائب ايڊيٽر: عبدالله عبد.

- - - روزانه ”سنڌ نيوز“، ٽي ايل پنواڻي.

- - -  هفتيوار ”نعره تڪبير“ ايڊيٽر: حافظ اوحدي.

 - - -  هفتيوار ”الڪامل“ حيدرآباد، مالڪ سيد ڪمال الدين ميمڻ ۽ ايڊيٽر: جي ايم ميمڻ.

- - - هفتيوار ”مسلم ليگ“ ڪوٽڙي.

- - - ٽي روزه ”ايڪتا“ ايڊيٽر: قسمت راءِ ڇڳاڻي. حافظ خير محمد اوحدي به هن جو ايڊيٽر رهيو. اخبار هندو مسلم ايڪتا لاءِ ڪم ڪندي هئي.

- - - هفتيوار ”باغبان“ (ادبي) ايڊيٽر؛ وديارتي. اخبار پاران انعام پڻ ڏنا ويندا هئا.

1936ع ۾ سنڌ ۾ بمبئيءَ کان جدائيءَ جي خوشيءَ ۾ سنڌ جي نامياري اخبار ”الوحيد“، ”سنڌ آزاد“ نمبر ڪڍيو، جيڪو سنڌي صحافت ۽ ادب جي حوالي سان هڪ شاهڪار ڪارنامو آهي.

”سنڌ آزاد“ نمبر ۾ سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جو احوال سنڌ جي ناميارين شّصيتن جو تعارف، سنڌ جي تاريخ، ادب، ثقافت ۽ ٻين موضوعن تي شاهڪار مضمون شامل ڪيا ويا آهن. انهيءَ کان علاوه سنڌ جي ناميارين شخصيتن جا فوٽا به ڏنا ويا آهن. نمبر ۾ انگريزي حصو پڻ شامل آهي، جنهن ۾ سنڌ بابت مضمون ڏنل آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org