سيڪشن؛ شخصيات

ٻري جن ٻاري

 باب--

صفحو :1

ٻري جن ٻاري

ڊاڪٽر خان محمد پنهور

شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ هندن کان مايوس ٿيڻ کان پوءِ پنهنجو سمورو ڌيان مسلمانن جي طاقت کي يڪجاءِ ڪرڻ ۽ منجهن قرباني ڏيڻ جو شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ڏنو. ان جي لاءِ هن تقرير جو به سهارو ورتو ۽ قلم جو به. ان ڏس ۾ ”الوحيد“ ۾ هن جا ڪيئي مضمون ڇپيا. هتي مثال طور هڪ مضمون ڏجي ٿو. جيڪو 29، 30، 31 جنوري 1931ع جي ”الوحيد“ ۾ قسطوار ڇپيو آهي. انهيءَ مضمون ۾ شيخ صاحب سنڌ جي بمبئيءَ  سان الحاق جا نقصان به ڄاڻايا آهن ۽ عليحدهه سنڌ جي لاءِ مسلمانن واسطي عملي پروگرام به پيش ڪيو آهي:

”سنڌ کي جدا پرڳڻي ڪرڻ جو سوال اوترو ئي پراڻو آهي، جيترو سنڌ تي انگريزي قبضي جو زمانو آهي.

انگريزن جي قبضي ڪرڻ کان پوءِ به ٻه چار سال سنڌ جي  حڪومت بمبئيءَ کان جدا هئي، پر پوءِ ان کي بمبئيءَ سان ڳنڍيو ويو. بمبئي سرڪار ماٽيجي ماءُ وانگر سنڌ سان هلت ڪئي آهي، سنڌ جي هنرن ۽ درسگاهن جو رفته  رفته خاتمو ٿي ويو آهي. ان جي بدران جي اسڪول قائم ٿيا، سي گهڻو ڪري شهرن ۾، فقط شهري ماڻهو ان جو فائدو وٺي سگهيا آهن. آبادگارن جي حالت ڏينهون ڏينهن زبون ٿيندي ٿي وڃي. زمينون انهن جي هٿان نڪري رهيون آهن. انهن لاءِ تعليمي سهوليتون نه ڪيون ويون آهن. تعليمي فيس زميندارن کان وصول ٿيندي هئي، پر خرچ ڪئي ويئي شهري اسڪولن تي.

سنڌ ۾ اڄ به، نه سرڪاري يونيورسٽي آهي ۽ نه  سرڪاري ڪاليج، ٻهراڙيءَ ۾، نه ڪٿي اسڪول آهن نه اسپتالون، ڪراچيءَ جو هيڏو وڏو ضلعو آهي، ان ۾ اڃا  هڪ به هاءِ اسڪول ڪونهي، ٻهراڙين جا رستا اهڙا آهن، جو خدا جي پناهه. غريب ٻهراڙيءَ جا ماڻهو هر ظلم جو شڪار آهن. انهن  جي سموري ڪمائي ٻين جي پيٽ ۾، پنهنجي قوت گذران لاءِ قرض کڻي پيا وقت ٽپائين. سرڪار جو ڪم فقط ڍلن وصول ڪرڻ سان ۽ عملدارن جو ڪم رشوتن ۽ رسائين وٺڻ سان، عام مخلوق جي سڌاري جو ڪو به ڪم بمبئي سرڪار نه ڪيو آهي. سواءِ سکر بئراج جي، جنهن تي بمبئيءَ سرڪار فخر ڪري سگهي ٿي. بمبئيءَ جي عملدارن لاءِ سنڌ جو پرڳڻو باغيچو ۽ تفريح گاهه ٿي رهي آهي. سنڌي ماڻهو طبيعت جا سادا، سرڪار پرست- زميندار ۽ جاگيردار سرڪاري عملدارن کي راضي ڪرڻ ۾ لک لٽايو ڇڏين، پنهنجن خرچن تي عملدارن کي شڪار ڪرائين، سنڌ بمبئي سرڪار جو شڪار گاهه آهي، گورنر صاحب ۽ هن جا وزير ۽ سيڪريٽري ويٺا آهن هڪ هزار ميلن تي، جيڪڏهن سنڌ ۾ اچن به ته ايڊريس وٺڻ ۽ شڪار ڪرڻ لاءِ، پر انهن کي اها خبر به نه هوندي آهي ته  ٻهراڙين ۾ جن رستن تان سندن موٽر گاڏي هلي  رهي آهي، ان جي درست ۽ مرمت ڪرڻ ۾ سون غريبن کي زميندارن جي هٿان بيگر ۾ وهائي ڏينهن رات ستائي ڪم ورتو ويندو آهي.

انهن کي اها به خبر نه هوندي آهي ته جن زميندارن جي معرفت سندن شڪار جو بندوبست ڪيو  ويو آهي، تن ڪم بختن ڪئين هزارين روپيا قرض کڻي، وڏا خرچ ڪري شڪار جو بندوبست ڪيو آهي. گشت گورنر جو هجي يا ٻين ننڍن وڏن عملدارن جو ويل غريبن لاءِ هوندو آهي.

سنڌ ۾ ڪمشنر صاحب جو شخصي راڄ آهي. بمبئيءَ جي گورنر جا اڪثر اختيار ڪمشنر کي مليل آهن، پر گورنر وٽ به هڪ ڪائونسل آهي، جنهن ۾ وڃي ڪا دانهن ڪوڪ ڪري سگهجي ٿي. پر ڪمشنر جي درٻار ۾ ڪائونسل جي ميمبرن کي به  ڳالهائڻ جي اجازت نه آهي. ڪمشنر صاحب سان ملاقات به خاص مهرباني ۽ خاص وقت ۾ نصيب ٿئي ٿي.

انهن حالتن کي ڏسي 1925ع ۾ مون ان ڪم کي کنيو. ”الوحيد“ ۾ لکيو. تنهن کان پوءِ پنهنجي ڪتاب سنڌ جي مسلمانن لاءِ تنظيمي پروگرام ۾ ان تي ڪجهه روشني وڌي. 1926ع جي آل انڊيا مسلم ليگ جي علي ڳڙهه واري اجلاس ۾  منهنجي طرفان ٺهراءُ پيش  ٿيو ته سنڌ کي بمبئيءَ کان جدا ڪيو وڃي.

اپريل 1927ع ۾مسلم اڳواڻن هندن سان ٺاهه لاءِ ڪي شرط پيش ڪيا، تن ۾ انهن سوالن کي به داخل ڪيو ويو. جولاءِ 1927ع ۾ آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽيءَ جي ميٽنگ بمبئيءَ ۾ ٿي. مسلمانن جا ٽي شرط قبول ڪيا ويا، تن ۾ سنڌ کي جدا ڪرڻ جو ٺهراءُ به قبول ڪيائون.

انهيءَ سوال کي زور وٺائڻ لاءِ آئون ساري هندستان جو گشت ڪري چڪو آهيان. هندستان جي ڪنهن به شهر ۾ جڏهن ڪنهن قومي مجلسن ۾ اهو سوال پيش ٿيو آهي، تڏهن آئون گهڻو ڪري ان ۾ شريڪ ٿيو آهيان.

سنڌ جي آزاديءَ لاءِ مشڪلات کي منهن ڏيڻ لاءِ منهنجي تجويز آهي ته سڄيءَ سنڌ ۾ آزاد سنڌ جماعتون قائم ڪيون وڃن. جيڪڏهن سنڌ جا زميندار، آبادگار، پير، سيد،  مولوي، ماستر ۽ سرڪاري نوڪر چاهين ٿا ته سنڌ جي عليحدگيءَ جي سوال کان حڪومت ۽ هندستان جا سڀ جوابدار ماڻهو چڱيءَ طرح واقف ٿين ته انهن کي ڳوٺ ڳوٺ ۾ هڪ جماعت قائم ڪرڻ گهرجي، جنهن جو نالو رکن ”آزاد سنڌ جماعت“. هر هڪ مسلمان ۽ هندوءَ کي ان ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏيڻ گهرجي. مسلمانن کي ته هر صورت ۾ ان ۾ شريڪ ڪيو وڃي. جنهن به ڳوٺ ۾ پنج مسلمان جمع ٿي سگهن تنهن ۾ آزاد سنڌ جماعت ٺاهي وڃي. آئون اميد ڪريان ٿو ته رمضان شريف جي ختم ٿيڻ کان اڳي سنڌ جي هر هڪ ڳوٺ  ۾ آزاد سنڌ جماعت جون شاخون قائم ڪيون وينديون ۽ هر هڪ پنهنجي طرفان رمضان جي آخري جمعي تي مسلمانن کي گڏ ڪري هيءُ ٺهراءُ پيش ڪندا:

(1) سنڌ جا مسلمان اهڙي ڪنهن به حڪومت جي جوڙجڪ کي قبول نه ڪندا، جنهن ۾ سنڌ کي ٻين پرڳڻن وانگر آزاد ۽ جدا پرڳڻو نه ڪيو ويندو ۽ سنڌ جا مسلمان سنڌ جي آزاديءَ لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن. اهو ٺهراءُ پاس ڪرائي ”الوحيد“ اخبار کي موڪليو وڃي. “- - - - (1)

شيخ صاحب مسلمانن جي انهيءَ جذبي کي وڌيڪ زور وٺائڻ لاءِ 15 فيبروري 1926ع جي هڪ خط ۾ سنڌي مسلمانن کي چيو:

”برادران اسلام آئون اڄ بمبئي وڃي رهيو آهيان. مون کي هيءُ ڏسي خوشي  ٿي آهي ته منهنجا مسلمان ڀائر ۽ بزرگ ”آزاد سنڌ جماعت“ قائم ڪري رهيا آهن، پر اڃا تائين رفتار سست آهي. اميد ته عيد نماز جي موقعي تي هر ڳوٺ ۽ هر شهر جي هر محلي ۾ عيد نماز پڙهڻ وارا مسلمان گڏجي، آزاد سنڌ جماعت قائم ڪندا. مون فيصلو ڪيو آهي ته جيڪڏهن منهنجا مسلمان ڀائر عيد نماز کان اڳي آزاد سنڌ جماعت جي شاخن جو تعداد هڪ هزار کان وڌيڪ نه آڻيندا ۽ منهنجي قوم جا ايم ايل اي ۽ ايم ايل بي ۽ ٻيا مذهبي رهبر، سياسي اڳواڻ ۽ تعليم يافته مسلمان قوم جي تعليمي، معاشرتي ۽ مالي سڌارن جو ڪم هٿ ۾ نه کڻندا، ته پوءِ منهنجو سنڌ ۾ رهڻ فضول آهي.

آئون پنهنجي اکين سان ڏسي رهيو آهيان ته سنڌ جا مسلمان ڏينهون ڏينهن تباهه ۽ برباد ٿي رهيا آهن ۽ جڏهن آئون پنهنجي قوم کي تباهيءَ کان بچائڻ جو فرض پورو نٿو ڪري سگهان ته پوءِ سنڌ ۾ رهي. آءٌ ڇا ڪري سگهندس. منهنجو رهڻُ، يا نه رهڻُ، برابر آهي، مون کي اڳواڻ ٿيڻ جي يا ڪنهن وڏي عهدي جي تمنا ڪانهي. البت خدمت ڪرڻ جي تمنا آهي ته مسلم قوم سرسبز رهي ۽ آباد ٿئي. آءٌ پٺيان سندن خادم آهيان ۽ گڏجي قوم جي ترقيءَ ۽ ويچار لاءِ زبردست ڪوشش ڪريون ۽ انهيءَ ڪوشش ۾ پنهنجي جان ختم ڪريون. “- - - - - (1)

هن تحريڪ جي سلسلي ۾ شيخ صاحب جي لکيل ”الوحيد“ ۾ ادارين جا ڪجهه ٽڪرا ڏجن ٿا:

سنڌ کي فوري جدا ڪرڻ جي ضرورت

”سنڌ جا ڪي هندو جدائيءَ واري سوال جي مخالفت ڪري رهيا آهن، پر مسلمانن جي مطالبن ۾ هڪ ئي سوال آهي، جنهن کي هندستان جي اٺ ڪروڙ مسلمانن سان گڏ هندستان جي هندو اڳواڻن جي به تائيد حاصل آهي، نهرو رپورٽ کي مالي جوابدارين سميت قبول ڪيو ويو آهي. لبرل فيڊريشن وارن جي تائيد آهي ۽گول ميز ڪانفرنس سنڌ جي هن  واجبي حق کي تسليم ڪيو آهي. “- - - - - (2)

سنڌ جي جدائي ۽ سنڌي مسلمانن جو فرض

هن عنوان تحت شيخ صاحب اٺن ڪالمن ۾ ايڊيٽوريل لکي مسلمانن کي جدائيءَ جي اهميت کان واقف ڪيو. هن ۾ چيو ويو ته:

”سنڌ جي جدائيءَ بابت ساري سنڌ ۾ هڪ اهڙو مظاهرو ڪري ڏيکارين جو درو ديوار مان سنڌ جي آزاديءَ جو آواز بلند ٿي وڃي. 19 جون 1932ع تي شاهي جلوس ڪڍيا وڃن ۽ ٺهراءَ پاس ڪيا وڃن. ”- - - - - (1)

سنڌ جا مسلمان ڇا ڪري رهيا آهن؟

هر هڪ ڳوٺ ۾ 19 جون 193ع تي شاندار جلوس ۽ جلسن جو انتظام ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي مسلمان زميندارن، جاگيردارن، اسلامي جماعتن ۽ قومي ڪم ڪندڙن کي درد مندانه اپيل ڪنداسين ته هن ڏينهن کي شاندار نموني ملهائين. - - - - - - (2)

 

مسلم ليگ لاءِ صحافتي خدمتون

هيءَ مڃيل حقيقت آهي، ته شيخ صاحب جهڙيءَ ريت خلافت تحريڪ ۽ سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ واري چرپر جي لاءِ مک ڪردار ادا ڪيو آهي. اهڙي ئي طرح، سنڌ ۾ مسلم ليگ کي مقبول بنائڻ لاءِ سندس ڪردار اهم آهي، جنهن کي وساري نٿو سگهجي. شيخ صاحب جو مسلم ليگ سان ڳانڍاپي جو اندازو، ان منجهان لڳايو ته هو مسلم ليگ جي سالياني مرڪزي اجلاسن ۾ اسان کي 1915ع کان وٺي نظر ٿو اچي. 1915ع ۾ مسلم ليگ جو ساليانو اجلاس بمبئيءَ ۾ ٿيو، ان ۾ سنڌ مان شيخ صاحب شريڪ ٿيو. ان کان پوءِ 1919ع ۾ امرتسر ۾، 1920ع ۾ ناگپور ۾، 1925ع ۾ علي ڳڙهه ۾، 1928ع ۾ ڪلڪتي ۾، 1930ع ۾ الهه آباد ۾ ساليانا اجلاس ٿيا، انهن سڀني اجلاسن ۾ سنڌ منجهان جتي حاجي عبدالله هارون شرڪت ڪندي ٿو ڏيکارجي، اتي شيخ صاحب به انهن اجلاسن ۾ شرڪت ڪندو رهيو. 1916ع جي سالياني اجلاس ۾ شيخ صاحب گرفتار ٿيڻ جي ڪري شريڪ ٿي  ڪونه سگهيو. 1925ع ۾ مسلم ليگ جي دهليءَ واري اجلاس ۾ ته شيخ صاحب سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جو مسئلو پيش ڪيو. 1927ع ۾ ۽ ان کان پوءِ جڏهن قائداعظم محمد علي جناح، ڪانگريس سان ٺاهه لاءِ 14 نُڪتا پيش ڪيا، ته انهن ۾ سنڌ جي جدائيءَ جو نڪتو به گڏ هو. - - - (1)

سنڌ ۾ مسلم ليگ جي قيام تي روشني وجهندي شيخ صاحب پنهنجي هڪ مضمون ۾ چوي ٿو:

”مون کي پوريءَ طرح ياد آهي، ته سنڌ ۾ مسلم ليگ جي پهرين ڪانفرنس 1917ع ۾ سکر ۾ ٿي، جنهن ۾ فقط تعليم يافته مسلمان شريڪ ٿيا هئا. مسلم ليگ جي ٻي ڪانفرنس 1919ع جي وچ ڌاري سکر ۾ مرحوم تاج محمد جي ڪوششن سان ٿي هئي، جنهن جي صدارت سيد اسدالله شاهه جن ڪئي هئي. هن ڪانفرنس ۾ عام مسلمان وڏي پئماني تي شريڪ ٿيا هئا. پر اهو ئي وقت هو جو خلافت تحريڪ غالب پوڻ لڳي هئي، تنهنڪري سڀ اڳواڻ ۽ ورڪر خلافتي هلچل کي زور وٺائڻ ڏانهن رجوع ٿي  ويا ۽ مسلم ليگ کي جدا جماعت جي حيثيت ۾ زور وٺائڻ ناممڪن ٿي نظر آيو.

هيءُ ٻيو ڪم، جو سکر مسلم ليگ ڪانفرنس ڪيو،  سو هيءُ هيو جو مولوي فيض الڪريم جي رسالي تي ملامت جو اظهار ڪيو ويو. اهو رسالو مسئله خلافت جي  رد ۾ لکيو ويو هو. انهيءَ ڪانفرنس هڪ اهڙي فضا پيدا ڪئي هئي، جو سنڌ ۾ مسلمانن چؤطرف عام جلسا ڪري خلافت عثمانيه سان پنهنجي همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اهڙيءَ ريت ساري هندستان مان اول سنڌ ۾ ئي خلافت تحريڪ شروع ٿي ۽ مسلم ليگ، تحريڪ خلافت جي صورت اختيار ڪئي. “- - -(1)

سنڌ ۾ مسلم ليگ ڪيترن ئي مرحلن مان گذري. ان جو پهريون دور 1917ع کان 1937ع تائين جو آهي. ان دور ۾ مسلم ليگ جي آڏو هڪ واضح پروگرام ڪونه هو. ان جو زيادهه تر ڪم ٺهراءَ بحال ڪرڻ لاءِ هو. البت مسلم ليگ هڪ پارٽيءَ جي حيثيت سان ضرور رهي. شيخ عبدالمجيد سنڌي ان پوري عرصي ۾ مسلم ليگ جي ڪائونسل جو فعال ميمبر رهيو. شيخ صاحب کي 1937ع ۾ گهڻو ڪري، سنڌ مسلم ليگ جو صدر مقرر ڪيو ويو.

آڪٽوبر 1938ع ۾ مسلم ليگ جي مشهور ڪانفرنس (ڪراچي واري) تائين شيخ صاحب صدر جي حيثيت سان ڪم ڪندو رهيو. اها ڪانفرنس نه رڳو سنڌ تي پر سموري هندستان تي اثرانداز ٿي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ (جنهن ۾ قائداعظم محمد علي جناح، مولانا شوڪت علي ۽ ٻين مشهور ليڊرن شرڪت ڪئي) شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ پهريون ڀيرو پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو. مسلم ليگ جي انهيءَ اجلاس کان پوءِ ئي سنڌ ۾ حالتن اهڙو رخ اختيار ڪيو، جو پوري سنڌ مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان اٿي کڙي ٿي. اچو ته ڏسون ته انهيءَ ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جي سلسلي ۾ شيخ صاحب ڪهڙو ڪردار ادا ڪيو.

انهيءَ ڪانفرنس کان اٽڪل ڏيڍ مهينو کن اڳ، شيخ  عبدالمجيد سنڌيءَ سنڌ مسلم ليگ جي صدر جي حيثيت سان، عام شاخن ۽ حلقن جي نالي الڳ الڳ خط لکيا. عام مسلمانن جي نالي هو هڪ خط ۾ لکي ٿو:

”برادران اسلام – آل انڊيا مسلم ليگ اوهان جي قومي جماعت آهي، جنهن سڀ کان اول هندستان جي مسلمانن ۾ قومي ۽ سياسي بيدري آندي ۽ انهن ۾ آزاديءَ ۽ عزت جي زندگي گذارڻ جو جذبو پيدا ڪيو.

هن وقت مسلم ليگ جي اها ڪوشش آهي ته هندستان جي نوَ ڪروڙ مسلمانن کي مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺ متحد ڪيو وڃي. انهن کي رشوت خورن ۽ وياج خورن کان بچايو وڃي. انهن جي مال و ملڪيت ۽ زمينن جي حفاظت ڪئي وڃي. انهن جي معاشي، مذهبي، تمدني ۽ تعليمي اصلاح ڪئي وڃي. هندستان جو ڪوبه پرڳڻو اهڙو نه آهي، جنهن ۾ مسلم ليگ جون شاخون سون ۽ هزارن جي تعداد ۾ قائم نه ٿيون هجن. ڏهن لکن کان به وڌيڪ مسلمان مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿي چُڪا آهن. فقط اسان جي سنڌ پٺتي رهجي ويئي آهي، پر شڪر آهي جو بااثر مسلمان هاڻي سنڌ ۾ به مسلم قوم کي مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺ آڻڻ لاءِ تيار ٿي ويا آهن. اسان سڀني مسلمانن کي اپيل ٿا ڪريون ته هر ڳوٺ ۽ هر شهر ۾ مسلم ليگ جون شاخون قائم ڪريو ۽ هزارن جي تعداد ۾ مسلم ليگ ۾ شامل ٿي وڃو.

پنهنجي عيوضين کي به استدعا ڪريو ته مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿي وڃن. ميونسپالٽين ۽ لوڪل بورڊن ۾ عام طور سان ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ خاص طور سان مسلم ليگ پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿِي، حڪومت جو ڪاروبارهلائين. جڏهن توهان جا نمائندا مسلم ليگ ۾ شريڪ ٿيندا، تڏهن ئي وياج خوريءَ تي ضابطي رکڻ جو قاعدو ۽ ٻيا قانون پاس ڪرائي سگهجن ٿا. اوهان انهن کي مجبور ڪريو ته هو مسلم ليگ پارٽيءَ ۾ شريڪ ٿين، نه ته ميمبريءَ کان استعيفا ڏيئي وڃن. جنهن قوم جو قومي نظام ۽ قومي جماعت نه آهي، سا قوم نه آهي. مسلم  قوم جي نجات ۽ بهتري پنهنجي قومي تنظيم ۾ آهي.

شيخ عبدالمجيد سنڌي

صدر، سنڌ مسلم ليگ “

ساڳئي قسم جو خط هو مسلم ليگ جي شاخن کي لکي ٿو:

”مسلم ليگ جي شاخن کي اپيل آهي ته 31 آگسٽ تائين ميمبر وڌائڻ جي ڪوشش ڪن. هر هڪ مسلم ليگ جي آفيس مٿان مسلم ليگ جو جهنڊو چاڙهيو وڃي. هر هڪ شاخ پاران هڪ نمائندو مقرر ڪيو وڃي، جو عملدارن ۽ غير  عملدارن جي طرفان پبلڪ تي ظلمن جا احوال ”الوحيد“ ۽ سنڌ مسلم ليگ جي صدر کي موڪلي ڏئي.“ - - - - (2)

2 آڪٽوبر 1938ع تي ”مسلم ليگ جون شاخون ڪهڙيءَ ريت قائم ڪري سگهجن ٿيون“ جي عنوان هيٺ شيخ صاحب لکي ٿو:

”سنڌ جي ڪنهن به شهر يا ڳوٺ يا ڳوٺن جي ميڙ ۾، 25 مسلمان گڏجي مسلم ليگ جي شاخ قائم ڪري سگهن ٿا. پوءِ اهڙي شاخ ضلعي مسلم ليگ جي جنرل باڊيءَ ۾ پنهنجو عيوضي فقط تڏهن چونڊي سگهندي، جڏهن ان  جي ميمبرن جو تعداد هڪ سئو يا ان کان وڌيڪ هوندو. تنهن ڪري هر شاخ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ سئو ميمبر داخل ڪيا وڃن يا ٻه چار مسلم ليگون پاڻ ۾ گڏجي پنهنجو عيوضي چونڊين ۽ ان جي گڏيل ميمبرن جو تعداد ضرور هڪ سئو کان مٿي ٿيندو. پوءِ هر هڪ سئو پٺيان ضلع مسلم ليگ لاءِ هڪڙو عيوضي چونڊيو وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org