سيڪشن؛ شخصيات

ٻري جن ٻاري

 باب--

صفحو :1

ٻري جن ٻاري

ڊاڪٽر خان محمد پنهور

الوحيد تي ٿيل سرڪاري سختيون ۽ ڏکيا ڏينهن:

”الوحيد“ سنڌ جي صحافت جو هڪ اڻ وسرندڙ ۽ لافاني تاريخ جو سونهري باب آهي، جنهن کي ڪڏهن به نظرانداز ڪري نٿو سگهجي. هن اخبار خلافت تحريڪ، هجرت تحريڪ، سنڌ کي بمبئيءَ کان آزاد ڪرڻ واري تحريڪ ۽ آزاديءَ جي تحريڪ کي گهر گهر پهچائڻ ۽ مقبول  بنائڻ ۾ اهم پارٽ ادا ڪيو. هن اخبارجو مواد هڪ طرف تي سنڌ جي سياسي ادبَ ۽ ٻئي طرف ديني، سماجي ۽ علمي ادب جي تاريخ آهي.

جيئن ته ”الوحيد“ خلافت تحريڪ جي پيداوار آهي، تنهنڪري هن جي اجراءَ سان گڏ منجهس اهڙو ته انگريز دشمنيءَ تي مبني مواد شايع ٿيڻ لڳو جو فرنگي سرڪار جون وايون بتال ٿي ويون. ستت ئي ايڊيٽرن کي پينل ڪوڊ جي سيڪشن 126 ۽ سيڪشن 153 هيٺ گرفتار ڪيو ويو، انهيءَ گرفتاريءَ جو ڪارڻ هيءُ مواد هيو.

نمبر    عنوان                          شايع ٿيڻ جي تاريخ

1-      ”اخبار ڊيلي گزيٽ ۽ اسان“            5- 8- 1920ع

2-     ”بغداد؟“                               19-8- 1920ع

3-     ”ڪوآپريٽو سوسائيٽيون ۽ وياج“      22-8-1920ع

4-     ”هندستان جو مستقبل“               28-8- 1920ع

5-      ”تعليم جو سوال“                      21-8- 1920ع

6-     ”مسلمانن جي حالت ۽ قسمت“       14- 9- 920ع

7-     ”خلافت جو  بچاءُ                      18- 9-1920ع

8-     ”انور پاشا جو خط“                    21- 9-1920ع

9-     ”مسلمان ڪائونسلون ۽ القاب“        6-10- 1920ع

10-    ”هندو مسلمان ڀائي ڀائي“            11- 10-1920ع

11-    ”سرڪاري اسڪولن جو بائيڪاٽ ڪجي“ 16-10-1920ع

12-    ”لارڊ ميئر آمريڪا ۾“        29- 10- 1920ع

13-    ”پرشيا ۽ لارڊ ڪرزن“          8 – 11- 1920ع

14-    ”ديوالي نه ملهايو“             10– 11- 1920ع

15-    ”ڪائونسلن جو بائيڪاٽ“    10- 11- 1920ع

جيئن مون عرض ڪيو ته ”الوحيد“ خلافت تحريڪ جي پيداوار هئي. انڪري ائين چئي سگهجي ٿو ته تحريڪ  هن اخبار کي جنم ڏنو ۽ هن اخبار وري تحريڪ ۾ جان پيدا ڪئي. خلافت جي تحريڪ هجي يا هجرت تحريڪ سنڌ جي بمبئيءَ کان آزاديءَ واري تحريڪ هجي يا انگريزن کان آزاديءَ جي تحريڪ، مڙني تحريڪن جو بنياد انگريز دشمني ۽ استحصال شڪني تي ٻڌل هو. انهيءَ ڪري وقت بوقت اخبار جي ايڊيٽرن ۽ مئنيجرن کي سرڪاري سختيون ڏسڻيون پونديون هيون. ابتدائي دور ۾ هن اخبار تي جيڪي ڪيس هلايا ويا، تن مان ڪن جو مختصر  وچور هيٺ ڏجي ٿو.

سرڪار يا ته سڌو سنئون پاڻ ”الوحيد“ جي انتظاميه کي ڪنهن نه ڪنهن ڪيس ۾ اٽڪائيندي هئي، يا وري پنهنجن ڇاڙتن معرفت هن اخبار تي بدناموسيءَ جا ڪيس ڪرائيندي هئي. ليڪن ”الوحيد“ جي انتظاميه ڪڏهن به پاڻ نه جهڪايو.- - - - (1) شروعات ۾ قاضي عبدالرحمان کي انگريزن خلاف بغاوت ڪرائڻ لاءِ مضمونن لکڻ جي ڏوهه ۾ جيل موڪليو ويو، ان بعد شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ پاڻ ادارت جو ڪم هٿ ۾ کنيو، ليڪن سرڪار کيس به ڪونه سَٺو.

”تنهن کان پوءِ ”الوحيد“ جا جيڪي ايڊيٽر انگريزن خلاف آزاديءَ جي جدوجهد ۾ سنڌ جي ماڻهن جي حقن جي حفاظت خاطر سرڪاري مهمان خاني ڏانهن موڪليا ويا، تن ۾ جيڪب آباد جي سرڪي نبي بخش، قاضي خدا بخش، دين محمد عليگ ۽ عبدالغفور سيتائيءَ جا نالا قابل ذڪر آهن. شيخ عبدالمجيد سنڌي ”الوحيد“ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ٻه ڀيرا جيل ويو“ . - - - - - (1)

حريف اخبارون:

”الوحيد“ کي ابتدا کان وٺي پنهنجي همعصر حريف اخبارن جو به مقابلو ڪرڻو پوندو هو. ”الوحيد“ سنڌ ۽ ڪراچيءَ ۾ ان وقت مسلمانن جي واحد ترجمان اخبار هئي. جڏهن پاڪستان جي حصول جي منزل ويجهي پوندي  وئي، تيئن تيئن ”الوحيد“ هندن جي اخبارن لاءِ مسئلو بڻجي ويئي.

”الوحيد“ کي مطالعي هيٺ آيل دور جي آخر ۾ ڪراچيءَ مان شايع ٿيندڙ هندن جي ٽن سنڌي اخبارن ”هندستان“ ، ”سنسار سماچار“ ، ”ڪراچي ڊيلي“ جو ڀرپور مقابو ڪرڻو پيو. انهن مان ”ڊيلي گزيٽ“ ته ”الوحيد“ جي اجراءَ کان وٺي سندس مخالفت ڪندي رهي. جيئن ته هن اخبار تي ”فرنگي سامراج“ جو اثر هو، ان ڪري ڪوشش ڪري نوڙيءَ مان نانگ بڻائي پئي ”الوحيد“ سان دشمني پاڙيندي هئي. هن اخبار ۾ ”الوحيد“ جي صحيح ۽ سچين رپورٽن کي اهڙي نموني سان ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويندو هو، جنهن سان نه صرف ”الوحيد“ جي ساک پر هندو مسلم لاڳاپن کي به خطرو پيدا ٿيڻ جو انديشو هوندو هو.

هتي هڪ مثال ڏيڻ به بي مهل نه ٿيندو. ”ڊيلي گزيٽ“ مورخه 7 مئي 1920ع جي صفحي 5 جي هن مواد تي نظر ڌريو:

”الوحيد پنهنجي 25- اپريل 1920ع واري شماري ۾ هڪ بيان شايع ڪيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هڪ پوليس  جمعدار  سيوهڻ خلافت ڪانفرنس جي موقعي تي سرڪاري ملازمت ڇڏڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ پوءِ استعيفا ڏيئي ڇڏي هئي. انهيءَ جمعدار کي سسپينڊ ڪيو ويو آهي.

اسان جي خيال ۾ ”الوحيد“ جي اها خبر بنهه من گهڙت آهي. حقيقت هيءَ آهي ته انهيءَ جمعدار کي هڪ هندو ڇوڪريءَ جي بيعزتي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڊسمس ڪيو ويو هو. انهيءَ جمعدار پاڻ مرادو ڇوڪريءَ جي والدين سان سمجهوتو ڪري ڇڏيو هو، پر جڏهن اها خبر لاڙڪاڻي جي ڊي- ايس- پيءَ کي پئي ته هن جمعدار تي واضح ڪري ڇڏيو ته کيس ڊسچارج ڪيو ويندو. بس ڳالهه اها هئي پوءِ جو ٿي سيوهڻ ۾ خلافت ڪانفرنس، جمعدار کڻي استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو.“

”ڊيلي گزيٽ“ جي هن انداز مان ئي سمجهي سگهجي ٿو ته ”الوحيد“ کي ڪهڙين حالتن سان منهن ڏيڻو پوندو هو ۽ اها سخت طوفانن جي مقابلي ۾ به ڪيئن نه آزاديءَ جي لاٽ ٻاريندي رهي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org