سيڪشن؛ شخصيات

ڪتاب:ٻرتي جن ٻاري

 باب-- ٻيو

صفحو :7

ڍورو نارو:

ڍوري ناري ۾ خلافت جو جلسو  زير صدارت شيخ عبدالمجيد سنڌي جي منعقد ٿيو. هن جلسي ۾ نور محمد وڪيل به زوردار تقرير ڪئي“ - - - - (1)

 

حيدرآباد:

24 مئي 1920ع حيدرآباد ۾ خلافت جي جلسي جي ڪارروائي بعد ۾ بمبئي گورنر جي سياسي سيڪريٽري کي تار ذريعي موڪلي ويئي. هن جلسي کي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ پڻ خطاب ڪيو.

 

ٺٽو:

ٺٽي ۾ خلافت جو جلسو زير صدارت پير غلام محمدي جي ٿيو. قاضي عبدلرحمان ايڊيٽر ”الوحيد“ ، سيٺ امين الدين، مسٽر عبدالستار ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ تقريرون ڪيون“ - - -  (2)

 

ميهڙ ۽ ڏوڪري:

ميهڙ ۽ ڏوڪريءَ ۾ خلافت جي جلسي کي جن صاحبن خطاب ڪيو، تن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي، مولوي دين محمد وفائي، مسٽر محمد خان، پير الاهي بخش، سيٺ طيب علي شامل هئا، تقريرن جو تت اهو هو ته وطن جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد تيز ڪرڻ گهرجي، تنهن جي طاقت سان ڪوشش وٺجي“ - - - - - (3)

 

سکر:

سکر ۾ خلافت جو جلسو زير صدارت شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي ٿيو، جنهن ۾ هيٺيان ٺهراءَ بحال ڪيا ويا: -

- - خلافت تحريڪ کي جاري رکجي.

- - حجاز ۾ اسلامي جمهوري حڪومت قائم ڪئي وڃي ۽ شخصي حڪومت ختم ڪئي وڃي.

- - حجاز ۾ انگريزن جي دست اندازي مذهب ۾ مداخلت سمجهي ويندي، - - - - - (1)

خلافت تحريڪ جي سلسلي ۾ عوام کي آگاهيءَ جو ڪم هجي يا رهنمائيءَ جو، جلسا ڪرڻا هجن يا خطاب، چندو گڏ ڪرڻ، تنظيم قائم ڪرڻ، توڙي ”الوحيد“ اخبار ۾ مضمونن ۽ ادارين ذريعي شيخ صاحب پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.

خاص طور تي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي شيخ صاحب خلافت هجرت جي سلسلي ۾ جيڪي جلسا ڪيا،  ماڻهن آڏو تقريرون ڪيون، يا دورا ڪيا، تن جو تعداد هزارن ۾ آهي. وطن عزيز جو اهو حصو نه هو، جتي شيخ صاحب خلافت جي سلسلي ۾ جلسا نه ڪيا هجن ۽ ماڻهن کي سمجهاڻيون نه ڏنيون هجن. سندن انهن دورن جلسن وغيره جي هڪ جهلڪ ان دؤر جي اهم روزاني اخبار ”الوحيد“ جي حوالي سان پيش ڪجي ٿي. اهي خبرون ”الوحيد“ ۾ جن تاريخن تي ڇپيون سي پڻ ڏجن ٿيون.

6 آڪٽوبر 1920ع

شيخ عبدالمجيد صاحب ناظم صيغه تبليغ سنڌ خلافت ڪاميٽي پنهنجي دوري تي نڪتو آهي. پهريائين حيدرآباد ضلع ۾ گشت ڪري ووٽرن کي ڪائونسلن جي اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪرڻ ۽ ووٽن نه ڏيڻ تي تقريرون ڪندو.

7 آڪٽوبر 1920ع

حيدرآباد سنڌ ۾ ووٽرن کي سمجهائڻ جو ڪم شروع ٿي ويو آهي، جمع ڏينهن آڪٽوبر تي شهر جي سڀني جامع مسجدن ۾ جمعه نماز کان پوءِ مسلمانن کي سمجهايوويو ته پنهنجو ووٽ ڪنهن به ڪائونسل جي اميدوار کي نه ڏين، جمع جي شام جو مغرب جي نماز کان پوءِ هڪ ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ سيٺ امين الدين صاحب، مولوي حڪيم الدين ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ڪائونسلن جي بائيڪاٽ ڪرڻ تي تقريرون ڪيون.

12 آڪٽوبر 1920ع

نوشهرو ۾ تبليغي وفد پهتو. رئيس ميان جمال الدين خان صاحب نهايت فراخدليءَ سان وفد جي مرحبا ڪئي. شيخ عبدالمجيد صاحب ترڪ موالات ۽ ڪائونسلن جي بائيڪاٽ تي زوردار تقرير ڪئي.

15 آڪٽوبر 1920ع

شيخ عبدالمجيد سنڌي صاحب ناظم صيغه تبليغ خلافت اسلاميه صوبه سنڌ جي سرپرستي هيٺ تبليغي وفد سنڌ ۾ گشت ڪري خوب ڪم ڪري رهيو آهي. تبليغي وفد 29 آڪٽوبر تي نوشهروفيروز کان ڦل ۾ ويو. شيخ عبدالمجيد  صاحب ۽ ٻين موجوده حالات تي چٽائيءَ سان سمجهاڻي ڏني.

10 آڪٽوبر حيدرآباد ۾ صدرجي مارڪيٽ وٽ شام جو 8 وڳي مجلس منعقد ڪئي ويئي. شيخ عبدالمجيد صاحب ۽ ٻين ترڪ موالات ۽ ڪائونسلن جي بائيڪاٽ ڪرڻ تي تقريرون ڪيون.

17 آڪٽوبر 1920ع

سومر ڏينهن شام جو دادو خلافت ڪاميٽيءَ جي زير سايه شهر ۾ وڏي ميٽنگ ٿي، جتي پهريائين مسٽر محمد هاشم مخلص هڪ سوز ڀريو نظم پڙهيو، جنهن بعد جناب شيخ عبدالمجيد صاحب حاضرين کي هدايت ڪئي ته ڪنهن به اميدوار کي ڪائونسلن جي ميمبريءَ لاءِ ووٽ نه ڏين.

وري دادو ۾ رات جو 12 وڳي جلسو ٿيو. شيخ عبدالمجيد صاحب خلافت جي سوال تي تقرير ڪري ٻڌايو ته سرڪار ڪهڙي ريت مسلمانن سان وعده شڪني ڪئي آهي، اهڙي سرڪار سان مسلمان ڪيئن هٿ هٿ ۾ ملائي ويهندا. ڪنهن کي به ڪائونسلن لاءِ ووٽ نه ڏيڻ گهرجي. دادو ۾ اڱاري ڏينهن شيخ عبدالمجيد جي اڳواڻيءَ ۾ شهر ۾ سرگس ڪڍيو ويو ۽ در در قوم جو آواز ٻڌايو ويو ته هن وقت ڇا ڪجي.

19 آڪٽوبر 1920ع

14 آڪٽوبر: اڏيري لعل تي ميلي هجڻ ڪري اوڏاهين وڃڻ ٿيو. هندو ۽ مسلمان هزارن جي تعداد ۾ آيل هئا. شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ هڪ غير معمولي جاءِ تي بيهي پهرين ”جان و جگر اسان جو نام و نشان ترڪي“ جا ڪجهه مختصر اشعار پڙهي، تنهن کان پوءِ پنهنجي تقرير شروع ڪئي. سوين ماڻهو بيٺل هئا. ڪجهه آيا ٿي ته ڪجهه ويا ٿي ۽ انهن جي جاءِ ٻين اچي ٿي ورتي. اشتهارن جي تقسيم نهايت سٺي نموني ٿي.

15 آڪٽوبر، الهندي ڪچي ۾ اوستي محمد حسين درزيءَ جي جاءِ جي ٻاهران ميدان تي جلسو ڪيو ويو. ماڻهو چڱي تعداد ۾ آيل هئا. سي آئي ڊي وارا به اڌ ڊزن کن آيل هئا. محمد هاشم مخلص غزل پڙهيو، مسٽر عبدالجبار ۽ مسٽر امين الدين زوردار بحث ڪيو. پڇاڙيءَ ۾ شيخ عبدالمجيد صاحب نهايت پر معنيٰ تقرير ڪئي.

22 آڪٽوبر 1920ع

سيڪريٽري خلافت ڪاميٽي هالا لکي ٿو ته 18 آڪٽوبر سومر ڏينهن فخر قوم فداءِ ملت جناب شيخ عبدالمجيد صاحب ۽  مسٽر محمد  بخش صاحب حيدرآباد کان هالن نون ۾ پهتا. 5 بجي شام جو مولوي حاجي محمد صاحب جي مسجد ۾ زير صدارت فخر قوم جناب شيخ عبدالمجيد صاحب جي، جلسو منعقد ٿيو. جلسي جي شروعات تلاوت قرآن مجيد سان حافظ حاجي ولي محمد صاحب ڪئي. ان کانپوءِ ڪي نظم پڙهيا ويا. آخر ۾ صدر جلسي شيخ عبدالمجيد سنڌي صاحب اسلامي اصولن ۽ مذهبي  نقطن سان خلافت اسلاميه ۽ هندو مسلم اتحاد ۽ خاص ڪري ڪائونسلن جي بائيڪاٽ تي نهايت وضاحت سان نهايت مدلل ۽ پرجوش تقرير فرمائي، جنهن جو حاضرين تي ڏاڍو اثر ٿيو.

24 آڪٽوبر 1920ع

16 آڪٽوبر شام جو مغرب مهل کان پوءِ حيدرآباد جي سيلاوٽن جي مسجد شريف ۾ جلسو ٿيو، جنهن ۾ پير غلام محمد صاحب، سيٺ امين الدين صاحب ۽ شيخ عبدالمجيد صاحب خلافت ۽ ترڪ موالات تي  تقريرون ڪيون. 19 آڪٽوبر تي شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ محمد بخش بائوديري پهتا، جلسي جو اهتمام کليل ميدان ۾ رکيل هو، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ ٻين تقريرون ڪيون.

21 آڪٽوبر تي شيخ عبدالمجيد صاحب، مسٽر عبدالجبار ۽ مسٽر مخلص، نصرپور  پهتا شام 8 وڳي مارڪيٽ وٽ جلسي جو اهتمام ڪيو ويو، هندو ۽ مسلمان ڪافي تعداد ۾ موجود هئا. شيخ صاحب ۽ ٻين موجوده حالات تي تقريرون ڪيون.

26 آڪٽوبر 1920ع

19 آڪٽوبر بائوديري جو جلسو ختم ڪري شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ ٻيا ليڊر مٽياري جي طرف روانه ٿيا ۽ اٽڪل 10  وڳي اتي پهتا. اڌ ميل کن پنڌ تي مولوي استقبال لاءِ آيل هئا. جلسو 20 آڪٽوبر وچين جي نماز کان پوءِ رکيل هو. ليڊر سرگس  ڪري مولودين الله اڪبر جي نعرن سان جامع مسجد ۾ پهتا. ماڻهو تمام گهڻي تعداد ۾ آيل هئا. جلسه جو صدر پير بقادار شاهه  صاحب مقرر ٿيو، قرآن شريف جي رڪوع پڙهڻ کان پوءِ قاضي اسدالله شاهه صاحب، شيخ عبدالمجيد صاحب، مسٽر عبدالجبار صاحب، مسٽر خدا بخش صاحب ۽ پير غلام مخدوم صاحب سوديش خوب تقريرون ڪيون.

شيخ عبدالمجيد صاحب ٺٽي ۾ پنهنجي پاڙي سميت 2 ڏينهن ڇنڇر ۽ آچر تي خوب ڪم ڪيو ۽ سومر ڏينهن ڪراچي آيو.

27 آڪٽوبر 1920ع

حيدرآباد جو تبليغي وفد سرڪردگي، شيخ صاحب ٺٽي پهتو، ٺٽو سنڌ ۾ پهريون اهو اسلامي شهر آهي، جنهن ۾ اسلام جو آفتاب جلوه گر ٿيو. خلافت تحريڪ ٻن سالن کان جاري آهي. پر ڪنهن به خدا جي بندي هن ڏانهن منهن کڻي نه نهاريو. هنن تي حق هو ته پهريان پهرين ٺٽي ڏانهن پنهنجي توجهه مبذول ڪن ها. خير جلسي جو انتظام پير محمد باقر شاهه علوي ۽ سيد محمد زمان شاهه مهدوي نهايت خوش اسلوبيءَ سان خضر حيات جي مسجد ۾ ڪيو. هزارين ماڻهو گڏ هئا. سيد محمد زمان شاهه، قاضي خدا بخش تقريرون ڪيون ۽ مخلص غزل پڙهيو. تنهن کان پوءِ شيخ عبدالمجيد صاحب اٿيو. شيخ صاحب جو اصل اباڻو وطن ننگر ٺٽو آهي. جنهن ۾ 12 ورهين کان پوءِ داخل ٿيو. شيخ صاحب پنهنجي تقرير سان حاضرين کي محو حيرت بڻائي ڇڏيو ۽ پنهنجي صداقت دلي ۽ فصاحت زبانيءَ سان هندو مسلمانن کان داد آفرين حاصل ڪري رهيو هو.

ٻئي ڏينهن ٺٽي ۾ جلسو ٿيو. شيخ صاحب ۽ ٻين تقريرون ڪيون. ان موقعي تي ٺٽي ۾ خلافت ڪاميٽي به قائم ڪئي ويئي.

مستري گل محمد سيڪريٽري خلافت ڪاميٽي شهر ڍينگو لکي ٿو: -

اڱاري ڏينهن 2 نومبر 1920ع تي رات اسٽيشن ڀريا روڊ تي هڪ خلافت جو جلسو منعقد ٿيندو. جلسي ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ صاحب پنهنجي پاڙي سميت اچڻ قبول فرمايو آهي.

16 مئي 1920ع

آل انڊيا مرڪزي خلافت ڪاميٽيءَ جو ضروري ۽ خاص اجلاس بمبئي ۾ 12 مئي تي منعقد ٿيو، جتي قطع تعلقات بنسبت آخري فيصلو ڪيو ويو. سارو هندستان انتظار سان فيصلي ٻڌڻ لاءِ ترسيل هو. هاڻ مرڪزي ڪيمٽي قطع تعلقات جو سارو پروگرام پاس ڪيو آهي ۽ ان تي هڪدم عمل ڪرڻ ۾ ايندو.هن اجلاس ۾ مهاتما گانڌي، مولانا آزاد، مولانا شوڪت علي، سيٺ ڇوٽائي، حاجي عبدالله هارون، مولوي محمد صادق صاحب، شيخ عبدالمجيد سنڌي صاحب ۽ ٻيا ڪيترائي خدا جا بنده اسلام سميت اتي حاضر ٿيا هوا.

8 جون 1920ع الهه آباد ۾ جيڪا هندو مسلمانن جي ميٽنگ خلافت جي باري ۾ 1 ۽ 2 جون تي ٿي، ان ۾ سنڌ مان مولانا تاج محمود صاحب، سيٺ حاجي عبدالله هارون، مسٽر ٽيڪمداس جسواڻي (نيو ٽائمس جو ايڊيٽر) مولوي محمد صادق صاحب، مسٽر محمد خان ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي شريڪ ٿيا.

12 جون 1920ع

شيخ عبدالمجيد صاحب ايڊيٽر اخبار الامين، حيدرآباد ۾ گذريل اڱاري ڏينهن هڪ عام جلسي ۾ دنيا جي حالت تي زوردار تقرير ڪئي ۽ تقرير ڪرڻ وقت ظاهر ڪيائين ته پاڻ هجرت ڪرڻ جو خيال ڪيو هئائين، سو انهيءَ مرفعا مراد سان ته هتي پنهنجي وطن جي پوري خدمت ڪري نٿو سگهي، تنهن هوندي به شيخ صاحب فرمايو ته مون کي ڪيترن ڀائرن ۽ خود مولانا شوڪت علي صاحب صلاح ڏني آهي ته تون نه وڃ، تنهنڪري مون پنهنجو فيصلو بدلايو آهي. ساڳئي جلسي ۾ شيخ صاحب موصوف فرمايو ته آئون انگريزن جو دشمن نه آهيان ۽ نه انگريزي وزارت جي. انگريز نه رڳو ٻاهرين دنيا کي پر خود انگريز قوم کي به تباهه ڪري رهيا آهن ۽ آزاري رهيا آهن.

تاريخ 8 رات جو حيدرآباد ۾ خلافت ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ٿي، جتي عهديدار نئين سر مقرر ڪيا ويا.

مسٽر عبدالجبار - - -  - - - - پريزيڊنٽ

مسٽر امين الدين - - - - - -  - وائيس پريزيڊنٽ

مسٽر شيخ مدار بخش

مسٽر شيخ عبدالمجيد - - - - سيڪريٽري

مسٽر عبداللطيف - - - - - - - خزانچي

17 جون 1920ع

الهه آباد ۾ جيڪا مرڪزي خلافت ڪاميٽي  جي ميٽنگ پهرين ۽ ٻي جون تي ٿي هئي، تنهن ۾ 8 پاس ٿيل ٺهراءَ اسان کي پهتا آهن. جلسي ۾ سوديشي تحريڪ کي پوري زور سان شروع ڪرڻ لاءِ مناسب تجويزون مرتب ڪرڻ ۽ ماڻهن جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ جيڪا سب ڪاميٽي ٺاهي ويئي ان ۾ ٻين کان علاوه شيخ عبدالمجيد سنڌي پڻ شامل هو.

جولائي 1928ع ۾ لکنئوُ ۾ منعقد ٿيل قومي ڪنوينشن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ شرڪت ڪئي ۽ سنڌ جي جدائيءَ وارو مسئلو هتي به شيخ صاحب پيش ڪيو ۽ منظور ڪرايو.

مئي 1928ع ۾ سب ڪميٽيءَ جي ميٽنگ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جي جدائيءَ بابت ويچار ڪيو. شيخ صاحب ان ڪميٽيءَ جو چيئرمين هو. سب ڪاميٽي آل انڊيا ڪانگريس ڪاميٽي مقرر ڪئي هئي، پر افسوس جو ڪاميٽيءَ جي رپورٽ شيخ صاحب جي ڄاڻ کان سواءِ شايع ڪئي ويئي ۽ ان کي لکنئوُ ڪنوينشن جي موقعي تي ورهايو ويو.

ڊسمبر 1928ع ۾ ڪلڪته ۾ منعقد ٿيل خلافت ڪانفرنس ۽ آل انڊيا مسلم ليگ اجلاسن ۾ شرڪت ڪيائين.

اعزاز: شيخ صاحب لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو اعزاز ٿي سگهي ٿو ته پاڻ  برصغير جي چوٽيءَ جي ليڊرن هوندي ٻه ڀيرا خلافت تحريڪ جو صدر چونڊيو. باوجود ان جي جو خلافت تحريڪ دوران شيخ صاحب هڪ ٻه ڀيرا جيل ويو ۽ سالن جا سال جيل ۾ رهيو. ان هوندي به جڏهن به جيل مان ٻاهر ڪتو ته خلافت جي سلسلي ۾ طوفاني دورن تي نڪري پوندو هو. ”الوحيد“ ۾ انقلابي مضمون لکندو هو. خلافت تحريڪ دوران شيخ صاحب ڪافي تڪليفون ۽ ڏک ڏٺا، پر پنهنجي مقصد تان نه هٽيو. باوجود ان جي جو 1924ع ۾ ترڪن خود خلافت ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو، پر انهيءَ تنظيم جي ذريعي پوءِ به برصغير جي مسلمانن آزاديءَ جي تحريڪ جاري رکي ۽ ان تحريڪ ۾ شيخ صاحب هميشه پيش پيش رهيو.

 

سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ جي تحريڪ

 

سنڌ جي بمبئي کان جدائيءَ جي سلسلي ۾ هيل تائين جيڪي به مضمون ڇپيا آهن، انهن ۾ اڪثر يا ته شيخ عدالمجيد سنڌيءَ کي نظرانداز ڪيو ويو آهي يا اگر سندن ڪردار کي پيش ڪيو ويو آهي ته سرسري طرح سان، حالانڪه ان دور جي حالتن ۽ واقعن تي گهري نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان تحريڪ جو اصل هيرو شيخ صاحب هو. بعد ۾ جڏهن جاگيردار طبقي جي سياستدانن اهو محسوس ڪيو ته هاڻي عليحدگي ويجهي  آهي ۽ ان کي روڪڻ مشڪل آهي ته اهي سڀ ان تحريڪ ۾ شامل ٿيا.

19 صديءَ جي پهرئين اڌ توڙي پهرئين 35 سالن جي سنڌ جي مسلمانن جو بنيادي مسئلو سنڌ جو بمبئي کان آزاديءَ جو مسئلو هو. جيڪو هنن لاءِ عزت ۽ ذلت، موت ۽ زندگيءَ جو مسئلو بڻجي چڪو هو.

 

پس منظر:

ان مسئلي جو پسمنظر هيءُ آهي ته 1843ع ۾ سنڌ تي قبضي ڪرڻ جي پنجين سال بعد انگريز سرڪار سنڌ جي جداگانه حيثيت ختم ڪري، ان کي بمبئي سان جوڙي ڇڏيو. ان قدم سان سنڌ جي تاريخ جو هڪ نئون ۽ ڏکن ڏوجهرن ۽ آزمائش وارو دور شروع ٿي ويو. گورنر هڪ هزار ميل پري بمبئي ۾ ويهي سنڌ تي راڄ ڪرڻ لڳو. سنڌ جي ان وقت حالت هڪ شڪار گاهه کان وڌيڪ ڪونه هئي. 1925ع ۾ صورتحال هيءَ هئي ته بمبئي صوبي ۾ مسلمانن جي آبادي جو انگ ويهه سيڪڙو هو. يعني سنڌ جيڪو سدائين مسلمانن جي گهڻائي وارو صوبو رهيو آهي، بمبئي سان الحاق جي ڪارڻ هندن جي گهڻائي وارو علائقو ٿي ويو. ايڏي وڏي آباديءَ ۾ مسلمانن ۽ هندن جو تناسب ويهه ۽ اسي سيڪڙو ٿي ويو هو.

انهن  حالتن ۾ سنڌ جي هندن جي ڪوشش اها هئي ته سنڌ بمبئي سان شامل رهي ته جيئن گهڻائي جي زور تي مسلمانن کي مڪمل طرح پنهنجو غلام ڪري سگهجي. بمبئي سان الحاق جي ڪري مسلمانن چڪيءَ جي ٻنهي پڙن جي وچ تي پيسجي رهيا هئا. هڪ طرف انگريز عملدارن ۽ نوڪر شاهي جا ظلم ۽ ٻئي پاسي هندو گهڻائيءَ جو  ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ. انهن حالتن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌي ٻين سنڌي مسلمانن سان گڏ سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ واري تحريڪ شروع ڪئي. ان تحريڪ جو سرواڻ شيخ صاحب کي چئجي ته وڌاءُ ڪو نه ٿيندو.

ان ڏس ۾ شيخ صاحب نه رڳو ”الوحيد“ جي ذريعي مسلمانن کي گڏ ڪرڻ جي جاکوڙ ڪئي، پر آل انڊيا مسلم ليگ جي پليٽ فارم تان به ان مسئلي کي کڻندو رهيو. علامه اقبال کان قائداعظم تائين ۽ قائداعظم کان مولانا شوڪت عليءَ تائين سڀني مسلمان ليڊرن کي ان مسئلي تي هن قائل ڪيو ۽ انهن جي آڏو ان ڪيس کي ان انداز سان پيش ڪيو جو، کين به هيءُ ڪيس نج پنهنجو نظر آيو. نتيجي ۾ علامه اقبال ۽ قائداعظم سنڌ جي آزاديءَ لاءِ زوردار بيان جاري ڪيا ۽ پنهنجن مطالبن ۾ پڻ ان کي شامل ڪيو. خاص طور تي قائداعظم ان مطالبي کي پنهنجن مشهور 14 نڪتن ۾ شامل ڪيو.

شيخ صاحب سنڌ جي بمبئيءَ کان جدائيءَ جي لاءِ سياسي شعور ۽ سجاڳيءَ جي زبردست تحريڪ شروع  ڪئي.

 

آل انڊيا سياسي جماعتن جي  حمايت

سنـــــه 1925ع ڪانپور ۾ آل انڊيا خلافت ڪاميٽي ۽ آل انڊيا ڪانگريس پارٽيءَ جا ساليانه اجلاس منعقد ٿيا، جنهن ۾ سنڌ جي عليحدگيءَ جو سوال ٻولي ۽ نمائندگي جي بنياد تي قبول ڪيو ويو. ”آل انڊيا مسلم ليگ جي سالياني اجلاس ۾ ساڳيو ٺهراءُ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ طرفان بحال ڪرايو ويو“ ” آل انڊيا مسلم ليگ جو ٺهراءُ هن طرح بحال ٿيو، جنهن ۾ چيو ويو ته : ”جيئن ته علم الانسان ۽ جاگرافيءَ ۾ اهڙو ڪو به مثال موجود ڪونهي ته جيئن سنڌ کي بمبئيءَ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، انهيءَ ڪري انڊيا مسلم ليگ جو رايو آهي ته سنڌ کي بمبئيءَ کان ڌار ڪري الڳ صوبائي حيثيت ڏني وڃي“- - - - (1)

شيخ عبدالمجيد سنڌي، سنڌ جي عليحدگيءَ جي تحريڪ کي روزانه ”الوحيد“ جي ذريعي  زور وٺائڻ شروع ڪيو. اخبار جي ذريعي عوام کي عليحدگيءَ جو احساس ڏياريو، جنهن ڪري ڳوٺن کان شهرن تائين ٺهراءَ پاس ڪري عليحدگيءَ جا مطالبا ٿيندا رهيا.

 

سنڌ جي فرقي پرست هندن جي مخالفت

”سنڌ ۾ هندن جا ٻه گروپ هئا، پهرئين سنڌ جي عليحدگيءَ جي فائدي ۾ ۽ ٻيو مخالفت ۾ هو. فائدي ۾ هئا، سوامي گرونند آنند، مسٽر ڄيٺمل پرسرام، مسٽر سنڌ داس سنگهارامه، مسٽرڪي- پنيا، مسٽر وشنو شرمنا شرما، مسٽر ٽيڪمداس واڌومل، مسٽر ڪي- سڌوا، مسٽر جمشيد نسروانجي.

مخالفت ۾ هئا ويرومل بيگراج، پروفيسر ڇٻلاڻي. ديوان بهادر هيرا سنگهه، کينسنگهه ۽ مکي گونڊرام- - - - (1)

هڪ طرف مسٽر هرچند راءِ اخبار ذريعي عليحدگيءَ جي مخالفت ۾ پروپئگنڊا شروع ڪئي ته ٻئي طرفان مسٽر جمشيد مهتا هڪ ڪتابچو ڇپائي عليحدگيءَ جي حمايت ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته : ”اسان جو بمبئي سان شامل رهڻ ڪنهن  به صورت ۾ ٺيڪ نه آهي، اسان سنڌ جي مالي مسئلن کي پورو ڪنداسين. سنڌ کي ضرور الڳ ڪيو ويندو. اسان سنڌ جي عوام کي صحت ۽ تعليم جي ميدان ۾ ترقي وٺائينداسين. (1)

سنـــــه 1924ع ۾ مسلمان ميمبرن جي ڪاميٽي محمد علي جناح جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ  يادداشتنامو تيار ڪري موڪليو، جنهن ۾ مسلمانن جون جيڪي گهرون هيون، انهن ۾ سنڌ جي عليحدگيءَ جو مطالبو به شامل هيو.- - - (2)

جڏهن سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪرڻ جو مطالبو  مسلمانن کان شروع ٿيو ته هندو فرقي پرست عليحدگي جي مخالفت زور شور سان شروع ڪئي. ڪيترائي هندو  راءِ عامه جا اڳواڻ سنڌ جي عليحدگي بابت هندو مفاد ۽ نقصان کي تورڻ لڳا. اخبارن ۾ لڳاتار هڪ مهم شروع ٿي ته سنڌ کي بمبئي سان شامل رهڻ ڏنو وڃي. انهن ۾ روشن خيال هندو اڳواڻ ۽ پارسي، سنڌ جي بمبئي کان عليحدگيءَ واري مطالبي جي پٺڀرائي ۾ هئا. شيخ عبدالمجيد آل انڊيا بنياد تي جيڪي به سياسي جماعتن جا ساليانه اجلاس ٿيندا رهيا، تن ۾ سنڌ جي نمائندگي ڪندي سنڌ جي عليحدگيءَ جا ٺهراءَ پاس ڪرايا. سنڌ جي عليحدگي هاڻي آل انڊيا ليول جو سوال ٿي اڀريو.

”تاريخ 30 ڊسمبر 1925ع آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس عليڳڙهه ۾ منعقد ٿيو، انهيءَ ۾ قرارداد نمبر 13 جيڪا مولوي احمد پيش ڪئي ۽ گل محمد خان ان جي پٺڀرائي ڪئي، اهو سنڌ جي عليحدگيءَ ۾ پاس ڪئي ويئي. - - - - (3)

اهڙيءَ طرح 13 ڊسمبر 1926ع جي آل  انڊيا مسلم ليگ جي سالياني اجلاس ۾ ٺهراءُ نمبر 13، مسٽر محمد علي جناح پيش ڪيو، جنهن ۾ سنڌ جو بمبئي کان عليحدگيءَ جو مطالبو پيش ڪيو ويو. - - - - -

25 مارچ 1927ع ۾ مختلف  خيالن جي مسلمان ليڊرن جي مسٽر محمد علي جناح جي صدارت هيٺ هڪ ميٽنگ ٿي، جنهن ۾ هندو- مسلم ٺاهه لاءِ هيٺيون تجويزون پيش ٿيون:

(1) سنڌ کي جدا صوبو بنايو وڃي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org