سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جيتامڙي جي ڊائري

صفحو : 34

سام کي مون کلي چيو: ”سام لغت وارا محبت، حب، حق، وغيره اکرن تي شد ڇو ٿا ڏين؟ مان ته سمجهان ٿي ڄڻ ڪا پنهنجي حب يا سچائيءَ جي پڪ ئي ڪانه اٿن، نه ته شد ڏيئي زور لائڻ جي جيڪر ڪهڙي ضرورت ٿئي؟ اهڙي طرح ”اول“ اکر تي شد ما سمجهندي آهيان ته ڄڻڪ هڪ قسم جو شڪ ٿي پيدا ڪري ان جي اول پڻي ۾!“

سام چيو: ”اهو خيال ڏاڍو مزي دار آهي، وڌيڪ انهيءَ جي سمجهاڻيءَ جي ڪائي ضرورت نه آهي. تون اهو به ڊائريءَ ۾ لکي ڇڏ.، تنهنجي لفظن ۾ حق ۽ پريم جي سچي ڄاڻ سمايل آهي!“

***

  

2-8-1958ع  ڪيترن ڏينهن کان اسان وٽ هڪڙو هوميوپيٿيءَ جو حڪيم ايندو آهي. هو راڌاسوامي پنٿ جو آهي، مگر اسان جي ڪيرتن ۽ ستسنگ ۾ اچي ويهندو آهي. رات سندس گفتگو ڪجهه سام سان ٿيو جو هن ريت آهي:

حڪيم: ”مون کي مهرباني ڪري پنهجي ماضيءَ بابت ڪجهه ٻڌايو جو مون ٻڌو آهي ته توهان ولايت به ويا هئا ۽ ٻيون ڪي مشغوليون به اڳي توهان کي هيون.“

سام: ”ماضي، هال ۽ مستقبل اهي سڀ مٿيا آهن. اسان ته ڪال کي خود مٿيا ڪري سمجهون ٿا.“

حڪيم ڪال ۾ ماضي مستقبل ۽ حال جا سنڌا ته ضرور رهڻا آهن، تن کي توهين ڪيئن مٿيا چئو ٿا.

سام: ”ماضيءَ ۾ مستقبل به شامل هو. ايندڙ وقت جون اميدون ۽ گذريل وقت جا آزمودا سي ٻيئي ان وقت واري حال تي ايترو ئي اثر وجهندا هئا جيترو چئجي کڻي ته حال جون گهر جون اثر وجهن ٿيون آئينده جي رٿن تي وقت جو وهڪرو به درياه مثل آهي؛ مٿيون ڀاڱو ۽ هيٺيون ڀاڱو سي سڀ وچين ڀاڱي يعني دوڙ سان گڏوگڏ هلن ٿا، مگر جيئن درياه خود هڪ وهڪري يعني مٿيا جو نالو آهي ۽ ڪا بيٺل مقرر هستي ڪانه آهي، تيئن ڪال به هڪ مٿيا آهي؛ وهندڙ شيءِ آهي جنهن ڪري ان کي سچ پچ ڪا شيءِ نه ٿو چئي سگهجي. منجهس سنڌا رکڻ، سا ته هڪ ڳالهه ئي عبث آهي.“

اهو حيڪم تڏهين لاچار ٿي جدا جدا سوال پڇڻ لڳو، انهن واقعن بنسبت جن جي کيس ڪا خبر هئي، مگر انهن ۾ ڪا خاص ڳالهه درج ڪرڻ جهڙي ڪا نه هئي.

***

 

 

3-8-1958ع هي اونهارو اسان وٽ سخت ٿيو آهي، ايتري قدر جو اسپتال جي ڪم کان پوءِ مشڪل ٻيو ڪو ڪم هٿ مان نڪري ٿو. سام هميشہ وانگر قريباً ٻه مهينا لاڙڪاڻي کان ٻاهر يعني هندستان ويو هو. انهن سببن ڪري گهڻو ڪجهه لکي ڪونه سگهي آهيان؛ ورنه اسان وٽ ته هميشہ نيون، نيون، ڳالهيون سام ۽ ٻين جي گفتگوءَ مان ۽ نوان نوان خيال ۽ راڳ يا شعر پيا روز پيدا ٿين. هڪ نئين ۽ سٺي دل کي وڻندڙ ڳالهه هن اونهاري جي اها هئي جو ڪيرتن وغيره وڏي اوج کي رسي ويو ۽ ڪيترا هريجن ڀائر، سريلا ڳائيندڙ ۽ ساز وڄائيندڙ اچي شامل ٿيا. ٻيا ماڻهو به آواز ٻڌي ڊڪندا مٿي هليا پيا اچن؛ ان نموني وقت گهڻي وندر ۾ پي گذريو ۽ اڃا پيو گذري. هوڏانهن جيتوڻيڪ اسان جي نئين جاءِ هريجن ڪالونيءَ کان پري هئڻ سبب، هريجن سڪول وارو ڪم پٺتي پئجي ويو آهي تڏهن به انهن ڀائرن جي شيوا لاءِ ٿوري گهڻي ڪوشش جيڪا اسان کان پڳي آهي سا ڪئي اٿئون، هڪ هريجن ڇوڪرو سلهه جي بيماريءَ ۾ مبتلا هو ۽ مرڻ جي ڪنڌيءَ کي ويجهو ٿي ڏيکاريو سام سندس گهر وارن کي اتساهه ڏياري علاج لاءِ تيار ڪيو ۽ مهيني ڏيڍ جي عرصي لاءِ اسان سڀني جي ڪوشش جو نتيجو اهو ٿيو جو ڇوڪرو خوش ٿي پيو ۽ ٿورن مهينن ۾ وري پنهنجي ڪم تي وڃي چڙهيو سندس ماءُ  ته چوندي هئي ته هن تي منهنجو ڪوبه حق نه آهي؛ هي توهان جو ئي ٿي رهندو. سام جو به مٿس گهڻو پيار آهي ۽ اسين سمجهندا آهيون ته جي هريجن ڀائرن جي ٻي ڪا شيوا مڪمل طرح ٿي ڪانه سگهي يعني جيڪڏهين ان ما ٻيو ڪو ڦل ڪونه نڪتو تڏهين به گهٽ ۾ گهٽ اهڙيون ڪي چونڊ آتمائون  ضرور لڀي پونديون دوا ۽ ٻارن کي پڙهائڻ جو ڪم اڃا جاري آهي مگر ڀڄن ۽ ستسنگ جي واڌاري ۾، هنن ڀائرن جو پڙهڻ کان وڌيڪ اتساهه نظر اچي ٿو.

***

 

 

4-8-1958ع هريجن ڪالونيءَ ۾ آتمارام نالي هڪ ڪم ڪندڙ آهي، جو ٻين کان وڌيڪ سمجهو ۽ آتساهڪ نظر ايندو آهي. ڪيتري عرصي کان هو پنهنجي دڪانداريءَ وسيلي ستنتر نموني گذران لهڻ سان گڏوگڏ اها به ڪوشش ڪندو آهي ته ڪجهه هريجن ڀائرن جي شيوا ڪريان، پرڪي ٻيا هريجن کيس ڪونه سهندا آهن. سام جو به ٻين کان وڌيڪ مٿس اعتبار آهي؛ تازو سام کيس اها سمجهاڻي ڏني ته نمرتا ڀاءُ ڌارن ڪري، پنهنجي برخلاف جاتيءَ وارن کي وڃي پرچاءِ ۽ انهن جو ساٿ حاصل ڪر! هن ائين ڪيو، جيتوڻيڪ سندس ڪو قصور ڪونه هو. سام به ساڻس گڏ سندس برخلاف ڌر وار وٽ ويو ۽ وڃي سندن ٺاهه ڪرايائين مگر تنهن بعد به هو آتمارام سان حسد رکندا آيا. ٻه ڏينهن ٿيا ته آتمارام اچي ان ڳالهه جو ارمان ظاهر ڪيو ۽ چيائين ته مان ڪوبه قدم ڪيتري به شڌ ڀاونا سان کڻان ٿو ته هو ان جي آڏو اچن ٿا؛ ٻيو ته ٺهيو پر هي ننڍڙا ٻار گڏ ڪري اچي کين اکر سيکاريان ٿو ته به هو سمجهن ٿا ڄڻڪ هيءَ ڪا مٺائي آهي جا مان کائي ٿو وڃان، ۽ ٻارن کي چون ٿا ته آتما رام وٽ نه پڙهو؛ نه وري پاڻ انهن جي پڙهائڻ جو ڪو تدارڪ ڪن ٿا.

سام کيس مشڪي چيو: ”غمگين نه ٿيءُ؛ ايشور توسان کيڏي رهيو آهي؛ هو پنهنجن پيارن کي ئي ائين آزمائيندو آهي. هيڏانهن دڪان ۾ نقصان ۽ هوڏانهن تنهنجي آڏو اچڻ تنهنجي ڀائرن جو، اهي سڀ نشانيون آهن ته هو توکي آزمائي رهيو آهي. اسين پاڻ اهڙي دور مان لنگهيا آهيون. ڪنهن وقت به ڪم ڌنڌي جا يا شيوا جا هٿ ۾ کڻندا هئاسين ته انهن تي پنهنجي برادريءَ ۽ ڳوٺ وارا ٽوڪبازي ڪندا هئا، ڪيترا ويجها عزيز اسان جي آڏو ايندا هئا پر آخر انهن جو آڏو اچڻ ايشور بند ڪري ڇڏيو. توکي اسان جي هيءَ صلاح آهي ته تون پنهنجي آدرش ۾ اعتقاد رکندو اچ ۽ اکين اڳيان انڌاريءَ هوندي به ايشور جي طاقت ۾ ۽ سندس پريم جي روشنيءَ ۾ اٽل وشواس ڌار. جڏهين تنهنجو واشواس پورن ٿيون تڏهين تنهنجا دک پاڻيهي دور ٿي ويندا.“

***

 

 

7-8-1958ع  گرڌاري روز صبح جو سام سان گهمڻ ويندو آهي، ۽ هن کي ائين گهمندي ڪيترا سال ٿي ويا آهن. کيس سام سان گڏ گهمڻ جو اهڙو ته مزو اچي ويو آهي جو گهر ۾ ڪم ڪار توڙي جو ڪيترو به ڪرڻو پويس يا گهر کان ٻاهر ڪمن لاءِ وري پوءِ موٽي آچڻ تي ڊڪڻو ڊوڙڻو پويس، تڏهن به هو سام کي انهيءَ مزي جي ڪري هرکائي پري پري وٺي ويندو آهي. سام کيس چوندو آهي ته وري گهر ڪم ڪرڻو اٿيئي، ٿڪجي پوندين! پر هو خوشيءَ مان ڪڏهن چوي ته هينئن گهمڻ سان منهنجي دل جو گل ڄڻ ٽڙي پوي ٿو يا چوي ته ڪم ڪار سڀ فاني آهي؛ گهر هلي ڇا ڪنداسين؟ ڪڏهن چوي ته ”توهان جيڪي مون سان ڳالهيون ڪريو ٿا انهن سڀني کي مان سمجهان ٿو؛ جيتوڻيڪ سمجهائي نٿو سگهان؛ جيئن هي ماڪ جا ڦڙا پنن تي ڏسو ٿا؛ جيئن هي کوتڙو پنهنجي ماءُ سان خوش بيٺل ڏسو ٿا؛ جيئن هو گلر ڪتي جي ڪنڌ تي چڙهيل ليٽيل ڏسون ٿا؛ اهڙي ڪا شيءِ محسوس ڪريان ٿو، پر وڌيڪ سمجهائي نٿو سگهان!“

سام ان بنسبت چيو: ”قدرت جي ويجهو رهڻ مان وڏي ۾ وڏو گيان پراپت ٿي سگهي ٿو؛ اها ويجهڙائي سنسار جي چڪر کان دور ٿي وڃڻ بعد ازخود آتما کي پنهنجي پرماتما سان معلوم ٿئي ٿي؛ هيئن ٻاهر نڪري اجاين سجاين خيالن کان فارغ ٿيون ٿا؛ هڪ قسم جو پڙدو اسان جي ۽ قدرت جي وچ مان دور ٿي وڃي ٿو.“

اهڙن اثرن جي ڪري اگرچ رات جو ٻه ٽي ڪلاڪ چوڪيءَ جو وارو گرڌاريءَ تي مقرر ٿيل آهي تڏهن به سوير اُٿي گهمڻ ويندو آهي؛ کڻي کيس سنهو ٿلهو بخار به هوندو آهي ته به هو هميشہ گهمڻ لاءِ تيار رهندو آهي. اڄ جو گفتگو سندن وچ ۾ جيڪو ٿيو تنهنجو احوال سام هن ريت ٻڌايو:

سام: ”تون اڄ منجهيل ڇو ٿو لڳين؟“

گرڌاري: ”بس مڙيوئي خيالن ۾ گم آهيان.“

سام: ”خيال کي جهاڪو ٿيڻ نه ڏي؛ ڪا به گهٽ وڌائي سنسار جي يا ٻي نا اميدي جيڪا هجي انهيءَ ۾ اٽڪي بيهي نه رهه. خيال بيٺل پاڻيءَ مثل نه آهي پر وهندڙ درياهه مثل آهي. بيٺل پاڻي بدبوءِ ڪري ٿو توڙي جو ڪيترو به ان جي سنڀال ڪريون؛ وهندڙ درياهه هميشہ پاڪ آهي، توڙي جو ان ۾ ڪيترا ماڻهو وهجن ٿا، ڪي ڍونڍ به لڙهي اچن ٿا يا ڪي بلائون به ان اندر رهن ٿيون. انسان جي اندر ۾ به گهڻيون ئي بلائون آهن؛ پر جي درياهه مثل وهڪرو جاري رکبو، منجهي ڪنهن ڳالهه ۾ اٽڪي بيهي نه رهبو، ته اسان جي دل جو درياهه هميشہ پاڪ رهندو؛ چنتا  جهڙو پيو ڳنڍو يا ڳنڍ ڪا نه آهي؛ جئن پاڻيءَ کي ڇاٻ يا ڳنڍو تئن پڻ آهي ڪاٺيءَ جي ڳنڍ: ڪاٺ ۾ ڳنڍ ڪاٺ کي ضعيف بڻائي ٿي، تئن پڻ ڳنڍ وارا به ڇيڙا رسيءَ جا ٽٽڻ جي امڪان هيٺ رهن ٿا ۽ اهڙيءَ ريت چنتا جي ڳنڍ به انسان جي جيوت کي بي رنگ ۽ بي طاقت بڻائي ٿي.“

گرڌاريءَ چيو: ”ڪنهن چنتا ۾ منجهيل آهيان. مگر ڪو خيال جو ٿنڀو ڳوليان ٿو جنهن کي چنبڙي پئجي ۽ پاڻ کي اُن سان ٻڌل رکجي.“

سام چيو: ”خيال انهيءَ جي ڀيٽ ۾ اُتم آهي. اهو هوا جي مثل آهي اُن تي اڏندو سئر ڪندو رهه؛ ۽ نه قيد ڪري ان کي پوءِ پاڻ کي ئي عمر لاءِ قيدي بڻائي ڇڏ!“

گرڌاريءَ جو مطلب شايد گرو ڳولڻ جو هيو. پر هن وقت سام جي خيال موجب هو اڃا ڪچي اوسٿا جو آهي. سندس لاءِ آزاد رهڻ سڀ کان سٺو آهي.

***

 

 

8-8-1958ع  ڪجهه ڏينهن کان صبح جي وقت وري اسين سري ڀاڳوت ۾ ’ڪرشن ڪانڍ‘ پڙهندا آهيون. ڪالهه ڪرشن جو جنم شروع ڪيوسين. جڏهن اهو پڙهيو سين ته واسديو ڪرشن ٻالڪ کي کڻي گوڪل ڏانهن روانو ٿيو ۽ درن جا قلف کيس کليل نظر آيا ۽ جمنا ندي پڻ کيس رستو ڏنو جو پئدل وڃي هو ٻار کي گوڪل ۾ پڄائي آيو، تڏهن اها ڳالهه اسان کي سام سمجهائيندي چيو: ”مان توهان جو وهم وڌائڻ نٿو گهران، پر هي ڳالهيون اسنڀو يعني اڻ ٿيڻ جوڳيون به نه آهن. سرشٽيءَ ۾ سڀ شيون، سڀ جانور، پهاڙ، نديون، تارا، هوائون ۽ اسين گڏجي رهون ٿا. هڪ ئي شڪتي انهن کي هلائي ۽ سنڀالي ٿي. ان ڪري نجومين جي وديا موجب ستارن جو انساني جيوت تي اثر آهي. پر مان ته ائين به چوندس ته هر شيءِ جو هڪ ٻئي تي اثر آهي. ڊٻ ۾ رهندڙ ڪوئو اڪثر ڊٻ جي رنگ جو يعني سفيد ٿئي ٿو. ساول ۾ رهندڙ ڪيڙو سائو ٿئي ٿو، اڇي پاڻيءَ ۾ رهندڙ مڇي اڇي ٿئي ٿي. ڪاري پاڻيءَ واري ڪاري. اهو سڀ پسگردائيءَ جي اثر ڪري آهي. اهي اهڙا اثر آهن جيڪي اکين کان غائب آهن. اهڙيءَ طرح وڏيون شيون درياهه، پربت، هوائون پڻ وڏن اثرن هيٺ اچي سگهن ٿيون جي گهڻو دور ٿي سگهن ٿا ۽ اسان کي ڏسڻ ۾ ڪونه اچن ٿا. حضرت موسيٰ کي سمنڊ رستو ڏنو جو هو پنهنجا قوم وارا ٽپائي مصر مان وٺي ويو. سا ڳالهه به نا ممڪن ڪونه آهي. تازو هٽلر جي سمي ۾ ڇا ڏٺو؟ لشڪر، هٿيار، مشينري وغيره جي گهڻائي هوندي به هڪ سخت سياري جي نازل ٿيڻ سان هن اها شڪست روس ۾ کاڌي، جنهن جي اثر ڪري وري اٿي نه سگهيو! انهيءَ ٿڌ جي هڪ ڌڪ ان وقت جي وڏي ۾ وڏي مليٽري طاقت کي وري اسرڻ يا ساهه پٽڻ نه ڏنو. هڪ مغل بادشاهه جي ڳالهه ڪندا آهن ته کيس هڪ راجپوت ملازم مارڻ جو ارادو ڪري رهيو هو؛ جيئن هو مارڻ لاءِ خنجر کڻي آيو ته بادشاه کي جاڳندو ڏٺائين؛ بادشاهه کيس چيو، ته جمنا جي گجگوڙ ڪري ننڊَ نه ٿي اچي؛ کيس وڃي چؤ ته ڪجهه ڌيري ڌيري هلي ته مان ننڊ ڪريان! اهڙيءَ طرح ٽي ڀيرا مارڻ جو ارادو ڪري آيو پر ٽيئي ڀيرا بادشاهه کي جاڳندو ڏٺائين. هن کي ان ۾ ڪو اندروني راز نظر آيو. پوءِ ازمائش خاطر وڃي جمنا کي نياپو ڏنائين. چوندا آهن ته هڪ پاڪ ارادي ۽ انصاف پسند بادشاهه کي ستن وليئن جي طاقت ٿيندي آهي. جمنا جل ماٺيڻو ٿي ويو ۽ بادشاه کي پوءِ ننڊ آئي. هن قاتل جي دل جو ارادواهو ڏسي مٽجي ويو. پڙهيو اٿئون ته جڏهن حضرت  محمد صلعم ابوبڪر صديق سان وڃي هڪ غار ۾ لڪو تڏهن مڪي وارن جو لشڪر کيس ڳولها جي ارادي سان اُن غار جي منهن وٽ پهچي به موٽي ويو، جو هڪ ڪوريئڙي هڪ لحذو اڳ ۾ غار جي منهن تي پنهنجو ڄار اُڻي ڇڏيو هو ۽ ويجهو هڪ ڪبوتريءَ اچي آنا لاٿا هئا. اها واردات ڏسي ڪافرن جا سپاهي ائين چئي موٽي ويا ته هن ڄار سان ڍڪيل ۽ پکين جي ٻچن واريءَ غار ۾ ڪنهن انسان جو هجڻ ئي ناممڪن آهي. مان توهان جو اجاين سجاين ڏند ڪٿائن يا ڪرامتن ۾ وشواس وڌائڻ لاءِ هي نه ٿو ٻڌايان. پر مون کي پنهنجو به هڪ آزمودو ياد اچي ٿو: جڏهين مهاتما گانڌي شهيد ڪيو ويو تڏهين ما پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ ۾ هيس جتي مون وٽ ڪو ريڊيو به ڪونه هو. برابر سندس موت جي وقت مون ائين ڏٺو ته دنيا مان هڪ نيلي ڪرشن رنگي روشني نڪري غائب ٿي وئي. ساڳئي وقت ٻئي پاسي گوڙ شور گهٽ ٿي ويو. انهيءَ درشيه جي تصديق سڀاڻي تي اخبارن مان ملي. هٽلر جي مرڻ وارن ڏينهن ۾ پڻ دنيا جي مٿان صلح جو پاڇو پيل محسوس ڪيو هيم. اوهان مان ڪن کي ته خبر آهي جو اهي ڳالهيون مون بر وقت توهان کي ٻڌائي ڇڏيون هيون. انهن سڀني ڳالهين جو مطلب هي آهي ته قدرت خود دنيا ۾ پئدا ٿيندڙ وڏين هستين جي اثر کان آجي نه آهي ۽ ايشور انهن جي پاڪ روحن يا آتمائن جي گهرجن کان بي خبر نه آهي. ڇا اها طاقت جا سڄي سرشٽيءَ کي هلائي ٿي، سا چت کان رهت ٿي سگهي ٿي؟ پر جي انهيءَ ۾ چت شڪتي آهي ته ڇا اها ڪنهن به طريقي حالتن جي ڦيرڻ جو خود موقعي تي گهربل انتظام ڪري نه ٿي سگهي؟ اهي ڪرامتون نه آهن مگر قدرت جي ڪمن ۾ وڏن اثرن پوڻ جون علامتون آهن، جو درياهه جهڪا ٿي وڃن، سمنڊ رستا ڏين، ڳڙا عين موقعي تي اچي ڪڙڪن يا ويسر کان چوڪيدار جيل جي دروازن جا قلف ئي ڪين ڏين!“

***

 

 

9-8-1958ع  اڄ صبح جي پريئر کان پوءِ جيئن سام گرڌاريءَ سان گڏجي گهمڻ ويو تئن گرڌاريءَ کي وري منجهيل خيال ۾ ڏسي کيس خبردار ڪيائين. مون ان گفتگوءَ جو احوال کانئن هن ريت حاصل ڪيو؛ سام چيو: ”فقير جو ڪم آهي، پنهنجي ۽ زماني يا ٻين جي وچ ۾ امين ٿي هلي ۽ حق يا ڏوهه جي ونڊ وراهه ۾ ڪو به رايو نه رکي؛ اول پنهنجون اوڻايون پاڻ محسوس ڪري پر جي سمجهي ته مون ۾ ڪا اوڻائي ڪانه آهي ته ائين چوي متان مان ڀُلو هجان! ڪنهن به ڳالهه ۾ ٻين کي ڏوهه نه ڏي. مطلب ته اها پڪ نه سمجهي ته عيب منجهس ڪونه آهن؛ اُن ريت سڄي ڄاڻ يا حق ناحق جي ڄاڻ وڌيڪ سولي حاصل ٿيندي.

تنهن بعد گرڌاريءَ ڪي ڏک پنهنجا ظاهر ڪيا ۽ سام کي چيو: ”هاڻي حد ٿي چڪي آهي؛ دل چوي ٿي ته ڪيڏانهن هليو وڃان!“

سام کيس چيو: ”اهي ڏک جيڪڏهين سچا آهن ته اهي به الاهي قاصد ڪري سمجهڻ گهرجن.“

پوءِ سمورو وقت جيڪو هو گڏ ٿي گهميا، يادگيري مان سام کيس پنهنجي نئين انگريزي ڪتاب ” Temple of Joy“ جو تت سار زباني طور ٻڌايو جنهن ۾ ائين ڄاڻايل آهي ته، ٽي قاصد جي پاڻ کي ’ٽي وڏا ڏک‘ ڪري ڄاڻائن ٿا، ڪيئن آتمڪ ياتريءَ کي جدا جدا رستن کان ’آنند ديويءَ‘ جي مندر ڏانهن وٺي وڃن ٿا. انهيءَ ڏکن جي رهبريءَ جي تتسار ٻڌڻ جو اثر گرڌاريءَ تي ايترو ٿيو جو سام کي چيائين: سائين مون کي اڄ ڪا وڏي سمجهه ڏني اٿو، جنهن سان دل ۽ دماغ پر ٿي ويا آهن!

مون کي ان ڳالهه تي عجب لڳو ته ڪيئن سام ايتري تڪليف ڪري يادگيري مان هن هڪ ڄڻي کي پنهنجي ڪتاب جو تتسار سمجهايو هوندو! مگر سام چيو: ”هڪ دل کٽڻ يا ان کي ڪنهن درجي تي رسائڻ لاءِ جيڪڏهين ڪيتري به ڪوشش يا تڪليف ڪرڻي پوي ته اجائي نه آهي.“

***

 

 

10-8-1958ع مٿين سڀني تاثيرن جو نتيجو ڀلا ڪيترو روڪي سگهجي ٿو؟ اڄ ائين ٿو سمجهه ۾ اچي ته هوريان هوريان هي اثر جيڪي گرڌاريءَ تي پوندا اچن ٿا تن آخر هن جي دل ۽ دماغ کي موڙي ڪجهه قدر آگيا ڪاري بنائڻ جون نشانيون پيدا ڪيون آهن. ٿورا ڏينهن اڳ سام هڪ جوڳيا رنگ جو تاڪيه آندو اِن لاءِ ته اُن مان منهنجي ۽ پنهنجي هڪ هڪ ڊريس ٺهرائي. گرڌاريءَ سڌ ڪئي ته مان به جيڪر پريئر جي وقت اهڙي ڊريس پائي اوهان سان گڏ اچي ويهان. سام اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ کيس چيائين ته تون اُن جي پهرڻ لاءِ هينئر تيار نظر اچين ٿو. هوڏانهن گهر ۾ ٻين ڇوڪرن لاءِ اها ڳالهه سام قبول نه ڪئي ته ڪو انهن کي ڪچيءَ وهيءَ ۾ اهڙي پوشاڪ پهرڻ گهرجي. اڄ جڏهين اُهي ويس تيار ٿيا تڏهين سام کيس چيو: هيءَ پوشاڪ پهرڻ ڪو سٿرو ڪم نه آهي. ڪنهن بزرگ يا پنهنجيءَ گروءَ هٿان ئي اها پوشاڪ وٺي پهرڻي آهي. تڏهين گرڌاريءَ پنج آنا کڻي اچي نذر طور رکيا ۽ چيائين: توهان مون کي اها پوشاڪ پهرايو! سام وري به کيس هدايت ڪئي ته اهو فيصلو تڪڙ ۾ نه ڪرڻ گهرجي. پنهنجو دل من جاچي ڏس. جنهن شخص لاءِ توکي پوري شرڌا هجي، اُن کان ئي هيءَ پوشاڪ پاڻ کي پاراءِ. تڏهين گرڌاريءَ صاف لفظن ۾ چيو ته گرو به توهان آهيو، سڀ ڪجهه توهان آهيو! مان توهان جي هٿ سان اها وٺندس. تڏهين سام هن نموني کيس سمجهاڻي ڏني: ”هيءَ پوشاڪ جوڳين ۽ تارڪن جو ويس آهي. هن رنگ ۾ انهن جي من جي امنگ سمايل آهي. هيءَ پوشاڪ هن جسم تي رکي ڪو ڪچو ڪم ڪري نه ٿو سگهجي. هن پوشاڪ کي ادب ۽ صفائيءَ سان رکڻو آهي. ائين نه سمجهڻ گهرجي ته هيءَ 5 يا 7 روپين جي ملهه جي شيءِ آهي، مگر ائين سمجهڻ گهرجي ته هيءَ ان گيان ۽ ويچار جي مارگ تي هلڻ جي لاءِ هڪ قسم جي زرهه آهي؛ مشڪلاتن ۾ آتما کي بچائڻ لاءِ هڪ قسم جي ڍال آهي؛ حرص جي هوائن کان روح رکيا لاءِ هڪ ڪوٽ آهي؛ شيخ شبليءَ جي هڪ ڳالهه آهي، جڏهين هو بغداد جي حاڪم وٽ ڪچهريءَ ۾ ويٺو هو، تڏهين کيس بادشاهه جي ڏنل خلعت پيل هئي، جنهن سان هن پنهنجو هٿ اُگهي ورتو. مٿس الزام ڌريو ويو ته تو بادشاه جي خلعت جي بي ادبي ڪئي آهي. شيخ شبلي هڪ وڏو سالڪ ماڻهو هو. هن کي ان وقت گيان اچي ويو ۽ اُها پوشاڪ لاهي ادب سان حاڪم جي اڳيان پيش ڪيائين ۽ ان وقت سرڪاري ملازمت تان استيفا ڏيڻ جي موڪل گهريائين؛ کانئس اهڙي اٻهري قدم کڻڻ جو سبب پڇيو ويو جنهن تي چيائين. ته سائين زماني جي بادشاه جي طرف کان عطا ٿيل هيءَ پٽ جي پوشاڪ جيڪڏهين منهنجي هٿ اگهڻ ڪري خراب ٿي سگهي ٿي ته هي جسم جو روح کي الله جي طرفان عطا ڪيو ويو آهي، ان جي ڪيڏي نه مون بي ادبي ڪئي آهي جو هنن هٿن، پيرن، اکين ۽ ٻين عضون کان پنهنجي لوڀ لالچ يا نفس ڪارڻ ابتا ڪم ورتا اٿم! نه رڳو هن جسم کي پر پنهنجي دل ۽ دماغ کي الاهي عبادت جي طرف کان موڙي زماني جي بادشاه جي خدمت ۾ لاتو اٿم. مون اوهان جي مليل پوشاڪ جي برابر بي ادبي ڪئي آهي پر اُن کان وڌيڪ هن الاهي عطا ٿيل پوشاڪ جي بي ادبي ڪئي اٿم. اڄ کان وٺي فقط ان کان اُهي ڪم وٺندس جي اُنهيءَ کي ڪرڻ جڳائن.

ان ڳالهه ٻڌائڻ کان پوءِ سام چولو هٿ ۾ کڻي گرڌاريءَ کي چيو: ”هي تنهنجي آتما جي لجا آهي.“ پتلون هٿ ۾ کڻي کيس چيائين: ”هيءَ تنهنجي انساني شرم ۽ حيا جو ڍڪ آهي؛ جو دم هيءَ پوشاڪ جان تي آهي بلڪ ان کان پوءِ به ڪو برو ڪم پنهنجي هٿان نه ٿئي.“ تنهن کان پوءِ اسان سڀني جي صلاح سان سندس نالو ”آنند“ رکيائين جنهن ۾ گرڌاري ڀي خوش ٿي نظر آيو. جيڪي پئسا گرڌاريءَ پنهنجي پوشاڪ ٺهرائڻ تي خرچ ڪيا هئا سي سام کيس ڏياريا، ڇا لاءِ جو پوشاڪ پنهنجي هٿ سان اُن کي ڏنائين. مگر گرڌاريءَ پنهنجي نئين جنم جي خوشيءَ ۾ چيو ته اهي پئسا خرچ ڪري ڪجهه گهرائي پاڻ، ۽ ستسنگ وارن ۾، پرشاد ڪري وراهيو.“

***

 

 

14-8-1958ع  ڪالهه کان مون ۾ ڪجهه رنجيدگي ڏسي سام چيو: ”جيتري قرباني ڪئي اٿئي اوتري خوشي تو ۾ ڇو نه ٿي ڏيکارجي؟ متان ائين هجي ته جو ڪجهه ڪيو اٿئي انهيءَ ۾ ڪو اڀمان جو ڪيڙو هجي!“

اڄ وري ساڳي ڳالهه دهرائي حضرت سليمان جي قصي مان هڪڙو نقطو ٻڌايائين: چون ٿا ته حضرت سليمان کي اها ڏات مليل هئي جو پکين ۽ سڀني جانورن جون ٻوليون سمجهندو هو ۽ ڌرتيءَ، پهاڙ، نديون، ۽ هوائون سڀ ان جي مطيع هئا. هڪ دفعي هوا الٽي گهلندي ڏٺائين ۽ هوا کي چيائين ته، اي هوا! تون ٽيڙي ڇو ٿي هلين؟ تڏهن هوا چيس ته توهين ٽيڙا هلو ٿا جنهن ڪري مان ٽيڙي هلان ٿي. کيس چيائين ته سڌي ٿي هل! هوا چيس ته جيئن توهان هلو ٿا مان به تيئن هلان ٿي. ڇٽ سندس سو به ٽيڙو ٽيڙو ٿيندو پيو وڃي. ان کي چيائين ته تون سڌو ٿي بيهه، ۽ ست ڀيرا ان کي پاڻ سڌو ڪيائين؛ ته به اهو ٽيڙو ٿيو پوي. ڇٽ به چيو ته سائين جيئن توهان پاڻ آهيو تيئن مان به رهان ٿو. اتي حضرت سليمان کي اندر جو اشارو آيو جنهن بعد هن پاڻ مان هڪ لڪل ٽيڙائيءَ جو خيال دور ڪري ڇڏيو؛ ان بعد ايترو تفاوت ڏٺائين جو ڇٽ کي ست ڀيرا پاڻ هروڀرو ٽيڙو ڪيائين تڏهن به هر دفع اُهو پاڻ سڌو سندس سر تي ٺهي پيو بيهي. جڏهين کيس پڇيائين ته هينئر مان توکي پاڻ ٿو ٽيڙو ڪريان تڏهين به تون وري وري سڌو ٿيو پوين، سو ڇو؟ تڏهين ڇٽ جواب ڏنو ته جڏهين اوهان ۾ ئي ٽيڙائي ڪانهي ته مان ڪيئن ٿو ٽيڙو رهي سگهان! انهيءَ قصي مان فقط اهو سبق ڪڍڻو آهي ته ٻئي کي ڏوه ڏيڻ جي بدران اول پاڻ کي جاچڻ گهرجي؛ اول پنهنجي نفس کي ڏوهه ڏيجي ۽ ٻاهرين شين، مثال طور هوا ڇٽ وغيره، تي يا ٻين حالتن تي ڪو الزام لائڻ نه گهرجي.“

سام اهو سبق سڻائيندي چيو: ”اسان مان هر هڪ جو فرض آهي ته جو ڪي ڪريون سو شڌ ڀاونا سان ڪريون؛ ٽيڙائيءَ ۽ چترائي اندرين جي سٺي ڪرم جو ڦل به ڪوڙو ڪريو ڇڏي. هيتري گڏ رهڻ ۽ هيتري مطابق خيال هئڻ کان پوءِ به ڇو ڪڏهين ڪڏهين ايترو نراضپو اسان ۾ پيدا ٿئي ٿو؟ انهيءَ لاءِ هڪ ٻئي کي يا ٻين حالتن کي ڏوهه ڏيڻ بدران بهتر آهي ته اول پاڻ جاچي ڏسون!“

***

 

 

سام ڪڏهين ڪڏهين ڏينهن ڏٺي جو ’خواب‘ لهندو آهي يا چئجي کڻي ته درشيه ڏسندو آهي. سندس چوڻ موجب اُهي فقط خيال جون صورتون آهن ۽ انهن کي ڪا ٻي اهميت ڏيڻ نه گهرجي، جيتوڻيڪ مان انهن کي وڌيڪ اهميت ڏيان ٿي ۽ سمجهان ٿي ته انهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه ڀاڱو ته ضرور الهامي آهي. اُن بنسبت سام جو چوڻ هيئن آهي: ”مان هڪ شاعر آهيان؛ خيال بعضي بعضي تصويرن ۾ سهنجا ڏسندو آهيان، پر اُهي تصويرون پنهنجون تمنائون ۽ اميدون يا خواهشون به ڏيکاري سگهن ٿيون ۽ من جي حالات جون تصويرون به ٿي سگهن ٿيون؛ جيڪڏهين نج خيال ٿيڻ جي انهن ۾ اهميت هجي ته هجي نه ته وڌيڪ اهميت انهن کي مان نه ٿو ڏيان.“

پر مان چوان ٿي ته نج خيال ۽ الهامي خيال جي وچ ۾ فرق ئي ڇا آهي؟

اڄوڪي ڏٺل خيال سندس هي آهي: منجهند جو وقت هو؛ سام اشنان ٿي ڪيو؛ چيائين ته اُن وقت ڏٺم ته هڪ پاسي کان هڪ وڏو ڪٽڪ آهي؛ ٻئي پاسي کان مان اڪيلو آهيان. اُهو ڪٽڪ منهنجي زندگيءَ جي رستي ۾ ڪا رڪاوٽ وجهيو بيٺو هو. مون تڏهين شيام سندر کي چيو، ’اِتي مان هڪڙو ڀلا ڇا ٿو ڪري سگهان؟‘ تڏهين هن هڪ چمڪندڙ تلوار ڪڍي ڏني! مون وري ٻئي پاسي چيو، ’تڏهين به مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟‘ هن چيو ته تون اها تلوار هلائي ته ڏس؟ پوءِ تلوار چتائي ڏٺم ۽ اُن وقت ڀانيم ته اُها تلوار تون (سرلا) آهين! پوءِ شيام سندر چيو ته تون رڳو چڱيءَ طرح اها تلوار استعمال ڪر، ته سڀ مطلب سڌ ٿيندا.

سام چيو: ”هن سڄي درشيه جي معنيٰ چٽي ٿي جڏهين ياد آيو ته تو (سرلا) مون کي چيو هو ته هتان هلي ڪري جڏهن ڪا آشرم اسٿاپن ڪئي سو ته اُتي مان توکي چڱي ’اتپتي‘ ڪري ڏيندس؛ گرڌاريءَ ۽ موهن (چمٽو) جهڙا ٻيا به گهڻا ئي ٻار روحاني توکي ڳولهي ڏيندس؛ استري لفظ جي معنيٰ آهي اِسٿر. جيڪڏهين ٽامو مري ته چوندا آهن اُن مان ڪيمياگر سون يا چاندي بڻائي سگهي ٿو؛ جيڪڏهين استري اسٿر ٿئي ته انهيءَ کي هڪ ڄڀي يا تلوار ڪري سمجهڻ کپي؛ اُها ڪٽڪن کي جيتي پار پئي سگهي ٿي! ڪو به مقصد حاصل ڪرڻ ۾ وڏي مدد ڪري سگهي ٿي.“ سام وڌيڪ چيو: ”هي خيال جيتوڻيڪ ڪن شاسترن جي سمجهاڻيءَ جي ابتڙ آهي، تڏهن به مون آزمودي مان ڏٺو آهي ته استري نه رڳو شيڪسپيئر جي چوڻ موجب بي وفائيءَ ۾ پر وفائيءَ ۾ به منهنجو مٽ پاڻ آهي!“

***

 

 

9-9-1958ع مون چرچي ۾ ڪالهه سام کي چيو: ”جي پنهنجي ڪمائيءَ وارن پئسن مان پنج روپيا روز توکان لڪايان ها ته به شاه ٿي پوان ها!“

سام چيو: ”شاه وري پئسا رکندا آهن ڇا؟ شاه نه ڪنجون رکن خزاني جون ۽ نه پئسا سانڍي رکن سيف ۾؛ شاهي سچي اها آهي جو بنا پئسي فقط چوڻ سان پيو ڪم هلي.“

مون تڏهين سام کي چيو: ”چئبو ته مان اڳ ۾ ئي شاه آهيان جو امان ننڍي (سام جي ماتا) وانگي نه پئسو رکان نه چنتا رکان!“

اڄ وري جيئن ڪجهه پئسا مليا تيئن کيس چيم: ”هنن مان ته پنج روپيا سهنجائيءَ سان چورائي سگهان ها!“

سام چيو: ”ٺيڪ آهي، مان به جيڪر چوري سکان جي اُن مان سچ پچ ڪو فائدو ٿئي. ارمان آهي جو چوري ڪنهن کي ڦٻي ڪونه ٿي؛ اهڙي ڪا رٿ ڪجي جيئن پرائو ڌن ۽ دل جو سرمايو ٻيئي ساڻ هلن.“

مون کيس چيو: ”توهان ته سنهنجائيءَ سان پنهنجي ڪٻٽن ۾ يا بئنڪن ۾ ڌن رکي سگهون ٿا يا ڪيڏانهن نيئين سگهون ٿا.“

سام چيو: ”اُهي ڪٻث ته اتي رهجي ويندا؛ اهڙي ڪا تجويز ڪرجو اهي مال متاع هن دنيا مان ساڻ ڪري هلون!“

مون اڳ ۾ ئي سام جو مطلب سمجهيو هو: ”هن انهن ٿورن لفظن ۾ ڳالهه جو تتسار گويا ظاهر ڪري ڇڏيو ته جو ڪي هت ڪجي ٿو تنهن کي فقط ايترو ملهه آهي جيترو ان مان آتما جو سک حاصل ٿئي. ٻيو سڀ ڪجهه اتي ئي پيو آهي؛ مال ۽ پئسي گڏ ڪرڻ جو مقصد به شيوا رکجي. پر شيوا يا ڪرم جو مقصد گيان ۾ سمايل آهي ۽ گيان جو مقصد پريم ۽ ان جي آنند ۾ سمايل آهي؛ ٻي سڀ وسوت مٿيا آهي.

***

 

 

10-9-1958ع  پهاڪو آهي ته هڪ ڪرو درياهه به نه ٿو لهي. اسان جي گهر ۾ به ڪڏهن ڪڏهن ڪروڌ سچي يا ڪوڙي بهاني اچيو منهن ڪڍي. سام ته سندس آجيان ۾ هڪ گيت به ٺاهيو آهي جنهن جي پهرين تڪ آهي: ”آيو ڇيڏڪ رام، ڀلي ڪري آيو.“ حقيقت ڪري اُهو گيت کيس تڙي ڪڍڻ لاءِ ئي آهي. سو ڪالهه ’ڇيڏڪ رام‘ ڪجهه عرصي لاءِ هن ريت اچي پڌاريو جو مون سام کي ننڊ مان اٿڻ سان شڪايت ڪئي ته منهنجي لاءِ ڪو ٽوال ئي نه ٿو لڀي! ڌوٻيءَ کان جڏهين ٽوال، گنجيون، رومال وغيره اچن ٿا ته سڀ وڃي تنهنجي ڪمري ۾ ڪٺا ٿين ٿا! سام رنج مان چيو ته اڳتي ڀل ڌوٻيءَ کي پنهنجا ڪپڙا پاڻ لکي ڏيو ۽ پاڻ ڏيو. شام جو ڌوٻي به اچي نڪتو. مون سچ پچ کيس ڪپڙا جدا لکي ڏنا ۽ سام به پنهنجا جدا لکي ڏنا. دل ۾ ته ٻنهين کي جدائي ڪانه ٿي وڻي. سام تڏهين پنهنجي ننڍپڻ جي هڪ ڳالهه ٻڌائي  ته سڀئي ڀائر هڪ جاءِ ۾ رهندا هئاسون؛ پوءِ جيئن وڏيرا ٿيندا وياسين ته پهريائين هڪ هڪ روم ساڳيءَ جاءَ ۾ پنهنجي بيٺڪ لاءِ جدا ورتيسين؛ آخر جدائي ايترو وڌي ويئي جو ڪمرن کان پوءِ گهر ۽ چلهيون به جدا ٿي ويون ۽ هر هڪ پنهنجا جدا جدا ڪم وڃي ڪيا. هينئر ته ڳولهيا نه ٿا لڀون! ڪنهن جو گهر بئنگلور، ڪنهن جو ڪراچيءَ ته ڪنهن جو پوني ۾ آهي!“ ٿوري دير کان پوءِ وري مون کي چيائين: ”سچي استريءَ کي جيڪڏهين مرد اهڙي جدائيءَ جي ڳالهه ڏسي به کڻي ته انهيءَ کي ائين ئي چوڻ گهرجي ته ڇو مان ڪپڙا لٽا پنهنجا توکان جدا ڪريان! هي ڪپڙا ته ٺهيو پر ڪفن به توکي پنهنجي هٿ سان ڏيڻو آهي! اسان ته اهو آسرو ڪري ويٺا آهيون ته موت کان پوءِ به جدا ڪين ٿبو.“

مون کي به ان وقت اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا. ۽ اُها جدا ڪپڙن واري ڊائري کڻي ان مان اُهو پني جو ٽڪرو ڦاڙي کنور سان اچي ساڳي سام واري ڊائريءَ جي اکرن هيٺان چنبڙايم. پنو ڪجهه پيج جي ڊگهائيءَ کان وڌي ٿي ويو؛ سام ان کي پورو ڪري جيئن سڌو ڪري هنيو ته سندس ڏنل ڪپڙن جو ٽوٽل ان جي هيٺان لنبجي ويو. تڏهن مشڪي چيائين ته حياتيءَ جا جدا ٽوٽل گم ٿي ويا! تنهنجي ۽ اسان جي ڪمن ڪارين جو ٽوٽل به هڪ ٿيڻو آهي جيئن هي ڪپڙن جو ٽوٽل وري هڪ ٿي ويو آهي!“

***

 

 

15-1-1959ع  اڄ اسان وٽ هتان جي ٽريننگ سڪول جو هڪ ٽيچر آيو جنهن کي سام سان ملڻ جو گهڻو شوق هو. سام به کيس ڏسي بيحد خوش ٿيو ۽ چيائين ته هيءَ نئين روشنيءَ وارن نوجوانن مان هڪڙو آهي. پنهنجي باغ جي ڀر ۾ نهر ۽ ٻوٽن جي ويجها هڪ ڪنڊ ۾ ويٺا هئاسون؛ قدرت جي نظارن جي اثر هيٺ اچي گفتگو به اهڙوئي ڇڙيو: اتي ماستر صاحب سان گڏ آيل دوست چيو: ”هتي چڱا وڻن ۽ نهر جي نظاري ۾ ويٺا آهيون.“

سام چيو: ”انهن کان دور ٿي ته انسان پنهنجا دک وڌايا آهن؛ جيستائين انهن سان گڏ هئاسون تيستائين مسئلا حياتيءَ جا هلڪا هئا ۽ زندگيءَ ۾ ڪي روڳ ڪين هئا؛ هاڻوڪي شهري زندگي هڪ قدرت جي وڇوڙي جي زندگي آهي. هي پکي، هي وڻ، هي آواز جهنگل جا ۽ خود جهنگ جا نانگ بلائون وغيره سڀ انساني زندگيءَ لاءِ صحت بخش آهن. حقيقت هينئن آهي ته اسين سڀ زندگيءَ جا مليل جهليل جزا آهيون. هٿرادو نموني پرايو اٿئون. تازو هتي هوائي جهازن رستي سارين جي پوک جي جيوڙن لاءِ زهري پائوڊر ڇڻڪايا ٿي ويا. مون کي ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي جو نانگ، ڏيڏر، مڇيون ۽ انهن کي کائيندڙ ڪانءَ، سرڻيون ۽ ٻيا جانور به مرندا ڏسندو آهيان؛ اهي سڀ پوک لاءِ ضروري آهن ۽ جيوڙن جي پيدائش بند ڪرڻ جي اُپاو سوچڻ بدران هينئن ٻين ڪيترن ساهوارن جي ناس ڪرڻ سو مون کي هڪ اعتراض جوڳو ڪم ٿو لڳي. نه رڳو آخر زرعي پيداش جو گهاٽو ۽ مڇي وغيره جو نقصان آهي پر اسين سڀ هڪ آتما جا جزا آهيون؛ انهن سڀني شين سان هيڪڙائي محسوس ڪرڻ ۾ خود انسان جو فائدو آهي.

انهن جيئن جو پڻ هن جيوت جي ڪاروبار ۾ حصو آهي ۽ اناج تي حق آهي. ڇا لاءِ جو هو به انهيءَ جي واڌاري ۾ مدد ڪن ٿا. ٻيلائي سائنس وارن جو چوڻ آهي ته ساسين ۽ ساوڪ جو واڌارو گڏوگڏ ٿئي ٿو. جتي ساسي گهٽ آهي اُتي ساوڪ به گهٽ آهي. هنن سڀني جو هئڻ ئي هڪ نعمت آهي. جيتريقدر ٿي سگهي انهن سڀني جو ڀلو گهرجي.“

تڏهن ان ماستر صاحب چيو: ”ڪراچي شهر ۾ هڪ فقير گڏيو جو شهر جي وچ ۾ رهندو هيو. مون کائنس پڇيو ته دنيا جي ڦرندڙ گهرندڙ حالتن تي توهان جو ڇا ويچار آهي؟ هن آسمان ڏانهن ڏسي چيو ڪٿي آهن ڪي پکي، ڏسو ٿا انهن کي آسمان ۾؟“

تڏهين مون پڇيو: ”پکين جو هن سوال سان ڪهڙو واسطو آهي؟“

هن فرمايو: ”مان ننڍي هوندي کان ئي هت رهندو آهيان؛ هتي جهرڪيون، طوطا، ڪبوتر، سڀ پکي ايندا هئا؛ هاڻي ته ڪو ڪانءُ به ڪونه ٿو ڏيکارجي. انهيءَ مان نٿا سمجهو ته الله جي ڪمهري آهي؟“

ٻي ڳالهه ان ماستر صاحب هيءَ ٻڌائي: چيائين ته ”منهنجي گهر ۾ هڪ ڪٻٽ جي مٿان اَچي جهرڪين پنهنجا آکيرا ٺاهيا. مون کي ڏاڍو خفي ڪيائون؛ ڪک پن پيا هر هر ڪمري ۾ ڪيرين؛ مون هڪ وقت ڪاوڙجي ڏک مان هڪ جهرڪ کي چيو ته هوءَ جو ڪنڊ خالي پئي آهي، اتي نه ٿا وڃي آکيرا اڏيو؛ شرم نه ٿو اچيو جو مون کي اجايو تڪليف ڏيو ٿا؟ عجب اهو اٿم ته سڀاڻي تي انهيءَ ڏيکاريل هنڌ تي وڃي آکيرو اڏڻ شروع ڪيائون ۽ ڪٻٽ واري جاءِ ڇڏي ويا.“

اهڙي طرح مون کي به هڪ ڳالهه پنهن جي جهوني ڪتي (پوپيءَ) جي ياد اچي ٿي. جڏهين هو ٻڍو ۽ بيمار ٿي پيو ۽ هر هنڌ غلاظت ڪرڻ لڳو تڏهين هڪ ڏينهن مون کان ڪاوڙ ۾ هي اکر نڪري ويا: ”پوپي! هينئر ڪڪ ڏاڍو ڪيو اٿئي؛ ڪيڏانهن هليو به نٿو وڃين!“

صبح جو جيئن ننڊ مان اٿيس ته مون کيس ڪونه ڏٺو ۽ سمجهيم ته رسي ويو آهي. پوءِ ته مون سڄو شهر ڳولهايو پر ان جو پتو ڪٿي به ڪونه پيو.

هن نئين دوست ٻي پڻ هڪ ڳالهه ڪئي: چيائين ته اسان جي سنڌيت گهري ٿي ته اسين راجا ڏاهر ۽ چچ جو به قدر ڪريون،  جنهن ريت مصر ۾ ڪيترن ماڻهن کي فرعون جو قدر آهي. اها ڳالهه هڪ مسلم جي واتان اَسان کي بيحد آزاد خياليءَ جو ثبوت نظر آئي!

***

 

 

21-3-1959ع  هن کان اڳ ذڪر ڪيل دوست هاڻي اسان وٽ جلد جلد ايندو آهي. هو هڪ آزاد خيال ۽ احساس وارو انسان آهي. سام سان سندس ناتو پهرينءَ ملاقات تي ئي چڱو ٿي ويو ۽ سام ائين چوندو آهي ته هي هڪ روشن دل نوجوان آهي جنهن جهڙا اسان جي سوسائٽيءَ ۾ ڪي ٿورا پئدا ٿيا آهن. سام کيس هڪ ڳالهه ٻڌائي ته ڪيئن هڪ دوست اعتراض ٿي آندو ته ساڌو واسواڻيءَ جن جي سڪولن ۾ ٻارن کي ائين چيو ويندو آهي ته هفتي هفتي هڪ لپ ان جي پکين جي لاءِ کڻي اچو. انهيءَ دوست اهو رايو ڏنو ته اهو هڪ نا جائز زيان (Criminal Waste) ۽ گناه جهڙو ڪم آهي، خاص هن حالت ۾ جڏهين چوُڌاري ماڻهن ۾ بک آهي. سام اُن کي جيڪو جواب ڏنو سو به کيس ٻڌايائين جوهي آهي: ته توهين اهو ڪين ٿا محسوس ڪريو ته انهيءَ ان جي لپ ڏيڻ سان اسين وشو آتما سان هيڪڙائي حاصل ڪريون ٿا ۽ سڀني جيئن سان ڀائپيءَ جو ناتو قائم رکون ٿا! هنن ڳالهين جو ٻارن جي تعليم تي ڪيڏو نه سٺو اثر پوي ٿو! تنهن کان سواءِ ڪنهن کي خبر آهي ته اهو ان زيان ٿئي ٿو؟ قدرت انهن پکين ۽ جيئن کان خود انسان جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم وٺي ٿي. جهڙوڪ ڪيڙا پوک جا کائڻ وغيره. انهيءَ کان سواءِ هڪ شاعر جي خيال کان جيڪر هيءَ دنيا اسان جي بلڪل ٻسي لڳي. انسان اڪيلو جيڪر ڏاڍو برو پيو لڳي!“ اها ڳالهه ٻڌندي ئي اسان جي نئين دوست تي ان جو گهاٽو اثر ٿيو ۽ هن پنهنجي آزمودي مان هڪ ڳالهه ٻڌائي جا پڻ هتي درج ڪرڻ جهڙي آهي. هن چيو ته: ”اسان جي گهر ۾، منهن جي ڪمري ۾ جهرڪين اچي ايتري گندگي ڪئي جو مان بيزار ٿي پيس. منهنجي ميز تي گندگار پيون ڦٽو ڪن. مون ويچار ڪيو ته ڇا ڪجي؛ انهن ننڍڙن جيئن کي مارڻ يا ستائڻ به ٺيڪ نه هو. آخر هڪ ڏينهن خفي ٿي هڪ جهرڪ ڏانهن منهن ڪري (جو سندن مدبر ٿي لڳو) مون چيو: پنهنجو شرم ڪونه ٿو اچيو، جو مونکي هرو ڀرو تنگ ڪيو ٿا؟ هن ٻيءَ ڪنڊ ۾ ڇو نه ٿا وڃي پنهنجا آکيرا اڏيو؟ تنهن کان پوءِ ڏٺم ته انهيءَ وقت ئي هنن وڃي اُها ڪنڊ وسائي ۽ مون سمجهو ته هنن کي به ڪو احساس آهي.“

***

 

 

30-3-1959ع  ڪالهه اسان وٽ ٻه مسلمان دوست آيا جن مان هڪ سنڌ جو مشهور اديب آهي. ماني کائيندي ڪجهه گفتگو هليو جنهنجو تت سار مختصر نموني مان ڏيان ٿي: ان وقت ريڊئي مان هڪ راڳ آيو جنهن جو ٿل هي آهي، ”شاهي مدينه اُمت ڪي والي، ساري نبي تيري در په سوالي.“

اسان جي اديب دوست چيو: ”مونکي اهڙا راڳ ٻڌي عجب لڳندو آهي ته انهن مان ڪهڙو مطلب حاصل ٿي سگهي ٿو؛ نه ڪنهنجي ساراهه ڪرڻ سان پر ڪن عملن سان ئي انسان پاڻ کي سڌاري سگهي ٿو.“ اسان جي ٻئي مهمان به ان جي تائيد ڪئي مگر سام چيو: ”اسين به پنهنجي ست سنگ ۾ چونڊيل راڳ سنتن ۽ نبين جي ثنا جا اسين به چوندا آهيون؛ هڪڙو مطلب انهن ۾ هي ٿي سگهي ٿو ته سچ کي انساني صورت ۾ جڏهن ڏسجي ٿو تڏهن ئي اُهو سچ ٿي نظر اچي ٿو. ٻيءَ صورت ۾ اُها فلسفه جي هڪ راند آهي يا هڪ وهم آهي. انسان ذات جي پيغمبرن ۽ ٻين اڳواڻن کي مان ائين ڏسان ٿو جيئن سچ جي عمارتن جا دروازا. اسلامي تهذيب جي عمارت ۾ گهرڻ لاءِ حضرت محمد جو در ڪشادو آهي.ا هڙي طرح هندو ڌرم کي سمجهڻ لاءِ ۽ عيسائيءَ تهذيب مان واقف ٿيڻ لاءِ سري ڪرشن ۽ حضرت عيسيٰ لاءِ پريم هڪ قسم جا دروازا آهن. پنهنجي نيتائن جي پوڄا (Hero Worship) ۾ اهو ئي مطلب آهي ته انهن جي خيال ۽ خوبيءَ واري زندگيءَ کي چڱيءَ طرح سمجهي عمل ۾ آڻي سگهجي، مگر انهن جي ڀيٽ ڪندي ڪنهن کي گهٽ يا ڪنهن کي سڀ کان وڏو ٺهرائڻ سو ضروري نه آهي ۽ نه اخلاقي قانون موجب صحيح آهي.“

***

 

 

گفتگو هلندي اسان جي هڪ اديب دوست رايو ڏنو: ”مذهب خود هڪ قسم جو ڀوت آهي پر ائين برابر آهي ته ڏر ڏيڻ سان ماڻهن کي ڪجهه سڌي رستي تي هلائي سگهجي ٿو. تعليم جا 3 اصول آهن: 1 ڀيانڪ 2 روچڪ 3 سوچڪ. انهن مان مذهب، جو گهڻو ڪري ڀيانڪ ڀاڱي ۾ اچي ٿو، سو به هڪڙو ٿي سگهي ٿو.“

سام وراڻيو: ”اهي ٽيئي معلومات ڪرڻ جا رستا آهن، جن وسيلي اسان جي دل خيال موجب تعليم جو دائريو اڃا به وڌيڪ آهي ۽ احساس جنهن ۾ اُهي ٽيئي، ’ڀيانڪ‘، ’روچڪ‘
۽ ’سوچڪ‘ رستا اچي وڃن ٿا، سو تعليم جو فقط هڪ ڀاڱو آهي؛ احساس کان سواءِ ٻين رستن سان پڻ معلومات ٿي سگهي ٿي. مگر اڄ هتي اسين خاص ڀيانڪ ذريعي تعليم يعني خوف جي ذريعي مذهب جي مراد حاصل ڪرڻ جو ويچار ڪري رهيا آهيون. اُن بنسبت ذرا ڪجهه ٻي نموني ۾ بحث مباحثو ڪرشنا مورتيءَ جي هڪ ميٽنگ ۾ تازو دهليءَ ۾ ٿيو هو؛ هنن جو وشيه  هو ’
Complete response‘ ٿئي ٿو، تيئن پورڻ پريم دوارا پڻ ٿئي ٿو. توهان جي لفظن ۾ چئجي کڻي ته هڪ احساس ڀيانڪ ۽ ٻيو پريم دوارا يعني ’روچڪ‘ آهي. ٽين يعني ’سوچڪ‘ بنسبت به گهڻن ودوانن جو رايو هي آهي ته عقل ۽ ويچار سان به انهيءَ احساس جي چوٽيءَ تي اڪثر نه ٿو پهچي سگهجي، جيئن خوف ۽ پريم ذريعي پهچي سگهجي ٿو، مگر منهنجو ان بنسبت هي خيال آهي ته خوف يا ڀؤ جي ذريعي جيڪو Response ٿئي ٿو، سو پريم جي ذريعي پئدا ڪيل احساس سان ڀيٽ ڪيل نه ٿو رکي. ڀؤ ۾ برابر اسين گهڻو ڌيان ڏيون ٿا مگر اُن وقت خود پئدا ڪندڙ شيءِ کان پاڻ کي بلڪل علحدو ڀانيون ٿا يعني اُن سان هڪ جهڙائي نه پر خلاف جاءِ (Position) ۾ پاڻ کي ڀانيون ٿا. هوڏانهن پريم واري احساس سان اسين احساس پيدا ڪندڙ سان سچ پچ هڪ ٿي وڃون ٿا. جنهن شيءِ کان ڀؤ ڪريون ٿا، انهيءَ کي فقط پنهنجي وجود قائم رکندي ڪنهن خاص نقطئه نگاه کان (Subjectively) ڏسون ٿا، پر جنهن شيءِ سان پريم رکون ٿا، انهيءَ ۾ وجود وڃائي ان کي ڪنهن خاص نقطه نگاه کان نه پر ’جيئن جو تيئن‘ (Objectively) ڏسون ٿا. ان ڪري مان چوندس ته پريم ئي هڪ پورن نمونو سچي علم حاصل ڪرڻ جو آهي؛ سوچڪ يا ويچارڪ نمونو ٻئي درجي جو آهي؛ مگر خود پئدا ڪرڻ يا ڀيانڪ نمونو تعليم جو اختيار ڪرڻ سو سچي علم جو رستو نه آهي پر هڪ دٻاءُ يا زور سان خيال مڙهڻ جو رستو آهي جو جائز نه آهي. اهو ڄاڻي واڻي اختيار ڪجي يا نا گهان پيش اچي جيئن نانگ جي مثال ۾، ان مان جيڪو Response پيدا ٿئي ٿو سو پورڻ هرگز نه ٿو رهي. ڇا لاءِ جو من ڀؤ ۾ منجهيل رهي ٿو. تنهن ڪري اُهو Response فقط تن ۽ من جو چئي سگهجي ٿو ۽ نه سڄي وجود جو.“

***

 

 

30-3-1959ع هن جاءِ ۾ اسان جي هريجن سڪول بند ٿي وڃڻ بعد سام چيو ته هريجن جاتيءَ ۾ ڪنهن به قسم جو ڪم ڪرڻ اهنجو ٿي پيو آهي ڇا لاءِ جو انهن ۾ چاهه پورو ڪونه آهي. گهڻي عرصي کان ستل رهي رهي هنن کي آلس ۾ سک نظر اچي ٿو ۽ ڪنهن به قسم جي ڪوشش ڪرڻ اهنجي لڳي ٿي، تنهن ڪري پهريون اعلاج اُنهيءَ مرض جو هي آهي ته منجهن چاهه پئدا ڪجي؛ ساڻن ڪنهن نه ڪنهن قسم جي لهه وچڙ ۾ رهجي پيو. سڪول بند ڪرڻ کان اڳ ۾ به هو ڪڏهن ڪڏهن ست سنگ ۽ ڪيرتن وغيره اچي ڪندا هئا. انهن مان ڪي اهڙا سٺا ڀڄينڪ آهن جو ست سنگ جو رس سندن اچڻ ڪري وڌندو آهي. سام موقعو وٺي ان وقت به ساڻن ٻارن جي تعليم ۽ ٻين حالتن سڌارڻ جو ذڪر ڪندو رهندو آهي. جڏهن انهن وٽ ٻاهران ڪي ساڌو مهمان اچن ته هو اسان کي به نينڍ ڏيندا آهن، اسين انهن جي نينڍ خوشيءَ سان قبول ڪري وٽن ويندا آهيون. مگر هن وقت تائين لاڙڪاڻي کان ٻاهر رهندڙ هريجن وٽ وڃي ڪونه سگهيا آهيون جيتوڻيڪ اهي به اچڻ جي ڪوٺ ڏيئي ويندا آهن. ڪجهه پاڻ کي فرصت نه ملڻ ڪري ۽ ڪجهه ڪن اوچتن مشڪلاتن پوڻ ڪري اها آس پوري ٿي ڪانه سگهي آهي. ڪالهه پهريون دفعو موقعو مليو جو سندن نينڍ تي شڪارپور پنهنجي ڇوڪرن ۽ هتان جي هريجن ڀائرن سان گڏجي ست سنگ ڪرڻ وياسون. سام جي مرضيءَ موجب اسين انهن جا يعني هريجن ڀائرن جا ئي وڃي مهمان ٿياسون. هو ٻه يا ٽي غلط نياپي ملڻ ڪري سواگت ڪرڻ لاءِ اسٽيشن تان ٿي موٽي آيا هئا. تنهن ڪري پاڻ اوچتو ايندو ڏسي ڏاڍپ خوش ٿيا. اهڙو سندن اتساهه ڏسي لاڙڪاڻي کان گڏ هليل ٽولي تي پڻ وڏو اثر ٿيو ۽ اسان کي ائين ڏسڻ ۾ آيو ته هينئر جو هنن ٻين شهرن ۾ پڻ اسان کي جي ست سنگ لاءِ پريم رکيو آهي، ته شايد اُهو وقت پري نه آهي جو وري لاڙڪاڻي ۾ به ڪو عملي ڪم شروع ڪري سگهجي.

شڪارپور ۾ سندن سڀني حويلين ۾ چڱيءَ طرح گهمي اسين سندن حالتن مان واقف ٿياسون ۽ هنن جي پريم ۽ اُتساهه جو پڻ اندازو لڳائي سگهياسون. هيءَ سندن جاڳرتا جي شروعات نظر اچي ٿي. وڌيڪ عملي ڪم ڪرڻ سان ئي اهڙي اتساهه جي پريکشا ٿيندي.

ڪيرتن جي وچ ۾ سام موقعو وٺي هنن کي هڪ ويا کياڻ ۾ هينئن چيو: ”اسين توهان وٽ نه ڪنهن سياست يا ڌرمي پرچار جي ارادي سان آيا آهيون، مگر خاص پريم خاطر ڇڪجي. آيا آهيون؛ اوهان جي پريم اسان کي ڇڪيو؛ اسان کي به  گهڻي چاهنا هئي ته توهان جو درشن ڪريون. نه وري اسين شيوا ڌارن جيڪا حيثيت رکون ٿا. ڀاءُ ڀاءُ کي جڏهين ڪا ڳالهه چوندو آهي يا ڪنهن ڳالهه ۾ مدد ڪري سگهندو آهي ته اُها ان جي شيوا ڪري نه ڳڻبي آهي. اهو ان کي هڪ فرض پالڻو آهي يا فرض لاهڻو آهي. اسين اُهو پريم جو قرض لاهڻ آيا آهيون.

”اوهان جون بستيون ڏسي منهنجي دل ۾ ڪي ويچار آيا جيڪي اوهان جي اڳيان پيش ڪرڻ گهرانٿو. پهريائين ته جئن ٻين هريجن بستين ۾ تيئن هت به مون ٻالڪ توهان جا رلندا پنندا ڏٺا ۽ هريجن اسڪول جي عمارت جنهن ۾ هينئر سڀ جاتين جا شاگرد پڙهن ٿا، تنهن ۾ فقط توهان جا ڪي چند شاگرد تعليم وٺن ٿا. سڌارو ڪنهن به جاتيءَ ۾ اول بنياد کان يعني ٻالڪن کان شروع ٿئي ٿو؛ توهين چئو ٿا ته ڪانگريس جي زماني ۾ اسين چوٽيءَ تي پهچي ويا هئاسون، پر هينئر حالتون خراب ٿيون آهن. مگر جي ائين هو ته پوءِ اُن چوٽيءَ تان توهين ڇوڪري پيا؟ ڪرڻ جو سبب هي آهي ته توهين انهيءَ چوٽيءَ يا ڇت تي پنهنجي ڪشالي يا محنت سان ڪونه پهتا هئا، مگر ٻئي ڪنهن هٿ سان گهلي اوهان کي اُتي پهچايو هو؛ ٻين هٿراڌو طرح هي توهان کي پئنچاتي هال، بئنڪ ۽ اسڪول وغيره جون جڳهون ٺهرائي ڏنيون هيون، جن ۾ توهان جو سچو پچو چاهه ڪونه هو؛ ايترن خرچن ڪرڻ جي بدران توهين پنهنجي ڪوشش سان ڪجهه به جوڙيو ها ته توهان جا ٻالڪ توهان جي ئي ڪوشش سان پڙهي پون ها ته اُهو توهان جي ترقيءَ جو پڪو بنياد ٿئي ها. پوءِ ڪوبه توهان کي ’هيٺ ڪيرائي‘ ڪونه سگهي ها.

”اجها هيءَ اوهان جي سا مهون هڪ بتي رکي آهي ؛ ڪهڙو نه انهي کي سنڀال سان ٺاهي رکيو اٿو ! شيشو ان جو صاف رکيو اٿو ؛ منجهس وٽ ۽ تيل وڌو ته اها روشني ڏي . اهڙي طرح توهان جي گهر ۾ ٻيون ڪيتريون شيون آهن جن تي توهان خرچ ڪيو آهي ۽ توهين ، مون ڏٺو اٿو ته انهن جي سٺي نموني ۾ پر داخت ڪريو ٿا. مگر افسوس! جو توهان جي جيڪا وڏي ۾ وڏي ملڪيت آهي، يعني توهان جا ٻار، انهن جي پرداخت ئي ڪونه ٿا ڪريو. انهن جي ڪايا جو شيشو صاف رکو هنن کي تندرست رکو انهن جي من جي بتي ۾ گيان  جو تيل اوتيو ، هنن جي هر ديه ۾ احساس جي وٽ وجهو ته جيئن انهن مان هر هڪ اوهان جي گهر ۾ هن بتيءَ مثل روشن دان ٿي پوي ، نه رڳو گهر ۾ پر پنهنجي جهلڪ اوهان جي جاتيءَ ۾ ۽ سڄي قوم ۾ ڏئي سگهي! اها جهلڪ جا هر گز وسامي نه سگهي !

ٻي ڳالهه جيڪا مون نوٽ ڪئي سا هيءَ هئي ته اوهان جي هيترين حويلين ۾ فقط هڪڙي پڙي دڪان جي هئي  جنهن ۾ پڻ ڪي مختــصر سودا رکيل هئا . مان قبول ڪريان ٿو ته تو هان جيڪو ڪم ڪريو ٿا سو سڀ کان اُتم آهي ، اتپتي جي پالنا لاءِ صفائي ضروري آهي ائين ڪري چئجي ته شِو شڪتي يا سنگهار ڪرڻ واري شڪتي سرشٽي ۾ صفائي ۽ سندرتا برڪرار رکڻ لاءِ آهي ، اوهين پڻ اهو صفائي جو ڪم ڪريو ٿا . زندگيءَ جو مَرض ، ڪچرو وغير ميڙي ٻاهر ڪڍو ٿا ، ان کان وڌيڪ اُتم ڪم ٻيو ڪو نه آهي ، مگر انساني دماغ سَو کيترن ۾ پنهنجي کيڏ ڪري سگهي  ٿو . ڪيترا توهان ۾ سياڻا ۽ سمجهو آهن جو ڪاميابيءَ سان دوڪان داري ، ماستري ، مالداري وغيرھ ڪم ڪري سگهن ٿا ، ڪهڙو نه سٺو ٿئي جو توهان مان ڀائر جدا جدا حويلين ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ضرورتن جهڙيون شيون آڻي ، ننڍا دوڪان ڪڍن ! مان ائين نه ٿو چوان ته ٻين دوڪانن جي شين کي بهشڪار ڪريو. ڪنهن به بهشڪار جي ضرورت نه آهي ، مگر جيئن آهي پنهنجن ڀائرن کي ڪيترين ڳالهين ۾ همٿائڻ تئين توهين به هڪ ٻئي کي نندڻ بدران هڪ ٻئي کي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.مون پنهنجي آزمودي مان ڏٺو اهي ته لاڙڪاڻي ۾ اسان جا هريجن ڀائر پنهنجي دوڪان وارن تي پيا ٺٺوليون ڪن ۽ انهن کي همٿائڻ بدران جيڪو سو هنن جي برخلاف پيا ڪم ڪن. اها هڪ دک جهڙي ڳالھ آهي ۽ هڪ مرض جي علامت آهي ، جو مرض هن اوستا ۾ هن جاتيءَ ليءِ بلڪل خطرناڪ آهي. تنهن ڪري مان توهان کي وينتي  ڪندس ته ڪشاده دلي ۽ ڀرآتري ڀاءُ ڌارن ڪريو ۽ هڪ ٻئي ڏانهن مدد جو هٿ ڊگهيڙيو.

”ٽين ڳالهه جا مان هن وقت چوڻ گهران ٿو سا هيءَ آهي ته اوهان ڳئون؛ مينهون يا ٻڪريون خاص ڪري کير جي وڪري لاءِ نه تڏهن به گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي گهرجن لاءِ ڌارڻ شروع ڪيو. مان زميندار ٿي رهيو آهيان ۽ مون کي پنهنجي آموزدي مان خاطري آهي ته هڪ ڳئون يا مينهن پنهنجي در تي رکندا ۽ انهيءَ جي چڱيءَ طرح شويا ڪندا ته ان مان نه رڳو پنهنجي گهر لاءِ کير ۽ مکڻ ميسر ڪري سگهندا پر ڪجهه کير نيڪال ڪري اُن مان ٿوري بچت پڻ ڪري سگهندا ۽ جيترو توهان مان هر هڪ صفائيءَ جي ڪم مان ڪمائي ٿو اوتري پيدائش هڪ مينهن يا هڪ ٻن گاين مان پڻ ڪڍي سگهي ٿو. پنهنجي کير ۽ سڻڀ کان سواءِ توهين ڀلا ڪيئن ٿا پنهجي صحت قائم رکي سگهو؟ ۽ هي جي ڪرشن روپي ٻالڪ آهن انهن جي کير ۽ مکڻ کان سواءِ ڪيئن ٿي پالنا ٿي سگهي؟ ان ڪري مان توهان کي وينتي ڪندس ته جيئن اوهان ۾ ٽن يا چئن ڀائرن مان مالداريءَ مان فائدو ورتو آهي، تيئن ٻيا به گهڻا انهيءَ نموني پنهنجي صحت ۽ پنهنجي مالي حالت سڌارڻ لاءِ ڳئون، مينهن يا ٻڪريون رکو.“

تنهن بعد سام پرارٿنا ڪندي هيءَ وينتي ڪئي ته ”هي پرڀو! هن حال ۾ جڏهن اسان جي هريجن ڀائرن جي رهبريءَ لاءِ ڪي به سندن اڳواڻ هتي ڪونه رهيا آهن، تڏهن تون پاڻ اچي سندن مهندار ٿيءُ ۽ سندن جيوت جي راهه کي روشن بڻاءِ. فقط پنهنجي نام ڌيائڻ سان هو پنهن جو ڌرم ڪرم قائم رکي سگهيا آهن. نه آهي هنن غريب ڀائرن وٽ ڪو ٻل وديا جو ۽ نه ڌن دولت يا ٻي ڪا طاقت. تنهنجي ديا سان ئي هنن جي جيوت جي ٻاري سرسبز ٿي سگهي ٿي. تون مهر ڪر انهن تي؛ ديا ڪر اسان سڀني تي، ته تنهنجي شيوا جي راه ۾ گڏجي پنهنجي جيوت سڦلي ڪريون ۽ ٻين جي پڻ شيوا ڪريون!“

***

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org