سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: مير محمد

معصوم بکري

باب-22/21

صفحو : 18

 

باب ايڪيهون

وفات

 مير معصوم جي وفات جي سلسلي پهرين مبهم ڪتابي اطلاع ”ذخيرت الخوانين“ جي منصب هنن لفظن ۾ ڏنو آهي:

“در سال 1015 هه از مند بوطن رسيده داعيء حق رالبيک اجابت کرد...“(1)

انهيءَ جو نقل ماثر الامرا جي مصنف تقريباً ساڳين لفظن  ۾ هن طرح ڪيو:

”درسنھ يک هزار پانزده از بارگاه جنت مکاني بعنوان امين الملکي به بهکر رفته وريعت حيات سپرد“(2)

 ٻين تذڪره (3) نويسن ماثرالامرا جي تقليد ۾ وفات جو سال 1015هه لکي ڇڏيو. جهڙوڪ: نتائج الافڪار، گل رعنا، انيس العاشقين، نشتر عشق ۽ شمع انجمن وغيره. اهي تذڪرا هڪٻئي تان نقل ڪندا رهيا آهن. فطق ”روز روشن“ جي مصنب غالباً ”آفتاب عالمتاب“ جي تقليد ۾ (4) سندس وفات جو سال 1019 هه ڏنو آهي. لکي ٿو:

”... ودرس سنه تسبع عشر و الف (1019هه) رخصت حاصل کرده بوطن رفت وهمان سال سر آنجا بجوار رحمت ابزدي پيوست .“(1)

انهيءَ عبارت کان پوءِ تاريخ جو هيءُ مصرع ڏنو اٿائين:

بود نامي صاحب ملک سخن (1019هه).

انهيءَ تاريخي مصرع جي غير صحيح اندارج جي سببنان ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم قبر تي، اڪريل مصرع کي غلط سمجهي(2)، مير جي وفات جو سال 1019 قبول ڪيو، ”بود، ۽ ”بوده“ جو قصو ڇيڙي، اهو مفروضو قائم ڪيو ويو آهي. مولانا شفيع لاهوريءَ سڀ کان پهرين ”روز روشن“ جي مصرع کي صحيح سمجهي پنهنجي مقالي ۾ درج ڪيو(3)، جنهن کي پنهنجي تائيد ۾ ڊاڪٽر صاحب پڻ آندو آهي. ٻن بزرگن محققن کان اها سهو تعجب انگيز آهي. قبر سنهي پاڻ ڏٺي، جنهن تي تاريخ جو مصرغ بلڪل روشن، صاحب ۽ واضع موجود آهي، فني لحاظ سان پڻ مصرع ۾ ڪو سقم موجود نه آهي.

وفات جي تاريخ ۽ سال: جيئن گذريل باب ۾ ڏيکاريو ويو. مير صاحب آگري کان رمضان 1014هه ۾ موٽيو ۽ ساڳئي مهيني ۾ ڳوٺ پهچي ويو. اهو سفر نه فقط دارالسلطنت جو سندس آخري سفر هو بلڪه مير صاحب جي زندگيءَ جو پڻ پويون سفر ثابت ٿيو. ۽ ڳوٺ پهچڻ شرط معلوم ٿئي ٿو ته ڪنهن اوچتيءَ بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پيو، جنهنڪري ٻن مهينن کان پوءِ رخت حيات ٻڌي، اڳئين جهان ڏانهن راهي ٿيو.

مير صاحب جي قبر جي پيرانديءَ کان لوڙهه تي هيٺان تاريخي شعر بلڪل صاف ۽ خوش خط اڄ به ائين لڳن ٿا ڄڻ ڪالهه ڪنهن اڪيريا آهن:

مير معصوم، ان ۾ برج شرف
         آفتاب شرع و دين، فخر زمن
زوز جمعه، سادس ذي الحج گشت
        عازم جنت بامر ذوالمنن
سال فوتش از خرد جستم، بگفت؛
        بود نامي، صاحب ملک سخن
 

انهيءَ قطعه مطابق مير صاحب رمضان ۾ ڳوٺ پهتو، ٻه مهينا مس رهيو. جمع ڏينهن 6- ذي الحج 1014هه(4- اپريل 1606ع) جو سندس انتقال ٿيو اها تاريخ سندس فرزند مير بزرگ جي تصنيف ڪيل آهي- جيئن منهنجي مرحوم دوست احسن ڪربلائيءَ حيدرآباد جي ٽالپرن واري شاهي ڪتبخاني جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته” (مون) پاڻ مير معصوم جو ديوان سندس شخصي نسخو ڏٺو جنهن تي مير صاحب جي هٿ اکرين هيءَ عبارت هئي:

” اين کتاب حق ملکه مير معصوم ترمذي قنڌاري غره شوال  1012هجري- راقم معصوم بکري“.

انهيءَ نسخي تي مير بزرگ جي هٿ اکرين هيٺين عبارت هئي:

تاريخ وفات حسرت آيات

 مرحوم مغفور جناب مغفرت ماب حضرت قبله و کعبه من مير معصوم ترمذي بکري عليھ رحمة و الغفران تاريخ ششم ذي الحج 1014 هجري يوم جمع وقت مقتساعت صبح ازين جهان فاني بعالم جاوداني رحلت فرمودند“

انهيءَ عبارت بعد مٿي درج ڪيل قطعو ڏنو ويو آهي، ۽ آخر ۾ آهي؛

”راقم المصنف مير بزرگ بتاريخ پانزدهم ذوالحج 1014هه“ اها عبارت مرحوم ڪربلائيءَ پنهنجي مضمون ۾ نقل ڪئي آهي(1)، جنهن کي لفظ بلفظ هتي ڏنو ٿو وڃي. ممڪن آهي عبارت جي املا ۾ ڪي معمولي غلطيون يا ڦير گهير ٿي ويئي هجي. بهر صورت انهيءَ عبارت بعد انهيءَ ۾ شڪ جي گنجايش باقي نٿي رهي ته:

 (الف) مزار تي درج ٿيل ڪتبو، سال، مهينو ۽ ڏينهن اهوئي آهي جيڪو ديوان تي ڏٺو ويو.

 (ب) ڪربلائيءَ صاحب جي لکت مطابق تاريخ مير بزرگ جي تصنيف ٿيل آهي. جنهن کي هن وفات کان ڏهه ڏينهن پوءِ تصنيف ڪري ديوان تي، جيڪو مير معصوم جو پنهنجو ۽ خانداني نسخو هو. لکي ڇڏيو.

 (ج) وفات جمعي ڏينهن ستين بجي صبح جو ٿي.

عمر: مير صاحب جي خانداني روايت تي اعتماد ڪندي. جيڪڏهن سندس تولد 944هه ۾ فرض ڪجي ٿو، ته وفات وقت سندس عمر ستر ورهيه ٿئي ٿي، پر جيڪڏهن تقي ڪاشيءَ جي بيان کي ڏسندي 1012هه ۾ مير صاحب کي 60 ورهين جو شمار ڪجي، ته ان صورت ۾ هن 62-63 ورهين جي ڄمار ۾ هيءُ جهان ڇڏيو.

بهر صورت هندستان مان موٽي اچڻ شرط يقينن ڪنهن اوچتيءَ بيماريءَ ۾ سندس پڄاڻي ٿي، جيڪا ڳالهه پنهنجي جاءِ تي واقعي تعجب خيز آهي ۽ انهيءَ ڪري ئي مولوي شفيع ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي 1015هه واري سال تي باور نه ڪندي، ڀانئجي ٿو 1019هه واري سال کي ترجيح ڏني.

مير مرحوم جو  آبائي قبرستان اڳ ئي سکر ۾ نهايت پر فضا مقام ۽ نظاري واريءَ جاءِ تي موجود هو، جتي هو پنهنجي والد جي پاسي ۾ دفن ٿيو.

مير صاحب جي وفات تي سنڌ جي ذهني ۽ ثقافتي تاريخ جو هڪ ڀرپور باب ختم ٿيو. اهو سٺ ستر ورهين جو (944-1014هه) طويل عرصو هو لحاظ سان سنڌ- هند خواهه ايران ۽ ماور النهر جي سياسي تاريخ لاءِ اهم ۽ وڏيءَ اٿل  پٿل جو هو. هندوستان جي تاريخ ۾ سوري (947-962هه) ۽ مغلن جي ڪشمڪش رهي. همايون ايران ڏانهن فرار ٿي ويو. ڪجهه سالن بعد (962 هه) موٽي آيو. اڪبر سنڌ ۾ ڄائو (949هه). تخت نشين ٿيو (963) هه. فوت ٿيو ۽ جهانگير سندس جانشين ٿيو. افغانستان اندر مختلف حصن مٿان جدا جدا قبضا ٿيندا رهيا ۽ قابض بدلبا رهيا. ايران ۾ ٻه وڏا بادشاهه تخت نشين ٿيا. طهماسپ اول (30-984هه) جنهن همايون کي پناهه ڏني ۽ شاهه عباس اول (996-1038 هه) جنهن ايران ۾ ڌارين جا قبضا ڇڏائي يڪجهتي آڻي ملڪ متحد ڪيو. هند جي مغل حڪومت ۽ سندس درميان تعلقات ڪشيدا هئا، جن کي مير معصوم وڃي درست ڪيو. ماورا النهر ۾ 940 کان 1007هه تائين شيباني خاندان جا (9) خان تخت تي ويٺا، جن مان عبدالله خان ثاني (991-1006هه) اهم بادشاهه ٿيو، جنهن خراسان، افغانستان ۽ مغل سرحدن جي سياست تي وڏو ڪردار ادا ڪيو ۽ اڪبر خواه شاهه عباس جي درميان تعلقات تي اثرانداز رهيو. هندوستان ۾ اڪبر پنهنجي سلطنت جون حدون وڌايون، جن جي توسيع ۾ مير معصوم شريڪ رهيو. مثلاً: بنگال، گجرات، خانديش وغيره طرف مير معصوم سڀني جنگين ۾ شريڪ هيو. الغرض مير صاحب انهيءَ ستر ساله تاريخ جو هڪ مکيه ڪردار هو. جنهن کي تاريخ ڪنهن به صورت ۾ نظر انداز ڪري نٿي سگهي.(1)

-------


 

باب ٻاويهون

خانگي زندگي، سيرت ۽ ڪردار

مير معصوم جي هلت چلت، زندگيءَ جي روش ۽ سندس مشغولين مان يا جنهن طور طريقي سان هن پنهنجو وقت گذاريو. انهيءَ منجهان ظاهر آهي ته پاڻ نهايت اوچي اخلاق ۽ اعليٰ ڪردار جو انسان هو. همدردي، خوش خلقي، خوش وضعي، خدا ترسي، زهد، عبادت گذاري، پرهيزگاري، علم دوستي ۽ چڱن ماڻهن سان صحبت ۽ سنگت، سندس ڪردار جون خاص وصفون ۽ علامتون هيون. سڀني سوانح نگارن سندس انهن اوصافن جي واکاڻ ۽ سارهه ڪئي آهي. تقي ڪاشيءَ کيس ”انساني صورت ۾ ملائڪ“ سڏيو آهي.

معاصر ۽ مقامي مورخن جي راءِ: نظام الدين احمد، جيڪو سندس ابتدائي زندگيءَ جو ساٿي ۽ سرپرست هو، تنهن سندس پرهيزگار ۽ متقيءَ هجڻ جي تعريف ڪئي آهي ۽ چوي ٿو ته سالن تائين ساڻس سندس ساٿ سنگت رهيو(1). جهانگير بادشاهه پنهنجي نالي ۾ مطربي سمرقنديءَ کي تذڪرو ”تبرڪ طور“ پنهنجي تذڪري ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڏنو، تنهن ۾ به هن ساڳيءَ نظام الدين واريءَ عبارت جو اعادو ڪيو آهي(2). ملان عبدالقادر بدايوني، پنهنجي دور جو متعصب ۽ ٺڪر ملا، سخت گير ۽ تنگ دل مؤرخ آهي. اڪبر جي سموري دور تي ناراض ۽ گهڻو ڪري سڀني اميرن ۽ قابل ذڪر ماڻهن کان ناراض ۽ نالان آهي. مير معصوم جي سلامت طبعي ۽ پسنديده روش جو اهو وڏي ۾ وڏو ڪمال آهي، جو اهڙي تنڪ مزاج ۽ تنگ حوصلي شخص سان سندس مراسم دوستانه، نهايت خوشگوار ۽ استوار هئا. ملان صاحب سندس اخلاق، دوريش صفتيءَ، انساني فضيلت، ديانتداريءَ، سخاوت، شجاعت، تقويٰ ۽ پرهيزگاريءَ مان مطمئن، انهن اوصافن جو معترف ۽ انهن متعلق رطب اللسان آهي.(1) اهڙي مؤرخ جو سرٽيفڪيٽ مير معصوم جي انساني ڪمال جي انتها جو يقيناً دليل سمجهڻ گهرجي.

تقي ڪاشيءَ جو قول: انهن مقامي مصنفن کان سواءِ، جن مير معصوم کي ڏٺو، ساڻس محفل ۽ مجلس ڪئي، انهن ۾ چوٿون تذڪره نويس هڪ غير هندي يعني تقي ڪاشي آهي، جنهن ڪاشان ۾ ساڻس ملڻ بعد، سندس شخصيت کان متاثر ٿي، قلم کنيو، جيڪي هن لکيو آهي، انهيءَ مان جيڪڏهن لفظن جي سينگار ۽ عبارت جي ٺاٺ کي ڇڏي، حاصل مطلب کي وٺجي، ته مير صاحب جي شخصيت هن طرح سامهون اچي ٿي.

* مير معصوم بکر جي عظيم ۽ اشراف ساداتن مان هو.

* سڄي هندستان جي اڪابر فاضلن منجهان سندس شمار ٿيو ٿي.

* ايران ۽ توران اندر سندس جهڙو اخلاق ۾ اچو، طبيعت ۾ شاندار، مان ۽ سومان ۾ اعليٰ امير ملڻ ممڪن ڪونه هو.

* سندس خوش اخلاقيءَ، فضيلت، شفقت ۽ رحمدليءَ جي هاڪ عام خاص ۾ مشهور ۽ معروف هئي.

* صفائيءَ، پاڪيزگيءَ، تقويٰ، پرهيزگاريءَ، طاعت ۽ عبادت گذاريءَ جي ڪثرت ۾ جهڙس شايد ئي ڪو ٻيو هوندو.

* فرائض ۽ سنتن جي پابندي، نماز باجمات ادا ڪرڻ جي عادت ابتدا کان آخر تائين، جڏهن ته سندس عمر ڪاشان ۾ پهچڻ وقت 60 ورهيه هئي، قائم رهي. ڏينهن رات جا نفل ۽ تهجد ڪڏهن قضا ڪونه ٿيس.

* بکر جي جامع مسجد ۾ جيڪا پاڻ نهايت شان شوڪت سان ٺهرائي اٿائين پابنديءَ سان پنج وقتي نماز باجماعت ادا ڪوندو آهي، انهيءَ ڪري سندس سڀئي متعلقين ۽ احباب به لازمي طرح مسجد ۾ حاضر رهندا آهن.

* بهادريءَ، شهسواريءَ، ترڻ ۽ تير هڻڻ ۾ سندس ثاني شريڪ مشڪل ملندو.

* فهم، فراست،  عقل، سليقي ۽ معامله فهميءَ ۾ يگانهء روزگار هو.

* شعر و سخن يا ذوق جي لحاظ سان سڀني شاعرن جو اڳواڻ چئجي ته هوند بيجا نه ٿيندو، خراسان ۽ عراق تائين سندس فن ۽ ڪمال جا متعرف موجود آهن.

* پنج مثنويون چيون اٿائين، جن مان ”راي و صورت“ ليليٰ مجنون جي بحر ۾ ۽ ”حسن و ناز“ يوسف زليخا جي وزن تي آهي. انهن ٻنهي ۾ خيال جي لطافت ۽ معنيٰ آفرينيءَ جو ڪمال ڪري ڇڏيو اٿائين. هندستان جا سخن شناس ۽ خراسان جا نڪته سنج هن راءِ تي متفق آهن ته انهن ٻنهي ڪتابن جي اڪثر حصن ۾ پاڻ مولان جاميءَ کان گوءِ کڻي ويو.

ايران ۾ مير معصوم جيڪو سفر ڪيو، انهيءَ جي روئداد يا انهيءَ متعلق عام پيدا ٿيل احساسات، هن لکيا آهن، جن مان پڻ مير صاحب جي زمانه شناسي، شان شوڪت ۽ سندس غير معمولي ذهانت، معامله فهمي ۽ شخصيت جو اندازو ٿئي ٿو.

* ايران ۾ نهايت شان سان آيو، هزار سپاهي سوار ۽ پيادا سندس خدمت ۾ هئا.

* جنهن شهر ۾ پهتو ٿي، اتي جي سرڪاري اميرن ۾ ڪامورن، غير سارڪاري بزرگن ۽ اهم ماڻهن نهايت خوشدليءَ سان سندس استقبال ڪيو ٿي. پاڻ سفر جي صعوبت ۽ ڪفلت کي پاسي رکي، سڀني سان نهايت وقار، تمڪنت، تحمل ۽ از حد خوش اخلاقيءَ سان ملندو رهيو ٿي.

* دستور مطابق هر شهر جي معزز ماڻهن سندس خدمت ۾ سوغاتون، سوکڙيون ۽ دعوتون آنديون ٿي، ليڪن پاڻ ڪابه شيءِ قبول ڪانه ٿي ڪيائين جيتوڻيڪ انهيءَ سموري ڪٽڪ تي، جيڪو ساڻس گڏ هو. سندس زبردست خرچ ٿي رهيو هو، جيڪو هن شخصي طرح برداشت ڪيو ٿي.

* ٻين جا تحفا قبول ڪرڻ جي بجاءِ، هو الٽو هر ملاقاتيءَ کي انهيءَ جي حيثيت ۽ منصب کي لحاظ ۾ رکي، هڙان ڪانه ڪا سوغات ڏيئي ۽ هر هڪ تي مختلف قسم جا احسان ڪري، سڀ کي پنهنجو گرويدو  ڪندو ٿي رهيو. لٽو، پهراڻي، سوکڙي، نشاني، مطلب ته جيڪو وٽس آيو ٿي، سو خالي هٿين ڪونه ٿي وريو.


(1)  ذخيره 1: ص. 204.

(2)  ماثر 3: ص. 327.

(3)  انهن تذڪرن جون عبارتون هن ريت آهن:

گل رعنا: درسنه خمس عشر و الف از بارگاه جهانگير رخصت گرفته بعنوان امين الملکي بوطن خود بکر رفت و در همان سال آنجا وديعت حيات سپرد“ (خطي).

انيس العاشقين؛ وفات مير در سنه 1015 هه يک هزار و پانزده اتفاق افتاده... “(خطي)

نشتر عشق: آخر سني در سنهء يک هزار پانزده از درگاه جهانگيري رخصت حاصل کرده در وطن خود به بهکر آمدو بهمان سال در گذشت... “ (خطي)

نتائج الافکار:..... در سنه 1015هه خمس و عشر و الف از پيشگاه جهانگيري بتقرب امين الملکي دستوري يافته بوطن خود شنافت و در همان سال بسفر آخرت پر داخت...“ (مطبوعه)

شمع انجمن:... در سنه 1015 هه دربهکربمر....“ (مطبوعه، ص. 466.)

(4) مضمون، شمس الله قادري: رساله تاريخ جنوري 1929ع

(1)  ص. 679.

(2)  ڏسو مقدمو معصومي، (يز) ڊاڪٽر صاحب جو خيال آهي ته دال ساڪن هجڻ گهرجي تنهنڪري قبر تي اڪريل مصرعه غلط آهي؟

(3)  اورينٽل ڪاليج ميگزن، آگسٽ 1937ع،

(1)  نيئن زندگي . فيبروري 1954ع ص. 33.

(1)  (ڪراچي ، 15-7-1978ع)

(1)  طبقات .... جوانيست بصلاح و تقويٰ آراسته ... (2؛500.)

(2)  تذڪرت الشعرا، ص 15.

(1)  با اخلاق درويشانه متخلف و بفضائل و کمالات انساني متصف و به ديانت و امانت و شجاعت و سخاوت مشهور... بصلاح و تقويٰ و ورد و نماز و تلاوت مقيد است... “ (بدايوني 3؛364.)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org