سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: مير محمد

 معصوم بکري

باب-27/26

 

صفحو : 27


 

باب ڇويهون

مير صفائيءَ جا ٻه فرزند

مير معصوم کان علاوه سيد مير صفائيءَ کي ٻه فرزند هئا، جيڪي مير معصوم کان وڏا هئا. پهريون:

مير  ابو القاسم

هو، جيڪو سڀني ۾ وڏو هو. اڪبري دربان مان بقول ملان بدايونيءَ کيس احديءَ جي منصب تي سرفراز ڪيو ويو هو. ملان بدايونيءَ کيس ”اعظم اکابر بکهر” لکيو آهي(1). شعر و سخن سان به، معلوم ٿئي ٿو ته ، سندس شغف هو.

984هه ۾ مير عدل امروهي  بکر جو حاڪم هو. انهيءَ دؤر ۾ سيويءَ جو جهڳڙو پيدا ٿيو. اهو علاقو هونءَ به هميشه کان بکر جي سرڪار لاءِ مٿي جو سور هو. ماڻهو آزاد طبع هئا ۽ ڪنهن جي به ماتحت رهڻ يا محڪوم ٿي زندگي گذارڻ کان کين عار لڳندو هو، جنهنڪري رکي رکي، موقعو ۽ مهل ڏسي، هميشه بکر کان آزاد رهڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اڪبري دؤر ۾ به هنن ڪيترا دفعا آزاد ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ليڪن هن طرف مغل حڪومت جو رعب ۽ دٻدٻو هو. سندس لشڪر سنڌ ۾ موجود ٿي رهيو، تنهنڪري هر دفعي سيويءَ جي باشندن کي شڪست کائي محڪوم ٿيڻو ٿي پيو.

984 هه ۾ جڏهن هنن بغاوت ڪئي. ان وقت مير عدل(2) بکر جي مغل گورنر جيڪو  ازلي بدبخت ۽ سخت ظالم هو پنهنجا پٽ لشڪر سميت اوڏانهن روانا ڪيا، جن وڃي آزادي پسند قوتن کي زير ڪيو. انهيءَ کان پوءِ 1003هه ۾ وري بغاوت ٿي، جنهن ۾ مير معصوم ۽ سنڌ خواه ملتان جا گورنر، لشڪر وٺي ويا ۽ وڃي بغاوت کي ختم ڪيائون. مير سيد ابوالقاسم بکريءَ سيويءَ جي فتح جي تاريخ چئي:

- فتح سيوي شد باولاد نبي(1) – (984 هه)

مير ابوالقاسم پيءُ واري سال ۾ (991هه) فوت ٿيو، جڏهن مير معصوم گجرات ڏانهن هو. پيءُ جي چوڪنڊيءَ ۾ دفن ٿيو. مير معصوم تاريخ چئي، جيڪا قبر جي پيرانديءَ کان اڪريل آهي:

چو شد مير ابوالقاسم نيک راي
سوي دار عقبيٰ ز دار فنا
چونامي طلب کرد تاريخ او
خرد گفت: رفتا بدار بقا

 

مير صفائيءَ جو ٻيو پٽ هو:

مير محمد فاضل

جيڪو مير معصوم کان وڏو ۽ ابوالقاسم کان ننڍو هو. هيءَ سيد پنهنجي دؤر جو تمام وڏو ۽ مشهور شاعر هو، سندس وڌ فضيلت ۽ ذهانت هيءَ هئي ته باوجود هن جي، جو هو نؤ واردن جي ٻيءَ پيڙهيءَ جو فرد هو ۽ جڏهن ته اڃا سندس گهر ۽ ڪچهريءَ جي زبان فارسي هئي، پاڻ سنڌيءَ ۾ ڪافيون چوندو رهيو، جيڪي فصيح ۽ خاص و عام ۾ مقبول هيون(2).

اهو بزرگ ڪڏهن فوت ٿيو، سندس زندگيءَ جا ٻيا ڪهڙا واقعا آهن، تن جي ڪابه سڌ ڪانه آهي، بهرحال ذخيرت الخوانين جي تصنيف کان اڳ انتقال ڪري ويو هو. سندس قبر به چوڪنڊيءَ ۾ انهن منجهان هڪ هجڻ گهرجي جيڪي چوني سان ۽ بنان ڪتبي جي آهن.

انهيءَ سيد کي فقط هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو، جنهن جو نڪاح سندس ڀائٽئي يعني ابو القاسم جي فرزند مير محمد شجاع سان ٿيو.

مير معصوم، جنهن صورت ۾ پنهنجي امارت ۽ عهدن سبب پنهنجي دؤر جو وڏو ماڻهو هو، تنهنڪري سندس اولاد جو ذڪر ڪجهه نه ڪجهه ڪتابن ۾ اچي ويو ۽ اڄ به سمورا معصومي سادات پاڻ کي سندس ئي اولاد مان سڏائين ٿا. مير معصوم جي باقي ٻن ڀائرن يا ڪم از ڪم مير ابو القاسم کي  محمد شجاع مان ڪهڙو اولاد ٿيو، اڳتي هلي وڌيو يا ختم ٿي ويو، ان جو ڪوبه ڏس پتو ڪونه ٿو ملي.

معصومي ساداتن وٽ جيڪي شجرا آهن، انهن سڀني جو سرو به مير بزرگ سان ملي ٿو. اهڙيءَ حالت ۾ مير محمد شجاع جي نسل متعلق ڪجهه چوڻ مشڪل آهي. ٿي سگهي ٿو ته نسل مرڳو وڌيو ئي ڪونه ؟ يا مير معصوم جي اهميت کي محسوس ڪندي، انهيءَ ٿريءَ به پاڻ کي مير بزرگ جي نسل ۾ پيوست ڪري ڇڏيو. بهر حال مير صفائيءَ جي ٻن فرزندن جو اولاد ظاهر ڪونه ٿيو.

-----

 

باب ستاويهون

معصومي خاندان جا چند قابل ذڪر فرد

معصومي خاندان پراڻي سکر ۾ رهي ٿو، جتي سندن ابن ڏاڏن جا وٿاڻ هئا. اهي ئي هنڌ، اهي ئي ماڳ ۽ مڪان اڃا وسايو پيا اچن. سڀئي سادات پنهنجي سرنديءَ وارا، زميندار ۽ اثر رسوخ جا صاحب آهن. منجهانئن گهڻو ڪري انگريزي پڙهيل ۽ ڪيترا صاحب سرڪاري ملازمتن ۾ رهيا آهن. انگريز جي دؤر ۾ پڻ سرڪاري عهدن تي هئا.

هن وقت سڀئي سادات شيعي عقيدو رکن ٿا. مير صفائي ۽ مير معصوم يا مير بزرگ تائين منجهن اهو عقيدو ڪونه هو. خبر نه آهي ته پوءِ ڪهڙي زماني ۾ ۽ ڪهڙي اثر هيٺ انهيءَ عقيدي کي اختيار ڪيو ويو. خانداني فضيلت ۽ شرافت نسبيءَ جي روايتن کي اڃا سوڌو قائم رکيو اچن ٿا.

هن هيٺ چند انهن شخصيتن جو ذڪر ڪجي ٿو، جن کي راقم الحروف (1931ع کان 1962ع تائين) ڏٺو ۽ انهيءَ دؤر سان متعلق آهن:

سردار سيد ثابت علي شاهه بن علي مردان بن مير عباس علي بن مير حسن علي بن مير شهباز علي بن مير بزرگ ثاني. هن سفيد ريش بزرگ کي سڀني معصوم ساداتن 25 – ڊسمبر 1931ع جو، هڪ جلسو ڪري، پنهنجيءَ سرداريءَ جي پڳ ٻڌرائي، جنهن ۾ اسان ٻيئي ڀائر به شريڪ هئاسين، ۽ در حقبقت اهوئي جلسو سبب بڻيو اسان جي ربط جو ، جنهن کان متاثر ٿي، منهنجي برادر بزرگوار ”حيات معصوم“ (جنوري 1932ع) لکيو، انهيءَ ننڍڙي رسالي جو 46 سالن بعد هن ورقن جي صورت ۾ نتيجو نڪري رهيو آهي.

سردار ثابت علي شاه نهايت شريف، خانداني وضعداريءَ جو مجسم، ۽ لحاظي مڙس هو. انهيءَ زماني ۾ تقريباً 70 سالن جو هو. کيس هڪ فرزند سيد رسول بخش شاهه هو. هي ٻيئي پيءُ پٽ اسان سان، اسان جي سکر ۾ رهڻ تائين قرب جو ناتو رکندا آيا.

سيد نور علي شاهه: قد آور شخص، نهايت چست ۽ هڏڪاٺ وارو برجستو بزرگ هو. خضاب ڪندو هو، مشهدي لنگي مٿي تي ٻڌندو هو. شڪارپور ڊويزن جي ٻيلي کاتي ۾ هيڊ ڪلارڪ هو. اسان جو دوست هو. هن ئي بزرگ مٿي ذڪر ڪيل جلسي جو اهتمام ڪيو هو ۽ پاڻ آڌرڀائي تقرير  (خطبه استقباليه) پڙهي هئائين. 1953ع (1373هه ۾ هن جهان مان لاڏاڻو ڪيائين. سندس نسب چوٿينءَ پيڙهيءَ ۾ مير بزرگ ثانيءَ سان لڳي ٿو نور علي شاهه، مير حسين علي شاهه، همت علي شاهه، مير حسن علي شاهه، مير شهباز علي شاهه ، مير بزرگ ثاني.

نور علي شاهه مرحوم کي ٽي ڀائر هئا؛ ارباب علي شاهه چيف آفيسر، باقر علي شاهه ۽ الهورايو شاهه. پاڻ ٽي پٽ ڇڏيائين ارباب علي شاهه، وارث علي شاهه ۽ عنايت علي شاهه.

حاجي سيد نائب علي شاهه: هيءُ سيد سنڌي اسڪول ۾ ماستر هو. آخري معتبو راقم کيس 9 – جنوري 1962ع جو ڏٺو، نيڪ ۽ مرنجان مرنج سيد هو. سندس سلسلو هيءُ آهي؛ نائب علي شاهه، اختر علي شاهه، مظفر علي شاهه، همت علي شاهه، مير حسن علي شاهه، مير شهباز علي شاهه، مير محمد بزرگ ثاني.

سيد منور علي شاهه: مير بزرگ پهرئين کان پوءِ خاندان ۾ هيءَ ٻيو سيد ٿيو، جنهن شاهه خرچيءَ ۽ عيش و عشرت ۾ مال مڏي سڀ خرچ ڪري، پنهنجي ڏاڏي جي روايتن کي تازو ڪري ڇڏيو. نهايت سهڻو، قد جو پورو، بت ۾ ڇڙڪ، ڏاڙهي صاف ۽ مڇون سنهيون، رنگ ڪڻڪائو ڀوراڻ ڏانهن مائل سکر ۾ سندس جوانيءَ جي هاڪ هئي. راڳ جو ماهر ۽ ڄاڻو هو. ڪنهن سان ڪونه اچايائين، هميشه پنهنجي رنگ ۾ مست رهيو.

خاندان جي وڏي گهراڻي مان هو، تنهنڪري وٽس دستاويز، سڪا ، مهرون ۽ خانداني ڪتاب تمام گهڻا هئا، جيڪي لاپرواهيءَ سبب تباهه ۽ درياهه برد ٿي ويا.

اسان جڏهن هن حسين ۽ دل جي صاف سيد کي ڏسندا هئاسين، ان وقت سندس اجهامندڙ جوانيءَ تي ارمان ٿيندو هو. مال مڏيءَ سان گڏ پنهنجي صحت به داءَ تي هڻي رهيو هو، جنهن جو اونو هو، ۽ آخر خدا نه ڀلائي ته دق ۽ سلهه ۾ هي جهان ڇڏي ويو.

مير بزرگ ثانيءَ سان سندس سلسلو قريب ترين هو: مير منور علي شاهه، غلام شاهه، مير عباس علي شاهه، حسن علي شاهه، مير شهباز علي شاهه، مير بزرگ ثاني.

سيد قوت علي شاهه: هن دؤر ۾ خاندان جو غالباً هيءُ ئي تنها سيد آهي، جنهن زماني جي لحاظ سان سياست ۽ شهر جي مسئلن ۾ دلچسپي وٺي، ترقي ڪئي ۽ اقبالمنديءَ تي پهتو. قد پورو پنو، انگ اکر سهڻا، دل جو ڪشادو، مهمان نواز، هٿ ۽ دل ٻئي کليل. سيد صفائيءَ جو مسجد سان لڳ سندس جاءِ آهي. سکر ميونسپالٽي جو ڊسمبر 1952ع کان نومبر 1958ع تائين صدر رهيو. 1943ع کان 1957ع تائين ضلعي لوڪلبورڊ جو ميمبر هو. 1913ع ۾ ڄائو. کيس ٽي ٻيا به ڀائر آهن محمد علي شاهه ، سيد علي شاهه ۽ امداد شاهه، جن مان محمد علي شاهه سڀني ۾ وڏو ۽ 1908ع ۾ ڄائو. سموري زندگي روضه خوانيءَ ۾ صرف ڪيائين. محرم ۾ سڄي هندوستان اندر کيس گهرايو ويندو هو. چند سال ٿيا، جو فوت ٿيو آهي.

قوت علي شاهه جو نسب هن ريت آهي: قوت علي شاهه، حاڪم علي شاهه ، محمد علي شاهه، حسن علي شاهه، شهباز علي شاهه، مير بزرگ ثاني.

مير قربان علي شاهه: هيءُ سيد به پڙهيل ۽ پنهنجي سرنديءَ وارو آهي. پراڻي سکر ۾ معصومي محلي اندر جاءِ اٿس. زمينداريءَ تي گذر بسر ڪري ٿو.

سادات ۽ تعليم: موجوده معصومي سادات تعليم حاصل ڪرڻ ۽ زماني سان هلڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. ڪيترا فرد منجهانئن گريجوئيٽ آهن. مثلاً:

 (1) ارباب علي شاهه بي . اي، چيف آفيسر.

(2) وارث علي شاهه   بي.اي، ايڪسائيز کاتو.

(3)  اختر علي شاهه  بي. اي

(4) پناهه علي شاهه   بي. اي، بي. ٽي، تعليم کاتو.

(5) حسن علي شاهه   بي. اي، فاريسٽ کاتو.

(6) اقبال حسين شاهه بي.اي

        اها صورت حال 1962ع تائين جي آهي، جنهن بعد يقيناً هنن تعليم ۽ زماني جي ٻين مسئلن ۾ ترقي ڪئي هوندي.(1)

-----


(1)  بدايونيءَ ، 2؛ 245.

(2)  مير عدل 11 – رمضان 983 هه جو بکر پهتو، 8 شعبان 986 هه جو اتي فوت ٿيو، سندس پٽ  ابوالفضل کانئس پوءِ انچارج ٿيو، جنهن کان 9 – ذوالحج 985 هه جو اعتماد خان چارج ورتي سيد ابوالقاسم ، سيد ابو الحسن ۽ سيد ابوالمعالي سندس  ٻيا به پٽ هئا.

(1)  بدايوني 2؛ 245.

(2)  .... دوم مير محمد فاضل که..... شعر بزبان سندي از قسم کافي بکمال فصاحت ميگفت و قبوليت داشته (2؛201.) ”20 – آگسٽ 1978ع، ڪراچي.“

(1)  12- سيپٽمبر 1978ع.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org