سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مقالات خانائي

باب-

صفحو : 10

 

مخدوم عبدالله نرئي وارو

ڪلهوڙن جي صاحبيءَ جو زمانو ئي هو، جنهن ۾ سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ شاعرن، سنڌي زبان کي حياتِ جاويد جو جامو پهرايو. ڪلهوڙن جو دؤر، جيتوڻيڪ سياسي لحاظ کان ڪشمڪش ۽ خلفشار جو دؤر هو، پر ان هوندي به ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي زماني ۾، سنڌ ڪجهه وقت جي لاءِ سـُـکَ جو ساهه کنيو. البت، سندس اکين پورڻ کان پوءِ، سنڌ کي ڪجهه ڏينهن لاءِ ڏُکيا ڏينهن ڏسڻا پيا. انهن حالتن جي باوجود، ان دؤر ۾ سنڌ جي سرزمين وڏا بلند مرتبي  وارا عالم، اديب ۽ شاعر پيدا ڪيا، جن جي علميت جي ساک هنڌين ماڳين ڦهلجي وئي. سنڌ ۾ سري کان وٺي لاڙ تائين، وِک وِک تي وڏن جيد عالمن، صوفين ۽ شاعرن جون مجلسون، محفلون ۽ خانقاهون موجود هيون. خاص طرح، لاڙ جو ڀاڱو، سنڌ جي ٻين علائقن وانگر، قديم زماني کان وٺي، اسلامي تعليم ۽ تبليغ، تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز پئي رهيو آهي. لاڙ جي سدوري ۽ ڀاڳن ڀريءَ سرزمين ڪيترائي وڏا عالم، اديب ۽ شاعر پيدا ڪيا آهن، جن مان ڪيترن جو احوالُ اڃا تائين گمناميءَ جي ڪــُـنَ ۾ غرق آهي.

هن خطي جي اهڙن عالمن مان مخدوم عبدالله نرئي وارو پڻ پنهنجي وقت جو هڪ وڏي بلند مرتبي وارو عالم، محدث، فقيه ۽ مفسر ٿي گذريو آهي. مخدوم عبدالله جي حياتيءَ جي باري ۾ اڃا تائين ڪوبه مفصل احوال ميسر ٿي نه سگهيو آهي. مخدوم صاحب جي سوانح حيات جي باري ۾ هن وقت تائين جيڪي به احوال ملن ٿا، اهي اڪثر ڪري اڻپورا ۽ نامڪمل آهن. خاص ڪري سندس حياتيءَ جا ڪيترائي پهلو اڃا به تحقيق طلب آهن.

ڪلهوڙن جي دؤر ۾ ٺٽي جو شهر، علم ۽ عرفان جو هڪ وڏو مرڪز هو. ان زماني ۾، هن شهر کي بغداد ثاني ڪري سڏيو ويندو هو. انهيءَ ڪري وڏا عالم، اهلِ فضل ۽ ڪمال وارا بزرگ دل جمعيءَ سان هن شهر ۾ ديني خواه دنيوي علمن جي اشاعت ۾ مشغول هئا. انهن عالمن، اسلامي تبليغ ۽ اشاعت جي سلسلي ۾، ان دؤر جي مروج سنڌيءَ ۾ تصنيف ۽ تاليف جو تمام گهڻو سرمايو ڇڏيو آهي. مخدوم عبدالله نرئي واري پڻ پنهنجي پيش رو عالمن وانگر سنڌي زبان ۾ تصنيف ۽ تاليف جو تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي.

انهيءَ ساڳئي زماني ۾، مخدوم عبدالله عرف ميان موريو (المتوفي: 1167هه/ 1754ع) نالي هڪ وڏي بلند مرتبي وارو عالم پڻ ٺٽي شهر ۾ ٿي گذريو آهي. مخدوم عبدالله عرف ميان موريي جي بزرگيءَ ۽ مشهوريءَ سبب، مخدوم عبدالله نرئي واري جي تصنيفن ۽ تاليفن کي اڪثر ڏانهس منسوب ڪيو ويو آهي.(1) حالانڪه مخدوم ميان موريي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪوبه تصنيف ۽ تاليف جو ڪم نه ڪيو آهي. تواريخي لحاظ کان اسان جڏهن مخدوم عبدالله عرف ميان موريي ۽ مخدوم عبدالله نرئي واري جي زماني جو جائزو وٺون ٿا، ته ان ۾ به وقت جي ڪافي وڇوٽي نظر اچي ٿي. ميان موريو صرف ديني ۽ تبليغي سلسلي ۾، مسجدن ۽ خانقاهن ۾ نصيحت ڀريا وعظ ڪندو هو. انهيءَ وعظ جي نسبت سان پاڻ ميان عبدالله واعظ جي نالي سان مشهور ٿيو.(1)

مخدوم عبدالله نرئي واري جي حياتيءَ جي باري ۾، سڀ کان پهريائين مشهور انگريز مصنف، رچرڊ برٽن پنهنجي مشهور ڪتاب سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون ۾ نشاندهي ڪئي آهي. رچرڊ برٽن، ٽالپرن جي صاحبيءَ کان اڳ واري زماني جي سنڌي علم ۽ ادب تي روشني وجهندي لکي ٿو:

سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جون ٽي اهم شخصيتون ٿي گذريون آهن: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبدالله ۽ سيد عبدالطيف ڀٽائي.(2)

ساڳيو مصنف، اڳتي هلي لکي ٿو:

مخدوم عبدالله ڪيترائي ڪتاب سنڌيءَ ۾ لکيا آهن. عربي ۽ فارسيءَ ۾ ڪوبه ڪتاب نه لکيو اٿس. ٽيهارو ورهيه ٿيندا، ته وفات ڪري ويو آهي.(3)

رچرڊ برٽن پنهنجو اهو مذڪور ڪتاب سن 1268هه/ 1851ع ڌاري لکيو هو. انهيءَ لحاظ کان اهو مٿيون احوال مخدوم عبدالله نرئي واري جو آهي ۽ نه مخدوم عبدالله واعظ جو. ان تي اسان اڳتي هلي، وڌيڪ روشني وجهنداسون.

خانبهادر محمد صديق ميمڻ پهريون سنڌي عالم آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ مخدوم عبدالله نرئي واري ۽ مخدوم عبدالله واعظ جو منجهائيندڙ نموني ۾ احوال بيان ڪيو آهي. ساڳئي وقت، مخدوم عبدالله نرئي واري جي سڀني تصنيفن کي پڻ مخدوم عبدالله واعظ ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي. محمد صديق ميمڻ کان پوءِ، سنڌ جي ٻين عالمن به اڪثر ڪري سندس ئي تقليد ڪئي آهي. ميان عبدالله واعظ جي باري ۾ محمد صديق ميمڻ لکي ٿو:

مخدوم عبدالله، جنهن کي ميان موريو به سڏيندا آهن، سو ميان عبدالقادر جو فرزند هو. ميان عبدالقادر، سنڌ جي مشهور عالم، مخدوم ابوالحسن جو ڀاڻيجو هو.(4)

خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي انهيءَ مٿئين عبارت کي جڏهن غور سان پڙهجي ٿو، ته اهو معلوم ٿئي ٿو ته هن اها عبارت هوبهو تحفته الڪرام تان ورتي آهي.(5) محمد صديق ميمڻ اڳتي هلي، مخدوم عبدالله نرئي واري جي لکيل اڪثر ڪتابن کي مخدوم عبدالله واعظ جي تصنيفات ڪري ڄاڻايو آهي. ازان سواءِ، محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتابسنڌ جي ادبي تاريخ ۾ مخدوم عبدالله جي عنوان تحت، مخدوم عبدالله واعظ جي ولادت جو سن 1105هه مطابق 1736ع ڄاڻايو آهي. (6)  انهيءَ سلسلي ۾، جڏهن تقويم تاريخي جو غور سان مطالعو ڪجي ٿو ته اهو معلوم ٿئي ٿو ته سن 1105هه دوران ميمڻ صاحب وارو بيان ڪيل عيسوي سن 1736ع نه هو، پر ان عرصي دوران سن 94 - 1693ع هو. (7) ان کان علاوه، مخدوم عبدالله واعظ جي ولادت جو جيڪو سن بيان ڪيو ويو آهي، ان متعلق پڻ هن ڪوبه مستند حوالو نه ڏنو آهي.

انهيءَ مٿئين احوال مان اها ڳالهه چٽيءَ طرح سان واضح ٿئي ٿي، ته خانبهادر محمد صديق ميمڻ نالن جي هڪ جهڙائيءَ سبب غلطيءَ جو شڪار ٿيو آهي.

سنڌ جي مشهور تذڪره نگار، مير علي شير قانع ٺٽويءَ پڻ تحفته الڪرام ۾ مخدوم عبدالله واعظ جو تذڪرو بيان ڪيو آهي. ليڪن، سندس ڪنهن به تصنيف ۽ تاليف ڏانهن ڪوبه اشارو نه ڏنو آهي. مير قانع ٺٽويءَ پنهنجي ڪتابتحفته الڪرام جي تصنيف جو ڪم
سن 1181هه/ 1767ع ۾ مڪمل ڪيو. مير
قانع ٺٽوي جڏهن تحفته الڪرام لکي رهيو هو، ته ان وقت مخدوم عبدالله نرئي وارو 31 ورهين جي ڀرپور جوانيءَ واري عمر ۾ هو، ۽ هو ان وقت پنهنجي تصنيف ۽ تاليف واري ڪم ۾ رُڌل هو. اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو ته مير قانع ٺٽويءَ کي ان وقت مخدوم عبدالله نرئي واري جي باري ۾ ضرور ڄاڻ هوندي، ڇاڪاڻ ته نرئي واري بزرگ پنهنجو مشهور ڪتاب ڪنزالعبرت سن 1175هه/1762ع ۾ لکي مڪمل ڪيو هو. انهيءَ مذڪور سن ۽ تحفته الڪرام جي تڪميل ٿيڻ واري سن ۾ ايڏو ڪو وڏو عرصو نه آهي. حيرت آهي ته مير علي شيرقانع ٺٽويءَ سنڌي زبان جي هن مشهور عالم، محدث، فقيه ۽ مفسر کي پنهنجي ڪتاب تحفته الڪرام ۾ الائجي ڇو نظر انداز ڪيو آهي! ازان سواءِ، مير قانع ٺٽويءَ تحفته الڪرام ۾ مخدوم عبدالله واعظ جو احوالُ هن ريت بيان ڪيو آهي:

ميان عبدالقادر، مخدوم ابوالحسن جو سؤٽ ۽ متبرڪ ماڻهو هو. هي ٻئي بزرگ پاڻ ۾ هم زلف هئا، هن ٻه پــُـٽ محمد حفيظ ۽ عبدالله يادگار ڇڏيا آهن. ميان عبدالله واعظ عرف ميان موريو به هڪ باصفا عالم، بزرگيءَ ۽ برڪت ۾ مــُـلڪين مشهور هو. پنهنجو برڪت ڀريو وقت هميشه واعظ ۽ نصيحت ۾ گذاريندو هو.(8)

 مير علي شير قانع ٺٽويءَ پنهنجي ٻئي ڪتاب مقالات الشعراء“ ۾ مخدوم عبدالله وعظ جي وفات جو سن 1167هه/ 1754ع ڄاڻايو آهي. (9) هوڏانهن مخدوم عبدالله نرئي واري پنهنجو ڪتابڪنزالعبرت 1175هه/ 1762ع ۾ لکي پورو ڪيو. انهيءَ صورت ۾ اهو ممڪن ٿي نه ٿو سگهي ته هڪ عالم پنهنجي فوت ٿيڻ کان اَٺَ سال پوءِ ڪو ڪتاب لکيو هوندو! بهرحال، انهيءَ مٿئين بحث مان اها ڳالهه صاف طرح سان ظاهر ٿئي ٿي ته مخدوم عبدالله واعظ ۽ مخدوم عبدالله نرئي وارو ٻه الڳ الڳ شخصيتون آهن.

ان کان پوءِ، سنڌ جي وڏي بلند پايي جي عالم، اديب ۽ محقق، محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ڪتابمداحون ۽ مناجاتون ۾ مخدوم عبدالله نرئي واري جو احوال پڻ انهيءَ ساڳئي نموني ۾ ڏنو آهي، (10) جيئن خانبهادر محمد صديق ميمڻ سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ بيان ڪيو .
آهي.
(1) ڊاڪٽر بلوچ صاحب پنهنجي طرفان ان ۾ ڪوبه وڌيڪ اضافو نه ڪيو آهي. البت، پاڻ مخدوم عبدالله نرئي واري کي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو همعصر ڪري ڄاڻايو اٿائين. دراصل، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، مخدوم عبدالله جو اُستاد ٿيندو هو. سن 1174هه/1761ع ۾ جڏهن مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ وفات ڪئي، ته ان وقت مخدوم عبدالله نرئي وارو اٽڪل 24 - 25 ورهين جي عمر جي لڳ ڀڳ هو ۽ ڪنزالعبرت جي تصنيف ۾ مشغول هو.انهيءَ لحاظ کان مخدوم عبدالله نرئي واري کي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي ننڍن معاصرن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.

دراصل، مخدوم عبدالله نرئي واري جي زندگيءَ جي باري ۾ صحيح  ۽ مستند احوالُ، منهنجي پياري ۽ مــُـربي اُستاد، علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ ڪنزالعبرت جي مهاڳ ۾ ڏنو آهي. اسان جي خيال موجب ته علامه قاسمي صاحب، مخدوم عبدالله نرئي واري جو پهريون سوانح نگار آهي، جنهن سندس متعلق صحيح ۽ مستند احوالُ ڪٺو ڪري، ان تي روشني وڌي آهي. اسان علامه قاسمي صاحب جي انهيءَ بيان ڪيل احوال جي بنياد تي مخدوم عبدالله نرئي واري جي زندگيءَ جو احوالُ ۽ سندس علمي ڪارنامن کي مرتب ڪريون ٿا.

 مخدوم عبدالله نرئي واري جي والد جو نالو ميان محمد هو. ڪـَـڇَ پرڳڻي جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ نرئي جو ويٺل هو. پاڻ سن 1150هه/ 1737ع ۾ ڄائو. (11) (2) علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب ان لاءِ محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مرتب ڪيل ڪتابمداحون ۽ مناجاتون جو حوالو ڏنو آهي. (21) ڊاڪٽر بلوچ صاحب ان ڪتاب ۾ جيڪا مناجات نبي صلي الله عليه وسلم“ ڏني آهي، ان کي پڻ مخدوم عبدالله واعظ ڏانهن منسوب ڪيو ويو آهي. اسان مٿي ان باري ۾ ڪافي بحث ڪري آيا آهيون.

مخدوم صاحب، نرئي ڳوٺ جي نسبت سان مخدوم عبدالله نرئي وارو يا نليوي سڏيو وڃي ٿو. علامه قاسمي صاحب جو قول آهي ته مخدوم عبدالله جي فرزند، مخدوم ميان عبدالرحمان پنهنجي ڪتابمنتخب الفوائد جي آخر ۾ پنهنجي والد، مخدوم عبدالله کي نليوي ڪري لکيو آهي.

مخدوم عبدالله نرئي واري جي باري ۾ رچرڊ برٽن لکي ٿو:

مخدوم محمد هاشم (ٺٽويءَ) کان پوءِ ٻيو سنڌيءَ جو مشهور نثر نگار، مخدوم عبدالله ناڙيءَ وارو هو. هو ڀــُـڄ جي ڀرسان ناڙيءَ(ڪڇ) ۾ تولد ٿيو هو ۽ مينڌرن جي سنڌي قوم مان هو. هو اٽڪل ٽيهه سال ٿيا ته سٿريءَ ۾ گذاري ويو. ڪڇ جو هندو راءِ سندس مريد هو ۽ کيس ساليانو وظيفو ڏيندو هو.(13)

رچرڊ برٽن جي انهيءَ مٿئين بيان مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم عبدالله ڪڇ ڀـُـڄ ۾ ناڙيءَ جو ويٺل هو. ناڙيءَ مان سندس مراد نرئي آهي. پاڻ ذات جو مينڌرو/مندرو هو. مخدوم عبدالله کي رچرڊ برٽن سنڌي زبان جو نثر نگار ڪري ڄاڻايو آهي. حالانڪ مخدوم صاحب جي ڪتابن ۾ استعمال  ڪيل مواد نثر ۾ نه، بلڪ ان دؤر جي مروج ڊگهن نظمن – الف اشباع واري سٽاءَ ۾ ڪتب آندل آهي. انهيءَ نموني جي سنڌي شعر اڳتي هلي، سنڌي نثر وارو روپ اختيار ڪيو.

علامه غلام مصطفيٰ قاسميڪنزالعبرت جي مهاڳ ۾، هڪ هنڌ ڄاڻائي ٿو ته کيس شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي ڪتبخاني ۾ ٻارهين صدي هجريءَ جي عالمن جي فقهي تحريرن جو هڪ مجموعو نظر آيو، جنهن ۾ ڪن تحريرن تي مخدوم عبدالله جي تقريظ آيل آهي ۽ ان ۾ سندس نالي پوئتان نرائي لکيو ويو آهي.(14)

انهيءَ ڏس ۾، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب لکي ٿو ته مخدوم عبدالله پنهنجي هڪ مراسلي جي آخر ۾ پنهنجو نالو هن طرح سان لکيو آهي: مشتاق الخدمته محب العلماء فقير عبدالله ساکن بلده نليه في بلاد الکج.(15) انهيءَ مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته مخدوم عبدالله نرئي/ نريي جو ويٺل هو، جنهن کي فارسيءَ ۾ نليه“ ڪري لکيو ويو آهي. ان مان اسان جي هيڪاري تائيد ٿئي ٿي، ته مخدوم صاحب انهيءَ نسبت سان نرئي/ نريي وارو يا نليوي سڏجڻ ۾ اچي ٿو.

علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو قول آهي ته مخدوم عبدالله اصل ۾ بدين تعلقي جي ماندر ڳوٺ جو ويٺل هو ۽ ذات جو مندرو هو. (16) پروفيسر ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب پنهنجي ڪتابسنڌيون ۾ مخدوم عبدالله جي حياتيءَ جو جيڪو احوال ڏنو آهي، ان جي بيان جو سارو دارومدار علامه قاسمي صاحب جي تحقيق تي ٻڌل آهي. البت، ڊاڪٽر جوڻيجو صاحب ماندر جي باري ۾ اختلاف ڏيکاريندي لکي ٿو ته ان نالي سان ڪوبه ڳوٺ بدين تعلقي ۾ موجود نه آهي. باقي اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو ته نرئي جو ڳوٺُ ماندر جي علائقي ۾ هجي، جنهن ڏانهن علامه قاسمي صاحب اهڙو اشارو ڏنو آهي. (17) جيئن ته محترم عبدالجبار جوڻيجو صاحب پاڻ خود هن علائقي جو باشندو آهي، ان ڪري سندس راءِ وڌيڪ صحيح هوندي!

مخدوم عبدالله ابتدائي خواه ديني تعليم پرائڻ جي خيال سان ان وقت سنڌ جي علمي مرڪز ٺٽي ۾ اچي رهيو، جتي مخدوم صاحب ٺٽي جي وڏن عالمن کان تعليم حاصل ڪئي ۽ قرآن پاڪ پڻ حفظ ڪيو. مخدوم عبدالله جي تعليم حاصل ڪرڻ جي سلسلي ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب لکي ٿو ته ، هن ٺٽي ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ وٽ ديني تعليم حاصل ڪئي. (18)

انهيءَ سلسلي ۾ فقير امداد علي سرائي لکي ٿو:

مولوي عبدالله منڌرو، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو لاڏلو ۽ سڀ کان هوشيار مڻيادار شاگرد ۽ ولي ڪامل هو. فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ، پنهنجي اُستاد جي حڪم پٽاندر پنهنجي ڳوٺ نرئي ۾ اچي درس ۽ تدريس، ديني تبليغ ۽ اشاعت جو سلسلو جاري رکيائين. (19)

ڊاڪٽر عبدالرسول قادري صاحب پنهنجي ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽوي: سوانح حيات ۽ علمي خدمتون ۾ مخدوم عبدالله نرئي واري کي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو شاگرد ڪري ڄاڻايو آهي. (20) قادري صاحب، مخدوم عبدالله جي صرف حياتيءَ جو احوالُ روايتي انداز ۾ ڏنو آهي ۽ اهو ثابت ڪونه ڪيو اٿس ته مخدوم عبدالله، مخدوم ٺٽويءَ وٽ ڪڏهن ۽ ڪهڙي وقت شاگرد ٿي رهيو!

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ سن 1174هه/ 1761ع ۾ هن فاني جهان مان رحلت ڪئي. ان وقت، مخدوم عبدالله نرئي وارو (ولادت: 1150هه/ 1737ع) هڪ اندازي موجب 24 ورهين جي ڄمار جو هو. اسان جو گمان آهي ته مخدوم عبدالله، مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي پيرسنيءَ جي ايام ۾ سندس صحبتي ۽ مجلسي ٿي رهيو هوندو ۽ مخدوم صاحب جي درس واري حلقي ۾ به شامل ٿيندو هوندو!

محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو قول آهي ته مخدوم ضياء الدين ٺٽوي(المتوفي:1171هه/ 1758ع) ۽ سندس فرزند مخدوم محمد صادق ٺٽوي پڻ مخدوم عبدالله نرئي واري جا اُستاد هئا.(21)

بهرحال، مخدوم عبدالله نرئي واري سنڌ جي وڏن جيد ۽ نامور عالمن کان تفسير، حديث ۽ فقه جي علمن ۾ درس حاصل ڪيو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هڪ وڏي عرصي تائين ٺٽي ۾ رهي، انهن مذڪور علمن ۾ وڏي مهارت حاصل ڪئي ۽ فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ، سندس شمار ان زماني جي وڏن مستند عالمن ۾ ٿيڻ لڳو. تعليم جي مشغلي کان فراغت حاصل ڪرڻ کان پوءِ، پاڻ پنهنجي ڳوٺ نرئي ۾ اچي ديني علمن جو مدرسو کوليائين، جتي درس ۽ تدريس سان گڏ دين جي تبليغ ۽ اشاعت جو سلسلو جاري ڪيائين. ان دؤر ۾، مخدوم عبدالله نرئي واري جي انهيءَ مدرسي جي وڏي شهرت هئي. هند خواه سنڌ جا ڪيترائي عالم سندس مسندِ درس تان مستفيض ٿيا.

مخدوم عبدالله، نرئي ۾ اچي رهڻ کان پوءِ، هتان جي عوام ۾ دين جي تبليغ لاءِ تمام گهڻي ڪوشش ورتي. ماڻهن کي بدعتي ۽ غلط رسمن کان روڪڻ لاءِ سخت جدوجهد  ڪيائين. اهو ئي ڪارڻ هو، جو اتان جا ماڻهو سندس خلاف ٿي پيا. انهيءَ اڻبڻت ڪري، پاڻنرئي مان لڏي، ڪڇ جي هڪ ٻئي ڳوٺســُـٿري(1) (تعلقي ابڙاسي) ۾ وڃي رهيو، جتي پاڻ پنهنجي حياتيءَ جي آخرين گهڙين تائين اتي رهيو. مخدوم عبدالله نرئي واري جي علمي مقام بابت محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ رقم طراز آهي:

مخدوم عبدالله پنهنجي دؤر جو هڪ وڏي پايي جو عالم هو ۽ ٺٽي جي عالمن وٽ سندس وڏي عزت هئي. مولانا محمد صادق ٺٽويءَ هڪ خط ۾ مخدوم عبدالله کي جامع اکمالات بديع السجايا لکيو آهي. هڪ ٻئي خط ۾ کيس معدن الفضائل الجليه منبع الکمالات المعنويه الاخ في الله الشيخ عبدالله ڪري ٿو لکي..... مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو فرزند، مخدوم عبدالرحمان  کيس هن طرح مخاطب ٿئي ٿو: جناب الاخ في الله الذي هو بحر فاخر در ذاخر مقتدي العلماء مهتدي الفقراء مرجع الانام ماواي الخاص والعام سيدنا و مولانا و صنونا الشيخ عبدالله بن المرحوم محمد.(22)

انهيءَ مان اهو اندازو آهي ته مخدوم عبدالله نرئي واري جي ان زماني ۾ ٺٽي خواه سنڌ جي ٻين نامور عالمن وٽ وڏي عزت ۽ احترام هو. کيس ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ سنڌ جي سونهن ۽ سهارو تصور ڪيو ويندو هو. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ مخدوم عبدالله کي هڪ خط ۾ نورچشم راحت جان ميان عبدالله ڪري مخاطب ٿيو آهي.(23) ازان سواءِ، ان زماني جي وڏي عارف ۽ صوفي بزرگ، خواجه محمد زمان لواري واري سان به مخدوم عبدالله جو نهايت ئي عزت، احترام ۽ ادب وارو رستو هو. مخدوم عبدالله ۽ مخدوم محمد زمان نقشبنديءَ جي به پاڻ ۾ خط و ڪتابت هئي. (24)

ٺٽي جي عالمن ۽ مخدوم عبدالله جي علمي ۽ تعليمي واسطيداريءَ ڪري ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ ۾ اسلامي تبليغ وڏو فروغ حاصل ڪيو. سنڌ جي حاڪم، ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جي مفتي اعظم،مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ ڪڇ جي راجا ڏانهن خط موڪليو ته مولانا عبدالله اسلامي علمن جو هڪ وڏو عالم ۽ جامع آهي، سندس هر طرح پارت هجي.(25)

مخدوم عبدالله جي وفات جي باري ۾ به ڪا صحيح معلومات ڪانه ٿي ملي. انهيءَ ڏس ۾، انگريز مصنف، رچرڊ برٽن پنهنجي ڪتاب سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون ۾ لکي ٿو ته مخدوم عبدالله اٽڪل ٽيهه ورهيه کن اڳ وفات ڪئي.(26) جيئن ته اهو ڪتاب سن 1851ع ۾  ڇپجي پڌرو ٿيو، انهيءَ لحاظ کان اسان جي راءِ آهي ته مخدوم صاحب وڏيءَ ڄمار ۾ سن 1236هه/1821ع ڌاري هن فاني جهان مان رحلت ڪئي هوندي. پاڻ ســُـٿري ۾ مدفون آهي.

مخدوم عبدالله جي اولاد متعلق پڻ تصديق سان پوري معلومات ڪانه ٿي ملي. تحقيق ڪندي اهو معلوم ٿئي ٿو ته منتخب الفوائد جو مصنف، مولانا عبدالرحمان سندس فرزند هو. (27) مخدوم صاحب جي اولاد مان ڪي سـُـٿري ڪڇ ۾ رهن ٿا، ڪي وري ڪراچيءَ جي قديم محلي، موسيٰ لين ۾ وڃي آباد ٿيا، جن ۾ ميان عبدالخالق ۽ ميان عبدالشڪور ۽ ٻيا آهن.(28)

مخدوم عبدالله نرئي وارو هڪ اعليٰ ۽ ارفع شخصيت جو مالڪ هو. پاڻ هڪ عالي دماغ، باوقار ۽ وڏو مــُـتبحر عالم هو. علم تفسير، حديث ۽ فقه ۾ پنهنجي وقت جي وڏي بلند پايي جي عالمن مان هو. ڪلهوڙن جي دؤر ۾، ٺٽي ۽ سنڌ ۾ جيڪي ممتاز ۽ متبحر عالم هئا، تن ۾ سندس وڏو مقام هو. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کان پوءِ، مخدوم عبدالله نرئي وارو ئي هڪ عالم نظر اچي ٿو، جنهن عربي ۽ فارسيءَ کي پاسيرو رکي، وقت جي تقاضا موجب سنڌي زبان ۾ اسلامي علوم ۽ فنن تي نهايت ئي قيمتي ڪتاب لکيا. مخدوم صاحب جي شخصيت انهيءَ ڪري به نهايت ئي پرڪشش هئي، جو هن پنهنجي سموري حياتي درس ۽ تدريس سان گڏ، ديني علمن جي اشاعت جي سرگرميءَ ۾ پوري ڪئي. ان زماني ۾ سندس شهرت سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڦهليل هئي ۽ سنڌ جا اڪثر عالم سندس وڏي عزت ۽ احترام ڪندا هئا.

مخدوم عبدالله نرئي وارو فتويٰ نويسيءَ جي فن ۾ به وڏي ڪمالات رکندڙ هو. پاڻ نهايت ئي پرهيزگار، عابد، زاهد، متقي ۽ حق پرست هو. شريعت جو سختيءَ سان پابند هو ۽ ٻين کي پڻ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ سختيءَ سان تاڪيد ڪندو هو. پاڻ نهايت ئي صابرين طبيعت جو مالڪ هو. خانبهادر محمد صديق ميمڻ سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ قمر المنير جي حوالي سان لکي ٿو ته مخدوم صاحب کي پنهنجن ويجهن عزيزن ڏاڍو ستايو هو، جنهن جو هن انهيءَ ڪتاب ۾ دلي اظهار پڻ ڪيوآهي. بهرحال، انهيءَ ڳالهه ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي ته اُن زماني ۾ مخدوم صاحب جهڙو مدبر ۽ اعليٰ صلاحيتن وارو ٻيو ڪوبه عالم ڪونه هو. مخدوم صاحب پنهنجي غير معمولي عقل ۽ دانش، فهم ۽ فراست جا اهڙا ته گهرا نقوش ڇڏيا آهن، جي وقت گذرندي اڄ به يادگار جي حيثيت رکن ٿا.

تصنيفات جو علمي جائزو:

مخدوم عبدالله نرئي وارو علمي لحاظ کان وڏي بلند مرتبي وارو عالم هو. مخدوم صاحب عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن تي ڪامل عبور رکندڙ هو. جيتوڻيڪ پاڻ بنيادي طرح ڪڇ جي علائقي سان تعلق رکندڙ هو، پر کيس سنڌي زبان سان وڏو اُنس هو. مخدوم صاحب عربي ۽ فارسي زبانن جي بجاءِ، پنهنجو سمورو قلمي پورهيو سنڌي زبان ۾ ڪيو آهي. پاڻ عربي ۽ فارسي زبان سان گڏ اسلامي علمن، جهڙوڪ: تفسير، حديث ۽ فقه ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو. پاڻ ڪلهوڙن جي دؤر جو هڪ وڏو صاحبِ تصنيف بزرگ ٿي گذريو آهي. مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ کان پوءِ، پاڻ هڪ وڏو عالم نظر اچي ٿو، جنهن اسلامي علوم جي هر فن تي سنڌي زبان ۾ نهايت ئي ناياب ڪتاب تصنيف ڪيا آهن.

مخدوم عبدالله پنهنجي سموري حياتي درس ۽ تدريس سان گڏ، تصنيف ۽ تاليف ۾ پوري ڪئي. مخدوم صاحب تعليم جي مشغلي کان فارغ ٿيڻ کان پوءِ، پنهنجي زماني جي همعصر ٺٽوي عالمن ۽ بزرگن جي سنڌي تصنيفن ۽ تاليفن کان متاثر ٿي، پاڻ خود تصنيف ۽ تاليف جو ڪم شروع ڪيو. مخدوم صاحب پنهنجي دؤر جي مروج سنڌي ڊگهن نظمن جي سٽاءَ موجب الف- اشباع واري سانچي ۾ مذهبي، علمي ۽ تواريخي ڪتاب تصنيف ڪيا. پاڻ جيئن ته ٺٽي ۾ تعليم حاصل ڪئي هئائين، انهيءَ ڪري اتان جي متقدمين بزرگن جي سنڌي تصنيفن ۽ تاليفن کان متاثر ٿي، انهيءَ مروج طريقي واري سٽاءَ ۽ صورت ۾ پنهنجا سڀئي ڪتاب جوڙيائين.

انهيءَ سلسلي ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب لکي ٿو:

مخدوم عبدالله جيڪي ڪتاب جوڙيا آهن، انهن مان گهڻا ته ڇپجي چڪا آهن، جي هن وقت ناپيد آهن ۽ ڪي اڃا تائين قلمي صورت ۾ آهن،  جيئن خزينته الابرار وغيره. ڇاپي ۾ آيل ڪتابن مان هيٺيان مشهور آهن: ڪنزالعبرت،قمر المنير، بدر المنير، نورالابصار، خزينته اعظم، تفسير يوسف ۽ ٻيا.(29)

ان کان سواءِ، مخدوم عبدالله نرئي واري جا ٻيا به ڪتاب آهن، جي قلمي صورت ۾ سنڌ جي وڏن خاندانن جي ذاتي ڪتبخانن ۾ موجود آهن ۽ ڪجهه وري سندس پونيرن وٽ پڻ محفوظ آهن. مخدوم صاحب جي انهن ڪتابن کي سنڌ اندر وڏيءَ عزت ۽ احترام جي نگاه سان ڏٺو ويندو هو ۽ اڄ تائين انهن تصنيفن کي پڙهيو وڃي ٿو. سنڌ ۽ ڪڇ ۾ هر ڪنهن ديني مدرسي ۾ مخدوم صاحب جي انهن ڪتابن کي نصاب ۾ داخل ڪري پڙهايو ويندو هو.

مخدوم عبدالله جي ڪتابن جو جڏهن باريڪ بينيءَ سان مطالعو ڪجي ٿو ته اهو معلوم ٿئي ٿو، ته کيس قرآن پاڪ،حديث، فقه، سيرت ۽ تواريخ تي وڏو ڪامل عبور حاصل هو.اسلام ۽ ديني مسئلن تي پاڻ وڏي گهري نظر رکندر هو. متقدمين عالمن ۽ بزرگن جي تصنيفن ۽ تاليفن جي به کيس وڏي ڄاڻ هئي ۽ انهن جي لکڻين کان به گهڻو متاثر هو. مخدوم صاحب پنهنجي ڪتابن ۾ قرآن پاڪ، حديث، فقه، تواريخ ۽ بزرگن جي قولن کي جاءِ بجاءِ ڪثرت سان استعمال ڪيو آهي. عربي ۽ فارسيءَ جي ڪيترن ئي وڏن مستند ڪتابن جا حوالا پڻ ڏنا آهن، جنهن مان سندس وسيع مطالعي ۽ تبحر علميءَ جو پتو پوي ٿو. ان سان گڏ، مخدوم صاحب سنڌ اندر ان وقت جي اسلامي معاشري ۾ پيدا ٿيل خرابين ۽ غلط رسمن، ريتن ۽ رواجن ۽ بدعتن وغيره جي خلاف به سخت لفظن ۾ رد قد ڏنو آهي ۽ ان جو صحيح نموني ۾ اصلاح ڪيو آهي. هتي سندس انهن تصنيفن جو مختصر علمي جائزو ڏجي ٿو:

1. ڪنزالعبرت:

هيءُ مخدوم عبدالله نرئي واري جو سڀ کان پهريون ڪتاب آهي. مخدوم صاحب جنهن وقت پنهنجو هيءُ ڪتاب لکيو، ان وقت ٺٽي جي مشهور عالم ۽ محدث،مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ(المتوفي: 1174هه/ 1761ع) کي هن فاني جهان مان رحلت ڪئي پورو هڪ ورهيه گذري چڪو هو. مخدوم عبدالله نرئي واري هيءُ ڪتاب 30- رمضان المبارڪ 1175هه/24- اپريل 1762ع تي لکي پورو ڪيو. ان وقت مخدوم صاحب ڀرپور جوانيءَ ۾ هو. تعليم جي مشغلي کان فارغ التحصيل ٿيڻ کان پوءِ، هيءَ سندس پهرئين تصنيف هئي. مخدوم صاحب جو هيءُ ڪتاب اسلامي تعليمات جي ڏس ۾ هڪ اهم ۽ جامع ڪتاب آهي، جنهن ۾ اسلامي عقيدن، عبادتن، اخلاقيات ۽ ٻين ڪيترن ئي اهم ديني ۽ دنيوي مسئلن تي مفصل روشني وڌل آهي. هن ڪتاب جي اڀياس مان اهو واضح ٿئي ٿو ته پراڻي زماني ۾، عالمن جا جيڪي به ديني ۽ مذهبي مسئلن تي ڪتاب لکيا ويا هئا، تن سڀني کي مخدوم صاحب پنهنجي آڏو رکي، هڪ نئين رنگ ۽ ڍنگ ۽ عام فهم سنڌي نظمي عبارت ۾ ڪنزالعبرت کي مرتب ڪيو،  جو واقعي پنهنجي نالي جي نسبت سان عبرت جو خزانو آهي.

مخدوم عبدالله نرئي واري جو هيءُ ڪتاب ليٿو پريس جي رواج ۾ اچڻ کان پوءِ، انگريزن جي ابتدائي دؤر ۾ قاضي عبدالڪريم بن قاضي نورمحمد پــُـلبندري، تاجر ڪتب، مطبع ڪريمي، بمبئيءَ مان سن 1340هه/ 1921ع ۾ ٻن جلدن ۾ شايع ڪرايو. هيءُ ڪتاب ڊبل ڪرائون سائيز ۾ آهي ۽ ان جو پهريون جلد 274 ۽ ٻيو جلد 247 صفحن تي مشتمل آهي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو سن 1380هه/ 1960ع ۾ مولانا محمد مدني مهاجر، ڪراچيءَ مان ڇپايو هو. هن ٻئي ڇاپي جي وڏي خصوصيت اها آهي، جو ان ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جو مهاڳ لکيل آهي، جنهن ۾ مخدوم صاحب جي حياتيءَ جي باري ۾ نهايت قيمتي اهم اضافا ۽ وضاحتون ڪيون ويون آهن.

ڪنزالعبرت پنهنجي نالي جي اعتبار کان وڏو علم، نصيحت ۽ عبرت جو ڀنڊار آهي. مخدوم صاحب هن ڪتاب ۾ ايمان، عبادات، معاملات، اخلاقيات، سيرت پاڪ ۽ تواريخ جهڙن اهم موضوعن تي وڏي تحقيق ۽ کوجنا ڪري، نهايت ئي قيمتي ۽ بصيرت افروز مواد يڪجاءِ ڪري، هر ڪنهن مسئلي کي قران پاڪ ۽ حديث شريف جي روشنيءَ ۾ مثالن ۽ دليلن سان سمجهايو آهي. هن ڪتاب ۾ عقيدن جي سلسلي ۾ ايمان، ڪفر، عبادت، نماز، روزي، حج، زڪوات، نفلي صدقي وغيره جهڙين ڳالهين جي قرآن ۽  حديث جي مثالن سان سمجهاڻي ڏني ويئي آهي. گلا، نسب تي فخر ڪرڻ، قتل، شرڪ، زنا، دنيا جو عشق، نامحرمات کي ڏسڻ، تڪبر ڪرڻ، وياج، پيرن ۽ قبرن جي پوڄا ڪرڻ، باسون باسڻ، ميلا ۽ عرس ملهائڻ، ساز سرود ۽ سماع کان منع ڪرڻ، عورتن جو قبرستان ۾ وڃڻ، ميت تي روئڻ وغيره جهڙين بدعتن، بد ريتن ۽ رسمن کي بند ڪرڻ لاءِ مخدوم صاحب سختيءَ سان تنبيهه ڪئي آهي. ساڳئي وقت، مومن کي الله تعاليٰ ۽ ان جي رسول صلي الله عليه وسلم جي محبت جو درس، پرهيزگاري، حلال جي روزي ڪمائڻ، نڪاح، علم حاصل ڪرڻ ۽ الله جي راهه ۾ جهاد ڪرڻ جي هدايت ڪئي اٿس. موت، قبر، قيامت جي ڳالهين ۽ ڊيڄاريندڙ حالت کي به نروار ڪيو ويو آهي. نبين سڳورن جا قصا، غزوات، معراج، حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت ۽ خلفاءِ راشدين جي احوالن کي به بيان ڪيو ويو آهي. مخدوم صاحب حقوق العباد سان گڏ، امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جو پورو حق ادا ڪيو آهي.

ڪنزالعبرت جي ڇپيل ٻنهي جلدن جو جڏهن غور سان مطالعو ڪجي ٿو ته اهو ظاهر ٿئي ٿو، ته هن ڪتاب جي ڪن حصن کي نفس مضمون جي لحاظ کان، ناشرن الڳ الڳ ڪتابڙن جي صورت ۾ ڇپايو آهي. سنڌ جي عالمن ۽ تذڪره نگارن، هن ڪتاب جي انهن مذڪوره بابن کي هڪ جدا ڪتاب جي حيثيت ۾ شمار ڪيو آهي، جو ڪنهن به صورت ۾ درست نه آهي. انهن الڳ بابن کي وري ڪن ڇپيل مجموعن ۾ گڏ پڻ آندو ويو آهي، جن مان ڪن ۾ مخدوم صاحب جو نالو به ڪونهي. حقيقت ۾ اهي سڀئي ڪنزالعبرت جا ئي حصا آهن. اسان هتي اهڙن رسالن جي نشاندهي ڪريون ٿا:

1. غزوات: ڪنزالعبرت، ج اول جي ٻاويهين باب جو سورهون فصل آهي.

2. شجاعت سيدالانام يا شجاعت نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم: ڪنزالعبرت، ج اول جي ٻاويهين باب جو سترهون فصل آهي

3. قصو سيدنا امير عمر رضه جو اسلام آڻڻ: ڪنزالعبرت، ج اول جي ٻاويهين باب جو ارڙهون فصل آهي.

4. وفات نامو يا رحلت رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي: ڪنزالعبرت، ج ٻئي جو ٻٽيهون باب آهي.

5. شهادت امام حسين رضي الله عنه“: ڪنزالعبرت، ج ٻئي جو چاليهون باب آهي.

6. نصيحت نامو: ڪنزالعبرت، ج ٻئي جو ايڪيتاليهون باب آهي.

2. خزانته الابرار

مخدوم عبدالله نرئي واري هن ڪتاب ۾ نماز ۽ روزي جي مسئلن بابت فقهي ۽ شرعي لحاظ کان روشني وڌي آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب هن ڪتاب  جي باري ۾ لکي ٿو ته ان جو هڪ قلمي نسخو، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب کي سندس هڪ دوست ڪڇ مان گهرائي ڏنو هو.(30) انهيءَ ساڳئي ڪتاب جو هڪ ٻيو قلمي نسخو، مولانا محمد قاسم سومري صاحب جي ڪتبخاني، قاسميه لائبريري ڪنڊياري ۾ موجود آهي. راقم کي انهيءَ پوئين قلمي نسخي جي فوٽو ڪاپي عزيزم بشير احمد هيسباڻيءَ جي ذريعي حاصل ٿي. هن وقت، راقم جي سامهون اهو ئي قلمي نسخو موجود آهي.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ خزانته الابرار جي تصنيف ٿيڻ جو سال 1175هه/ 1762ع ڄاڻايو آهي، (31)(1) جو اصل ۾ مخدوم صاحب جي پهرئين تصنيف ڪنزالعبرت جي مڪمل ٿيڻ جو سال آهي. ان متعلق، ڪنزالعبرت واري ڪتاب جي احوال ۾ مڪمل روشني وڌي ويئي آهي. دراصل، مخدوم صاحب پنهنجو هيءُ ڪتابُ، ڪنزالعبرت جي تصنيف ڪرڻ کان اٽڪل چار ورهيه پوءِ لکيو هو. مخدوم صاحب، خزانته الابرار جي آخر ۾ ان جي تصنيف ڪرڻ جي تاريخ 9- محرم الحرام 1179هه/28- جون 1765ع ڄاڻائي آهي.

مخدوم عبدالله نرئي وارو خود ان باري ۾ چوي ٿو:

تحقيق جڏهن نسخو ناقص جو هـِـيُ ٿيو تماما،
خزانته الابرار سنڌي رکيم تـَـهـِـم جو نانءُ،
 هجرت کي حضرت جي هئا اِڪاره سا ۽ اوڻاسي ورهن گذرئا،
هجرت کي حضرت جي، جو مڙني مـَـهدارا،
نوءِ تاريخ سا هــُـئي پڻ سنڌي محرم ماه،
ڏينهن اربع جو هــُـئو وقت نماز ضحيٰ.(32)

هن قلمي نسخي جي آخر ۾ ڪاتب پنهنجو نالو، تاريخ ۽ سن فارسي زبان ۾ هن طرح ڄاڻايو آهي:

تمام شد کتاب مستطاب خزانته الابرار سندي از دست عثمان فقير بتاريخ هشتم ماه ربيع الاول سن 1255هه.(33)

انهيءَ مٿئين عبارت مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته عثمان فقير نالي ڪاتب، اهو ڪتاب 8- ربيع الاول 1255هه/22- مئي 1839ع تي ڪتابت ڪري مڪمل ڪيو. هيءُ قلمي نسخو، مخدوم عبدالله نرئي واري جي ڄاڻايل تصنيف واري سال کان اٽڪل 57 ورهيه پوءِ، اصل ڪتاب تان نقل ٿيو. ڪاتب ضرور ڪنهن مستند ۽ معتبر قلمي نسخي تان پنهنجو اهو نسخو تيار ڪيو هوندو! هيءُ سمورو قلمي نسخو 425 صفحن تي پکڙيل آهي. وڏي تختيءَ تي عربي – سنڌي خط نسخ ۾ ڪتابت ڪيل آهي ۽ هرهڪ صفحي تي 11 سٽون آهن.

هن ڪتاب ۾ ٻه باب آهن. پهرئين باب ۾ 52 فصل ۽ ٻئي باب ۾ 9 فصل ڏنا ويا آهن. باب پهرئين ۾ نماز جي مسئلن تي روشني وڌي ويئي آهي ۽ ٻئي باب ۾ روزن جي متعلق مسئلن جو ذڪر آهي. هن نسخي جي منڍ ۾ ڪتاب جي اندر جيڪو به مواد آيل آهي، ڪاتب ان جو تفصيل  فارسيءَ ۾ ڏنو آهي. مخدوم صاحب، هن ڪتاب ۾ نماز ۽ روزن جي متعلق شرعي مسئلا گڏ ڪيا آهن. دراصل، هن ڪتاب جي ان زماني ۾ تاليف ڪرڻ جي ضرورت ان ڪري پيش آئي، جو بقول مخدوم صاحب جي ته ان وقت عام ماڻهو نماز ۽ روزي جي بابت شرعي مسئلن جي باري ۾ مختلف نمونن ۾ تمام گهڻا سوال پڇندا هئا ۽ انهن جي شرعي حيثيت جي وضاحت به دريافت ڪندا هئا. انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي، مخدوم صاحب هيءُ ڪتاب تاليف ڪيو، هن ڪتاب  ۾ صرف مسئلن جي اجمالي صورت بيان ڪيل آهي. مخدوم عبدالله نرئي واري ان جي وڌيڪ تشريح لاءِ نــُـور الابصارُ نالي هڪ الڳ ڪتاب  تحرير ڪيو، جنهن ۾ خزانته الابرار ۾ آيل فقهي مسئلن جي باقاعدي پوريءَ طرح شرح بيان ڪئي ويئي آهي. ان ڪتاب جو پڻ هن کان پوءِ بيان ايندو. خزانته الابرار فقهي ۽ شرعي مسئلن تي هڪ وڏي بلند پايي جو ڪتاب آهي. هيءُ ڪتاب اڃا شايع ٿي نه سگهيو آهي، حالانڪه هن ڪتاب تي لکيل شرح نـُـور الابصارُ جي نالي سان ڇپجي چڪي آهي. هيءُ ڪتاب ان زماني ۾ مروج سنڌي نظم جي صورت ۾ منظوم ٿيل آهي. مخدوم صاحب هن ڪتاب کي وڏيءَ محنت ۽ نهايت خبرداريءَ سان لکيو آهي. مخدوم صاحب ان قديم دؤر جي وڏن مشهور ۽ مستند عالمن، مفسرن، محدثن ۽ فقيهن جي ڪتابن جا هر مسئلي جي بحث دوران حوالا ڏنا آهن ۽ ڪيترن فقهي مسئلن جي تصحيح به ڪئي آهي. بهرحال، هيءُ ڪتاب هر لحاظ کان عام ماڻهن، شاگردن ۽ مدرسن جي پڙهائيندڙ عالمن لاءِ هڪ قابل قدر رهنما واري حيثيت رکي ٿو. هن ڪتاب جي اڀياس مان مخدوم صاحب جي وسيع مطالعي، ڄاڻ ۽ انهيءَ فن تي ڪامل دسترس هئڻ جو واضح ثبوت ملي ٿو.

3. بدرالمــُـنير

مخدوم عبدالله نرئي واري هن ڪتاب ۾ حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي مدح، ثنا ۽ صفت بيان ڪئي آهي. ان سان گڏ، اسلامي تعليمات جي متعلق پڻ ڪيترين ئي اهم ڳالهين جو ذڪر ڪيو آهي. مخدوم صاحب، بدرالمنير ۾ قيامت جو برپا ٿيڻ ۽ ان جون علامتون ۽ نشانيون وضاحت سان بيان ڪيون آهن. هن ڪتاب جي اٺين باب ۾ امام اعظم جي مناقبن جو بيان پڻ ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ هن ڪتاب جي قلمي خواه ڇاپي نسخي جو ڪوبه ذڪر نه ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب جي متعلق صرف ايترو لکي ٿو ته هن ڪتاب جو هڪ قلمي نسخو تيرهين صدي هجريءَ جو لکيل آهي، جيڪو عثمان شيخ ڀرڪيي پوٽي (لاڙ) جو ڪتابت ڪيل آهي.(34)(1)

مخدوم عبدالله نرئي واري جي هن ڪتاب جو ليٿو ۾ ڇپيل نسخو راقم جي سامهون آهي، دراصل، هيءُ ڪتاب مطبع فتح الڪريم، بمبئيءَ مان 7- جمادي الاول 1302 هه/22- فيبروري 1885ع تي ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب جي ڪتابت، ميان گل محمد بن حاجي محمد مقيم نورنگزادي جي ڪيل آهي. هيءُ سمورو ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ 246 صفحن تي ڦهليل آهي.

مخدوم عبدالله نرئي وارو ڪتاب بدر المنير جي تصنيف ٿيڻ بابت چوي ٿو:

تيلانه شروع ڪيوسون شوال جي پنرهي تاريخا،
سين امداد توفيق الله جي نسخو سنڌيءَ واءَ،
سن اڪاره سـَـئا ۽ چوراسيءَ ۾ بعد هجرتا،
تيئن
بدر المنير سندس رکيوسون اسما.(35)

مخدوم عبدالله جي انهيءَ مٿئين عبارت مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته پاڻ هيءُ ڪتاب 15- شوال المڪرم 1184هه/ 1 - فيبروري 1771ع تي لکڻ شروع ڪيائين. مخدوم صاحب ان دؤر جي رواج مطابق، ڪتاب جي آخر ۾ ان جي تڪميل جي تاريخ يا سن وغيره نه ڄاڻايو آهي.

مخدوم صاحب هن ڪتاب جي منڍ ۾ حمد ۽ ثنا کان پوءِ، حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي مدح ۽ صفت بيان ڪئي آهي. ان کان پوءِ قيامت جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو آهي. مخدوم صاحب خود هن ڪتاب جي مواد جي باري ۾ لکي ٿو:

هن حقير جي مـَـنَ ۾ اچي اهو خيال پيدا ٿيو ته هڪ اهڙو ننڍڙو ڪتاب جوڙجي، جنهن ۾ قيامت جو عبرت انگيز احوال هجي ۽ قيامت جي اچڻ جون نشانيون  پڻ ان ۾ بيان ٿيل هجن، جن جو ٻين ڪتابن ۾ ذڪر اچي ٿو، ته جيئن ماڻهو ان کي پڙهي گناهن کان توبهه ڪن ۽ الله تعاليٰ جي سڌي راهه وٺن. ٻيءَ طرح، اڪثر ماڻهو موت ۽ قيامت کي وساري ويٺا آهن ۽ دُنيوي حرص ۽ هوس ۾ ڦاٿل آهن.(36)

باب پهريون - قيامت جو ذڪر

باب ٻيو - قيامت جي اچڻ جون نشانيون

بابت ٽيون - هجرت کان پوءِ ظاهر ٿيندڙ واقعن ۽ حادثن جو بيان

بابت چوٿون - امام مهدي رضي الله عنه جي اچڻ جو ذڪر

باب پنجون - امام مهدي رضي الله عنه جي اچڻ کان پوءِ رونما ٿيندڙ واقعن جو  احوال

بابت ڇهون - قيامت جي اچڻ جو مفصل احوال

باب ستون - قيامت کان اڳ ۾ حضرت عيسيٰ عليه السلام جو نزول

باب اٺون - امام اعظم جي مناقبن جو احوال

مخدوم عبدالله انهن مٿين اٺن بابن ۾ آندل سمورو احوالُ، نهايت خبرداريءَ ۽ وڏيءَ ذهانت سان ان دؤر جي مـُـروج منظوم سنڌيءَ ۾ لکي پورو ڪيو آهي. هر هڪ باب ۾ آندل مضمون کي هر لحاظ کان مستند ۽ معتبر ثابت ڪرڻ لاءِ جاءِ بجاءِ قرآن مجيد، حديث شريف، اصحابن سڳورن جي قولن ۽ بزرگن جي روايتن جا حوالا ڏنا ويا آهن. ازان سواءِ، اسلام جي چئن ئي فقهي امامن، عالمن، محدثن، مفسرن ۽ مؤرخن جا پڻ ڪيترين ئي جاين تي ٽيڪا طور انهن جا حوالا ڏيئي، هر واقعي کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪئي ويئي آهي. هن ڪتاب ۾ ڪيترين ئي روايتن ۽ واقعن جي ڇنڊڇاڻ پڻ ڪئي ويئي آهي، جيڪي عام ماڻهن ۾ غلط رنگ ۾ مروج آهي.

مخدوم عبدالله جو هيءُ ڪتاب منظوم سنڌيءَ ۾ مذهبي ۽ ديني ادب ۾ پنهنجيءَ نوعيت جو هڪ انوکو ڪتاب آهي. هيءُ ڪتاب تواريخ ۽ تذڪره نويسيءَ جو هڪ بهترين مثال آهي. اسلامي تواريخ جا اهي واقعا ۽ حادثا، فرقا ۽ فتنا بيان ڪيا ويا آهن، جي حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي هن دنيا مان لاڏاڻي ڪرڻ کان پوءِ رونما ٿيا. انهن واقعن جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي، جي قيامت جي اچڻ کان اڳ ۾ ٿيندا ۽ انهن جو تواريخ سان وڏو تعلق هوندو. انهيءَ ڏس ۾، مشهور ۽ مستند اسلامي تواريخن جا ڪافي تعداد ۾ حوالا ڏنا ويا آهن. انهن سڀني ڳالهين کي ڏسي، مخدوم صاحب جي وسيع مطالعي ۽ تبحر علميءَ جي ڄاڻ ملي ٿي.

4. نـُـورالابصارُ:

مخدوم عبدالله نرئي واري نـُـورالابصار نالي ڪتاب 3- جمادي الثاني 1193هه/ 18 جون 1779ع تي تصنيف ڪيو. مخدوم صاحب پنهنجي ڪتاب خزانته الابرار جي لکڻ کان پوءِ، ( جنهن جو اڳ ۾ ذڪر ڪري آيا آهيون) اهو ضروري سمجهيو ته ان مذڪور ڪتاب ۾ نماز ۽ روزي جا جيڪي مسئلا بيان ڪيا ويا آهن، تن جي وضاحت لاءِ شرح جو هجڻ ضروري آهي، ته جيئن عام ماڻهو انهن مسئلن کي آسانيءَ سان سمجهي سگهن. مخدوم صاحب خود نــُـورالابصار جي مــُـنڍ ۾، تمهيد طور اهو ڄاڻائي ٿو ته هن ڪتاب جي جوڙڻ جو اصل ڪارڻ ڇا هو؟

تيلانه جوڙِئـُـم نسخو فضل ساڻِ خدا.
خزانته الابرار’ تهجو رکيوسون اِسما،
ڪـِـئـَـمِ ٻه بابَ تـِـهه ۾ جوڙيندي ويرا،
هيڪڙو بابُ نماز جو ٻئو روزن لا
ءِ،
پر بعضي اُمورَ منجهس جي مجمل طريقا،
تـَـنيِ ڪارڻ ڪـِـئوســُـون موٽيِ قـَـصد ٻـِـيهارا،
ته ڪـِـجي شرح اِنَ جو هــُـوندَ موٽـِـي مـُـفصلا،
تيلان
ه ٿيي تـَـنِ امورن سندو تفصيل اِظهارا،
مذڪور ٿيا آهـِـينِ جي اِجمال طريقا.
ڪِ ڪي ٻـِـئا فائدا اِنَ اُمورَنـِـئـُـون سـِـوا
ءِ،
اڪثر منافع جـَـن ۾ آهـِـينِ آپارا،
سي سڀ جمعُ تـَـهه ۾ ٿيـِـن هيڪاندا،
نه ٿـِـيي نـَـفـَـعُ عامُ سو سـَـهکو سـَـڀـَـنِ لا
ءِ،
ظاهر ٿـِـينِ تـِـهــڪري ٻـِـئا فائدا جـَـنِ جا،
سو شـُـروعُ ڪـِـئوسـُـون نسخو نالي سين الله تعاليٰ،
نــُـورالابصار سنڌي رکيوســُـون اِسما،
قادر ڪـَـرِ قبول سو مـِــهـَـر سين موليٰ.
(37)

مخدوم صاحب، هن ڪتاب جي لکجي پوري ٿيڻ جي باري ۾، آخر ۾ هن طرح لکي ٿو:

تحقيق جڏهن نـُـورالابصارُ جو هيُ نسخو ٿئـِـو تماما،
جو خزانته الابرار مٿي آهي شرح سنڌيَ واءَ،
پڻ اڪاره ســَـئو ۽ ٽيانوي هــُـؤا وَرِهَ گـُـذرئا،
حضرت جـِـيَ هجرت پـُـڄاڻان، جو خـَـتمُ الانبيا
ء،
پڻ هــُـئي جمادي الثاني سـَـندِي ٽـِـئـِـي تاريخا،
ڏينهن پڻ جمعي جو هــُـئو وچ ظهر ۽ عصرا.
(38)

نــُـورالابصار جو پهريون ڇاپو، سن 1300هه/1883ع ۾ قاضي ميان فتح محمد ولد قاضي ميان نور محمد، نور الدين ولد جـِـيوا خان جي شراڪت سان بمبئيءَ جي حيدري پريس مان ڇپائي پڌرو ڪيو. ڪتاب جي شايع ٿيڻ متعلق، آخر ۾ هن ريت لکيل آهي:

ڪتاب نــُـور الابصارُ، هٿان فقير عبدالصمد مخدوم
نورنگ پوٽي جي، ساڻ همت ۽ سعيي جناب
فضيلت ماب قاضي ميان فتح محمد ولد قاضي
ميان نور محمد صاحب، ساڻ شراڪت نورالدين
بن جيوا خان جي، منجهه مطبع حيدري بمبئي
جي ڇانپئو. تاريخ 3 - رمضان سن 1300هه
(39)

هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، سن 1316هه/ 1899ع ۾ مولوي محمد صديق ۽ جمناداس جي مطبع حسني، بمبئيءَ مان شايع ٿيو.(40)

هن ڪتاب ۾ ٻه باب آهن، هڪ نمازن بابت ۽ ٻيو روزن جي باري ۾. منجهس انهن نمازن ۽ روزن جو بيان آهي، جي فرض، واجب، سـُـنت ۽ مستحب آهن. انهيءَ کان سواءِ، انهن نمازن ۽ روزن جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي، جي ڪنهن خاص جائز ۽ نيڪ مقصدن لاءِ بزرگن جي طرفان بيان ٿيل آهن. اهڙيءَ طرح، مخدوم صاحب هن ڪتاب ۾ فرض نمازن ۽ روزن کان سواءِ، ٻين نمازن ۽ روزن بابت شرعي مسئلن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري، انهن تي مفصل روشني وڌي آهي. دراصل، مخدوم صاحب هيءُ ڪتاب پنهنجي تصنيف خزانته الابرار جي شرح ۾ لکيو آهي.

نــُـورالابصار ان دؤر جي مروج سنڌي نظم جي صورت ۽ سٽاءَ ۾ لکيل آهي. مخدوم صاحب، جيئن ته هيءُ ڪتاب خزانته الابرار جي شرح جي سلسلي ۾ لکيو آهي، ان ڪري هن ڪتاب کي سمجهڻ لاءِ تمام گهڻيءَ تحقيق ۽ کوجنا کان پوءِ، عام فهم سنڌي زبان ۾ تيار ڪيو ويو آهي. نماز ۽ روزي جي تمام مسئلن کي فقهي نڪتي جي لحاظ کان سمجهايو ويو آهي ۽ ڪيترين ئي جاين تي تصحيح پڻ ڪئي ويئي آهي،  جي شرعي ۽ فقهي لحاظ کان معتبر ۽ مستند نه هئا. ڪتاب ۾ ڪيترن ئي دقيق ۽ منجهيل فقهي مسئلن جي پڻ وڏي بحث ۽ مباحثي کان پوءِ، مناسب نموني ۾ تطبيق ڪئي ويئي آهي. ڪتاب ۾ آيل مواد کي وڏن عالمن، مفسرن، محدثن ۽ بزرگن جي مستند ڪتابن جي حوالن جي روشنيءَ ۾ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. نــُـورالابصار، سنڌي ٻوليءَ ۾ فقهي لحاظ کان هڪ وڏو قيمتي ۽ املهه ڪتاب آهي.

5. تفسير احسن القصص:

تفسير احسن القصص، قرآن مجيد جي تيرهين پاري جي سورهيوسف جو سنڌي زبان ۾ ترجمو ۽ تفسير آهي. مخدوم عبدالله نرئي واري جي هن تفسير جو مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي تفسير هاشميءَ کان پوءِ، ان دؤر جي مروج سنڌيءَ صورتخطيءَ ۾ قديم تفسيرن ۾ شمار ٿئي ٿو. مخدوم صاحب، هيءُ تفسير پنهنجي ڪتاب ڪنزالعبرت (تاليف: 1175هه/ 1762ع) جي تصنيف ٿيڻ کان 21 ورهيه بعد ۾ سن 1196هه/ 1782ع ۾ لکيو.

تفسير احسن القصص جي متعلق، سنڌ جي اڪثر عالمن ۽ اديبن صرف روايتن جي آڌار تي ان ڳالهه کي پئي ورجايو آهي ته ڪلهوڙن جي دؤر ۾ سنڌ جي هڪ وڏي عالم ۽ مفسر، مخدوم عبدالله نرئي واري سوره يوسف جو سنڌيءَ ۾ مڪمل ترجمو ۽ تفسير جوڙيو هو. پر انهيءَ تفسير  جي اصل نسخي تائين سنڌ جي ڪنهن به عالم ۽ اديب جي رسائي ڪانه ٿي سگهي هئي. خانبهادر محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ مخدوم صاحب جي انهيءَ تفسير ڏانهن ڌيان ڇڪايو هو.(41) ان کان اڳ ۾، رچرڊ برٽن سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون ۾ پڻ انهيءَ تفسير جي نشاندهي ڪئي هئي. (42) اهڙيءَ طرح، مؤرخ سنڌ سيد حسام الدين راشديءَ (43) ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي (44) پڻ پنهنجي لکيتن ۾ انهيءَ تفسير کي قصص الانبياء“ ڪري ڄاڻايو آهي. انهيءَ ڏس ۾. پروفيسر عبدالرزاق گهانگهرو قرآن مجيد جا سنڌي ترجما ۽ تفسير ۾ لکي ٿو:

انهيءَ جو ڪارڻ اهو ٿي سگهي ٿو ته انهن مٿين عالمن، سورهِ يوسف جي انهيءَ تفسير جي اصل نسخي کي ڏٺو ئي ڪونه هو ۽ صرف روايتن جي بنياد تي انهيءَ تفسير جي نالي جي نشاندهي ڪئي آهي.(45)

راقم کي انهيءَ ڪتاب جو اهو ناياب قلمي نسخو،ساهتي پرڳڻي جي ڪنڊياري شهر جي پيرزاده خاندان جي بزرگ، ميان محمد حسن صديقي قريشي، متولي درگاهه شيخ احمد(1) جي خانداني ڪتبخاني مان دستياب ٿيو.هيءُ سمورو قلمي نسخو 490 صفحن تي مشتمل آهي. هيءُ قلمي نسخو مڪمل صورت ۾ آهي. وقت گذرندي، ڪن جاين تي جيتن جي کاڌ ڪري ٽــُـڪيل  آهي، پر ان هوندي به پڙهڻ جي لائق آهي. مخدوم صاحب پنهنجي دؤر جي رواج مطابق، هن ڪتاب جي آخر ۾ تفسير جي تيار ڪرڻ ۽ مڪمل ڪرڻ جي تاريخ ۽ سن پڻ ڄاڻايو آهي. ان بابت مخدوم صاحب لکي ٿو:

تحقيق شروع ڪـِـئوسون هيُ نـُـسخو سين اعانت الله،
ڪارَهـِـيَ ماه رمضان جـِـيَ ڏينهن اربعا،
منجهه تفسير سـُـورَ يوسف جي طريق اِيجازا،

تاپي اِنـَـهـِـم ماه ۾ ٿـِـئو تماما،
اِڳيَ وِچـِـينءَ وِچـَـم
۾ خميس جي ڏينها،
تـِـن هــُـئي ڇـَـيـَـهـِـم ماهَ سا سـَـندِي رمضانا،
سـَـنُ پڻ سـُـنهارو سو هـُـئو بعد هجرتا،
ڪارَهَ سا ڇهانـُـويـَـهـُـم وَرهَ ت
ه وقتا،
تاپي نالو
احسن القصص رکيو اُتـِـسِ کڻي اِسما،
قادر سا قبول ڪري خاطـِـيءَ خذمتا.
(46)

مخدوم عبدالله جي انهيءَ مٿئين عبارت مان اهو صاف ظاهر ٿئي ٿو ته پاڻ اهو تفسير 11- رمضان المبارڪ 1196هه/20- آگسٽ 1782ع تي لکڻ شروع ڪيائين ۽ ٻن هفتن جي ٿورڙي عرصي ۾ 26- رمضان المبارڪ 1196هه/ 4- سيپٽمبر 1782ع تي ان کي جوڙي مڪمل ڪيائين. ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهري صاحب کان انهيءَ تفسير جي اها اصل عبارت پڙهڻ ۽ سمجهڻ ۾ غلطي سرزد ٿي آهي. ڊاڪٽر گهانگهري صاحب جي انهيءَ غلطيءَ طرف ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب پڻ ڌيان ڇـِـڪايو آهي.(47)

تفسير احسن القصص جا مخدوم عبدالله جي زماني ۾ يا کانئس پوءِ، مختلف وقتن  تي ان نسخي جا ڪاتبن نقل پئي ڪيا آهن، جي اڄ تائين سنڌ جي ڪيترن ئي ڪتبخانن ۾ ملن ٿا. راقم وٽ جيڪو قلمي نسخو موجود آهي، اهو اصل نسخي تان 38 ورهيه کن پوءِ نقل ٿيو. هن قلمي نسخي جي آخر ۾ ڪاتب پنهنجو نالو، سن ۽ تاريخ هن طرح سان ڄاڻايو آهي:

کاتب الفقير حقير پــُـرتقصير اضعف عبادالله ورئه(وريو)کتابي ولد علو ساکنه دره (دڙو) بتاريخ نوءِ ماه ذوالحج سن باره سو چوتيه وره، مالک حاجي عبدالله.(48)

تفسير احسن القصص،  قرآن مجيد جي سورهِ يوسف جو سنڌيءَ ۾ منظوم ترجمو ۽ تفسير آهي. الله تبارڪ و تعاليٰ، قرآن پاڪ ۾ هن قصي کي احسن القصص ڪري سڏيو آهي. انهيءَ حوالي سان مخدوم صاحب خود پنهنجيءَ انهيءَ تصنيف کي اهو نالو ڏنو آهي. دراصل، اهو نالو هن سورهِ ۾ آيل واقعن ۽ احوالن جي نسبت سان وڌيڪ ٺهڪندڙ آهي. انهيءَ نالي مان ئي انهيءَ سورهِ ۾ بيان ڪيل سموري مواد طرف ڌيان ڇڪجي وڃي ٿو. هن تفسير  ۾ حضرت يوسف عليه السلام ۽ سندس والد، حضرت يعقوب عليه السلام جي ڏکوئيندڙ واقعن جو احوال بيان ڪيل آهي.

مخدوم عبدالله هن تفسير جي شروع ۾ سورهِ يوسف جي نازل ٿيڻ جو شان ۽ ان جو پس منظر بيان ڪيو آهي. انهيءَ زماني ۾ مڪي شريف ۾ نضر بن حارث نالي هڪ شخص، جو اسلام جو وڏو دشمن هو، هــُـو اڪثر مڪي شريف کان ٻاهر شام ۽ ٻين ملڪن ڏانهن سفر ڪندو هو ۽ اتان جا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻـُـڌي اچي مڪي وارن کي ٻڌائيندو هو. هڪ دفعي مڪي وارن حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم  جن کان اهو سوال ڪيو ته حضرت يعقوب عليه السلام جو اولاد شام کان مصر ڪيئن ويو؟ ان جي جواب ۾، الله تعاليٰ سورهِ يوسف کي نازل فرمايو. مخدوم صاحب، انهيءَ  سورهِ جي شان نزول جي سلسلي ۾ انهن سڀني روايتن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري،انهيءَ تي عالمانه بحث ڪيو آهي. ان کان سواءِ، حروف مقطعات جي باري ۾ پڻ ان جي معنيٰ ۽  مطلب کي سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي. مخدوم صاحب جي هن تفسير جي سڀ کان وڏي خوبي اها آهي، جو پاڻ پهريائين هر هڪ آيت جو ترجمو ڏيئي، ان کان پوءِ ان جو تفسير بيان ڪيو اٿائين.مخدوم صاحب، تفسير بيان ڪندي، ڪيترن ئي مستند ۽ معتبر تفسيرن ۽ عالمن جي ڪتابن ۽ قولن کي حوالي طور استعمال ڪيو آهي، ۽ هن تفسير کي هر لحاظ کان معياري بنائڻ ۾ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. سنڌي زبان جي قديم تفسيرن مان هيءُ هڪ نهايت بلند پايي جو تفسير آهي.

مخدوم عبدالله نرئي وارو ڪلهوڙن جي دؤر جو هڪ وڏو بلند مرتبي جو عالم هو. هن پنهنجا مذهبي ۽ ديني ڪتاب اڪثر ڪري سنڌي زبان ۾ تصنيف ۽ تاليف ڪيا آهن. تفسير احسن القصص قرآن پاڪ جي سورهِ يوسف جو منظوم سنڌي ترجمو ۽ تفسير آهي. مخدوم صاحب، هيءُ تفسير ان دؤر جي مروج سنڌي ڊگهي نظم جي سٽاءَ، يعني الف - اشباع واريءَ سٽاءَ ۾ جوڙي تيار ڪيو. هيءُ تفسير اڃا تائين قلمي صورت ۾ آهي.(1)

6. قمر المــُـنير:

هن ڪتاب ۾ مخدوم عبدالله نرئي واري حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت پاڪ ۽ سندن معجزن کي بيان ڪيو آهي. دراصل، هيءُ ڪتاب عربي ٻوليءَ ۾ لکيل شرح سراج المنير جو سنڌي ترجمو آهي. شرح سراج المــُـنير ، حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي پاڪ زندگيءَ بابت  هڪ معتبر تواريخ ۽ مستند سيرت جو ڪتاب آهي. انهيءَ ڪتاب کي مخدوم صاحب سنڌي ٻوليءَ جو ويس ڍَڪايو آهي. مخدوم صاحب، ان ڪتاب جو نالو قمر المنير، يعني: روشن چنڊ رکيو آهي. مخدوم صاحب جي هن ڪتاب جو جڏهن اڀياس ڪجي ٿو ته ان جي تصنيف ڪرڻ جو اصل سبب پڻ ظاهر ٿئي ٿو. خانبهادر محمد صديق ميمڻ ، هن ڪتاب جي تصنيف ڪرڻ جو اصل ڪارڻ ڄاڻائيندي لکي ٿو:

مخدوم صاحب کي جڏهن پنهنجن ڪن پيارن عزيزن ۽ دل گــُـهرين دوستن جي چالاڻن ڪري ۽ عزيزن خويشن جي اڻبڻت ۽ عداوتن  سببان تمام غمگين ۽ ملول گذارڻ لڳو، تڏهن پنهنجي دل جي آرام ۽ ڏڍ لاءِ قمر المنير ڪتاب لکيائين. (49)

هن وقت انهيءَ ڪتاب جو ليٿو پريس ۾ ڇپيل نسخو اسان جي سامهون آهي، جنهن مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ ڪتاب قاضي ميان ابراهيم ولد قاضي ميان نور محمد پلبندريءَ، حاجي عبدالصمد ولد حاجي محمد مقيم نورنگ پوٽي کان ڪتابت ڪرائي، 14- ربيع الثاني 1291هه/31- مئي 1874ع تي مطبع معموره، بمبئيءَ مان شايع ڪرايو.

مخدوم عبدالله هڪ سچو عاشقِ رسول هو ۽ حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي محبت ۾ سرشار هو. مخدوم صاحب چوي ٿو ته حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن کان اڳ ۾ جيڪي به خدا جا نبي سڳورا آيا، تن ۾ جيڪي به خوبيون ۽ خصوصيتون هيون، اهي سموريون پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن جي ذات پاڪ ۾ سمايل هيون. ان طرح، پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جن جا جيڪي به معجزا هئا، تن کي هن ڪتاب ۾ نهايت ئي مؤثر لفطن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. ان سان گڏ، پاڻ ڪريم صلي الله عليه وسلم جن  جي نــُـور، اسم مبارڪ، ڪــُـنيت، لقب، والد، والده، حرمن، چاچن ۽ رحلت  جو به ذڪر ڪيو اٿس ۽ ان زماني جي حالتن کي پڻ مفصل نموني ۾ پيش ڪيو ويو آهي.

مخدوم صاحب هيءُ ڪتاب پنهنجي دؤر جي سنڌي عالمن جي ٺاهيل ڪتابن جي طرز  تي هڪ نرالي انداز ۾ جوڙيو آهي. هن ڪتاب ۾ ڪم آندل نظم منفرد رنگ ۽ ڍنگ جو آهي. ان ۾ ميٺاڄ ۽ رَسُ سمايل آهي. هن ڪتاب جو نظم ان ڪري به نراليءَ نوعيت جو آهي، جو ان ۾ مخدوم صاحب پهرئين بند ۾،آن قافيو شروع ڪيو آهي، ته آخر تائين ان طريقي سان نڀائيو آهي. واقعي نگاريءَ واري جــُـزي کي مخدوم صاحب نهايت ئي سهڻي نموني ۾ پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ تشبيهون، ڪنايا، استعارا ۽ تمثيلون مناسب هنڌن تي سـُـهڻي نموني ۾ استعمال ڪيل آهن. مخدوم صاحب هن ڪتاب ۾ لاڙي – سنڌي لهجو استعمال ڪيو آهي.

7. مڪي جي فتح

مخدوم عبدالله نرئي وارو پنهنجي زماني جو هڪ وڏو جيد عالم ۽ بلند مرتبي وارو فاضل ٿي گذريو آهي. پاڻ ڪلهوڙن جي دؤر جو مصنف ۽ مؤلف هو. هن انهيءَ زماني جي مروج سنڌيءَ، يعني الف- اشباع واري نظم جي صورت ۾ ڪيترائي ڪتاب لکيا. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جو قول آهي ته مخدوم صاحب، حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت پاڪ تي پڻ هڪ ڪتاب منظوم ڪيو هو، جنهن ۾ سيرت پاڪ جو تفصيل  سان ذڪر ڪيو ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب، انهيءَ ڪتاب کي سنڌي زبان جو پهريون سيرت جو ڪتاب سڏيو آهي. (50) ڊاڪٽر صاحب کان سواءِ، سنڌ جي ٻئي ڪنهن به عالم انهيءَ ڪتاب جي باري ۾ ڪوبه ذڪر نه ڪيو آهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي وڌيڪ لکي ٿو ته هيءُ ڪتاب مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي مشهور عربي ڪتاب بذل القوې في حوادث سني النبوې(1) جو نچوڙ آهي.مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو اهو عربي ڪتاب پڻ سنڌ ۾ سيرت پاڪ جي سلسلي جو پهريون ڪتاب آهي، جنهن کي مخدوم عبدالله پنهنجي لکيل سيرت جي ڪتاب جو بنياد بڻايو آهي.

ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ انهيءَ ڪتاب جو وڌيڪ تفصيلي احوال نه ڏنو آهي. ان ڪتاب مان صرف مڪي جي فتح وارو حصو ڏنو اٿس، جنهن مان هن ڪتاب جي اصليت جي باري ۾ ڪابه خبر ڪانه ٿي پوي، ته اهو ڪتاب ڪيترن حصن، بابن يا فصلن تي مشتمل آهي. ازان سواءِ، اهو به نه ٻڌايو اٿس ته هيءُ ڪتاب ڪڏهن ۽ ڪهڙي سن ۾ لکيو ويو ۽ کيس انهيءَ ڪتاب جو قلمي نسخو ڪهڙي ذريعي سان هٿ لڳو!

مڪي جي فتح جو مڪمل متن، ٽماهي مهراڻ حيدرآباد سنڌ جي سيرت نمبر 1980ع ۾ ڏنو ويو آهي. ڊاڪٽر صاحب متن سان گڏ، ان جو موجوده نثر ۾ خلاصو  ۽ آخر ۾ ضروري وضاحتون به ڏنيون آهن. مخدوم صاحب، هن ڪتاب کي وڌيڪ معتبر بنائڻ لاءِ ڪيترن ئي ڪتابن جا حوالا محققانه انداز ۾ آندا آهن، جن هن ڪتاب کي وڌيڪ اهميت ۽ افاديت وارو بڻايو آهي.

8. سـَـڱ نامو:

سـَـڱ نامو، دراصل ڇهن ڪتابن جو هڪ مجموعو آهي، جنهن ۾ پنج ٻيا رسالا به شامل آهن، جهڙوڪ: ايمان مجمل ۽ مفصل، نڪاح جي ترتيب، نڪاح جو خطبو، ميت جو وقت وارڻ ۽ ميت جو ورثو تـَـرڪو. انهن رسالن مان ميت جي وقت وارڻ وارو رسالو مولوي عبدالرزاق نالي هڪ بزرگ جو لکيل آهي. هن مجموعي ۾ آيل سـَـڱ نامو، مخدوم عبدالله نرئي واري جو تاليف ٿيل آهي، جو ص 14 کان ص 60 تائين ڦهليل آهي. مخدوم صاحب هيءُ ڪتاب ڪڏهن ۽ ڪهڙي سن ۾ جوڙيو، اهو ان ۾ ڪونه ڄاڻايو اٿس. هن مجموعي کي قاضي عبدالڪريم ولد قاضي نور محمد  پلبندريءَ سن 1336هه/ 1918ع ۾ مطبع ڪريمي، بمبئيءَ مان ڇپائي پڌرو ڪيو.

مخدوم عبدالله سڱ نامي ۾، اهم ۽ مکيه فقهي مسئلن کي ڪتاب جو موضوع بڻايو آهي. هن ننڍڙي رسالي ۾ محرمات، رضاعي ڀاءُ ڀيڻ، طلاق ۽ ان جي الڳ الڳ نمونن متعلق مسئلا چــُـونڊي جمع ڪيا ويا آهن. مخدوم صاحب هن رسالي جي شروع ۾، مواد جي باري ۾ پنهنجي بيان ڪيل تمهيد ۾ ان جو ذڪر ڪيو آهي. محرمات جي باري ۾ 81 عورتن کي نروار ڪيو ويو آهي، جن سان شريعت جي روشنيءَ ۾ نڪاح ڪرڻ حرام آهي. رضاعي ڀاءُ ۽ ڀيڻ، يعني ٿڃ شريڪ به محرمات ۾ شامل آهن، ۽ انهن جو نڪاح ڪرڻ بلڪل جائز نه آهي. اصول يا فروع مان ڪنهن مرد جا ڪنهن عورت سان ناجائز تعلقات آهن، ته ان تي مخدوم صاحب روشني وڌي آهي. چئن کان وڌيڪ عورتن سان نڪاح ڪرڻ واري مسئلي تي به مخدوم صاحب نهايت ئي عالمانه انداز ۾ بحث ڪيو آهي. ڪنيزن، يعني ٻانهين بابت به ڄاڻ ڏني اٿس. قسم کڻڻ ۽ ان جي قـِـسمن بابت پڻ ڪتاب ۾ معلومات ڏني ويئي آهي.

سڱ نامو، سنڌي ٻوليءَ جي فقهي ادب ۾ وڏو بلند مقام رکي ٿو. سنڌي زبان ۾ انهيءَ نوعيت جو ٻيو ڪوبه ڪتاب نه لکيو ويو آهي. مخدوم صاحب جي انهيءَ ڪتاب کي جيڪڏهن موجوده سنڌي نثر ۾ آندو وڃي، ته اهو سنڌ جي ديني مدرسن ۾ استادن ۽ طالبن لاءِ مفيد ثابت ٿيندو. مخدوم صاحب هن ڪتاب ۾ جيڪو سنڌي نظم استعمال ڪيو آهي، ان ۾ شيريني ۽ فصاحت گهڻي سمايل آهي.

9. صفت بهشت:

مخدوم عبدالله نرئي واري صفت بهشت جي نالي سان پڻ سنڌي زبان ۾ هڪ منظوم ڪتاب تصنيف ڪيو آهي. هن ڪتاب جي باري ۾ سنڌ جي ڪنهن به عالم ۽ تذڪره نگار ڪوبه مفصل احوال بيان نه ڪيو آهي. راقم کي انهيءَ ڪتاب جا ٻه قلمي نسخا شڪسته حالت ۾، سنڌ جي قديم شهر روهڙيءَ جي معزز موسوي خاندان جي هڪ وڏي عالم ۽ تعليمي ماهر، سيد عطا حسين موسويءَ جي ڪتبخاني مان سندس لائق ۽ فائق پوٽي، انجنيئر سيد عبدالحسين موسويءَ جي ذريعي دستياب ٿيا آهن. هن وقت اهي ٻئي قلمي نسخا منهنجي سامهون آهن. اهي ٻئي قلمي نسخا تيرهين صدي هجريءَ جي آخر ۽ چوڏهين صدي هجريءَ جي شروعات جا معلوم ٿين ٿا. راقم انهن ٻنهي قلمي نسخن تي پنهنجي طرفان نمبر 1 ۽ 2 لڳايا آهن، ته جيئن انهن کي پڙهندڙن جي  اڳيان سولائيءَ سان نروار ڪري سگهجي. انهن مان قلمي نسخو نمبر-1 اُڻونجاهه باب کان شروع ٿئي ٿو. هيءُ نسخو وڏيءَ تختيءَ تي لکيل آهي. هر هڪ صفحي تي 15 سٽون آهن ۽ عربي – سنڌي خط نسخ ۾ ڪتابت ٿيل آهي. خط ســُـهڻو ۽ صاف ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هيءُ نسخو 134 صفحن تي مشتمل آهي. ڪاتب، هن نسخي کي ڪنهن قديم نسخي تان نقل ڪري، اهائي ساڳئي سنڌي صورتخطي قائم رکي آهي. هن نسخي جي آخر ۾،ڪاتب پنهنجو نالو، سن ۽ تاريخ وغيره نه ڏنا آهن.

قلمي نسخو نمبر 2 چوونجاهه باب کان شروع ٿئي ٿو. هيءُ نسخو ڊبل ڪرائون سائيز ۾ آهي ۽ 270 صفحن تي ڦهليل آهي. هر هڪ صفحي تي سٽن جو تعداد هڪ جهڙو نه آهي، ڪٿي 9 تي ڪٿي 11 ۽ 12 سٽون ڏنل آهن. انهيءَ قلمي نسخي جي پهرئين ورق تي کاٻي طرف ڪتاب تحفـته العام لکيل آهي، جو ڪاتب جو لکيل معلوم ٿئي ٿو. هيءُ قلمي نسخو محمد صديق  نالي هڪ ڪاتب 1304هه/ 1886ع ۾ ڪنهن قديم قلمي نسخي تان نقل ڪيو آهي. اکر صاف ۽ پڙهڻ جي لائق  آهن. هن نسخي سان اُڏوهيءَ چڱي خاصي جــُـٺ ڪئي آهي ۽ صفحن جا صفحا کاڌل نظر اچن ٿا. هن نسخي جي آخر ۾ ڪاتب پنهنجو نالو ۽ سن هن ريت ڄاڻايو آهي:

بقلم محمد صديق مسڪين احقر، تاريخ 23- ربيع الاول 1304هه

انهن ٻنهي نسخن جي پــُـڄاڻي هڪ جهڙي آهي، ۽ انهن جو جڏهن غور سان اڀياس ڪجي ٿو ته اهو معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ اصل ۾ هڪ مڪمل ڪتاب آهي، جو مخدوم صاحب جي ڪنهن ٻئي وڏي ڪتاب تان ورتو ويو آهي.  جهڙيءَ طرح، ڪنزالعبرت تان پوئين دور جي بزرگن ان جا جدا جدا حصا ڪري، ڪتابچن جي صورت ۾ آندا آهن.

مخدوم عبدالله هن ڪتاب ۾ بهشت جو ذڪر بيان ڪيو آهي. مؤمن جيڪي پنهنجن نيڪ عملن جي ڪري بهشت ۾ داخل ٿيندا ۽ انهن تي الله تعاليٰ جي طرفان جيڪي رحمتون ۽ نعمتون نازل ٿينديون، تن جو بيان ڪيو ويو آهي. بهشتي مؤمنن جون وصفون ۽ بهشت وارن کي جيڪا خوشي ۽ آسودگي حاصل ٿيندي، ان جو پڻ مخدوم صاحب تفصيل سان ذڪر ڪيو آهي. مخدوم صاحب هن ڪتاب ۾ جيڪي ڳالهيون آنديون آهن، تن کي قرآن مجيد ۽ حديث شريف جي روشنيءَ ۾ مثالن سان عالمانه انداز ۾ سمجهايو آهي. ان سان گڏ، حضور نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم  جن جي نــُـور، شفاعت ۽ ٻين ڪيترين ڳالهين کي سهڻي نموني ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب جي وڏي خوبي اها آهي ته مصنف جاءِ بجاءِ قرآن شريف جون آيتون ۽ حديث شريف جي عبارتن جا اصل ٽــُـڪرا سـَـنـَـدَ طور ڪتب آندا آهن. حديثن بيان ڪرڻ وقت، حديث جي ڪتابن جا نالا ۽ ٻين ڪيترن معتبر ۽ مشهور ڪتابن جا نالا پڻ حوالي طور ڏنا ويا آهن، جهڙوڪ: تفسير بيضاوي، تفسير معالم التنزيل، تفسير بحرالمواج، تفسير مدارڪ، تفسير امام بقالي، مبدالعالم، مفاتيح الجنان، فتويٰ زينيه، مجمع الجوامع، شرح نقايته الاثر، غنيته الطالبين، احياءُ العلوم، تنبيه الغافلين، سفرالسعادت ۽ ابولليث جو ڪتاب بــُـستان وغيره.

ازان سواءِ، مخدوم صاحب پنهنجي هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي اصحابن سڳورن، عالمن، بزرگن، محدثن ۽ فقيهن جا قول ۽ روايتون پڻ هر هنڌ بيان ڪيون آهن، مثلاً: حضرت عبدالله بن عباس، حضرت جابر بن عبدالله، حضرت ابوهريره، حضرت سعد بن جبير، حضرت ابوخذري، حضرت عبدالله بن مسعود، حضرت عبدالله بن عمر، حضرت امام غزالي، حضرت ڪعب، حضرت عبدالله بن سلام، امام بيهقي ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي وغيره. مخدوم عبدالله، صفت بهشت(1) ۾ نظم جو اهو ساڳيو ئي الف- اشباع جي سٽاءَ وارو نمونو استعمال ۾ آندو آهي. هيءُ ڪتاب منظوم سنڌيءَ ۾ مواد جي لحاظ کان پنهنجيءَ نوعيت جو بهترين ۽ معياري ڪتاب آهي. ڪتاب جي آخر ۾، مخدوم صاحب پنهنجن ٻين ڪتابن وانگر ساڳئي نموني ۾ پنهنجو نالو پڻ استعمال ۾ آندو آهي.

10. خزانــه اعظم:

مخدوم عبدالله نرئي واري جي اڻ ڇپيل سنڌي ڪتابن مان خزانه اعظم هڪ وڏو ضخيم ڪتاب آهي. علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جو قول آهي ته هيءُ ڪتاب اٺن جلدن ۾ قلمي صورت ۾ سنڌ جي مشهور ۽ معروف ڪتبخاني ، پير جهنڊي ۾ موجود هو. پير جهنڊي وارن جو اهو سمورو ڪتبخانو، ڪراچيءَ جي قومي عجائب گهر وارن خريد ڪيو. اهڙيءَ طرح، اهو ڪتاب هن وقت قومي عجائب گهر جي قلمي ڪتابن جي سيڪشن ۾ رکيل آهي. (51) هيءُ مڪمل نسخو آهي، جو نهايت سهڻي ۽ بهترين خط ۾ ڪتابت ڪيل آهي. انهيءَ ڪتاب جو پهريون جلد، ڪاتب عبدالسلام بن عبدالله بن مخدوم عبدالرحمان تاريخ 25- ربيع الثاني 1266هه/10- مارچ 1850ع تي ڪتابت ڪري مڪمل ڪيو. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب انهيءَ ڪتاب جي پهرئين جلد تان مواد کڻي، ان کي جديد نثر ۾ آندو آهي، جو خزانه اعظم جي نالي سان 1994ع ۾ مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور سنڌ طرفان ڇپجي پڌرو ٿيو.

مخدوم عبدالله هن ڪتاب ۾ اسلامي تعليمات جي هرڪنهن عنوان تي نهايت ئي عالمانه انداز ۾ قرآن مجيد ۽ حديث شريف جي روشنيءَ ۾ ڄاڻ ڏني آهي. ان سان گڏ، عبادتن جو مقصد ۽ ان جي طريقن تي به مفصل روشني وڌي ويئي آهي. اسلامي قانون ۽ فقهي مسئلن سان گڏ، دنيوي معاملن بابت ذڪر بيان ڪيو ويو آهي. انساني معاشري ۾ جيڪي چڱايون ۽ خرابيون آهن، انهن جي اسلامي لحاظ کان سمجهاڻي ڏني ويئي آهي. خزانته اعظم  جي اهميت ۽ افاديت جي باري ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جو قول آهي ته مخدوم عبدالله نرئي واري جو هيءُ ڪتابُ، امام غزاليءَ جي مشهور ڪتاب احياءِ علوم الدين جي هم پلئه آهي.(52)

مخدوم عبدالله نرئي واري سنڌي زبان ۾ تصنيف ۽ تاليف جو تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. دراصل، مخدوم صاحب جي انهن ڪتابن جو سنڌ جي ڪنهن به عالم مفصل نموني ۾ مطالعو نه ڪيو آهي. اهوئي ڪارڻ آهي، جو مخدوم صاحب جي ڪتابن ۾ آيل ڪيتريون ڳالهيون ۽ وضاحتون سامهون اچي نه سگهيون آهن. تازو، مخدوم صاحب جي ڪتاب بدرالمنير جو  مطالعو ڪندي، هڪ نهايت ئي اهم نـُڪتو سامهون آيو آهي. مخدوم صاحب  پنهنجي انهيءَ ڪتاب ۾ ڄاڻائي ٿو ته پاڻ ڪنزالعبرت جي شرح ۾ خزانه اعظم تصنيف ڪيو اٿائين. دراصل، مواد جي لحاظ کان ڪنزالعبرت، مخدوم صاحب جو هڪ بهترين ۽ عمدو ڪتاب آهي.

راقم جي آڏو اصل ڪتاب خزانه اعظم جو ڪوبه نسخو موجود ڪونهي. ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ هن ڪتاب جي هڪ حصي جو نثري انتخاب ڪيو آهي، جنهن جي روشنيءَ ۾ خزانـه اعظم جي مواد متعلق ڪجهه چئي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر صاحب پنهنجي انهيءَ نثري انتخاب ۾ خزانه اعظم جي هڪ جلد جي نـَـوَن بابن کي منظوم سنڌيءَ  مان موجوده رائج نثر ۾ آندو آهي. مخدوم صاحب هن ڪتاب ۾ قرآن مجيد جون آيتون ۽ حديث شريف جي اصل عبارتن جا ٽــُـڪرا پنهنجي بيان ڪيل مسئلن جي ڀراءَ ۾ شاهديءَ طور استعمال ڪيا آهن. مخدوم صاحب، انهيءَ ڏس ۾، حديث جي ڪتابن، تفسيرن ۽ ٻين ڪيترن ئي علمي ڪتابن جا نالا حوالي طور ڏنا آهن. ساڳئي وقت، مخدوم صاحب ڪيترن ئي صحابه ڪرام، عالمن، بزرگن، محدثن ۽ فقيهن جا نالا ۽ انهن جون معتبر روايتون ۽ قول پڻ بيان ڪيا آهن.(54)

بهرحال، مخدوم عبدالله پنهنجي هن شاهڪار ۾ وڏيءَ محنت ۽ ذهانت جو مظاهرو ڪيو آهي. هن ڪتاب جي علمي اهميت، افاديت ۽ محققانه انداز مان اهو معلوم ٿئي ٿو ته مخدوم صاحب پاڻ ڪيتري قدر وڏي بــُـلند پايي جو عالم هو! هيءُ ڪتاب سنڌي زبان جي ديني ۽ مذهبي ادب جو هڪ وڏو عظيم شاهڪار آهي، ۽ هن وقت تائين ان معيار جهڙو ٻيو ڪوبه ڪتاب تصنيف يا تاليف نه ڪيو ويو آهي.

11. جامع الڪلام في منافع الانام:

مخدوم عبدالله نرئي واري ۽ ٺٽي جي عالمن درميان علمي ۽ تعليمي لحاظ کان ڳانڍاپو هو ۽ سندن درميان خط و ڪتابت جو سلسلو پڻ جاري هو. مخدوم صاحب جي سنڌ ۽ ٺٽي وارن عالمن سان انهيءَ خط و ڪتابت جي ذريعي قيمتي معلومات ملي ٿي. مخدوم صاحب 2- ربيع الاول 1203هه/ 1- ڊسمبر 1788ع تي انهن خطن کي هڪ ڪتاب جامع الڪلام في منافع الانام جي نالي سان ترتيب ڏنو.

مخدوم صاحب هن مجموعي ۾ ٺٽي شهر جي وڏن عالمن، جهڙوڪ: مخدوم ضياء الدين، مخدوم محمد هاشم، مخدوم نجم الدين، مخدوم عبدالصمد ۽ وقت جي ٻين ڪيترن ئي ناميارن بزرگن جا خط ڏنا آهن، جن سان سندس وڏي عقيدت ۽ محبت هئي ۽ انهن وٽ به سندس لاءِ وڏي عزت ۽ احترام هو. انهيءَ مذڪور مجموعي ۾ خواجه محمد  زمان لواري واري، مخدوم ضياءُ الدين جي پــُـٽن، هر هڪ مخدوم محمد صادق ۽ مخدوم نعمت الله ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي فرزندن، مخدوم عبدالرحمان ۽ مخدوم عبداللطيف جا به خط آهن. هن مجموعي ۾ 32 عربيءَ ۾ ۽ 60 فارسيءَ ۾ لکيل خط شامل آهن.(55)

هيءُ مجموعو نهايت ئي قيمتي آهي. انهن خطن جي مطالعي مان اُن دؤر جي علمي ۽ مذهبي رجحانن ۽ فڪرن جي ڄاڻ ملي ٿي. ساڳئي وقت، ٺٽي کان سواءِ، سنڌ جي ٻين عالمن جو به احوال ملي ٿو.ساهتي پرڳڻي جي عالم، مخدوم قاضي عبدالڪريم بن عبدالمالڪ نوشهرائيءَ جو به نالو ملي ٿو، جنهن سان مخدوم عبدالله  جي خط و ڪتابت جو رستو هو. بهرحال، هن مجموعي مان مخدوم عبدالله نرئي واري جو ان زماني ۾ علميت جي ساک جو پتو پوي ٿو.

11. مصباح الظلام في ائمته الانام:

مخدوم عبدالله نرئي واري جي هن ڪتاب جي نشاندهي سنڌ جي مشهور عالم ۽ محقق، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب ڪئي آهي. مخدوم صاحب جو هيءُ ڪتاب تاريخ جي موضوع تي لکيل آهي. ڊاڪٽر بلوچ صاحب انهيءَ ڪتاب جي قلمي نسخي جو پير جهنڊي جي ڪتبخاني ۾ معائنو ڪيو هو. (56) هن ڪتاب جي باري ۾ ٻي ڪابه معلومات ڪانه ٿي ملي.

 

حوالا

(1) ميمڻ محمد صديق، خانبهادر: سنڌ جي ادبي تاريخ - جلد پهريون، آر.ايڇ. احمد ائنڊ برادرس، حيدرآباد سنڌ، ڇاپو نائون 1967ع، ص 92

(2) برٽن رچرڊ. ايف : سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ ۾ وسندڙ قومون،مترجم: محمد حنيف صديقي، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1971ع، ص 79

(3) ايضاً، ص 80

(4) ڏسو حوالو نمبر (1)، ص 91 ۽ 92

(5) مير علي شير قانع ٺٽوي:تحفته الڪرام (سنڌي)، مترجم: مخدوم امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1957ع، ص 559 ۽ 560

(6) ڏسو حوالو نمبر (1)، ص 91

(7) هاشمي عبدالقدوس: تقويم تاريخي (اردو)، اداره تحقيقات اسلامي، اسلام آباد، ڇاپو ٻيو 1987ع، ص 277

(8) ڏسو حوالو نمبر(5)، ص 560 ۽ 561

(9) مير علي شير قانع ٺٽوي: مقالات الشعراءِ“ (فارسي)، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1957ع، ص 396

(10) بلوچ نبي بخش خان، ڊاڪٽر:مداحون ۽ مناجاتون، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد سنڌ، 1959ع، ص 59

(11) مخدوم عبدالله نرئي وارو: ڪنزالعبرت، مطبوعه ايجوڪيشنل پريس، ڪراچي سنڌ، 1380هه/1960ع. ڏسو: علامه غلام مصطفيٰ قاسمي صاحب جو لکيل مهاڳ. علامه قاسمي صاحب جو اهو مهاڳ، ٽماهي مهراڻ، حيدرآباد سنڌ جي سال 1988ع جي ٽئين پرچي ۾ پڻ شايع ٿيو.

(12) ڏسو حوالو نمبر(10)

(13) ڏسو حوالو نمبر (2)، ص 80

(14) ڏسو حوالو نمبر (11)

(15) بلوچ نبي بخش خان، ڊاڪٽر: رهاڻ هيرن کاڻ - جلد ڇهون، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور سنڌ، 2005ع، ص 59

(16) ڏسو حوالو نمبر (11)

(17) جوڻيجو عبدالجبار، ڊاڪٽر:سنڌيون، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو سنڌ، 1970ع، ص 72 ۽ 73

(18) ڏسو حوالو نمبر (11)

(19) سرائي امداد علي، فقير: قدم ڪاپڙين جا، ادارو اشاعت رسالو شاهه عبداللطيف ڪاڇيلو ننگر، حيدرآباد سنڌ، 1987ع، ص 130

(20) قادري عبدالرسول، ڊاڪٽر:مخدوم محمد هاشم ٺٽوي: سوانح حيات ۽ علمي خدمتون، مفتي اعظم سنڌ اڪيڊمي، ڪراچي سنڌ، 2002ع، ص 84 ۽ 85

(21) ڏسو حوالو نمبر (15)، ص 57

(22) ايضاً، ص 58

(23) ايضاً، ص 57

(24) ايضاً، ص 58

(25) ايضاً، ص 64

(26) ڏسو حوالو نمبر (2)

(27) قاضي يار محمد، ڊاڪٽر: سنڌي ٻوليءَ ۾ فقهي ادب جو ارتقا (قلمي سنڌي)، پي ايڇ.ڊي لاءِ پيش ڪيل تحقيقي مقالو، سنڌ يونيورسٽي، ڄام شورو سنڌ، ص 304

(28) ڏسو حوالو نمبر (11)

(29) ايضاً

(30) مخدوم عبدالله نرئي وارو: خزانه اعظم، مرتب: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، مهراڻ اڪيڊمي ، شڪارپور سنڌ، 1994ع، ڏسو مقدمو، ص 28

(31) ايضاً

(32) مخدوم عبدالله نرئي وارو: خزانته الابرار(قلمي عڪسي) ، مملوڪه: ساهتي لائبريري، نواب شاهه سنڌ، ص 423 ۽ 424

(33) ايضاً، ص 425

(34) ڏسو حوالو نمبر (30)، ص 18

(35) مخدوم عبدالله نرئي وارو: بدرالمــُـنير، مطبع فتح الڪريم، بمبئي، 1302هه/ 1885ع، ص 4

(36) ايضاً

(37) مخدوم عبدالله نرئي وارو: نــُـورالابصارُ ، مطبع حيدري، بمبئي، 1300هه/ 1883ع، ص 7 ۽ 8

(38) ايضاً، ص 539 ۽ 540

(39) ايضاً، ص 541

(40) امداد حسيني:سنڌ جي ديني ادب جو ڪئٽالاگ، انسٽيٽوٽ آف سنڌالاجي، ڄام شورو  سنڌ، 1971ع، ص 17

(41) ڏسو حوالو نمبر (1) ص 94

(42) ڏسو حوالو نمبر (2) ص 80

(43) راشدي حسام الدين ، سيد:سنڌي ادب (سنڌي)، مترجم: غلام محمد لاکو، گرامي پبليڪيشن، دولت پور صفن سنڌ، 1981ع، ص 108

(44) ڏسو حوالو نمبر (17) ص 74

(45) گهانگهرو عبدالرزاق، ڊاڪٽر: قرآن مجيد جا سنڌي ترجما ۽ تفسير (قلمي سنڌي)، پي ايڇ.ڊي لاءِ پيش ڪيل تحقيقي مقالو، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو سنڌ، 1990ع، ص 221

(46) مخدوم عبدالله نرئي وارو:تفسير احسن القصص (قلمي سنڌي) 1234هه/ 1819ع، ص 489

(47) ڏسو حوالو نمبر (30)، ص 30

(48) ڏسو حوالو نمبر (46)، ص 490

(49) ڏسو حوالو نمبر (1)، ص 100

(50) مخدوم عبدالله نرئي وارو: مڪي جي فتح، مرتب: ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ڏسو ٽماهي مهراڻ حيدرآباد سنڌ- سيرت نمبر،  نمبر 3 - 4 ، سال 1980ع، ص 248

(51) قاسمي غلام مصطفيٰ علامه:مقالات قاسمي، نفيس پرنٽنگ  پريس، حيدرآباد سنڌ، 2000ع، ص 171

(52) ايضاً

(53) ڏسو حوالو نمبر (35)، ص 87

(54) ڏسو حوالو نمبر (30)، ص 36 کان 44

(55) ڏسو حوالو نمبر (15)، ص 56

(56) ايضاً

                                                (اڻ ڇپيل)


(1) خبر نه آهي ته خانبهادر محمد صديق ميمڻ پنهنجي ڪتابسنڌ جي ادبي تاريخ (ص 92) ۾ ڪهڙيءَ آڌار تي مخدوم عبدالله واعظ جي ڪتابن جو ذڪر ڪيو آهي. ممڪن آهي ته مخدوم عبدالله نرئي واري جا مخدوم عبدالله واعظ ڏانهن منسوب ٿيل ڪي ڪتاب سندس نگاه مان گذريا هجن. مير علي شير قانع ٺٽوي ۽ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي قول موجب ته مخدوم عبدالله واعظ جو ڪوبه ڪتاب لکيل نه آهي.

(1) مرحوم محمد سومار شيخ پڻ پنهنجي ڪتابڪڇين جا قول (ص 43 - 142) ۾ خانبهادر  محمد صديق ميمڻ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب وارو ساڳيو احوال ورجايو آهي.

(2) مخدوم عبدالله نرئي واري جي متعلق، ڊاڪٽر غلام محمد لاکو سندس جنم جو امڪاني سال 1145هه/ 1732ع ڄاڻائي ٿو.(ڏسوتفسيرآيِت الڪرسي، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄام شورو سنڌ، 1990ع، ص 62) دراصل، تفسير آيـت الڪرسي واري تصنيف مخدوم عبدالله نرئي واري جي نه آهي، بلڪ هيءُ تفسير ٺٽي جي عالم، مخدوم ميان محمد بن مخدوم عبدالخالق ٺٽويءَ جو  جوڙيل آهي.

            ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي خيال موجب ته مخدوم صاحب 1140هه/ 1727ع يا ان کان ٿورو اڳ ڄائو هوندو!(ڏسوخزانه اعظم، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور سنڌ، 1994ع، ص 17)

(1) ســُـٿري ڳوٺ، نرئي کان ست ڪوهه اوڀرندي طرف واقع آهي. سـُـٿريءَ کي علامه قاسمي صاحب ســُـسري ڪري لکيو آهي.

(1) ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ پاڻ خود شايد مخدوم عبدالله نرئي واري جي انهيءَ ڪتاب خزانته الابرار جو مطالعو نه ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته هــُـن انهيءَ ڪتاب جي تصنيف ٿيڻ واري سن ۽ مواد جي باري ۾ ڪابه ڄاڻ نه ڏني آهي.

(1) اسان جو گمان آهي ته ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي صاحب ڪتاب بدرالــُـمنير جي باري ۾ جيڪو رايو قائم ڪيو آهي، اهو صرف ٻــُـڌ ســُـڌ جي بنياد تي ٻــَـڌل آهي. جيڪڏهن ڊاڪٽر صاحب جي نظر مان اهو ڪتاب گذري ها، ته پاڻ هوند انهيءَ طرح سان ڪوبه رايو قائم نه ڪري ها!

(1)  درگاهه شيخ احمد جي حالات لاءِ ڏسو، راقم جو پي ايڇ. ڊيءَ لاءِ تيار ڪيل تحقيقي  مقالو – ساهتي پرڳڻي جا قديم علمي مرڪز (قلمي سنڌي)، 1985ع

(1) تفسير آيت الڪرسيءَ جي هڪ قديم قلمي نسخي کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر غلام محمد لاکي مرتب ڪري، پاڪستان اسٽڊي سينٽر، ڄام شوري طرفان سن 1990ع ۾ تفسير آيت الڪرسي: قديم سنڌي تصنيف جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو. فاضل مرتب، هن ڪتاب کي مخدوم عبدالله نرئي واري جي تصنيف قرار ڏيئي، سندس حياتيءَ جي مختصر احوال سان ڇپايو هو. حالانڪه هيءُ  تفسير، مخدوم عبدالله نرئي واري جي تصنيف نه آهي، بلڪ اهو تفسير اصل ۾ خليفي ميان محمد ٺٽويءَ جو جوڙيل آهي. خليفي صاحب، ان دؤر جي مصنفن جي رواج موجب،تفسير آيت الڪرسيءَ جي آخر ۾ پنهنجو نالو پڻ استعمال ڪيو آهي، جو هن ريت آهي:

پڻ محمد کي مـِـهــرَ پئـِـي دُعا گـُـهرَنِ ڌَڻـِـيا... الخ

انهيءَ ڏس ۾، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ سن 1994ع ۾ مخدوم عبدالله نرئي واري جي مرتب ڪيل ڪتاب خزانه اعظم (ص 32 ۽ 33) ۾ تنقيد ڪئي هئي، تفسير آيت الڪرسي واري ڪتاب کي مخدوم عبدالله نرئي واري ڏانهن منسوب ڪيل روايت کي غلط  ٺهرايو هو. تفسير آيت الڪرسي جي ڇپجڻ کان پوءِ، جلد ئي مرتب پنهنجي غلطيءَ کي تسليم ڪندي، ان متعلق ٽماهي مهراڻ حيدرآباد سنڌ ۾ سال 1995ع جي 4 پرچي ۾، خليفي ميان محمد ٺٽويءَ جي هڪ وڌيڪ تصنيف جي عنوان سان مقالو لکي شايع ڪرايو، جنهن ۾ ان تفسير کي مخدوم عبدالله نرئي واري جي بجاءِ خليفي ميان محمد ٺٽويءَ جي تصنيف درست قرار ڏنو. خليفي ميان محمد ٺٽويءَ متعلق، تفصيل لاءِ  ڏسو راقم جو مقالو، ٽماهي مهراڻ حيدرآباد سنڌ، نمبر 3-4 سال 1994ع.

(1) تازو پروفيسر اسرار احمد علويءَ انهيءَ ڪتاب جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، جو سيرت هاشميءَ جي نالي سان مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور سنڌ طرفان 2003ع ۾ شايع ٿيو آهي.

(1) ڪن عالمن ۽ اديبن، هن ڪتاب جو نالوهفت بهشت ڪري ڄاڻايو آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45  46 47 48 49 50

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org