سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

باب-4

صفحو : 26

 

 

باب چوٿون

(ج) فارسي ڪتابن جو جائزو

ذريعة الوصول اليٰ جناب الرسول ( )

تصفيف جو سال: 17 رجب 1133هه

ڪاتب جو نالو: مخدوم محمد هاشم ٺٽوي (بخط مؤلف)

ڇپائيءَ جو هنڌ: سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ پريس، ڄام شورو

ڇپائيندڙ: مهراڻ آرٽس ڪائونسل، حيدرآباد سنڌ

ڇپائيءَ جو سال: نامعلوم

صفحن جو تعداد: مقدمو 2 صفحا، متن 62 صفحا، ڪل 64 صفحا. صفحي جي ڊيگهه ست انچ ۽ ويڪر پنج انچ آهي. هر صفحي ۾ 27 سٽون آهن ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 14 لفظ آهن.(1)

موضوع: سيرت النبي

متن جو شروعات: بسم الله الرحمان الرحيم. سبحانڪ لاعلم لنا الا ما علمتنا انڪ انت العليم الحکيم ولاحول ولا قوة الا بالله العلي العظيم. الحمدلله رب العالمين حمد الشاکرين. والصلواة والسلام عليٰ رسولھ محمد سيد الاولين والاخرين.

خاتمو: وحال آنکه ما در اول شب باتوئيم ونمي بينم که بصلواة اشتغال مي داري واگر کسي بفرستادن درود مشغول گردد و جدوجهد که زياده ازان درهيچ تصور نيايد و در تمام اوقات و ساعات شبانروز شصت هزار صلوات نمي توان گفت....

مخدوم صاحب جي فارسي تصنيفات مان هيءُ رسالو پهرئين فارسي دستياب تصنيف آهي. هن ڪتاب جي خاص خوبي اها آهي ته هيءُ ڪتاب خود مصنف مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي هٿ سان لکيل آهي. ان قلمي نسخي جو عڪس وٺي ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ ريت اهلِ علم وٽ مخدوم صاحب جا هٿ اکر پهريون ڀيرو ڇاپي ۾ سامهون آيا آهن. جيتوڻيڪ اڳ ۾ ڪن جهونن ڪتبخانن ۾ مخدوم صاحب جا هٿ اکر ۽ خطي قلمي نسخا موجود آهن، پر اشاعت هيٺ آيل هيءَ پهرئين ڪوشش آهي. هن سڄي ڪوشش جو سهرو علامه غلام مصطفيٰ قاسمي جي سر تي سونهي ٿو، جنهن مخدوم صاحب جو دستخط نسخو ايڊٽ ڪري، پندرهين صدي هجري تقريبات جي سلسلي م ”مهراڻ آرٽس ڪائونسل، حيدرآباد“ طرفان شايع ڪرايو آهي. هن رسالي ۾ 23 ڪتابن جا حوالا ڏنل آهن ۽ درود شريف جي عبارت ڳاڙهيءَ مس سان لکيل آهي. راقم جي لائبريريءَ ۾ ڇاپي نسخو موجود آهي. هيءُ رسالو سنڌ جي اڪثر ڪتبخانن ۾ موجود آهي.

مواد جو وچور:

هيءُ رسالو درود شريف بابت مرتب ٿيل آهي، جنهن ۾ درود شريف جا فضائل ۽ اهي صيغا، جي مرفوع موقوف حديثن ۽ آثار صحابه و تابعين ۽ خواب وغيره جي ذريعي صلواة جي ڪيفيت ملي آهي، انهن جو ذڪر آهي. مخدوم صاحب مقدمي ۾ وضاحت ڪندي لکي ٿو:

 ”حمد ۽ صلواة کان پوءِ الله جي رحمت ۾ اميدوار ضعيف ٻانهو، محمد هاشم پٽ عبدالغفور سنڌي چوي ٿو ته هيءُ مختصر رسالو آهي، جنهن ۾ صلواة ماثوره جون ڪيفيات، جيڪي حضور جن جي مرفوع حديثن ۽ آثار صحابه ۽ تابعين ۾ وارد آهن، اهي درج ڪيل آهن. البت هن رسالي ۾ ڪجهه صلواة جون ڪيفيات اهڙيون به شامل آهن، جيڪي ضعيف حديثن مان وارد آهن. ضعيف، مرسل، منقطع ۽ معضل حديثن تي فضائل اعمال ۾ عمل ڪري سگهبو آهي. ان تي سڀني جو اتفاق آهي. جيئن ابن حجر مڪي ’فتاويٰ حديثيھ‘ ۾ وضاحت ڪئي آهي. هيءُ رسالو اربع جي ڏينهن، تاريخ 2 رجب سن 1133هه تي لکجڻ شروع ٿيو ۽ تاريخ
17 رجب (پندرهن ڏينهن ۾) لکجي پورو ٿيو، جيتوڻيڪ ان وچ ۾ ڪجه رڪاوٽون به پيون. هن رسالي جو نالو ’ذريعة الوصول اليٰ جناب الرسول
‘ رکيو ويو آهي.“

مخدوم صاحب مواد جي ورڇ جو احوال هن ريت آندو آهي:

هن رسالي ۾ ڪل پنج فصل آهن:

فصل-1: صلواة جون اهي ڪيفيتون، جيڪي نبي جن کان منقول آهن.

فصل-2: صلواة جون اهي ڪيفيتون، جيڪي نبي جن کان ننڊ ۾ منقول آهن.

فصل-3: صلواة جون اهي ڪيفيتون، جيڪي اصحابن ۽ تابعين جي ڪلام مان منقول آهن.

فصل-4: صلواة جون اهي ڪيفيتون، جيڪي اصحابن ۽ تابعين کان سواءِ علماء راسخين ۽ قدماءِ صالحين کان منقول آهن.

فصل-5: صلواة جي سڀني ڪيفيتن مان وڌيڪ افضل ڪيفيت ڪهڙي آهي؟ ان ۾ عالمن جو اختلاف.

ڄاڻڻ گهرجي ته احاديث ماثوره جي تعداد کي اڳين عالمن جي وڏي جماعت جمع ڪيو آهي.

مخدوم صاحب مقدمي جي آخر ۾ لکي ٿو:

 ”مون انهن سڀني مصنفن جي ڪتابن مان انتخاب ڪري، اختصار جي طريقي تي هيءُ رسالو مرتب ڪيو آهي. مون اڪثر مواد بالواسطه ورتو آهي ۽ ڪجهه بغير واسطي جي. مون رڳو صلواة جي ڪيفيات تي اڪتفا ڪئي آهي، البت فضائل صلواة ۽ معنيٰ کي ڇڏي ڏنو اٿم، ته جيئن طالبن لاءِ سولائي ۽ صلواة جي شوق رکندڙن لاءِ سهنجائي ٿئي.“

اهڙيءَ ريت رسالي جو پهريون ڀاڱو 42 صفحن تي پورو ٿئي ٿو، ۽ ان کان پوءِ ضميمي طور شيخ عبدالحق محدث دهلوي، علامه قاضي عياض ۽ مخدوم عمر موئره جي رسالي تان صلواة جي صيغن جو احوال شروع ٿئي ٿو، جيڪو 62 صفحي تي ختم ٿئي ٿو. جيتوڻيڪ اهو ضميمو اڃا جاري آهي، پر اڏوهي ۽ ٻين سببن ڪري اڳتي صفحا کاڌل ۽ کٽل آهن. ڪتاب جي اوڙڪ جو پتو نه ٿو پوي.

هن ڪتاب جي مرتب، علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو چوڻ آهي ته (سنڌ جي عالمن مان درود شريف بابت) مخدوم صاحب جي هيءَ پهرئين علمي ڪوشش آهي.(1)


 

 

فتح الڪلام في ڪيفيت اسقاط

 

الصلواة والصيام

هن رسالي جو ڪاتب فقير دوست محمد بن شاهه محمد آهي. ڪتابت جو سنه نامعلوم. مواد 27 صفحا آهي. صفحي جي ڊيگهه اٺ انچ ۽ ويڪر ڇهه انچ آهي. هر صفحي ۾ 12 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 12 لفظ آهن. هيءُ رسالو ايتري قدر ته مقبول ٿيو، جو هندستان جي مطبع محمد وزير واقع ڪلڪتي مان سن 1300هه ۾ شايع ٿيو. هن رسالي جو ڇاپي نسخو محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مدرسه سونڊا ۽ ٻين ڪتبخانن ۾ موجود آهي. راقم کي انهيءَ رسالي جي هڪ قلمي نسخي جو عڪس سنڌالاجيءَ مان مليو.

مواد جو وچور:

هن رسالي ۾ ميت جي طرفان فديه ادا ڪرڻ جي ڪيفيت ۽ ميت جي طرفان روزن ۽ نمازن معاف ڪرائڻ يا اسقاط جو طريقو بيان ٿيل آهي. مخدوم صاحب هن رسالي جي مقدمي ۾ لکي ٿو:

 ”مون هن رسالي کي فارسي عبارت ۾ مومنن جي سهولت خاطر مرتب ڪيو آهي. هيءُ رسالو جمعي جي رات، تاريخ 20 شوال سن 1133هه تي لکڻ شروع ڪيو ويو. هن رسالي جو نالو ’فتح الکلام في کيفيت اسقاط الصلواة والصيام ‘رکيو ويو آهي ۽ پنجن فصلن تي مشتمل آهي.“

اصل ۾ شرعي لحاظ سان ميت جي مٿان جيڪي الله تعاليٰ جا حق، فرض ۽ واجب رهيل آهن، جيئن نماز، روزا، زڪواة، حج، نذر يا باس، ڪفاره، صدقه فطر، عشر ۽ سجده تلاوت وغيره. انهن طرفان فديون ڏبو آهي. مخدوم صاحب به هن رسالي ۾ ميت جي طرفان نماز ۽ روزن جي فديي ۽ اسقاط جو احوال ۽ طريقو بيان ڪيو آهي. هيءُ سمورو مواد پنجن فصلن ۾ ورڇيل آهي ۽ انهن جا عنوان هن ريت آهن:

فصل اول: در بيان احکام وجوبھ دادن فديھ بر ولي ميت از ترکه ميت.

فصل دوم: در بيان مقدار فديھ صلواة والصيام.

فصل سوم: در بيان آنکه لازم است بر ولي اداء سائر حقوق واجبھ بر ولي غير صلواة و صوم از ترکه او.

فصل چهارم: در بيان کيفيت اسقاط صلواة و صوم به فديھ .

فصل پنجم: در بيان بعضي مسائل متفرقھ با حکام فديھ .


 

 

رشف الزلال في تحقيق فيءِ الزوال

هن رسالي ۾ 14 صفحا آهن. هر صفحي جي ڊيگهه ٻارهن انچ ۽ ويڪر ست انچ آهي. هر صفحي ۾ 14 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 18 کان 21 لفظ آهن. ڪاتب ۽ ڪتابت جو سال نامعلوم آهي.

هيءُ رسالو قلمي صورت ۽ فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل آهي. نماز بابت اهم مسئلي جي تحقيق ٿيل آهي. راقم وٽ ڳڙهي ياسين ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتبخاني جا عڪس موجود آهن. هن جي خاص خوبي هيءَ آهي ته مخدوم صاحب فارسيءَ سان گڏ پنهنجا خواه اڳين عالمن جا سنڌي شعر حوالي طور آندا آهن. خود مخدوم صاحب جي فارسي شاعريءَ جا 11 نوان بيت به دستياب ٿيا آهن. راقم هن رسالي جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي، جو سن 1994ع ۾ سنڌي لينگويج اٿارٽي، حيدرآباد سنڌ طرفان شايع ٿيو آهي.

مواد جو وچور:

اسلام جي پنجن رڪنن مان ”نماز“ کي اهم حيثيت حاصل آهي. نماز ادا ڪرڻ لاءِ وري صحيح وقت سڃاڻڻ ۽ وقت تي پابنديءَ سان نماز ادا ڪرڻ لازمي آهي. هينئر ته گهڙيال ۽ واچون عام جام آهن. ايتري قدر جو نماز جي بانگ به ريڊئي ۽ ٽيلويزن تان نشر ٿئي ٿي، تنهنڪري نماز جي وقتن جي سمجهڻ لاءِ ڪابه ڏکيائي ڪانهي. گذريل دور ۾ اڪثر وقت جو حساب رات جو تارن ۽ نکٽن ذريعي جاچيندا هئا ۽ ڏينهن جو وري خاص ڪري ٻپهري نماز جو پهريون ۽ آخري وقت سج جي پاڇي وسيلي معلوم ڪري، نماز ادا ڪندا هئا. شرعي لحاظ سان به هر نماز مقرر وقت تي پڙهڻي آهي. اڳئين نماز جو وقت پـُـور منجهند ٿيندي ئي سج لڙڻ سان شروع ٿئي ٿو. پر سوال هو ته اڳئين نماز جي آخري وقت واريءَ حد کي لڙيل پاڇي جي لحاظ سان ڪيئن سڃاڻجي ۽ ٽپهري نماز جي شروعات ڪيڏيءَ مهل ڪجي؟

سج اڀرڻ کان پوءِ جيئن جيئن سج مٿي چڙهندو ايندو آهي، تيئن تيئن هر شيءِ جو پاڇو گهٽبو ويندو آهي. جڏهن سج پنهنجي پنڌ جو پورو اڌ ختم ڪري ڪاپار تي ايندو آهي، تڏهن هر شيءِ جو پاڇو ننڍي ۾ ننڍو ٿيندو آهي، جنهن کي فقھ وارن جي اصطلاح ۾ ”اصلي پاڇو“ يا ”فيءِ الزوال“ چئبو آهي. فقھ جي مشهور درسي ڪتاب ”قدوري“ جو صاحب لکي ٿو:

 ”ظهر جو وقت سج لڙڻ کان شروع ٿئي ٿو ۽ امام ابو حنيفي رحمة الله عليھ جي نزديڪ انهيءَ وقت ختم ٿئي ٿو، جڏهن هر هڪ شيءِ جو پاڇو انهيءَ شيءِ کان ٻيڻو ٿي وڃي ٿو. امام ابو يوسف ۽ امام محمد جي نزديڪ ظهر جو وقت تڏهن ختم ٿئي ٿو، جڏهن هر هڪ شيءِ جو پاڇو انهيءَ جيترو ٿئي ٿو.“ (1)

هيءَ ڳالهه خيال ۾ رکڻ گهرجي ته هيڪوڻي يا ٻيڻي پاڇي ۾ اهو پاڇو شمار نه ڪبو، جو هرهڪ شيءِ تي ٽاڪ منجهند وقت موجود هوندو آهي. جڏهن سج چوٽيءَ تي ايندو آهي، جنهن کي ”فيءِ الزوال“ چوندا آهن.(2)

هن رسالي جي لکجڻ جو پس منظر هيءُ آهي ته مخدوم صاحب کان اڳ ۾ ٻپهريءَ جو اصلي پاڇو ماپڻ، ان کي سمجهڻ ۽ سڃاڻڻ لاءِ سنڌ جي ڪن عالمن فارسي ڪتابن ۽ سنڌي بيتن ۾ اصلي پاڇي جا اصول ۽ طور طريقا بيان ڪيا، جيڪي غالباً سنڌ کان ٻاهر ڪن ٻين ملڪن لاءِ اتان جي عالمن عربيءَ يا فارسي عبارت ۾ لکيا هئا، جن کي وري سنڌ جي عالمن سليس فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ منظوم ڪيو.

مخدوم صاحب سنڌ جي عالمن جا اهي آڳاٽا فارسي ۽ سنڌي بيت پنهنجي هن رسالي ۾ حوالي طور نقل ڪيا آهن. مخدوم صاحب تحقيق ۽ تجربو ڪري، انهن جدولن ۾ غلطيون محسوس ڪندي پاڻ هن ريت تجربو ڪيو. مخدوم صاحب لکي ٿو:

 ”جڏهن ٻين مصنفن جون عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ لکيل جدولون ڀيٽيون ويون ته انهن ۾ ڪافي فرق هو، ڇو ته انهن بزرگن اڳين ڪتابن ۾ جيڪو طريقو ذڪر ڪيل ڏٺو، ان کي سنڌي بيتن ۾ آڻي ڇڏيائون. اصل ۾ اهو پاڇو ٻين ملڪن ۾ آزمايل هو. ان ڪري مون پاڻ ابتدا حمل تاريخ 6 جمادي الاوليٰ سن 1132هه تي اصلي پاڇو ڪـَـڇڻ شروع ڪيو. اهڙيءَ طرح اهو تجربو شمسي سال جي برابر 17 جمادي الاوليٰ سن 1133هه تي پورو ٿيو. وري احتياط طور ٻئي سال به ساڳيو تجربو جاري رکيو ويو، ته جيئن پاڇي جي ماپ ۾ ڪا سهو خطا نه ٿئي. اهو اصلي پاڇي جي ماپ جو طريقو ۽ تخمينو ٽن چئن ماڻهن جي قد ۽ پاڇي سان ٿي ماپيوسين. احتياط طور سڀني مان وچولي قد واري ماڻهوءَ جي ماپ کي اعتبار ڪيو ٿي ويو. اها ماپ هر هفتي جاري رهي، البت ڪن اڻٽر مجبورين جهـُـڙ وغيره جي ڪري، ڪڏهن ٻئي هفتي به ماپ ٿي ڪئيسون. اها ٻنهي سالن جي ماپ نهايت احتياط ۽ خبرداريءَ سان ڪئي وئي.“

جيتوڻيڪ مخدوم صاحب هن رسالي ۾ جيڪي اڳين عالمن جا فارسي ۽ خاص ڪري سنڌي بيت حوالي طور آندا آهن، انهن ۾ آيل تحقيق اڻ پوري ۽ بيان ڪيل جدولون غلط آهن، پر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق مطابق تاريخي لحاظ کان اهي سنڌي بيت آڳاٽا آهن. ان ڪري سنڌي تحرير جي تاريخ ۾ وڏي اهميت رکن ٿا. ٿي سگهي ٿو ته اهي منظوميا ڏهين يا يارهين صدي هجري (16 - 17 صدي عيسوي) جا هجن. ڇاڪاڻ ته انهن منظومين کي مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ پنهنجي ڪتاب ”رشف الزلال“ ۾ نقل ڪيو آهي.... سنڌي ٻوليءَ جي آڳاٽي لغت جي لحاظ سان اهي ٻئي منظوميا هڪ دستاويزي حيثيت رکن ٿا.(1)

مخدوم صاحب مقدمي ۾ وضاحت سان لکي ٿو:

 ”هيءُ رسالو سنڌ ملڪ جي شهر ٺٽي، نصرپور ۽ انهن جي آسپاس واري علائقي ۾ اصلي پاڇي جي تحقيق ۽ ان جي مقدار ۽ اندازي جي باري ۾ لکيل آهي، جنهن کي مومنن جي سهنجائيءَ خاطر فارسي (۽ سنڌي) ٻوليءَ ۾ مرتب ڪيو ويو آهي. هن رسالي جو نالو آهي: ’رشف الزلال في تحقيق فيءِ الزوال ‘هيءُ رسالو سومر جي ڏينهن 24 شوال سن 1133هه ۾ لکڻ شروع ڪيو ويو.“

مخدوم صاحب هن رسالي جو مواد مقدمي، ٽن فصلن ۽ خاتمي ۾ ورهايو آهي.

------

 

حيات الصائمين

هيءُ ضخيم فارسي ڪتاب آهي. متن 475 صفحا، فهرست ۽ ڪاتب جو نوٽ 15 صفحا، ڪل 490 صفحا. صفحي جي ڊيگهه يارهن انچ ۽ ويڪر اٺ انچ آهي. هر صفحي ۾ 16 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 20 - 25 لفظ آهن. ڪتابت جي تاريخ 7 جمادي الاَخر 1336هجري آهي ۽ ڪاتب خيرپور رياست جو مفتي محمد سعد الله انصاري آهي، جيڪو تعلقي سڪرنڊ جي درگاه خياري شريف جو مريد هو. روزن جي مسئلن بابت اهڙو جامع ڪتاب ڪو مشڪل لکيو ويو هجي! هن رسالي جا قلمي نسخا درگاهه خياري شريف، الڪبير اڪيڊمي - ڪوٽڙي ڪبير، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي لائبريري، ڪتبخانه سرهندي - مٽياري، سنڌالاجي لائبريري، ڪتبخانه مدرسه حماديه - هاليجي، مدرسه مجدديھ نعيميھ - ملير، ڪراچي ۾ موجود آهن. راقم وٽ درگاهه خياري شريف جو عڪسي نسخو موجود آهي.(1)

مواد جو وچور:

 ”حيات الصائمين“ جو مواد هن ريت ورڇيل آهي: مقدمو، 14 باب ۽ خاتمو. مخدوم صاحب جو هن کان اڳ ۾ روزن جي باري ۾ عربيءَ ۾ هڪ ڪتاب ”مظهر الانوار“ نالي لکيل آهي. مخدوم صاحب پاڻ خود انهيءَ ڪتاب جو فارسيءَ ۾ ”حيات الصائمين“ نالي ترجمو ڪيو. مخدوم صاحب مقدمي ۾ لکي ٿو:

 ”ڪن اهلِ صفا قرب وارن چيو، ته منهنجو روزن جي مسئلن تي اڳ ۾ جامع ڪتاب ’مظهر الانوار ‘عربيءَ ۾ لکيل آهي، ان جو فارسي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪجي ته جيئن شاگردن کي سمجهڻ ۾ سهنجائي ٿئي. پوءِ دوستن جي چوڻ تي عربيءَ مان فارسيءَ ۾ ترجمي جو ڪم پنهنجي ذمي سمجهيم. تاريخ 17 ربيع الاخر سنه 1131هه، جمعي جي ڏينهن نماز کان پوءِ اهو ترجمي جو ڪم هٿ ۾ کنيم. هن رسالي جو نالو ’حيات الصائمين ڍ‘ رکيو ويو آهي. الله تعاليٰ ۾ اميد آهي ته هن نسخي مان مومنن کي فائدو ٿيندو ۽ ڪتاب مان فائدو حاصل ڪندڙن جون دعائون مصنف جي روح کي رسنديون. جيڪو به هن نسخي ۾ ڪا سهو ۽ خطا ڏسي ته اهو عفو ۽ ڪرم سان ڍڪي ۽ اصلاح ڪري. بيشڪ الله تعاليٰ اصلاح ڪرڻ وارن جو ثواب ضايع نه ٿو ڪري.“

 ”حيات الصائمين“ جي مقدمي ۾ مخدوم صاحب 307 ڪتابن جي فن وار فهرست ڏني آهي، جي وٽس هن ڪتاب جي تصنيف وقت حوالي طور سندس سامهون هئا. هن رسالي ۾ روزي جي باري ۾ اهڙو ڪو به مسئلو نه آهي، جنهن کي کولي نه سمجهايو ويو هجي. البت، جيئن ته هيءُ ڪتاب ”مظهر الانوار“ عربي جو ترجمو آهي، ان ڪري اصل جي ڀيٽ ۾ ڪجهه اختصار کان ڪم ورتل آهي. اهڙو اشارو مخدوم صاحب به هن ڪتاب جي منڍ ۾ ڏنو آهي. ڪتاب جو مواد باب وار هن ريت ورهايل آهي:

مقدمو: حمد ۽ صلواة کان پوءِ مقدمي ۾ ڪتاب جي تصنيف جو مقصد، تصنيف جو سال ۽ حوالي طور آيل 307 ڪتابن جا نالا فن وار درج آهن. مقدمي ۾ ڪـُـل پنج فصل آهن:

فصل پهريون: روزي جي حقيقت جي بيان م

فصل ٻيو: روزي جي شرطن جي بيان ۾

فصل ٽيون: روزي جي حڪم ۽ محاسن جي بيان ۾

فصل چوٿون: روزي جي قسمن جي بيان ۾

فصل پنجون: رمضان مهيني جي ڪن خاص فائدن جي بيان ۾

باب پهريون: روزي جي نيت جي مسئلن جي بيان ۾ - هن باب ۾ ڪل 9 فصل آهن، جن سڀني جو واسطو نيت سان آهي.

باب ٻيو: چنڊ ڏسڻ جي مسئلن جي بيان ۾ - هن باب ۾ ڪـُـل 16 فصل آهن. جن ۾ چنڊ ڏسڻ، رمضان جي روزن بابت چنڊ ڏسڻ جي شاهدن وغيره جو تفصيل آهي.

باب ٽيون: روزي جي ڀڃڻ ۽ قضا آهي، جنهن ۾ روزي ڀڃڻ جي ڪري قضا ۽ ڪفارو گڏ واجب ٿئي ٿو. ان جو سمورو تفصيل آيل آهي.

باب چوٿون: روزي ڀڃڻ ۽ ڪفاري کان سواءِ قضا واجب ٿيڻ جي بيان ۾ - هن باب ۾ ڪـُـل 8 فصل آهن. هنن فصلن ۾ اهو تفصيل آهي ته روزي ڀڃڻ جي حالت ۾ روزو قضا ته ڪرڻو پوندو، البت ڪفارو ادا نه ڪبو.

باب پنجون: انهن شين جو بيان جن جي ڪري زورو بنهه ڪو نه ٿو ڀڄي - هن باب ۾ ٻه فصل آهن، جن ۾ اهو بيان آهي ته هنن شين ۽ ڳالهين جي ڪري روزي تي ڪو به اثر ڪونه ٿو پوي ۽ روزو برقرار رهي ٿو.

باب ڇهون: جيڪي ڪم روزي ۾ ڪرڻ مڪروه آهن يا مڪروه ناهن جي بيان ۾ - هن باب ۾ ٻه فصل آهن. انهن ٻنهي فصلن ۾ اها وضاحت آيل آهي ته روزي ۾ ڪهڙا ڪم ڪرڻ مڪروه آهن ۽ ڪهڙا ڪم ڪرڻ مڪروه نه آهن.

باب ستون: سحري کائڻ ۽ افطار ڪرڻ جي باري ۾ - هن باب ۾ ڪـُـل 7 فصل آهن، جن ۾ روزي رکڻ مهل کائڻ پيئڻ ۽ روزي کولڻ جو پورو احوال درج آهي.

باب اٺون: رمضان مبارڪ جي روزن دوران جائز عذر جي بيان ۾ - هن باب ۾ ڪـُـل 11 فصل آهن، جن ۾ اهو تفصيل آيل آهي ته اهڙو ماڻهو جنهن کي اهڙو جائز عذر ۽ سبب آهي. جن جي ڪري رمضان مبارڪ جي سڄي مهيني ۾ روزو نه رکي ۽ کائي پي سگهي ٿو.

باب نائون: روزيدار وانگر تشبيھ طور پاڻ کي روڪڻ جي بيان ۾ - هن باب ۾ ٽي فصل آهن، جن ۾ اهو بيان آيل آهي ته رمضان مبارڪ ۾ صبح، منجهند يا شام يعني ڏينهن جو ڪو ڇوڪرو بالغ ٿيو، حيض واري عورت حيض کان پاڪ ٿي يا ڪافر مسلمان ٿيو، ته اهو شخص روزي واري باقي رهيل ڏينهن جو حصو روزي ۽ رمضان مبارڪ جي احترام طور نه ڪجهه کائي ۽ نه پئي. پر روزيدار وانگر پاڻ کي ڏينهن جو باقي رهيل وقت، کائڻ پيئڻ ۽ هر ڳالهه کان روڪي ڇڏي.

باب ڏهون: روزي جي سڀني قسمن جي بيان ۾ - هن باب ۾ ٽي فصل آهن، نفل، مستحب روزن جو بيان تفصيل سان آيل آهي.

باب يارهون: باس جي روزن جي بيان ۾ - هن باب ۾ پنج فصل آهن، جن ۾ نذر معين ۽ باس جي روزن جي باري ۾ وضاحت آيل آهي.

باب ٻارهون: رمضان جي قضا روزن ۽ نذر معين جي قضا روزن جي بيان ۾ - هن باب ۾ هڪ فصل آهي، جنهن ۾ اهو مواد شامل آهي ته رمضان مبارڪ جي قضا روزن جو طريقو ڪهڙو آهي! ۽ مقرر باس جي روزن قضا ڪرڻ جو نمونو ڪهڙو آهي؟

باب تيرهون: رمضان ۾ روزي ۾ کائڻ ۽ ڪفاري جي بيان ۾ - هن باب ۾ پنج فصل آهن، جن ۾ اهو بيان آهي ته ڄاڻي واڻي روزي ڀڃڻ جو گناهه توبھ سان لهي ٿو يا نه، يا ڪفاري ڏيڻ سان گناهه لهي ٿو. ان سان گڏ ڪفاري جا شرط، رڪن، ڪفاري ادا ڪرڻ جو طريقو وغيره به درج آهي.

باب چوڏهون: اعتڪاف جي مسئلن جي بيان ۾ - هن باب ۾ ڪـُـل 11 فصل آهن، جن ۾ اعتڪاف لفظ جو تفسير، رڪن، شرط، اعتڪاف جا قسم، اعتڪاف ڀڃڻ، عورت جو گهر ۾ اعتڪاف ۾ ويهڻ ۽ ان سان لاڳو مسئلا بيان ٿيل آهن. ان کان سواءِ شب قدر جو پورو تفصيل ۽ فضيلت وغيره به آيل آهي.

مخدوم صاحب ڪتاب جي آخر ۾ ترجمي شروع ڪرڻ ۽ پوري ٿيڻ جي تاريخ بيان ڪندي لکي ٿو:

 ”هن ڪتاب (حيات الصائمين) کي خميس جي ڏينهن ٻپهريءَ جي وقت، 17 ذوالحج سن 1133هه تي لکي پورو ڪيم. هيءُ ڪتاب 17 ربيع الاخر سن 1131هه تي لکڻ شروع ڪيو هئم، پوءِ سمورو وقت ٻه سال ۽ اٺ مهينا ٿئي ٿو. پر هڪ مهيني گهٽ ٻه سال ڪي ضروري ڪم ڪار ۽ مجبوريون وچ ۾ واقع ٿيون. تنهنڪر لڳ ڀڳ 9 مهينن ۾ هي ڪتاب لکي پورو ڪيم.“

هيءُ ڪتاب جيتوڻيڪ ترجمو آهي، پر پڙهڻ سان اصل جو گمان ٿئي ٿو. مخدوم صاحب جيڪڏهن مقدمي ۾ اها وضاحت نه ڪري، ها ته ڪا به خبر نه پوي ها ته ”حيات الصائمين“ اصل فارسي ۾ لکيل آهي، يا ”مظهر الانوار“ عربيءَ جو ترجمو آهي. مخدوم صاحب روزن بابت ”مظهر الانوار“ عربي، ”حيات الصائمين“ فارسيءَ سان گڏ سنڌيءَ ۾ ”زادلفقير“ نالي رسالو پڻ لکيو آهي.

 

------


 

 

فتح القوي في نسب النبي

سيرت پاڪ جي حوالي سان مخدوم صاحب جو هيءُ بهترين فارسي ڪتاب آهي. راقم وٽ هن ڪتاب جا ٻه عڪسي نسخا آهن. مڪمل نسخو ڪاتب غلام الصديق الصديقي السـُـني الحنفي جو 4 شوال 1351 هجري جو موجود آهي، جنهن ۾ 155 صفحا آهن. صفحي جي ڊيگهه ٻارهن انچ ۽ ويڪر ست انچ آهي. هر صفحي ۾ 21 کان 28 سٽون ۽ سراسري طور 20 لفظ آهن. سڄو ڪتاب ڪاري مس ۽ وچولي قلم سان لکيل آهي. البت باب، فصل ۽ خاص نالا ڳاڙهيءَ مس ۾ لکيل آهن.

 ”فتح القوي“ ۾ مخدوم صاحب ٻن سون کان وڌيڪ ڪتابن جا حوالا آندا آهن ۽ فن سيرت جو تحقيقي معيار قائم رکيو آهي، هن ڪتاب جي قلمي نسخي جو عڪس تعلقي واره جي جوڻاڻي شريف جي ڪتبخاني مان مخدوم غلام عمر عرف منور علي وٽان مليو. هن ڪتاب جي هڪ ٻئي نسخي جو عڪس مولوي غلام محمد ڏاهري موري واري کان به مليو آهي. ان پوئين نسخي جي سائيز ننڍي آهي ۽ 350 صفحن تي پکڙيل آهي. ڪتاب تمام سهڻي ۽ صاف ٿيل آهي. هن نسخي جو ڪاتب عبدالحق آهي، ليڪن ڪتابت جو سن لکيل ڪونهي. ازانسواءِ، پهريون صفحو ناقص اٿس. هيءُ ڪتابت ڳچ عرصو اڳ مطبع فيض عثماني ڪراچي مان 1303هه ۾ ڇپيو هو، جو سنڌ جي ڪن جهونن ڪتبخانن ۾ موجود آهي.(1)

مواد جو وچور:

مخدوم صاحب، رسول الله جن جي سيرت، نسب مبارڪ، درود، حضور جن جي شان، اسماء الرسول ۽ معجزن بابت ويهارو کن عربي، فارسي ۽ سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيا آهن. انهن ۾ فارسيءَ ۾ لکيل مخدوم صاحب جو ڪتاب ”فتح القوي في نسب النبي“ رسول الله جن جي حسب نسب جي باري ۾ هڪ مشهور تحقيقي ڪتاب آهي.

مخدوم صاحب هن ڪتاب ۾ حضور جن کان وٺي عدنان تائين، عدنان کان وٺي اسماعيل عليھ السلام تائين ۽ حضرت ابراهيم عليھ السلام کان وٺي آدم عليھ السلام تائين نسب جو سلسلو بيان ڪيو آهي. ان نسب نامي ۾ جيڪي اختلاف آهن، انهن کي حوالن سميت کولي سمجهايو ويو آهي. حضور جن جي والدين، يعني پيءُ عبدالله ۽ ماءُ آمنھ جي باري ۾ نهايت تحقيقي حوالا ڏئي ثابت ڪيو ويو آهي، ته اهي سڳورا جيئن ته حضور جن جي اعلانِ نبوت کان اڳ ۾ وصال ڪري ويا هئا، ان ڪري انهن تي ڪابه سختي ۽ عذاب ڪونهي. حضور جن معجزي ذريعي انهن ٻنهي کي زنده ڪيو هو ۽ انهن سڳورن حضور جن تي ڪلمو به پڙهيو هو، ۽ اهي ڇوٽڪاري وارا آهن. بهرحال، حضور جن جي نسبت ڪري سندن والدين جي باري ۾ اسان کي خاموشي اختيار ڪرڻ گهرجي.

هن ڪتاب ۾ آيل مواد هن ريت ورهايل آهي:

مقدمو: مخدوم صاحب حمد ۽ صلواة کان پوءِ لکي ٿو:

 ”هيءُ رسالو حضرت پيغمبر خدا جن جي نسب جي باري ۾ آهي. حضور جن جي والد سڳوري کان وٺي حضرت آدم عليھ السلام تائين شرح ۽ شجري جو احوال آهي. هن رسالي جو نالو ’فتح القوي في نسب النبي‘ آهي. هيءُ رسالو محرم مهيني جي آخري ڏهي ۾ سن 1133هه تي لکڻ شروع ڪيو ويو ۽ 14 ربيع الاول 1133هه تي (هڪ مهيني ۽ چوويهن ڏينهن ۾) لکي پورو ڪيو.“

هن رسالي ۾ ٽي باب آهن. هر باب ۾ مختلف فصل، سوال جواب، تڪمله ۽ خاتمو آهي.

باب پهريون: هن باب ۾ حضور جو نسب نامو سندن والد سڳوري حضرت عبدالله کان ويندي حضرت آدم عليھ السلام تائين مختصر بيان ٿيل آهي.

باب ٻيو: هن باب ۾ حضور جن جي نسب جو سلسلو تفصيل سان آيل آهي، جنهن ۾ حضور جن کان وٺي حضرت آدم عليھ السلام تائين پشت به پشت نسب نامو تحقيقي حوالن سان بيان ٿيل آهي.

هن باب ۾ ٻه فصل آهن. پهرئين فصل ۾ علامه ابي علي جواني رحه جي تحقيق موجب نسب وار نالا آيل آهن: ٻئي فصل ۾ مشهور سيرت نگار ابن اسحاق جي تحقيق موجب نسب وار نالا درج آهن. ان کان علاوه حضور جن جي چئن يارن ۽ عشره مبشره جي نسب جو احوال به مختصر نموني ۾ آيو آهي. مخدوم صاحب لکي ٿو:

 ”اهي ڏهه اصحاب سڳورا جيئن ته قريشي آهن، ان ڪري انهن جو احوال به هن سلسلي ۾ درج ڪجي ٿو.“

ٽيون باب: هيءُ باب حضرت رسول الله جن جي والدين جي اسلام ۽ ايمان جي باري ۾ آهي. انهيءَ سلسلي ۾ مخدوم صاحب ٽي مبحث ذڪر ڪيا آهن:

1. حضور کان وٺي حضرت آدم عليھ السلام تائين جيڪي به نالا حضور جن جي نسب نامي ۾ آيل آهن، اهي سڀ الله تعاليٰ جا مڃيندڙ ۽ مسلمان مومن هئا، ان ڪري حضور جن جا والدين به ناجي يعني ڇوٽڪاري وارا آهن.

2. ڪي وري هن قول جا مخالف آهن.

3. ڪن وري هن مسئلي ۾ توقف ۽ سڪوت اختيار ڪيو آهي.

مخدوم صاحب سڀ مبحث آڻي، تحقيق ڪري قرآن مجيد، حديث پاڪ، سيرت ۽ تاريخ جي حوالن سان دليل ڏئي، حضور جن جي والدين جو ايمان ثابت ڪيو آهي.

مخدوم صاحب پنهنجي وطن ”سنڌ“ جو لفظ جو هن ڪتاب ۾ ضمناً آندو آهي. پاڻ حضرت نوح عليھ السلام جي سلسلي ۾ سندس پٽن ۽ پوٽن جي ذڪر ۾ لکي ٿو، ته حضرت نوح عليھ السلام کي چار پٽ هئا: سام، حام، يافث ۽ ڪنعان.

حام کي نوَ پٽ هئا: هند، سنڌ، زنج، نوبھ ، ڪنعان، ڪوش، قبط، سبن ۽ حبش.

سام کي ست پٽ هئا: ارفخشد، ڪيومرث، ارم، اسود، معن، يورخ ۽ لاود.

يافث کي يارنهن پٽ هئا: چين، سقلاب، ميشح، ڪماري، ترڪ، خلج، فرد، روس، سرسان، غر ۽ تارج.

سنڌ جي باري ۾ اختلاف آهي. هڪ هي ته سنڌ حام جو پٽ هو ۽ نوح عليھ السلام جو پوٽو هو. (جنهن جي نالي سان اسان جي ملڪ سنڌ جو نالو پيو) ٻيو هي ته سنڌ ۽ هند ٻئي ڀائر ته آهن، پر اهي نوح عليھ السلام جا پوٽا ڪو نه آهن. البت نوح عليھ السلام جي پڙپوٽي نوفر جو اولاد آهن، جيئن هيٺئين شجري ۾ آيل آهي: سنڌ ۽ هند بن نوفر بن يعطب بن حام بن نوح عليھ السلام.

تحقيق جو انداز:

مخدوم صاحب جي تحقيق جو انداز ۽ علمي ڪاوشن جو نمونو نرالو آهي. حضور جن کان وٺي حضرت آدم عليھ السلام تائين جيڪي به نسب نامي ۽ شجري مبارڪ ۾ پاڪ نالا آيل آهن، مخدوم صاحب انهن نالن جي حوالن سميت لغوي تحقيق به ڪئي آهي، ته اهي نالا اصل ۾ سرياني، عبراني يا عربي ٻوليءَ جا آهن ۽ انهن نالن جي اصلي معنيٰ ڇا آهي؟ مثال طور ”فـِـهر“ فهر جي ”ف“ کي زير، ”هه“ ساڪن جزم سان ۽ آخر ۾ ”ر“ آهي. فهر جي معنيٰ آهي ڊگهو پٿر. ”سهيلي“ ائين چيو آهي. ”خشني“ جو چوڻ آهي ته فهر هٿ جيتري پٿر کي چئبو آهي. فهر کي قريش چون ٿا. فهر ۽ ان جو اولاد قريش آهن. فهر مڪي وارن جو سردار هو. ان کان عرب ڊڄندا هئا ۽ سندس عزت ڪندا هئا.

مخدوم صاحب ”قريش“ لفظ تي بحث ڪندي، ان جون به ٽي معنائون لکيون آهن:

1. قريش نالي هڪ دريائي جانور آهي، جيڪو سڀني جانورن کي کائي ختم ڪندو آهي، ڇو ته طاقتور جانور آهي. ان طاقت جي ڪري ماڻهن ۾ قريش نالو مشهور ٿي ويو.

2. ڪن چيو آهي ته قريش جي معنيٰ آهي واپار ۽ ڏيڻ وٺڻ، قريش به واپار ڪندا هئا ۽ اخذ ۽ عطا به ڪندا هئا.

3. ڪن چيو آهي ته قريش جي معنيٰ آهي تفتيش يعني ڳولا ڦولها ۽ برابر قريش مسڪينن جو حال احوال پڇندا ۽ انهن کي ڳوليندا رهندا هئا ۽ مسڪينن جي مدد به ڪندا هئا.

مخدوم صاحب پنهنجن ڪتابن ۾ تحقيق جا درياء پلٽيا آهن. مخدوم صاحب فارسي نظم ۾ ”هاشم گدا“ جو تخلص ڪتب آندو آهي، پر فارسي نثر ۾ ٻين عالمن ۽ ڪتابن جي تحقيق آڻي آخر ۾ لکندو ويو آهي ”اين ضعيف ميگويد.“ اهڙيءَ ريت لفظ ”فهر“ ۽ ”قريش“ تي بحث ڪندي، مخدوم صاحب صرف صفحي نمبر 50 تي ”هيءُ ضعيف چوي ٿو“ لکي، تفسير، فقھ ، لغت وغيره جي 28 ڪتابن جا حوالا ڏئي، تحقيق ۾ ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي، صفحي نمبر 50 تي هيءُ حوالا درج آهن:

تفسير: تفسير ثعلبي، تفسير ڪشاف، تفسير بيضاوي، تفسير مدارڪ نسفي ۽ تفسير جلالين.

فقھ حنفي: معراج الدرايھ ، عيني، غاية البيان، هدايھ ، شرح وقايھ صدر الشريعت، شرح مختصر وقايھ ابي المڪارم ۽ بحرالرائق شرح ڪنزالدقائق.

لغت: صحاح جوهري، صراح مختصر صحاح، مغرب في لغات فقھ الحنفيھ برهان الدين المطرزي، ڪتاب المصباح المنير في لغات فقھ الشافيھ المغربي، الدرالمصون في علم الکتاب المکنون

ان کان سواءِ شهاب الزهري، حافظ ابن حجر، محمد بن اسحاق صاحب المغازي، معمر بن مثنيٰ، قاسم بن سلام، امام شافعي، حافظ صلاح الدين، ابن عمر، علامه ابي الحسن اخفش، حماد بن سلمھ ۽ حذيفھ بن يمان بحواله سيرت شامي وغيره.

مخدوم صاحب لفظ ”آدم“ تي تحقيق ڪندي لکي ٿو:

1. اهل ڪتاب وٽ ”آدم“ لفظ جي معنيٰ آهي خاڪ، مٽي، ان ڪري کيس آدم سڏيو ويو. ”آدام“ مان الف حذف ڪري ڇڏيائون.

2. ”جوهري“ ۽ ”بيهقي“ جو قول آهي ته ”آدم“ لفظ عربي آهي، البت ان جي اشتقاق جي باري ۾ اختلاف آهي. ڪي چون ٿا ته آدم افعل جي وزن تي آهي ۽ ”ادمھ “ کان مشتق آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ڪڻڪ رنگو هجڻ. ان ڪري حضرت آدم عليھ السلام کي ”آدم“ يعني ڪڻڪ رنگو سڏيو ويو.

3. ڪن جو چوڻ آهي ته آدم ”ادم“ مان ورتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي گڏيل، مليل، جيئن ته حضرت آدم عليھ السلام کي مٽي ۽ پاڻيءَ سان ملائي ٺاهيو ويو هو، ان ڪري سندس نالو آدم پيو.

ان کان سواءِ مخدوم صاحب ”آدم“ لفظ جي باري ۾ ٻيا به قول آندا آهن.

بهرحال، ”علم الانساب“ جي حوالي سان حضور جن جي نسب جي سلسلي ۾، مخدوم صاحب جو هيءُ بهترين ڪتاب آهي ۽ سيرت النبي جي سلسلي ۾ وڏو معلوماتي خزانو آهي.


(1) راقم انهيءَ رسالي جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي. ”ذريعة الوصول“ جو اردو ترجمو، مولوي محمد يوسف لڌيانويءَ ڪراچي مان 1995ع ۾ شايع ڪيو آهي. (ليکڪ)

هن جو انگريزي ترجمو زم زم پبلشرز ڪراچي طرفان شايع ٿيو، ۽ مولوي طفيل احمد نقشبندي مڪلي واري 1992ع ۾ سنڌي ترجمو شآيع ڪيو. مولوي رفيع الدين چنه جو ترجمو مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور 1997ع ۾ ڇپرايو آهي. (ليکڪ)

(1) مخدوم محمد هاشم ٺٽوي: ”ذريعته الوصول“ (فارسي) مرتب: علامه قاسمي، ڏسو مقدمو ص 2

(1) ابوالحسين احمد بن محمد بغدادي القدروي: ”القدوري“ (عربي)، ص 34

(2) مخدوم امير احمد: ”تعليمات اسلام“ (ترجمو: قدوري سنڌي) حصو 2، ص 24

(1) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ“ ، ص 421

(1) حيات الصائمين سيد شبير احمد شاهه اميناڻي شريف ضلع دادو وارو سنڌ يونيورسٽي مان پي.ايڇ.ڊي ڊگري لاءِ ايڊٽ ڪري رهيو آهي. (ليکڪ)

مولوي گرماڻي دادو وارو ڪتاب ”حيات الصائمين“ جو سنڌي ترجمو ڪري رهيو آهي.

(1) نوٽ: هيء ڪتاب ”نسب النبي “ جي نالي سان مولوي عبدالوهاب چاچڙ روهڙي واري 2003ع ۾ سنڌي ترجمو ڪري شايع ڪيو آهي. (ليکڪ)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org