سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

باب-

صفحو : 27

 

 

زاد السفينة لسالکي المدينھ

هن رسالي ۾ 45 صفحا آهن. صفحي جي ڊيگهه اٺ انچ ۽ ويڪر ڇهه انچ آهي. هر صفحي ۾ 16 سٽون ۽ هر سٽ ۾ به 16 لفظ آهن. ڪاتب محمود الزطي ۽ ڪتابت جي تاريخ 30 جمادي الاخر 1382 هجري آهي. هيءُ رسالو اڻ ڇپيل آهي. ٽيهارو سال اڳ ڪنهن پراڻي نسخي تان ڪاتب محمود الزطي سهڻن اکرن ۾ هن رسالي کي اتاري، رسالي کي سمجهڻ ۽ پڙهڻ ۾ آساني پيدا ڪري ڇڏي آهي. جهونن ڪرم خورده قلمي نسخن جي بدران هن رسالي جهڙي صاف قلمي نسخي کي پڙهڻ لاءِ بار بار دل گهري ٿي. هن رسال جا 32 صفحا فارسي نثر ۾ ۽ 13 صفحا عربي نظم ۾ آهن. هن رسالي جا قلمي نسخا هيٺين ڪتبخانن ۾ موجود آهن: مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي- حيدرآباد، نيشنل ميوزيم - ڪراچي، قاضي محمد موسيٰ - سونڊا ۽ عبدالله گندرو - سونڊا. راقم وٽ قاضي محمد موسيٰ سونڊن واري جي نسخي جو عڪس موجود آهي.

مواد جو وچور:

هيءُ رسالو ٻنهي جهانن جي سردار جن جي پاڪ شهر مدينھ منوره جي نالن مبارڪن ۽ فضائل بابت لکيل آهي. مخدوم صاحب مقدمي ۾ لکي ٿو:

 ”هن رسالي ۾ مديني منوره جي نالن مبارڪن جو تعداد ذڪر ڪيل آهي. اهي نالا مبارڪ ڪي قرآن شريف ۾، ڪي رسول الله جي حديثن مبارڪن ۾، ڪي اصحابن سڳورن ۽ تابعين جي آثارن ۾ بيان ڪيل آهن. معتبر ڪتابن تان انهن نالن مبارڪن جي معنيٰ به ڏني ويئي آهي. مديني شهر جا فضائل ۽ خاصيتون ۽ اتي جي اوائلي رهاڪن جو احوال به شامل آهي. هيءُ رسالو سن 1133هه ۾ لکڻ شروع ڪيو ويو. هن جو نالو ’زاد السفينة لسالکي المدينھ‘ رکيو ويو. هيءُ رسالو چئن قسمن ۽ خاتمي تي مشتمل آهي.“

هن رسالي جو مواد هن ريت ترتيب ڏنل آهي. پهريائين مديني منوره زاد الله تعاليٰ شرفاً وکرماً جون چاليهه خاصيتون، ڀلايون ۽ برڪتون بيان ڪيل آهن. اڳتي هلي مخدوم صاحب، حضرت ابن عباس رضي الله عنه جي روايت سان لکي ٿو:

 ”جيڪي ماڻهو پهريان پهريان مديني منوره ۾ اچي رهيا، آبادي ڪئي، کجيون پوکيون ۽ گهر جوڙيا، اهي عماليق هئا. اهي عملاق بن ارفخشد بن سام بن نوح عليھ السلام جو اولاد هئا.“

ان کان پوءِ مديني پاڪ جي نالن مبارڪن جو ذڪر آهي ۽ مديني منوره جي هڪ سؤ نالن جي الف - بي وار فهرست ڏني وئي آهي. انهن پاڪ نالن جي معنيٰ، سمجهاڻي ۽ تشريح به شامل آهي.

مديني منوره جي نالن کان پوءِ مڪي شريف ۽ مديني پاڪ جي گڏيل ۽ جدا جدا فضيلت بيان ٿيل آهي. هن باب ۾ مخدوم صاحب علمي بحث ڪري ثابت ڪيو آهي، ته مديني شريف ۾ جنهن زمين سان نبي جو جسم مبارڪ لڳل آهي، اها جاءِ مڪي، مديني، دنيا جي سڀني جاين، ايتريقدر جو ڪعبة الله شريف کان به شان ۾ اعليٰ ۽ افضل آهي.

مخدوم صاحب هن رسالي جي آخر ۾ عربي قصيدا شامل ڪيا آهن، جن ۾ حضور جن جو عشق ۽ محبت سان شان بيان ڪيل آهي. مديني جي سائين کي سڪ ۽ سوز مان پڪارون ڪيل آهن. اهي عربي قصيدا ابو محمد عبدالله بن ابي عمران بسڪري ۽ امام عبدالله نويسيءَ جا چيل آهن. هن نئين طريقي سان فارسي نثر ۽ عربي نظم ۾ هن ڪتاب ”زادالسفينة لسالکي المدينھ “ جي پڄاڻي ٿئي ٿي.

------

 

تحفة الاخوان في منع شرب الدخان

هيءُ ننڍڙو 11 صفحن جو رسالو 11 شوال المڪرم 1134هه جو تحرير ٿيل آهي. ڪاتب ۽ ڪتابت جو سال لکيل ڪونهي. صفحي جي ڊيگهه تيرهن انچ ۽ ويڪر اٺ انچ آهي. هر صفحي ۾ 34 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 26 لفظ آهن. هن رسالي جي منڍ ۾ مٿان لکيل آهي ته: ”قابلناه بالاصل“ . انهيءَ مان اهو ظاهر آهي ته هيءُ قلمي نسخو مصنف جي اصل نسخي سان ڀيٽيل آهي ۽ صحت جي اعتبار کان پڻ صحيح آهي. هيءُ رسالو قلمي صورت ۾ آهي ۽ اڃا تائين نه ڇپيو آهي. راقم کي هن رسالي جو عڪس محترم بشير احمد هيسباڻيءَ جي ذريعي ”قاسميھ لائبريري“ ڪنڊياري مان مليو. هن رسالي جا قلمي نسخا هنن ڪتبخانن ۾ موجود آهن: ڪتبخانه ڳڙهي ياسين، سرهندي ڪتبخانو - مٽياري، سرهندي ڪتبخانو - ٽنڊو سائينداد، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي لائبريري - حيدرآباد ۽ مدرسھ مجدديھ نعيميھ - ملير ڪراچي.(1)

مواد جو وچور:

هن رسالي ۾ مقدمو، چار فصل ۽ خاتمو آهي. مخدوم صاحب تحقيقي معيار قائم رکندي، هن 11 صفحن جي ننڍڙي رسالي ۾ 59 ڪتابن جا حوالا آندا آهن، جيڪو مخدوم صاحب جي تبحر علمي، تحقيقي ڄاڻ ۽ هر مسئلي تي عبور جو چٽو ثبوت آهي. جيتوڻيڪ هيءُ رسالو فارسي زبان ۾ آهي، پر هن ۾ عربي عبارتن جو حوالي طور به گهڻو مواد شامل آهي. هن رسالي ۾ آيل مواد جو وچور هن ريت آهي:

مقدمو: مخدوم صاحب مقدمي ۾ سنڌ ملڪ ۾ دونهين ۽ تماڪ جي اچڻ ۽ پيدا ٿيڻ جوبيان ڪيو آهي. ماڻهو تماڪ کي پهريائين مختلف نالن، جهڙوڪ: طابغ، طبغاء ، تنبڪه، طبغاد، طلابھ ۽ تنباڪو جي نالن سان سڏيندا هئا. مٿين سڀني مختلف نالن کي هينئر ”تماڪ“ سڏيو وڃي ٿو. تماڪ مان (سگريٽ، ٻيڙيون) حقو ۽ نسوار وغيره عام جام استعمال ۾ هلندڙ آهن.

فصل پهريون: هن فصل ۾ دونهين ڇڪڻ يا پيئڻ سان مطلق روزي ڀڄڻ ۽ ڪفاري لازم ٿيڻ جو بيان آهي.

فصل ٻيو: هن فصل ۾ مخدوم صاحب علماء متاخرين کان اهي روايتون آنديون آهن، جن ۾ دونهين ڇڪڻ بابت منع يا بدعت ۽ ڪراهت جو حڪم آهي. هن بحث جي شروعات هن ريت ڪيل آهي:

 ”ظاهر آهي ته دونهين جو ظاهر ٿيڻ گذريل زماني ۾ ڪونه هو. تنهن ڪري اڳين عالمن ان بابت ڪجهه نه لکيو آهي. البت پوئين زماني جي متاخرين عالمن ان مسئلي تي قلم کنيو آهي. جن متاخرين عالمن پنهنجن ڪتابن ۾ دونهين جي منع يا ڪراهت بابت لکيو آهي، انهن عالمن جا نالا ۽ ڪتاب هي آهن:

- شيخ شرنبلالي - شرح منظوم الوهبانيھ

- علامه ابن العماد - هدية ابن العماد لعباد العباد

- شيخ عبدالرحمان مرشدي - تذکره

- علامه ابراهيم لقاني - جوهرة التوحيد عمدة المريد

هيءُ ذڪر ڪيل حنفي عالمن جو بيان هو. شرعي طور شيخ خالد سويدي مالڪي ۽ علامه قاضي محمد بن عبدالرحمان به دونهين ڇڪڻ کان منع ڪئي آهي ۽ ان کي شيطان جو دوکو ۽ برائي سڏيو آهي. دونهون، حقو، ٻيڙي وغيره جي ڇڪڻ سان هڪ ته پئسو برباد ٿئي ٿو، جو اجايو خرچ يا اسراف آهي. ٻيو ته ان ۾ بصر وغيره وانگر بدبوءَ به آهي. سورة اعراف آيت 157 ۾ الله تعاليٰ جو ارشاد آهي: يحرم عليهم الخبائث (يعني: ناپاڪ شيون انهن تي حرام ڪري ٿو) ان ڪري دونهون ڇڪڻ جائز نه آهي،بدعت آهي.“

هن فصل جي آخر ۾ مخدوم صاحب طبي لحاظ کان حڪيم جالينوس جو قول به آندو آهي:

 ”ٽن شين کان پاسو ڪريو: 1. مٽيءَ جي دز 2. دونهون ۽ 3. بدبوءِ. دونهين جو استعمال شين کي ڪارو ڪري ٿو ۽ ان جي گرمي ۽ ڪاراڻ جي ڪري بيماري پيدا ٿئي ٿي.“

فصل ٽيون: مخدوم صاحب هن فصل ۾ دونهين جي حرام يا مڪروه هجڻ جي باري ۾ وڌيڪ تفصيل ۽ شرح ڏني آهي، ته دونهين جي حرام يا بدعت هجڻ جا ڪيترا سبب آهن، مثال طور:

1. دونهون کاڌي جي شيءِ يا دوا نه آهي.

2. دونهون بدعت آهي.

3. دونهون طبي لحاظ کان نقصانڪار آهي.

4. دونهون عقل جو فتور ۽ دماغ خراب ڪري ٿو.

علي قاريءَ ”شرح اربعين نووي“ ۾ لکيو آهي، ته دونهون نقصانڪار آهي ۽ هر نقصانڪار شيءِ حرام آهي. ان ڪري دونهين وانگر هر نشي واري شيءِ مثلاً، شراب، حشيش، افيون، چرس، ڀنگ وغيره عقل کي وڃائن ٿا.

5. دونهون ڇڪڻ ڪافرن ۽ شرير ماڻهن جي مشابهت آهي.

فصل چوٿون: هن فصل ۾ چند فائدا آهن ۽ سڄي بحث جو نچوڙ هن فصل ۾ سمايل آهي. جيتوڻيڪ علمائن جو دونهين ڇڪڻ جي باري ۾ اختلاف آهي، ته دونهون ڇڪڻ حرام آهي يا مڪرو ه. هن فصل ۾ سوال ۽ انهن جا جامع جواب ۽ نڪتا به ڏنل آهن.

پڄاڻي: مقدمي ۽ چئني فصلن ۾ دونهين بابت بيان هو. پڄاڻيءَ ۾ وري حشيش جي باري ۾ بحث آهي ته اهو پڻ حرام آهي. جيتوڻيڪ اهو مهانگو آهي، پر تڏهن به ان کي ساڙڻ جو حڪم آهي. حشيش کان پوءِ آفيم جي باري ۾ بحث ڪيو ويو آهي ته حرام آهي. اهڙيءَ طرح ڏوڏي ۽ خسخاس جو حڪم آهي. البت قهوو مباح آهي.

آخر ۾ شيخ ابن حجر هيتيءَ جي حوالي سان دلچسپ سوال ۽ جواب تحرير آهي، ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو آفيم يا ان جهڙي ٻئي نشي جو اهڙو عادي ٿي ويو آهي، جو ان کي اهو نشو نه ٿو ملي، ته ان کي مرڻ جو خطرو آهي؟ جواب ۾ لکي ٿو ته جيئن قرآن مجيد جي حڪم موجب بک کان مرڻ واسطي لاچاري حالت ۾ مردار کائڻ جي اجازت آهي. اهڙيءَ طرح هيءُ مسئلو به آهي.

 

------

 

حيات القلوب في زيارة المحبوب

اصل ڪتاب جو فارسي متن 350 صفحا ۽ فهرست 18 صفحا، جملي 368 صفحا آهي. صفحي جي ڊيگهه نو انچ ۽ ويڪر ڇهه انچ آهي. هر صفحي ۾ 21 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 17 لفظ آهن. هيءُ ڪتاب پهريائين نومبر 1880ع ۾ مطبع ڪريمي بمبئي مان ڇپيو. اندازاً سؤ سال کن پوءِ مفتي محمد شفيع، دارالعلوم ڪراچي واري جي ڪوشش سان، مشهور پريس ڪراچي مان ٻيو موجوده ڇاپو شايع ٿيو آهي.(1)

 ”حيات القلوب“ مناسڪ حج ۽ زيارت حرمين جي باري ۾ معلومات سان ڀرپور ۽ بهترين ڪتاب آهي. هيءُ ڪتاب 8 رجب سن 1135هه تي لکجڻ شروع ٿيو ۽ 27 رمضان تي لکجي پورو ٿيو. اهڙيءَ طرح هيءُ ضخيم ڪتاب ٻن مهينن ۾ لکيو ويو. هن ڪتاب ۾ مخدوم صاحب 181 ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن. خاص طور تي سنڌ جي ٻن عالمن مخدوم محمد جعفر بوبڪائي ۽ مولانا رحمت الله سنڌي درٻيلوي جي ڪتابن جا حوالا به ڏنا آهن. جيئن ”عجالة الطالبين“ - از: مخدوم بوبڪائي ۽ ”المنسک المتوسط“ ، ”المنسک الکبير“ - از: مولانا درٻيلوي. مخدوم صاحب پنهنجي ٻن ڪتابن ”ذريعة الوصول“ ۽ ”وسيلة الفقير“ جا نالا به هن ڪتاب ۾ حوالي طور آندا آهن. هن ڪتاب جا ڇاپي نسخا سنڌ جي اڪثر ڪتبخانن ۾ موجود آهن.

مواد جو وچور:

مخدوم صاحب هن ڪتاب جي شروع ۾ لکي ٿو:

 ”هيءُ مختصر رسالو حج ڪرڻ ۽ ٻنهي جهانن جي سردار جي زيارت جي باري ۾ لکيل آهي. مومنن جي سهولت خاطر عبارت ۾ اختصار ڪيل آهي. هيءُ رسالو اربع جي ڏينهن صبح جو تاريخ 8 رجب سن 1135هه تي لکجڻ شروع ٿيو. ان جو نالو ’حيات القلوب في زيارت المحبوب‘ رکيو ويو. هن رسالي ۾ مقدمو ۽ چوڏهن باب آهن.“

مقدمو: ڪتاب جو مقدمو ٽن فصلن ۾ پنجاهه صفحن تي پکڙيل آهي. مقدمي جي پهرئين فصل ۾ حج بيت الله ۽ عمري جا فضائل بيان ڪيل آهن. حج جي فرضيت جي ابتدا ۽ نبي جن جي حج ۽ عمرن جو ذڪر آهي. مقدمي جي ٻئي فصل ۾ حج جا شرط ۽ حج بدل جو بيان آهي. مقدمي جي ٽئين فصل ۾ حج جي فرضن، واجبن، سنتن، مستحب، مڪروه، حرام ۽ حج جي ڀڃڻ جي باري ۾ تفصيل بيان ٿيل آهي.

باب پهريون: احرام جي بيان ۾ - هن باب ۾ ڏهه فصل آهن. انهن ۾ حج ۽ عمري واسطي احرام ٻڌڻ ۽ ميقات وغيره جو بيان آهي.

باب ٻيو: مڪي شريف ۾ داخل ٿيڻ جي بيان ۾ - هن باب ۾ مڪي شريف ۾ داخل ٿيڻ ۽ حرم پاڪ بيت الله ۾ اچڻ ۽ دعائن گهرڻ جو احوال آهي.

باب ٽيون: طواف جي بيان ۾ - هن باب ۾ چار فصل آهن، جن ۾ طواف جا قسم، طواف جي صحيح هجڻ جا شرط، طواف ادا ڪرڻ جو نمونو، آبِ زم زم پيئڻ ۽ حجر اسود چمڻ جو بيان آهي. ان سان گڏ طواف جي دعائن ۽ جيڪي ڳالهيون طواف ۾ حرام آهن، انهن جو تفصيل آيل آهي.

باب چوٿون: صفا ۽ مروه جي وچ ۾ ڊوڙڻ جي بيان ۾ - هن باب ۾ صفا ۽ مروه نالي ٻن ٽڪرين جي درميان ڊوڙڻ ۽ ان سان تعلق رکندڙ دعائن وغيره جو بيان آهي.

باب پنجون: سعي ۽ وقوف جي بيان ۾ - هن باب ۾ سعي ۽ وقوف جو احوال آيل آهي.

باب ڇهون: عرفات تي وقوف جي بيان ۾ - هن باب ۾ پنج فصل آهن. انهن ۾ عرفات تي رهڻ ۽ اتي نمازن ۽ دعائن پڙهڻ جو احوال آهي.

باب ستون: مزدلفي جي بيان ۾ - هن باب ۾ ڇهه فصل آهن. انهن ۾ مزدلفي ۾ اچڻ، رهڻ، اتي نماز پڙهڻ ۽ مزدلفي کان موٽڻ وقت دعائن جو بيان آهي.

باب اٺون: منيٰ جي بيان ۾ - هن باب ۾ اٺ فصل آهن، انهن ۾ پٿريون چونڊڻ، پٿريون هڻڻ، قرباني ڪرڻ ۽ وار ڪوڙائڻ وغيره جو احوال آهي.

باب نائون: طواف زيارت جي بيان ۾: هن باب ۾ ٽي فصل آهن، جن ۾ طواف زيارت، انهن جي صحيح هجڻ جي شرطن ۽ ڪيفيت وغيره جو احوال آهي.

باب ڏهون: جمرن چٽڻ جي بيان ۾ - هن باب ۾ ڇهه فصل آهن. انهن ۾ رمي جمار ۽ ان سان واسطو رکندڙ مسئلن جو بيان آهي.

باب يارهون: طواف ۽ موڪلاڻيءَ جي بيان ۾ - هن باب ۾ چار فصل آهن. انهن ۾ موڪلاڻيءَ وارو طواف ۽ ان سان تعلق رکندڙ مسئلا بيان ٿيل آهن.

باب ٻارهون: عمره جي احڪامن جي بيان ۾ - هن باب چار فصل آهن، جن ۾ عمره ادا ڪرڻ ۽ ان سان لاڳو مسئلا ۽ فضائل ذڪر ڪيل آهن.

باب تيرهون: مختلف مسئلن جي بيان ۾ - هن باب ۾ نهايت معلومات افزا ۽ ڌار ڌار مسئلا بيان ٿيل آهن، جيڪي چوڏهن فصلن ۾ وراهيل آهن. جيئن مڪي شريف ۾ رهڻ جا آداب، برسات ۾ بيت الله جي طواف ڪرڻ جو ثواب، بيت الله ۾ داخل ٿيڻ جو طريقو، بيت الله جي تعمير جوبيان، مسجد حرام جي ڊيگهه ۽ ويڪر جو بيان، مڪي شريف ۾ ۽ ان کان ٻاهر زيارتن جو بيان، حضرت آدم عليھ السلام جي دفن جي جاءِ، جنت المعليٰ جي زيارت ۽ ان ۾ موجود مزارن جي زيارت جو احوال، حدود حرم ۽ ڪعبة الله جي غلاف جو بيان وغيره.

باب چوڏهون: ٻنهي جهانن جي سردار جن جي زيارت جي بيان ۾ - هن باب ۾ چوڏهن فصل آهن، جن ۾ هن ريت مواد آيل آهي: حضور جن جي زيارت ڪرڻ جو طريقو، حضور جن تي سلام پڙهڻ ۽ ان سان گڏ صديق اڪبر ۽ فاروق اعظم تي سلام پڙهڻ، مديني شريف ۾ رهڻ جو بيان، مديني جي ماڻهن سان محبت ڪرڻ، مسجد نبويءَ ۾ چاليهه نمازون پڙهڻ، حضور جن جي روضي مبارڪ ۽ قديم مسجد نبويءَ جون حدون، مسجد نبويءَ جو ڪيترا ڀيرا ٺهڻ، جنت البقيع جي زيارت ڪرڻ، احد جبل، مسجد قبا، حضور جن سان منسوب مسجدون ۽ کوهه، انهن سڀني جي زيارت ۾ ڪوشش ڪرڻ، مديني شريف کان پنهنجي وطن موٽڻ جا آداب وغيره.

اهڙيءَ طرح، مخدوم صاحب هن ڪتاب جي مقدمي ۽ چوڏهن بابن ۾ حج بيت الله ۽ زيارت روضئه رسول سان تعلق رکندڙ سڀ مسئلا ۽ تاريخي واقعا کولي بيان ڪيا آهن. ان ڪري هيءُ ڪتاب مناسڪ حج ۽ عمره ۽ تاريخي واقعن ۽ مسئلن سان گڏ حاجي سڳورن لاءِ سونهون ۽ گائيڊ جي حيثيت رکي ٿو.

 

------

 

فيض الغني في تقدير صاع النبي

(ڪشف السر عن تقدير صدقة الفطر)

هيءُ 9 صفحن جو ننڍڙو رسالو 15 ربيع الاخر 1137 هجري تي ٺٽي ۾ لکيو ويو. صفحي جي ڊيگهه اٺ انچ ۽ ويڪر پنج انچ آهي. هر صفحي ۾ 19 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 15 لفظ آهن.

هن نسخي جي خاص خوبي هيءَ آهي ته مخدوم صاحب هن رسالي جا ٻه نالا رکيا آهن:

1. فيض الغني في تقدير صاع النبي

2. کشف السر عن تقدير صدقة الفطر

هيءُ رسالو آڳاٽو لکيل ۽ ناياب آهي. قلمي صورت ۾ آهي ۽ اڃا تائين شايع نه ٿيو آهي. هن رسالي جا قلمي نسخا هنن ڪتبخانن ۾ موجود آهن: مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي لائبريري - حيدرآباد، پير محب الله جهنڊي واري جو ڪتبخانو، سنڌالاجي لائبريري - ڄام شورو، مولوي معروف جو ڪتبخانو - مٽياري ۽ مدرسھ مجدديه نعيميھ ملير، ڪراچي. راقم وٽ مدرسھ مجدديھ نعيميھ واري نسخي جو عڪس موجود آهي. راقم هن ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڪيو آهي.

مواد جو وچور:

مخدوم صاحب هن رسالي ۾ ٻن ڳالهين تي بحث ڪيو آهي. 1. نبي جي مديني واري ماپ جو ٽويو ۽ 2. صدقة الفطر ۽ ان سان متعلق مسئلا، مخدوم صاحب هن رسالي ۾ وڏي تحقيق ۽ محنت کان ڪم ورتو آهي. هيءُ رسالو پنجن فصلن ۽ خاتمي تي مشتمل آهي:

فصل پهريون: در تقدير صاع

فصل ٻيو: در تقدير رطل

فصل ٽيون: در تقدير مثقال

فصل چوٿون: دربيان تقدير نصف صاع عراقي از گندم بمکائيل حرمين شريفين و مکائيل بلاد سند.

فصل پنجون: در تقدير صدقة فطر

مخدوم صاحب لکيو آهي:

 ”حضرت پيغمبر جي دور ۾ مديني منوره ۾ ٻه ٽويا رائج ۽ مشهور هئا: هڪ صاع حجازي، جنهن ۾ پنج رطل آهن. ٻيو صاع عراقي، جنهن ۾ اٺ رطل آهن. امام مالڪ (93هه - 179هه)، امام شافعي (150هه - 204هه) ۽ امام احمد (164هه - 241هه) ’صاع حجازيءَ‘ کي اعتبار ڪيو آهي ۽ امام ابو حنيفھ (80هه - 150هه) احتياط طور ’صاع عراقي‘ کي اختيار ڪيو آهي.“

مخدوم صاحب پهريائين ٽويي، مثقال، ماسي وغيره جو بيان آڻي، ان کان پوءِ صدقه فطر جي لاءِ ڪڻڪ جي اڌ ٽوئيي بابت بحث ڪيو آهي. ان نصف صاع لاءِ ٺٽي کان وٺي مڪي شريف ۽ مديني شريف جي عالمن تائين تحقيق ڪندو رهيو. مخدوم صاحب ان سلسلي ۾ جيڪا جستجو ڪئي، اها قابلِ تعريف آهي ۽ ان جو تت هن ريت آهي:

مخدوم صاحب عراقي اڌ ٽوئيي (نصف صاع) جي باري ۾ صدقه فطر لاءِ ڪڻڪ جي اڌ ٽوئيي خاطر ٺٽي شهر ۾ چار ڀيرا تحقيق ڪئي، پاڻ لکي ٿو:

 ”تاريخ 14 شوال سن 1128هه سنڌ ملڪ جي شهر ٺٽي ۾، ٺٽي شهر جي بازار مان ڪڻڪ گهرائي، تولي، مثقال، پاٽـِـي ۽ ٽوئيي جي ماپ ۽ تور بابت تحقيق ۽ تصديق ڪئي وئي. اهي وزن لکي نوٽ ڪري ڇڏيم.

جڏهن الله تعاليٰ جي فضل سان 1135هه ۾ مڪي شريف ويس، ته اتي 11 ذوالقعد تي علامه عبدالڪريم هندي حنفي عالم وٽ مڪي شريف جي بازار مان ڪڻڪ گهرائي، مڪي جي وٽن ۽ ماڻن سان عراقي صاع جي تحقيق ڪئيسون. اهو مڪي وارو وزن به پاڻ وٽ نوٽ ڪيم.

وري جڏهن الله تعاليٰ جي فضل سان سن 1136هه ۾ مديني منوره ويس، ته اتي به تحقيق جو سلسلو جاري رهيو. اتي اهو ٻڌڻ ۾ آيو ته مڪي شريف جي بازار ۾ يا مديني منوره جي بازار ۾ جيڪي عام جـَـوَ و ڪامجن ٿا، اهي مصري جـَـوَ آهن. اهي مصري جـَـوَ ننڍا ٿين ٿا ۽ مديني منوره ۾ جيڪي جـَـوَ پوکجن ٿا، اهي جـَـوَ وڏا ٿين ٿا. ان ڪري وري مديني منوره جي حنفي عالمن جي مجلس ۾ احتياط طور مديني جي بازار مان ڪڻڪ گهرائي، حساب ڪري، نصف صاع يعني عراقي اڌ ٽوئيي جي باري ۾ تحقيق ڪئي وئي. اها مديني واري ماپ ۽ تور به پاڻ وٽ لکي محفوظ ڪيم.

ان دوران مديني جي اهل علم کان معلوم ٿيو، ته مديني منوره جي ماڻهن وٽ گهرن ۾ اڃا تائين نبي جي دور جا ’مـُـد‘ (تور ۽ ماپ جو وَٽُ يا ٿانءُ) موجود آهن. انهن چيو ته اهي تور ۽ ماپ جا مـُـد اسان وٽ حضور جن جي وقت کان وٺي، وڏن وٽ پشت به پشت هڪ ٻئي کان هلندا ٿا اچن. اسان روزن جو فطرو، فديو ۽ ڪفارو وغيره به انهن نبوي مـُـدن سان ادا ڪندا آهيون. مون انهن نبوي مـُـدن جي ماپ تور به تحقيق ڪري پاڻ وٽ لکي محفوظ ڪئي.

پوءِ جڏهن 16 ربيع الاول 1137هه تي پنهنجي وطن ٺٽي پهتس، ته ٺٽي جي وڏي فاضل شيخ عنايت الله واعظ جي صحبت ۾، اهي ٽيئي (مڪي، مدني تور ماپ ۽ مـُـد نبوي) نوٽ ٿيل وزن سامهون رکياسون. پوءِ ٺٽي شهر ۾ هلندڙ پاٽين سان ماپ جي انهن ٽنهي نمونن کي رکي ڀيٽيو ويو. انهن سڀني تور ۽ ماپ جي مختلف نمونن ۾ قدري اختلاف هو. ان ڪري اسان سڀ وزن ۽ ماپون سامهون رکي، تحقيق ڪري پاٽي، اڌ ٽوئيي جو صحيح وزن ۽ ماپ مقرر ڪئيسون، جنهن موجب صدقه فطر ادا ڪري سگهجي.“

جيتوڻيڪ هيءُ رسالو صدقه فطر ادا ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ جي اڌ ٽوئيي يا نبي جي مدني ٽوئيي جي باري م تحرير ڪيل آهي، پر هن رسالي ۾ مخدوم صاحب جي صرف هڪ مسئلي تي ايڏي جستجو ۽ جدوجهد جو به پرو پوي ٿو، جو پاڻ ٺٽي شهر ۾ رائج وزن کان وٺي مڪي ۽ مديني جي ٽوين ۽ مـُـد نبويءَ جي ماپ سان گڏ، وري واپسيءَ ۾ ٺٽي ۾ سڀ وزن سامهون رکي، مسئلي کي حل ڪيو آهي، جنهن مان سندس علمي تحقيق جو بلند معيار ظاهر ٿئي ٿو.

ٻيو ته هن رسالي ۾ آيل مواد ۾ مخدوم صاحب جي سوانح حيات بابت به ڪي اهڃاڻ موجود آهن ۽ پـَـڪَ جهڙا سوانحي نڪتا ۽ اشارا سامهون اچن ٿا.

 

------

 

مدح نامھ سنڌ

هي ناياب قلمي رسالو علامھ غلام مصطفيٰ قاسمي جي ڪوشش سان سنڌي ادبي بورڊ لائبريري مان دستياب ٿيو آهي. اصل رسالو 16 ربيع الاول 1146 هجري جو لکيل آهي. ڪاتب فقير عبدالله ۽ ڪتابت جي تاريخ، بروز جمع 18 صفر 1279 هجري آهي. صفحن جو تعداد 40 آهي، ۽ هر صفحي جي ڊيگهه ساڍا اٺ انچ ۽ ويڪر ڇهه انچ آهي. هر صفحي ۾ 17 کان 22 سٽون ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 15 کان 22 لفظ آهن.

وطن جي محبت ايمان جو جزو آهي. انسان جو خمير جنهن مٽيءَ مان هوندو آهي، ته فطري طور ان جي روح ۾ ان مٽيءَ جي محبت سمايل رهندي آهي. ان سرزمين سان سرس سڪ، اڻ کٽ الفت ۽ مڻين محبت موجزن رهندي آهي. سنڌ جي سرتاج شاعر، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه به رسالي ۾ پنهنجي وطن جو دعائن سان، محبت جو مذڪور ۽ الفت جو اظهار ڪيو آهي:

سائينم! سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوـست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!

 ”مدح نامھ سنڌ“ جو فقط هڪ نسخو سنڌي ادبي بورڊ ڄام شوري جي لائبريريءَ ۾ موجود آهي. راقم وٽ ان جو عڪس موجود آهي. راقم جي عڪسي نسخي ۽ سعيي سان تازو علامه محمد ادريس ڏاهري نقشبندي انهيءَ ڪتاب جو سنڌي ترجمو شايع ڪيو آهي. هيءَ ڪتاب اداره خدمة القرآن والسنة شاهه پور جهانيان ضلعي نواب شاهه مان 1411هه - 1991ع تي ڇپيو آهي.

مواد جو وچور:

سهڻي سنڌ جي سرتاج عالم، مخدوم محمد هاشم ٺٽوي رحه هيءُ ڪتاب ”مدح نامھ سنڌ“ وطن سنڌ جي شان، محبت، عظمت ۽ حفاظت بابت لکيو آهي. مخدوم صاحب هن رسالي لکڻ جو سبب بيان ڪندي لکي ٿو:

 ”حمد ۽ صلواة کان پوءِ الله جي ٻانهن ۾ گهڻو ڪمزور، الله جي رحمت ۾ اميدوار - جنهن جا نيڪ عمل ٿورا ۽ گناهه گهڻا آهن. اهو ٻانهو محمد هاشم ٺٽوي چوي ٿو، ته جڏهن آئون (سن 1137هه ۾) حج تان واپس (پنهنجي وطن سنڌ شهر ٺٽي ۾) آيس، ته هڪ ڪتاب (فارسيءَ ۾) ڏٺم، جنهن ۾ سنڌ ملڪ ۽ سنڌ وارن ماڻهن جي گلا ۽ گهٽتائي، شڪايت ۽ بـُـرائي لکيل هئي. جڏهن اهو ڪتاب پڙهي ڏٺم ته منهنجي حيرت جي حد ئي نه رهي، جو هڪ عبدالرؤف خان نالي افغانيءَ سنڌ جي شان ۾ گستاخي ۽ گهٽتائي لکي ۽ ڪئي هئي. هن سنڌ جي شڪايت ڪري، بي فائدو مغز کپايو ۽ اجايو وقت وڃايو هو. مون انهيءَ اچرج ۾ پاڻ کي دل ۾ چيو ته جيڪر (سنڌ جي گلا ٻڌي) چـُـپ ٿو رهان، ته سنڌ جي گلا ۽ گهٽتائي ثابت ٿيندي. جڏهن سنڌ جي شڪايت ثابت ٿي، ته ظاهر آهي ته تون به ان ۾ شامل ٿيندين. حقيقت ۾ جنهن سنڌ جي گلا غيبت، برائي ۽ مذمت ڪئي، تنهن ڄڻ ته تنهنجي ئي گهٽتائي ڪئي. (سنڌ جي شان جون ڳالهيون ڳڻي) ان افغانيءَ جو رد ۽ سنڌ بابت بي واجبي شڪايتن جو مون جواب لکيو آهي، جيڪو اميد ته هر ڏاهي ۽ عقلمند جي دل کي وڻندو ۽ سمجهدار جي نظر ۾ قبول پوندو.“

بهرحال، وطن جي محبت ۽ سنڌ جي شان بابت هيءُ هڪ بهترين ڪتاب آهي. مخدوم صاحب پهريون عالم آهي، جنهن سنڌ جي دفاع لاءِ قلم کنيو.

 

------

 

الباقيات الصالحات في

ذڪر الازواج الطاهرات

هن رسالي ۾ 38 صفحا آهن. صفحي جي ڊيگهه ست انچ ۽ ويڪر چار انچ آهي. هر صفحي ۾ 15 کان 20 سٽون آهن ۽ هر سٽ ۾ سراسري طور 9 کان 16 لفظ آهن. ڪاتب جو نالو نامعلوم ۽ ڪتابت جي تاريخ 4 جمادي الاخر، بروز آچر ۽ سال...! مخدوم صاحب هن رسالي ۾ 45 ڪتابن جا حوالا ڏنا آهن. هن رسالي جا قلمي نسخا مدرسھ منصوره، سنڌالاجي، ڳڙهي ياسين، درسگاهه چوٽياري ۽ مدرسھ مجدديه نعيميھ ملير - ڪراچي جي ڪتب خانن ۾ آهن. راقم کي مولانا غلام سرور ڀـُـٽي جي ذريعي دارالعلوم منصوره نزد هالا نوان واري نسخي جو عڪس دستياب ٿيو.(1)

مواد جو وچور:

مخدوم صاحب هن رسالي ۾ ٻنهي جهانن جي سردار، يتيمن جي يار، اڙين جي آڌار، غريبن جي غمخوار، حضرت محمد رسول الله جن جي پاڪ يارهن (11) گهر وارين بيبين سڳورين جو مختصر احوال لکيو آهي ۽ انهن جا فضائل به بيان ڪيا آهن. پاڻ سڳورن عورت کي صنف نازڪ سڏيو آهي ۽ ان کي چـِـٻي پاسريءَ سان تشبيھ ڏني آهي. جيڪڏهن ان کي سڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪبي، ته ڀڄي پوندي. ڇڏي ڏبس، ته چـِـٻي ئي رهندي. ان ڪري عورت ذات سان وچٿري نموني گذارڻو آهي.

الله تعاليٰ حضور جن کي هر گناهه کان معصوم ۽ هر نفساني خواهش کان پاڪ بنايو آهي. پاڻ 25 سالن جا نوجوان هئا، ته 40 سالن جي وڏيءَ عمر واري بيوه حضرت خديجة الڪبريٰ سان شادي ڪيائون. جيستائين اها بيبي سڳوري زنده هئي، ته پاڻ ٻه شادي نه ڪيائون. ان جانثار بيبي سڳوريءَ جي وفات کان پوءِ اهڙيون حالتون ٿيون ۽ اسلامي لڙائين ۾ ڪيترين عورتن جا وَرَ ۽ واهرو شهيد ٿي ويا. انهن جي دلين تي صدمن جا بار اچي پيا ۽ ڪو به سارسنڀال لهڻ ۽ همدردي وار نه رهيو. بيوه عورتن کي معاشري ۾ چڱيءَ نظر سان به نه ڏٺو ويندو هو. پاڻ سڳورن جن بيوه عورتن جي همت افزائي ۽ دلجوئيءَ خاطر انهن سان شاديون ڪيون.

الله تعاليٰ حضور جن جي پاڪ گهر وارين جو وڏو شان ڪيو آهي. قرآن مجيد ۾ کين مومنن جون مائرون سڏيو ويو آهي. ”النبي اوليٰ بالمؤمنين من انفسهم و ازواجـآ امهاتهم“ (پارو 21، سورت الاحزاب، رڪوع 1) ترجمو: نبيءَ جو ايمان وارن تي سندن جانين کان به زياده حق آهي ۽ سندس زالون انهن جون مائرون آهن.

شاهه ولي الله دهلويءَ انهيءَ مٿئين آيت جي تفسير ۾ لکيو آهي، ته يعني: پيغمبر جون زالون، مومنن جون مائرون آهن. انهن سان نڪاح حرام آهي، جيئن ماءُ سان حرام آهي.(1)

مومنن جون مائرون ۽ عربي گهوٽ جن جون گهر واريون عام عورتن جهڙيون نه آهن. الله تعاليٰ انهن جو نبي سڳوري جي ڪري شان سوايو ڪيو آهي. قرآن ۾ ارشاد رباني آهي: ”يا نساء النبي لستن کاحد من النساء “ (پارو 22، سورت الاحزاب، رڪوع 4) ترجمو: اي نبيءَ جون زالون! اوهان ٻين عورتن جهڙيون هرگز ڪين آهيو.

حضور جن جي صدقي بيبين سڳورين جو وڏو شان آهي. ايتري قدر جو انهن پاڪ بيبين سان نڪاح ڪرڻ به حرام آهي، ڇاڪاڻ ته اهي بيبيون سڳوريون حضور جن جون گهر واريون آهن، ان ڪري کين اهو امتياز ۽ خاص خصوصيت حاصل آهي. جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي: ”وما کان لکم ان تؤذوا رسول الله ولا ان تنکحوا ازواجـآ من بعده ابداً ان ذالکم کان عندالله عظيما“ (پارو 22، سورت الاحزاب، رڪوع 7) يعني: ۽ اوهان لاءِ اهو مناسب ڪونه آهي جو الله جي رسول کي ايذاءُ رسايو ۽ نڪي (نبي سڳوري) کان پوءِ سندس بيبين سڳورين سان نڪاح ڪريو. بيشڪ اهو ڪم الله وٽ وڏو گناهه آهي.

هيءُ رسالو مخدوم صاحب حضور جن جي پاڪ گهر وارين جي عزت ۽ اهميت خاطر لکيو آهي. مخدوم صاحب رسالي جي مقدمي ۾ لکي ٿو:

 ”هيءُ رسالو حضور جن جي پاڪ گهر وارين جي احوال ۾ لکيل آهي، جنهن ۾ بيبين سڳورين جا نالا ۽ نسب ۽ سندن وفات جون تاريخون بيان ٿيل آهن. هيءُ رسالو 20 تاريخ شوال 1147هه ۾ لکجڻ شروع ٿيو.“

باب پهريون: هن باب ۾ مخدوم صاحب حضور جن جي پاڪ گهر وارين جي تعداد جو بيان تمام تحقيق ۽ ڪيترن ڪتابن جي حوالي سان آندو آهي. هن باب جو لب لباب هيءُ آهي ته سڀني عالمن جو اتفاق آهي ته پاڻ سڳورن جن جون پاڪ گهر واريون 11 آهن، انهن مان 6 قريش هيون، 4 عرب هيون ۽ هڪ بني اسرائيل مان هئي. انهن بيبين سڳورين جا ترتيب وار نالا هيءُ آهن:

1. حضرت خديجة الڪبريٰ ڌيءَ خويلد. سندس ماءُ جو نالو فاطميھ هو.

2. حضرت سوده ڌيءَ زمعھ . سندس ماءُ جو نالو شموس هو.

3. حضرت عائشھ ڌيءَ ابوبڪر صديق. سندس ماءُ جو نالو زينب هو.

4. حضرت حفصھ ڌيءَ عمر فاروق. سندس ماءُ جو نالو زينب ڌيءَ معظون هو.

5. حضرت ام سلمھ ڌيءَ ابي اميھ . سندس ماءُ جو نالو عاتڪھ هو.

6. حضرت ام حبيھ ڌيءَ ابوسفيان. سندس ماءُ جو نالو رملھ هو.

7. حضرت زينب ڌيءَ جحش. سندس ماءُ جو نالو اميمھ هو.

8. حضرت زينب ڌيءَ خزيمھ . سندس ماءُ جو نالو هند بت عوف هو.

9. حضرت ميمونھ ڌيءَ الحارث. سندس ماءُ جو نالو هند هو.

10. حضرت جويريھ ڌيءَ حارث.

11. حضرت صفيھ ڌيءَ حي. سندس ماءُ جو نالو ضره هو.

باب ٻيو: هن باب ۾ پاڻ سڳورن جن جي پرڻجڻ جي ترتيب ۽ نڪاح ۾ آيل ترتيب وار بيبين سڳورين جا نالا آيل آهن ۽ روايتن جي اختلاف سان پرڻي جو سال به آيل آهي. پرڻي جي ترتيب پهرئين باب ۾ آيل نمبر وار نالن مطابق آهي. نڪاح ۾ هن ترتيب کان سواءِ تاريخ ۽ سيرت جي ڪتابن ۾ مختلف ترتيبون به آيل آهن.

باب ٽيون: هن باب ۾ حضور جن جي حرمن سڳورن جي وفات جي سالن ۽ سنن جو بيان آهي.

1. حضرت خديجھ رضي الله عنها جي وفات حضور جن جي حياتيءَ ۾ هجرت نبويءَ کان ٽي سال اڳ مڪي شريف ۾ ٿي.

2. حضرت زينب ڌيءَ خزيمھ رضي الله عنها جي وفات حضور جن جي حياتيءَ ۾ هجري سن جي چوٿين سال مديني پاڪ ۾ ٿي.

باقي سڀني بيبين سڳورين جي وفات حضور جن جي وصال کان پوءِ ٿي آهي. انهن سڀني بيبين سڳورين جي وفات جي سن وار ترتيب ۽ وفات جي جاءِ جو احوال هن طرح آهي:

1. زينب ڌيءَ جحش رضي الله عنها، وفات سن 20هه، مدفن مدينھ حضرت عمر فاروق جو دور

2. ام حبيبھ رضي الله عنها، وفات سن 44هه مدفن مدينھ ، حضرت امير معاويھ جو دور

3. حفصھ رضي الله عنها، وفات سن 45هه مدفن مدينھ ، حضرت امير معاويھ جو دور

4. جويريھ رضي الله عنها، وفات سن 50هه مدفن مدينھ ، حضرت امير معاويھ جو دور

5. صفيھ رضي الله عنها، وفات سن 50هه مدفن مدينھ ، حضرت امير معاويھ جو دور

6. ميمونھ رضي الله عنها، وفات سن 51هه مدفن مقام سرف، حضرت امير معاويھ جو دور

7. عائشھ رضي الله عنها، وفات سن 58هه مدفن مدينھ ، حضرت امير معاويھ جو دور

8. ام سلمھ رضي الله عنها، وفات سن 61هه مدفن مدينھ ،يزيد جو دور

9. سوره بنت زمعھ رضي الله عنها وفات 68هه مدفن مدينه، جنت البقيع يزيد جو دور.(1)

 

------


(1) ”تحفة الاخوان“ جو سنڌي خلاصو ۽ ترجمو مولانا پير محمد قاسم مشوري لاڙڪاڻي واري ڪيو. جيڪو سندس رسائل قاسميھ ۾ ڇپيو آهي. (ليکڪ)

(1) تازو سال 2001ع ۾ هن ڪتاب جو اردو ترجمو خليل الرحمـٰـن نعماني دارالڪتب النعمانيھ ڪراچيءَ مان شايع ڪيو آهي. (ليکڪ)

(1) سيرت النبي جي سلسلي ۾، هن موضوع تي امهات المومنين جي احوال بابت مخدوم صاحب جو هيءُ رسالو ”الباقيات الصالحات“ مختصر ۽ جامع آهي. حضور پاڪ جن پنهنجين گهر وارين کي جيڪو مهر ڏنو، ان باري ۾ مخدوم صاحب هڪ الڳ رسالو ”تحفة المسلمين في تقدير مهور امهات المومنين“ به لکيو آهي.

تازو ”الباقيات الصالحات“ جو سنڌي ترجمو، سنڌ جي نامور عالم، مولانا محمد ادريس ڏاهري شاهه پور جهانيان واري 1999ع ۾ شايع ڪيو آهي. انهيءَ ڪتاب ۾ راقم الحروف جو لکيل تعارف پڻ شامل آهي. (ليکڪ)

(1) شاهه ولي الله دهلويءَ: ”تفسير فتح الرحمان“ ، مترجم: غلام مصطفيٰ قاسمي، ڏسو حاشيو ص 500

(1) نوٽ: حضرت سوده بنت زمعھ جي وفات جو سال غالباً ڪاتب کان رهجي ويو آهي! جيڪو ڏنو ويو آهي. (ادارو)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org