سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 13

 

رئيس عبدالقيوم خان، 2. رئيس غلام رسول خان ۽ 3. رئيس غلام مصطفيٰ خان، انهن مان پهريون ننڍي هوندي وفات ڪري ويو، باقي زنده آهن، جن کي اولاد آهي. رئيس ولي محمد خان 1890ع ۾ وفات ڪئي.

تعليم

رئيس غلام محمد خان جي  ابتدائي تعليم، سنڌ جي قديم خاندانن جي دستور مطابق، قرآن شريف ۽ فارسي تعليم حاصل ڪرڻ سان شروع ٿي، سندس استاد ميهڙ طرف جو هڪ عالم هو، جو رئيس وڏي خاص سندس تعليم ڏيڻ لاءِ مقرر ڪيو هو. انهيءَ وقت جا استاد شاگردن کي ٿوريءَ گهڻيءَ ڳالهه تان ڏاڍيون مارون ڏيندا هئا. رئيس صاحب، باوجود هڪ رئيس زادي هئڻ جي، انهيءَ عام قانون کان ڇٽي نه سگهيو. هڪ دفعي  جي ڳالهه ڪن ٿا ته مولوي صاحب کيس وڻ سان ٻڌي چهبڪن جي مار ڏني، جنهن ڪري سندس نراڙ تي زخم ٿي پيا. گهر ۾ جڏهن خبر پيئي، تڏهن رئيس وڏي کي انهيءَ حالت  کان واقف ڪيائون. هن جڏهن مولوي صاحب کان ان جو سبب پڇيو، تڏهن مولوي صاحب پنهنجيءَ ان ڪارروائيءَ جي جواز ۾ اهو جواب ڏنو ته انهيءَ مار ڏيڻ سان مون اوهان جي فرزند جو بخت کوليو آهي. ”مار سنوار آهي“ اهو انهن استادن جو تڪيه ڪلام هوندو هو. ان وقت ٻارن جا مائٽ استادن جي ڏاڍي عزت ڪندا هئا. رئيس وڏي، مولوي صاحب کي ڪجهه به نه چيو، جيتوڻيڪ هو وٽس تنخواه دار هو ؛ بلڪه پٽ کي هدايت ڪري، وري به مولويءَ وٽ پڙهڻ لاءِ تاڪيد ڪيائين. جڏهن رئيس صاحب ابتدائي تعليم مان فارغ ٿيو ته کيس حيدرآباد جي مشن اسڪول ۾ انگريزي پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو. اهو اسڪول رئيس جي هاڻوڪي بنگلي جي جاءِ تي، ميرن جي قبن جي ڀر ۾ ٺهيل هو. اتي چار درجا پڙهي، پوءِ رئيس صاحب وري اين. ايس، اڪيڊمي هاءِ اسڪول (حيدراباد) ۾ اچي پڙهڻ لڳو. سگهو ئي رئيس ميان ولي محمد خان 1890ع ۾ وفات ڪئي. سندس پٽ صغير هئڻ ڪري، ملڪيت ڪورٽ آف وارڊس جي  سنڀال هيٺ آئي. تنهن کان پوءِ رئيس صاحب کي ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو، جتي ڪجهه وقت تعليم جاري رکيائين.

رئيس صاحب ننڍي هوندي کان خوددار ۽ آزاد خيال نينگر هو. هڪ ڏينهن ڪنهن ڳالهه  تان مدرسي جي انگريز پرنسپال، مسٽر پرسي هائيڊ، کيس ٽوڪي چيو ته،  ”تون لائق (جنٽلمئن) آدمي نٿو ڏسڻ ۾ اچين.“ ان تي رئيس صاحب بنا ڊپ جي کيس جواب ڏنو ته، ”اوهان کي غلط خيال ويٺل آهي. آءٌ نه صرف شريف (جنٽلمئن) آهيان، پر شريف گهراڻي جو فرد آهيان.“ ان کان پوءِ انهيءَ اڻبڻت ڪري، رئيس کي مدرسو ڇڏڻو پيو، ۽ ان وڌيڪ تعليم لاءِ هو عليڳڙهه ويو، جتان مئٽرڪ پاس ڪيائين. امتحان پاس ڪرڻ بعد، موٽي اچي پنهنجي زمينداريءَ جي ڪاروبار ۾ مشغول ٿيو.

ان وقت سندس زمين ڪورٽ آف وارڊس مان آزاد ٿي چُڪي هئي. پاڻ ان وقت پنجويهن ورهين جو نوجوان هو ۽ ممڪن هو ته ٻين تعليم يافته زميندارن وانگر هي به وڏيرڪي زندگي گذارڻ لڳي ها، پر ستت ئي کيس هڪ اهڙو واقعو پيش آيو، جنهن سندس غيرت کي تازيانو لڳائي سندس زندگيءَ ۾ وڏو ڦيرو آڻي ڇڏيو.

ان بابت هن طرح روايت ڪئي وڃي ٿي ته هڪ دفعي پاڻ شادي پلي اسٽيشن تي لهي، ڳوٺ وڃڻ لاءِ رات جو اچي ڊاڪ بنگلي ۾ رهيو، ساڻس ٻار ٻچا هئا ۽ بارش پئجي رهي هئي. ان وقت ڪو روينيو کاتي جو نوڪر آيو ۽ کيس چيائين ته : ڊويزن جو اسسٽنٽ ڪليڪٽر صاحب (انگريز) اچڻ وارو آهي، تنهن ڪري بنگلو خالي ڪريو. رئيس صاحب ان کي چيو ته: رات آهي، بارش پئجي رهي آهي، ٻار ٻچا ساڻ آهن، هن وقت ڪيڏانهن وڃي سگهندس؛  بنگلو وڏو آهي، صاحب هڪ طرف رهي سگهي ٿو وغيره، پر هو  بنگلي خالي ڪرڻ لاءِ اصرار ڪندو رهيو. ان وقت انگريز عمملدار پاڻ کي سياهه ۽ سفيد جا مالڪ ۽ حڪمران قوم جا فرد سمجهي عام ماڻهن ۽ زميندارن کي گهٽ نظر سان ڏسندا هئا. صاحب بهادر کي جڏهن معلوم ٿيو ته سندن حد جي هڪ زميندار اهڙي خود سري ڏيکاري آهي جو بنگلي خالي ڪرڻ کان به انڪار ڪيو اٿس، سو غصي ۾ اچي، رئيس صاحب کي نقصان پهچائڻ لاءِ گهاٽ گهڙڻ لڳو. ٻئي طرف رئيس صاحب عملدارن جي روش کي نندڻ لاءِ زميندارن کي سڏائي، احتجاج شروع ڪيو، قصو وڌي ويو ۽ رئيس صاحب کي 110 هيٺ رجوع ڪرڻ جا منصوبا سٽجڻ لڳا، رئيس صاحب، دوستن جي مشوري سان، انهن حالتن هيٺ 1905ع ۾ وڌيڪ پڙهڻ لاءِ انگلينڊ هليو ويو. هو اتي ٽي سال رهي پيو. 1908ع ۾ بئريسٽريءَ جي سند وٺي، موٽي سنڌ آيو، انگلينڊ ۾ رهائش دوران ڪهڙيون دوستيون ۽ لاڳاپا پيدا ڪيائين ۽ ڪهڙين تحريڪن ۾ شرڪت ڪيائين، تنهن جو تفصيل ملي نٿو سگهي، ليڪن هيءَ ڳالهه صاف ظاهر  هئي ته اتي جي آزاد هوا ۾ سندس آزاديءَ واري جذبي ۾ اضافو ٿيو. جڏهن موٽي آيو، تڏهن سندس اڳيان ڪي سياسي مقصد هئا، جن کي نظر ۾ رکي، ڳوٺاڻيءَ زندگيءَ مان نڪري، حيدرآباد شهر ۾ وڪالت جي فرم کوليائين. ان لاءِ سندس ٻه ڪارڻ معلوم ٿين ٿا، هڪ ته شهري زندگيءَ سان وابسته رهڻ ڪري هو  سهولت سان سياست ۾ حصو وٺي سگهيو ٿي ۽ ٻيو ته وڪالت جي ڌنڌي اختيار ڪرڻ ڪري کيس سرڪاري عملدار ڪا اجائي سجائي تڪليف پهچائي نٿي سگهيا.

سياسي زندگي:

ان وقت حيدرآباد شهر سياسي، سماجي ۽ تعليمي سرگرمين جو مرڪز بڻيل هو، مولانا عبيدالله سنڌيءَ، امروٽ کان لڏي پير صاحب جهنڊي جي ڳوٺ ۾ اچي ”مدرسه دارالارشاد“ کوليو هو، سو به وقت بوقت پيو حيدرآباد ايندو ويندو هو. ان کان  سواءِ پنجاب جي ”گروڪل آشرم جي سنياسي ساڌن، حيدرآباد کي علم ۽ تهذيب جو مرڪز ڄاڻي، هڪ  برهم آچاريه آشرم، ٽئي نمبر تلاءَ جي ڀر ۾، اڇيءَ پل وٽ اچي کوليو هو، جتي نوجوان هندو ڪارڪن پيدا ڪرڻ لاءِ، ڪاڪا ڪيلڪر ۽ آچاريه جيوت رام ڪرپالاڻيءَ جهڙا لائق  معلم ماستر ٿي پڙهائڻ لڳا، آچاريه ڪرپالاڻيءَ جو وڏو ڀاءُ شيخ عبدالرحيم مسلمان ٿي چڪو هو ۽ هن نوجوان تعليم يافته عاملن کي مسلمان بنائڻ جي تحريڪ حيدرآباد مان ئي هلائڻ شروع ڪئي هئي.

رئيس صاحب خوش خلق، يارويس، مهمان نواز ۽ هٿ جو ڪشادو اڳي ئي هو، تنهن ڪري حيدرآباد م رهڻ سان هو دوستن ۽ همدردن جو هڪ وسيع  گروهه پيدا ڪري سگهيو، جنهن ۾ مسٽر سنتداس منگهارام، مسٽر ڄيٺمل پرسررام، مسٽر جيرامداس، دولترام، ۽ ٻيا سندس ساٿي ٿي ڪم ڪرڻ لڳا. مسٽر حافظ عبدالقادر بئريسٽر، مسٽر عبدالرحمان بئريسٽر ۽ مسٽر عبدالجبار به سندس فرم ۾ داخل ٿي، وڪالت سان گڏ،  ملڪي ۽ سياسي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ لڳا. سگهو ئي شيخ عبدالمجيد سنڌي، مسلمان ٿي اچي رئيس صاحب وٽ رهڻ لڳو، جنهن کي ”الامين“ اخبار جي ايڊيٽريءَ جي  چارج ڏني ويئي. رئيس صاحب جي آفيس نالي ۾ وڪالت جي جاءِ هئي، پر حقيقت ۾ سياسي ۽ سماجي ڪم ڪار جو ادارو ٿي چڪي هئي. ڪيئي نوجوان وڪيل ان ۾ وڪالت سان گڏ سياسي تربيت به حاصل ڪندا هئا. رئيس صاحب سگهو ئي ڪراچيءَ جي مکيه ڪارڪنن سان لاڳاپو پيدا ڪيو، جن ۾ مکيه سيٺ هرچند راءِ وشنداس، غلام علي چاڳلا، سيٺ يوسف علي علوي، غلام حسين قاسم ۽ مسٽر جعفر فَدو هئا. انهيءَ زماني ۾ اتي هڪ ”اسلام ڪلب“ نالي سان مرڪز به قائم ڪيو ويو، جنهن جي عمارت گانڌي گارڊن جي پويان هئي، جتي ٻاهريان صاحب  اچي رهندا هئا ۽ پاڻ ۾ ملي صلاح مصلحت به ڪندا هئا.

اها پوريءَ طرح خبر پئجي نٿي سگهي ته ڪانگريس تحريڪ سان رئيس صاحب جا لاڳاپا انگلينڊ جي رهائش واري وقت ۾ پيدا ٿيا هئا يا هتي ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد جي دوستن جي سنگت ۾، پر معلوم ائين ٿئي ٿو ته 1909ع ڌاري هي ڪانگريس جو ميمبر ٿي چڪو هو.

انهيءَ وقت ۾ ’منٽو مارلي، رفارمس‘ موجب نيون چونڊون ٿيڻ واريون هيون. سنڌ کي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل لاءِ چئن عيوضين چونڊڻ جو حصو مليو هو، جن جا تڪ هن ريت هئا: 1. سنڌ جي ميونسپالٽين طرفان هڪ عيوضي، 2. سنڌ جي لوڪل بورڊن طرفان هڪ عيوضي، 3. زميندارن ۽ جاگيردارن طرفان هڪ عيوضي، 4. ڪراچي چيمبر آف ڪامرس (يورپين) طرفان هڪ عيوضي.

اهي چونڊون 1909ع جي آخر ۾ ٿي گذريون، جن ۾ هيٺيان عيوضي بمبئي ڪائونسل تي چونڊجي ويا:

1. ميونسپالٽين طرفان سيٺ هرچند راءِ وشنداس چونڊيو.

2. لوڪل بورڊ طرفان سيد ميان الهندو شاهه ولد محمد علي شاهه ڊڀري وارو چونڊيو.

3. زميندارن ۽ جاگيردارن طرفان رئيس غلام محمد خان ولد رئيس ولي محمد خان ڀرڳڙي چونڊيو. ۽

4. چيمبر آف ڪامرس طرفان (سر) مانٽيگو ويب چونڊيو ويو.

بمبئي ڪائونسل ۾ سيٺ هرچند راءِ ۽ رئيس صاحب، ٻنهي دوستن جو چونڊجي وڃڻ  سنڌ لاءِ نيڪ فال هو. سيٺ هرچند راءِ اڳيئي پڙهڻ جي زماني ۾ ست سال کن بمبئيءَ ۾ رهي آيو هو، جتي ڪيترن ئي  قومي ڪارڪنن سان لاڳاپا پيدا ڪري ويو هو. هو 1888ع کان ڪانگريس ۾ حصو وٺندو آيو هو. رئيس صاحب کان عمر ۾ سورهن سال وڏو هو. هنن گڏجي وڃي غير سرڪاري پارٽيءَ ۾ شموليت ڪئي، جنهن جو ليڊر، ڪانگريس جو مکيه اڳواڻ، سر فيروز شاهه ميهتا هو. نئينءَ ڪائونسل جو پهريون اجلاس 4 جنوري 1910ع تي، بمبئيءَ ۾ ڪٺو ٿيو.ان  کانپوءِ 1920ع تائين ٻئي گڏجي بمبئي ڪائونسل ۾ ڪم ڪندا آيا.

1916ع جي چونڊ ۾ خانبهادر سيد الهندو شاهه مرڪزي اسيمبليءَ  تي چونڊجي ويو ۽ ان جي جاءِ تي لوڪل بورڊن طرفان سر غلام حسين هدايت الله چونڊيو.

ڪائونسل جي پوريءَ مدت ۾ رئيس صاحب جيڪي ڪائونسل ۾ سوال پڇيا،  ٺهراءَ آندا، ۽ بل پيش ڪيا، يا مختلف موقعن تي تقريرون ڪيون، تن کي هتي بيان ڪرڻ مشڪل آهي. ان لاءِ بمبئي ڪائونسل جون ڪارروايون پڙهڻ ۽ کوجنا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ازان سواءِ، اهو هن مختصر احوال جي دائري کان ٻاهر ٿيندو. هتي صرف سندس مکيه ڪمن جو مختصر بيان ڏجي ٿو.

1. هن مسلمانن ۾ تعليم جي ڪمي محسوس ڪري، هڪ مسلم ايڊوڪيشن سيس بل، تيار ڪري، ڪائونسل ۾ پيش ڪيو،  جنهن موجب مسلمان زميندارن کان رپئي تي هڪ پئسو فنڊ وصول ڪري، مسلم ٻارن جي تعليم تي خرچ ڪرڻو هو. مسلمان زميندار، مسلمانن جي تعليم لاءِ  هندن وانگر هاءِ اسڪول وغيره کولائڻ واسطي تيار نه هئا. هنن جو سمورو پئسو عياشيءَ، فضول خرچين ۽ شڪارن تي خرچ ٿيندو هو، تنهن ڪري رئيس صاحب ان جو علاج انهيءَ ۾ ڏٺو ته سيس ذريعي پئسا وصول ڪرائي، سرڪار جي معرفت تعليم تي خرچ ڪجن. جڏهن اهو بل ڪائونسل اڳيان پيش ٿيو ۽ سيٺ هرچند راءِ ۽ ٻين سندس ساٿين ان جي تائيد ڪئي، تڏهن سرڪار مجبور ٿي، ان کي رد ڪرائڻ جي عيوض، عام راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ موٽايو، ۽ راءِ وٺڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي به مقرر ڪئي. رئيس پاڻ ساريءَ سنڌ ۾ گشت ڪري وڃي زميندارن کي انهيءَ تجويز جي فائدن کان واقفف ڪيو، پر بدقسمتيءَ سان لاڙڪاڻي جي چند خود مطلبي زميندارن ان جي مخالفت ڪئي. چي: هاري ناري پڙهندا ته چوڻ کان ٻاهر نڪري ويندا، تنهن ڪري زميندر ڇو انهن لاءِ خرچ ڪن! ان تي بمبئي سرڪار کي وجهه ملي ويو ۽ انهن زميندارن جي مخالفت جي  عذر تي بل کي ٿڏي ڇڏيو ويو. سرڪار خود سنڌ ۾ تعليم عام ٿيڻ جي خلاف هئي؛ ان جي خيال ۾ هڪ ڪانگريسيءَ طرفان اهڙي بل جو پاس ڪرائڻ، ڪانگريس کي زور وٺائڻ جي برابر هو.

2. رئيس صاحب سنڌ ۾ رسائيءَ ۽ لاپي جون خرابيون ڏٺيون هيون. کيس معلوم  هو ته جڏهن ڪامورا گشت تي ويندا هئا، تڏهن سندن منزلن وقت وڏا انتظام ٿيندا هئا. زميندارن طرفان کير، ڇيلا، مکڻ، بيضا، گاهه وغيره پهچايا ويندا هئا. عام ماڻهن کي هنن جي لاءِ رستن ٺاهڻ، تنبن کوڙائڻ، گاهه ميسر ڪرڻ، پاڻي ڀرائڻ، شڪار ڪرائڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن لاءِ بيگر ۾ وهايو ويندو هو. سختيءَ سان ڪم وٺڻ ۽ موچڙي مار ڪرڻ کان پوءِ به، کين ماني ڪا نه کارائي ويندي هئي. پٽيوالن، نائڪن ۽ ڪلارڪن کي خرچيون ڏيڻيون پونديون هيون. ”منزل“ جي سيڌي سامان، ميوي، شراب، ويندي برف تائين سڀ شيءِ جو انتظام روينيو  يا ٻئي کاتي جي مڪاني ملازمن کي ڪرڻو پوندو هو. انهيءَ واسطي، هر هڪ آباد نمبر تان سرڪاري ڍل وٺڻ مهل، هڪ رقم الڳ ورتي ويندي هئي، جا لاپي جي نالي سان مشهور هئي. اها رقم تعلقي آفيس ۾ ڪٺي ٿيندي هئي، جنهن جو حساب ڪتاب رکيو ويندو هو. سنڌ ڄڻ ته ڪامورن جو شڪار گاهه ۽ مرغزار بڻيل هئي. انهيءَ ظلم کان سنڌين کي ڇڏائڻ لاءِ، هن بمبئي ڪائونسل ۾ هڪ ٺهراءُ آندو ۽ زوردار تقرير ڪئي. ٻين سندس ساٿين پڻ مدد ڪيس، نيٺ سرڪار مجبور ٿي هڪ انڪوائري ڪميشن مقرر ڪئي. جنهن جو چيئرمين جسٽس هيورڊ هو. ان جا ميمبر سيٺ هرچند راءِ وشنداس، شيخ غلام حسين، مسٽر ساهني ۽ محمود شاهه هئا. رسائي ڪميشن 3 اپريل 1918ع کان ڪراچيءَ مان شاهديون وٺڻ شروع ڪيون. مئي مهيني جي وچ تائين انڪوائري هلندي رهي. ان اڳيان گهڻا ڦاٽ ڦاٽا. انگن اکرن سان  خرچ جون بنديون پيش ٿيون. زميندارن ۽ ڪيترن عملدارن صاف چئي ڏنو ته اهو دستور گهڻي وقت کان هلندڙ هو. رئيس صاحب شاهدين ڪٺي ڪرائڻ ۾ ڏاڍي جفاڪشي ورتي. رپورٽ مٿي وڃڻ بعد  سرڪار طرفان رسائيءَ خلاف سخت حڪم ڪڍيا ويا، پر عملدارن تي ڪو به اثر ڪو نه پيو. البت خلافت ۽ ڪانگريس هلچل ڪري ملڪ ۾ جا بيداري پيدا ٿي هئي، تنهن هن ۾ گهٽتائي ڪرائي.

3. بمبئي سرڪار طرفان وڏا عملدار اتفاق سان هڪ دفعو سال ۾ سنڌ ۾ ايندا هئا، سو به  ٻه ٽي ڏينهن رهي، شڪار ڪري موٽي ويندا هئا. سنڌ  ۾ تعليم، صحت، رستن، واهن ۽ ٻين سڌاري جي ڪمن تي توجهه ڪو نه ڏنو ويندو هو. ان سان ماٽيجي ماءُ وارو برتاءُ ڪيو ويندو هو. رئيس ۽ سندس ساٿين انهن ڳالهين جي، بجيٽ جي موقعي تي تقريرن ذريعي يا سوالن وسيلي گڻي اُپٽار ڪئي، پر سواءِ چند معمولي ڳالهين جي، بمبئي سرڪار تي ڪو به اثر ڪو نه پيو، جنهن ڪري لاچار ٿي، هو محسوس ڪرڻ لڳا ته انهيءَ ساري مرض جو علاج صرف سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ  ۾ هو. اڳتي هلي انهيءَ ڳالهه کي سيٺ هرچند راءِ ۽ رئيس جي ساٿين، شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ ۽ سيٺ حاجي عبدالله هارون وغيره ، زور وٺايو ۽ سنڌ کي  بمبئيءَ جي عذاب کان آزاد ڪرايو.

4. حڪومت جو خيال هو ته سنڌ هڪ وڏو صوبو آهي، تنهن ڪري انتظام جي سهولت لاءِ مڪاني عملدارن کي وڌيڪ اختيارين ڏيڻ سان ملڪ جو ڀلو ٿيندو، پر هنن کي اها خبر نه هئي ته ان ڪري ڪاموري ڪلاس جي هڪ هٽي ٿي ويئي هئي، ۽ رشوت ۽ ظلم جي بازار گرم لڳي پيئي هئي، ڪنهن کي مجال نه هئي، جو ان جي خلاف آواز ڪڍي سگهي. قلم 110، ۽ فرنٽيئر ريگيوليشن لڳائي، ڪوڙا ڪيس ڪري، آزاد خيال ماڻهن کي هيسايو ويندو هو. ڪامورا شاهيءَ جو  مڪمل راڄ هو. ڪامورن جي انهن اختيارن کي گهٽائڻ لاءِ رئيس صاحب، سيٺ هرچند راءِ ۽ سندن ساٿين گهڻو آواز اٿاريو- پر ڪنهن به نه ٻڌو.ان وقت ڪامورن جي طاقت، برطانيه سرڪار جي طاقت تصور ڪئي ويندي هئي. ان جي ڪمزوريءَ ۾ برطانيه سرڪار جي ڪمزوري سمجهي ويندي هئي.

5. ٻيا مکيه مسئلا جن ۾ هن دلچسپي ورتي، سي هيٺيان هئا: (الف) اردو پرائمري تعليم لاءِ ٺهراءُ ؛ (ب) چئريٽيز رجسٽريشن بل ؛ (ت) ايريگيشن بل ؛ (ث) ڊسٽرڪٽ ميونسپل بل ؛ (ج) فري ڪمپلسري ايڊيوڪيشن بل ؛ (ح) ڪاٽن ڪنٽرول بل؛ (خ) وليج پئنچات بل، وغيره.

سندس ڪوشش سان سنڌ جي واهن جو سڌارو ٿيڻ لڳو. آبادگارن کي وڌيڪ سهوليتون ملڻ شروع ٿيون ۽ کيتيءَ جي سڌاري لاءِ ايگريڪلچرل فارم کولڻ جي تجويز ٿي. سنڌ جي رستن سڌارڻ لاءِ لوڪل بورڊ کي وڌيڪ گرانٽون ملڻ شروع ٿيون. سيٺ هرچند راءِ ”روڊس بل“ پيش ڪيو ۽ هن ان جي تائيد ڪئي. مطلب ته سنڌ جي هر تڪليف تي هيءَ سنگت آواز اٿاريندي رهي.

ڪانگرريس جي ساليانن جلسن جي جانچ مان معلوم ٿيندو ته آل انڊيا ڪانگريس جي الهه آباد واري، ڊسمبر 1910ع واري اجلاس ۾، جو سر وليم ويڊربرن جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو هو، هي سنڌ مان 58 ڄڻن جي جٿي سان وڃي شريڪ ٿيو هو. ان ۾ سيٺ هرچند راءِ، مسٽر جيرام داس دولت رام، مسٽر محمد حافظ بئريسٽر ۽ ٻيا سنڌي شامل هئا. اهو پتو پئجي نٿو  سگهي ته سنڌ مان 1909ع ۾ آل انڊيا ڪانگريس جي لاهور واري اجلاس ۾ جي ٽيهه سنڌي ويل هئا، انهن ۾رئيس صاحب به هو يا نه.

وري ڊسمبر 1911ع ۾، سيٺ هرچند راءِ وشنداس ۽ رئيس ڀرڳڙيء، آل انڊيا ڪانگريس جي ڪلڪتي واري اجلاس ۾، جو مسٽر بشن نارائڻ ڌر جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو هو، وڃي شريڪ ٿيا هئا. ان کان پوءِ، ڊسمبر 1912ع ۾، بانڪيپور ۾، آل انڊيا ڪانگريس جي اجلاس ۾ به سيٺ هرچند راءِ ۽ رئيس ڀرڳڙيء وڃي شريڪ ٿيا هئا، جتي ٻنهي رٿ ڏيئي آل، انڊيا ڪانگريس جو ايندڙ ساليانو اجلاس ڪراچيءَ ۾ ڪوٺائڻ لاءِ دعوت ڏني هئي، جا منظور ٿي. ان تي سنڌ جي انگريزي اخبار ”سنڌ گزيٽ“ لاڳيتا آرٽيڪل لکڻ شروع ڪيا ته جيڪڏهن سنڌ جا مسلمان به ڪانگريس ۾ويا ته وڏو ظلم ٿي ويندو، پر رئيس صاحب ان جي ڪا به پرواهه نه ڪري، ڪانگريس جي اجلاس کي ڪامياب بنائڻ لاءِ، مسلمانن جو هڪ گروهه پيدا ڪيو، جنهن هر طرح جي  دلچسپي وٺي اجلاس کي ڪامياب بنايو. انهن مان مکيه ماڻهو سيٺ غلام علي چاڳلا، مسٽر غلام حسين قاسم، مير ايوب خان، مسٽر عبدالرحمان بئريسٽر، مسٽر محمد حافظ بئريسٽر ۽ مسٽر محمد علي علوي هئا.

ڪانگريس جو اهو اٺاويهون اجلاس، 26 کان 28 ڊسمبر تي، ڪراچيءَ ۾ ، نواب محمد بهادر ( جو ٽيپو سلطان جي اولاد مان هو) جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو هو.  مرحبائي ڪاميٽيءَ جو چيئرمين سيٺ هرچند راءِ هو. انهيءَ اجلاس ۾ سر آغا خان، مسٽر محمد علي جناح، لالا لجپتراءِ، مسٽر ڊنشا واڇا ۽ ٻيا  ٻاهريان ليڊر پڻ آيل هئا.

ان اجلاس  کانپوءِ، ڪيترا سنڌي، جناح صاحب ۽ رئيس ڀرڳڙيءَ سان گڏجي، آل انڊيا مسلم ليگ جي آگري ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ روانا ٿيا هئا. مسلم ليگ جو اهو اجلاس، سر ابراهيم رحمت الله جي صدارت هيٺ، 30 ڊسمبر 1930ع تي ڪٺو ٿيو هو، جنهن ۾ ڪيترائي اُهي ٺهراءَ پاس ڪيا ويا، جي ڪانگريس جي گذريل اجلاس ۾ پاس ٿي چُڪا هئا. ان وقت مسلم ليگ هندستان لاءِ خود- حڪومت حاصل ڪرڻ جو ٺهراءُ پاس ڪري چڪي هئي.

 ان کان پوءِ آل انڊيا ڪانگريس جو اجلاس، 28 ڊسمبر 1914ع تي، مدراس، ۾ پوپيندرا ناٿ بسو جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو هو، ان ۾ به سنڌ مان ڪيترا صاحب رئيس ڀرڳڙيءَ ۽ سيٺ هرچند راءِ سان گڏ شامل ٿيڻ لاءِ ويل هئا. انهيءَ موقعي تي هو ”اديار ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ“ جي مرڪز ۾ ويل ٿا ڏسجن، ۽ ڊاڪٽر ايني بيسنت سان ملاقات ڪئي اٿن، جنهن جو اثر اڳتي هلي رئيس صاحب جي زندگيءَ تي گهڻو پيو ٿو ڏسجي.

ان کان پوءِ آل انڊيا ڪانگريس جو اجلاس، بمبئيءَ ۾ 27، 28، 29 ڊسمبر 1915ع تي، سر پي، اين سنها جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو هو. انهيءَ شهر ۾ ساڳيءَ وقت، 30 ڊسمبر 1915ع تي، آل انڊيا مسلم ليگ جو اجلاس مولوي مظهرالحق جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو. انهن ٻنهي اجلاسن ۾ سنڌ مان  رئيس صاحب سان گڏ غلام علي چاڳلا، مسٽر محمد حافظ شيخ، عبدالمجيد، ڊاڪٽر شيخ نور محمد ۽ شيخ غلام حسين هدايت الله ويل هئا،  شيخ عبدالمجيد صاحب انهن ڏينهن ۾ رئيس صاحب جو سياسي مشير هو. مسلم ليگ ۾ انهن ڏينهن ۾ مولانا ابوالڪلام آزاد، ڊاڪٽر مختيار احمد انصاري ۽ جناح صاحب شريڪ ٿيڻ لڳا هئا، جن جي ڪوششن سان ٻئي جماعتون هڪ ٻئي جي نزديڪ ٿي ڪم ڪرڻ لڳيون هيون، بمبئيءَ ۾ گهڻي وقت رهڻ ۽ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ ڪري، رئيس صاحب ۽ جناح صاحب جا هڪ ٻئي سان دوستاڻا تعلقات قائم ٿي ويا هئا. ڪجهه وقت کان پوءِ هندستان جي مختلف صوبن ۾ پراونشل ڪانفرنسون  سڏائي، انهن جي ذريعي مڪاني مسئلن تي صلاح مصلحت ۽ ٺهراءَ ڪيا ويا ٿي. سنڌ ۾ اهڙي قسم جي پهرين ڪانفرنس 1908ع ۾، ڪراچيءَ ۾ مسٽر اين. جي چندر ورڪر جي صدارت هيٺ  سڏائي ويئي. ان کان پوءِ وري ماٺ ٿي ويئي، ان کان پوءِ ٻئي سال  حيدرآباد ۾ ڪانفرنس ٿي، جنهن کان پوءِ 1916ع ۾، رئيس صاحب جي صدارت هيٺ لاڙڪاڻي ۾ ڪانفرنس ٿي، جنهن جي مرحبائي ڪاميٽيءَ جو  چيئرمين مسٽر لالچند نولراءِ هو. انهيءَ ڪانفرنس ۾ ڪيترا اهم  ٺهراءَ پاس ٿيا.

ٻئي سال، 26، 27، 28 ڊسمبر 1916ع تي، آل انڊيا ڪانگريس جو اجلاس بابو امبيد ڪاچرن جي صدارت هيٺ لکنؤ ۾ ڪٺو ٿيو، ۽ انهيءَ موقعي تي 31 ڊسمبر 1916ع تي، ساڳئي شهر ۾ مسٽر محمد علي جناح جي صدارت هيٺ مسلم ليگ جو اجلاس به ڪٺو ٿيو هو، رئيس صاحب جو ڪانگريس ۾ مسلم ليگ ۾ ان وقت تائين چڱو اثر پيدا ٿي ويو هو، راجا صاحب محمود آباد سر علي محمد خان سان سندس دوستاڻا تعلقات ٿي ويا هئا، جنهن ڪري انهيءَ موقعي تي جناح صاحب ۽ رئيس صاحب راجا صاحب جا مهمان خصوصي ٿي وڃي رهيا هئا. ان وقت سنڌ مان مسٽر محمد حافظ ۽ ٻيا رئيس صاحب سان ويل هئا. انهيءَ موقعي تي مسٽر هرچندراءِ وشنداس، رئيس صاحب ۽ جناح صاحب جي ڪوشش سان، ڪانگريس ۽ ليگ جي وچ ۾ هڪ سمجهوتو ٿيو، جنهن کي بعد ۾ ”لکنؤ پئڪٽ“ جي نالي سان سڏيو ويندو هو. ان کان پوءِ ڊسمبر 1917ع ۾، آل انڊيا ڪانگريس جو اجلاس، ڪلڪتي ۾ ڊاڪٽر ايني بيسنت جي صدارت هيٺ ڪٺو ٿيو، ڊاڪٽر ايني بيسنت ’هوم رول ليگ‘ ڪراچي ڪانگريسي حلقن ۾ شهرت حاصل ڪري ويئي هئي. هن رئيس صاحب کي ڪانگريس جو جنرل سيڪريٽري چونڊرايو ؛ جنهن ڪري هو آل انڊيا ڪانگريس جي ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي ميمبر جي حيثيت سان به ڪم ڪرڻ لڳو. سنڌ مان بعد ۾ اهو اعزاز مسٽر جيرام داس دولت رام ۽ آچاريه ڪرپالاڻيءَ کي مليو، پر ٻئي ڪنهن به مسلمان کي نه ملي سگهيو.

ٻئي سال، جون 1918ع ۾، ڊاڪٽر ايني بيسنت کي نظربند ڪيو ويو.

سندس پوئلڳن مان ڪيترن کي جيل  ۾ موڪليو ويو، جن مان مسٽر ڄيٺمل پرسرام ”سنڌ واسي“ اخبار جي ايڊيٽر کي ٻه  سال قيد جي سزا ڏني  ويئي. ان کانپوءِ آگسٽ 1918ع ۾، بمبئيءَ ۾ ڪانگريس جو خاص اجلاس سڏايو ويو، ان وقت مانٽيگو چيلمسفورڊ رفارمس، بابت تجويز منطور ٿي چڪي هئي. ڪانگريس ۾ ٻه گروهه پيدا ٿي پيا هئا، جن ۾ نرم ڌر وارن فارمس کي آزمائڻ چاهيو ٿي ۽ گرم ڌر وارن ان جو بائيڪاٽ ڪرڻ گهريو ٿي.

حڪومت جي سخت پاليسي اختيار ڪرڻ ڪري، ملڪ ۾ ناراضپو وڌي ويو هو، تنهن ڪري نرم ڌر وارا، انهيءَ خيال کان ته ڪانگريس اجلاس ۾ بائيڪاٽ جي فائدي ۾ ڪثرت راءِ ٿي ويندي، اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيا. ان کان سواءِ سرڪار، هوم رول ليگ   جي طرفدارن ۽ آزاد خيال ماڻهن تي سختي ڪئي هئي. انهيءَ سلسلي ۾ رئيس جي حيدرآباد واريءَ آفيس جي تلاشي ورتي ويئي هئي. مولانا عبيدالله سنڌي، ملڪ ڇڏي افغانستان ۾ وڃي ويٺو هو. هو اتان هندستانين سان انگريزن خلاف لکپڙهه هلائيندو رهندو هو، تنهن جي ”سلڪ ليٽر“ پڪڙجڻ کان پوءِ رئيس جي ”الامين“ اخبار جي ايڊيٽر شيخ عدالمجيد سنڌيءَ کي، 1916ع ۾ اڳي ئي جيل موڪليو ويو هو، حڪومت کي قوي گمان هو ته مولانا جي تحريڪ سان ڀرڳڙي صاحب جي همدردي آهي. ليڪن کين ڪا ثابتي ملي نٿي سگهي. عملدار ان ڪري سازش سٽي رهيا هئا ته ڪنهن ڪوڙي ڪيس ۾ رئيس کي اَڙائين. انهيءَ ڳالهه کان بچڻ لاءِ کيس دوستن طرفان اهو مشورو ڏنو ويو ته ڪجهه وقت لاءِ پاڻ انگلينڊ هليو وڃي. ان ڪري هو 1918ع جي وچ ڌاري انگلينڊ هليو ويو ۽ اتي وڃي  خلافت تحريڪ ۽ هندستان جي آزاديءَ لاءِ ڪم ڪندو رهيو.

انهيءَ وقت مسٽر مانٽيگو، سيڪريٽري  آف اسٽيٽ فار انڊيا،  ”انڊيا بل“ پارليامينٽ اڳيان پيش ڪري چڪو هو، جنهن ٻنهي هائوسن جي سليڪٽ ڪاميٽي، لارڊ سيلبورن جي چيئرمينيءَ هيٺ مقرر ڪئي. ڪاميٽيءَ جي اڳيان شاهدين ڏيڻ لاءِ هندستان مان ڪيترا ليڊر ويا.  آل انڊيا مسلم ليگ طرفان سيٺ يعقوب، مسٽر محمد علي  جناح ۽ رئيس ڀرڳڙيءَ شاهدي ڏني، جنهن ۾ مسلمانن جو نقطئه نگاهه پيش ڪيو ويو. انهيءَ سال آڪٽوبر ۾، پهرين مهاڀاري لڙائي اتحادين جي فائدي ۾ ختم ٿي هئي. غازي انور پاشا ۽ طلعت پاشا، حالتون سازگار نه ڏسي، ملڪ ڇڏي ويا هئا. انگريزن جو جنگي ٻيڙو وڃي استنبول پهتو هو، جنهن سلطان محمد خامس جهڙي ڪمزور ماڻهوءَ کي حڪومت ۾ آڻي، انهيءَ کان مرضيءَ موافق شرط قبول ڪرايا هئا.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org