سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 24

 

2- علامه امداد علي ولد ميان امام علي قاضي

(حيدرآباد)

قاضي صاحب جا وڏا انصاري اندان مان اصل  پاٽ جي شهر جا ويٺل هئا، سندن چوڻ آهي ته اهي محمد بن قاسم سان گڏ سنڌ ۾ آيل هئا. پاٽ جو ڳوٺ 603هه ۾ ٻَڌو ۽ ان جو اصل نالو باتر(پاتر) هو.

علامه صاحب جي والد مرحوم قاضي ميان امام عليءَ، سرڪاري ملازمت  جي ڪري پاٽ مان اچي حيدرآباد شهر ۾ سڪونت اختيار ڪئي. حيدرآباد شهر ۾ ان وقت سيٺ محمد حافظ بااثر ۽ بيٺل ماڻهو هو. قاضي امام عليءَ جن ان جي وڏيءَ نياڻيءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان قاضي ميان امداد علي اپريل 1886ع ۾ تولد ٿيو.

ابتدائي تعليم آخوند ميان عبدالعزيز وٽ ورتائين، جيڪو سندس والد صاحب خاص سندس تعليم لاءِ مقرر ڪيو هو. ان وٽ هو قرآن مجيد ۽ فارسي پڙهيو. مرحوم قاضي امام عليءَ کي ان ڳالهه جو گهو فڪر هوندو هو  ته سندس فرزند جو عام بازاري ڇوڪرن سان ملڻ نه ٿئي؛ ان ڪري جڏهن اسڪول ۾ ڏهن سالن جي عمر ۾ کيس داخل ڪرايائين، تڏهن مٿيون آخوند صاحب کيس اسڪول ۾ وٺي ويندو هو ۽ وري موٽائي گهر آڻيندو هو. 1902ع ۾ قاضي صاحب کي صوفي فقيرن جي صحبت نصيب ٿي، جن مان ڪي پاٽ جا ۽ ڪي حيدرآباد جا هئا. انهن ۾ احمد فقير ٿيٻو خاص هو. 1904ع ۾ قاضي صاحب خانگي طرح سنڌي فائينل جي  تياري ڪري، امتحان ڏنو، جنهن ۾ فارسيءَ ۾ پهريون نمبر کنيائين. 1905ع ۾ وري خانگي طرح بمبئي يونيورسٽيءَ جو مئٽرڪ امتحان ڏيئي ڪامياب ٿيو. 1906ع جي مارچ ۾، قاضي صاحب ۽ سندس ماسات، ميان محمد عبدالقادر حافظ، ولايت ڏي پڙهڻ ويا. اُتي هڪ سال هن خانگي طرح ايڪانامڪس (اقتصاديات) جي تعليم ورتي. 1909ع ۾ لنڊن اسڪول آف ايڪانامڪس ۾ داخل ٿي، ڊاڪٽر ڪئنن وٽ پڙهيو. ساڳئي وقت ۾ ڪنگس ڪاليج لنڊن ۾، ڊاڪٽر برائون وٽ سئڪالاجي(نفسيات) جي تعليم ورتائين ۽ فلاسافي ڊاڪٽر آرنولڊ وٽ پڙهيو. اهي پروفيسر هاڻ پنهنجي دؤر جي عظيم استادن ۾ شمار ٿين ٿا. قاضي صاحب اتي طبعيات (فزڪس) ۽ علم الحيات (بايولاجي) خانگي طرح پڙهيو. 1910ع ۾ جرمنيءَ ويو ۽ سڄو سال اتي رهيو. انهيءَ عرصي ۾ ايلسا قاضيءَ سان سندس شادي ٿي. 1911ع ۾ بئريسٽريءَ جي ڊگري وٺي واپس طن موٽي آيو. موٽڻ بعد مختلف علوم جو مطالعو  جاري رکيائين. وقت بوقت جڏهن به  ولايت ويو آهي، ته باوجود وڏيءَ عمر جي به مختلف استادن کان تعليم پئي حاصل ڪئي اٿس، جيئن ته 33-1932ع ۾ شيخ گوما، الازهر کان، ۽ لنڊن اسڪول آف اورينٽل اسٽِڊيز ۾، عربيءَ جي تعليم ورتائين ۽ پروفيسر ڊاڪٽر ٽريٽن کان به عربي سکيو.

1911ع کان ويندي 1942ع تائين قاضي صاحب ڪجهه وقت سنڌ ۾ گذاريو،  ته ڪجهه وقت انگلينڊ ۾، وطن ۾ رهائش واري عرصي ۾ ڪجهه وقت ٽنڊي محمد خان ۾ مئجسٽريٽ ٿي رهيو. ڪجهه عرصو خيرپور رياست ۾ سيشن جج ۽ رياست جي ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو هوم ميمبر ٿي رهيول ڪجهه عرصو لنڊن اسڪول آف اورينٽل لئنگوئجز ۾ سنڌي زبان جو استاد ۽ ممتحن ٿي رهيو. اهو عهدو اعزازي هوس. انگلينڊ ۾ 1942ع ۾ قاضي صاحب کي شعر جي انجمن (Poetry Society) جو نائب صدر چونڊيو ويو. ان عهدي تي هو 1948ع تائين رهيو. 1929ع ۾ کيس انگلينڊ جي فلاسافيڪل سوسائٽيءَ جو لائيف فيلو (تاحياتء ميمبر) مقرر ڪيو ويو.

قاضي صاحب ڪجهه وقت لنڊن شهر ۾، 1927ع کان 1929ع تائين اسلامي تبليغ جو ڪم ڪيو. لنڊن جي ايسٽ اينڊ ۾ هڪ مرڪز  کوليائين، جنهن ۾ لنڊن جا ڪيترا عرب ۽ ٻيا مسلمان رهاڪو شامل هئا. تحريڪ جو نالو ”جمعيت المسلمين“ رکيو ويو هو. 1933ع ۾ قاضي صاحب، برنارڊشا جي مشهور ڪتاب ”ائڊوينچرس آف بليڪ گرل ان سرچ آف گاڊ“ جي نموني تي هڪ ڪتاب ”ائڊوينچرس آف برائون گرل  ان سرچ آف گاڊ“ لکيو.

پاڪستان قائم ٿيڻ بعد هو انگلينڊ هليو ويو؛ پر پوءِ چئن سالن گذرڻ تي، ڪن دوستن جي زور ڀرڻ تي واپس موٽي اچي اپريل 1951ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلريءَ جي چارج ورتائين. سنڌ يونيورسٽيءَ جي حيثيت ان وقت فقط امتحان وٺڻ جي بورڊ واري هئي، ان کي  قاضي صاحب محنت ڪري، تعليمي يونيورسٽي بڻايو. پاڪستان ۾ مارشل لا اچڻ بعد جلد ئي ٻئي سال 1959ع جي مئي مهيني ۾ هن وائيس چانسلريءَ تان استعيفيٰ ڏني.

1960ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي استدعا تي هن شاهه لطيف جي پيغام کي انگريزيءَ ذريعي مختلف قومن تائين پهچائڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيو. ان سلسلي ۾ هڪ ننڍو انگريزي ڪتاب ۽ ”شاهه جو رسالو“ (نئين ترتيب سان) ڇپجي چڪا آهن. مسز قاضي جي مدد سان شاهه جي مکيه بيتن جي انگريزي منظوم ترجمي جو ڪم پڻ پورو ڪيو اٿس، جو پڻ هڪ لاجواب ڪتابي صورت ۾ ڇپجي چڪو آهي. هن وقت پاڻ حيدرآباد ۾ رهن ٿا.

منهنجي قاضي صاحب سان ننڍپڻ کان پرپٺ واقفيت ٿي. منهنجي چاچي سيد ڇتن شاهه، حيدرآباد جي سرائي يعقوب علي خان ناريجي وٽان شادي ڪئي هئي. اهي ناريجا شاهه حيدر عليھ رحمت جا مريد ۽ سرائي ڪوڙي خان جي اولاد  مان هئا، جنهن جي نالي سان اڃا تائين حيدرآباد ۾ هڪ چاڙهي سڏجي ٿي. قاضي صاحب جي ننڍپڻ جي شادي، ميان يعقوب علي خان ناريجي جي ننڍيءَ نياڻيءَ سان ٿي هئي. ان سان ولايت ۾ ٻيءَ شاديءَ ڪرڻ بعد، تعلقات نه رهيا هئس. اها مائي مٿئين لاڳاپي ڪري اڪثر اسان وٽ رهندي هئي. جنهن مون کي نپائڻ ۾ حصو ورتو هو. انهيءَ کان قاضي صاحب جو نالو ۽ علمي واقفيت جو پتو پيل هو. لوڪل بورڊ جي سلسلي ۾ جڏهن ڪراچيءَ ۾ رهڻ لڳس، تڏهن 1927ع کان قاضي صاحب سان براهه راست واقفيت ٿي.

مون پنهنجي احوال ۾ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ڪتابن پڙهڻ ۽ غور فڪر  بعد  مون کي مذهب جي عام بيان ڪيل عقيدن بابت ڪيئي شڪ شبها پيدا ٿيا هئا. انهيءَ جي حل ڪرڻ لاءِ ڪيئي در ڏسڻا پيا هئم. ٿياافيڪل سوسائٽيءَ ۾ به اڪثر ويندو هوس. اُتي قاضي صاحب جي ملاقات ٿيڻ بعد، وٽس وڃي مختلف سوالن تي تفتيش ڪندو رهيس. انهيءَ وقت کان ساڻس عقيدتمندانه رستو قائم رهندو اچي. سندس ملاقاتن ۽ مجلسن منهنجي معلومات ۾ ڪافي اضافو ڪيو. کيس پنهنجي ذهني استادن ۾ شمار ڪريان ته بيجا نه ٿيندو. سندس نصيحت آميز خطن جو ڪافي مجموعو مون وٽ محفوظ آهي.

ان کان پوءِ جڏهن به ڪراچيءَ هوندو هوس. تڏهن سندس مسلم هاسٽل جي جمعي نماز واري خطبي ٻڌڻ لاءِ ضرور ويندو هوس؛ البت پوءِ سياسي معاملن ۾ ڦاسڻ جي ڪري باهمي ملاقاتن ۾ ناغا پئي پيا آهن، ليڪن عقيدت ۽ محبت ساڳي قائم رهندي پئي اچي. نه رڳو علمي طور سندس صحبت مان مستفيد پئي رهيو آهيان، پر سياسي فيصلن  يا خيالن ۾ به سندس مدد پئي ورتي اٿم. 3 مارچ 1943ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيل آل انڊيا مسلم ليگ  اجلاس ۾ صدر استقباليه طور جو  خطبو پڙهيو هوم، اهي ٻيئي سندس صلاح ۽ رهبريءَ سان تيار ڪيا هئم. 1945ع ۾ پهريون دفعو جڏهن جناح صاحب سان مسلم ليگ پاليسيءَ جي سوالن تي اختلاف پيدا ٿيا هئم  ۽ اوچتو جناح  صاحب اڳيان بنا شرط جي سر تسليم خم ڪيو هوم، اهو به سندس هدايت ڪري ئي هو.

پاڪستان ٿيڻ بعد، حالات ناسازگار ڏسي، جڏهن هو ولايت هليو ويو هو، تڏهن کيس موٽائي آڻن ۽ وائيس چانسلري قبول ڪرائڻ لاءِ ٻين سان گڏ مون به ڪوشش ڪئي. پاڪستان بنجڻ بعد مسلم ليگ  وارن، فقط اقتدار قائم رکڻ خاطر اسلام جي غلط تشريح ذريعي جڏهن عوام کي گمرراهه ڪرڻ شروع ڪيو، تڏهن هن ان تي پنهنجي آزادانه راءِ جو اظهار ڪيو؛ ليڪن هنن جي اها ڳالهه ڪنهن به نه ٻڌي.

سندس مذهب بنسبت خيالات ته ”دنيا ۾ مذهب گهڻا نه آهن، بلڪه هڪ آهن؛ خدا سائين هر ملڪ، قوم ۽ زماني ۾ ماڻهن جي هديت لاءِ رهبر موڪليا آهن، جن حالتن ۽ ضرورتن آهر مختلف ٻولين ۽ لفظن ۾ ماڻهن کي سندس پيغام پهچايو ۽ جنهن جا بنيادي متا هر  حالت ۾ ساڳيا هئا: اسلام ۽ مسلمانن کي ڪنهن خاص ملڪ ۾ محدود ڪرڻ اسلامي روح جي خلاف آهي. وغيره“ مون تي گهڻو اثر ڪيو آهي.

هن زماني ۾ جڏهن مذهب جا بنيادي اصول مٽيريلزم جي نظريي سان ٽڪرجي، موت ۽ حياتيءَ جي مقابلي ۾ مشغول آهن، تڏهن مذهب جي مدد ۽ تشريح لاءِ قاضي صاحب جهڙن بزرگن جي ضرورت آهي، ليڪن حاڪم طبقي طرفان اسلام جي فسطائي تشريح کي مشتهر ڪرڻ ۽ ملن جي باهمي فرقيوارانه اختلاف ايڏو ته هنگامو مچايو آهي، جو اهڙن بزرگن جو حق ۽ اخلاص وارو آواز نقار خانه ۾ طوطي جي آواز برابر ٿو وڃي رهي. نتيجو اهو نڪري رهيو آهي، جو نوجوان طبقو، ردعمل ۾، روز بروز مذهب مان بيزار ٿيندو ٿو وڃي.

قاضي صاحب گوشه نشين، بلند اخلاق، استغنا جو صاحب، نازڪ مزاج، ۽ اعليٰ مفڪر انسان آهي، سندس وجود سنڌ لاءِ باعث فخر آهي. ”اي روشنيءَ طبع برمن بلاشدي“وانگر موجوده حالتون کيس تنگ ڪري، زياده نازڪ مزاج بنائي رهيون آهن. خدا کيس وڏي عمر عطا ڪري.

”وڏي وٿ آهن ٻاروچا ڀنڀور ۾.“

سندس بيگم ايلسا قاضي بهترين مصوره، شاعره ۽ اديبه آهي؛ جنهن ڪيترائي ڪتاب لکيا آهن، جيڪي ادب جي  دنيا ۾ شاهڪار آهن. اڪثر دنيا جا اعليٰ پايي جا عالم  رفيق حيات ملڻ ۾ اهڙا خوش نصيب نه پئي رهيا آهن، جهڙوڪ؛ قاضي صاحب. انهيءَ سلسلي ۾ رشي ٽالسٽاءِ جي زندگيءَ کي جڏهن قاضي صاحب جي زندگيءَ سان ڀيٽ ڪجي ٿي ته زمين، آسمان يا بهشت ۽ دوزخ جو تفاوت ڏسڻ ۾ اچي ٿو. مسلم  عوام جو خواب غفلت ۾ ستل هجڻ، پڙهيل طبقي ۾ قدر شناسي نه هئڻ، پاڪستان ۾ موجوده سياسي ماحول،  ههڙي حساس دل ماڻهوءَ لاءِ ناقابل برداشت آهن، پر اهو مسز قاضيءَ جو وجود آهي، جو کيس  آٿت ڏيندو اچي. خدا شال جوڙي کي سلامت رکي:

”مون سي ڏٺا ماءُ، جنين ڏٺو پرينءَ کي.“

3- مسٽر ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻي

(حيدرآباد)

هي صاحب حيدرآبادي عالمن جي گلراجاڻي ڪٽنب مان حيدرآباد شهر ۾ 1885ع ۾ ڄائوهو. هي اهو سال هو، جنهن ۾ آل انڊيا ڪانگريس جو پايو پيو هو. هن ابتدائي تعليم حيدرآباد شهر ۾ ورتي، سنڌي  پڙهڻ کان پوءِ، انگريزي پڙهيائين، ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڪاليج جي ڪا به ڊگري حاصل ڪري نه سگهيو هو.

هن کي ننڍي هوندي کان ست سنگت جو شوق هوندو هو. انهيءَ زماني ۾ هڪ ڪاليجي شاگرد، مسٽر واڌو مل چئناڻيءَ، هڪ ”هندو ڪمار منڊلي“ قائم ڪئي هئي، جنهن ۾ نوجوان شاگردن کي گيان ۽ ڪرم  جي سکيا ني ويندي هئي ۽ منجهن سماجي خدمت جو انگ پيدا ڪيو ويندو هو. هيءُ ان ۾ شامل ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. انهن شاگردن جو صوفي متي ۽ ٿياسافيءَ جي تعليم طرف لاڙو هوندو هو. سندن متا ”حق، حسن، خير“ (Truth, Beauty, Goodness)  هوندا هئا.

انهيءَ  وقت ۾ ڀائي ڪلاچند نالي هڪ درويش حيدرآباد ۾ رهندو هو. جو ڀائي ڪيشورام جو شِش هو، جنهن ڀائي دلپت صوفيءَ کان گيان ورتو هو.انهيءَ جي ٽڪاڻيءَ ۾ هر ڇنڇر رات ست سنگت ٿيندو هو، جتي صوفي درويشن جو راڳ ٿيندو هو. ڀائي ڪلاچند پاڻ به ڳائيندو هو ۽ ڳائيندي وجد ۾ اچي ويندو هو، جنهن جو اثر ساريءَ مجلس تي ڇانئجي ويندو هو. ڪاڪو منگهارام ۽ واڌو مل چئناڻي  صاحب اتي ويندا هئا. انهيءَ زماني کان وٺي هيءَ نوجوان روحاني رمزن جي ڳولا ۽ اڀياس ۾ مشغول رهيو.

انهيءَ ڏس ۾ پوءِ هن شاهه عبداللطيف، سچل سرمست، سامي، دلپت، بيدل، بيڪس، روحل، مراد فقير ۽ ٻين ڪيترن سنڌي صوفين جي شعر جو اونهو اڀياس ڪيو. پاڻ به ڪجهه شعر چيائين، تخلص ”گلراج“ هوس.ازانسواءِ هندستان جي مکيه درويشن: گرو نانڪ، ڪبير ڀڳت، ميران ٻائي، ڪاليداس، جي ڪلام مان به پوري واقفيت پرايائين. نه رڳو ايترو پر مغرب جي مکيه شاعرن شيڪسپيئر، شيلي، ٽينيسن، گوئٽي ۽ ٻين جي ڪلام کي به پوريءَ طرح پروڙيو هئائين. پارسي شاعرن مان رومي، حافظ، خواجه فريدالدين عطار ۽ منصور جي نقطن مان به واقفيت هيس.

هن دنيا جي مکيه مذهبن جو اڀياس ڪيو هو. سناتني ڌرم، صوفي ست، سک، پنٿ، ٻڌ ڌرم ۽ عيسائيت جي ڪتابن جي چڱي ڄاڻ هيس. قرآن شريف، ويد، شاستر، سري مد ڀاڳوت، گيتا ۽ بائيبل جو گهڻو اڀياس ڪيو هئائين. ٿياسافيڪل سوسائٽِيءَ ۾ داخل ٿيڻ ڪري روم ۽ يونان جي قديم روحاني تعليم مان به سبق پرايا هئائين. انهيءَ کوجنا بعد هو انهيءَ راز کي پروڙي ويو هو ته جملي مذهبن جي ظاهري ڪثرت پٺيان بنيادي وحدت سمايل هئي. سنڌي شاعرن ۽ درويشن جي ڪلام ۾ ا به اهڙي تعليم جو جوهر سمايل ڏٺو هئائين. چوندو هو ته سنڌ ديس کي انهيءَ ڏس ۾ دنيا لاءِ خاص پيغام ڏيڻو آهي، جو سندس درويشن پنهنجي ڪلام ۾ پيش ڪيو هو. پاڻ سڄي ڄمار انهيءَ پيغام جو مشنري ٿي گذاريائين. سندس زبان مان روحل فقير جو هي بيت هميشھ چوندي ٻڌبو هو ته:

”هڪ هندو ٻيا مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير،

انڌن اوندهه نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير!

روحل راهه پرين جي، جڏهن گهمي ڏٺوسون گهيڙ،

ته رب مڙني ۾ هيڪڙو، تنهن ۾ ڦند نه ڦير.

هن کي تقرير ۽ تحرير ۾ خداداد ڏات هئي، هو تقرير وقت گيتا، گرنٿ، قرآن شريف، انجيل، شاهه، سچل، شيلي وغيره مان حوالا ڏيندو ويندو هو.

هن تي ڊاڪٽر ايني بيسنت جو خاص اثر ويٺل هو، جنهن حيدرآباد ۾ نيشنل ڪاليج، ڦليليءَ تي 1917ع ۾ برپا ڪرايو هو- کيس ان ۾ 1933ع ۾ سنڌيءَ جو پروفيسر ڪري رکيو ويو هو.

هن سياست ۾ به چڱو بهرو ورتو. جڏهن 1918ع ۾ ڊاڪٽر ايني بيسنت هوم رول ليگ جاري ڪئي هئي ته رئيس غلام محمد خان، مسٽر سنتداس منگهارام سان گڏ ان ۾ داخل ٿيو هو ۽ ”ڀارتواسي“ اخبار ذريعي ان جو ڳوٺ ڳوٺ تائين آواز پهچايو هو. جڏهن رولٽ ايڪٽ خلاف احتجاج ڪرڻ لاءِ هندستان ۾ هڙتال ۽ ميڙ ڪٺي ڪرڻ لاءِ ڏينهن مقرر ڪيو ويو ته ان جي فائدي ۾ هن هڪ زبردست ليک لکيو هو، جنهن جي هيڊنگ شاهه  صاحب جي هن بيت ان ڏني هئائين:

اڳيان اڏن وٽ، پوين سر سنباهيا،

ڪاٽ ته پوين قبول ۾، مڇڻ ڀائين گهٽ،

ڪلالڪي هٽ، ڪسڻ جو ڪوپ وهي.

انهيءَ تي سرڪار مٿس بغاوت جو ڪيس هلايو. چي، هي ماڻهن کي قتل لاءِ آماده ٿو ڪري. سندس بچاءَ ۾ بمبئي جو بئريسٽر مسٽر بئپستا آيو، ليڪن مئجسٽريٽ کيس ٻه سال سزا ڏيئي ڇڏي. 1920ع ۾ آزاد ٿيو ۽ جيل جي سموري احوال کي ”ترنگ جي تيرٿ“ نالي ڪتاب ۾ ڏنانئين. هي سنڌ مان ٽيون نمبر هو، جو آزاديءَ خاطر جيل ۾ ويو هو. سندس آزاد ٿيڻ تي حيدرآباد شهر ۾ کيس هار پارائي، سڄي شهر جو گشت ڪرايو ويو. شام جو کيس شهر واسين طرفان مانپتر ڏنو ويو. هيءُ پوءِ جي خلافت هلچل کان ٻاهر رهيو- سندس چوڻ هو ته سياست کي مذهب ۾ داخل ڪرڻ ڪري غلط نتيجن نڪرڻ جو امڪان هو. ڊاڪٽر ايني بيسنت جي جملي پوئلڳن وانگر هي قطع تعلقات هلچل کان به پاسيرو رهيو. ان وقت ملڪ جي هوا، انهن تحريڪن جي فائدي ۾ هئي. هن کي معلوم هو ته هوا جي برخلاف هلڻ ڪري هي سياست ۾ پوئتي رهجي ويندو، پر هن اصولن خاطر اها قرباني ڪئي ۽ حال کيس سياسي لسٽ تان لهي وڃڻو پيو.

هن جي ساري زندگي ملڪ ۽ قوم لاءِ وقف ٿيل هئي. هيءُ ساري عمر هاري ۽ مزدورن جو حامي ٿي رهيو. سنڌ هاري جماعت جي اوائلي بانين مان هو ۽ ورهين جا ورهيه ان جو جنرل سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيائين. هندو- مسلم  ايڪتا جو مکيه حامي هو. جڏهن به سنڌ ۾ ڪٿي هندو – مسلم نفاق منهن ڪڍندو هو، تڏهن پير غلام مجدد سرهندي، سنتداس منگهارام ۽ ڊاڪٽر چمنداس سان گڏ هميشھ انهيءَ جي دفع ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو هو.

هي بهترين اخبار نويس پڻ هو، پهرين ”ڀارت واسي“ اخبار ڪڍندو هو. ان جي بند ٿيڻ بعد ”سنڌ واسي“ اخبار جاري ڪيائين. پوءِ ماهوار رسالو ”روح رهاڻ“ ، هفتيوار ”سنڌ هيرالڊ“ ۽ ”پرڪاش“ اخبار ڪڍندو هو. سنڌي ساهتيه سوسائٽي 1922ع ۾، برپا ڪئي هئائين، جنهن جي وسيلي سنڌيءَ ۾ وڏو ذخيرو ڪتابن جو ڇپجي ٻاهر نڪتو. ڪيئي ڪتاب پڻ لکيائين، جن مان ڪن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:

1. سناتن  ڌرم، 2. صوفي مت، 3.سک پنٿ، 4. اپنشد گيان، 5. انند دربار، 6. آتم ويچار ۽ اوم جي آکاڻي، 7. ميران ٻائي، 8 . شاهه جون آکاڻيون، شاهه جي زبان ۾، 9. شاهه جي آکاڻين جي سمجهاڻي، 10. صوفي سڳورا، 11. سچل سرمست، 12. ستگر جي چرنن ۾، 13. قول ٿو ڪريان، 14. موت آهي ئي ڪو نه، 15 موت هڪ بهانو، 16. هئمليٽ جو ترجمو، 17. طوفان 18. حسابي حساب، 19. فائوسٽ، 20. ايمرسن، 21. سنڌي سونهارا، 22. جڳت جا نيتائون، 23. سوراج ساگر، 24 سوشلزم، 25. شيڪسپيئر جا سنيٽ، 26 صوفيز آف سنڌ، 27. پورب جوتي. هن 1931ع ۾ سنڌي ساهتيه ڪانفرنس شڪارپور جي صدارت وقت جا تقرير ڪئي هئي، اها سنڌو مخزن جي ٽن پرچن ۾ ڇپي هئي. جا پڙهڻ وٽان آهي.

هن پنهنجي اديبانه زندگيءَ ۾ ٻن نهايت سخت اختلافي مسئلن ۾ مرد ٿي مقابلو ڪيو. انهن مان هڪ شاهه عبداللطيف جي رسالي مان آنجهاني ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي، جيڪي ڌاريان بيت ڪڍي ڇڏيا هئا، اهو مسئلو هو. ان ۾ ڊاڪٽر صاحب رسالي مان اُهي سڀ بيت ۽ سر ڪڍي ڇڏيا هئا، جي سندس کوجنا موجب شاهه جا نه هئا، ڄيٺمل پرسرام ان جي سخت مخالفت ڪئي. سنڌ جا اڪثر اديب ڊاڪٽر صاحب  جا حامي هئا. پر هيءُ ان جي مخالف هو. چي، اهي بيت ڌاريان هجڻ جي باوجود به رسالي مان ڪڍڻ نه گهربا هئا؛ صرف اهو لکڻ ڪافي هو ته شاهه جا نه هئا. يا انهن کي رسالي جي پويان ڏيڻ گهربو هو. مسٽر ڄيٺمل اول صوفي هو، پوءِ اديب. هن ادبي نقطه نگاهه عيوض بيتن جي ڌارين هئڻ سبب ڪڍڻ کي صوفيانه ڪسوٽيءَ تي پرکيو ٿي. چي، اهي بيت گنج ۾ موجود هئا، شاهه جي مجلس ۾ ڳائبا هئا، تنهن ڪري اڳوڻن سڀني رسالن ۾ داخل ٿي ويا هئا؛ اسان کي شاهه جي پيغام کي ڏسڻ گهرجي؛ جيڪي ڌارين جا شعر سندس مجلس ۾ ڳايا ٿي ويا، تن مان اهو معلوم ٿيو ٿي ته شاهه صاحب انهن بيتن ۾ ذڪر ڪيل نقطن جي مراد سان شامل راءِ هو؛ شاهه صاحب ٻين بزرگن جي ڪن بيتن جو ترجمو  ڪيو هو ته ڪن کي ساڳيءَ صورت ۾ رکي پنهنجي تعليم جو جزو بڻايو هو؛ تنهن ڪري انهن کي ڪهڙيءَ طرح ڪڍي ٿي سگهياسون! اديب ۽ صوفيءَ ۾ اهو فرق هو.

ٻيو اختلاف سنڌي زبان جي صورتخطيءَ ۽ ڌارين زبانن مان ورتل لفظن جي بيهڪ تي هو. سنڌ جا ڪيترا مسلمان اديب، اسلام جي مُلا واريءَ تشريح جا قائل هئڻ ڪري، هر ڳالهه کي عربيت کي ترجيح ڏيندا هئا. سنڌي صورتخطي عربي- فارسي خط ۾ هئڻ سبب سندن راءِ موجب ان کي هر طرح عربي قانون جي ماتحت لکڻ ضروري هو- جهڙيءَ طرح ”پاڻيءَ“ ۾ زير ”ڻ“ هيٺ اچڻ گهربي ۽ ”ي“ تي جزم هئڻ گهربي هئي، مسٽر ڄيٺمل جي راءِ موجب زير ”ي“  هيٺ هئڻ گهربي هئي ۽ ”ڻ“ خالي ڇڏڻو هو ۽ لفظ ”سڀاڻي“ جي سنڌ ۾ عام ٿي وڃن ڪري اهو ضروري نه آهي ته ان کي وري زور ڪري اصل ورتل زبان عربي وارو ”صبحاڻي“ لفظ ڪري ڪتب آڻجي. سنڌ زبان سنسڪرت، عربي، فارسي، دراوڙي، منگول، انگريزي زبانن مان ڪيترا لفظ وٺي، انهن کي پنهنجو بنائي ڇڏيو هو؛ تنهن ڪري جيڪڏهن سڀني لفظن کي موٽائي اصل حالت ۾ آڻڻو هو ته پوءِ تبديليءَ جي حد ئي ڪا نه رهڻ واري هئي. ”ماڻهو“ کي ”منش“ چوڻو هو. ڇاڪاڻ ته اهو لفظ سنسڪرت تان ورتل آهي! فرنگيءَ کي فرئنڪ چوڻو هو، ڇاڪاڻ ته اصل فرينچ هو. جمع واحد جا قاعدا به ساڳيا ڪتب آڻڻا هئا. پر نون پڙهيل مسلمانن اديبن تي هر ڳالهه ۾ مذهب جو ڀوت ويٺل هو، تن سندس سخت مخالفت ڪئي ۽ هن جي انهيءَ راءِ کي هندو ذهنيت قرار ڏنو.

مسٽر ڄيٺمل جي مخالفن کي ڪهڙي خبر هئي ته، اسلام جي  صوفياڻي تشريح موجب، هو پاڻ اسلام جو کانئن وڌيڪ ڄاڻو ۽ عامل هو. ازانسواءِ هو پڪو سنڌي هو ۽ جديد فلسفه قوميت جي اصول مطابق هر ڳالهه کي سنڌي ويس پهرائڻ جو قائل هو. ٻئي طرف، سندس مخالف سنڌيت کان اڻواقف هئڻ ڪري هر ڳالهه کي ڪٽر مسلمان ويس پهرائڻ جا حامي هئا. انهيءَ ذهنيت ته سنڌ جي اصلي باشندن جا نسل بدلائي ڪن کي سيد، ڪن کي فاروقي، صديقي، قريشي، حمزه جو اولاد، وغيره بنائي ڇڏيو هو. اهڙين نظرين جي پاداش ۾ ئي وطن ۽ زبان جي ختم ٿيڻ جا راڳ ٻڌڻا پوندا آهن.

مسٽر ڄيٺمل جي مون سان واقفيت 1929ع جي اول ۾، ضلعي لوڪل بورڊ ڪرچيءَ جي پريزيڊنٽيءَ وقت، مسٽر گبسن سان اختلاف ٿيڻ بعد ٿي. حاتم علويءَ جڏهن منهنجي گشت وقت واقع ٿيل سرگذشت جو ساڻس احوال ڪيو ته هن چيو ته: رئيس ڀرڳڙيءَ کان پوءِ هن نوجوان زميندار ڪامورن جي مخالفت شروع ڪئي آهي، ان ڪري هن سان ضرور ملبو. پوءِ جيئن واقفيت ٿي، تيئن اها آخر وقت تائين هلندي آئي. هو منهنجو سياسي مدددگار ۽ صلاحڪار، تصوف ۽ ۾ استاد، دوست ۽ ڀاءُ ٿي پئي رهيو، جيڪڏهن ڪنهن به هڪ انسان منهنجي زندگيءَ تي گهڻي ۾  گهڻو اثر ڪيو ته اهو ڀاءُ ڄيٺمل هو.  ڪراچي لوڪل بورڊ جي گشت ۾ مون  سان ساڻ هو. سنڌ ۾ ڪوآپريٽو تحريڪ جي زور وٺائڻ ۾ سندس هٿ هو. ڳوٺ سڌار هلچل سندس صلاح ۽ مشورن سان هلندي هئي. صوفي سماگم، صوفي راڳ جون مجلسون سندس موجودگيءَ سان ٻهڪنديون رهنديون هيون. ڪانگريس سان اختلاف ٿيڻ وقت هن منهنجي مدد ڪئي.

ان جي معنيٰ اها  نه آهي ته هر ڳالهه ۾ ڪٺا هوندا هئاسون، جڏهن الهه بخش وزارت خلاف مسلم ليگ منزل گاهه مسجد جو سوال هٿ ۾ کنيو. تڏهن اول ۾ آءُ ان جي خلاف هوس، پر جڏهن ڪيترا صاحب آرڊيننس  پاس ٿيڻ ڪري ماٺ ڪري ويٺا ته مون وڃي ڪم هٿ ۾ کنيو. ان قدم کان باز اچڻ لاءِ هن مون کي گهڻو سمجهايو. مسٽر جمشيد ميهتا، هن ۽ ٽهلراماڻيءَ هڪ هنڌ تي گڏجي، مون کي چيو ته: سياسي ڳالهين ۾ مذهبي ڳالهه کي ٽپائي آڻڻ سنڌ جي قديم روايات جي خلاف هو ۽ ان مان نقصانڪار نتيجن نڪرڻ جو امڪان هو. پر آءُ ان وقت ردعمل جي گهوڙي تي سوار هوس. مون چيو مان ته ”الهه بخش جي وزارت وڏو بت هئي، ان کي ٽوڙڻ لاءِ هر هٿيار هلائڻ کان ڪين گسندس.“ آخر آءُ جيل ۾ ويس. هندو- مسلم فساد ٿيا. سنڌ جا اڪثر هندو ناراض ٿيا. ليڪن ڄيٺمل ٽهلراماڻي دل ڪوسي نه ڪئي ۽ جيل ۾ به ملندا رهيا. اهڙا ڪيترائي موقعا ٿيندا هئا جو ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جا دوست چوندا هئا ته تنهنجي هن ڪم ڪري  دادا ڏاڍو ڪاوڙيو آهي، هاڻ چوي ٿو ته هي سنگت کان نڪري ويو آهي. خصوصاً ان وقت، جڏهن مسلم ليگ ۾ داخل ٿي. ڪن هندن جي سنڌ ۾ حرڪتن کي مون جرمنيءَ جي  يهودين سان مشابهت ڏيئي، سنڌ اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪئي. تڏهن ساريءَ سنڌ جا هندو تپي باهه ٿي ويا؛ پر دادا ڄيٺمل، شاهه جي هن بيت موجب، مون کي سڀ معاف ڪري ڇڏيو؛

منهنجي مداين جي ڪل پريان پيئي،

ڪڏهن ڪوسا نه ٿيا ڏوراپو ڏيئي،

ساجن سڀئي ڍڪيم ڍول ڍلائيون!

مرحوم چوندو هو، ”هي ڀاءُ ردعمل جي چڪر ۾ ورتل آهي. سندس دل سالم آهي. ڀلي ڀٽڪي، وري ساڳين ڀاڻن تي موٽي ايندو.“

شاهه لطيف ۽ سچل کي سمجهڻ لاءِ هن منهنجي وڏي رهبري ڪئي. مون کي ياد آهي ته سن واري بنگلي ۾ هڪ ڏينهن صبح جو ڏسان ته هي موج ۾ ويٺو آهي. پڇيومانس ته ”دادا، ڇا ڏٺو اٿو! “ چيائين ته ”صبح جو دريءَ  ۽ ٻيلي منجهان اڀرندي سج اها حالت آندي اٿم!“ ان وقت هي بيت اچاري رهيو هو ته:

”نيرانا ئي نيڻ نيئي، آڇ پرينءَ کي،

تن ستر کاڌا کيڻ، جن ڏٺو منهن محبوب جو.“

اسان جي ڪرمن جي ڦل جڏهن هندستان کان هي ٽڪرو ملڪ جو  جدا ڪري پاڪستان قائم ڪيو، ته هر طرف هندو مسلم فساد ٿيڻ لڳا ۽ رت جا ريلا وهڻ لڳا. هن صوفي مرد لاءِ اها دردناڪ حالت سهڻ  کان مٿي هئي. هندو لڏڻ لڳا، پر هي اٽل ٿي هتي ويهي رهيو. چي، وطن کي ڪيئن ڇڏبو! هڪدم ٻاهران آيل پناهگيرن جي مدد ۽ هتي جي هندن لاءِ، اقليتن جي جماعت ٺهرايائين، منهنجي جاءِ تي ميٽنگون ٿيڻ لڳيون. آخر مون سان، شيخ عبدالمجيد سنڌي صاحب ۽ صاحبزادي ستار جان ۽ ٻين سان گڏجي، هو سنڌ جي سير تي نڪري، هندن کي سمجهائڻ هليو ته وطن ڇڏي ڀڄي نه وڃو. پر هن جي ڪنهن به نه ٻڌي. انهيءَ ڳالهه هڻي هن کي بيمار ڪري وڌو. سندس ڪٽنب اڳ ۾ ئي بمبئي وڃي چڪو هو. لاچار، جڏهن علاج جو بهانو ڏيئي، کيس بمبئي کڻائي پئي ويا، تڏهن آءُ جهاز تي کيس ملڻ ويس، چيومانس ته، ”دادا، اوهان پِرنُ ڪيو هو ته سنڌ ڪين ڇڏيندس، هاڻ ڇو ٿا وڃو!“ چيائين ته، ”بيماريءَ ڪري کڻي وڃنم ٿا، سگهو  ٿيڻ بعد موٽي ايندس!“ پر موٽي ڪين آيو. آخر بمبئيءَ کان دادا لالچند جو خط آيو ته ”ادا سائين، اسان جو پريتم ڄيٺمل پرسرام اڄ صبح جو ٻين بجي راهه رباني وٺي زمندو رهيو. پڇاڙيءَ وارا ست ڏينهن سينٽ جارج اسپتال ۾ رهيل هو. علاج گهڻائي ڪيا ويا، پر  ڦڪين فرق نه ڪيو. 5 جولاءِ 1948ع.“

ورهاڱي بعد گهڻائي صدما آيل هئا، پر  هي وڏو هو. اڳئين سال جي ساڳيءَ تاريخ 6 جون 1947ع تي هن ڪراچيءَ  مان مون کي هيٺيون خط لکيو هو.

”سنڌڙي: لڙ لهرين ۾ لڙهندي وڃان ٿي،

مئيءَ جي مدارٿ ڪج ڪا ميهار!

”ميهار: متان  ٿئين ملور آءُ اڳانڌو آهيان،

ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، پر حد ٻنهي جي هيڪڙي!

”پيارا! ويٺا واٽون نهاريون، هاڻ ٻڌون  ٿا ته پريتم اڃا 25 ايندو.

گهر جي بيخوشيءَ جي خبر ٻڌيسون. اميد ته جلد ئي خوش باش ٿيندا. اڄوڪيون خبرون ٻڌيون هونديءِ، ان وقت ورهاڱي جو اعلان ٿيو هو)، پر منهنجي دل ڪا نه ٿي لڏي:

اس چشم موري نَي ايسا اسرار ديکا

ٿا ڪي بيچ ابر دي آفتاب ڪا انوار ديکا تها.(سچل)

”سَنَ جي سَنَ منجهان ٻڌون ٿا ته ”سنڌ جو ڏهن سالن وارو آواز، قلمبند ٿي چڪو آهي. خاصو. اسان جي روح رهاڻ“ وري ڇپجي چڪي آهي، موڪلبي- ڄيٺمل.“

مرحوم بنيادي طور ”آسرو مَ لاهيج“ ۽ توڪل جو قائل هو. جتي ساريءَ دنيا کي ڪارن ڪڪرن ۾ اوندهه انڌوڪار ڏسڻ ۾ پئي آيو، اتي به هن روشنيءَ جو ترورو پئي ڏٺو. آءُ ان ۾ هن جو پڪو پوئلڳ آهيان.

”لاتقنطو امن الرحمة الله“ ۾ منهنجو پڪو  ويساهه ويٺل آهي. دادا گذر ڪري ويل آهي، ليڪن ان جو آواز ڪنن ۾ گونجي رهيو آهي. هن نفرت ۽ دشمنيءَ جي ماحول ۾ جتي اُڻٽيهه واري اونداهي چؤطرف ويڙهي ويل  آهي، اتي ڪنڌيءَ ڀر محبت جو ڪانهن جهلي بيٺو آهيان، ۽ شاهه جي لفظن موجب يقين اٿم ته انهن ڪکن کي ايڏي لڄ آهي جو نيئي ڪنڌيءَ ڀر ڪندا.

آءُ دادا ڄيٺمل جي حياتيءَ جي بيان لکندڙ روشن جڳتياڻيءَ سان اکر اکر ۾ شامل راءِ آهيان ته، ”هي صاحب اعليٰ انسان هو. هن کي انوکي شخصيت هئي. هو سچو سناتني، پڪو صوفي، نج ٿياسافسٽ، برک اديب، فصاحت جو صاحب، قوميت جو باني، ساميواد جو حامي، هندو- مسلم ايڪتا جو ڪوڏيو، وشو ڀائپيءَ جو ڪانکي، ڀڳتي، شيوا ۽ قربانيءَ جو روپ، سنڌيت جو اوائلي نعرو هڻندڙ، اخبار نويس، گرنٿڪار، پرچارڪ سڀ هو، پر سڀ کان وڌيڪ هو اعليٰ انسان هو.“

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org