سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو : 13

 

5- پير علي محمد شاهه ولد پير محمد حامد شاهه راشدي

(لاڙڪاڻو: ڪراچي)

        سنڌ جي سياستدانن ۾، ميان علي محمد شاهه جو درجو يڪتا قسم جو آهي. هتي جا اڪثر سياستدان يا صفا آئيڊيلسٽ آهن يا رڳو سياست عمل جا پوئلڳ آهن. هيءُ ٻنهي جو مرڪب آهي. هي آئيڊيلسٽ به نرالي قسم جو آهي جنهن جو افلاطوني قسم جي سياسي آئيڊيليزم سان تعلق نه آهي. (افلاطون 23 سؤ ورهيه اڳي جيڪي سياسي نظريا پيش ڪري ويو آهي سي اڃان تائين عمل ۾ اچي ڪين سگهيا آهن.) پر هن جو آئيڊيلزم ميڪاولي قسم جو آهي، جيڪو سورهين صدي عيسوي ڌاري اٽلي ۾ پيدا ٿيو دنيا جا اڪثر ملڪ ۽ مدبر اڄڪلهه انهيءَ ميڪاوليءَ جي نظريي مطابق هلن ٿا. تفاوت ٻنهي نظرين ۾ هي آهي ته پهريون بنهه يوٽوپين(خيالي) نظريا پيش ڪري ٿو ۽ ٻيو عمل ۾ اچڻ جهڙو چيو وڃي ٿو. ان کان سواءِ پويون ڪنهن به چڱي يا مدي طريقه ڪار جي پابندي نٿو رکي. ان مطابق مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ، ڪهڙا به طريقا اختيار ڪري سگهجن ٿا. گهڻن ئي فيلسوفن ۽ مذهبي ماڻهن انهيءَ نظريي تي نڪته چيني ڪئي آهي، ليڪن عملي طور گهڻي وقت کان سڀ ڪامياب سياستدان ۽ مدبر انهيءَ جي ئي ڏسيل طريقن جي پيروي ڪري رهيا آهن.

        هي صاحب راشدي سيدن جي اولاد مان آهي جي لڪياري سيدن جي شاخ شمار ڪيا وڃن ٿا انهن جي نسب جو سلسلو سيد علي مڪيءَ جي سنڌ ۾ اچڻ کان شروع ٿئي ٿو. سيد علي مڪيءَ بابت چوڻ ۾ اچي ٿو ته هو مڪي شريف کان 512هه، مطابق 1118ع ڌاري لڏي سنڌ ۾ آيو. سندس اولاد لڪيءَ جي ڳوٺ ۾ سڪونت ڪرڻ سبب لڪياري سڏجڻ لڳي. لڪيءَ جو مشهور معروف ولي الله شاهه صدرالدين عليه الرحمت جو نسب هن طرح هن سان ملي ٿو: سيد صدرالدين بن شاهه محمود بن شاهه حسين بن شاهه جڪن بن سيد علي مڪي. شاهه صدرالدين عليه الرحمت جو ڀاءُ سيد بهاءُالدين هو. راشدي خاندان جي جدا مجد سيد محمد راشد جي نسب جو شجرو هيٺينءَ طرح سيد بهاءُالدين تائين پهچي ٿو: سيد محمد راشد بن سيد محمد بقا بن سيد محمد امام بن سيد فتح محمد بن سيد شڪرالله بن سيد عثمان بن شاهه کٽڻ بن شاهه سنجر بن شاهه بولن بن شاهه جسين بن سيد امير علي بن سيد ناصرالدين بن سيد عباس بن سيد بهاءُالدين عليه الرحمت.

        سيد محمد راشد شاهه پهرين شعبان 1233هه، مطابق 6 جون 1818ع تي وفات ڪئي. کيس 2 فرزند ٿيا: (1) سيد ميان صبغت الله شاهه اول، جو صاحب دستار يا پاڳارو سڏيو ويو ۽ (2) سيد محمد ياسين شاهه جو صاحب علم يا جهنڊي وارو سڏجڻ لڳو.

        پير ميان صبغت الله شاهه 5 رمضان 1246هه مطابق 18 فيبروري 1831ع تي وفات ڪئي. کيس ٻه فرزند ٿيا: (1) سيد علي محمد شاهه وڏو،(ان جي اولاد مان هي راشدي صاحب آهي) ۽ (2) سيد علي گوهر شاهه،(ان جي اولاد مان پير صاحب پاڳاري وارا آهن). سيد علي محمد شاهه ننڍي ڀاءُ جي فائدي ۾ دست بردار ٿيو. ٻنهي ڀائرن جا سال وفات هيٺين طرح آهن: سيد علي محمد شاهه جي وفات 14 ربيع الاول 1284هه مطابق 17 جولاءِ 1867ع تي ٿي، سيد علي گوهر شاهه عرف بنگلي ڌڻي، تخلص"اصغر" جي وفات 11 جمادي الاول 1263هه، مطابق 28 اپريل 1847ع تي ٿي.

        سيد علي محمد شاهه کي پنج فرزند ٿيا، جن مان سيد ميان پير شاهه هڪ هو. سيد ميان پير شاهه(متوفي: 22 شعبان 1341هه، مطابق 12 جنوري 1931ع) کي سيد محمد حامد شاهه(متوفي: 31 مارچ 1937ع) فرزند ٿيو، جنهن کي ٽي فرزند ٿيا: (1) سيد علي محمد شاهه راشدي،(جنهن جو احوال هتي پيش ٿي رهيو آهي) (2) سيد حسام الدين شاهه راشدي،(جيڪو سنڌ جو مشهور اديب ۽ مؤرخ آهي) (3) سيد احمد شاهه، ٻئي طرف پير علي گوهر شاهه کي پير حزب الله شاهه عرف تخت وارو، (تخلص: مسڪين) فرزند ٿيو(متوفي: 4 محرم 1308هه مطابق 21 آگسٽ 1890ع) ان جو فرزند پير ميان شاهه مردان شاهه(متوفي: 7 ربيع الاول 1340هه: مطابق 9 نومبر 1921) ٿيو، جنهن جو فرزند ميان صبغت الله شاهه دوم ٿيو(متوفي: 20 مارچ 1943ع) ان جو فرزند موجوده پير صاحب پاڳارو سڪندر علي شاه ملقب به شاهه مردان ثاني آهي.

        سيد علي محمد شاهه راشدي 12 جمادي الثاني 1324هه، مطابق 5 آگسٽ 1905ع ساڍي پنجين صبح جو جمعي جي ڏينهن تولد ٿيو. هن ابنتدائي تعليم مولوي محمد سومار، ويٺل ڊکڻ ۽ مولوي محمد صديق ميرپورخاص واري وٽ ورتي. سنڌي چار درجا ۽ فارسي سڪندر نامه تائين پڙهيائين. ٿوري عربي به پڙهيو. پوءِ انگريزي تعليم ماستر محمد رفيق، ويٺل مائونٽ آبو وٽ ورتائين. ان جي وڃڻ کان پوءِ نصرت اسٽيشن جي ماستر وٽ انگريزي جا سبق وٺندو رهيو. قريبن چئن درجن تائين انگريزي تعليم ورتائين. ان کان پوءِ محنت ۽ مطالعي سان سنڌي، پارسي، اردو ۽ انگريزي ۾ مهارت حاصل ڪري ويو.

صحافتي زندگي:

        1924ع ڌاري"سنڌ نيوز" اخبار جو نامه نگار ٿي صحافتي زندگي ۾ پير پاتائين. 15 ڊسمب  1924ع تي سنڌ تعليمي ڪانفرنس حيدرآباد ۾ حصي وٺڻ لاءِ آيو جتي منهنجو ساڻس ملڻ ٿيو. 1926ع کان 1931ع تائين سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جو سرگرم ڪارڪن رهيو. جنهن جو صدر سر شاهنواز خان ڀٽو ۽ سيڪريٽري خان بهادر ولي محمد حسن علي هئا. 1926ع ڌاري هن اخبار"الحزب" شڪارپور مان ايڊٽ ڪئي. 1928ع ۾ اخبار"الراشد" جي ايڊيٽريءَ جا فرض بجا آندائين. انهي وقت ڌاري انجمن سادات راشديه برپا ٿي جنهن جو صدر پير حزب الله دوم عرف جيئل شاهه هو ۽ سيد علي محمد شاهه راشدي ان جو سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيو. هن اخبار"الامين" سکر جو 1925ع کان 1928ع تائين ايڊيٽر ٿي  ڪم ڪيو. 1927ع کان 1932ع تائين خان بهادر محمد ايوب کهڙي جو سيڪريٽري ٿي ڪم ڪيائين. ان وقت خان بهادر کهڙي طرفان سنڌ جي جدائي لاءِ جا هلچل هلندي رهندي هئي. ان جي چارج ۾ هيءُ هو. 1929ع ۾ سنڌ زميندار اخبار سکر جو ڪجهه وقت لاءِ ايڊيٽر ٿي ڪم ڪيائين. جا مرحوم آغا نظر علي خان جي نظرداري هيٺ کهڙو صاحب ڪڍائيندو هو. 1933ع ۾ هن جو تعلق سر شاهنواز خان ڀٽي جي گروهه سان ٿيو. جنهن سان سندس سنڌ ڇڏي پبلڪ سروس ڪميشن جي ميمبر ٿي وڃڻ تائين شريڪ ڪار رهندو آيو.

        1934ع ۾ سکر مان"ستاره سنڌ" ڪڍڻ شروع ڪيائين جنهن جو پاڻ مئنيجنگ ڊائريڪٽر ٿي رهيو. اها اخبار 1937ع تائين نڪرندي رهي. ان ۾ عمده ادبي ۽ سياسي مضمون پوندا هئا. 1936ع ۾ اخبار" صبح سنڌ" ڪڍڻ شروع ڪيائين، جنهن ۾ اتحاد پارٽيءَ جي فائدي ۾ مضمون نڪرندا هئا. 1937ع جي اليڪشن کان اڳ اها اخبار عام ماڻهن ۾ پارٽي اميدوارن جي پروپيگنڊا لاءِ ورهائبي هئي. هن 1940ع کان انگريزي ۾ مسلم وائيس نالي هفتيوار اخبار پهرين سکر مان پوءِ ڪراچي مان ڪڍڻ شروع ڪئي جنهن ۾ سياسي ۽ ادبي مسئلن تي مضمون لکندو هو. اها اخبار 1946ع تائين هلندي رهي.

        1945ع جي آخر ۾ جڏهن اسان جا اختلاف مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان پيدا ٿيا ۽ الوحيد اخبار مخالف پروپيگنڊا ڪرڻ لڳي ته اسان شڪارپور مان نڪرندڙ"قرباني" اخبار ۽ پريس خريد ڪري ڪراچي ۾ آندي. پهرين ان جو ايڊيٽر مولوي خير محمد نظاماڻي هو پر ڪجهه وقت کان پوءِ جڏهن ڏٺو ويو ته پارٽي جي هو صحيح ترجماني نٿو ڪري ته اخبار جي نظرداري جو ذمو ميان علي محمد شاهه کنيو. اخبار جي ايڊيٽريءَ ۾ نالو ٻين جو هوندو هو پر اهم مضمون ۽ ايڊيٽوريل هي پاڻ لکندو هو. مشهور ڪتاب"فرياد سنڌ" اول مضمونن جي صورت ۾ قربانيءَ ۾ ڇپيو هو. پوءِ ان کي ڪتابي صورت ڏيئي سنڌ ۾ ورهايو ويو. اها اخبار 1947ع ۾ کهڙي صاحب جي دور وزارت ۾ بند ڪرائي ويئي. 1948ع ۾ جڏهن سنڌ   جي مشهور انگريزي اخبار"سنڌ آبزرور” جو انتظام کهڙي صاحب جي هٿ ۾ آيو، ان وقت کان 1949ع تائين ٻن سالن لاءِ هيءُ ان اخبار جو ايڊيٽر ٿي رهيو، جنهن ۾ حالتن کي نظر ۾ رکي، سنڌي نقطه نگاهه کي پوري طرح پيش ڪندو رهيو. ان ۾"ڊان" اخبار جي فرقيوار پروپيگنڊه جو مقابلو ڪيائين. 1952ع ۾ هن هفتيوار انگريزي اخبار"اسٽيٽسمن" ڪڍڻ شروع ڪئي جا نالي خاطر اڄ تائين پير صاحب پاڳاري طرفان منسٽر اويس نالي هڪ شخص ڪڍندو رهي ٿو. ڪجهه وقت لاءِ راشدي صاحب پاڪستان نيوز پيپرس ايسوسيئيشن جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو ۽ انهي سلسلي ۾ هندستان، مصر ۽ انگلينڊ ۾ وفد وٺي دوري تي ويو.

        هانگ ڪانگ ۾ رهڻ واري عصي ۾ هو دنيا جي مختلف اخبارن کي مضمون موڪليندو رهيو ۽ پاڪستان جي اردو اخبار"جنگ" ۾ گهڻي وقت تائين"مشرق بعيد" تي مضمون لکيائين، جي سياسي سماچار ۽ ڄاڻ جو ڀنڊار سمجهيا ويندا هئا.

ادبي زندگي:

        راشدي صاحب کي سنڌي ٻولي جي عمدن اديبن مان شمار ڪري سگهجي ٿو. تاريخ، سائڪالاجي، شڪار ۽ عام انفارميشن جي ڪتابن جو هن کي گهرو مطالعو آهي. هن ڪيترا ڪتاب لکيا آهن جن مان سواءِ مختصر چوپڙين جي ٻيا ڇپجي نه سگهيا آهن. تازو هن"اهي ڏينهن، اهي شينهن" نالي هڪ نهايت عمدو ڪتاب لکيو آهي، جيڪو"سنڌي ادبي بورڊ" ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ راشدي صاحب پنهنجون يادگيريون ۽ تجربا ۽ پنهنجي سنگت ساٿ ۽ همعصر شخصيتن جا احوال ڏاڍي اعليٰ ادبي انداز ۾ پيش ڪيا آهن. هن کي جيڪڏهن ٻين مشغولين کان عليحده ڪري ان طرف ڪم ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو وڃي ته هوند سنڌي ادب جي وڏي خدمت ٿي پوي. راشدي صاحب 1940ع کان 1958ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو ميمبر پڻ رهي چڪو آهي.

 سندس سياسي زندگي:

        هن سياسي ڪمن ۾ حصو سنڌ محمدن ايسوسيئيشن ۾ 1926ع ۾ داخل ٿيڻ جي وقت کان ورتو. ان کان پوءِ انجمن سادات برپا ڪرايائين. ان طرفان اميدوار بيهاري"الراشد" اخبار ذريعي پروپيگنڊا ڪيائين، ليڪن انجمن جو ڪوبه اميدوار ڪامياب ٿي نه سگهيو.

        سنڌ جي بمبئي علائقي کان جدائي بابت جا تحريڪ سنڌين طرفان شروع ٿي هئي ، ان کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ خان بهادر کهڙي طرفان هو ڪجهه معلوماتي مواد شايع ٿيندو هو ان جي لکڻ جو ڪم راشدي صاحب سرانجام ڏيندو هو. ڪتاب"اسٽوري آف دي سفرنگس آف سنڌ" جو کهڙي صاحب طرفان ڇپرايو ويو هو، ان ۾ به هن جي محنت ڪيل هئي.

        1933ع کان 1936ع تائين ضلعي اسڪول بورڊ لوڪل بورڊ لارڪاڻي جو ميمبر ٿي رهيو. ساڳئي عرصي ۾ ضلعي لوڪل بورڊ لاڙڪاڻي جو ميمبر به ٿي رهيو.

        1934ع ۾ پيپلس پارٽي، جا سر شاهنواز ڀٽي جي ليڊر شپ هيٺ قائم ٿي هئي، ان جي برپا ڪندڙن مان هي هڪ هو. 1936ع ۾ سر حاجي عبدالله هارون جي ڪوشش سان"سنڌ اتحاد پارٽي" ٺاهي ويئي ان جي ابتدائي بانيڪارن مان هيءُ هڪ هو. پوءِ پارٽيءَ طرفان بيهاريل اميدوار جي مدد ۾ هي"صبح سنڌ" اخبار ۾ مضمون لکندو رهيو. سر شاهنواز خان ڀٽي ۽ سر حاجي عبدالله هارون، پارٽيءَ جي ليڊر ۽ ڊيپوٽي ليڊر جي شڪست بعد جڏهن اتحاد پارٽي جا باقي رهيل ميمبر مخالفت ۾ وياسون ته هيءُ اسان سان شريڪ ڪار هو. ڪانگريس ۽ اتحاد پارٽيءَ جي ڪارڪنن 1937ع جي آخر ۾ سر غلام حسين جي وزارت سان پروگرام جي بنياد تي ڪوئليشن ڪرائڻ ۾ هن جو هٿ هو. 1938ع جي اوائل ۾، سر غلام حسين وزارت قبول ڪيل پروگرام جي سرانجام ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڏيکاري ته ان جي ڪڍڻ لاءِ جا ڪوشش ٿي ان ۾ هن حصو ورتو ۽ سر غلام حسين جي وزارت کي شڪست آئي ۽ الهه بخش وزارت وجود ۾ آئي. نئين وزارت ٺهڻ کان پوءِ پروگرام کي سرانجام ڪرڻ لاءِ پارٽي طرفان جيڪي تجويزون وزارت کي ٺاهي ڏنيون ويون هيون انهن جي تيار ڪرڻ ۾ هن جو خاص هٿ هو. نڪتل وزيرن طرفان"الوحيد" ذريعي ڪيل پروپيگنڊا کي منهن ڏيڻ، عوام سان وزيرن جو رابطو پيدا ڪرڻ، آفيشل طبقي جي دٻاءُ کي ڪمزور ڪرڻ واسطي، پير الاهي بخش جو ساريءَ سنڌ ۾ گشت جو پروگرام رٿيو ويو هو. ان جي تيار ڪرڻ ۾ پير صاحب سان گڏجي ان کي ڪامياب بنائڻ ۾، راشدي صاحب جو وڏو هٿ هو. ان گشت پوري ڪرڻ بعد ڪاموري طبقي ۾ خاص ناراضگي پيدا ٿي. انهن گورنر جي ذهن تي اها ڳالهه آندي ته ڪامورن جي طاقت ڪمزور ٿيڻ مان حڪومت جو اثر ماڻهن تان لهي ويندو. ان سموري پاليسي لاءِ هنن مون کي ۽ علي محمد شاهه کي جوابدار ٺهرايو. مون کي ته پارٽيءَ ۾ خاص پوزيشن رکڻ ڪري ڪجهه ڪري نٿي سگهيا. هنن آهستي ڪري وزيرن تي زور بار آڻي راشدي صاحب کي وزارت جي مشير ۽ مددگار جي حيثيت تان هٽارائي ڇڏيو، ان ڪري پروگرام جي سرانجامي ۾ سستي ۽ ڪوتاهي ٿيڻ شروع ٿي. ماڻهن ۾ پيدا ڪيل اميدون پوريون نه ٿي سگهيون، ميمبرن ۽ عوام ۾ شڪر رنجيون پيدا ٿيڻ لڳيون.

        الهه بخش وزارت، پنهنجي مددگار پارٽين جي مشوري خلاف، گورنر جي چوڻ تي ڍلون وڌايون، ان تي اتحاد پارٽي ورهائجي ٻه حصا ٿي ويئي، اسان مخالفت ۾ وياسون ته هيءُ به مخالفت ۾ هليو آيو. ڪانگريس پارٽيءَ ان سوال تي جا ڦڙتي کاڌي هئي، ان کي بيانن جي ذريعي مون اخبارن ۾ ظاهر ڪيو: انهن بيانن تيار ڪرڻ ۾، هن ۽ مسٽر ٽهلراماڻيءَ جو هٿ هو. جڏهن حاجي عبدالله هارون، انهن حالتن کان تنگ ٿي، مسلم ليگ ۾ هليو ويو. تڏهن هن اسان جي صلاح سان صوبه سنڌ مسلم ليگ ڪانفرنس جي اجلاس جناح صاحب جي صدارت ۾ 8 ۽ 9 آڪٽوبر 1938ع تي ڪراچي ۾ سڏايو. ان اجلاس ۾ ساري هندستان جي مکيه لڊرن شرڪت ڪئي هئي. ان ڪانفرنس جي ڪامياب بنائڻ، عاليشان سرگس ڪڍائڻ ۽ ٺهرائن وغيره تيار ڪرائڻ ۾ علي محمد شاهه جو وڏو هٿ هو. حاجي عبدالله هارون جي ان موقعي تي پڙهيل صدارتي خطبي، ڪيترن ٺهرائن ۽ ڪانفرنس جي رپورٽ تيار ڪرڻ جو ڪم پڻ هن جي هٿان ٿيو.

        سنڌ ۾ مسلم ليگ قائم ٿي. ان وقت سنڌي ڪارڪن ٻن راين ۾ ورهايل هئا: هڪڙن جي را3 هئي ته شيخ عبدالمجيد صاحب کي صدر چونڊجي: پر راشدي صاحب جي راءِ هئي ته حاجي عبدالله هارون مرڪزي اسيمبلي جو ميمبر هو، کيس آفيس ۽ ڪلارڪ وغيره هئا. ابتدا ۾ پارٽي نظام لاءِ خرچ ڪري سگهڻ جهڙو هو. ان ڪري کيس پريزيڊنٽ چونڊجي. آءُ صاف آئيڊيلسٽ هئڻ ڪري شيخ صاحب جي فائدي ۾ هوس: پر راشدي صاحب جي سياست عمليءَ کان متاثر ٿي. حاجي صاحب کي صدر چونڊڻ ۾ مدد ڪيم.  پاڻ حاجي عبدالله هارون جو خانگي سيڪريٽري ٿي مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ جو ڪم هٿ ۾ کنيائين. بعد ۾ آل انڊيا مسلم ليگ طرفان خارجيه معاملات سان تعلق رکڻ لاءِ هڪ ڪاميٽي حاجي عبدالله هارون جي چيئرميني هيٺ مقرر ٿي. راشدي صاحب ان جو سيڪريٽري ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. پوءِ سنڌ مسلم ليگ طرفان سکر جي مسلمانن جي چوڻ تي مسجد منزل گاهه سرڪار کان واپس ڪرائڻ لاءِ هلچل شروع ٿي. هن مسلم ليگ طرفان پروپيگنڊا ڪرڻ ۽ ستيا گرهه لاءِ انتظام ڪرڻ جو سمورو آفيس ڪاروبار هلايو. ان کي جيل ۾ موڪليو ويو. کهڙو صاحب نظر بند ٿيو. راشدي صاحب خلاف وارنٽ نڪتا پر هي حاجي صاحب سان گڏجي دهلي هليو ويو. ان وچ ۾ مسلم ليگ پنجاب کي منظم ڪرڻ لاءِ هن نواب شاهنواز خان ممدوٽ جو سيڪريٽري ڪم هلايو ۽ الهه بخش وزارت کي شڪست ڏيڻ ۽ ڪيرائڻ لاءِ لکندو رهيو. نيٺ الهه بخش وزارت کي شڪست ملي ۽ نئين وزارت ٺهي. مون کي زور ڪري ان ۾ رکيو ويو، جو ان کان سواءِ هندو ميمبر مسلم ليگ جي باقي وزيرن سان سمجهوتي ڪرڻ لاءِ تيار نه هئا. هي ان ڳالهه تي ناراض ٿيو. چي - "هندن هي ٺهراءُ عارضي طرح مصلحت خاطر ڪيو آهي. ٿوري وقت بعد هو ان وزارت کي ڪڍي وري الهه بخش وزارت آڻڻ وارا هئا. وزارت جو سمورو دارومدار هندن جي رحم ڪرم تي هو. وزارت ماڻهن جي اميد مطابق ڪم نه ڪرڻ ڪري ضرور بدنام ٿي ويندي. مسلم ليگ اسيمبلي پارٽيءَ جي ميمبرن ۾ شخصي لالچ يا عهدن کان پري رهڻ ڪري، منهنجو وقار قائم ٿيل هو، ان کي نقصان پهچڻ هن برداشت ڪرڻ نٿي گهريو. اهو سڀ مون سان شخصي محبت ۽ عزت هئڻ ڪري ڪيائين ٿي، هو سنڌ کان ٻاهر هو ۽ پري کان انهيءَ ڳالهه تي زور ڏيندو رهيو ته نئين وزارت وجود ۾ آندي وڃي، ڇاڪاڻ ته هندو مسلم فسادن وقت سوين ناحق گرفتار ٿيل مسلمانن جي ڇڏائڻ، مسجد منزلگاهه واپس ڪرائڻ ۽ عوام جي حوصلي کي وڌائڻ لاءِ اهو ضروري هو پر نئين وزارت منهنجي شموليت کان سواءِ ٺهي نٿي سگهي.

        مٿي چئي آيو آهيان ته راشدي صاحب سياست عمل ۽ آئڊيلزم جو مرڪب آهي، ليڪن آئڊيلزم ۾ مقصد جي حصول لاءِ طريقه ڪار جي هن کي پرواهه نه هئي. آءُ سياست عمل کان پري، خيالي دنيا ۾، افلاطوني آئڊيلزم جو پوئلڳ هوس. مون سان هلڻ لاءِ پڻ هن عام ماڻهن وارو رويو اختيار ڪيو. باوجود گهڻو وقت سنگت ۾ رهڻ جي منهنجي دل جي نزاڪت کي پوري طرح پرکي نه سگهيو هو. سندس ان رويي مون کي گهڻو صدمور سايو، جنهن جو اڳتي هلي هن کي احساس ٿيو. 8 مئي 1940ع تي سکر مان خط لکي ٿو ته"آءُ ڪراچي ڇڏڻ کان اڳ توکي ملي ڪين سگهيس. مون ڏٺو ته تون مون سان گفتگوءَ بعد تمام متاثر ٿي ويو هئين، ان لاءِ معافي وٺڻ گهريم ٿي، پر وقت ٿورو هو. اهڙن سخت لفظن ۾ حقيقتن جو اظهار ڪرڻ حالت مطابق مون مناسب سمجهيو هو پر پوءِ مون سمجهيو ته مون کي توسان گستاخانه گفتگو نه ڪرڻ گهرجي ها. مون کي تنهنجي عزت ڪرڻي آهي. توکي وڃائڻ نٿو گهران. هن سياسي دنيا ۾ مون کي صرف تو ۾ ئي اميدون آهن اميد ته خط لکي مون کي دلداري ڏيندين ته تو مون کي معاف ڪيو آهي."

        واقعي اسان وزارت نازڪ دور ۾ ورتي هئي. صدها گرفتار ٿيل ماڻهن کي ڇڏائڻو هو. منزلگاهه مسجد کي ٽربيونل اڳيان مسجد ثابت ڪرڻو هو. هندو - مسلم فسادن جي ڪارڻن ۽ جوابداري جو فيصلو ٿيڻ وارو هو، ان ڪم لاءِ ڪن لائق ۽ قابل وڪيلن جي مدد جي ضرورت هئي. مسلمانن ۾ اڳي ئي ان وقت لائق ۽ قابل وڪيل گهٽ هئا جي باقي هئا تن کي پئسي جي لالچ هئي، جا اسان پوري ڪري نٿي سگهياسون، مسجد منزل گاهه جي ٽربيونل اڳيان ڪيس پيش ڪرڻ جو ڪم ڊاڪٽر محمد عالم لاهور واري هٿ ۾ کنيو، پر پئسي نه ملڻ ڪري هو موٽي هليو ويو. هندن طرفان ڪيترا نهايت لائق وڪيل موجود ٿي ويا، ليڪن مسلمان پڙهيل گروهه طرفان حد درجي جي بي اتفاقي ڏيکاري ويئي. ان وقت جنهن تندهي، محنت ۽ قابليت سان راشدي صاحب انهن سڀني ڳالهين جي سرانجامي ڪئي سا ڳالهه لائق ستائش آهي. اهڙو ڪم صرف مقصدن لاءِ جنون رکڻ وارا ماڻهو ڪري سگهن ٿا. رواجي ماڻهو جي جاءِ نه آهي.

        مطلب ته هن ٽربيونل اڳيان منزل گاهه جي مسجد کي ثابت ڪرايو. هن ناحق گرفتار ٿيل ماڻهن کي وڪيلن جي معرفت آزاد ڪرائڻ لاءِ سخت ڪوشش ورتي. هن پبلڪ اڳيان هندو، مسلم فسادن جي ڪارڻن تي ڪتاب لکي پيش ڪيا. انهن ڳالهين ۾ مرحوم حاجي عبدالله هارون ۽ خان بهادر کهڙي کيس مدد ڪئي. مون هن جي رويي بعد، فيصلو ڪري ڇڏيو هو ته وزارت کي ڇڏڻو هوم، پر مناسب موقعي جي تلاش ۾ هوس. آخر مولانا ابوالڪلام جي معرفت مرحوم الهه بخش کي رضامند ڪري. آءُ استعيفيٰ ڏيئي  ٻاهر نڪتس، مرحوم حاجي عبدالله هارون ۽ هن ان ڳالهه جي گهڻي مخالفت ڪئي. حاجي عبدالله هارون ان وقت صوبه سنڌ مسلم ليگ جو پريزيڊنٽ ۽ هي جنرل سيڪريٽري هئا پر منهنجي فيصلي کي روڪي نه سگهيا.

        مون الهه بخش کي وزارت ۾ آڻي، هڪ ٻي وزيري جو کين واعدو ڏيئي آل پارٽيز وزارت وجود ۾ آندي، اڳتي هلي مير بنده علي خان کي استعيفا ڏيڻي هئي هنن حناح صاحب طرفان وزيرن کي حڪم ڪرايو ته وزارت تان استعيفيٰ نه ڏين، مير بنده علي خان کي وڌيڪ ڇا گهربو هو، ان ته ويٺي وجهه ڳوليا، تنهن استعيفيٰ ڏيڻ کان انڪار ڪيو. ٻئي سال جي شروعات ۾ مسلم ليگ وزارت شڪست کائي، ٻاهر نڪتي، ۽ وري الهه بخش وزارت وجود ۾ آئي. ان کان پوءِ هن ۽ مون مسلم ليگ کي زور وٺائڻ لاءِ هر ڪا ڪوشش ڪئي، جيستائين حاجي عبدالله هارون زنده هو، مسلم ليگ جي آفيس ۽ انتظام ۾ هن جو وڏو دخل هو. ليڪن مسٽر يوسف هارون پيءُ وانگر هن ڏکئي، خودسر ۽ خوددار ڪارڪن کي پاڻ سان گڏ هلائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو. حاجي صاحب ٻي شيءَ هو. ان لاءِ هڪ مثال پيش ڪريان ٿو. هڪ ڏينهن ڪلفٽن تي گهمڻ ويس ته بيچ  تي، حاجي عبدالله هارون ۽ راشدي صاحب ٻيئي ڪرسين تي ويٺا هئا آءُ به ساڻس وڃي ويٺس. مون ڏي نهاري، حاجي صاحب فرمايو ته"شاهه صاحب هي.... راشدي غصب جو ماڻهو آهي. آءُ کيس پوريءَ طرح سڃاڻان ٿو. هي يا مون کي بادشاهه بنائيندو يا جيل ۾ موڪليندو. شاهه صاحب باوجود هن جي خامين جي ههڙا ماڻهو ملڻ مشڪل آهن. ان مثال مان حاجي صاحب جي عظمت ۽ راشدي جي قابليت ۽ لياقت جو پتو پئجي سگهي ٿو. حاجي صاحب جي وفات کان پوءِ هي مسلم ليگ کان ٿڌو ٿيڻ لڳو. سندس گهڻو وقت سنڌ کان ٻاهر گذرڻ لڳو. ان وقت مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ ۽ ٻين مڪاني ڪارڪنن جي طريقه ڪار مان هو نااميد ٿي چڪو هو.

        15 نومبر 1943ع تي هن دهليءَ مان هڪ ڊگهو خط موڪليو. ان ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو. اهو خط ڊگهو آهي. هتي نٿو ڏجي، ان جو لب لباب اهو هو ته"مسلم ليگ مسلمانن جي اتحاد ۽ پاڪستان جي نالي ۾ غلط ماڻهن جي جاءِ پناهه ٿي پئي آهي ان جا ڪارندا عوام جا دوست نه آهن... توکي مڙس ٿي، انهن ڳالهين خلاف مقابلو ڪرڻ گهرجي، پوءِ کڻي ٻيا سڀ رفيق ان مقابلي ۾ توکي اڪيلو ڇڏي وڃن. جيڪڏهن زمانو تنهنجي اصولن ۾ رنڊڪ وجهي ته ان سان به لڙڻ گهرجي. مون سمجهيو ته هي وقتي جوش ۾ اچي ائين لکي رهيو هو ان ڪري کيس شيخ صاحب ۽ رئيس ڀرڳڙي وارن کي منٿ ڪري وري مسلم ليگ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ آماده ڪيم، ليڪن حالتون روز بروز ناقابل برداشت ٿينديون ويون. اسان جا مسلم ليگ هاءِ ڪمانڊ سان اختلاف ويا وڌندا. 1945ع ۾ مرڪزي اسيمبلي جي چونڊ ٿيڻ واري هئي. هيءُ مسلم ليگ جي اميدوار مسٽر يوسف هارون خلاف چونڊن ۾ بيٺو. آءُ صوبه مسلم ليگ جو صدر هوس. هي ان جو مکيه رڪن هو. هي ڄاڻي واڻي مخالفت ۾ اميدوار بيٺو هو، کيس خبر هئي ته اليڪشن ۾ پئسي جي ضرورت هئي جو وٽس ڪونه هو. وزارت هن جي مخالف جي همدرد ۽ مددگار هئي. جنهن مسلم ليگ جماعت جو نالو اسان سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائي ڇڏيو هو. يوسف صاحب ان طرفان اميدوار بيٺل هو. کٽڻ جي اميد ڪانه هيس. تنهن هوندي به اميدوار بيٺو. ان جو مطلب آءُ سمجهي ويس. هن زور ڪري مون کي هاءِ ڪمانڊ سان اختلاف ۾ آڻي مسلم ليگ مان ٻاهر ڪڍائڻ ٿي گهريو جي آءُ سندس ساٿ نه ڏيان ها ته هي بهانو بنائي مسلم ليگ کان الڳ ٿي وڃي ها. آءُ ان وقت تائين اهو محسوس ڪري ويو هوس ته وڏيون جماعتون مختلف خيالن جي ماڻهن سان ڀريون پيون هيون. اهي هڪ پارٽي وانگر هڪ نظريي، هڪ طريقي ۽ پاليسي مطابق ڪونه ٿي هليون، انهن ۾ ڪيترا گروهه، مختلف نظرياتي بنيادن تي پيدا ٿي پيا هئا جي پنهنجي پوزيشن  جماعت ۾ مضبوط ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا هئا. مسلم ليگ جماعت ۾ رجعت پسند ذري گهٽ قبضو ڪري ويا هئا اڳي پوءِ ان ۾ مون لاءِ جاءِ نه هئي سوال رڳو هو ته موقعو ۽ مهل ڏسي صلاح مصلحت بعد قدم کڻجي ها، ليڪن هن ائين نه ڪيو ۽ قدم کڻي ويٺو. هاڻ مون کي فيصلو ڪرڻو هو ته ساٿين سان گڏ مسلم ليگ ۾ پنهنجو نقطه نگاهه پيش ڪندو رهان، يا انهن مان مکيه ڪارڪن الڳ ٿيندا وڃن ۽ آءُ ٺلهي صدارت جي جاءِ خاطر اتي رهيو پيو هجان. مسلم ليگ ۾ منهنجا همسفر ۽ دوست گهڻائي هئا پر انهن ۾ اهل راءِ ٿورا هئا. شيخ عبدالمجيد، رئيس ڀرڳڙي ۽ راشدي صاحب انهن مان مکيه هئا. پهريان ٻه اڳيئي ليگ مان تنگ هئا. هيءُ به ڀڄڻ جو قدم کڻي چڪو هو. مون به فيصلو ڪيو ۽ مسلم ليگ جي صدر هوندي مسلم ليگ اميدوار جي خلاف هن جي مدد ڪيم، نتيجو اهو ٿيو ته آهستي ٿي اسان سڀني کي مسلم ليگ مان ٻاهر نڪرڻو پيو چونڊن کان پوءِ ڪانگريس سان گڏ اسان ڪوئليشن ٺاهي. هيءُ"قرباني" اخبار ذريعي اسان جو نقطه نگاهه عوام اڳيان پيش ڪندو رهيو. ان تي ڪي ننڍيون چوپڙيون به لکيائين. نئين اسيمبلي گهڻو وقت هلي نه سگهي. گورنر نيون چونڊون ڪرايون. اسان اسيمبلي کان ٻاهر نڪتاسون، مون اليڪشن پٽيشن داخل ڪئي. ان ۾ هن تمام گهڻي مدد ڪئي. کهڙي صاحب کي ڪراچي جي سوال تي جڏهن مرڪزي حڪومت وزارت عظميٰ تان ڊسمس ڪيو ته هن کهڙي صاحب جي مدد ڪئي. پاڪستان بنجڻ بعد ڪيترا مسلم ليگ وارا ساٿي بددل ٿي، مسلم ليگ ۾ موٽڻ لڳا. راشدي صاحب پڻ،"ياران جهرمر لاتي اسان ڏا روح نه رهيا" جي چوڻي وانگر وڃي مسلم ليگ ۾ داخل ٿيو ۽ سن 1953ع جي نين چونڊن ۾ مسلم ليگ طرفان سنڌ اسيمبلي ۾ ميمبر چونڊجي آيو. ان کان اڳ ۾ گورنر دين محمد جڏهن سنڌ سان 92 قلم لاڳو ڪري حڪومت جون واڳون پنهنجي هٿ ۾ رکيون ته هن ان کان 3 نمايان ڪم ڪرايا: 1- پير صاحب پاڳاري جي گادي وري بحال ڪرايائين. 2- فرنٽيئر ريگيوليشن رد ڪرايائين، 3- ڪرمنل ٽرائيبس ائڪٽ رد ڪرائي حرن کي لوڙهن ۽ حاضرين کان آزادي ڏياريائين.

        نين چونڊن بعد هيءُ پيرزاده وزارت ۾ روينيو وزير 1953ع کان 1954ع تائين ٿي رهيو. ان عرصي ۾ هن جاگيرن کي رد ڪرڻ جو حڪم ڪيو. سنڌ اسيمبلي ۾ اسان سان ڪراچي واپس ڏيارڻ واري ٺهراءُ پاس ڪرائڻ ۽ سنڌ جي حقن جي ٺهراءُ پاس ڪرائڻ ۾ به شامل رهيو. ان وچ ۾ هن جا پيرزاده صاحب سان اختلاف پيدا ٿي پيا. هي قاضي محمد اڪبر سان گڏ پيرزاده وزارت کان ٻاهر نڪري ويو. پيرزادو، مرڪزي حڪام جي مدد سان وزارت ۾ ٻارنهن وزيرن جون جايون پيدا ڪري، پنهنجي پوزيشن حال سنڀالي ويو پر ان جي رد عمل ۾ راشدي صاحب، کهڙي صاحب سان گڏجي، گورنر جنرل سان سازباز ڪري، سن 1955ع ۾ وزارت ٺاهي. پوءِ زوري سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن کان سنڌ کي پنجاب سان ملائي ون يونٽ بنائڻ جو ٺهراءُ پاس ڪرايائون.

        سياست ۾ عجيب اتفاق ٿين ٿا. کهڙي ۽ هن محنتون ڪري سنڌ بمبئي کان جدا ڪرائي هئي. سي ئي وري ان کي ون يونٽ ۾ شامل ڪرڻ جا ڪارڻ بڻيا. پير الاهي بخش، جنهن مرڪزي حڪام جي چوڻ تي ڪراچي مرڪز جي حوالي ڪئي هئي ان انهيءَ ٺهراءُ جي مخالفت ڪئي. ون يونٽ ٿيڻ کان پوءِ راشدي صاحب ڪجهه وقت سن 1956ع ۾ مرڪزي حڪومت ۾ نشر واشاعت جي کاتي جو وزير ٿي رهيو. انهيءَ ايام ۾ هن حيدرآباد سنڌ ۾ براڊ ڪاسٽنگ اسٽيشن کولائي، سنڌين کي هڪ ريڊيو اسٽيشن ڏياري.

        مغربي پاڪستان اسيمبلي ۾ جڏهن مسلم ليگ ۽ ريپبلڪن پارٽيءَ جي وچ ۾ اختلاف ٿي پيا ته هن چوڌري محمد علي وزيراعظم جي چوڻ تي مسلم ليگ جي مدد ڪئي. چوڌري صاحب کي بهرالحال انهيءَ سازباز سبب وزارت تان ڪڍيو ويو. راشدي صاحب دانشمندي ڪري پاڪستان سرڪار طرفان 21 سيپٽمبر 1957ع تي فلپائينس ۾ سفير جي عهدي تي هليو ويو. اتان ٿوري وقت کان پوءِ سنه 1962ع ۾ هي چين جو ڏهن مهينن لاءِ سفير مقرر ٿيو. مدي گذرڻ بعد هن سفارت مان 1963ع ۾ رٽائر ڪيو وري هن کي سفير ڪري نه کنيو ويو. جو نئين حڪومت جي پاليسي موجب اهي عهدا گهڻو ڪري سرڪاري عملدارن کي ڏنا ٿي ويا.

        ڪجهه وقت هو هانگ ڪانگ ۾ رهي ڪجهه واپار ڪجهه اخبار نويسيءَ جو شغل رکيو آيو. هاڻ وري موٽي اڳوڻن ماڳن تي آيو آهي.

        سندس ڪردار تي نظر: هي غير معمولي ذهانت ۽ قابليت جو مالڪ آهي. سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ سياست ۽ ادب تي بهترين مضمون لکي سگهي ٿو. هيءُ جي لکڻ يا پڙهڻ جي ڪم کي هٿ ۾ کڻندو ته ڏينهن رات ويهي ڪم ڪندو رهندو. اهڙي طرح ڪيئي ڏينهن ۽ راتيون ساندد ڪم ۾ مشغول رهندو آهي پر جي آرام ڪندو آهي ته ساڳيءَ طرح راتيون ڏينهن لاڳيتو ستو پيو هوندو آهي.

        اهو مشڪل مسئلو آهي ته هن کي اديبن ۾ شمار ڪجي يا سياستدانن ۾ پر جنهن صورت ۾ هن سياست ۾ گهڻو پارٽ ورتو آهي ان ڪري کيس انهيءَ صف ۾ شمار ڪيو اٿم. ساڳيءَ طرح اهو سوال به فيصل ڪرڻ ڏکيو ٿيندو ته سياستدانن ۾ هن کي آئڊيلسٽ جي لسٽ ۾ شمار ڪجي يا عملي سياستدانن جي لسٽ ۾. مٿي ٻڌائي آيو آهيان ته هو ٻنهي جو مرڪب آهي. طبيعت جي تقاضا موجب سچ پچ ته هيءُ ٻنهي جي درميان بدلبو رهي ٿو. خدا سائين هن کي عقل نهايت عطا ڪيو آهي، سو اسان وانگر"رڳو ئي رڃ" نٿو گهري. هو"ڪڏهن ڪوٽن ۾ آهي، ڪڏهن رڃ ۾‍"

        هن جي مون سان 1925ع کان خط ڪتابت رهي آهي. انهن مان چونڊي ٽيانوي خطن جي مجموعي کي مون ڪتابي صورت ۾ آندو آهي. ان مان سندس مختلف ذوق زندگي جو پتو پئجي سگهي ٿو. انهن مان ڪن خطن ۾ هن اهي سياسي اڳڪٿيون ڪيون آهن جي ڪو ڇٽو سياستدان ڪري سگهي ٿو. هي صاف دماغيءَ (Clear- headedness) ۾ يڪتا آهي. سندس قول ۽ فعل اڪثر هڪ ٻئي جو ساٿ نه پئي ڏنو آهي. قول ۾ سٺن مفڪرن ۾ شمار ٿي سگهي ٿو. سندس فعلن تي دل کان وڌيڪ دماغ پئي اثر انداز رهيو. آهي. گهڻي ڏاهپ، سياست عمل جي نقطه نگاهه کان کيس ڄاڻي واڻي تڪليف ۾ وڃڻ کان روڪيندي پئي آئي آهي. اهڙا ڪيترا مثال آهن جڏهن ٻين کي سرويچيءَ جي تعليم ڏيئي، پاڻ ڏاهپ ۽ سر بچائڻ جي راهه پئي ورتي اٿس. هن مقصد کي حاصل ڪرڻ لا”، صحيح طريقن جي استعمال جي هروڀرو پرواهه نه پئي ڪئي آهي.

        پير ۽ زميندار گهر ۾ پيدا ٿيڻ، سندس انقلابي جزبي ۾ گهڻي رڪاوٽ وڌي آهي. اميرانه زندگيءَ جي عادت، دل لڳين، گذر معاش جي وسيلن جي گهٽتائيءَ، اڪثر حالتن ۾ بوجو بنجي، پنهنجي دلي جذبات جي تقاضا موجب اڏامڻ ۾ هن جي آڏو رڪاوٽ پئي وڌي آهي، جنهن ڪري زندگي ۾ قول ۽ فعل جي ناهمواري پئي رهي اٿس. سندس طبيعت اڪثر سيمابي پئي رهي آهي جنهن ۾ اعتدال ممڪن نٿو ٿي سگهي. ساڳي حالت سندس گهرو معاملن، سياسي طرز عمل ۽ عقيدتن سان لاڳو رهي آهي. هيءَ عام چوڻي هن سان هڪ حد تائين ٺهڪي اچي ٿي ته هن جي"هڪ وقت ٻائي، ٻئي وقت ٻانهيءَ کان پري" ٿيو وڃي. "چنيسر سان چاڳ متان ڪا منڌ ڪري، ڏمريو ڏهاڳ ڏئي کي سهاڳڻين" زندگيءَ ۾ هن ٻين سان گڏجي پئي ڪم ڪيو آهي پر ان لاءِ هن جا معيار مخصوص رهيا آهن. اڄ کهڙي سان ٻئي ڏينهن ڀٽي سان، اڄ مخالف پارٽيءَ ۾ ٻئي ڏينهن حڪومت سان، هڪ ڏينهن ڪنهن ماڻهوءَ جي عشق ۾ راتيون ڏينهن پئي رنو اٿس، ته وصال کان پوءِ وري اهو رخ ئي بدلجي پئي ويو اٿس.

        سندس انهن ڳالهين کي سندس مخالفن بعضي ابن الوقتي يا ارادي جي نامحڪميءَ سان پئي مشابهت ڏني آهي پر ائين هن لاءِ سمجهڻ ساڻس سراسر بي انصافي ٿيندي.

        سڀني انسانن وانگر هو به عيبن کان خالي نه آهي. اسان سڀني وانگر هو به عمل ۽ رد عمل جي وقتي جذبن ۾ لڙهي پئي ويو آهي ۽ پوءِ پنهنجي هر ڪم لاءِ عقلي جواز پيدا ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي اٿس. آءُ پنهنجي زندگي تي نظر ٿو وجهان ته اتي مون کي ساڳئي ردوبدل نظر اچي ٿي. جتي هڪ صوفي منش ماڻهو محبتي راهه کان ٿڙڪي، نفرت جي لهر ۾ لڙهي، سڀ ۾ پرين پسڻ بدران انسانن کي هندن ۽ مسلمانن ۾ ورهائي سگهي ٿو، اتي هن به ان چڪر ۾ اچي ڪي ڪم ڪيا آهن جن تي بجاءِ طور مٿس نڪته چيني ٿي سگهي ٿي ليڪن باوجود ان جي هي بينظير ماڻهو آهي. خدا حياتي ڏئيس.

        امڪان اهي ٿا ڏسجن ته هن جي دل وري عقل تي فتح حاصل ڪري وڃي ۽ اڳيان داغ ڌوپي وڃنس. بشرطيڪه ماحول جون مجبوريون کيس بيوس بنائي سندس پاند نه پسارائي وجهن.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org