سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:جنب گذاريم جن سين

باب-

صفحو :7

شخصي ۽ سياسي ڪردار:

ڊاڪٽر صاحب نفسياتي طرح جذباتي طبيعت جو مالڪ هو، جنهن ڪري هن جو ڌرم طرف لاڙو هو. سندس ساري زندگيءَ تي اهو اثر نمايان ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ميڊيڪل ڪاليج جي ڏينهن کان هو سناتن ڌرم آشرم ۾ رهي، سادي نموني رهڻ، گائتري پاٺ، جپ، هون ۽ ويدپاٺ ڪندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ان کانپوءِ سنسڪرت ۽ هندي پڙهندي، قديم هندو سڀيتا جو پرچار ڪندو رهي ٿو. هڪ وقت کيس گئو رڪشا جي پرچار لاءِ پنڊتن سان گڏ گهمندو ڏسون ٿا. مهاراج لوڪرام ۽ وشنو شرما جي دوستيءَ ۾ به انهيءَ اثر هيٺ رهي ٿو. سندس ديس شيوا جو بنيادي محرڪ به اهو ڌرمي اثر ٿو معلوم ٿئي. لوڪمانيه تلڪ، مدن موهن مالويه ۽ لالا لجپتراءِ سان سندس تعلق ۽ محبت جو ڪارڻ به اهو ئي جذبو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. آخر ۾ مهاتما گانڌيءَ طرف ڇڪجي وڃڻ جو باعث به اها ئي ڳالهه هئي. سنڌ جي جدائيءَ جي مخالفت، آخر ۾ هندن کي سنڌ ڇڏي ڀارت وڃڻ جي صلاح ڏيڻ به انهيءَ سلسلي جي ڪڙي هئي.

ساري عمر برهمچاري رهڻ، ملڪيت نه رکڻ، هڪ هنڌ ٽڪاڻو نه ڪري، سادي زندگي گذارڻ، دک ڏسي روئي ويهڻ، سرڪاري عهدا نه قبولڻ، اهي سڀ ڳالهيون سندس بنيادي طور جذباتي ۽ ڌرمي هجڻ جي ثابتي ڏين ٿيون. هتي بهتر ٿيندو، جيڪڏهن اسين سندس زندگيءَ جي ڌرمي پهلوءَ تي نظر ڪريون.

اسلام وانگر هندو ڌرم ۾ به مذهب جون ٻه تعبيرون ڪيون وڃن ٿيون: هڪ پنڊت جي تعبير ۽ ٻي ويدانتيءَ ساڌوءَ جي. اهي ٻيئي پاڻ ۾ ايترو ڳنڍيون پيئون آهن، جو انهن کي جدا ڪرڻ ذرا مشڪل معاملو پيو ڏسڻ ۾ اچي. پر ان کي پوري طرح سمجهڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته اسلام جي ٻن تعبيرن سان اُن جي ڀيٽ ڪجي.

ملا جي خيال موجب، (الف) اسلام دنيا  جو بهترين، مڪمل ۽ يونيورسل (عالمگير) مذهب آهي: (ب) انساني زندگيءَ جي جملي ڳالهين جو حل انهيءَ ۾ ڄاڻايل آهي: (ج) انهيءَ  مذهب جي سموري تعليم جو بنياد قرآن شريف ۽ حديث آهن: (د) انهيءَ جا پوئلڳ چونڊيل ۽ اعليٰ قوم آهن: (هه) ساريءَ دنيا کي نيٺ ان مذهب معرفت ڇوٽڪارو ملڻ وارو آهي، ۽ ان کان ٻاهر جا ماڻهو گمراهه، ۽ ڪافر وغيره آهن: ۽ (و) سياست مذهب سان گڏي ان جي ماتحت هلائڻي آهي.

اسلام جي ٻي تعبير صوفيءَ ڪئي، ۽ ان جا بنيادي متا هي آهن: (الف) هر ملڪ، قوم ۽ زماني ۾ ماڻهن جي ايڪتا، سلامتي ۽ سڌاري لاءِ وقت بوقت پيغامبر، حڪيم، رشي، فيلسوف پئي آيا آهن، جن جي بنيادي تعليم ساڳي هئي، انهن جي پيغام جي ظاهري ڪثرت پويان بنيادي وحدت سمايل هئي- اسلام ان حقيقت جو اظهار آهي: (ب) تنهن ڪري اهڙي عالمگير برادريءَ، سلامتي ۽ ڀلائيءَ جي متن کي ڪنهن فرقي، مذهب يا قوم جي هڪ هٽي بنائڻ غلط آهي، بلڪه هر سٺن گڻن وارو ماڻهو مذهبي آهي ۽ بداخلاق ماڻهو غير مذهبي، تنهن ڪري ڌرمن جي موجوده ورهاست غلط ۽ بي معنيٰ آهي: ۽ (ج) انهن ڳالهين ڪري، ڪنهن خاص مذهب کي سياست سان گڏي هلائڻ مان نقصان هو.

مطلب ته ملا جو زور سچي، پڪي، بااخلاق مسلمان ٿيڻ تي هو: ۽ صوفيءَ جو لاڙو سچي بااخلاق، همدرد ماڻهوءَ بنجڻ ڏي هو. جنهن مان نتيجو اهو ٿي نڪتو ته مـُـلي پڪا مسلمان بنائڻ، ۽ مسلمانن جي اتحاد ۽ اسلامي برتريءَ طرف ماڻهن کي ڇڪيو ٿي، ۽ صوفيءَ وحدت الجود (ويدانت)، اتحاد انساني، وحدت مذاهب ڏي رغبت ٿي ڏني.

هندن ۾ ڌرم جي تعبير، پنڊت ۽ ويدانتي ساڌوءَ جي، ٿوري تفاوت سان، پڻ اها ساڳي تعبير ٿي سگهي ٿي. منهنجي نظر ۾ پنڊت سناتني هجي يا آريه سماجي، ڪم و بيش هندو ڌرم بابت ملا جي اسلام جي راين سان مشابهت رکي ٿو. تفاوت منجهن شايد اهڙو ئي خفيف ۽ خسيس هجي، جهڙو بدايوني ۽ ديوبند جي گروهن يا ٻين اهڙن لاتعداد مذهبي گروهن ۾ هڪ ٻئي جي بنسبت رهي ٿو.

 بهرحال، ان دؤر ۾، اهي ئي مذهبي جذبا هئا، جي قومي ڪارڪنن تي اثرانداز ٿيڻ کان رهي نه سگهيا. خلافت تحريڪ، مسلمانن جي جداگانه قوم جو نظريو، مسلمانن جو اتحاد، مسلمانن جي حفاظت ۽ مسلمانن جا حق، جداگانه چونڊون، سڀ انهيءَ مذهب جي ملائي تعبير جا شاخسانا هئا. هندو توڙي مسلمان قومپرستن جو گهڻو تعداد انهن خيالن کان بچي نه سگهيو.

ڊاڪٽر صاحب طرفان هندو سڀيتا جي حفاظت ۽ ترقيءَ لاءِ ڪوشش، گئو رڪشا، هنديءَ جي پرچار، سنڌ جي جدائيءَ جي مخالفت، هندن کي لڏي وڃڻ لاءِ صلاح ڏيڻ جا ڪم، انهيءَ اثر ڪري هئا: پر سندس عظمت جي پرک ڪبي ته اهي ڳالهيون، سندس آزاديءَ لاءِ ڪوشش، ديش شيوا، خدمتِ خلق، عمده اخلاق، ماڻهن لاءِ محبت جي گڻن جي آڏو بيهي ڪين سگهنديون. اِهي اُهي ڳالهيون آهن، جن کان ان دور جو ڪو ورلي قومي ڪارڪن بچيل هوندو. مولانا ابوالڪلام آزاد جي "البلاغ" ۽ "الهلال" اخبارن ۾ اسلامي تعليم جو پرچار، پئن اسلامزم، خلافت تحريڪ، مسلم ليگ جي صدارت، هڪ وقت جدا چونڊن جي حمايت، يا مولانا محمد عليءَ جي "خدام ڪعبه" جماعت ٺاهڻ، مسلم ليگ ۾ داخلا، خلافت هلچل وغيره، سندن خالص قومي خدمتن، قربانين ۽ آزاديءَ لاءِ ڪوشش جي رڪارڊ کي گهٽائي نٿيون سگهن. خود مهاتما گانڌيءَ جهڙي اعليٰ شخصيت ۾ به ڪي ڳالهيون اهڙيون ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جن تي نڪته چيني پئي ٿي آهي- جهڙوڪ خلافت تحريڪ جي همدردي ڪرڻ، ملڪي سياست کي مذهبي جذبي سان گڏي هلائڻ. اسان پاڻ به پنهنجي ڪارنامن تي نظر ٿا ڪريون ته ڪيتريون اهڙي قسم جون ڳالهيون انهن ۾ ڏسڻ ۾ اچن ٿيون، جي هن وقت صحيح نٿيون معلوم ٿين، پر اُهي چڱي نيت ۽ ارادي سان صحيح سمجهي ڪيون هيونسون- ۽ جهڙيءَ طرح ماڻهو غلطيون ڪري، تجربو پرائي ٿو، اهڙو ئي قومن جو حال آهي، مذهبي گروهه، ملڪي باشندا، سياسي ڪارڪن، سڀ غلطيون ڪري سبق پرائين ٿا.

بهر صورت، ڊاڪٽر صاحب جي جيون چرتر جو احوال قومي آزاديءَ لاءِ جدوجهد جي تاريخ جو هڪ مکيه باب آهي.

 

5- مولوي محمد معاذ ولد حاجي محمد عارف پيرزادو

(نوابشاهه)

        مولوي صاحب سنڌ جو هڪ پرخلوص، خاموش، مستقل مزاج، مردم شناس، حقيقت آگاهه، محب وطن، قومي ڪارڪن آهي. جيڪڏهين اهڙن ماڻهن جي ڪثرت هجي، ته ممڪن آهي ته سنڌين کي ڏکيا ڏينهن نه ڏسڻا پون.

        هي سن 1896ع ڌاري قطاد شاهه، تعلقي سڪرنڊ ۾، هڪ علمي گهراڻي ۾ ڄائو هو. هن جو والد هارپ جو ڌنڌو ڪندڙ ۽ مسڪين هو. هن کي ستن سالن جي عمر ۾ ڳوٺ جي آخوند واليڏني وٽ قرآن شريف پڙهڻ لاءِ ويهاريو ويو. ڏهن سالن جي عمر ۾، هن کي ڳوٺ پير جهنڊي ۾ مدرسه دارالارشاد ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو ويو. ان وقت مولانا عبيد الله سنڌي اتي رهندو هو. هن ابتدائي سنڌي ۽ فارسي پڙهڻ بعد عربي پڙهڻ شروع ڪئي. اصل سندس نالو محمد پناهه هو، جو مولانا سنڌي صاحب، هن جي والد جي اجازت سان بدلائي محمد معاذ رکيو. ان کانپوءِ هو انهيءَ نالي سڏبو اچي. جناب پير صاحب جهنڊي وارو، ميان رشد الله شاهه صاحب، هن تي خاص مهربان هوندو هو. هـُـن، 1913ع تائين، عربيءَ جي درس نظاميءَ جي تعليم اُتي پوري ڪري ورتي.

مولانا عبيد الله ان عرصي ۾ اُتان نڪري، دهليءَ جي مسجد فتح پوريءَ جي ڏاکڻي حصي وارين جاين ۾ مدرسه نظارت المعارف کوليو هو، جنهن ۾ ٻن قسمن جي طالب العلمن کي تعليم ڏيندا هئا: هڪ مولوي، ٻيو گريجوئيٽ. سنه 1914ع جي ابتدا ۾ معاذ صاحب دهليءَ ويو. اتي مدرسه طبيه، مسيح الملڪ حڪيم اجمل خان ۾ داخلا ورتائين. اتي ٻه مهينا رهڻ بعد هن ميرٺ ۾ وڃي مولوي عبدالمؤمن، داماد شيخ الهند مولانا محمود الحسن، وٽ حديث جا ڪتاب پڙهيا. اتان هـُـو لکنؤ ويو، جتي تڪميل الطب ڪاليج جهوانئي ٽولا ۾ وري طبي تعليم لاءِ پڙهڻ ويٺو، ۽ اُتي طبي ڪورس عربيءَ ۾ سنه 1917ع ڌاري پورو ڪري، سند ورتائين. اتان اپريل 1917ع ۾ سنڌ واپس اچي نوابشاهه ۾ دواخانو کوليائين. 1919ع ۾ جڏهين خلافت هلچل شروع ٿي، ته هن ان ۾ بهرو ورتو. هندو مسلم اتحاد ان وقت زور تي هو. ٿوري وقت کانپوءِ،سنه 1924ع ڌاري، جڏهن خلافت هلچل ترڪن جي خلافت ختم ڪرڻ ڪري جهڪي ٿي، ته هن جا تعلقات ڪانگريس سان رهڻ لڳا- جهڙيءَ طرح جمعيت العلماءَ هند جي ٻين عالمن جا هئا. هن سنڌ جي جدائيءَ واري تحريڪ ۾ حصو ورتو هو. سنه 1937ع ۾ چونڊن وقت هن شيخ عبدالمجيد سنڌي صاحب جي آزاد پارٽيءَ جو ساٿ ڏنو.

سنه 1939ع ۾ نوابشاهه جي شهر کي ميونسپالٽي ملي، جنهن ۾ سورهن ميمبر چونڊجڻا هئا، جن ۾ يارهن هندن ۽ پنجن مسلمانن لاءِ جايون مقرر ٿيل هيون. ان ۾ مولوي محمد معاذ صاحب ڪانگريس طرفان اُميدوار بيٺو. چونڊ کان هڪ رات اڳ شهر جي چونڪ ۾ هڪ جلسو ٿيو، جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد صاحب ۽ حاجي عبدالله هارون مسلم ليگ اُميدوارن لاءِ تقريرون ڪيون. هن جي لاءِ مولوي محمد عثمان ۽ محمد امين کوسو پڻ ورڪ ڪرڻ لاءِ آيا هئا. ان چونڊ ۾، باوجود سخت مخالفت جي، هي ڪامياب ٿيو. ان کانپوءِ به ڪيترو ئي عرصو هي ميونسپالٽيءَ تي چونڊبو آيو. سنه 1947ع ۾ جڏهين مسلم ليگ ۽ ڪانگريس فيصلو ڪري پاڪستان ۽ ڀارت جي نالي سان ملڪ جو ورهاڱو ڪيو، ۽ مسلم قوم پرست ڪارڪنن لاءِ سياسي ميدان ۾ ڪم ڪرڻ واسطي ماحول نه رهيو، ته هن سياست ۾ بهرو  وٺڻ ڇڏي ڏنو. ان کانپوءِ هو هاري تحريڪ ۾ غريب هارين کي بهبوديءَ لاءِ ڪوشش ڪندو رهيو. اڳتي هلي، جڏهين "متحده محاذ" قائم ٿيو ته ان ۾ به هو شريڪ ٿيو ۽ پوءِ ان کي نئشنل عوامي پارٽيءَ ۾ تبديل ڪرڻ بعد به ان ۾ ساڳيءَ طرح حصو وٺندو آيو. سنه 1951ع ۾ کيس سيفٽي ائڪٽ هيٺ کهڙي وزارت پهرين حيدرآباد پوءِ سکر جيل ۾ موڪليو، جتان 2 آگسٽ تي آزاد ڪيو ويو. هن وقت پيرسنيءَ ڪري هن جي طبيعت ٺيڪ نه ٿي رهي، ۽ گوشه نشين ٿيو نوابشاهه ۾ ويٺو آهي.

ڪجهه وقت ٿيو ته هڪ وڏي سرڪاري عملدار سان منهنجي ملاقات ٿي، جنهن گفتگو ڪندي، مون کي چيو ته "شاهه صاحب، اوهان ناحق اچي پاڻ کي سنڌ ۽ سنڌين جي محبت ۾ بيمار ڪيو آهي، ۽ نظربند ٿيا ويٺا آهيو. آءٌ ساريءَ سنڌ ۾ جتي به ويو آهيان، خود دادو ضلعي ۾ به جڏهين عام ماڻهن سان مليو آهيان، ته مون کي ائين معلوم ٿيو آهي ته سنڌ جي عوام ۾ ڪو به سياسي شعور يا احساس ڪو نه آهي. انهن مان گهڻن کي اها به خبر نه آهي ته جي. ايم. سيد سنڌ جي سوال تان نظربند ٿيو ويٺو آهي، يا ان جي آزاديءَ ۽ ترقيءَ جو خواهان آهي. ڪيترا ته تنهنجي نالي کان به واقف نه آهن. هر ڪنهن کي پنهنجي شخصي ڪمن جي ڳڻتي آهي، ملڪ ۽ قوم جو مردو نرڳ وڃي يا سرڳ، انهيءَ جي کين پرواهه نه آهي. سندن ذاتي ڪم، جن جي معرفت ٿيا ٿي، تن جو قدر، بنسبت قومي ڪارڪنن جي، زياده هون. مون کي ته هيءُ معلوم آهي ته هڪ رشوتي ڪاموري يا بداخلاق مڪاني زميندار جو عوام تي، هر ننڍي وڏي قومي ڪارڪن کان وڌيڪ اثر آهي." اها ڳالهه گهڻي قدر صحيح به هئي. مون کيس اهو جواب ڏنو ته "مون کي ملڪ جي حقيقتن کان آگاهي آهي، ليڪن جڏهن خدمت خلق ۽ ملڪ جي محبت دماغي بيماريءَ جي صورت اختيار ڪريو وڃي، ته ان بيماريءَ جا قاعدا قانون به الڳ ٿين ٿا. هڪ مجنون کي اها پرواهه نه ٿي رهي ته ليلا ڪاري آهي يا ڀوري، ۽ ليلا کي سندس محبت جي خبر يا قدر به آهي يا نه. هو ڪنهن معاوضي جو ڳولائو نه آهي. محبت جو هئڻ ئي هن لاءِ ڪافي اجورو آهي." اها ڳالهه ڪري انهيءَ عملدار کي ته ٽاري ڇڏيم، ليڪن ماڻهو سدائين هڪجهڙو نه هوندو آهيِ: ڪي ڪمزوريءَ جون گهڙيون به اچن ٿيون، ۽ ڪڏهن ڪڏهن سنڌيءَ جو هي مثال ياد ايندو آهي ته ڪٿي ائين ته نه آهي ته:

"هـُـتي جـَـن نه ڪـَـن، اديءَ جن کي عشق انڌو ڪيو!"

انهيءَ ڳالهه جو هڪ ڏينهن ڪامريڊ عبدالقادر سان ذڪر ڪيم. هن چيو ته "شاهه صاحب، هروڀرو ائين نه آهي. انهيءَ صاف اونداهيءَ ۾ به ڪٿي روشنيءَ جو ترورو ڏسڻ ۾ ايندو آهي." پوءِ احوال ڪيائين ته "هڪ موحد مولويءَ سان، جو زميندارن ۽ پيرن جي خلاف آهي. ڳالهين ڪندي مون کي معلوم ٿيو ته هر روز صبح جو نماز کانپوءِ هو اوهان جي صحت ۽ ڪاميابيءَ لاءِ دعا گهرندو آهي! چي، شاهه صاحب سنڌ جي آزاديءَ ۽ ترقيءَ لاءِ پاڻ کي پتوڙي بيمار ڪري وڌو آهي، هن جي صحت ۽ ڪاميابيءَ لاءِ دعا سنڌ جي ڀلائيءَ جي برابر آهي!"

نالي پڇڻ تي ڪامريڊ عبدالقادر ٻڌايو ته اهو مولوي محمد معاذ صاحب هو! پوءِ مون کي شاهه صاحب جي مصرع دل تي تري آئي:

"جي ڪر لڌائون ته بنديءَ بند نه ساريو!"

بند فقط تڏهن بار ٿو لڳي، جڏهن نااُميد ٿي، ڪڏهن ڪڏهن دل ۾ ائين شڪ اٿي ٿا بيهن ته:

"ماروئڙن آءٌ جيڪس ويس وسري!"

اتي معلوم ٿيم ته عبيدالاهي شاگرد نه رڳو بدعتن ۽ فرقه پرستيءَ کان دور، مخلص قومي ڪارڪن آهن، پر اهل دل به آهن. اهل دل کانسواءِ ٻين کي ڪهڙي خبر ته پاڙي ۾ ڇا پيو وهي واپري! ٻين لاءِ ته ائين آهي، جيئن

“پاڙي ناهه پروڙ ته ڪا رات رنجائي گذري!"

 

6- حشمت ٽهلرام ڪيولراماڻي

(ڀريا: دهلي)

هي سنڌ جي مکيه ترقي پسند قومي ڪارڪنن مان صحيح سوچ رکندڙ ۽ باهمت، وڏيءَ نگاهه وارو، دل جو درياءُ ۽ قلم جو بادشاهه آهي.

هي اصل ڳوٺ ڀريا، تعلقي نوشهرو جو رهاڪو هو. سندس ڏاڏو ديوان کيومل زمينداري ڪندو هو. شايد راڻيپور طرف سندس نالي ڪو ڪڙيو به هو. ديوان کيومل کي ديوان ٽهلرام نالي فرزند ٿيو، جو پڙهي، روينيو کاتي جي نوڪريءَ ۾ گهڙيو. جڏهن ڪورٽ آف وارڊس جي سنڀال هيٺ منهنجي زمين هئي. ان وقت هي ان کاتي جو مختيارڪار هو، جنهن ڪري مون سان واقفيت ٿي هيس. پڇاڙيءَ ۾ هي ٽنڊي آدم ۾ ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ جي عهدي تي هو. هي انهن ٿورن سرڪاري ملازمن مان هو، جي ايماندار ۽ انصاف پسند ٿي رهيا هئا. هن 3 ڊسمبر سنه 1922ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ وفات ڪئي. هن کي ٻه فرزند ٿيا، (1) حشمت راءِ عرف حشو ڪيولراماڻي ۽ (2) گوپيچند عرف گوپ ڪيولراماڻي. حشو ڪيولراماڻي 20 ڊسمبر 1914ع تي ڀرين جي ڳوٺ ۾ ڄائو. پنهنجي والد مرحوم جي وفاتيءَ وقت هي اٺن سالن جي عمر جو هو.

والد جي انتقال کانپوءِ حشوءَ جي سموري تربيت ۽ تعليم جو انتظام سندس والده جي هٿ هيٺ ٿيو، جا سندرتا ۽ سچائيءَ جو روپ هئي. ٽيويهه سالن جي عمر ۾ هوءَ ودوا ٿي هئي. باوجود ننڍيءَ عمر جي هوءَ سمجهدار، خود دار ۽ باهمت عورت هئي.

حشوءَ ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ڀرين جي ڳوٺ ۾ ورتي. مئٽرڪ جو امتحان ڪراچيءَ جي اين. جي. وي. هاءِ اسڪول مان ڏنائين. ان کانپوءِ، سترهن ورهين جي ڄمار ۾ هي هندستان کان ٻاهر سيلون هليو ويو، جتان لنڊن مئٽرڪ فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيائين. سيلون ۾ رهڻ وقت هي ينگ مينس ڪرسچن ايسوسيئيشن جي ڊبيٽنگ سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري ٿي رهيو، جنهن سوسائٽيءَ مان ڪيترن سيلون جي سياستدانن ۽ مدبرن تربيت پاتي هئي.

هي پوءِ سنه 1935ع ۾ انگلينڊ ويو، جتي آئي. سي. ايس.  پڙهڻ کي ڇڏي، پهرين ايروناٽيڪل سبجيڪٽ پڙهڻ لاءِ کنيائين، پر انهيءَ کي اڌ ۾ ڇڏي پاليٽڪس ۽ ايڪانامڪس پڙهڻ لڳو. پنهنجي قلندري طبع سبب، اتي هو ڪو خاص امتحان پاس ڪري نه سگهيو. لنڊن ۾ رهائش وقت هن ڪجهه وقت ڪرشنامينن سان انڊيا آفيس ۾ ڪم ڪيو. "لنڊن مجلس" نالي هڪ جماعت جو ڪجهه وقت پريزيڊنٽ به هو. انهيءَ وقت هن جي فيروز گانڌي ۽ اندرا گانڌيءَ سان واقفيت ٿي. اتي پنڊت جواهر لعل نهروءَ سان به واقفيت ٿيس. اتي هو هندستان جي آزاديءَ سان تعلق رکندڙ ميٽنگن ۾ اڪثر شرڪت ڪندو هو. سنه 1939ع ۾ هي موٽي سنڌ ۾ آيو. ٻي مهاڀاري لڙائيءَ جي ڪري واپس لنڊن نه وڃي سگهيو.

سنڌ ۾ اچڻ بعد هن شاگردن جي تحريڪن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو. شاگردن ۽ نوجوانن مان گهڻن تي هن جي صحبت ۽ خيالن جو اثر پيو. فرقيوار ذهنيت کان هي ائين بالاتر رهيو، جيئن ڪنول جو گل پاڻيءَ ۾ رهي به پاڻيءَ کان مٿي اڇو اجرو، پاڪ ۽ اوجل رهندو آهي.

منهنجي ساڻس واقفيت سنه 1945ع ڌاري ٿي، جڏهن آءٌ مسلم ليگ کان ٻاهر نڪتس ۽ ملڪ جي سياست ۾ نون نظرين ۽ نئين طريقه ڪار جي ڳولا ۾ هوس. ان وقت هندستان ۾ ٻن قومي نظرين جو آواز پکڙيل هو: هڪڙا هندي قوميت جي نالي ۾ ماڻهن کي متحد ڪري رهيا هئا، ٻين مسلمانن کي کي مذهبي نقطه نگاهه کان علحده قوم پئي تصور ڪيو ۽ مسلمانن کي ان نظريي جي بنياد تي ڪٺي ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا هئا. منهنجي ساري زندگي سنڌ جي اندروني آزاديءَ، ترقيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ صرف ٿيل هئي. اول ۾ ان جو ڀلو ڪانگريس جي ذريعي حاصل ٿيڻ جهڙو سمجهي، ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ شروع ڪيم، ليڪن چند ڪوتاهه انديش ڪانگريسين جي ڪار گذارين کان، ان مان مايوس ٿي، مسلم ليگ جي وسيلي انهيءَ مقصد جي حاصلات جي تلاش ڪيم. اتان به ان جي ڪارڪنن جي روش مون کي نااُميد ڪري، ٻاهر نڪري اچڻ تي مجبور ڪيو. هاڻ ٻنهي گروهن جي نظرين کان ٻاهر مون کي ڪو حل نظر نٿي آيو. جيتوڻيڪ سياسي علم ۽ مسئلن تي منهنجو ڪافي مطالعو هو، پر بنيادي طرح هندو يا مسلم قوميت جي نظرين کان ٻاهر مون کي ڪا راهه نٿي ڏسڻ ۾ آئي. تجربي بعد انهن ٻنهي گروهن جي پاليسيءَ کي سنڌي مفاد لاءِ نقصانڪار سمجهڻ لڳو هوس.

ان وقت حشوءَ جي صحبت ۽ گفتگو منهنجي لاءِ روشنيءَ جي تروري جو ڪم ڏنو هو. هن "مسئله قوميت" جي بنيادي متن کان مون کي واقف ڪيو، جن جي روشنيءَ ۾ آءٌ ساري صورتحال کي نئين نقطه نگاهه سان ڏسڻ لڳس. ڪانگريسين جو نقطه نگاهه ته هندستان جا جملي رهاڪو هڪ قوم هئا، سو به حقيقتن جي بنياد تي صحيح ڏسڻ ۾ نه آيم. هندستان ڪيترين زبانن، ملڪن، ڪلچرن، مڪاني سياسي ۽ اقتصادي مفادن جو گڏيل ملڪ هو. ان جي مشابهت سوويت روس، يونائيٽيڊ اسٽيٽس يا يورپ سان ٿي سگهي ٿي. ان کي هڪ قوم ۽ ملڪ انگلينڊ يا جرمنيءَ وانگر سمجهي، سندس مسئلن جو حل ڳولڻ ٺيڪ نظر نٿي آيم. اهي قومون اڳتي هلي، پنهنجي پنهنجي مختلف رخ ۽ طبع هوندي به، هڪ ٿي سگهيون ٿي، ليڪن اڃا هڪ نه هيون. ٻئي طرف مسلمانن جي جداگانه قوميت جو نظريو به دنيا جي موجوده حقيقتن مطابق فرسوده، غلط، وهمي ۽ جذباتي ڏسڻ ۾ آيم. مسلمان نه ڪڏهن هڪ قوم رهيا هئا، نه هن وقت ڪنهن به ملڪ ۾ آهن. اهو نظريو غير اسلامي معلوم ٿيڻ لڳم. ان بعد موجوده دنيا ۾ تسليم ٿيل وطن، زبان، روايات، ڪلچر، سياسي ۽ اقتصادي مفاد تي ٺهيل قوم جو نظريو صحيح نظر ۾ اچڻ لڳو. انهيءَ نقطه نگاهه کان سنڌ جي جداگانه قوميت ئي حقيقي شيءِ نظر آئي. انهن خيالن کانپوءِ مون کي مستقبل جي طريقه ڪار جو رستو چٽو ڏسڻ ۾ آيو.

ساري زندگي هڪ وڏو درسگاهه آهي. صاحب نظر ۽ صاحب دل کي هر واقعي، هر صحبت، هر تجربي مان سبق حاصل ٿي سگهي ٿو. آءٌ اسڪول ۾ گهٽ ۽ ان کان ٻاهر گهڻو پئي سکيو آهيان. سياست ۾ قومي خدمت جو سبق شيخ عبدالمجيد صاحب کان سکيس. صوفيانه تعليم جا بنيادي متا آءِ. آءِ. قاضي ۽ ڄيٺمل پرسرام کان معلوم ڪيم. دوستيءَ جا رستا ۽ ذميواريون ٽهلراماڻيءَ ۽ ميران محمد شاهه کان سکيس. اڳي سياسي مسئلن ۾ هوش کان جوش کي ترجيح پئي ڏنم، پر اها حشوءَ جي صحبت هئي، جنهن سياسي مسئلن ۾ رئشنل (عقلي) بنياد تي غور ڪرڻ ۽ هوش کي جوش تي ترجيح ڏيڻ جو مون ۾ مادو پيدا ڪيو.

ان منزل تي خان عبدالغفار خان کي مستقبل جي سياسي رهبريءَ لاءِ ليڊر چونڊي، سندس صدارت هيٺ پيپلس پارٽي ٺاهڻ، ۽ ان جا مقصد واضح ڪرڻ ۾ هن جو وڏو هٿ هو. "نئين سنڌ لاءِ جدوجهد" جي ڪتاب کي انگريزيءَ ۾ آڻڻ منجهه هن جو هٿ هو. انهيءَ کانپوءِ جيڪي نظرياتي خيال پئي سوچيا اٿم، تن جو بنيادي رستو ساڳيو پئي رهيو آهي. اهو منهنجي سياسي دنيا ۾ اهڙو نئون ۽ انقلابي قدم هو، جهڙو بين الاقوامي مسئلن تي مرحوم جواهر لعل نهروءَ رٿيو ۽ کنيو هو. سندس نان الائينڊ (غير جانبدار) نظريي جي ايجاد کان اڳ دنيا ائين پئي سمجهيو ته ڪميونسٽ ۽ سرمائيدار بلاڪن کان ٻاهر ٽيون رستو هو ئي ڪو نه. هاڻ ته آءٌ روحانيت (آئيڊيلزم)، ماديت (مٽيريلزم) جي فلسفن تي غور ڪرڻ بعد هن راءِ تي پهتو آهيان ته هروڀرو اهو لازمي نه آهي ته ماڻهو انهن ٻنهي مان هڪ جو پوئلڳ ٿي هلي. بلڪه انهن جي سلسلي ۾ به نان الائينڊ (غير پوئلڳ) ٿي سگهجي ٿو. دنيا ۾ ڪو به نظريو آخري نه آهي. اڄڪلهه آئيڊيلزم ۽ مٽيريلزم جا ٻه نظريا ۽ ڪئپيٽلزم ۽ ڪميونزم جا ٻه گروهه پيا نظر اچن. ممڪن آهي ته ڪجهه وقت کانپوءِ انهن جي جاءِ تي نوان نظريا ۽ گروهه پيدا ٿي وڃن. تنهن ڪري صوفيءَ جو متو “لاڪوفي" حال ته ٺيڪ پيو نظر اچيم.

حشو پنهنجي زندگيءَ جو احوال  مون ڏانهن موڪليندي، لکي ٿو ته "سياست ۾ دلچسپي وٺندي، ڪڏهن به پارٽي بازي ۾ نه ڦاٿس. عوام جي جدوجهد ۾ شامل هوندي، اميرانه ۽ آدرش پسند طبيعت قائم رکيم!"

پاڪستان ٿيڻ بعد هي انهن ماڻهن مان هو، جن پنهنجو سنڌ ديس ڇڏڻ نٿي گهريو. اول ۾ کيس جيل ۾ موڪليو ويو. بعد ۾ سنڌ اندر سندس رهڻ ناقابل برداشت ڪري، کيس ملڪ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو. ڀارت ۾ لڏي وڃڻ کانپوءِ هن لڏي ويل هندن جي مسئلن ۽ هند ڀارت جي سوالن تي ڪيترائي مضمون اخبارن ۽ رسالن ۾ پئي لکيا آهن. ٻه ننڍا ڪتاب به لکيا اٿس:

1. سنڌ جي ننڍين آکاڻين جو ڪتاب (انگريزي)

2. پاڪستاني سوالن جي ڇنڊڇاڻ (انگريزي)

دهليءَ ۾ هن "سنڌو سماج" کي برپا ڪرڻ لاءِ ڪوشش وٺي، پهرين "سنڌي ٻولي ڪنوينشن" سڏائڻ ۾ حصو ورتو، جنهن ۾ هندستان جي پريزيڊنٽ راڌا ڪرشنن کي به دعوت ڏيئي گهرايو ويو هو.

پنهنجي حياتيءَ جو وڌيڪ احوال لکندي چوي ٿو ته "جيل ۾ ڇو ويس؟ الله کي خبر! ڪنهن خاص پارٽيءَ جو ڪڏهن به ميمبر نه ٿيس. نه ڪڏهن قانون ڀڃڻ جي ڪوشش ڪيم. شايد شڪل ۾ تيز ڏسڻ ۾ پئي آيس. ولايتي جوان ٿي، سنڌي بلوچ بنجڻ جي ڪوشش ٿي ڪيم!"

لڙائيءَ کانپوءِ 1940ع کان 1941ع تائين هڪ دفعي ارڙهن مهينا جيل ۾ ويو هو. 1942ع ۾ وري کيس فوجي ماڻهن سان لهه وچڙ رکڻ جي شڪ ۾ ٻه مهينا جيل ۾ رکيائون، باوجود ان جي، جو هو کليو کلايو فاشزم جي خلاف هو. وري پاڪستان قائم ٿيڻ بعد 1949ع ۾، کيس، چارج شيٽ ڏيڻ کانسواءِ، ڏهه مهينا جيل ۾ رکيو ويو.

سنڌ ۾ هو، ته پرڻجڻ جي قيد ۾ ڦاسڻ کان پيو ڇرڪندو هو. هند ۾ وڃي گرهستي بنجي پيو. هن وقت صالح اولاد هئڻ ڪري خوش آهي. سندس پٽ کي مصوريءَ ۾ هڪ سال اندر به انعام مليا آهن.

علامه آءِ. آءِ. قاضيءَ کي تازو خط ۾ لکيو اٿس ته "منهنجي مرڻ کانپوءِ منهنجي مزار جو هي ڪتبو ٿي سگهي ٿو: "هتي اهو ماڻهو رکيل آهي، جن کيس گهڻو پيار ڪيو ٿي انهن کان ڀڄي ويو. ان ڳالهه جي ڳولا لاءِ جنهن جو کيس پاڻ پتو نه هو."

هي اڄڪلهه پنهنجي تجربن بابت هڪ ڪتاب لکي رهيو آهي.

 

7- ڪامريڊ حيدر بخش الهداد خان جتوئي

(بکو ديرو)

هي بکو ديري ضلعي لاڙڪاڻي جو ويٺل، بلوچن جي جتوئي پاڙي مان آهي. هي 1901ع ڌاري ڄائو، ۽ ابتدائي سنڌي تعليم ڳوٺ ۾ ورتائين. ثانوي تعليم مدرسته الاسلام لاڙڪاڻي ۽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي ۾ ورتائين، جتان سنه 1923ع ۾ هن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو. پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ ڊي. جي. سنڌ ڪاليج ۾ داخل ٿي، سن 1927ع ۾ بي. اي. پاس ڪيائين.

ان کانپوءِ هي روينيو کاتي جي ملازمت ۾ گهڙيو. ٿوري وقت کانپوءِ مختيارڪاريءَ جي درجي تي پهتو. اسڪول جي ڏينهن کان هي شعر ۾ طبع آزمائي ڪندو هو، جڏهين سنه 1931ع ۾ بدين جو مختيارڪار هو، تڏهن هن ڪتاب "تحفهءِ سنڌ" شعر ۾ لکي، ڇپايو: جنهن ۾ ڊاڪٽر محمد اقبال جي شڪوه جي طرز تي شعر لکيل هو. اُن جي ڇپجڻ تي اخبارن ۾ ملن مولوين طرفان هن جي گهڻي مخالفت ٿي، پر ان ڪري ڪافي مشهوري به ٿيس ۽ نئين روشنيءَ وارن ۽ ترقي پسند حلقن ۾ مقبوليت به حاصل ٿيس. هڪ ڀيري دادا ڄيٺمل پرسرام سان هن جي ملاقات ٿي، تنهن سندس ڏاڍي اچي ساراهه ڪئي- چي، هڪ نهايت عمدن خيالن ۽ اوچي طبيعت جو نوجوان ڏسي آيو آهيان! آخر ترت ئي منهنجي حيدرآباد جي ٿياسافيڪل سوسائٽي هال ۾ ساڻس ملاقات ٿي. اتان کيس وٺي خواجه حسن جان صاحب سرهنديءَ وٽ ويس، جن کي مون عرض ڪيو ته "هن نوجوان شاعر کي ڊاڪٽر اقبال جي شڪوه جهڙي شعر تي ملن تنگ ڪيو آهي، ان کان اوهان مهرباني ڪري سندس جان آزاد ڪرايو." اتي، گفتگو ٿيڻ بعد، معاملو سڌرڻ بدران مرڳو وڌيڪ منجهي پيو. آخر وجهه وٺي، هن کي واپس موٽائي آندم. مذهبي ماڻهن جي ڪٽرپڻي خلاف هن تي ان کان اڳ اثر ويٺل هئا يا نه، ان جو پتو ڪو نه آهي، ليڪن منهنجي سمجهه موجب ان ملاقات کيس ظاهري مذهب کان گهڻو متنفر ڪري ڇڏيو.

هي، ڪجهه وقت کانپوءِ، سرڪاري نوڪريءَ ۾ ترقي ڪندو، وڃي پڪي ڊيپوٽي ڪليڪٽر جي درجي تي پهتو. ڪتابن پڙهڻ جو هن کي گهڻو شوق هو. انهيءَ عرصي ۾ هن مختلف مسئلن تي چڱو مطالعو ڪيو. سندس زندگيءَ تي ڪهڙن ڳالهين ردعمل آندو، ڪهڙا ڪتاب ۽ ماڻهو مٿس اثرانداز ٿيا، انهن جي کوجنا بذات خود هڪ دلچسپ مطالعو ٿيندو. انهيءَ تفصيل ۾ وڃڻ هن مضمون جو موضوع نه آهي، ليڪن جيڪڏهن سندس حياتيءَ تي سرسري نظر وجهبي، ته معلوم ٿيندو ته زمينداري طبقي جي ظلم ۽ عياشيءَ ۽ عوام کان سندن بي التفاتيءَ، ڪامورن جي رشوت خوريءَ ۽ خود مطلبيءَ، انگريز کان آزاديءَ لاءِ لڙندڙ نوجوانن تي حڪومت جي سختيءَ، ملن طرفان مذهب کي تنگ دائري ۾ محدود ڪري ڇڏڻ جي هوڏ، هن تي گهڻو اثر ڪيو ٿو ڏسجي. آخر دنيا جي نئين پيدا ٿيل حالات، ڪتابن جي مطالعي، ۽ حساس دل گڏجي کيس زندگيءَ ۾ انقلابي قدم کڻڻ لاءِ آماده ڪيو، ۽ باوجود دوستن جي روڪڻ جي، هن ڊيپوٽي ڪليڪٽريءَ تان سنه 1943ع ۾ استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي.

هيءُ غريب گهر جو ماڻهو هو، نوڪريءَ جي زماني ۾ ايماندار رهڻ ڪري پيسو گڏ ڪري نه سگهيو هو. نوڪريءَ کان ٻاهر نڪرڻ بعد، جي مشڪلاتون سامهون اچڻ واريون هيون، انهن جي پرواهه نه ڪيائين - بقول شاعر:

"جنهن کي تار لڳي يار جي،

سا ڪيئن ڪندي گهر ٻار جي!"

دادا ڄيٺمل، شيخ عبدالمجيد، جمشيد ميهتا سان گڏ اسان 1930ع ۾ سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو بنياد وجهي چڪا هئاسون، پر ڪا به تحريڪ، پڪي پايي تي اچي نٿي سگهي، جيستائين ان لاءِ مخلص ماڻهو پنهنجيون زندگيون وقف نه ڪن. اسان سڀني جا گهڻن ڳالهين ۾ هٿ ڦاٿل هئا. ان وقت ملڪ ۾ ٻن سياسي جماعتن جو دور دورو هو: (1) ڪانگريس، ۽ (2) مسلم ليگ. شهرت ۽ طاقت انهن جي ذريعي حاصل ٿي سگهي ها، پر حيدر بخش ڏسي وائسي هاري جماعت جو ڪم هٿ ۾ کنيو، جا ان وقت مخلص ڪارڪنن جي گهٽتائيءَ ڪري، نيم مرده حالت ۾ پيئي هئي.

ان وقت هن "آزاديءِ قوم" نالي هڪ مخمس شعر جو ڪتاب ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ هن سنڌي شعر کي وقت جي تقاضا مطابق نئين لباس پهرائڻ جي ڪوشش ڪئي.

سگهوئي کيس، سارو وقت هاري تحريڪ لاءِ وقف ڪرڻ جي صلي ۾، سنڌ هاري ڪميٽيءَ جو صدر چونڊيو ويو. حيدرآباد ۾ جاءِ وٺي، اتي سنڌ هاري آفيس کوليائين. "هاري حقدار" نالي هفتيوار اخبار ڪڍڻ لڳو. پيسي جي گهٽتائي، روزگار جي تنگي، هم خيال ۽ هم نواز دوستن جي ٿورائي، هن ۾ عزم ۽ استقلال کي جهڪو ڪري نه سگهيون. آهستي آهستي ڪري، هو سنڌ جي قومي ڪارڪنن ۾ هڪ مستقل مقام حاصل ڪري ويو، ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جي پياري نالي سان مشهور ۽ مقبول عام ٿي ويو.

ٻه- ٽي ڀيرا هو سنڌ اسيمبليءَ جي چونڊن ۾ اُميدوار بيٺو پر پيسي جي گهٽتائيءَ، عوام ۾ سياسي شعور جي ڪميءَ، عملدارن ۽ زميندارن جي غنڊاگرديءَ وغيره سببن ڪري ميمبر چونڊجي نه سگهيو. اسيمبليءَ ۾ نه چونڊجڻ ڪري کيس ڪو به ذاتي نقصان ڪو نه پهتو پر عوام کي پنهنجي حقن جي حفاظت لاءِ جيڪو ڪم حيدر بخش جتوئي ڏئي ها، اهو ڪم پوءِ اسيمبليءَ ۾ کين ڪو به ڏيئي ڪو نه سگهيو.

سنه 1955ع ۾ ون يونٽ ٺاهڻ وقت هن ان جي خلاف ڪتاب لکيا، احتجاجي آواز بلند ڪيو، ٺهراءَ پاس ڪرايائين، ۽ ان جي عيوض اسان سان گڏ کيس جيل ۾ موڪليو ويو. پر هن جي همت ۽ استقلال ۾ ڪا به ڪمي پيدا نه ٿي. عوام ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ هن مجنون وانگر هر هنڌ جلسا ڪري تقريرون ڪيون، ڳوٺن ۾ ويو، بعضي وقتن تي گاڏيءَ ۾ سوار ٿيڻ بعد هڪ گاڏيءَ ۾ تقرير ڪري، وري اتان لهي ٻيءَ گاڏيءَ ۾ چڙهي دوائون وڪڻندڙ پروپگنڊسٽ وانگر ڦرندو رهندو هو. هيءُ ڊيپوٽي ڪليڪٽر جي عهدي تي رهي چڪو هو. اهي انگريزي ملازمت جا عهد ماڻهن کي اهڙي فرعونيت جي هوا دماغ ۾ ڀري ڇڏيندا آهن، جو اهڙن عهدن وارا جڏهن پينشن تي ويندا آهن، ته به عوام سان ملڻ ۾ عيب سمجهندا آهن، پر عوام جي عشق ۾ ڪامريڊ حيدر بخش نه صرف عهدي کي لت هڻي ڇڏي، پر ان مان پيدا ٿيندڙ هر ڳالهه کي ڦٽو ڪري ڇڏيائين. اڃا تائين به جڏهين ڪي ڪامورا کيس چوندا آهن ته "هن وقت نوڪريءَ ۾ هجين ها، ته سينئر ڪليڪٽر جي عهدي تي هجين ها، ناحق انهن ماڻهن لاءِ پنهنجو مستقبل خراب ڪيئي، جن وٽ تنهنجو قدر نه آهي"- ته هن جو جواب اهو هوندو آهي ته "منهنجو مستقبل قوم جي مستقبل کانسواءِ، ڪجهه نه آهي. جيڪي ڪيو اٿم ان تي، باوجود مشڪلاتن جي، خوشي اٿم، ارمان ڪو نه اٿم."

هن وقت ملڪ جا ڏسڻا وائسڻا ماڻهو معمولي لالچ خاطر ملڪ ۽ ماڻهن جو مفاد ۽ عزت وڪڻڻ لاءِ تيار ٿيو وڃن. ائين ڪندي هنن کي ضمير جي ڪا به چهنڊڙي ڪا نه پوندي آهي، بلڪه اُن بي غيرتيءَ تي فخر ڪندا ڏسڻ ۾ ايندا آهن. ان قحط الرجاليءَ جي زماني ۾ ههڙن مرد مجاهدن جو قوم ۾ پيدا ٿيڻ، جي سراسر قربانيءَ ۽ ايثار جا مجسما آهن، وڏي غنيمت آهي.

هن زباني تبليغ کانسواءِ ملڪي، اقتصادي ۽ سياسي مسئلن تي، وقت جي ضرورتن مطابق، نهايت عمدا مضمون، پمفليٽ ۽ بوڪليٽ ڇپائي يا سائيڪلو اسٽائيل ڪرائي، پئي ورهايا آهن، جن مان اڪثر ضبط ٿي ويل آهن. ڪن جي لکڻ ڪري هن کي سزا آيل آهي. پر سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته "چري ڪيئن، چي ويرون وير وڌ!" ڪامريڊ حيدر بخش ڏينهون ڏينهن زور آهي.

مارشل لا ملڪ سان لاڳو ٿيڻ بعد گهڻن ڪارڪنن جا ماشائي ڍرا ٿي ويا. هن کي به جيل ۾ موڪليو ويو. ڇٽڻ بعد هڪ پمفليٽ سنڌ جي ڍلن تي لکيائين. کيس ٽي سال سزا آئي. مرد ٿي ڪمائي آيو. تازو ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته پنهنجي نقطه نگاهه کان قرآن شريف تي ريويو لکيو اٿس. پاڪستان جهڙي مذهبي جنون واري ملڪ ۾ جتي تنگ دلي ۽ ڪٽرپڻو حد درجي تي پهتل آهي، اتي اهڙي تصنيف ڇپجڻ يا پڙهڻ برداشت ٿي سگهي يا نه؟ مون ڪتاب نه پڙهيو آهي، نه ڏٺو آهي پر جيڪي ٻڌو اٿم ۽ سندس ٻين تفصيلن مان جيئن معلوم ٿئي ٿو، ته اهو ڪتاب ضرور بي مثل هوندو، جنهن جي لکڻ تي چار سال لڳايا اٿس.

هن وقت هو وڌيڪ تصنيف ۽ تاليف جي ڪم ۾ مشغول آهي.

خدا کيس وڏي حياتي ڏئي، ۽ هو قوم جي نت نئين سر خدمت ڪندو رهي. کيس پنج فرزند آهن: (1) مصطفيٰ، (2) مظهر علي، (3) دادن، (4) حاتم، (5) مرتضيٰ.

سندس تصنيفات جي لسٽ هيءَ آهي:

(1) تحفهءِ سنڌ (شعر ۾)- سنڌي، ڇپايل 1930ع.

(2) آزاديءِ قوم (شعر ۾)- سنڌي، ڇپايل 1943ع.

(3) ڊيموڪريسي ۽ جسٽس آف چيف جسٽس - انگريزي 1956ع.

(4) "هاري انقلاب" (نثر ۾) سنڌي، 1953ع.

(5) "هاري گيت" (شعر ۾) سنڌي، 1953ع.

(6) "هاري ڪهاڻيون" (نثر ۾) سنڌي، 1950ع.

(7) "سنڌ پياري" (شعر ۾) سنڌي، اڻ ڇپيل.

(8) "ڪمدار جا ڪارناما (نثر ۾) سنڌي، ڇپايل 1953ع.

(9) ان جسٽس ٽو سنڌ 2 حصا- انگريزي.

(10) ليٽ اس سيو پاڪستان 2 حصا- انگريزي.

(11) هاريز پٽيشن آف رائيٽس- انگريزي.

(12) بل ٽو امينڊ سنڌ ٽيننسي ائڪٽ - انگريزي 1950ع.

(13) اپيل ٽو سٽيزنس آف پاڪستان - انگريزي 1951ع.

(14) سنڌ اسيمبلي اليڪشن پٽيشن- انگريزي 1950ع.

(15) ڊيموڪريسي اينڊ ڊڪٽيٽر شپ ان پاڪستان 4 حصا انگريزي 1955ع.

(16) شل سنڌي لئنگئيج اسٽي اِن ڪراچي آر ناٽ؟ انگريزي 1957ع.

(17) لئنڊس انِ سنڌ، هو شـُـڊ اون ديم؟ انگريزي 1957ع.

(18) اِن جسٽ لئنڊ اسيسمينٽ ريٽس - انگريزي 1957ع.

(19) ون يونٽ ۽ ڊيموڪريسي - انگريزي 1962ع.

(20) ڊسپوزل آف اوئڪيو پراپرٽي- انگريزي 1957ع.

(21) قرآن شريف تي ريويو - انگريزي.

 

8- قاضي فيض محمد ولد قاضي نبي بخش صديقي

(هالاڻي: نوابشاهه)

هي صديقي خاندان مان شمار ڪيا وڃن ٿا. سندس پڙڏاڏو قاضي محمد صادق ۽ ان جا وڏا ميرن جي ڏينهن ۾ هالاڻي شهر جا قاضي هئا. هن جي ڏاڏي جو نالو ميان فيض محمد هو، جو ميان فتح عليءَ جو ننڍو ڀاءُ هو. انهيءَ زماني جي حاڪمن جون سندون به وٽن موجود آهن. ان وقت قاضي ۽ عالم ڇوڪرن کي ديني ۽ دنيوي تعليم ڏيندا هئا ۽ سندن گهرن ۾ ڇوڪرين کي تعليم ڏني ويندي هئي. هنن کي هالاڻيءَ جي ڳوٺ ۾ اڃا تائين استاد گهر ڪري شمار ڪيو ويندو آهي

قاضي فتح علي حافظ قرآن به هو. انگريزن جي حڪومت ۾ کيس سروير ڪري رکيو ويو هو. سندن ٻيا عزيز به سرڪاري نوڪرين ۾ هئا. کين پنهنجي زرعي زمين به هوندي هئي، جنهن ۾ قاضي ميان نبي بخش محنت ڪري باغ رکيو هو.

قاضي فيض محمد 23 نومبر 1908ع تي هالاڻيءَ جي ڳوٺ ۾ ڄائو هو. ابتدائي تعليم هالاڻيءَ ۾ ورتائين. هن ثانوي تعليم هالاڻي، خيرپور ميرس، نوشهري فيروز جي هاءِ اسڪولن ۾ ورتي ۽ سنه 1929ع ۾ مئٽرڪ پاس ڪئي. 1935ع ۾ هن بي. ايس. سي. پاس ڪئي. سنه 1940ع ۾ هن ايل. ايل. بي پاس ڪري، نوابشاهه ۾ وڪالت ڪرڻ شروع ڪئي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org