سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  جهڙا گل گلاب جا

(پهريون حصو)

 

صفحو :6

 

علامه امداد علي قاضي

 

علامه امداد علي قاضي

- ڪري نه سگهان ڪا، تنين سَندي ڳالهڙي -

 

علامه صاحب ۽ سندن اهليه

 

‘Now,’ said she, ‘I know the cause,

or the chief cause, of your sickness

You have forgotten what you are.’

 

-BOETHIUS

GAI EATON: King of The castle.

 

سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينٽرل لئبرريءَ وٽان هڪ سڙڪ ٽڪريءَ تان هيٺ لهي، ڪراچيءَ کان حيدرآباد ويندڙ سپر هاءِ وي ۾ داخل ٿئي ٿي.

ٻي سڙڪ وائيس چانسيلر جي گهر جي اڳيان نڪري ٿي، ۽ اڳتي هلي، مٿي ذڪر ڪيل سڙڪ کي اورانگهي، ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ سنڌي ادبي بورڊ جي اڳيان لنگهي. سنڌي يونيورسٽي ريلوائي اسٽيشن وٽ ساڳئي سپر هاءِ وي ۾ داخل ٿئي ٿي.

ٻنهي سڙڪن جي چوراهي (ڪراسنگ) وٽ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي جامع مسجد آهي، جنهن جي پاسي ۾ هڪ قبي يا ڇٽيءَ هيٺان سنگمرمر جون ٻه قبرون آهن: هڪ ۾ علامه امداد علي قاضي ۽ ٻيءَ ۾ سندس جرمن گهر واري مئڊم ايلسا قاضي ابدي آرام ۾ آهن.

Text Box: 110
111

 

ڏهاڪو سال اڳ جڏهن مان سنڌ يونيورسٽيءَ سان بطور پرو- وائيس چانسيلر وابسته هئس تڏهن اڪثر ڪري، جمعي جي نماز  پڙهڻ لاءِ جامع مسجد ۾ ويندو هئس. نماز کانپوءِ ڪن ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهن کي علامه صاحب جي مزار تي دعا گهرندي ڏسندو هئس، ورنه روزمره مزار سان لاڳو سڙڪ تان ايندڙ ويندڙ راهگيرن کي مون ڪڏهن به دعا لاءِ هٿ کڻندي ڪونه ڏٺو. ان جو مکيه سبب شايد اهو هو، ته اڪثر راهگيرن کي اها ڪل ئي ڪانه هئي ته علامه صاحب ڪير هو ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ سندس مان مرتبو ڪهڙو آهي؟

 

جلال الدين روميءَ مثنويءَ ۾ هڪ قصو بيان ڪيو آهي ته ڪو شينهن، مينهن ۽ طوفان کان ستائجي، رات جي وڳڙي ۾ هاريءَ جي گهر لنگهي آيو ۽ مال جي وٿاڻ ۾ وڃي ليٽي پيو. هاري پنهنجي دستور موجب اڌ رات جو ننڊ مان اٿيو. رات اونداهي هئي پر مال جي سڌ سماءَ لهڻ لاءِ وٿاڻ ۾ ويو. گاهه جو ڀاڪر ڀري ڍڳڻ جي اڳيان اڇلايائين ۽ پوءِ پيار مان مٿن هٿڙا گهمائڻ لڳو. ستل شينهن کي به ڍڳو سمجهي، سندس پٺيءَ تي هٿڙا گهمائي، چوڻ لڳو ته، ”ڀٽارا، تون ته سڄو ئي مينهن ۾ پسي پيو آهين.“

روميءَ چيو آهي ته هاريءَ جو اهو سڄو عمل سراسر اڻڄاڻائيءَ ۾ هو. جي ڏينهن ڏٺي  جو نظر شينهن تي پويس ها ته هوند سندس دهشت ۾ ئي بيهوش ٿي وڃي ها.

علامه صاحب جي عظيم شخصيت سان به ساڳي حالت ٿي آهي. ڪن داڻن ڪڻن کان سواءِ نه يونيورسٽيءَ جي رهاڪن کي ۽ نه وري ڪيمپس تي ڪم ڪار سانگي ايندڙ اجنبين کي سندس عظمت جو احساس آهي.*

مڪڙيءَ کي ڏهاڙي مَکُ ڏيڻ ۽ تُنِ کي تنڻ کان سواءِ واقعي ڪم ڪونه هلندو. اسان جي علمي، تعليمي ۽ ادبي ادارن کي گهرجي ته سنڌ جي مشاهيرن جون ورسيون ملهائيندا رهن ۽ مٿن مقالا ۽ مضمون شايع ڪري، نئين نسل کي سندن خيالن ۽ ڪارنامن کان واقف ڪندا رهن.

ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان گذريل زمانو ته ٺهيو پر خود هاڻوڪي دور جي مشاهيرن مثلاً مولانا عبيدالله سنڌي، شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ، حسن علي افندي، ڊاڪٽر گربخشاڻي، لالچند امر ڏني مل، دين محمد وفائي، فتح محمد سيوهاڻي ۽ ڊاڪٽر دائود پوٽي کي به وساري ويٺا آهيون.

سنڌ يونيورسٽيءَ سان وابستگيءَ واري زماني ۾، مون علامه صاحب جي ورسي ملهائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. پنهنجي ڄاڻ موجب سندس چاليهارو کن عقيدتمندن کي خط لکيم، پر سڏ ۾ سڏ ڪٿان ڪونه مليو. اهو ڏسي ورسي ملهائڻ جو پروگرام في الحال ملتوي ڪيم. ٽن سالن کانپوءِ موٽي جڏهن سنڌي ادبي بورڊ ۾ آيس ته وري انهيءَ سڳي کي سوريم. صدارت لاءِ وفاقي مشير ڊاڪٽر ممتاز علي قاضيءَ ۽ مهمانِ خصوصي طور اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جناب آفتاب قاضيءَ کي دعوت موڪليم، جو علامه صاحب جو ڀاڻيجو آهي. ورسيءَ جي تقريب تمام چڱي نموني ۾ منعقد ٿي ۽ علامه صاحب ۽ سندس گهر واريءَ جون قبرون هڪ دفعو وري گلاب جي گلن سان ڍڪجي ويون. جي سنڌ جيڪو وڏي ۾ وڏو ذهن پيدا ڪيو، سو غالباً علامه قاضي هو“.

 حقيقت ائين ئي هجي، يا ڪجهه مختلف، ان ڳالهه ۾ بهرحال ڪوبه شڪ ڪونهي ته سونهاريءَ سنڌ جي ڪُکِ  ڪڏهن به خالي ڪانه رهي آهي. ڪيئي هيرالعل ايندا ويندا رهيا آهن. علامه قاضي پنهنجيءَ جاءِ تي هڪ املهه ماڻڪ هو. مون کي سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ اڪادمي ادبيات پاڪستان جي ملازمت دوران، گهڻن ئي ملڪن مشاهيرن، مديرن، مفڪرن، عالمن ۽ اديبن سان ملڻ جو موقعو مليو. پر اڄ ڏينهن تائين مون کي علامه صاحب کان وڌيڪ قد آور شخصيت نظر ڪانه آئي آهي. جيڪڏهن مون کان اهو سوال ڪيو وڃي ته، ”تو پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ ڪو عظيم انسان به ڏٺو؟“ ته مان بنا هٻڪ جي جواب ڏيندس ته ”هائو، مون علامه آءِ. آءِ قاضيءَ کي ڏٺو.“ جيتوڻيڪ، مون کي اهو به احساس آهي ته قدرت مون کي ڊاڪٽر حميد الله جي زيارت به نصيب ڪئي.

علامه صاحب جي عظمت فقط سنڌ تائين محدود ڪانه هوندي هئي. سنڌ کان ٻاهر، پاڪستان توڙي هندستان ۾،، ڪيترائي معتبر ماڻهو سندس معترف هوندا هئا.

مون علامه صاحب وٽ هندستان جي صدر ڊاڪٽر ذاڪر حسين جو هڪ خط ڏٺو هو، جنهن ۾ لکيو هئائينس ته، ”زندگيءَ جون جيڪي گهڙيون اوهان جي صحبت ۾ گذريون، سي منهنجو عزيز ترين سرمايه حيات آهن.“

ڊاڪٽر ذاڪر حسين جيڪڏهن هندستان جو صدر نه  به هجي ها تڏهن به اوڏوئي وڏو ماڻهو ليکجي ها. جڏهن علامه صاحب هي جهان ڇڏيو، تڏهن پاڪستان جي صدر کان اڳ، سندس تعزيت جو پيغام آل انڊيا ريڊيو نشر ڪيو هو.

 مولانا ابوالڪلام آزاد هندستان جي ورهاڱي کان اڳ، جڏهن ڪراچيءَ آيو هو، تڏهن جناح ڪورٽس واريءَ مسجد ۾ جمعي جي نماز پڙهڻ ويو هو. علامه قاضي اتي ليڪچر ڏيندو هو. امام الهند مولانا ابوالڪلام آزاد علامه صاحب جو ليڪچر ٻڌڻ کان پوءِ سندس ئي پٺيان جمعي جي نماز پڙهي هئي.

سائين غلام مصطفيٰ قاسميءَ مون سان ڳالهه ڪئي ته امام انقلاب مولانا عبيدالله سنڌي پنهنجي رفيق ۽ سنڌ جي جليل القدر عالم مولانا محمد صادق کڏي واري کي ساڻ ڪري، علامه قاضيءَ سان ملائڻ وٺي ويو. تعارف دوران مولانا محمد صادق چيو ته، ”سائين، مان علامه صاحب کي سڃاڻان ٿو.“ اهو ٻڌي مولانا سنڌي گرم ٿي ويو ۽ فرمايائين ته، ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين. جيڪڏهن تون علامه صاحب کي سڃاڻندو هجين ها، ته مون کي ساڻس ملائڻ وٺي اچين ها.“

سنڌ جي سياستدانن ۾ علامه صاحب جو وڏي ۾ وڏو عقيدتمند غالباً سائين جي. ايم. سيد کي ئي قرار ڏيئي سگهجي ٿو. پنهنجي يادگيرين جي ڪتاب”جنب گذاريم جن سين“ ۾ هڪ هنڌ لکيو اٿس ته، ”ڪتابن پڙهڻ ۽ غور فڪر بعد مون کي مذهب جي عام بيان ڪيل عقيدن بابت ڪيئي شڪ شبها پيدا ٿيا هئا. انهن جي حل ڪرڻ لاءِ ڪيئي در ڏسڻا پيا هئم. ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ ۾ قاضي صاحب جي ملاقات ٿيڻ بعد وٽس وڃي مختلف سوالن تي تفتيش ڪندو رهيس. کيس پنهنجي ذهني استادن ۾ شمار ڪريان ته بيجا نه ٿيندو. ”

3 مارچ 1943ع تي سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان لاءِ ٺهراءَ پيش ڪرڻ وقت ڪيل تقرير، توڙي ڊسمبر 1943ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيل آل انڊيا مسلم ليگ اجلاس ۾ صدر استقباليه طور جو خطبو پڙهيو هوم، اهي ٻئي سندس صلاح ۽ رهبريءَ سان تيار ڪيا هئم.

”1945ع ۾ پهريون دفعو جڏهن جناح صاحب سان مسلم ليگ پاليسيءَ جي سوالن تي اختلاف پيدا ٿيا هئم ۽ اوچتو جناح صاحب اڳيان بنا شرط جي سر تسليم خم ڪيو هوم، اهو به سندس هدايت ڪري ئي هو.“*

مرحوم محمد ايوب کهڙو به علامه صاحب جو وڏو عقيدت مند هوندو هو. علامه صاحب جڏهن وائيس چانسلر جي عهدي تان استعيفا ڏيئي ڇڏي، تڏهن کهڙي صاحب کيس سڪ سان سنڌي ادبي بورڊ ۾ ”عالم“ جو عهدو آڇيو ۽ عرض ڪيو ته اوهان انگريزي زبان ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي تعارفي ڪتاب لکي ڏيو.

جڏهن علامه صاحب کهڙي صاحب جي آڇ قبول ڪئي تڏهن هن وڏي فخر سان اهو ڪتاب پاڪستان ۾ رهندڙ دنيا جي سفيرن ڏانهن پنهنجي خط سان گڏ تحفي طور موڪليو. کهڙو صاحب انهن ڏينهن ۾ سنڌي ادبي بورڊ جو صدر هوندو هو.

سنڌ جو ٻيو هڪ اڳواڻ مرحوم ميران محمد شاهه سنڌي ادبي بورڊ جي اعزازي سيڪريٽري هوندو هو. مان نائب سيڪريٽري هوندو هئس. هڪ دفعي سائين ميران محمد شاهه مون کي ساڻ ڪري، علامه صاحب سان ملڻ هليو. اهو سوچي ته مبادا، مان اتي اٻهرائيءَ سان ڪا ڳالهه ڪريان، هو مونکي رستي تي سمجهائيندو هليو، ”ميان، علامه صاحب سان ڳالهائڻ ۽ کيس ڪا ڳالهه مڃائڻ آهي مکڻ جي شيخ پچائڻي. سو، تون خاموش رهجانءِ، مان پاڻيهي راز رمز سان ساڻس ڳالهه ڪڍندس.“

سنڌ جو ممتاز مورخ پير حسام الدين راشدي جڏهن حيدرآباد ايندو هو، تڏهن وڏيءَ سڪ سان علامه صاحب سان ملڻ هلندو هو. پاڻ ادب ڪري، علامه صاحب سان نوڙي ملندو هو، پر علامه صاحب کيس ڇڪي ڀاڪر پائيندو هو.

هڪ دفعي پير صاحب حيدرآباد آيو ۽ اسان ٻئي گڏجي علامه صاحب سان ملڻ وياسين. موٽي شيخ علي محمد صاحب وٽ عبرت اخبار ۾ آياسين، جتي رات جي ماني ساڻس گڏجي کاڌيسون. هو تڏهن عبرت جو ايڊيٽر هوندو هو. انهن ڏينهن ۾ پير صاحب ايران ۾ شاهه ايران سان طويل ملاقات ڪري آيو هو. مون ان ملاقات جي خبر ”عبرت“ ۾ ڏيئي ڇڏي.

ٻئي ڏينهن صبح سان علامه صاحب جي مون کي فون آئي. چيائين ته، ”ابا هاڻي حسام الدين ڀلا بادشاهن سان ملاقاتون ٿو ڪري، سو اسان سان سندس سڪ ۾ مڙئي ڪمي آئي آهي“. مون جڏهن پير صاحب سان اها ڳالهه ڪئي، تڏهن مرڪي چيائين ته ”بابا، ڪالهه جڏهن علامه صاحب سان مليس ته واقعي ڀاڪر پائڻ ۾ ٿورڙو فرق پيو، پر، پر اهو ارادتاً ڪونه هو. بس مان ڪنهن خيال ۾ هئس“.

انهيءَ ئي ڏينهن شام جو اسان ان ڪوتاهيءَ جي تلافيءَ لاءِ دوبارهه علامه صاحب سان ملڻ وياسين ۽ پير صاحب نهايت عقلمنديءَ سان علامه صاحب سان پنهنجيءَ سڪ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي يا ڪنهن ٻئي موقعي تي سندس تصويرون به ڪڍيون، جن مان هڪ ۾ مان به شريڪ ٿيس.

پير صاحب جي وڏي ڀاءُ علي محمد راشديءَ کي مون ڪڏهن به علامه صاحب جي وفات تي مٿس جيڪو جنگ اخبار ۾ مضمون لکيائين، تنهن جو ترجمو محترم محمد ابراهيم جويي سنڌي زبان ۾ ڪيو ۽ ان تي نوٽ هنيو ته ”هن مضمون مون کي بار بار رئاريو“

اڪثر ماڻهو محروم اي. ڪي. بروهيءَ کي علامه صاحب جو روحاني وارث قرار ڏيندا آهن. مرحوم اي. ڪي بروهي، علامه صاحب کي روحاني پيءُ ڪوٺيندو هو. علامه صاحب به کيس اوترو ئي ڀائيندو هو. هڪ دفعي مون کي پاڻ چيو هائين ته، ”بابا، جيڪڏهن بروهي اسان جو پيٽ ڄائو  پٽ هجي ها، تڏهن به اسين کيس اوترو ئي پيار ڪريون  ها، جيترو هاڻي ڪريون ٿا.“

سنڌ يونيورسٽيءَ جا ٻه استاد ۽ سنڌ جا عالم محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽو علامه صاحب جا خاص مقرب شمار ڪيا ويندا هئا ۽ حقيقت به اها آهي ته علامه صاحب جو مٿن تمام گهڻو راز هوندو هو.

هالن جو مخدوم محترم محمد زمان طالب الموليٰ صاحب، علامه صاحب جو تمام گهڻو احترام ڪندو هو ۽ کيس ۽ سندس گهر واريءَ کي ”هنسن جي جوڙي“ سان تشبيهه ڏيندو هو. علامه صاحب به مخدوم صاحب کي گهڻو ڀائيندو هو ۽ کيس ”اسان جو محمد زمان“ ڪري ياد ڪندو هو.

سائين غلام مصطفيٰ شاهه جو نالو ته خير علامه صاحب جي شيداين ۾ سرفهرست آهي. علامه صاحب جي مزار ۽ قبي جي تعمير جو ڪم، بروهي صاحب جي مدد سان، شاهه صاحب ئي ڪرايو. جي اڃا ڪجهه وقت يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هجي ها ته” علامه قاضي سينٽر“ قائم ڪري وڃي ها.

علامه صاحب جي عاشقن ۾ محترم محمد ابراهيم جويي جو نالو به گهڻو نمايان آهي. سنڌي ادبي بورڊ علامه صاحب جيڪي به ڪتاب شايع ڪيا، تن جو روح روان جويو صاحب ئي هوندو هو. جيڪڏهن هو ڪجهه وڌيڪ عرصو بورڊ جو سيڪريٽري رهي ها، ته علامه صاحب جي مضمونن جا سڀ ڪتاب ڪڏهوڪو ڇپجي وڃن ها.

علامه صاحب جي وفات کان پوءِ، اهي مضمون (مسودا) مون وٽان اي. ڪي. بروهي صاحب کڻي ويو ته مان لنڊن مان هڪ ئي جلد ۾ ڇپائيندس. افسوس آهي ته اهو خواب شرمنده تعبير نه ٿيو. ٻڌم ته وچ تي سندس ننڍي ڀاءُ ۽ منهنجي پياري دوست، علي احمد بروهيءَ مخلصانه ڪوشش ڪئي ته هو اهي مضمونن جا ڪتاب انگريزيءَ مان سنڌي ۾، ترجمو ڪري ڇپائي. پر سندس من جي مراد به پوري ٿي نه سگهي.*

غرض ته علامه صاحب جي عقيدتمندن جي فهرست تمام طويل آهي. ٻيا جيڪي خاص خاص نالا مون کي فوري طور ياد اچن ٿا، تن ۾ پاڪستان جي متعدد علمي ادارن جو سربراهه ۽ سابق وفاقي سيڪريٽري ماليات، مرحوم ممتاز حسن، محترم رضا محمد ڀٽو، پروفيسر قاضي نبي بخش، مرحوم امداد جوڻيجو، پروفيسر علي نواز جتوئي، مسٽر درمحمد ناريجو ۽ شعبه اردوءَ جو صدر ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان شامل آهن، جنهن علامه صاحب ۽ سندس اهليه جي مزارن جا ڪتبا لکيا آهن.

مون کي علامه صاحب جي حضور ۾ باريابيءَ جو شرف پهريون ڀيرو سنه 1954ع ڌاران نصيب ٿيو. مئٽرڪ جو امتحان ڏيئي، حيدرآباد هئس ۽ ڦليليءَ واري گورنمينٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئم. ڪاليج سان گڏ هاسٽل هوندي هئي، جنهن ۾ رهائش هوندي هئي. اهو ڦوهه جوانيءَ جو زمانو هو، عمر غالباً ويهارو ورهيه مس هئي. پر جيتري شوق سان سينيما ڏسڻ ويندو هئس، ان کان وڌيڪ چاهه سان اولڊ ڪئمپس ۾، جمعي جمعي ڏينهن علامه صاحب جا ليڪچر ٻڌڻ ويندو هئس. انگريزي پوري ساري ايندي هئم، ان ڪري علامه صاحب جا ليڪچر سراسر ته سمجهي ڪونه سگهندو هوس، پر لطف ڏاڍو ايندو هو. شهر جا اڪثر پڙهيل لکيل ماڻهو ليڪچر ٻڌڻ ايندا هئا. اصل ميلو لڳي ويندو هو.

تن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته هڪ دفعي شام جو هاسٽل مان نڪتس ۽ ڪاليج جي دروازي تي ڪئنٽين ۾ چاءِ اچي پيتم. اتان اٿي، شعبه سائنس ۽ پرنسيپال جي گهر جي وچ ۾ جيڪو ننڍو پارڪ آهي، ان ۾ وڃي ويٺس. سج لهڻ ٻڏڻ وارو هو. آسمان ۾ شفق جي لالاڻ پکڙجي رهي هئي. منهنجي اوسي پاسي ڪوبه بني بشر ڪونه هو. وڻن ۾ سو جهرڪين جي ”چين“ ”چين“ ٻڌڻ ۾ ٿي آئي، نه ته چوطرف چپ چاپ هئي. اوچتو ئي اوچتو، بظاهر بنا ڪنهن سبب جي، منهنجي ذهن ۾ ڪي سوال اٿيا:

”مان ڪير آهيان“؟

”منهنجي زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي“؟

 اهي سوال منهنجي ذهن ۾ طوفان ۽ وڄ وانگر ايڏي ته زور سان اٿيا، جو انهن جي دٻاءَ ڪري مٿو ڳورو ٿي ويو، نرڙ تي پگهر اچي ويو ۽ دل جو ڌڙڪو تيز ٿي ويو. اها ذهني ڪيفيت فقط ڪن لمحن لاءِ جاري رهي، پر منهنجي سڄي وجود کي ڇولي ڇڏيائين. ان ڳالهه کي هاڻي ٽيهه پنجٽيهه ورهيه گذري ويا آهن. ان وچ ۾ مون زماني جون گهڻيون ئي گرميون ۽ سرديون ڏٺيون آهن، پر چند لحظن واري اها ذهني ڪيفيت مون کان اڃا نه وسري آهي. مان سالن جا سال انهن سوالن جي جوابن لاءِ پريشان ۽ سرگردان رهيس(پاڪستان هندستان ۽ آمريڪا جي ڪن عالمن کي خط لکيم) خاص ڪري پهريان ڏينهن ته سخت ذهني بي قراريءَ ۾ گذاريم، پر ڪٿان به تسليءَ وارو جواب ڪونه مليو. آخر هڪ ڏينهن همت ڪري، علامه قاضي صاحب وٽ هليو ويس. شام جي مهل هئي. پاڻ پنهنجي گهر واريءَ سان گڏ، گهر جي صحن ۾ ويٺو هو. پڇيائين ته ”ابا ڪير آهين، ڪيئن اچڻ ٿيو؟“

 

مون عرض ڪيو ته،”سائين، اهو ته مان اوهان کان پڇڻ آيو آهيان ته ڪير آهيان ۽ هن دنيا ۾ ڇو آيو آهيان؟“

علامه صاحب اهو ٻڌي خاموش ٿي ويو. ڪجهه دير بعد پڇيائين ته”ابا، ڇا پڙهندو آهين؟“

مون جواب ڏنو ته، ”بائلاجي“.

چيائين ته، ”تڏهن ته تون اڳئي اهو پڙهي رهيو آهين ته حياتي ڇا آهي؟“

 مون چيو ته ”سائين، اسان کي ته ٻيون ڳالهيون پڙهائين ٿا. اهو ته سمجهائين ئي ڪونه ٿا ته حياتيءَ جو مقصد ڪهڙو آهي؟“

ايتري ۾ ڊاڪٽر بلوچ، مسٽر در محمد ناريجو ۽ ٻيا صاحب جي بنگلي ۾ داخل ٿيا. علامه صاحب کين هٿ ڏيندي چيو ته، ”ابا بلوچ، هي نوجوان شاگرد اهو معلوم ڪرڻ آيو آهي ته انساني زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟“

ڊاڪٽر صاحب جواب ڏنو ته ”قبلا سائين، اسان جو درسي نصاب واقعي ايترو ناقص آهي جو ذهين شاگردن کي دل جي تسلي نٿي ٿئي“.

علامه صاحب اهو ٻڌي، مون کي وري اچڻ لاءِ چيو. ٻئي ڏينهن ڪن ڪتابن جا نالا لکيائين، ”اهي وڃي پڙهه“. سڀ ڪتاب انگريزيءَ ۾ هئا ۽ مون کي پڪ هئي ته حيدرآباد مان ڪونه ملندا. پر جي ملن ها ته مان خريد ڪري ڪونه سگهان ۽ جي خريد ڪريان به ها ته سمجهي ڪونه سگهان ها،  ان ڪري ڪتابن وٺڻ جو خيال لاهي ڇڏيم.

علامه صاحب جي حضور ۾ حاضريءَ جو ٻيهر شرف مون کي تڏهن نصيب ٿيو، جڏهن ايوب خان واري ”مارشل لا“ جي آمرانه رويي کان احتجاج ڪري، پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر جي عهدي تان مستعفي ٿيو ۽ سنڌي ادبي بورڊ جو عالم مقرر ٿيو. مان بورڊ جو نائب سيڪريٽري هئس. سنه 1932ع ۾ جڏهن بورڊ جون آفيسون ڪراچيءَ مان حيدرآباد کڄي آيون، تڏهن ته مون کي جلد جلد سندس خدمت ۾ حاضر ٿيڻ جو موقعو ملڻ لڳو. جيئن جيئن کيس ويجهو ٿيندو ويس، تيئن تيئن سندس عظمت جو احساس ۽ قرب وڌندو ويو. هڪ ڏينهن مون کي چيائين ته، ”رباني، جيڪڏهن اسان توکي پيار نٿا ڪريون، ته پوءِ ائين سمجهه ته اسان زندگيءَ ۾ ڪنهن کي ڪڏهن پيار ڪيو ئي ڪونهي.“ اهو ڏينهن مون لاءِ عيد جو ڏينهن هو.

قدرت سنڌ تي سدائين مهربان رهي آهي. سنڌ پٽڙا ڄڻيندي  ۽ انهن تي ناز به ڪندي، پر جيئن ٻيو شاهه ڀٽائي نه ايندو، تيئن ٻيو علامه قاضي به پيدا نه ٿيندو. قدرت کيس عجيب سڀاءُ ڏنو هو. بيحد خوددار، بيحد حساس، بيحد شفيق ۽ بيحد قربدار. سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته مون سندس قول ۽ فعل ۾ ڪڏهن به ڪو تضاد ڪونه ڏٺو. ائين لڳندو هو ته هن زماني جو ماڻهو ئي نه آهي. مون ڪڏهن به سندس واتان هلڪي سلڪي ڳالهه نه ٻڌي ۽ نه زماني جي قصن ۾ دلچسپي ڏٺي.

Text Box: 122
123

 

علامه صاحب، سياست جي موضوع تي گفتگو ڪرڻ کان دانسته گريز ڪندو هو. ون يونٽ وارن ڏينهن ۾، سنڌيت جي تحريڪ زور تي هئي ۽ مان ان جو سرگرم ڪارڪن هئس. ڪڏهن ڪڏهن علامه صاحب سان ڪنهن نه ڪنهن واقعي جو ذڪر ڪڍندو هئس، پر هو ڪنهن به قسم جي تبصري آرائي ڪونه ڪندو هو.*

ڊاڪٽر سورلي، پنهنجي ڪتاب ”شاهه عبداللطيف آف ڀٽ“ ۾ لکيو آهي ته، ”شاهه پنهنجي آسپاس ۽ پنهنجي دور جي واقعن جو ڪوبه نوٽيس نه ورتو. ان معاملي ۾ هو دنيا جي عظيم مفڪرن ڪانٽ ۽ هيگل جي يادگيري ڏياري ٿو، جن تي سندن دور جا واقعا اثرانداز نه ٿيا. شاهه عبداللطيف ڪلهوڙن ۽ مغلن جي منصوبن ۽ سازشن بدران، زندگيءَ جي انهن گنڀير سوالن کي سمجهڻ ۾ مستغرق رهندو هو، جيڪي لافاني شعر جو موضوع بنجڻ جي وڌيڪ لائق آهن.“

علامه صاحب جو مثال به ائين ئي هو. مذهب، فلسفو ۽ سائنس سندس گفتگو جا مکيه موضوع هئا، پر انهن بابت به هو نهايت مٿاهينءَ ليول تان گفتگو ڪندو هو. ائين لڳندو هو ته حيدرآباد اٿينس جو شهر آهي، جنهن  جا اهل دل انسان، سقراط جي سامهون ادب سان ڪنڌ نمائي، سچ جو سبق وٺي رهيا آهن. اٿينس جي روايت وانگر، سنڌ جي هن سقراط کي به پنهنجو انت پاڻ آڻڻو پوندو، اها ڳالهه تڏهن ڪنهن کي خواب خيال ۾ به ڪانه هئي. 

علامه صاحب عالم وڏو هو يا مفڪر، مقرر وڏو هو يا مصنف، اهو فيصلو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي، ڇو ته قدرت کيس انهن مڙني صفتن سان سينگاريو هو. سندس شخصيت همه گير هئي. سندس دور ۾ ٻيا به وڏا وڏا عالم ۽ دانشور هئا، پر پاڻ ڄڻ ته تارن ڀرئي آسمان ۾ چوڏهينءَ جو چنڊ هو.

سنڌي ادبي بورڊ سندس هڪ انگريزيءَ ڪتاب Casual Peeps At Sophia * نالي سان شايع ڪيو آهي، ان ڪتاب کي مون ۽ محترم محمد حسن ڀٽي گڏجي ترتيب ڏني هئي. ڪتاب ۾ هڪ مضمون جو عنوان آهي ”ڪردار بابت“ اسان حساب ڪيو ته علامه صاحب جڏهن اهو مضمون لکيو هوندو، تڏهن سندس عمر انٽيهه ورهيه هوندي. اهو مضمون پڙهڻ سان احساس ٿيندو ته علامه صاحب ڄمندي ئي ڄام هو.

انهيءَ ساڳئي ڪتاب ۾ ٻيو مضمون ”سري ڪرشن جي شخصيت جو تاريخي پهلو“ عنوان هيٺ آهي ۽ هڪ مضمون زرتشت بابت آهي. اهي مضمون علامه صاحب جي فڪر جي وسعت ۽ مذهبي رواداريءَ جا روشن ثبوت آهن.

جن ڏينهن ۾ پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر هو، تن ڏينهن ۾ ڪنهن مذهبي جنونيءَ اولڊ ڪيمپس (نوودياليه اسڪول) جي باني هندو نيڪ مرد جي سماڌيءَ کي نقصان رسايو. علامه صاحب ان حادثي تي جنهن غم ۽ غصي جو اظهار ڪيو، اهو انهن ماڻهن کي ئي معلوم آهي، جي تڏهن يونيورسٽيءَ سان وابسته هئا. کيس تيسين قرار ڪونه آيو، جيسين ان سماڌيءَ جي مڪمل مرامت نه ڪرايائين.

هڪ دفعي جويي صاحب ۽ ڊاڪٽر بلوچ صاحب جي وچ ۾ لوڪ ادب جي ڪتابن تي ڪجهه اختلاف ٿي پيو. جويي صاحب پنهنجي نقطه نظر جي وضاحت لاءِ ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڏانهن خط لکي موڪليو. جنهن ۾ هڪ هنڌ لکيائين ته ”لکيل لفظ“ ڳالهايل لفظ“ کان وڌيڪ آهي، ان ڪري ڳالهه جي چٽائيءَ لاءِ هي خط لکي رهيو آهيان.

اهو نڪتو منهنجي دل تي نقش ٿي ويو. ورهيه گذري ويا. ڪنهن ڪم سان لاهور وڃڻ ٿيو. اتي هٽلر جو اڻلڀ ڪتاب ”مين ڪئف“ (منهنجي جدوجهد) خريد ڪيم. واپسيءَ تي ريل ۾ ڪتاب پڙهندو آيس. ڪتاب جي ديباچي ۾ هٽلر لکيو آهي ته ”ڳالهايل“ لفظ ”لکليل“ لفظ کان وڌيڪ اهم آهي ۽ مون کي احساس آهي ته تاريخ جا مکيه انقلاب مصنفن نه، پر مقررن آندا آهن. اهو پڙهي جويي صاحب وارو گفتو ياد آيم جڏهن حيدرآباد ۾ پهتس ته علامه صاحب سان ان مسئلي جو ذڪر ڪڍيم. پاڻ بنا ڪنهن هٻڪ جي فوراً چيائين ته ”ڳالهايل لفظ“ کان وڌيڪ طاقتور آهي. گهڻا گهڻا سال پوءِ ٻئي هنڌ پڙهيم ته ”قرآن ڳالهايل لفظ جو معجزو آهي.“

حيدرآباد ۾ رهائش دوران جڏهن به هيانءَ تي مونجهه ٿيندي هئم، ته سندس خدمت ۾ وڃي حاضر ٿيندو هوس. اهي منهنجي خوش نصيبيءَ جا ڏينهن هئا. جڏهن وٽانئس ڪچهري ڪري موٽندو هوس، ته غم جا سڀ ڪڪر ٽڙي پکڙي ويندا هئا ۽ زندگيءَ ۾ ايمان تازو ٿي ويندو هو. سندس گفتگوءَ جو انداز ئي اور هو. ڇا لفظن جو انتخاب ۽ ڇا خيالن جي پرواز، ڄڻ ته هماليه جي بلنديءَ تان علم ۽ عرفان جو آبشار وهي رهيو آهي.

ڪڏهن ڪڏهن هيٺ به لهي ايندو هو ۽ مزي جهڙيون ڳالهيون ڪندو هو.

هڪ دفعي فون ڪيائين ته ”ابا، ڪالهه گربخشاڻيءَ جي رسالي ۾ بيت پڙهيم ته

هو جي جرڪئا آب تي،

سي تان سڀ حباب

انهيءَ ڳالهه منجهائي وڌو. سوچڻ لڳس ته جيڪي جرڪي ويا، سي ته ٿيا سڀ حباب، پر جيڪي هاڻي پيا جرڪن، تن بابت لطيف جي فتوا ڪهڙي آهي؟

مسئلي کي سمجهڻ لاءِ بمبئيءَ وارو ڇاپو کوليم. اڳي ڪاتب نون بدران ٻه زيرون يا ٻه پيش يا ٻه زبريون ڏيندا هئا. مثلاً کين جرڪن لکڻو هوندو هو ته جرڪا لکي الف جي مٿان ٻه زيرون ڏيئي ڇڏيندا هئا. بمبئيءَ واري ڇاپي ۾ بيت صحيح نموني ۾ ائين ئي لکيل هو، پر غريب گربخشاڻيءَ کان پڙهڻيءَ ۾ ڀل ٿي هئي. صحيح بيت هيئن هو:

هو جي جرڪن آب تي

سي تان سڀ حباب.

”جڏهن صحيح بيت ائين پڙهيم، تڏهن مونجهه لٿم ۽ اطمينان ٿيم ته لطيف جي فتوا هر دور ۾ صحيح آهي.“

انهيءَ زماني ۾ ايوب خان جي مارشل لا لڳڻ کان ترت پوءِ هڪ فوجي عملدار يونيورسٽيءَ ۾ آيو ۽ رجسٽرار سان تيزيءَ سان ڳالهايائين. علامه صاحب کي جڏهن اها خبر پيئي ته هيئن هڪ فوجيءَ يونيورسٽيءَ جهڙي مقدس اداري جي توهين ڪئي آهي، تڏهن پاڻ احتجاج طور وائيس چانسلر جي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏيائين.

جيڪي ماڻهو علامه صاحب جي مزاج کان واقف هئا، تن لاءِ اها ڪابه حيرت جي ڳالهه ڪانه هئي. کين خبر هئي ته علامه صاحب ڪيڏو نه خوددار ۽ حساس انسان هو.

هڪ دفعي فون ڪيائين ته ”ابا، رات سمهي ڪونه سگهيو آهيان.“ جڏهن مون سبب پڇيو، تڏهن ٻڌايائين ته ”ابا، منهنجي ماءُ جي زبان تي سدائين سبحان الله جو اسم اعظم هوندو  هو. ڪالهه اخبار ۾ خبر پڙهيم ته گاڏي کاتي ۾ هڪ هوٽل کلي آهي، جنهن جو نالو رکيو اٿن ”سبحان الله هوٽل.“ ڪو وڃي نڀاڳن کان پڇي ته هوٽل ۾ ماڻهو ڇا نٿو ڪري، ٻيڙي ڇڪي ٿو، ٿڪ ڦٽي ڪري ٿو. هاڻي انهيءَ ناپاڪ جاءِ جو نالو ٿيو سبحان الله هوٽل“.

ٻئي دفعي ڳالهين ڪندي، مهانگائيءَ جو ذڪر ڪڍيائين ۽ چيائين ته ”ابا، ڪڪڙ جا آنا ايڏا ته مهانگا ٿي ويا آهن، جو اسان ته خريد ڪري نٿا سگهون.“ مون سمجهيو ته مس مس قدرت مون کي علامه صاحب جي خدمت جو موقعو ڏنو آهي، سو هڪدم مارڪيٽ مان ڪڪڙُ ۽ ڪڪڙِ گهرائي، سندس بنگلي تي موڪليم ۽ نوڪر کي چيم ته اهي تازا آنا ڏيندا.

ٻئي ڏينهن پاڻ فون ڪيائين ته، ”ابا، هي نڀاڳا سڄو ڏينهن ٿا هڪ ٻئي کي ٺونگا هڻن، سو هڪ پاڻ وٽ جهليان ٿو ۽ ٻيو توکي موڪلي ٿو ڏيان.“ ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ ٻيو به موڪلي ڏنائين ته”هت آن ئي نٿو چڳي.“

مان سمجهي ويس ته اصل ۾ پاڻ ڪنهن جو ڪوبه ٿورو کڻڻ نٿو گهري. ٻه ٽي ڏينهن گذريا ته محمد اسماعيل نون جي فون آئي. چي، ”رباني پنهنجو به ڪم خراب ڪيئي، منهنجو به“ مون کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. تڏهن ٻڌايائين ته، ”علامه صاحب ڪڪڙ جي آنن جي مهانگائيءَ جي شڪايت مون سان به ڪئي هئي. ڪراچيءَ ويس ۽ هڪ ولائتي ڪڪڙِ ورتم، جا روز آنو ڏيندي آهي. جڏهن سندس بنگلي تي موڪلي ڏنم، تڏهن موٽائي موڪليائين ته ”ويچاري ربانيءَ  به قرب ڪيو هو. پر ابا اسان کان ڪڪڙ ڪٿي ٿا سنڀاليا ٿين.“

ٻئي ڀيري چيائين ته، ”ابا، ڪڪڙ ٿي ويا آهن مهانگا ۽ جمعي جمعي ڏينهن گوشت بند ٿئي ٿو. سو نوڪر کي ڏهه آنا ڏيندا آهيون ته بزار مان پاريهر وٺي، اسان کي رڌي کارائي. ڪالهه بنگلي جي پويان جو وڃان ته نم جي وڻ هيٺان هڪ ڪانءُ مئو پيو آهي پر پيٽ جو گوشت اٿس ئي ڪونه. سو، ڀايان ٿو ته جمعي جمعي  ڏينهن نوڪر ڏهه آنا وٺي وڄي ٿو کيسي ۾ ۽ اسان کي ڪانءُ ڪهي کارائي ٿو ڇڏي.“

اها ڳالهه ٻڌي، مان ته وائڙو ٿي ويس. کيس اطمينان ڏيارڻ لاءِ چيم ته” سائين، ڪانو اهڙو ته چالاڪ پکي آهي، جو نوڪرن کي وٺڻ ئي ڪونه ڏيندو“. پر دل ۾ سوچڻ لڳس ته جينيس (غير معمولي ڏاهي) ۽ سادي ماڻهوءَ جي سوچ ۾ واقعي پڙدي جو فرق مس ٿئي ٿو.

هڪ دفعي سندس اهليه چيو ته، ”اسان جي نوڪر کي متان سادو سمجهين. ڇا ڪندو آهي جو سئيءَ سان منهنجن رٻڙي بوٽن ۾ سوراخ ڪري ڇڏيندو آهي ته مان شام جو پائي گهمان ته ڪنڊا چڀن ۽ سمجهان ته بوٽ پراڻو ٿي ويو آهي ته جيئن کيس ڏيئي ڇڏيان. پر مان به چالاڪ آهيان. چوندي آهيانس ته جيڪو ٻئي جو بوٽ پائيندو، سو مري ويندو.“

ٻئي دفعي سندس اهليه چيو ته ”بوٽ پائڻ ۾ مون کي هڪ ”نيل“ ڏاڍي تڪليف ٿو ڏئي. اسان جي گفتگو انگريزيءَ ۾ ٿيندي هئي، انگريزيءَ ۾ ”نيل“ ڪوڪي کي چوندا آهن، سو مون سمجهيو ته بوٽ ۾ ڪوڪو آهي، جو پير ۾ چڀيس ٿو. سو، کيس چيم ته ”اوهان موچيءَ کان ”نيل“ ڪڍرائي ڇڏيو.“ هوڏانهن هن کي ڪا ننهن جي تڪليف هئي، انگريزيءَ ۾ ننهن کي به ”نيل چوندا آهن. سا، منهنجي ڳالهه ٻڌي علامه صاحب کي ٺوٺ هڻي چوڻ لڳي ته ”هن ڏي نهار. مون کي ٿو چوي ته موچيءَ کي گهرائي پنهنجو ننهن ڪڍرائي ڇڏ.“

علامه صاحب ان زماني ۾ به غالباً اسي ورهين کان مٿي هو، پر تازو توانو لڳندو هو. مون کي چيائين ”ته ابا، الله ڪيو آهي ته منهنجي چهري جي رونق ڪڏهن به ختم نه ٿي آهي.“ حقيقت به ائين ئي هئي. پر، سندس اهليه ستر ورهين جي هوندي به صفا ضعيف ٿي ويئي هئي. ٻنهي جي پاڻ ۾ ايڏي ته محبت هئي جو پرن ڪيو هئائون ته ”اولاد پيدا ڪونه ڪنداسون ته متان اسان جي سڪ ۾ ڪمي اچي“. زندگيءَ جا چاليهه ورهيه گڏ گذاريا هئائون. ولائت ۾ به گڏ، هت به گڏ، بنگلي ۾ ٽيون ماڻهو رهڻ ڪونه ڏنائون، توڙي ڪيڏو به ويجهو عزيز هجي. بيڊ روم ۾ وهڻ جا هنڌ مقرر هوندا هئا. ڊائننگ ٽيبل تي ڪرسيون آمهون سامهون رکيل هونديون هيون. کاڌي جي وقت نوڪر اطلاع  ڏيڻ لاءِ مقرر ٽائيم تي گهنڊ وڄائيندو هو. سندن رهڻي ڪهڻي ۽ پوشاڪ انگريزي طرز جي هوندي هئي. علامه صاحب جي اهليه ڊگهو فراڪ پائيندي هئي. علامه صاحب ٿري پيس سوٽ پائيندو هو ۽ بٽر فلاءِ ڪالر لڳائيندو هو. ٻاهر نڪرندو هو ته مٿي ۾ فيلٽ هئٽ وجهندو هو.

جڏهن ڪو ملاقاتي ايندو هو ته صبح جو ڊرائنگ روم ۾ ۽ شام جو صحن ۾ وهندو هو. چاءِ جي وقت علامه صاحب کيس پليٽ هٿ ۾ ڏيئي، هڪ ننڍي پيتي اڳيان جهليندو هو، جنهن ۾ برفيءَ جون ننڍيون ننڍيون ٽڪيون رکيل هونديون هيون. ان کان پوءِ پيسٽري پيش ڪندو هو. آخر ۾ هڪ گول ٽپائيءَ تان چاءِ ٺاهي کڻي ايندو هو، جنهن تي چاءِ جو ڇڙو الزام هوندو هو. گرم پاڻيءَ ۾، کير ۽ کنڊ مليل هوندا هئا. پر مون جهڙو مسڪين ماڻهو ۽ اولهه پاڪستان (هاڻوڪي پاڪستان) جو نواب مشتاق احمد گرماڻيءَ جهڙو ارڏو گورنر به ان چاءِ کي تبرڪ سمجهي سڪ سان پيئندو هو. (مون گرماڻي صاحب جا اهڙا گهڻا قصا ٻڌا آهن. کيس بجا طور علامه صاحب جي عقيدتمندن ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو.)

مانيءَ جي دعوت جو اعزاز فقط بروهي صاحب جي قسمت ۾ هوندو هو. سا به سادي مثلاً قيمو مٽر. هڪ دفعي سندس اهليه چيو ته، ”رباني، اڄ رات جي ماني اسان سان گڏ کائي.“ علامه صاحب وراڻيو ته،”پر، ڊارلنگ، کائڻ لاءِ آهي ئي ڇا؟“ مون ٻڌو ته پاڻ ڪڏهن ڪڏهن ڪچن زيتونن ۽ صوفن جو ٻوڙ رڌائي کائيندا هئا.

بروهي صاحب پنهنجي مضمون  ۾ لکيو آهي ته علامه صاحب پنج وقت نماز پابنديءَ سان پڙهندو هو ۽ تهجد لاءِ به اٿندو هو. ممڪن آهي ته حقيقت  به ائين ئي هجي، پر مان هڪ ڳالهه جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. هيڪر علامه صاحب وٽ ويٺا هئاسون، جو مغرب جي نماز جو وقت ٿي ويو. مولانا غلام مصطفيٰ قاسميءَ علامه صاحب کان وضوءَ لاءِ پاڻي ۽ مصلحو گهريو. علامه صاحب پاڻ اٿيو، پاڻيءَ جو ڪئنرو ڀري آڻي، قاسمي کي ڏنائين ۽ مصلو وڇايائين. پاڻ وري اچي اسان سان گڏ ڳالهين ۾ ويٺو. *

ٻي ڳالهه محمد حسن ڀُٽي صاحب کان ٻڌي اٿم. هڪ دفعي يونيورسٽيءَ ۾ ڪانفرنس هئي. علامه صاحب صدارتي خطاب ڪري رهيو هو ۽ سندس زبان مان قرآن ڪريم جون آيتون نڪري رهيون هيون، جو اذان جو آواز آيو. سامهون واريءَ صف مان هڪ بزرگ نماز لاءِ اٿيو. علامه صاحب، وچ تقرير مان، ڏانهس نهاري، جلالي انداز ۾ چيو” هنن احمقن کي ڏسو. نماز لاءِ وڃي رهيا آهن، ڄڻ ته هيءَ نماز ناهي“. علامه صاحب جا اصل اکر هي هئا:

“Look at These Fools. They are Going for prayer as if This is Not a Prayer.”

مون سان ڪن ماڻهن ڳالهه ڪئي ته علامه صاحب پابنديءَ سان نماز پرهندو هو. پر رات جي تنهائيءَ ۾. بعضي بعضي ته اڌ اڌ رات ۽ اسر تائين لاڳيتو پڙهندو هو. اها ڳالهه منهنجي دل کي به لڳي ٿي. پاڻ دل جي حضور سان نماز پڙهڻ جو قائل هو. بقول ڀٽائي:

”جان جان پسين پاڻ کي تان تان ناهه نماز
وڃائي سڀ ساز تهان پوءِ تڪبير چئه“.

بظاهر اهي ڳالهيون عقل جي خلاف لڳن ٿيون. پر علامه صاحب به ته جڳ کان نرالو انسان هو. رڳو زندگيءَ متعلق نه، پر موت متعلق پڻ سندس نظريو منفرد هو.

هڪ دفعي مون کي هڪ عجيب خواب ٻڌايائين. چي: ”لنڊن ۾ پنهنجي گهر ستو پيو هئس. ننڊ ۾ ، فيروز نانا وارن جي هڪ عزيزه کي خواب ۾ ڏٺم. هڪ هٿ ۾ ڊگهي ڪاري پيتي ۽ ٻئي هٿ ۾ ڪپڙن جي هڙ هئس. چوڻ لڳي ته وڃي رهي هئس، سو خيال آيم ته ايلسا کان به موڪلائيندي وڃان. ننڊ مان اٿيس ته الڪو ٿي پيو، سو فيروز نانا وارن کي خط لکي موڪليم. جواب ڏنائون ته برابر فلاڻي ڏينهن مائي گذاري ويئي. ڇهن مهينن کان پوءِ ڪراچيءَ آيس ته کين تعزيت ڏيڻ ويس. ٻڌايائون ته ”ڪئنسر ٿي پئي هئس سو بمبئيءَ کڻائي ويس. اتي سندس ٻانهن ڪپي ڇڏيائون. پر کيس وهم ٿي پيو ته هيءَ  ٻانهن منهنجي جسم جو حصو آهي، سو ڌار ڪيئن ڪريان. ان تي ڊاڪٽرن ٻانهن کي سيون هڻي سڪائي ڇڏيو. پوءِ اها ٻانهن هڪ ڪاريءَ  پيتيءَ ۾ وجهي، ساڻ کنيون، گهمندي وتندي هئي“.

ٻيهر ڳالهه ڪيائين ته احمد فقير ٿيٻو هوندو هو، جنهن مون کي ننڍپڻ ۾ تصوف جا پهريان پهريان سبق ڏنا. هت پليگ پيئي، مون لنڊن ۾ کيس خواب ۾ ڏٺو ته هڪ پائيپ مان منهن ڪڍي، مون کي ڏسي، وري پائيپ اندر هليو ويو. مون ڳوٺ خط لکيو ته اطلاع آيو ته فقير صاحب پليگ ۾ فوت ٿي ويو.

پنهنجي اهليه جي وفات کانپوءِ، هڪ دفعي مون کي چيائين ته”موت اسان جي وچ ۾ رڳو هڪ پردو آهي. روزانو مانيءَ جي ميز تي سندس پليٽ ائين ئي رکبي آهي، جيئن اڳي رکبي هئي ۽ سندس سمهڻ لاءِ بسترو به نوڪر ائين ئي وڇائيندو هو.“

علامه صاحب ائين سمجهندو هو ته وفات کان پوءِ به سندس اهليه جو روح ساڻس گڏ کاڌي جي ميز تي ويهي ٿو ۽ رات جو بيڊ روم ۾ پنهنجو بسترو به والاري ٿو. روحانيت جون ڳالهيون روحانيت وارا ڄاڻن. عام خيال بهرحال اهوئي هو ته علامه صاحب پنهنجيءَ اهليه جي وفات کان پوءِ ويڳاڻو ٿي پيو. * بعد ۾ جيڪو به عرصو زندهه رهيو سو سخت ذهني ڪشمڪش ۾ گذاريائين. هيڏي ساري بنگلي ۾ اڪيلوئي اڪيلو هوندو هو. نوڪر سنجها ويل ماني کارائي هليو وڃي پوءِ ڳالهائڻ وارو ڪير ڪونه. ملاقاتين جو تعداد ڏينهون ڏينهن گهٽبو ويو. ڏينهن جو ملاقاتي آيو نه آئي جهڙو. يونيورسٽيءَ جا جمعي جمعي ڏينهن وارا ليڪچر ڪڏهوڪا بند ٿي چڪا هئا. مشغولي ڪا ڪانه رهي هئي. ڄڻ ته دنيا جا دروازا بند ٿي چڪا هئا.

هڪ اهو زمانو  هو، جو پاڻ جڏهن يونيورسٽيءَ ۾ هو ته سندس چوطرف ماڻهن جا ڪٽڪ هوندا هئا. سندس اهڙو ته رعب هوندو هو، جو جڏهن پاڻ آفيس مان ٻاهر نڪرندو هو ته چوطرف خاموشي ٿي ويندي هئي. آفيس جي ڏاڪڻ تان هيٺ لهندو هو، ته پٽيوالا ۽ ننڍا نوڪر ته ٺهيو پر وڏا وڏا عملدار، جيڪي جتي هوندا هئا، اهي اتي تيسين پٿر جا بت بنجي ويندا هئا، جيسين علامه صاحب پنهنجي گهوڙي گاڏيءَ ۾ ويهي گهر روانو نه ٿي ويندو هو.

پاڻ ڪڏهن به موٽر استعمال نه ڪيائين. جو چاڪيءَ گهوڙي گاڏيءَ ۾ گهران ايندو ويندو هو. سادگي پسند هو. سندس آفيس يا گهر جي ڪنهن به ڪمري ۾ ايئرڪنڊيشنر ڪونه هوندا هئا. يونيورسٽيءَ ۾ فرش تي گلمن ۽ غاليچن بدران تڏن وڇائڻ جو رواج وڌائين. غالباً سندس ذهن ۾ پس پرده سنڌي ڪلچر جي روايتن جو خيال هو. سنڌ جي درسگاهن ۾ اڳي تڏن تي درس تدريس جو ڪم ٿيندو هو.

انگريزن جي ڏينهن ۾ آفيس جا پٽيوالا ڳاڙهي رنگ جي ڪپڙي جو ڪمر ٻٽو چيلهه کي ٻڌندا هئا. علامه صاحب ان جي جاءِ تي ٺٽي جي لونگي رائج ڪئي. لونگيءَ جو رنگا رنگي ڪمر پٽو چيلهه تي ڏاڍو ٺهندو هو.  

کيس سنڌ سان سخت محبت هوندي هئي. در محمد ناريجو ڳالهه ڪندو هو ته علامه صاحب سنڌين جون ڏاڍيون دانهون ڪندو هو. چوندو هو ته”هي ويهينءَ صدي ۾ ڪيئن ڪندا؟ نه صنعت ۾، نه تجارت ۾، ۽ نه وري منجهن قومي ايڪو ۽ اتحاد، اٽلندو هڪٻئي لاءِ حسد.“ ٿڌو ساهه ڀري چوندو هو ته، ”ابا، هي آخر وڃي ڳوٺ وسائيندا ۽ ٻهراڙين مان کير مکڻ آڻي شهري ماڻهن کي پهچائيندا.“

افسوس آهي ته پاڻ جنهن سنڌ سان سڄي عمر عشق ڪيائين، انهيءَ سنڌ کيس جيئري ئي وساري ڇڏيو. پاڻ سنڌ جو شان هو ۽ عمر جي انهيءَ حصي ۾ هو، جڏهن سنڌ، جيڪر، شيڪسپيئر جي لفظن ۾ کيس Love, Honour and Troops of Friends  جو نذرانو پيش ڪري ها، پر، اها سنڌ ڪڏهوڪو سمهي پيئي هئي ۽ علامه صاحب اڪيلوئي اڪيلو جاڳي رهيو هو.

انهيءَ ڏکوئيندڙ صورتحال کي سمجهڻ لاءِ ڪي بنيادي حقيقتون ذهن نشين ڪرڻيون پونديون. هي عالم اسباب آهي. هيءُ سبب ۽ نتيجي جو جهان آهي. علامه صاحب کي اولاد ڪونه هو جيڪو عمر جي آخري حصي ۽ تنهائيءَ ۾ سندس سهارو ٿئي.

انگريزيءَ ۾ چوڻي  آهي ته رت پاڻيءَ کان گهاٽو آهي. قدرت جو اهو نظام آهي ته جيڪا ڇڪ رت کي اچي ٿي، اها ٻئي کي نٿي اچي. چون ٿا ته حيدرآبد ۾ هڪ دفعي پاڻ ۽ سندن اهليه بيمار ٿي پيا. اهو ٻڌي سندس همشيره چوائي موڪليو ته، ”مان اوهان ٻنهي جي خدمت لاءِ اوهان وٽ اچي رهان.“ علامه صاحب انگريزي رهڻيءَ ڪهڻيءَ تي هريل هو، تنهن ورندي موڪليس ته، ”ڀيڻ اسان وٽ توهان لاءِ جدا بيڊ روم ڪونهي.“ سندس همشيره  چيو ته، ”ادا، مان بيڊ روم ڪاڏي ڪنديس؟ مون کي ته اوهان جي خذمت ڪرڻي آهي. رات جو ڪنهن ڪنڊ پاسي سان غاليچي تي آهلي پونديس.“ پر علامه صاحب کي اها ڳالهه پسند ڪانه آئي. هو نهايت نازڪ مزاج ۽ نفاست پسند انسان هو.

سنڌ جا اهل دل ماڻهو بيشڪ علامه صاحب جا عقيدتمند هئا، پر سندن عقيدت جي باوجود علامه صاحب اڪيلو ئي رهيو. ائين ٿي نه سگهيو ته سندس معتقدن جو ڪو وڏو حلقو ڀٽائيءَ وانگر سندس اردگرد رهي. چون ٿا ته لنڊن ۾ ويهن پنجويهن ورهين جي رهائش دوران ڪنهن ”جميعت“ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين. پر اها ڳالهه ڪا خاص شڪل وٺي ڪانه سگهي. سنڌ ۾  موٽي اچڻ ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ کي سنڀالڻ  بعد به شايد کيس اهڙو ڪو خيال ذهن ۾ هو. پر ڪن، نالائق ماڻهن جي هلڪيءَ سلڪيءَ نڪته چينيءَ تي ناراض ٿي اهو خيال لاهي ڇڏيائين.

هن ڪميڻيءَ دنيا ته پيغمبرن کي به ڪونه بخشيو هو. اڳين جا احوال  ته اڳي ٿيا، پر پيغمبر اسلام جي زندگيءَ جو هر واقعو ته رڪارڊ ٿيل آهي. ٻيون ڳالهيون سڀ ڇڏيو، رڳو طائف جو واقعو ڪيڏو نه دردناڪ آهي. ابوجهل ۽ ابولهب ڪير هئا؟ ابوسفيان مڪي جي فتح کان اڳ رسول الله صه سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو هو؟ سندس پٽ امير معاويي، علي رضه سان ڪهڙي پاليسي اختيار ڪئي؟ سندس پٽ يزيد، امام حسين سان ڪربلا ۾ ڪهڙو ڪم ڪيو؟ ڇا اها حقيقت نه آهي ته بدر ۽ احد جي جنگين ۾ خود رسول الله صه کي پنهنجن ئي مٽن مائٽن سان وڙهڻو پيو هو؟ سچ کي سولائيءَ سان ۽ سڌو سنئون ڪهڙي دور ۾ تسليم ڪيو ويو آهي!

علامه صاحب جي نازڪ مزاجي به هڪ وڏو مسئلو هئي. سندس مغربي زندگيءَ واريءَ رهڻي ڪهڻيءَ معاملي کي هيڪاري سنگين بنائي ڇڏيو هو. هو ننڍي هوندي کان ئي لاڏ ڪوڏ سان پليو هو. سندس وفات کان ستت پوءِ، مون وٽ هندستا مان سندس هڪ هندو دوست جو خط آيو هو، جيڪو هن پنجاهه سٺ ورهين جي وڇوڙي کان پوءِ علامه صاحب جو ڪتاب Casual peeps at Sophia   پڙهي انهيءَ اميد سان بورڊ جي ايڊريس تي موڪليو هو ته علامه صاحب کي ملي ويندو. خط ۾ لکيو هئائينس ته، ”مون کي ياد آهي ته جڏهن پاڻ اسڪول ۾ گڏ پڙهندا هئاسون ته تون سڄي ڪلاس ۾ سڀني کان عمدو لباس پائي ايندو هئين؟“ اها ڳالهه علامه صاحب جي ننڍي هوندي جي پرورش جي نشاندهي ڪري ٿي. علامه صاحب پاڻ مون کي ٻڌايو هو ته سندس والد مرحوم امام علي قاضيءَ جي اها ڪوشش هوندي هئي ته، منهنجي پٽ جي بزاري ڇوڪرن سان سنگت نه ٿئي. ”سو مون کي هڪ شخص (آخوند عبدالعزيز) اسڪول ڇڏي ويندو هو، ۽ پڙهائي پوري ٿين تي واپس گهر وٺي ويندو هو.“

اهڙيءَ ريت علامه صاحب جي ننڍپڻ تي نگاهه ڪبي ته نظر ايندو ته هو گوتم ٻڌ وانگر شيشي جي محلات ۾ پلجي وڏو ٿيو هو. هيءَ دنيا اهڙن نازڪ ۽ نفيس شهزادن لاءِ ڏاڍو ڏکيو ماڳ ۽ مڪان آهي. هت ته  وک وک تي ڪنڊا چڀن ٿا. ۽ انهن کي هٽائي پنهنجي لاءِ رستو ڪڍڻو پوي ٿو. پر اها ڳالهه علامه صاحب جي مزاج جي خلاف هئي. هو سنڌ جي روايتن موجب سچو صوفي هو، جو توڪل جو قائل هو. وس پڄيس ها ته شاهه ڪريم وانگر روزانو رات جو پاڻيءَ جا گهڙا به خالي ڪرائي سمهي ها. حيدرآباد ۾ سمورو عرصو ڪرايي جي گهر ۾ رهيو، جنهن ۾ سالن جا سال فرنيچر به ڪراچي جو پيل هوندو هو. دوستن جي اصرار تي لطيف آباد ۾ آخر هڪ گهر ٺهرايائين پر ان ۾ هڪ ڏينهن به ڪونه ويٺو. هڪ دفعي مون کي چيائين ته، ”ابا مون سڄي عمر ائين گذاري آهي جو هن دنيا مان اڄ اٿي وڃڻو پويم ته ڪابه دير نه لڳيم.“ ۽ آخر اهو ڏينهن اچي پهتو.

پوين ڏينهن ۾ پاڻ غزاليءَ ۽ ڀٽائيءَ جا مثال ڏيندو هو، جن ان پاڻي ڇڏي ڏنو هو. چوندو هو ته ”جڏهن غزاليءَ جي وصال جو ڏينهن آيو ته چيائين ته ادي يمن مان جيڪو ڪفن آندو هو، اهو ته کڻي اچو. ڪفن آڻي ڏنائونس، مٿان وڌائين، ڪم ختم“.

ڀٽائيءَ لاءِ چوندو هو ته ”پوين ڏينهن لاءِ سندس سڀني سوانح نگارن جو چوڻ آهي ته کاڌو ڇڏي ڏنائين. فقيرن کي رات ڏينهن راڳ جو حڪم ڏنائين ۽ پاڻ کي حجري ۾ بند ڪيائين. اٺين پهر ٻاهر نڪرندو هو. رکو سڪو گرهه وڌو نه وڌي جهڙو، پاڻي ڍڪ پي، وري حجري ۾ گهڙندو هو ۽ دربند ڪندو هو. هڪ ڀيري جڏهن ڏينهن پهر پئجي ويو ۽ پاڻ ٻاهر نه نڪتو، ته فقيرن حجري جو در ڀڳو. اندر وڃي ڏسن ته سندس روح جو پکيئڙو ڪڏهوڪو پرواز ڪري چڪو آهي.“

انهن ڏينهن ۾ علامه صاحب ڀٽائي صاحب جي انهيءَ ڪافي جو به بار بار حوالو ڏيندو هو، جنهن ۾ فرمايو اٿس ته،

”نڪي تفاوَتَ ۾، نڪي منجهه رباب،
ڪهڙي منجهه حساب، هئڻ منهنجو هوت ريءَ“

ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ مقدمه لطيفيءَ  ۾ هڪ هنڌ ڏاڍو سهڻو جملو لکيو آهي ته، ”شاهه جي حياتي، هاڻ سالن جي جدول تان هٽي، اچي مهينن جي مُدي تي بيٺل آهي.“ علامه صاحب جي معاملي ۾ به اهائي حقيقت ڪارفرما ٿي. پوين ڏينهن ۾ پڇائون ڪندو هو ته”جيڪڏهن ڪا مشين پنهنجو ڪم پورو ڪري ڇڏي ته پوءِ ان کي قائم رکڻ مان ڪهڙو فائدو؟“

سندس ذهني ٿڪاوٽ جو تصور هن ڳالهه مان ڪجي ته پاڻ هڪ دفعي مون کي چيائين ته، ”ابا، مان الف ليليٰ وارو اهو حجام آهيان، جو سدائين پيو بڪ بڪ ڪندو هو.“ پوين ڏينهن ۾ اهي به پڇائون ڪرڻ لڳو ته ”قرآن ۾ آپگهات جي منع آهي؟“

ڏک جي ڳالهه اها هئي ته ڪنهن جي مجال هئي، جو ساڻس ڪا ڳالهه ڪري سگهي؟ اديب ۽ عالم ته برابر گهڻا ئي هئا، پر سندس علم ۽ عظمت اڳيان مڙني جي حالت ائين هئي، جيئن همالا جبل جي پيرن ۾ ڄامڙا پيا ڊوڙن. ڪير ڪنڌ کڻي مائونٽ ايورسٽ ڏي نهاري سگهي، ڳاٽو نه ٽٽي پويس!

پاڻ کليو کلايو ۽ عام جام چوندو هو ته، ”ڪو موٽر وارو دوست هجي،  جو درياءَ تي هلي اسان کي ڇڏي اچي. درياءَ جو پاڻي ڏاڍو ٿڌو ۽ مٺو هوندو. جيڪر منجهس گهڙي سمجهي پئجي.“

ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو خيال آهي ته علامه صاحب جيڪو شاهه جو رسالو ترتيب ڏنو آهي، ان ۾ اهو اصول پيش نظر رکيو اٿس ته شاهه جي فڪر جي اوسر ۽ ارتقا ڪيئن ٿي آهي؟

ان خيال کان ڏسبو ته صاف نظر ايندو ته علامه صاحب جي نظر ۾ سهڻي جو ڪردار انسان ذات جو معراج آهي، ۽ ان داستان جو نقطه عروج هي آهي ته:

”گهڙو ڀڳو، منڌ مئي، وسيلا وئا،
تنهان پوءِ سئا، سهڻيءَ سڏ ميهار جا.“

گويا ”وسيلا“ ئي ميهار سان ميلاپ جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. انهن جو ختم ٿيڻ اولين شرط آهي. ”هونئن به ڀلا جڏهن ڪا مشين پنهنجو ڪارج پورو ڪري چڪي هجي ته پوءِ هرو ڀرو ان کي قائم رکڻ مان فائدو؟“

هڪ دفعي ٻيڙي فقير اچي مون کي چيو ته ”اڄ علامه صاحب کي مڃي ڇڏيم.“

مون چيو ”سو وري ڪيئن؟“

چيائين ته، ڳالهين ڪندي، ڳالهه ڪيائين ته ”ٻيڙا فقير، قليچ بيگ ڏاڍي پاهوڙي هنئين آهي. اهو پاهوڙي هڻڻ وارو محاورو اڄ ورهين کان پوءِ علامه صاحب کان ٻڌو اٿم.“

مون ان تي پنهنجي ڳالهه ٻڌايس ته علامه صاحب سان هڪ دفعي لڱن جي سور جي دانهن ڪيم. چيائين ته ”ابا ڳڻتيءَ جي ڳالهه ڪانهي. اها موسمي ڦير گهير آهي. ٻڌو ڪونه اٿيئي ته

”وڻن ۾ ٻور، لڱڻ ۾ سور“

۽ وڏڙا ائين به چوندا هئا ته

”ڦڳڻ ڦلاريو

ڏينهان اونهارو

راتيان سيارو“

علامه صاحب کي اهو احساس هوندو هو ته انهن پهاڪن ۾ وڏي دانائي ۽ سون سالن جي سياڻپ سمايل آهي. هاڻي جڏهن کيس خاطري ٿي آهي ته سندس جسم جي مشين پراڻي ٿي چڪي آهي، پنهنجو ڪارج پورو ڪري چڪي آهي، ان کي قائم رکڻ مان ڪو فائدو ڪونهي، دنيا  به پنهنجو منهنڙو مٿي ويئي آهي، يار، دوستار،  سنگتي، ساٿي وڃي پنهنجن ڌنڌن کنڌن سان لڳا آهن، جنهن اهليه سان زندگيءَ جا چاليهه ورهيه گڏ گذاريائين، سا عالم ارواح مان پيئي سڏيس، تڏهن سنڌي زبان جو پهاڪو وري وري سندس زبان تي پيو اچي: ”اڙي انهيءَ جيئڻ کان ٻڏي نه مرين.“

چون ٿا ته پنهنجن پوين ڏينهن ۾ چوڻ لڳو ته ”ايلسا کي آخري عمر ۾ گڙدن جي خرابيءَ جي بيماري ٿي پيئي هئي. اسان کي به ساڳي بيماري ٿي پيئي آهي. ان بيماريءَ ۾ ماڻهو ڪوما ۾ هليو ويندو آهي ۽ پهرن جا پهر بيهوش ٿي  ويندو آهي. اسان ڪنهن کي به تڪليف ڏيڻ نٿا گهرون.“

پر ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته کيس ”يوريميا“ يا گڙدن جي ٻي ڪابه بيماري ڪانه هئي. بلڪل تندرست هو. هڪ دوست ڊاڪٽر علي محمد انصاريءَ جي حوالي سان ڳالهه ڪئي ته علامه صاحب کي واقعي گڙدن جي بيماري هئي، انڪري مون محترم انصاري صاحب کان وضاحت گهري. هن مون کي خاطري ڏني ته ”کيس گڙدن جي يا ٻي ڪابه بيماري ڪانه هئي“. منهنجي خيال موجب، علامه صاحب فيصله ڪن قدم کڻڻ لاءِ جواز تلاش ڪري رهيو هو ۽ پاڻ کي ذهني طور تيار ڪري رهيو هو.

اپريل جي 13 تاريخ هئي. چڱي گرمي هئي. سڄو ڏينهن ڌوڙيو پئي وسيو. دستور جي خلاف، شام جو سوير ئي سوٽ ڪوٽ پائي تيار ٿيو ۽ نوڪر کي رڪشا آڻڻ لاءِ چيائين. پوين جي رهبريءَ لاءِ ميز تي چٺي چپاٽي به رکيائين. ان ۾ سنڌ لاءِ دعائون لکيائين*

خوشا شيراز وضعش بيمثالش

خداوندا نگهدار از زوالش

پوءِ رڪشا واري کي ونتري بندر ڏي هلڻ لاءِ چيائين. جڏهن اتي پهتو ته درياهه جي بند تي رڪشا مان لٿو ۽ پيرين پيادو اڳتي وڌيو. اهو غالباً اهڙو ئي دردناڪ منظر هو، جهڙو گوتم ٻڌ جي محلات مان نڪرڻ مهل هوندو. گوتم ٻڌ رات جي وڳڙي ۾ رٿ تي سوار ٿي درياهه تي پهتو هو. رٿ کي پوئتي موٽائي، ٻيڙيءَ واري کي ”ٻئي پار“ وٺي هلڻ لاءِ چيو هئائين. آخر زندگيءَ جو سڀ کان اوکو مسئلو ٻئي پار هلڻ ئي ته آهي.

سال ٻه اڳ مان بنگله ديش جي دوري تي ويس. ايشيا جي ملڪن مان منتخب اديب ۽ شاعر اچي گڏ ٿيا هئا. هڪ شام جو اسان کي ڍاڪا ۾ ٽي وي اسٽيشن تي وٺي ويا ۽ آواز ۽ روشنيءَ جي رنگن وسيلي موسيقيءَ جو پروگرام پيش ڪيائون. ان پروگرام جا ٻه گيت مون کان ڪڏهن ڪونه وسرندا. هڪ گيت ڪوي ٽئگور جو هو، جنهن جا ٻول هئا:

”تون اهڙو ئي سهڻو آهين جهڙو منهنجي دل ۾ تنهنجو تصور، يا ايڏو حقيقي ۽ روشن آهين، جيڏو آسمان ۾ قطب تارو“.

ٻيو گيت لالڻ شاهه نالي هڪ مسلمان صوفي شاعر جو هو. ڳائڻ واري بيحد حسين هئي ۽ سندس آلاپ جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. رنگبرنگي اولڙن جي اوٽ ۾ سحر بنگال اسان کي واقعي مسحور ڪري ڇڏيو. لالڻ شاهه جي گيت جا ٻول هئا:

”مون کي درياهه جي ٻئي پار وٺي هل“

Take me to the other side of the river

گيت جا آلاپ جيئن فضا ۾ بلند ٿيا، ته بت مان سيسراٽيون نڪري ويون. جڏهن پنهنجي ساڄي کاٻي نهاريم ته بيشمار اکين جي پنبڻين ۾ پاڻ وانگر ڳوڙهن جون جهالرون ڏٺم. ماڻهن جا هيانءَ ڦسي پيا هئا. سندن سڏڪن ۽  سيسراٽين جي وچ ۾، مغنيه جا آلاپ فضا ۾ گونجي رهيا هئا:

”مون کي درياهه جي ٻئي پار وٺي هل“

گوتم ٻڌ درياهه جي ٻئي پار پهچي، لوئي ڪلهن تان لاهي، ٻيڙيءَ واري کي ڏني هئي ۽ پاڻ بن ۾ الوپ ٿي ويو هو.

علامه صاحب درياهه جي ڪپ تي پهچي، پنهنجي ڪنڌ مان بٽر فلاءِ ڪالر ڪڍيا ۽ ٽوپلي سان گڏ هڪ ٻوڙي ۾ رکيا. پوءِ ڇٽي کڻي، ان جي ٽيڪ تي پير پير ۾ ڏيندو، بند تان هيٺ لهندو، درياهه جي ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ ڏانهن وڌڻ لڳو. اوچتو پير ٿڙڪي ويس، ڪنڌ ڀر پوئتي ڪريو ۽ مٿو وڃي پٿر سان لڳس. ڇٽي ڇڏائجي ويس، نازڪ ۽ نفيس ته اڳيئي هو، گهلبو، گهر ڪندو، هيٺ درياءَ ۾ وڃي پيو. پر مهراڻ جي موجن سان همڪنار ٿيڻ کان اڳ عزرائيل کان اهو ڏکوئيندڙ منظر ڏٺو نه ٿيو. سڪ مان سڏ ڪيائيس:

اوڏڻ اوري آءُ، توکي لاکي ڪوٺئو
لهي تو مٿاءُ، سندو مٽيءَ مامرو

جڏهن سندس لاش درياهه مان ڪڍيائون ته کيس پيٽ ۾ پاڻيءَ جو ڦڙو به ڪونه هو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته اهو ان ڪري جو درياهه ۾ سندس جسم جي داخل ٿيڻ کان اڳ ئي سندس دم پرواز ڪري چڪو هو. اها سومهاڻيءَ جي مهل هئي. پر بي. بي. سي، پاڪستان ريڊيو ۽ آل انڊيا ريڊيو تي سندس وفات جي خبر جا ڌڌڪا هئا. صبح جو سوير ئي خلق جي ديدار لاءِ سندس جنازو سينگاري، بنگلي جي هڪ ڪمري ۾ رکيو ويو.

ڪن ظاهر بين شخصن اعتراض اٿاريندي، سائين جي. ايم. سيد کي چيو ته، ”حيرت آهي ته علامه صاحب جهڙي ڏاهي انسان خودڪشي ڪئي؟“

سائينءَ جواب ڏنن ته، ”ان م حيرت جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ اسان سڀ جو روزانو خودڪشي ڪريون ٿا!“

مون کي ياد آهي ته علامه صاحب جي وفات جو ٻڌي، مان صبح جو جيئن سندس بنگلي تي پهتو هئس ته ماڻهن جو چڱو هجوم گڏ ٿي چڪو هو. جڏهن ڪمري ۾ گهڙيس ته سندس سينگاريل جنازو برف جي ٻن نادين جي وچ ۾ ميز تي رکيو هو. ميز تان برف جو ٿڌو ۽ مٺو پاڻي، جيڪو سنڌو درياهه جو ئي هو، ڦڙن جي صورت ۾ هيٺ پٽ تي ڪري رهيو هو. مون جڏهن سندس چهري تي نگاهه ڪئي ته هو مون کي مٺيءَ ننڊ ۾ نظر آيو. پر انهيءَ ابدي آرام ۾ به هو مون سان هم ڪلام ٿيو. هن مون کي ڇا چيو اهو عرض ڪريان، ان کان اڳ، هڪ واقعو بيان ڪرڻ گهران ٿو.

محي الدين ابن عربي جڏهن ويهن ورهين جي ڦوهه جوانيءَ ۾ هو، تڏهن هاڪاري مسلمان فيلسوف ابن رشد جي علم ۽ فضل جي هنڌين ماڳين هاڪ هئي. Creative Immagination in the Philosophy of Muhhiuddin IBN-E-Arabi  جي مصنف لکيو آهي ته جڏهن ابن عربي وڏو ٿيو، تڏهن سلطان جي ڪاتب سان گڏ قرطبہ جي چونڪ ۾ بيٺو هو ته اوچتو هل ٻڌائين ته ابن رشد وفات ڪري ويو آهي ۽ سندس جنازو کنيون ٿا اچن.

ابن عربيءَ جو چوڻ آهي ته ”جڏهن ابن رشد جو جنازو کڻي آيا ته اهو بار برداريءَ جي هڪ جانور تي خرجين  ۾ پيل هو. مون ڏٺو ته خرجين جي ٻئي پاسي، وزن کي پورو بيهارڻ لاءِ، اهي سڀ ڪتاب وڌا هئائون، جي ابن رشد پنهنجيءَ حياتيءَ ۾ لکيا هئا.“

سائين جي. ايم. سيد سان مون جڏهن اها ڳالهه ڪئي هئي تڏهن مون کي چيو هئائين ته، ”حقيقت ائين ڪانه هئي، اهو ابن عربيءَ جو پنهنجو تصور هو.“

حقيقت ڪيئن به هجي، پر درياهه جي ٿڌي ۽ مٺي پاڻيءَ جي ٽپڪندڙ ڦڙن جي وچ ۾، مٺي ننڊ ۾ ستل علامه صاحب جي معصوم چهري ڏي، جڏهن مون ڏکويل دل ۽ ڀنل اکڙين سان نهاريو، تڏهن کيس ٻاجهاري انداز ۾ پاڻ سان همڪلام ٿيندي ٻڌم. فرمايائين:

”ابا، رباني تون ويهارو ورهيه اڳ مون وٽ هڪ سوال کڻي آيو هئين ته انساني زندگيءَ جو مقصد ڇا آهي؟

توکي انهيءَ سوال جو ڪو جواب مليو؟“


*         علامه صاحب، ڀٽائي صاحب جو هڪ بيت عام جام پڙهندو هو: ”تن تنيندو آءُ، مک ڏهاڙي مڪڙيءَ“

محترم علي احمد بروهيءَ هڪ دفعي علامه صاحب جي شخصيت متعلق چيو هو ته، سنڌ ڀٽائيءَ کان پوءِ جيڪو  وڏي ۾ وڏو ماڻهو پيدا ڪيو، سو شايد علامه قاضي هو“.

ٻئي دفعي، محترم ابراهيم جويي، علامه صاحب جي شخصيت تي تبصرو ڪندي مون کي چيو هو ته: ”اڻويهينءَ صديءَ

*  سائين جي – ايم سيد، پنهنجي ڪتاب ۾ علامه صاحب جي حياتيءَ جو جيڪو احوال ڏنو آهي، سو بلڪل مستند آهي، ڇو ته سندس پيغام تي، اهو احوال انهيءَ ڪتاب لاءِ علامه صاحب خود مون کي لکايو هو. بعد ۾ ڪي ٿورا ٽڪرا روڪايا هئائين، جي  مون کان اڳتي هلي ضايع ٿي ويا. البت، ان احوال ۾ علامه صاحب جي ٻيءَ شاديءَ جو جيڪو ذڪر آهي، سو سائينءَ طرفان اضافو آهي ۽ علامه صاحب ان بابت مون سان ڏک جو اظهار ڪيو هو ته اهو حقيقت کان بعيد آهي.

*  تازو ٻڌم ته علامه قاضي ميموريل سوسائٽيءَ جو چيئرمين ممتاز علي قاضي ۽ سندس رفيق محترم علي احمد بروهي، علامه صاحب جي ڪاغذن کي ڇپائڻ لاءِ هاڻي پوري توجهه سان ڪوشش ڪري رهيا آهن. دعا آهي ته خدا سندن ڪوششون ڪامياب ڪري. علامه صاحب جا جيڪي مضمون مرحوم بروهي صاحب مون وٽان کڻي ويو هو، سي ”ٽارچ“ اخبار ۽ ”ايڪو“ رسالي ۾ ڇپيل مضمون هئا. علامه صاحب، وفات کان اڳ، ذاتي خطن ۽ متفرقه ڪاغذن جو ٻيو چڱو ذخيرو به منهنجي حوالي ڪيو هو. اهو به مرحوم بروهي صاحب مون کان ورتو هو. علامه صاحب انهيءَ نوعيت جو اهڙو ذخيرو مون سان گڏ برادرم مير محمد نظاماڻيءَ جي حوالي به ڪيو هو.

*  هڪ دفعي عيد جي ڏينهن مان علامه صاحب وٽ ويٺو هئس، ته سنڌ جو هڪ سياستدان کيس ”عيد مبارڪ“ ڏيڻ آيو. جيڪو وقت ويٺو هو، سو سمورو وقت مخرج سان سياسي ڳالهيون ڪندو رهيو ته ”قبلا، غريب ماڻهن کي ته هاڻي پنهنجو رت ڪٽورو ڏئي ڀت ڪٽورو وٺڻو ٿو پوي.“ علامه صاحب خاموشيءَ سان سندس گفتگو ٻڌندو رهيو. جڏهن اٿيو تڏهن علامه صاحب انهيءَ ٿلهي متاري سياستدان ڏي اشارو ڪري، مون کي چيو ته ”ويچارو غريبن جي غم ۾ ڳري ڪنڊا ٿي ويو آهي.“

*         پهريون ڪتاب لنڊن ۾ رهائش جي دوران ”ڀوري ڇوڪري خدا جي تلاش ۾“ عنوان هيٺ لکيو هئائين. سندس ان تصنيف جو محرڪ جارج برنارڊشا جو هڪ ڪتاب هو، جنهن جو نالو هو ”ڪاري ڇوڪري خدا جي تلاش ۾.“ سنڌي ادبي بورڊ، علامه صاحب جي انهيءَ ڪتاب جو سنڌي ترجمو به شايع ڪيو آهي ۽ اصلي انگريزي ڪتاب پڻ.

مرحوم بروهي صاحت وفات کان ڪجهه مهينا اڳ مون کان فون تي پڇيو ته ”علامه صاحب بابت پنهنجي ڪتاب جو مسودو حافظ جي شعرن ڀيٽڻ لاءِ توکي ته ڪونه ڏنو اٿم؟“ مون لاعلميءَ جو اظهار ڪيو. پوءِ ڪنهن ڄاڻو سڃاڻوءَ جو نالو کنيم ته متان اوهان فلاڻي کي ڏنو هجي. چيائين ته مان اهڙو اهم مسودو اهڙي ماڻهوءَ کي ڏيندس!“ خبر ناهي ته اهو مسودو ڪهڙي موضوع تي هو؟ مون ٻڌو هو ته علامه صاحب قرآن ڪريم تي ڪي نوٽس ڇڏي ويو هو. هڪ دفعي مون چيو هئائين ته ”ابا، اڄ ڏينهن تائين قرآن جو مقدمو (Introduction) به ڪونه لکيو ويو آهي.“

*  جتوئي صاحب پنهنجي مضمون ۾ وضاحت ڪئي آهي ته علامه صاحب سانجهيءَ ۽ سومهاڻيءَ جون نمازون گڏي پڙهندو هو. علامه صاحب تي مون جيڪي به مضمون پڙهيا آهن، تن مڙني ۾ جتوئي صاحب جو مضمون وڻيو اٿم.

*  بقول شيخ علي محمد، ايڊيٽر آفتاب: ”علامه صاحب، پنهنجي گهرواريءَ کانپوءِ ڇهه مهينا به اڪيلو جالي ڪونه سگهيو.“

*   ان چٺيءَ سان گڏ، ٽيبل تان، فلسفيانه نوعيت جي هڪ مختصر تحرير پڻ هٿ آئي. پروفيسر جتوئي ان کي علامه صاحب جي آخري تحرير قرار ڏنو آهي. ممڪن آهي ته ائين ئي هجي. ممڪن آهي ته پاڻ جو گهر ۾ اڪيلو هوندو هو، ته جيڪس محسوس ڪندو هو، سو وقتاً فوقتاً ڪاغذ تي ليڪن پائڻ وانگر لکندو رهندو هو، ڇو ته ساڻس ڳالهائڻ وارو ته ڪير ڪونه هو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org