سيڪشن؛ شخصيات

مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي شخصيت

 باب--

صفحو :6

 

نوٽ:مٿين ٽنهي ڪتابن ۾ حضور صلعم جن جي سيرت مبارڪ بيان ڪيل آهي. گويا هڪڙو ئي ڪتاب آهي جنهن جا ٽي حصا ڪيا ويا آهن.

5.نور الايمان: قيمت 50-1 رپيو، صفحا 362، ليٿو پريس ڪراچيءَ ۾ ڇپيو.

قرآن شريف جي تفهيم ۽ تفسير لاءِ موزون ڪتاب آهي. هن وقت تائين سنڌي زبان ۾ جيڪي به تفسير لکيا ويا آهن تن ۾ هي ڪتاب بلند حيثيت رکي ٿو. منجهس ٻولي سليس ۽ سهڻي ڪم آندي ويئي آهي.

6.ميرن جي صاحبي: قيمت 0-4-1 روپيو، شيخ الاسلام پريس ڪراچيءَ ۾ ڇپيو.

نهايت سليس ۽ سندر سنڌي زبان ۾ لکيل آهي. هن ڪتاب ۾ ميرن صاحبن جي اٿڻي ويهڻي ، حڪومت هلائڻ جو ڍنگ، عام ماڻهن سان سلوڪ، ان وقت سنڌ جي حالت ۽ آسودگيءَ جو دلڪش بيان ڏنل آهي.

7.ڪمال ۽ زوال: قميت 0-01-0 آنا، سنه 1923ع ۾ ڇپيو، صفحا 110 ڀارت پريس ڪراچي.

هي ڪتاب علامه ابن خلدون جي مشهور ڪتاب ”مقدمه ابن خلدون“ جي ڪن ڀاڱن جو ترجمو ٿيل آهي. هن ڪتاب جي ٻوليءَ جو اهو ڪمال آهي جو ترجمو ته لڳي ئي ڪو نه ٿو ڄڻڪه اصل ڪتاب ئي حڪيم صاحب جو لکيل آهي. منجهس حاڪمن لاءِ حڪومت هلائڻ جو ڍنگ، نصيحتون ڏنل آهن. ساڳيءَ طرح قومن لاءِ پڻ هدايتون ڄاڻايل آهن ته حاڪم سان ڪيئن پيش اچن ۽ ڪهڙيءَ طرح حڪومت ۾ حصو وٺن، ڪهڙين ڳالهين کان پاسو ڪجي. جيڪڏهن اهڙين ڳالهين کي چهٽي پئبو ته نتيجو ڪهڙو نڪرندو وغيره.

ڪتاب جي آخر ۾ علامه ابن خلدون جي زندگيءَ جو مختصر احوال ڄاڻايل آهي.

8.ابوالفضل ۽ فيضي: قيمت 0-4-1 رپيو 1936ع صفحا 200 عدد، سنڌ پرنٽنگ پريس شڪارپور ۾ ڇپيو.

شهنشاهه اڪبر جي نون رتنن ما هي ٻه رتن، جن جو تعلق سيوهڻ سان هو، تن جي زندگيءَ جا حالات، اڪبر جي درٻار تائين رسائي، سندن لياقت ۽ قابليت ۽ ڪارنامن جو تفصيلوار بيان سهڻي پيرايه ۾ ڏنل آهي.

9.دينيات جا ٽي حصا:

اسلام جي رڪنن ۽ بنيادي ڳالهين جهڙوڪ: توحيد، خدا جون صفتون، خدا جا رسول، پاڪ ڪتاب، اسلام، نماز، ٻانگ، روزا، زڪوات ۽ حج بابت مڪمل حقيقتون درجي بدرجي دينيات جي ٽنهي حصن ۾ ڄاڻايل آهن. اهي ڪتاب اڳي خاص طرح مسلم اسڪولن ۾ درسي طور پڙاهيا ويندا هئا.

10.اسلامي ڪتاب:

حڪيم صاحب اسلامي پنج ڪتاب، ٻاراڻو، پهريون، ٻيون، ٽيون ۽ چوٿون لکيا جن ۾ الله پاڪ جل شانه جي وحدانيت، رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم ۽ سندن خليفا، مشهور اصحاب سڳورن جا ڪارناما ۽ زندگيءَ جو احوال، شيطان ۽ نفس بابت حقيقتون، نيڪي، بدي، پاڙيسرين جا حق، پورهيو، تندرستي ۽ ٻيون تاريخي ۽ جاگرافيءَ جون حقيقتون، نصيحت آموز ڪهاڻيون ڄاڻايل آهن. هنن ڪتابن جي مطالعي ڪرڻ سان علمي لياقت ۾ گهڻو اضافو ٿئي ٿو ۽ ٻوليءَ جو بنياد پختو ٿئي ٿو.

11.بهار ڪلام عرف بهار اخلاق: قيمت 0-10- آنا سنه 1938ع ۾ ست نارائڻ پريس ڪراچيءَ ۾ ڇپيو، صفحا 59 عدد. هن ڪتاب ۾ حڪيم

صاحب پنهنجو شعر ڄاڻايو آهي، جو اڪثر عروض  جي بحرن تي لکيو اٿس. سندس شعر پاڪيزه ۽ صاف آهي. عام شاعرن وانگر معشوقن جي وصف ناز نخرا، خدوخال، رخسار رنگين، لعل لب، نرگس چشمه، شمشير ابرو وغيره جو تذڪره ڪو نه ڪيو اٿس. سندس سڄو ڪلام قادر جي قدرت، حب وطن، ملڪي خدمت ۽ قومي جذبات سان ڀرپور آهي. (وڌيڪ تفصيل شعر واري حصي ۾ ڏنل آهي).

12.دل ۾ گهاءُ ڪندڙ مناجات:

الله تعالى جي حضور ۾ پنهنجو حال اورڻ ۽ ڪيل گناهن کان معافي وٺڻ لاءِ مناسب ۽ اثرائتي انداز ۾ دعا گهري ويئي آهي.

13.خدا هڪڙو آهي:

هن ڪتاب ۾ الله پاڪ جي هيڪڙائي ۽ توحيد بابت ذڪر ڏنل آهي. ان باري ۾ مناسب مثال ڏنا ويا آهن.

14.مثنوي داستان قوم:

مسلم قوم جي حال ۽ افغانن جو ذڪر نطم ۾ ڏنو ويو آهي.

15.سنڌ جي تاريخ پهريون حصو:

سنڌ جي ابتدائي حاڪمن جو تفصيلوار بيان ڪيل آهي.

16.آفتاب ادب:

قيمت 0-4-2 روپيا صفحا 215 سنه 1956ع سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد ۾ ڇپيو.

حڪيم صاحب هي ڪتاب پنهنجي حياتيءَ ۾ لکي ڇڏيو هو. پر پوءِ سنه 1956ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڇپايو آهي. منجهس ٻوليءَ جي تقدس، تاريخ، سونهن، سينگار، صنايع ۽ بدايع تي بحث ڪيو ويو آهي. سنڌي ٻوليءَ تي هن وقت تائين جيڪي به ڪتاب لکيا ويا آهن تن ۾ ممتاز حيثيت رکي ٿو.

مٿين ڪتابن کان سواءِ حڪيم صاحب عربي ۽ فارسيءَ ۾ به ڪي رسالا لکيا، جن جو ذڪر پنهنجي ڪتاب نورالايمان ۾ ڪيو اٿس.

 

فصل ستون

اهم ڪتابن تي تبصرو

”حيات النبي“

تعارف: برطانوي سامراج جي تسلط نه رڳو ملڪ جو اقتصادي ۽ سياسي استحصال ڪيو، ليڪن پنهنجي ظالمانه اقتدار کي قائم رکڻ لاءِ هڪ طرف ”ويڙهائيو ۽ هڪومت ڪريو“ جي پاليسي اختيار ڪئي، ته ٻئي طرف اسان جي سماجي، علمي ۽ مذهبي قدرن کي بگاڙڻ جي به ڪوشش ڪئي. اسان جي عالمن، اديبن ۽ دانشورن جڏهن پنهنجي سماج کي پنهنجي قدرن ۽ عظيم شخصيتن جي عظمت کان ڇورو ٿيندي ڏٺو، تڏهن عوام جون فرنگي سرڪار کان وفاداريون بدلائڻ لاءِ پنهنجي مذهبي، سياسي، سماجي، علمي ۽ ادبي شخصيتن کي اجاگر ڪرڻ ۽ اڀارڻ شروع ڪيو. مطلعي هيٺ آيل ڪتاب ”حيات النبي“ به اهڙي ڪوشش جو نتيجو هو.

ڪتابن جو مصنف حڪيم فتح محمد سيوهاڻي پنهنجي دؤور جو نامور عالم، اديب ۽ سياستدان هو. کيس خبر هئي ته سندس زماني ۾ عوام لي ڪهڙي ادب جي ضرورت آهي. انهيءَ سلسلي ۾ پاڻ لکي ٿو ته ”ههڙي متبرڪ ۽ ضروري  ڪتاب جي ضرورت ۽ گهرج سنڌ وارن کي جيتري قدر هئي، اوتري قدر ٻئي ڪنهن به ڪتاب جي ڪا نه هئي. مگر افسوس جو اهل علم ۽ اهل قلم هن پاسي کان اهڙو ته پاسيرو رهيا، جو جھڻ هن ڪم لاءِ نه سندن قلم تيار هو  ۽ نه هٿ ئي ٿي هليا. ناول ۽ ناٽڪ لکي سنڌي زبان کي عيبدار  ڪيائون،

ماڻهن جو مذاق بگاڙيائون، اوليائن ڪرامن جون ڊبل ڊبل ۽ مبالغه آميز تاريخون لکيائون. مگر سيدالانبياءَ والمرسلين صلي الله عليه وسلم جي مبارڪ احوال لکڻ جي افسوس، جو يادگيري به ڪا نه ڪيائون. مون ههڙي ڪتاب جي سخت ضرورت سمجهي ان کي هٿ ۾ کنيو. مون ڪهڙيءَ طره هي متبرڪ ڪتاب لکي پورو ڪيو، سا خبر مون کي آهي. صبح کان وٺي شام تائين، شام کان وٺي رات جي 10 بجي تائين بيمار جي علاج ۽ مريضن جي معالجي ۾ مشغول رهڻ ۽ هر هڪ بيمار جي مختلف پڪارن ٻڌڻ کان سخت ٿڪجي پوڻ هوندي به پنهنجي ننڊ ڦٽائي، آرام حرام ڪري هي ڪتاب لکندو رهيس(1).“

حڪيم صاحب هي ڪتاب سنه 1916ع ۾ لکيو، جيڪو ساڳئي سال شايع ٿيو. ان کان پوءِ پنج ايڊيشن نڪري چڪا آهن. ڪتاب جو تفصيلي تنقيدي جائزو هيٺ ڏجي ٿو:

مواد: مطالعي هيٺ آيل ڪتاب، موضوع جي لحاظ کان سوانح سان واسطو رکي ٿو، جيتوڻيڪ سمورو ڪتاب نثر تي مشتمل آهي، پر ڪن هنڌن تي فاضل مصنف پنهنجو شعر به ڏنو آهي، جيڪو موضوع جي سنئين سڌي ڀر وٺي بيهي ٿو. اهڙي قسم جي ڪلام مان نموني طور هيٺ ڏجي ٿو؛

صبا وڃي سپرين کي ڏجئين سوين سلام،

عاشق  آن   جو   عشق   ۾  قائم  تا  قيام،

صابر  شاڪر  سي  رهن  خان  ٿين  نه  خام،

پيئندا   جنت   جام   هٿان   حبيبن   جي.

فاضل مصنف سموري مواد کي 236 ٽپن ۾ ورهائي، هر هڪ ٽپ جي ضرورت مطابق وضاحت ڪئي آهي. سموري ڪتاب ۾ حڪيم صاحب پڙهندڙن کي جيڪي ڪجهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ان بابت پاڻ لکي ٿو:

”هن ڪتاب جو نالو ”حيات النبي“ رکيو اٿم، جو ڪيترن سببن ڪري منهنجي دل کي ڏاڍو وڻي ۽ پيارو لڳي ٿو. هن متبرڪ ڪتاب لکڻ مان منهنجو خاص مطلب هيءُ آهي ته منهنجا مسلمان ڀائر ڏسن ته حضور جن عليه الصلواة والسلام جي هلت چلت ڪهڙي هئي؟ جاهليت جون رسمون ڇا هيون؟ صاف ۽ سچو اسلام ڇا آهي؟ حضور صلعم جون مجلسون، خطبا ۽ وعظ ڪهڙي نموني جا هئا؟ اصحاب ڪرام جي محبت حضور جن سان، ۽ حضور جن جي ٻاجهه ۽ شفقت مٿن ڪيتري ۽ ڪهڙي نموني جي هئي؟ (1)

هن مختصر وضاحت پيش ڪرڻ کان پوءِ به ڪتاب جي مواد جي موضوع جي لحاظ کان هن طرح ورڇ ڪري سگهجي ٿي.

حضرت نبي صلي الله عليه وسلم جي پاڪ سوانح: مواد جي لحاظ کان هي مرڪزي موضوع آهي. حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي سوانح سعيد جو شايد ئي ڪو اهڙو پهلو هجي، جنهن کي مصنف نظر انداز ڪيو هجي. حقيقت ۾ سموري ڪتاب کي انهيءَ موضوع کي نروار ڪرڻ لاءِ لکيو ويو .

هن موضوع کي نڀائڻ لاءِ حضور صلي الله عليه وسلم جي ولادت، ننڍپڻ، جواني ۽ وفات جي واقفيت کي ڀرپور نموني ۾ واضح ڪيو ويو آهي.

حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وسلم جي پيدائش جي ضرورت: جيتوڻيڪ هي هڪ ثانوي حيثيت رکندڙ موضوع آهي پر ان جي اهميت ۽ افاديت کان ڪڏهن به انڪار نٿو ڪري سگهجي. نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي سوانح حيات ته عقيدت جي جذبي تحت لکي سگهجي ٿي. ليڪن انهيءَ عقيدت کي حقيقت جو رنگ ڏيئي سگهجي ٿو، جڏهن خود نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي پيدائش جا سبب يا ان جي ضرورت تي روشني وڌي وڃي. فاضل مصنف انهيءَ سلسلي ۾ تعريف جوڳي ڪوشش ڪئي آهي. پاڻ رسول الله جي پيدا ٿيڻ جي ضرورت ۽ سبب تي قلم کڻندي لکي ٿو ته:

”جنهن وقت حضرت پاڪ عليه الصلوات والسلم پيدا ٿيو، تنهن وقت تحقيق عرب ملڪ ۾ تمام بيديني پکڙيل هئي ۽ هڪ زبردست رسول ۽ پيغمبر جي سخت ضرورت هئي ..... اهڙي وقت ۾ هڪ اهڙي جامع الصفات ڪامل ۽ مڪمل بلڪه اڪمل رسول جي ضرورت هئي جو ساري دنيا کي هميشه لاءِ اهڙو نسخو ٻڌائي جنهن جي وسيلي سان پاپن ۽ گناهن جا بيمار شفاياب ٿيندا رهن. اهڙي عظيم الشان ۽ زبردست انتظام ۾ ڪم لاءِ اهڙي مقدس رسول جي پيدا ٿيڻ جي سخت ضرورت هئي، جنهن جون انساني طاقتون، ظاهري ۽ باطني، دلي ۽ دماغي قوتون اڳين سڀني پيغمبرن ۽ نبين کان اعلى ۽ اولى هجن، جو ساري دنيا جو سڌارڻ جو بار پنهنجي مبارڪ ڪلهن تي کڻي سگهي(1).“

اسان جو نبي صلعم غيرن جي نظرن ۾: مواد جي لحاظ کان هن ڪتاب کي باقي ٻين ڪتابن کان انهيءَ ڪري منفرد حيثيت ڏنل آهي جو هن ڪتاب ۾ حضرت رسول اڪرم جن پاڪ سوانح بابت ڌارين ۽ غيرن جا رايا ۽ حوالا به ڏنا ويا آهن. جن جي پڙهڻ کان پوءِ نبي پاڪ ۽ سندن پاڪ پيغام جي صداقت تي اڳئين کان اڳرو يقين ڪرڻو پوي ٿو.

مثال طور حڪيم فتح محمد سيوهاڻي اذان بابت مسٽر جيمز جو حوالو ڏيندي لکي ٿو ته ”بانگ جي لذت ۽ مزو مسجد جي منبر تان به گهڻو ئي ايندو آهي پر اذان جي وڌيڪ لذت ۽ حيرت جهڙو اثر رات جي اڪيلي ۽ چپ چاپ وقت ۾ جيـڪـو مـعـلـوم ٿـيـندو آهي سو عجيب  قسم  جو  هونـدو  آهـي (2).“

اسلام جي ارتقا جي جهلڪ: حڪيم صاحب رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جي سوانح کي اهڙي ته نموني سان قلمبند ڪيو آهي جو اها بذات خود اسلامي تاريخ جي هڪ تعمير بڻجي ويئي آهي. مثال طور: ”ڪيترن ئي مڙسن اسلام قبول ڪيو“، ”حضرت جي نبي ٿيڻ وقت دنيا جي حالت“ ”اصحابن تي ڪافرن جا ظلم“، ”ڪافرن جون عادتون ۽ خيال، ۽ ٻيا ڪيترائي ٽپ سڌو سنئون اسلام جي ارتقا جي ڪهاڻي پيش ڪن ٿا. فاضل مصنف انهن واقعن کي به اهڙي سهڻي نموني سان موهيو آهي جو مواد ۾ ميٺاج اچي ويو آهي. اهڙي قسم جي مواد جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:

””حضرت سائين کان سواءِ وري جن نيڪ ۽ پاڪ دل انسانن مٿن ايمان آندو هو ۽ کين مڃيو هو ۽ الله پاڪ جي هيڪڙائي ۽ رسول الله صلعم جي رسالت تي يقين ڪيو هو، تن بيگناهن کي به ڪافرن ستائڻ ۽ تڪليفن ڏيڻ ۾ حد ڪري ڇڏي ۽ ڪين گهٽايو. جن جو احوال ڏسي پڙهي بت جا وارئي ڪانڊارجو وڃن ۽ اکين آڏو اوندهه اچيو وڃي. وري تعجب وٺيو وڃي ته حضرت رسول الله صلعم جي پاڪ ۽ سچي تعليم جو اهڙو ته پڪو ۽ مضبوط اثر ٿيو، جنهن مؤنن جي دلين کي اهڙو ته همت وارو ۽ مضبوط بنائي ڇڏيو هو، جو ظلمن ۽ مصيبتن جا پهاڙ سندن سچن سينن تي ڪڙڪائي اچي وجهندا هئا ته هڪ خس برابر به ڪين سمجهندا هئا.........

مثال حضرت بلال حبشي رضي الله عنه اميه بن خلف جو غلام هو. جڏهن اميه ٻڌو ته بلال مسلمان ٿيو آهي تڏهن ويچاري تي قسمين قسمين مصيبتن جو مينهن وسائڻ لڳو. گردن ۾ رسو وجهي ڇوڪرن کي ڏيندو هو، جي کيس مڪي جي گهٽين ۾ رلائيندا ۽ گهليندا وتندا هئا. جنهن ڪري ڪنڌ ئي ڦٽجي پيو هوس“ (1).

اسان جي رسول الله صلي الله عليه وسلم جو پيغام: ڪتاب جي مواد ۾ اسان جي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي پيغام پاڪ کي جوڳي جاءِ ڏني ويئي آهي. حقيقت ۾ حضور صلي الله عليه وسلم جي حياتي مبارڪ ئي هڪ لافاني پيغام هو. ان ڪري جڏهن اڙين جي آڌار ۽ نبين جي سردار جي سوانح جو ذڪر هلندو ته سندن سچ ۽ صداقت واري سنيهي جي ڳالهه به ضرور چرندي. اهو ئي سبب آهي جو مناسب هنڌن تي فاضل مصنف نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي نياپي کي نروار ڪيو آهي. جيئن هڪ هنڌ لکي ٿو ته:

”سندن ضروري سمجهاڻيو خاص طرح هي هيون ته الله پاڪ سان ڪنهن کي مـَٽ ۽ هڪ جهڙو نه ڄاڻو! بتن، وڻن ۽ پهڻن جي پوڄا بلڪل نه ڪريو! ننڍڙين معصوم نياڻين کي جيئرو کڏ ۾ وجهي پوري نه ڇڏيو. پراين زالن ڏانهن بڇڙي نظر نه کڻو! زنا نه ڪريو! جوا نه ڪريو! شراب نه پيو! جسم کي پليتي ۽ ناپاڪائي کان، ڪپڙن کي گندگيءَ کان، زبان کي ڪني ٻول ۽ بد سخن کان، دل کي ڪوڙي ۽ بڇڙي اعتقاد ۽ مڃتا کان پاڪ ۽ صاف رکو، انجام ڪريو ته ضرور پاڙيو، وعدي خلافي نه ڪريو، ڏيتي ليتيءَ ۾ ڪنهن سان به دغا ۽ ڪپت نه ڪريو: الله پاڪ کي نقصان ۽ عيب کان پاڪ سمجهو، زمين ۽ آسامن، سج ۽ چنڊ، ننڍيون ۽ وڏيون شيون سڀ الله پاڪ جـون خــلـقـيـل ڄاڻو“ (2).

نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جا معجزا ۽ مطالعي هيٺ آيل ڪتاب کي مصنف مستند معجزن کي به جوڳي جاءِ ڏني آهي. جن مان ”ضماد نالي ڦيڻائي  جو مسلمان ٿيڻ“، ”حضرت پاڪ جي پيشنگوئي پوري ٿي“، ٻڪريءَ وارو معجزو ۽ کوهه وارو معجزو قابل ذڪر آهن.

فاضل مصنف اهي معجزا مختصر مگر جامع نموني پيش ڪيا آهن. مثال طور ٻڪريءَ وارو معجزو هيٺ ڏجي ٿو:

حضور جن عليه الصلوات والسلام ۽ حضرت ابو بڪر صديق رضه جنهن ڏينهن غار مان نڪتا، تنهن ڏينهن هڪ ڪراڙي مائي امه معبد جي جهوپڙيءَ وٽان اچي لنگهيا. هي ڪراڙي مائي قوم خزاعته مان هئي، مسافرن ۽ واٽهڙن جي خدمت چاڪري ۽ ٽهل ٽڪور ڪرڻ ۾ مشهور هئي.

حضرت جن انهيءَ مائي وٽ لهي پيا ۽ پڇيائونس ته تو وٽ کائڻ لاءِ ڪا شيءِ آهي؟ ڪراڙي مائي عرض ڪيو ته جيڪڏهن مون وٽ ڪجهه هجي ها ته اڳيئ آڻي حاضر ڪريان ها. حضرت پاڪ جهوپڙيءَ جي ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ هڪڙي ٻڪري ڏٺي. پڇيائون ته هي ٻڪري گهر ۾ ڇو بيٺي آهي. چرڻ ڇو نه ويئي آهي؟ مائيءَ چيو ته ويچاري هيڻي آهي، ڌڻ سان نه ٿي وڃي سگهي. حضرت جن فرمايو ته جيڪڏهن تون اجازت ڏين ته اسين منجهانئس کير ڏهي پيون. ام معبد چيو ته جيڪڏهن اوهين ڪو کير ٻڪريءَ ۾ ڏسو ٿا ته بيشڪ ڏهي پيو، مگر کير ته ويچاريءَ ۾ اصل آهي ئي ڪو نه. حضرت جن صلي الله عليه وسلم ڇا ڪيو جو بسم الله پڙهي کڻي ٻڪريءَ کي ڏڌائون، جنهن مان چڱو ٿانءُ ڀرجي پيو ۽ هارجڻ لڳو. اهو کير حضرت جن ۽ سندن اصحاب رفيق سڀني پيتو. وري ٽئين دفعي به ڏڌائون  ته  ساڳيو ٿانءُ ڀريو . سو ام معبد کي ڏنائون ۽ پاڻ اڳتي روانا  ٿيا“ (1).

سائينءَ جا سنيها: هن ڪتاب ۾ حضور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي انهن خطن جو متن به ڏنو ويو آهي جيڪي پاڻ دنيا جي مشهور حاڪمن ڏانهن روانا ڪيا هئائون. اهڙن خطن مان روم جي بادشاهه، حبش جي بادشاهه، مصر جي بادشاهه، ايران جي بادشاهه، عمان جي حاڪم، دمشق جي حاڪم ۽ يمامه جي حاڪم ڏانهن لکيل خط ذڪر ڪرڻ لائق آهن. انهن مان مثال طور هڪ خط هيٺ ڏجي ٿو.

”الله مهربان ۽ رحم واري جي نالي سان، الله جي ٻانهي ۽ رسول محمّدﷺجي پاران روم جي بادشاهه هر قل ڏانهن (لکجي ٿو ته) جو شخص هدايت جي تابع ٿيو، تنهن تي شال سلامتي هجي.

انهيءَ کان پوءِ توکي اسلام ڏي سڏيان ٿو. اسلام آڻيندين ته تون دنيا ۽ آخرت ۾ سلامت رهندين ۽ خداوند پاڪ توکي ٻيڻو اجر ڏيندو ۽ جيڪڏهن تون انهيءَ ڳالهه کان منهن موڙيندين ته توتي ئي تنهنجي رعيت جو به گناهه پوندو.

اي ايماني ڪتابن کي مڃيندڙو! اچو هڪڙي اهڙي ڳالهه ڏي، جا اسان ۽ اوهان جي وچ ۾ برابر آهي، (اها هيءَ آهي ته) هڪ خدا ڌاران ٻئي ڪنهن جي به عبادت نه ڪريون ۽ نه ساڻس ڪنهن کي شريڪ بنايون ۽ اسان مان ڪو ڪنهن کي هڪ خدا کان سواءِ پنهنجو رب (پالڻهار) ڪري نه مڃي، پوءِ جيڪڏهن نه مڃين ته چئون ته ڀلا شاهد هججو ته اسين ته مسلمان آهيون.“(1)

ٻولي ۽ عبارت: اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته مطالعي هيٺ آيل ڪتاب واري دور ۾ هندو ليکڪن ۾ پر مانند ميوارام ۽ مسلمان اديبن ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي صاحب اسلوب اديب هئا. سندن طرز تحرير نياري پياري ۽ منفرد هوندي هئي.

تنقيد هيٺ آيل ڪتاب به حڪيم صاحب جي طرز تحرير جو شاهڪار آهي. فاضل مصنف ٻولي نهايت سليس، آسان ۽ عام فهم ڪم آندي آهي. ڪتاب جي مطالعي دوران پڙهندڙن کي ڪن اوپرن، نون ۽ ڏکين لفظن بدران عام اصطلاحن، پهاڪن ۽ چوڻين مان مزو ماڻڻو پوي ٿو. حڪيم صاحب جي تحرير جي اها نمايان خصوصيت آهي ته منجهس لفظن جي تڪرار، تجنيس  حرفي ۽ هڪ ئي جملي ۾ هڪ کان وڌيڪ ساڳي معنيٰ وارا لفظ ڪتب آڻي هڪ قسم جي نواڻ پيدا ڪئي آهي.

ٻوليءَ جي اسلوب جو مثال هيٺ ڏجي ٿو:

”عامر بن فهيره سان به ڏاڍا ڏکيا ڏينهن لاتئون، مگر هو خدا جو خاص بندو پنهنجي سچي محبت کان ڪين مڙيو. جڏهن حضرت رسول صلي الله عليه وسلم جن ڪافرن جي بيجا ۽ غير واجبي سختين ۽ ظلمن جي ڪري مديني شريف لڏي ويا تڏهن هي ويچارو مرد خدا ساري سفر ۾ سندن هن رڪاب ٿي خدمت ڪندو ويو، ۽ بدر ۽ احد جي خوفناڪ لڙاين، جن ۾ ڪافر ڏاڍي ڪرفر سان هزارن جا هزار ايندا هئا، هي ويچارو سچار به دل جان سان جهاد في سبيل الله ۾ مشغول ۽ حاضر هو.“ (1)

مقصديت: ڪتاب جو مصنف پنهنجي دور جو ناميارو عالم ۽ سياست دان ٿي گذريو آهي. کيس پنهنجي دور جي سياسي خواه مذهبي تقاضائن جي ڀلي ڀت پروڙ هئي. هن بزرگ اديب وقت ۽ حالتن کي آڏو رکندي مطالعي هيٺ آيل ڪتاب لکيو. جيڪو سندس زماني ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي پاڪ سوانه جي موضوع تي پهريون ڪتاب آهي. ڪتاب جي موضوع تي ايتري قدر ته روشني وڌي ويئي آهي جو ائين چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته ڪتاب معياري، مڪمل ۽ جامع آهي. ان ڪري هي ڪتاب نهايت مفيد ۽ مقصديت وارو نظر اچي ٿو.


(1) حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”حيات النبي“ سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1966ع، ص 18.

(1) ”حيات النبي“ ص 20.

(1) ”حيات النبي“، ص 3.

(2) ”حيات النبي“، ص 138.

(1) ”حيات النبي“، ص 59-60.

(2) ”حيات النبي“، ص 65.

(1) ”حيات النبي“، ص 123.

(1) ”حيات النبي“ ص 216.

(1) ”حيات النبي“ ص 61-62.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org