سيڪشن؛ شخصيات

مولانا حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي شخصيت

 باب--

صفحو :7

 

 

. نورالايمان مقدمه تفسير القرآن

تعارف: قرآن شريف زبانيءَ طرح پڙهي وڃڻ ته آسان ڪم آهي، پر جيستائين ان جي معنى ۽ مفهوم جي ڄاڻ نه آهي، تيستائين قرآن شريف جي تعليم مڪمل ٿي نه ٿي سگهي ۽ نه وري ان مان ڪو فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو.

قرآن پاڪ جي معنى ۽ مراد کي سمجهڻ، عام ماڻهن اڳيان واضح ڪرڻ ۽ کين اثرائتي پيرايه ۾ سمجهائڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. قرآن شريف جي تفسير تي جيڪي ڪجهه اڳ ۾ لکيو ويو هو، ان مان حڪيم صاحب مطمئن نه هو، انهيءَ ڪري هي ڪتاب لکڻ شروع ڪيائين ته جيئن سنڌ جا اٻوجهه مسلمان قرآن شريف جي صحيح تعليم و تشريح مان واقف ٿي، ان تي عمل ڪري، پنهنجي دينوي زندگي به ڪامياب بنائين ۽ آخرت جو ڇوٽڪارو به نصيب ٿئين.

فاضل مصنف هن ڪتاب لکڻ جا پنج سبب ڄاڻايا آهن:

سبب پهريون:

هڪ دفعي هڪ مخالف اهل علم بحث هلندي صلاح ڏنيس ته ”قرآن شريف کي غور ويچار سان پڙهندو ڪر، تا ته تنهنجي طبيعت تي قرآن پاڪ جي نور جو جلوو ٿئي ۽ انهيءَ کان گهڻو ڪجهه وڌيڪ پرائي سگهين.“ حڪيم صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته ”مون به ان جو چوڻ واجبي ۽ فائدي وارو سمجهي، ان تي عمل ڪرڻ شروع ڪيم ۽ وقت بوقت جيڪي نڪتا ۽ اسرار سمجهه ۾ ايندا ويا، سي ايتري قدر جو ڪيترائي ورق نوٽن تي لکندو ويندو هوس. وڌيڪ گنجائش ئي ڪا نه رهي ۽ ارادو ڪيم ته انهن معلوم ٿيل نڪتن مان ڪجهه نه ڪجهه پنهنجي سنڌي ڀائرن اڳيان به حاضر ڪندو وڃان.“

سبب ٻيون:

ٻيو وڏو سبب هي هو ته ان وقت سنڌ مان علم الاهيءَ جي روشني گهٽبي ٿي ويئي ۽ جهل جي وبا ملڪ ۾ پکڙندي ويئي. اڻ پڙهيا ته اڳئي اڻ پڙهيا هيا پر پڙهيل به اڻ پڙهين جهڙا ٿي ڏٺا. ديني علم جا مدرسا جي اڳي سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ برپا هئا سي برباد ٿيندا ٿي ويا. پيٽ جي محتاجيءَ ۽ مفلسيءَ سبب مسلمان سرڪاري نوڪريون حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجا ٻار انگريزي اسڪولن ۾ داخل ڪرائي رهيا هيا انهن ڏينهن ۾ اسلام جي دشمنن موقعو ڏسي الله، رسول ۽ قرآن پاڪ جي احڪامن تي ناجائز حملا ڪري اٻوجهه مسلمانن کي صراط المستقيم کان هٽائي گمراهه ڪري رهيا هئا جنهن ڪري ڪمزور ايمان وارن جي دلين ۾ اسلام بابت شڪ شهبا پيد ٿي رهيا هئا.

سبب ٽيون:

سنڌ جي اٻوجهه مسلمانن کي اها خبر ئي نه هئي ته اسلام ڇا آهي؟ شريعت، طريقت، حقيقت ۽ معرفت جا احڪام ۽ آداب ڪهڙا آهن؟ اسلامي روايتن ۽ عقيدن جو فلسفو ۽ حڪمت ڪهڙي آهي؟ ايمان ڇا آهي؟ ڪفر ۽ شرڪ ڪهڙيون بلائون آهن؟ هو هڪ مسلمان جي گهر ۾ مسلمان ماءُ پيءُ مان ڄاول هئڻ ڪري مسلمان سڏبا آهن پر اسلام جي حقيقت مان بلڪل غير واقف. انهيءَ ڪري ڪو به اسلام جو دشمن کين آسانيءَ سان برغلائي سگهيو ٿي.

سبب چوٿون:

هڪ دور انديش علم واري کي غفلت کان هوشيار ڪرڻ: مصنف جي نظر ۾ مسلمانن جا ٽي قسم آهن. هڪڙا اهي جي مذهبي علم حاصل ڪري عالم ۽ مولوي ٿيا. ٻيا اهي جي نوڪرين حاصل ڪرڻ لاءِ انگريزي علم پڙهي نوڪريون حاصل ڪري رهيا آهن ۽ ٽيان اهي جي بلڪل جاهل ۽ اڻ پڙهيل آهن.

پوئين قسم جا مسلمان پهرين ٻن قسمن جا محتاج آهن ۽ سدائين دين جي دشمن جو انهن تي حملو رهندو آهي. حقيقت ۾ پهرين قسم جا بر گزيدا ۽ بزرگ مسلمان عزت ۽ سلامتيءَ وارا آهن، انهن تي ئي ٻين ملسمانن جي مذهبي سلامتيءَ جو بار آهي. مگر افسوس جو هو عالمن مان ڦري عابد ۽ اسلام جي خادمن مان ڦري مخدوم ٿي گذارين ٿا ۽ پنهنجي اڌ پڙهين ۽ اڻ پڙهين مسلمان ڀائرن کي بنهه نڌڻڪو ڪري ڇڏي ڏنو اٿن. البت مذهبي ڳالهين ۾ جيڪڏهن ڪو ڦير ڦار ڏسن ته ضرورت کان زياده تپيو لال ٿيو وڃن ٿا مگر اهو اصول ۽ عقائد ۾ جيڪا خرابي مسلمانن ۾ پيدا ٿي رهي آهي، تنهن بابت ڪا به پرواهه نٿا ڪن. هو شايد ائين ٿا ڄاڻن ته کانئن قيامت جي ڏينهن الله تعالى ان بابت ڪا ڇڪتاڻ ڪندو ئي ڪا نه.

سبب پنجون:

فاضل مصنف هن سبب بابت لکي ٿو ته ”گهڻي وقت کان وٺي دل ۾ آرزو هيم ۽ سمجهيم ٿي ته سنڌ جي مسلمانن لاءِ هڪ عمدي تفسير جي سخت ضرورت آهي. مگر اها پڪ ڪان هيم ته سنڌ جا مسلمان به هن ضرورت جو احساس رکن ٿا ۽ آئون جيڪا محنت ڪنديس سا سندن ڪم به ايندي يا مورڳو جيڪي لکندس تنهن ڏانهن توجهه ئي ڪو نه ڪندا پر شڪرانو جو جڏهن منهنجو ارادو سنڌ جي مسلمانن کي معلوم ٿيو، تڏهن هر طرف کان طلب ۽ شوق جون صدائون اچڻ لڳيون ۽ مون تي گهڻي قدر نه فقط زور رکڻ لڳا پر همتائڻ به لڳا. انهيءَ صورت ۾ هاڻي مون تي لازم ٿي پيو ته آئون هن مقدس ڪم ۾ هٿ وجهان ۽ پنهنجين بي شمار مشغولين هوندي به هي ڪم ڪندو رهان. جي نه ته خالق ۽ مخلوق، اسلام ۽ اسلام جي خدا ۽ سندس رسول وٽ جوابدار ۽ شرمسار ٿيان ها.“

آخر ۾ ڄاڻايو اٿس ته: ”آئون هي تفسير پنهنجن اهڙن نونهال مسلمان ٻچن ۽ پنهنجن اهڙن سدورن ۽ پيارن مسلمان پٽڙن لاءِ به لکان ٿو جيڪي انگريزي اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليم وٺي رهيا آهن. مون کي اميد آهي ته نئين نسل وارن سڀاڳن پٽن ۽ سعادتمند فرزندن لاءِ منهنجو هي تفسير مذهبي اصول ۽ اسلامي عقائد سمجهائڻ لاءِ چڱي رهبري ڪندو. شايد هي منهنجو پورهيو ڪن مغرور مسلمانن عهديدارن ۽ جهونن انگريزي خواندن لاءِ به اصلاح جو سبب ٿي پوي انشاءَ الله تعالى(1).

مواد: مطالعي هيٺ آيل خالص اسلامي ڪتاب آهي جنهن ۾ هر مسئلي تي قرآن پاڪ جي آيت سان روشني وڌي ويئي آهي. ڪتاب گهڻو ڪري سڄو نثر ۾ آهي. ڪٿي ڪٿي فارسي تحرير سنڌي ترجمي سان ڏني اٿس. ڪن هنڌن تي شعر به ڏنو اٿائين. هي ڪتاب هيٺين موضوعن تي مشتمل آهي:

حمد و ثنا، عرض حال ۽ اٻوجهه مسلمانن جي دلين ۾ وسوسن وجهڻ جو نمونو، اسلام جي اصولي تعليم، ڪفر ۽ شرڪ، بت پرستي ۽ غير خدا جي پوڄا ڪندڙن کي تبليغ سان سڌي رستي تي آڻڻ، علماءَ سونهارن جو فرض، مرحوم مولوي محمد عثمان صاحب نورنگزادي وارو تفسير، مذهبي طبيب ۽ مذهبي حڪيم جي وچ ۾ فرق، مقدمة التفسير، تفسير جا اصول، علم الا سرار، علم الحقائق، تفصير تاويل ۽ تحريف ڇا کي چئجي ۽ انهن جو پاڻ ۾ فرق، غلط ۽ ڪروڙي روايتن جي مشهور ٿيڻ ۽ اسلامي ڪتابن ۾ داخل ٿي وڃڻ جو سبب، حقيقت مجاز ۽ ڪنايه جو بيان، مجاز جا ٻه قسم آهن: هڪڙو مجاز مرسل ۽ ٻيو استعارو، استعاره ۽ ڪنايه ۾ فرق، قرآن ڪريم جي فصاحت ۽ بلاغت جا ٻيا سوين اسباب، صفت قلب جو مثال قرآن ڪريم ۾، سنڌي زبان جا مجاز، محاورا، استعارا، تشبيهون ڪنايا وغيره، قرآن شريف مان مجاز استعاره ۽ ڪنايه جا مثال، دنيا جو ضرور ڪو خالق آهي، جنهن جو نالو مبارڪ الله آهي، مادهه پرستن جو قول ۽ مادهه بابت سمجهاڻي، خالق ۽ صانع ۽ ثبوت ۾ يورپ جي محققن فيلسوفن جو اقرار، اثبات خالق بابت قرآن پاڪ جي هدايت، توحيد (خدا جي هيڪڙائي جو اقرار) اسلام جي توحيدي ڪلمي جهڙو ڪلمو ٻئي ڪنهن به مذهب ۽ ڌرم ۾ اهڙيءَ طرح مقرر ڪونهي جهڙو اسلام ۾ آهي، توحيد جو شان، توحيد جا چار درجا آهن، ستاره پرستن ۽ بت پرستن جي گمراهيءَ ۽ توحيد ۾ رخنو، اسلامي توحيد ۽ غير اسلامي توحيد ۾ فرق، دنيا جي قومن کي توحيد لاءِ اسلام جي عام دعوت، توحيد جو عقيدو انسانن جي دلين ۾ هڪڙو الا انتها قوت ۽ آزاديءَ جو جذبو پيدا ڪري ٿو ۽ غير خدا جي پوڄا جو اعتقاد انسانن کي بزدل ۽ غلام بنائي ٿو، ڪلمهء توحيد ”لا الله الا الله محمد رسول الله“ ۾ محمد رسول الله جو فقرو توحيد جي خلاف ڪينهي بلڪه عين توحيد آهي، فقط خدا جو اقرار نجات آخروي يعني آخرت جي ڇوٽڪاري لاءِ ڪافي نه آهي جيسين ان سان گڏ رسالت جو اقرار نه ڪبو، توحيد جي عقيدي ۾ بدعتون، توحيد ۾ نقصان پهچائيندڙ ۽ مضبوط ڪندڙ حالتون، وحدت وجودي، وحدت شهودي، صفات الاهي (الله جي صفتن جو بيان) صفت علم جي، سميع ۽ بصير يعني ٻڌندڙ ۽ ڏسندڙ، حـَي ۽ قيوم، قدرت ۽ ارادو، قديم (ازلي ۽ ابدي)، روح ۽ مادو قديم نه آهي، جيئن آريه چون ٿا. مخلوقات کان اڳ به خدا جي حڪومت ۽ خالقيت جي صفت قائم هئي. الله پاڪ جون صفتون بيشڪ قديم آهن، انهن جي قديم مڃڻ ۾ ڪو عيب ڪونهي. رحمت ۽ غضب، لطيف، صفت عدل جي، غني ۽ صمد. الله تعالى مسڪينن لاءِ خيراتون ۽ زڪوات ڇو مقرر ڪئي آهي ۽ ڇو ڪين انهن کي دولتمند بنائين. انهيءَ وسوسه جو رد، پاڪائيءَ جي صفت، صفت ڪلام، صفت ذاتيه ۽ فعليه ۾ فرق، خدا جا مڃيندڙ اڪثر سڃا ۽ سقيم ڇو ٿا گذارين، تنهن جو سب ۽ فلسفو بيمار بنائڻ ۽ تندرستي بخشڻ، عزت ڏيڻ ۽ ذليل ڪرڻ، مصيبتن کان بچائڻ ۽ مرادون پوريون ڪرڻ، الله تعالى سڀني عيبن کان پاڪ ۽ سڀني ڪماليتن جو مالڪ آهي، صفات الاهي بابت قرآن ڪريم جون آيتون ۽ هدايتون، شرڪ، نفاق، الحاد، زندقه سفسط، ڪفر شرڪ، شرڪ ڇا کي چئبو، الله تعالى کان سواءِ ٻئي ڪنهن کي به سجدو نه ڪجي، الله کان سواءِ ڪنهن به ٻئي کي مشڪل ڪشا ۽ مرادون پڄائيندڙ سمجهڻ ۽ ڪنهن ٻئي جي نالي باسون باسڻ ۽ برڪت لاءِ ڪنهن به ٻئي جي نالي جو ذڪر ڪرڻ ۽ ڪنهن به ٻئي جو قسم کڻڻ ۽ ٻيا به اهڙا ڪم شرڪ آهن. شرڪ جا قالب ۽ سانچا، عبادت جا قالب ۽ سانچا، باطل مذهبن وارن جي عبادت جا نمونا، جاهل مسلمانن جي شرڪ جهڙن ڪمن تي نظر، جاهل مسلمانن جا شرڪ جهڙا ڪم ”اي فلاڻا پير، درگاهه الاهيءَ مان سوال پني، اسان جا مشڪل آسان ڪر“ ائين چوڻ شريعت موجب جائز آهي يا نه، جاهل مسلمانن جا شرڪ جهڙا ٻيا ڪم، جيڪي مسلمان شرڪ جهڙا ڪم ڪن ٿا، سي جيتوڻيڪ حقيقي شرڪ ڪين چئبا، پر مشرڪن جهڙا سخت گنهگار ضرور چئبا، شرڪ جي منع ۽ شرڪ ڪندڙ جي ڀلڪار بابت قرآن شريف جون آيتون، توسل يعني الله تعالى جي پيارن ۽ نيڪن جو وسيلو وٺڻ. وسيلو ڪهڙيءَ طرح وٺجي ۽ وسيلي وقت دعا ڪهڙيءَ طرح گهرجي؟ نفاق، زندقه، دهريه، الحاد، الحاد انگريزي خواندن ۾ گهڻو آهي، بولشوڪ به پڪا زندبق آهن، رافضي ۽ موالي به پڪا ملحد آهن، سفسطه، ڪفر، ڪافر جو لفظ اسلامي شريعت جو قانوني لفظ آهي، ڪفر جي لفظ جي معنى، ڪافر جا قسم، ڪافرن جا قسم، ڪنهن مسلمان کي ڪهڙي وقت ڪافر سڏي سگهجي ٿو، وهابي سڏڻ جي بدعت، ڪنهن مسلمان کي ڪافر سڏڻ وقت احتياط ۽ خبرداري لازم آهي، ڪن نون تعليم يافتن ۽ ٻين غير مسلمن جي هلت چلت بنسبت سمجهاڻي.

 

ٻولي ۽ اسلوب بيان:

مطالعي هيٺ آيل ڪتاب ۾ ٻولي نهايت آسان، ساده ۽ عام مروج ڪم آندي ويئي آهي. جنهن کي ٿوري علم وارو به چڱيءَ طرح پڙهي ۽ سمجهي سگهي ٿو. ٻيو ته پري رهيو پر قرآن پاڪ جي آيتن جي سمجهاڻي به انتهائي سليس نموني ۾ ڏني اٿس جيئن ته سوره  ياسين جي رڪوع ٽئين ۾ و اية لهم اليل نسلخ منه النهار ... الا رحمة متا و متاعا آلى حِين   آيل آهي.

(انهن انسانن) لاءِ رات به هڪڙي نشاني آهي، جنهن تان اسين ڏينهن جي روشني لاهي ٿا ڇڏيون پوءِ اوچتو اهي انسان اونداهيءَ ۾ اچيو وڃن ۽ (صانع جي ثبوت جي نشاني) سج به آهي جو پوريءَ طرح پنهنجي منزل ڏي هلندو رهي ٿو. اهو انتظام رکيل زبردست ۽ ڄاڻيندڙ خدا جو آهي ۽ چنڊ جون به اسان منزلون مقرر ڪري ڇڏيون آهن. ايتري قدر جو آخر هو موٽي کجور جي پراڻي سنهيءَ ٽاريءَ جهڙو ٿيو پوي. نه سج کي ڪا مجال آهي جو چنڊ کي وڃي پهچي نڪي رات ئي ڏينهن کان اڳ اچي سگهي ٿي. سڀيئي پنهنجي پنهنجي حد ۾ هلي چلي رهيا آهن ۽ هي به هڪڙي نشاني (صانع جي ثبوت جي آهي) جو اسان انهن جي اولاد (بني آدم) کي ڀريل ٻيڙن ۾ سوار ڪيو آهي ۽ تنهن کان سواءِ ٻيون به ڪيتريون ئي اهڙيون سواريون اسان انهن لاءِ خلقيون آهن، جن تي هو سوار ٿين ٿا ۽ جيڪڏهن اسين گهرون ته کين غرق ڪري سگهون ٿا ته سندين دانهن ٻڌڻ وارو به ڪو نه لڀندو ۽ نڪي ڇوٽڪارو ملي سگهندن. مگر اسان جي طرفان مهرباني آهي ۽ ڪجهه وقت تائين اسان جي مرضي آهي ته انسان انهن شين مان فائدو وٺندا رهن. اهڙيءَ طرح جهالت ۽ شرڪ جهڙن ڪمن جي باري ۾ حڪيم صاحب جيڪي ڪجهه لکيو آهي ان مان مثال طور فقرو هيٺ ڏجي ٿو:

”ائون هتي ڪن اهڙن ڪمن بابت مختصر لکان ٿو، جيڪي اسان جي سنڌ جي جاهل مسلمانن ۾ گهڻي قدر چالو آهن. هي ته عام طرح اوهان ڏٺو هوندو ته جاهل مسلمان بيمار ٿيڻ وقت شفايابي بابت رزق روزيءَ جي تنگي وقت رزق ڪشادي لاءِ پيرن فقيرن کان ئي دعائون گهرندا رهندا آهن، جن جي بيان ڪندي ئي مون کي ۽ منهنجي قلم کي شرم ٿو اچي، سا آهي ڪن وڻن ۾ بيماريءَ کان شفاياب ٿيڻ ۽ ٻين قسمين قسمين ڪمن جي پوري ٿيڻ لاءِ اڳڙيون ۽ ڌاڳا ٻڌڻ. اها رسم سنڌ ۾ ايتري قدر ته جاهل مسلمانن ۾ عام جام آهي، جو جيڏانهن وڃ اوڏانهن گهڻا نه ته به هڪ ٻه وڻ ته اهڙا ضرور ڏسبا جن ۾ جاهل مسلمانن جون اهڙيون اڳڙيون سوين نه، پر هزارين ٻڌل هونديون. هي ڇا آهي؟ جي هي پڄائيندڙ پير يا ڪرڙو وڻ يا جنن ڀوتن (ارواح خبيثه) جو آستان آهي. اڙي بابا هي ڪجهه به نه آهي، معمولي وڻ آهي. ڪهاڙي کڻي ڪپي ڇڏيوس. توبه توبه متان اهڙي ڳالهه ڪرين! تون ته ڪو کريل آهين. تنهنجا عقيدا چڱا نه آهن. توکي ايمان ئي ڪونهي. اسان جا ابا ڏاڏا ائين ڪندا ويا. تون وري نئينءَ مان ساماڻو آهين. اڳي ڀائني ته عالم ڪين هوا ڇا؟ هي وڻ ته اهڙو آهي جو جيڪڏهن ٽيڙ تپ وارو پوئين رات جو ڍڪي مهل هن ۾ ڌاڳو يا اڳڙي ٻڌي ويندو ته ٽيڙ تپ ڇڏي ويندس. يا ڇتي ڪتي جو ڏاڙهيل هن وڻ ۾ هنئين يا هونءَ ڪندو يا هن وڻ جا پن کائيندو ته اثر ڇڏي ويندس. اڙي هي جو ٻيڻا وڻ انهيءَ جهڙا انهيءَ جي ڀرسان ۽ آس پاس بيٺا آهن، انهن جا پن کائبا ته شفا نه ٿيندي ڇا؟ نه نه خاص هي وڻ ڪرامت وارو آهي. هي فلاڻي پير يا فلاڻي فقير جو  آهي. هن ۾ ئي اهو اثر آهي“ (1).

مذڪوره حقيقتون حڪيم صاحب اڄ کان اڌ صدي کن اڳ جون ڄاڻايون آهن پر اهي ساڳيون ڳالهيون اڃا تائين سنڌ ۾ ٻهراڙيءَ جي ماڻهن ۾ نظر اچن ٿيون. ان وقت جي صوفين جي باري ۾ هن ئي ڪتاب ۾ ڄاڻايو اٿائين ته:

”ڪي ڪي جاهل صوفي پنهنجي باطل خيالن کي قرآن ڪريم جي ڪن آيتن جون معنائون ڦيرائي گهيرائي ڇڪي تاڻي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ائين ڪرڻ انهن جي جاهلائي آهي ۽ قرآن ڪريم جي اصول تفسير کان بي خبري. اهڙا صوفي ڪن بزرگن جي قولن اقوالن مان پنهنجي باطل عقيدن لاءِ سندون ۽ ثابتيون پيش ڪندا آهن مگر ڪنهن به بزرگ جي قول سان ڪنهن به عقيدي کي ثابت ڪرڻ بيوقوفي آهي. بزرگن جي ڪنهن به قول يا عمل سان عقيدا ثابت ڪين ٿيندا آهن. تنهن کان سواءِ جيڪي اهڙا قول ڪن بزرگن جا صوفي پيش ڪندا آهن، سي تحقيق انهن بزرگن جا ڪين هوندا آهن، نڪا انهن قولن جي سند راوين سان ئي ثابت هوندي آهي. حضور پر نور رسول خدا صلعم جون حديثون به يڪدم ٻڌڻ ۽ ”قال رسول الله“ چوڻ سان ڪين مڃيون آهن. بلڪه انهن جا به راوي ۽ سندون جاچي پوءِ اعتبار ڪبو آهي جڏهن ته خود رسول اڪرم عليه الصواة والسلام جي حديثن کي به بنا صحيح ۽ معتبر سند جي ڪو نه مڃبو آهي، تڏهن بزرگن جي قول کي ڪيئن بنا سند صحيح ۽ بنا معتبر راوين جي ويساهه کڻي ڪبو؟ پر کڻي ڪنهن بزرگ جي اهڙي قول بابت ڪا سند صحيح موجود به ٿئي، ته به خدا ۽ رسول صلي الله عليه وسلم جي فرمودن اڳيان انهن بزرگن جي قول جي ڪا عزت ڪانهي. الله ۽ رسول حوي هڪ طرح ۽ ڪو ٻيو بزرگ چوي ٻيءَ طرح ته ڪير اهڙي بزرگ جو قول قبول ڪندو(1).“

مطلب ته هي ڪتاب مسلمانن لاءِ مشعل راهه آهي ۽ دينيات ۾ عمدو شاهڪار آهي.

 

3 . اسلامي ڪتاب:

مقصد: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي اسلامي پنج ڪتاب (ٻاراڻو، پهريون، ٻيو، ٽيون ۽ چوٿون) لکيا. هنن ڪاتبن لکڻ جا مکيه ٻه سبب هئا: هڪ ته مسلم قوم جي نونهالن کي دنيوي تعليم سان گڏ ديني تعليم کان روشناس ڪرڻ، جيئن وڏي هوندي سچا مسلمان بنجي پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن ۽ اسلام جي حڪم احڪامن تي عمل ڪري پنهنجي زندگي سڌارين.

ٻيو خاص مقصد اهو هو ته هنن ڪتابن جي آمدني ذريعي مدرسه مظهر العلوم جامع اسلاميه ڪراچيءَ جي مدد ڪرڻ. ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ هي واحد اسلامي مدرسو هو، جنهن ۾ ساري سنڌ کان غريب طالب العلم اچي عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم وٺندا هئا. جن جي رهائش، کاڌي پيتي ۽ پوشاڪ وغيره جو انتظام مدرسي طرفان ڪيو ويندو هو. هن مدرسي کي آمدنيءَ جو ڪو مستقل ذريعو ڪو نه هو. ڪي مخير ماڻهو ٿوري گهڻي رقم امداد طور مدرسي کي ڏيندا هئا، جنهن مان مشڪل سان شاگردن جي کاڌي جي پورائي ٿي سگهندي هئي، انهن ڳالهين کي خيال ۾ رکي حڪيم صاحب، ديني ۽ اسلامي ڪتاب لکي، جامع جي حوالي ڪيا ته جيئن انهن جي ڇپائيءَ مان اداري کي مستقل آمدنيءَ جو ذريعو مهيا ٿي سگهي. انهن چئني ئي ڪتابن مان مثال طور اسلامي ٻئي ڪتاب جي مواد تي نظر ڪبي ته منجهس هيٺيان عنوان نظر ايندا:

خدا ۽ سندس قدرت

خدا جي وحدانيت (هيڪڙائي)

حضور جن جو مختصر احوال (ٽي ڀاڱا)

حضور جن جون صفتون

عرب ملڪ جو اڳوڻو احوال

حضرت ابراهيم عليه السلام جي خدا پرستي

حضرت موسى عليه السلام پنهنجي قوم کي ڪيئن سڌاريو (ٽي ڀاڱا)

اصحاب سونهاراا

چار يار سونهارا (چار ڀاڱا)

نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جا پيارا ڏهٽا

قرآن ڪريم جي برڪت ۽ اثر

منافق ڪنهن کي چئجي

پيءُ ۽ ماءُ جو ادب

سچ لاءِ سختيون سهجن (ٽي ڀاڱا)

ديس پرديس

سفر ڪرڻ جون برڪتون

واپار جي برڪت

راڳ تماشو بڇڙو ڪم آهي

گلا ۽ چغلي

پوک

سچ ۽ ڪوڙ

سنڌ ۽ اسلام (ٻه ڀاڱا)

مسلمان بادشاهه (ٻه ڀاڱا)

سنڌ جا مسلمان حاڪم (ٻه ڀاڱا)

ماکي ۽ مکڻ

خدا ڪارڻ دوستي ۽ خدا لڳ دشمني

کائڻ ۽ پيئڻ

يتيم ٻارو

دعا

هن ڪتاب جي مطالعي مان پڙهندڙن جي ذهن تي هيٺين چئن ڳالهين جو اثر ٿئي ٿو:

دين ۽ ايمان ڇا آهي؟

جن ماڻهن جو دين ۽ ايمان ڪمزور آهي، اهي خدا ۽ سندس رسول جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڇڏي دهريت جي طرف مائل ٿي وڃن ٿا. اهڙن ماڻهن کي فڪر ۽ غور ڪرڻ جي دعوت ڏني ويئي آهي. اهو ڪم اهڙي وقت ۾ ڪيو اٿس جڏهن طاغوتي قوتن مسلمانن جي اتحاد ۽ اتفاق جي شيرازي، معاشري، تهذيب، طرز تعليم ۽ شاندار روايتن کي بگاڙي ڪمزور ڪري ڇڏيو  هو. مسلمان خود ذهني طور احساس ڪمتريءَ ۾ مبتلا ٿي ويا، اهڙي وقت ۾ حڪيم صاحب جو اصلاحي قدم وڏي جرات ۽ قومي خدمت آهي.

2. اسلامي تاريخي معلومات مان دنيا جي شروعاتي قومن جا اطوار، روايتون، دستور ۽ انهن جي نتيجن کان واقفيت سبب دنيا جي هر دؤر کي حق ۽ صداقت جي ڪسوٽيءَ تي پرکي، صحيح رستو اختيار ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ٿي.

3. اخلاق ئي اهڙي شيءِ آهي، جنهن سان انسان ۽ حيوان ۾ فرق ٿي سگهي ٿو. اخلاقي ڳالهيون اهي ئي معقول ۽ معتبر آهن، جيڪي حضور جن ٻڌايون ۽ سيکاريون آهن، ڇو ته خداوند تعالى کين اشرف المخلوقات ۾ اعلى درجو ڏيئي دنيا جي رهبريءَ لاءِ آخري نبي پيدا ڪيو هو. سندن صفت ۽ شان جو ذڪر قرآن شريف ۾ موجود آهي. سندن اخلاق کان وڌيڪ ٻيو ڪو به اخلاق نه آهي. اهڙيءَ طرح اخلاق جي پيروي ڪندڙ انسان اعلى تهذيب ۽ صالح معاشري کي جنم ڏئي هلائي سگهن ٿا.

4. دنيا داريءَ کان غير واقفيت انسان لاءِ وڏو مونجهارو آهي. دنيا داريءَ جي صحيح رستي کان واقفيت حاصل ڪري تجارت ۽ روزگار جا ٻيا سٺا رستا پيدا ڪرڻ ۽ ان مال جو صحيح نموني استعمال نيڪ عملن ۾ اضافي جو سبب آهي. اهڙي علم جي روشنيءَ ۾ هلي انسان پنهنجي ماحول ۽ معاشري کي بهتر کان بهتر بنائي سگهي ٿو.

حڪيم صاحب هن ڪتاب ۾ قرآن شريف جي آيتن جي مفهوم کي مختلف عنوانن، هيٺ آڻي تعليم سان گڏ تبليغ جو حق ادا ڪيو آهي. مثال طور قرآن پاڪ جي هڪ آيت ڏني اٿس ”الا ان حزب الله هم الغالبون“ (ياد رکو الله جي جماعت ئي غالب رهندي(1). ان لاءِ حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ نمرود جو واقعو ٻڌايو اٿس. بني اسرائيل قوم تي فرعون جا ظلم ۽ سختيون ڄاڻايون اٿس. حضور جن ۽ سندن اصحاب سڳورن پنهنجي ايمان جي بچاءَ لاءِ انهيءَ وقت جي ظالمن ۽ سرڪشن جي ظلمن ۽ سختين کي ڪيئن سٺو، تنهن جا مثال پيش ڪيا اٿس. جن جو مقصد اهو ئي آهي ته حضرت ابراهيم عليه السلام باهه ۾ پوڻ کان پوءِ به رب العالمين جي فضل سان صحيح و سلامت رهيو پر ظالم نمرود کي هڪ ضعيف الخلقت مڇر ختم ڪري ڇڏيو. اهڙيءَ طرح فرعون نيل نديءَ ۾ ٻڏي مئو پر سختين سهڻ وارا بني اسرائيل حضرت موسى عليه السلام جي قيادت ۾ انهيءَ ساڳئي نديءَ مان صحيح سلامت پار ٿي ويا. اهڙيءَ طرح حضور صلعم ۽ سندن اصحابن ظلم و ستم سهي ايمان تي قائم رهيا ۽ الله تعالى جي فضل ۽ مدد سان مڪي شريف کي فتح ڪيو، ظالم ۽ سرڪش مغلوب ٿيا.

سچن مسلمانن کي فتح و نصرت، شان و شوڪت ۽ شاندار ڪاميابي نصيب ٿي. اهڙن مثالن ڏيڻ جو اهو ئي مقصد هو ته انهن حقيقتن مان واقف ٿي مسلمانن جا ٻار ۽ سندن والدين پاڻ ۾ اهڙو ايماني جذبو پيدا ڪري سچا مسلمان ثابت ٿين.

مطلب ته انهيءَ حقيقت کان ڪنهن کي به انڪار ڪو نه آهي ته مسلمانن جي پستي ۽ مشڪلاتن جو واحد سبب پنهنجي مرڪز کان هٽي وڃڻ آهي، انهيءَ طرف رجوع ڪرڻ لاءِ بنيادي طور ٻارن جي ذهنن جي تربيت انهيءَ نموني ڪجي.

اسلامي چوٿون ڪتاب:

تعارف: هن ڪتاب لکڻ وقت مسلم قوم جو رجحان انگريزي تعليم ڏانهن گهڻو هو ان ڀيٽ ۾ پنهنجي مذهب ۽ مذهبي تعليم ڏانهن سندن پورو توجه نه رهيو هو. مغربي تعليم جو اثر وڌندڙ ڏسي حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ خيال ڪيو ته اهڙو ذريعو پيدا ڪجي جنهن ڪري انگريزي تعليم جو غلط اثر گهٽجي ۽ مسلمانن ۾ ايماني جوش ۽ قوت پيدا ٿئي جيئن سچا پچا مسلمان ثابت ٿين. اهو خيال ڪري سنڌ جي مڪتبن ۽ مدرسن ۾ پڙهندڙ شاگردن لاءِ اسلامي ڪتابن لکڻ جو سلسلو شروع ڪيائين.

مطالعي هيٺ آيل ”اسلامي چوٿون ڪتاب“ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. هن ڪتاب ۾ الله تعالى جل شانه جو تصور، قرآن ڪريم اسلام جي رڪنن نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم، اصحابين ۽ اوليائن وغيره بابت اصلاحي ۽ معلوماتي سبق ڏنل آهن. هي ڪتاب سنه 1925ع ۾ لکيو ويو ۽

جملي 109 صفحن تي مشتمل آهي.

 

 

ڪتاب جو تنقيدي جائزو هيٺ ڏجي ٿو:

موضوع ۽ مواد:

مطالعي هيٺ آيل ڪتاب ۾ ابتدائي اسلامي تعليم جو بي بها علمي و ادبي خزانو سمايل آهي. منجهس اسلامي، تاريخي، معلوماتي، اخلاقي، اصلاحي، سائنسي ۽ ادبي جملي چوئيتاليهه سبق ڏنل آهن، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو:

الله جل جلاله

الله جو رسول ڪريم

الله جو پاڪ ڪتاب

الله تعالى جا پاڪ ملائڪ

قرآن شريف ياد ڪرڻ

اسلام ۽ قرآن ڪريم

زڪوات ۽ خيرات

معراج

جن ۽ شيطان

انساني نفس

نفس ۽ شيطان جا وسوسا

حضرت سلمان فارسي رضه

امام اعظم رحمة الله عليه

حضرت پيران پير رحه

خواجه حسن بصري

حضرت جنيد بغدادي رحه

سلطان صلاح الدين غازي

سنڌ ۾ عربن جو اچڻ (ڀاڱو پهريون)

سنڌ ۾ عربن جو اچڻ (ڀاڱو 2)

سنڌ ۾ عربن جو اچڻ (ڀاڱو ٽيون)

عربستان، ترڪستان، ايران ۽ افغانستان

دهليءَ جي جامع مسجد ۽ تاج محل

اخبارون

دولت

پاڙي جا حق

ڏکن پٺيان سک

حاسدن جا قسم

صورتون ۽ مهانڊا

نيڪي ڪري پاڻيءَ ۾ اڇلاءِ

جانور (ڀاڱو پهريون)

جانور (ڀاڱو ٻيو)

سنڌي پهاڪا (ڀاڱو پهريون)

سنڌي پهاڪا (ڀاڱو ٻيو)

سنڌي پهاڪا (ڀاڱو ٽيون)

پورهيو

ميرن جي صاحبيءَ ۾ سنڌ جي حالت

تندرستي

پاڻي

کاڌو

وهنجڻ

کير

ورزش

لباس

ننڊ

دعا

هن ڪتاب لکڻ کان اڳ سنڌي زبان ۾ اهڙو ڪو مستند ڪتاب لکيل ڪو نه هو، جنهن جي ذريعي مسلمان شاگردن جو مذهبي بنياد پختو ٿئي. انهيءَ ڪري وقت ۽ حالتن جي تقاضا موجب حڪيم صاحب قلم هٿ ۾ کنيو ۽ ٿوري ئي وقت ۾ هي ڪتاب ڇپارائي ابدي ميدان تي آندائين.

ڪتاب ۾ جيڪي خالص اسلامي ۽ مذهبي سبق ڏنل آهن سي هي آهن: الله جل شانه، الله جو رسول صلعم، الله جو پاڪ ڪتاب، الله تعالى جا پاڪ ملائڪ، قرآن شريف ياد ڪرڻ، اسلام ۽ قرآن ڪريم، زڪوات ۽ خيرات، معراج، انساني نفس، نفس ۽ شيطان جا وسوسا.

حڪيم صاحب الله جل شانه بابت لکيو آهي ته:

”آسمان، زمين ۽ ساري مخلوقات جو خالق هڪ الله آهي، عقل واري انسان کي پڪ آهي ته الله کان سواءِ ٻي ڪا طاقت ڪانهي، جنهن هيڏي ساري دنيا کي خلقيو هجي ۽ دنيا جي هيڏي ساري چرخي کي هلائيندو هجي. جيڪڏهن ڪو انسان اها ڳالهه نٿو مڃي ته پڪ سمجهبو ته انهيءَ جو دماغ خراب آهي ۽ عقل ويل آهي“ (1).

اهڙيءَ طرح قرآن ڪريم بابت لکي ٿو ته:

”قرآن ڪريم الله جي پاڪ فرشتن مان جبرئيل عليه السلام هڪ وڏو مقدس فرشتو خدائي پيغام حضور صلعم جن کان اڳي ٻين نبين سڳورن تي به آڻيندو هو. حضرت جبرئيل عليه السلام جيڪي خدا جا پيغام وقت بوقت حضور جن تي آندا هئا انهن کي آيتون چئبو آهي. ٽيويهن ورهين اندر جيڪي به آيتون الله تعالى طرفان حضرت جبرئيل عليه السلام حضور صلي الله عليه وسلم وٽ آنديون تن کي ڪلام الله ۽ قرآن شريف سڏجي ٿو“ (1).

فرشتن بابت ڄاڻايل آهي ته:

” وڏا فرشتا چار آهن، جن جا نالا هي آهن:

حضرت جبرئيل عليه السلام، حضرت اسرافيل عليه السلام، حضرت مڪائيل عليه السلام ۽ حضرت عزرائيل عليه السلام. حضرت جبرئيل عليه السلام جو ڪم آهي خدا جي رسولن ۽ نبين کي خدا جو پيغام پهچائڻ ۽ انهن وٽ خدائي حڪم آڻڻ. حضرت اسرافيل عليه السلام جو ڪم آهي قيامت جي وقت اهڙي ڦوڪ ڏيڻ جنهن سان دنيا ۽ دنيا جون سڀ شيون فنا ٿي غائب ٿي وينديون ۽ هينئر جيڪي ڏسون ٿا سو سڀ ڪجهه نه هوندو. حضرت ميڪائيل عليه السلام جو ڪم آهي الله جي مخلوق کي پاڻي ۽ برسات جي مدد ڏيڻ ۽ سڀ ڪنهن کي رزق ۽ روزيون ورهائي ڏيڻ. حضرت عزرائيل عليه السلام جو ڪم آهي ساهه وارين شين جو ساهه قبض ڪرڻ ۽ موت جو ذائقو چکائڻ (2)“.

اهڙيءَ طرح حڪيم صاحب قرآن شريف ياد ڪرڻ جون فضيلتون، قرآن شريف جي تلاوت جو اثر، زڪوات ڇا آهي، ڪهڙا ماڻهو زڪوات وٺڻ جا حقدار آهن، زڪوات ڇو ٿي ڏجي ان مان ڪهڙا فائدا آهن، معراج ڇا کي ٿو سڏجي، انساني نفس جي حقيقت، نفس جا قسم ۽ هڪ نفس جو ڪم، نفس ۽ شيطان جا وسوسا وغيره تي مڪمل روشني وڌي آهي.

ڪتاب ۾ ٻيا جيڪي به سبق ڏنل آهن سي سهڻي پيرايه ۽ سليس زبان ۾ مناسب مثالن سان سمجهايل آهن.

ٻولي:

حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي تقريباً سڀني ڪتابن ۾ ٻولي نهايت سليس، سهڻي ۽ با محاوره ڪم آندل آهي. هن ڪتاب جي به ٻولي ٻارن جي لياقت آهر نهايت سلوڻي آهي. مثال طور هڪ ٻه فقرا هيٺ ڏجن ٿا:

”دنيا ۾ رهبو ته ڏک به ڏسبا، سک به ڏسبا، هي بلڪل ٿيڻو ئي نه آهي ته دنيا ۾ رهي انسان سدائين سکيو گذاري. جيڪي دنيا ۾ سکيا ماڻهو ڏسو ٿا تن پهريائين ڏک ڏٺا هوندا. ڏسو اسلام ڪهڙيءَ طرح نه پهرئين ڏکن سان شروع ٿيو! حضور جن صلي الله عليه وسلم جي تبليغ وقت ڪيترا نه ڏک ڏٺا! اصحاب سونهارن اسلام قبول ڪرڻ وقت ڪيتريون نه سختيون سٺيون! مگر همت ۽ صبر ڪرڻ سان سکن ۽ آرامن سندن قدم اچي چميا، اسلام جو جهنڊو بلند ڏسي، سندن اکيون ٺريون ۽ غمگين دليون باغ بهار ٿيون، دين سان گڏ دنيا به اهڙيءَ طرح حاصل ٿين جو هو فقيرن مان امير بڻجي ويا.  سکن جي لذت به تڏهن ايندي آهي، جڏهن ڏکن پٺيان سک حاصل ٿيندا آهن. سوجهري جي سونهن به تڏهين پسند ايندي آهي، جڏهن اوندهه کان پوءِ ڏسبو آهي. مٺاڻ جي لذت به تڏهين وڻندي آهي، جڏهن ڪڙاڻ چکبي آهي. دولتمندي جو قدر به تڏهين پوندو آهي، جڏهين سڃائيءَ کان پوءِ هٿ ايندي آهي. انسان کي دنيا ۾ سک مرد ٿي رهڻ نه گهرجي. سک مرد ٿي رهڻ سان انسان سست ۽ هڏ رک ٿي پوي ٿو. رڳو سک ئي طلبڻ نفس جي شرارت آهي. محنت ۽ مزوريءَ کي ڏک سمجهيو وڃي ٿو. پر جيڪڏهن اهو ڏک نه ڏسجي ۽ محنت مزوري ڇڏي ڏجي، پيٽ گذران لاءِ لوچڻ ۽ هٿ پير هلائڻ بند ڪري ڇڏجي ته اوهين پاڻ سمجهي سگهو ٿا ته هوند ڪڏهين ڪين آرام ۽ سک نصيب ٿي سگهي(1) “.

مثال 2:

”اوهان کي گهرجي ته جيسين دنيا ۾ جيئرا آهيو، تيسين هميشه ماڻهن سان نيڪي ڪندا رهو. جنهن اوهان سان هڪ دفعو نيڪي ڪئي هجي، تنهن سان اوهين ڏهه دفعا نيڪي ڪريو. جيڪو اوهان سان نيڪي ڪري، تنهن سان ته نيڪي ڪرڻ اوهان تي واجب آهي، پر جنهن اوهان سان نيڪي نه ڪئي هجي ته ان سان به نيڪي ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪنهن سان نيڪي ڪجي ته هميشه خدا ڪارڻ ڪجي، نيڪي ڪري، عيوض جي طمع رکڻ نيڪيءَ جي شان کي گهٽايو ڇڏي. ڪنهن سان نيڪي ڪجي ته هر هر وات تي آڻڻ يا پنهنجي نيڪيءَ جو ٻئي کي مهڻو ڏيڻ، نيڪيءَ جي اثر کي ڀڃايو ڇڏي. دانائن چيو آهي ته ”نيڪي ڪري پاڻيءَ ۾ اڇلائڻ گهرجي“ يعني انهي نيڪيءَ کي وري وات تي نه آڻجي، نڪي اڳلي کان عيوض گهرجي. جنهن نيڪيءَ جو عيوض گهريو سا نيڪي ئي نه چئجي (1)“.

 

4. ميرن جي صاحبي:

تعارف: سنڌيءَ ۾ چوڻي آهي ته ”جت چڙهي سچائي تي ته کڙهه تي کير پياري“. ساڳئي نموني جيڪڏهن عالم ۽ اديب، شاعر ۽ دانشور پنهنجيءَ تي اچن ته سندن قلم تلوار کان وڌيڪ اثر ڏيکاري، ۽ اهي ڏسندي ڏسندي قوم جي تقدير ئي بدلائي ڇڏين.

اسان جي تاريخ اهڙن قلم ڌڻي ڪونڌرن سان ڀري پيئي آهي. رڳو انگريزن جي دؤر جي سنڌي علم و ادب جو مطالعو ڪجي ٿو ته ڏندين آڱرين اچيو وڃن ٿيون. ملڪ تي ڌارين جو راجھ هو. ڏيهي مٿيون طبقو خانبهادر ۽ راءِ بهادر جي خالص لقبن جي لالچ تي، سرڪار جي ٻڌن ٻانهن ٿيڻ لاءِ تيار هو. پير، امير، نواب ۽ جاگيردار انگريز سرڪار جي چپٽيءَ تي نچي رهيا هئا. فرنگين جو زندگيءَ جي هر شعبي تي مڪمل قبضو هو. ڪنهن کي به سرڪار طرف اک کڻڻ جي مجال نه هوندي هئي. اهڙي ڏاڍ ۽ ڏرت جي ڏهاڙن ۾ سنڌي عالمن، اديبن ۽ شاعرن اهو ڪجهه پئي ڪيو، جو اهو اڄ اسين خواب خيال ۾ به ڪرڻ جي سگهه نه ساريون!.

مطالعي هيٺ آيل ڪتاب ” ميرن جي صاحبي“ به اهڙين تصنيفن مان هڪ آهي. ڪتاب جي نامياري عالم، اديب، شعر ۽ صحافي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي قلمي ڪاوش جو نتيجو آهي.

ڪتاب جو تنقيدي جائزو هيٺ ڏجي ٿو:

مواد: ڪتاب صنف جي نقطئه نگاهه کان، مضمون ۽ موضوع جي لحاظ کان تاريخ جو هڪ اڻ وسرندڙ باب آهي. باريڪ بينيءَ سان مطالعي ڪرڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪتاب ۾ تاريخي، مذهبي ۽ سياسي مواد ڏنو ويو آهي. مواد جو تعارف ۽ تنقيدي جائزو هيٺ ڏجي ٿو:

تاريخي مواد: ڪتاب جي عنوان مان ئي ظاهر آهي ته منجهس ميرن جي صاحبيءَ وقت سنڌ تي روشني وڌي ويئي آهي. ڪتاب ۾ انهن سوالن جا جواب ڏنا ويا آهن ته ميرن جي گذريل صاحبيءَ وقت سنڌ جو ڇا حال هو. ماڻهو ڏکيا هئا يا سکيا، ملڪ ۾ ڏڪار هو يا سڪار، حڪومت ۾ انصاف هو يا انڌير.

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ميرن جي دور جو تفصيلي ذڪر ڪيو آهي ۽ خاص ڪري هيٺين ڳالهين تي وضاحت سان روشني وڌي آهي:

ميرن جي صاحبيءَ ۾ هندو مسلمانن جو پاڻ ۾ سلوڪ

ميرن جي ڪچهري

هندو مسلمان ڪامورن جي پاڻ ۾ بي تعصبائي

راڄ مهاڄڻ جو پاڻ ۾ سلوڪ

ميرن جي دور ۾ ماڻهن جي سياسي آزادي

ميرن جي دور ۾ انصاف

ميرن جي حڪمرانيءَ جو طريقو

ميرن جي دور ۾ سزا جو طريقو

ملڪي حالتون ۽ رواداري

حڪيم صاحب انگ اکر ڏيئي اهو ثابت ڪيو آهي ته ميرن جي دور ۾ سنڌ سکيو ۽ سائو ملڪ هو. ڏڪر ۽ ڏک جو ته ڪٿي نالو به ڪين هو. هر هنڌ امن ۽ سڪون لڳو پيو هو.

حڪيم صاحب ميرن جي دور واري تاريخي جو پردو هٽائيندي ڪيترن ئي بهتانن جي مد برانه انداز سان ترديد ڪئي آهي. انگريزن سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوءِ جنهن انداز سان ويهي تاريخي حقيقتن کي ٽوڙي پيش ڪيو هو، حڪيم صاحب انهن مان اهڙن ڪوڙن تاريخ نويسن جا مثال پڻ ڏنا آهن. پاڻ هڪ هنڌ لکي ٿو ته:

”اوهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته آرام ۽ اثر سان حڪومت هٿ ڪرڻ ۽ هلائڻ لاءِ يوروپي حڪومتن جي اصلي پراڻي عادت آهي. ملڪ ۾ پروپيگندا ڦيلائي، قومن کي ويڙهائي ۽ اڳين حڪومتن جي بر خلاف ماڻهن ۾ خيال وهارڻ ۽ اڳئين حاڪم قوم جي گلا ۽ شڪايت ڪرڻ“ (1).

حڪيم صاحب هن ڪتاب ۾ ”بمبئي گورنمينٽ جي رڪارڊ جو انتخاب“ (1855ع) ۽ اسسٽنٽ سرجن جي ايف هيڊلي جي رپورٽ“ (1836) جو تفصيلي تنقيدي جائزو وٺي سندن بهتانن کي غلط قرار ڏنو آهي.

مثال طور ڪتاب مان اقتباس هيٺ ڏجن ٿا:

”مٿي ڄاڻايل انگريزي ڪتاب (بمبئي گورنمينٽ جي رڪارڊ جو انتخاب) جي حصي ٻئي 651 ۽ صفحو 654 ۾ آر ايف برٽن صاحب بمبئي جي ليفٽيننٽ، هندو مسلمانن کي هڪ ٻئي سان ويڙهائڻ ۽ هڪ ٻئي سان وير رکڻ لاءِ اهڙا ته نوٽ لکيا آهن جن کي هندو پڙهي مسلمانن کان بيزار ٿيا ۽ مسلمان پڙهي هندن کان بيزار ٿيا. وچ ۾ ٻيگهي متي ڌارين جي. ٻرٽن صاحب صفحي 651 ۾ لکي ٿو ته ميرن جي صاحبيءَ ۾ ”هندو زوري مسلمان ڪيا ۽ طهرايا ويا، ۽ کين زوري ڪلمو پڙهايو ويو ٿي، ۽ زوريءَ مسجد ۾ آندو ويو ٿي، ۽ زوري ڳئونءَ جو گوشت کارايو ويو ٿي“. هي آهي هڪ انگريز آفيسر برٽن صاحب جو مسلمان حڪومت جي بر خلاف اهو نوٽ. جنهن مان سندس مطلب آهي اڳين حاڪم قوم جي بر خلاف هندن ۾ مذهبي جوش جاڳائي ڀڙڪائڻ. اهڙيءَ طرح اهو برٽن صاحب ساڳئي ڪتاب جي صفحي 653 ۾ هندو عاملن جي بر خلاف مسلمانن ۾ بد ظني بدخيالي پيدا ڪرڻ لاءِ ڇا ٿو لکي سو به ٻڌجو. لکي ٿو ته: ” آئون پوريءَ خاطريءَ سان چوان ٿو ته دينا جي ڪنهن به اڀرندي ڀاڱي ۾ جيتري قدر معلوم آهي، هندو عاملن کان وڌيڪ ڪا به قوم ڪپتي، ٺڳ ۽ خوفناڪ ٻي ڪانهي. ڪيترا به قسم کڻن ته اعتبار ڪونهي، ڪنهن به خوفناڪ ڪم ڪندي ڊپ ڪو نه ٿئين. پنهنجي خود غرضيءَ وقت ڪنهن تي به رحم ڪو نه ڪن. دستاويزن، مهرن ۽ حڪمن ۾ جعل سازي ڪرڻ ويرم ئي ڪا نه ڪندا آهن. ڪوڙ تي ڪمر ٻڌي بيهندڙ هئا پنهنجي مطلب لاءِ سانتيڪن ۽ ڊڄجندڙ ماڻهن کي به ڀڙڪائي پاڻ سان شامل ڪري وجهندا هئا.

اوهين انهن ٻنهي نوٽن کي پڙهي غور ڪريو ته ڪهڙي نه شرارت منجهن ڀري ويئي آهي. هندن کي مسلمانن کان پنهنجي منهن چيڙايو ويو آهي ته مسلمانن کي هندن کان پنهنجي منهن بدگمان ڪيو ويو آهي“(1).

مذهبي مواد:

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي نه رڳو سيسادتدان ۽ دانشور هو پر ان سان گڏ هڪ با عمل عالم به هو. انهيءَ ڪري شعوري توڙي لاشعوري طور سندس لکڻين تي مذهب جو اثر نظر اچي ٿو. مطالعي هيٺ آيل ڪتاب ۾ به هن صاحب ڪيترو ئي مذهبي مواد ڏنو آهي. خاص ڪري هيٺين ڳالهين تي روشني وڌي اٿس:

”هندن پنهنجو ڌرم وساري ڇڏيو آهي“، هندو تصوف جي سهڻي تعليم“ ”مسلمانن جي مذهبي حالت“ ”مسلمانن جي مذهب ۾ توحيد ڇا آهي؟“، ”قرآن پاڪ جو حڪم آهي ته دين مڃائڻ ۾ زور زبردستي نه ڪريو.“

حڪيم صاحب جي هن ڪتاب جو مذهبي مواد ڪتاب جي موضوع توڙي مضمون جي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. حڪيم صاحب هن ڪتاب ۾ ماضي ۽ حال جي ڀيٽ ڪري حال جي خامين جي نشاندهي ڪئي آهي. هي ڪتاب انهيءَ دور جي پيداوار آهي جڏهن ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ واري فرنگين جي پاليسي ڪامياب ٿي چڪي هئي. پوري سنڌ ۾ ٻين اختلافن سان گڏ مذهبي ڇڪتاڻ به پيدا ٿي چڪي هئي. حڪيم صاحب پاڻ ”هندو مسلم اتحاد“ جو حامي هو. انهيءَ ڪري سندس تصنيف تي ساڳيو رنگ چڙهيل آهي. هن ڪتاب جي هنن ورقن جي وسيلي سنڌ واسي هندو مسلم کي پنهنجي باهمي اختلافن کي دور ڪري مشترڪ دشمن سان وڙهڻ جو ڀرپور تاثر ڏنو آهي.

سياسي مواد:

حڪيم صاحب نه رڳو قلم ڌڻي هو، پر قدرت کيس وطن جي حب سان سرشار ڌڙڪندڙ دل به ڏني هئي. ڏيهه جي انگ اگهاڙن ۽ پيٽ بکين انسانن سان کيس عقيدت ۽ الفت هئي. هو کين جيترو دل جي گهراين سان چاهيندو هو اوترو ڌارين سان نفرت ڪندو هو. کيس وطن جا وڻ ۽ واهڻ، ڍنڍون ۽ ڍورا، ٿر ۽ بر، گليون ۽ گهٽيون، ڳوٺ ۽ شهر، گهر ۽ جهوپڙيون عزيز هيون. انهن ۾ آزاديءَ جا ترانا ٻڌڻ جو عاشق هو. هن نٿي چاهيو ته سر سبز ۽ شاداب سنڌ ۽ سٻاجهن سنڌ واسين کي ڌاريون قومون ڄئورن جيان چوسينديون رهن. هن صاحب انهيءَ ڪري هڪ طرف عملي سياست ۾ پير پاتو ۽ ٻئي طرف قلمي دنيا ۾ قدم رکيو. هي ڪتاب به انهيءَ سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.

حڪيم صاحب، هن ڪتاب ۾ ميرن جي صاحبي ۽ انگريزن جي دور جي ويهي ڀيٽ ڪئي آهي ۽ ٻڌايو اٿس ته ڌارين جي راڄ ۾ سنڌواسي روحاني، جسماني، مذهبي ۽ سياسي طور تي مڪمل برباد ٿيندا پيا وڃن. ترقيءَ جي نالي ۾ کين تباهه ڪيو پيو وڃي. کين رنگ نسل، ذات پات ۽ دين ڌرم جي ڪوڙن ليڪن ۾ بند ڪري پاڻ ۾ ويڙهايو وڃي. هن ڪتاب ۾ حڪيم صاحب ڌارين جي خلاف هن ريت مواد ڏنو آهي:

“”يوروپي حڪومتن جي عادت آهي پروپيگنڊا، هي جو سمجهيو وڃي ٿو ته هن وقت سکيا آهيون، اهو نفس جو ڌوڪو آهي. اجھڪلهه ڏڪار ۽ مهانگائي سبب ماڻهن جو ڇا حال آهي؟ ڪامورا پاڻ کي رعيت جو سردار سمجهن ٿا پر آهن در حقيقت رعيت جا نوڪر، سڌريل ملڪ ۽ سڌريل حڪومت ڇا کي چئجي؟ سوراج مان جيڪي فائدا ٿيڻا آهن تنهنجو مختصر بيان ”آزادي ۽ غلاميءَ جو فرق“ ۽ ”بلبل جو عجيب مثال“ ۾ ڄاڻايل آهن.“

 

هن ڪتاب مان سياسي مواد جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:

”سوراج مان اخلاقي ۽ مذهبي، ديني ۽ دنائي فائدا ٿيندا آهن، ملڪ جو انتظام قانون قدرت جي سرشتي موجب هلڻو آهي. واجبي قدرتي ۽ انساني آزاديءَ ۾ خلل وجهڻ جهڙن قاعدن جو خاتمو ٿيڻو آهي. اتفاق ۽ ايڪي جي مزي ۽ لذت سان حياتي گذارڻي آهي. ڪلفت ۽ ڪروڌ، وير ۽ وروڌ ڪافور ٿيڻو آهي. ملڪ ۾ خوشحالي ۽ سرسبزي اچڻي آهي. حياتيءَ جي قدرتي حقن تان ضابطو ۽ پابندي ٽوڙڻي آهي. ماڻهن جي بازن جي پورهئي ۽ مغز جي ڪمائي تان ٽيڪس لهڻا آهن. دريائن ۽ ٻيلن مان فائدو وٺڻ کان غريبن تان پابنديون ۽ بندشون لهڻيون آهن. زمين تان ڳريون ۽ موتمار ڍلون گهٽڻيون آهن. ڪامورن جا قهر ۽ ظلم وڄڻا آهن. ملڪ جي هلائڻ چلائڻ جي واڳ ماڻهن جي هٿ ۾ اچڻي آهي“ (1).

 

ٻولي:

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي پنهنجي دور جي ناميارن عالمن، اديبن، شاعرن ۽ دانشورن مان هڪ هو. سندس قلم جڏهن به ٿي ڪنهن خيال، موضوع ۽ مسئلي کي ورقن جي سيني تي آندو، تڏهن سلامت ۽ رواني جدت ۽ جوش جون خوبيون ٻانهون ٻڌي ان اڳيان اچي ٿي حاضر ٿيون سندس هر تحرير ۽ تصنيف پياري ۽ نياري آهي ليڪن مطالعي هيٺ آيل ڪتاب به پنهنجي مٽ پاڻ آهي. ڪتاب جي ٻولي ۽ ان جو اسلوب ملاحضه فرمايو:

”ڌاريا اسان جي ملڪ ۾ اچيو موجون ماڻين ۽ ڀلي ماڻين، اسان کي ڪو اعتراض ڪونهي، پر اسين پنهنجي ئي ملڪ ۾ ٿاٻا کائيندا وتون، اها ڳالهه ڪيتري قدر نه افسوس جهڙي آهي! ڌاريا اسان جي ملڪ ۾ سکيا گذارين ۽ ڀلي گذارين اسان کي ڪو اعتراض ڪونهي پر اسين پنهنجي ئي ملڪ ۾ ڏکيا رهون اها ڳالهه ڇو نه اعتراض جهڙي آهي.

ڌاريا اسان جي ملڪ ۾ اچي وڏا وڏا پگهار کڻن، ڀلي کڻن اسان کي هوند ڪو اعتراض ڪو نه ٿئي پر اسين پنهنجي ئي ملڪ ۾ سڃا ۽ ڪنگال هجون، آڱرين تي ڳڻڻ جهڙا پگهار کڻون اها ڳالهه سخت بي انصافي جهڙي آهي. ڌاريا اسان جي ڏنل ڍلن ۽ محصولن مان پگهار کڻن ۽ اسان جي خدمت لاءِ مقرر ٿين، چڱي ڳالهه آهي. پر هيءَ ڳالهه اڻ وڻندڙ آهي ته هو اسان جا خادم ٿي اسان کي غلام ۽ ذليل سمجهن ۽ اسان سان ذلت جي هلت هلن....“(1).

حڪومتن ۽ قومن جي ڪمال ۽ زوال جا سبب:

تعارف:

سنه 1843ع ۾ نيپيئر جي سنڌ تي قبضي واري منحوس واقعي کان اڳ هيءَ ڌرتي هڪ الڳ ۽ آزاد ملڪ هو. ملڪ جون مکيه ٽي گاديون هيون ۽ هتي هڪ گڏيل انتظام هيٺ حڪومت ڪرڻ جو ڪامياب تجربو هلي رهيو هو. ملڪ تي غلاميءَ جو داڳ لڳو ته ڌرتي ۽ ڌرتي وارن کي ڪيترائي ڏک ڏسڻا پيا. هڪ طرف سندن ملڪ ملڪي حيثيت وڃائي پهريون صوبائي پوءِ ان حيثيت کان به ڪري پيو ۽ ان کي بمبئي پرڳڻي جو حصو بنايو  ويو. ٻئي طرف وطن واسين جا لافاني قدر، نظريا ۽ اصول بدلائڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي ويئي.

سنڌ جو محب وطن عوام ڪڏهن به اهڙيون حالتون برداشت ڪري نه پيو سگهي. ان ڪري سنڌ واسين شروع کان وٺي فرنگي راڄ خلاف تن من ۽ ڌن سان جهاد ڪيو. سنڌ آزادي جي تحريڪ ۾ بهادري ۽ بي باڪي سان بهرو ورتو ان جي مثال لاءِ حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جو ڪتاب ” حڪومتن ۽ قومن جي ڪمال ۽ زوال جا سبب“ پيش ڪري سگهجي ٿو. هي سنڌ جي محب وطن عوام جي قلمي جهاد جو جيئرو جاڳندو مثال آهي. اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته آل انڊيا مسلم ليگ به سنه 1930ع ۾ هڪ الڳ ۽ آزاد مسلم ملڪ لاءِ تصور پيش ڪيو. ليڪن سنڌ ۾ سنڌي عالمن، اديبن ۽ سياستدانن انهيءَ کان اڳ آزاديءَ جا ناد وڄايا، جن جي جهلڪ هن ڪتاب ۾ به نظر اچي ٿي. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي هيءُ ڪتاب سنه 1923ع ۾ لکيو. ڪتاب تفصيلي تنقيدي جائزو هيٺ ڏجي ٿو:

مواد ۽ موضوع:

مطالعي هيٺ آيل ڪتاب سنڌ جي سياسي ادب جو هڪ بي مثال شاهڪار آهي. ڪتاب بنيادي طور تي ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. ڪتاب جي پهرئين حصي ۾ فاضل ليکڪ معياري مقدمو لکيو آهي، جيڪو 55 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جي ٻئي حصي جو مواد علامه ابن خلدون جي ڪتاب ”مقدمه ابن خلدون“ جي مکيه ڳالهين تي ٻڌل آهي.

ڪتاب جي پهرئين حصي جو مواد هيٺين ڳالهين تي روشني وجهي ٿو:

آزادي انسان جو موروثي حق آهي.

اهي انساني قاعدا، جيڪي خدائي قانون جي برخلاف آهن، سي حقيقت ۾ شيطاني قاعدا آهن.

خودي ۽ خود پسنديءَ ۾ ڪاهي پوندڙ قوم تباهه ۽ برباد ٿيندي آهي.

تباهه ٿيندڙ قوم کي سندس طاقت به بچائي نه سگهندي آهي.

ڪهڙن سبب ڪري حڪومت جو ڪمال ۽ زوال ٿئي ٿو؟

هڪ قوم کي ٻي قوم سان ڪيئن هلڻ گهرجي؟

قومن جي مذهبي حڪمت عملي ڪهڙي هئڻ گهرجي؟

حاڪم ۽ رعيت جا ڪهڙا پاڻ ۾ لاڳاپا هئڻ گهرجن؟

زبردست ۽ ظالم حڪمران جو ڪهڙو حشر ٿئي ٿو؟

خزانو جيڪو عوام جي امانت آهي، تنهن کي ڪيئن استعمال ڪرڻ  گهرجي؟

پراڻي تاريخدان ابن خلدون ۽ سندس ڪتاب جو تعارف.

حڪيم صاحب هيءُ ڪتاب تڏهن لکيو، جڏهن سنڌ ۾ سنڌ واسي هڪ ئي وقت تي هڪ کان وڌيڪ محاذن تي سياسي جنگ وڙهي رهيا هئا. اها وقت ۽ حالتن جي تقاضا هئي ته عوام کي مسلح، فريبي ۽ سياڻي حڪمران جي سمورين چالن کان با خبر ڪري، آزاديءَ جي مطلب، مقصد ۽ مفاد لاءِ هڪ هنڌ آڻي بيهارجي.

فرنگي حڪمران اقليت ۾ ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا پر هن ”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو“ واري حڪمت عملي اختيار ڪئي، انهيءَ جا نتيجا حڪمرانن جي مفاد ۾ ئي ٿي نڪتا. سنڌ ۾ جڏهن بمبئيءَ کان علحدگيءَ واري تحريڪ هلي ۽ انهيءَ تحريڪ جو تصور ٻين سان گڏ غير مسلم طبقي به پيش ڪيو ته فرنگي سرڪار وجهه وٺي اهڙيون حالتون پيدا ڪيون، جنهن ڪري سنڌ واسي مذهبي بنيادن تي مختلف ڌڙن ۾ وهائجي ويا. سنڌ جي بمبئي کان علحدگي وارو مسئلو بنجي ويو. اهڙين حالتن ۾ مذهبي نفاق وڌي ويو ۽ قومي اتحاد جو ٻيڙو وچ درياهه ۾ لهرن جي ضد ۾ اچي ويو. هندن ۽ مسلمانن ويچاري انسان کي پنهنجي پنهنجي مذهب جي رنگ ۾ ريٽڻ جي ڪوشش ڪئي. شڌي ۽ سنجوڳين جي ترڪيب جو آغاز ٿيو ۽ زوريءَ مذهب مٽائڻ کي ئي زندگيءَ جو مقصد ڄاتو ويو. جڏهن عوام جا اڳواڻ قومي آزاديءَ جي مقصد کي نظر انداز ڪري، نفاق ۽ تفرقي جي پوئتان لڳي پيا، تڏهن انهن حالتن حڪيم صاحب جي قلم کي جنبش ڏني ۽ هي مطالعي هيٺ آيل ڪتاب تخليق ٿيو. هن پنهنجي ڪتاب سنڌ جي هندو مسلم نفاق کي ختم ڪرڻ لاءِ هي مضمون رکيا آهن:

ڪا به قوم ڪنهن به قوم تي ٺٺولبازي نه ڪري.

ٻين قومن جي ديوتائن کي برو نه چئجي

دين مڃائڻ ۾ ڪنهن سان به زور زبردستي نه ڪجي.

سڀ ڪنهن کي پاڪ جاين جي بچائڻ جو خدا حق ڏنو آهي.

محب ۽ اتفاق سان ڀائرن وانگي هلڻ گهرجي.

ڪتاب ۾ ڏنل انهن مضمونن جي مطالعي ڪرڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته حڪيم فتح محمد صاحب جي اڳيان سنڌ جون مذهبي حالتون هيون. مذهبي تنگدلي ۽ ڪٽرپڻو وڌي چڪو هو. مختلف مذهبن جا پوئلڳ، مخالف ڌر جي عبادتگاهن جي احترام کي وساري چڪا هئا. مذهبي شخصيتن ۽ اصولن قلم ۽ قول سان ڪارا وار ڪري رهيا هئا ۽ تنگدليءَ جو ڄار وڇائي، ٻيءَ ڌر جي ماڻهن کي پنهنجي مذهب جي حلقي ۾ داخل ڪرڻ تي ڪار خير ڄاڻي رهيا هئا. اهڙين حالتن ۾ سيوهاڻي مرحوم پنهنجي قوم کي غفلت ۽ ڪٽر پڻي جي انهيءَ ڪن مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي. حڪيم صاحب انهن غلط روايتن کي قرآن شريف جي تعليم جي روشنيءَ ۾ ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سندس ڪتاب جو اهو حصو قرآن پاڪ جي آيتن ۽ تشريحن سان سينگاريو پيو آهي . انهن آيتن مان ڪي هيٺ ڏجن ٿيون:

يا ايهالذين آمنو لا يسخر قوم من قوم عسى ......... هم الظالمون

(سورة مجرات رڪوع 2)ترجمو: ”اي ايمان وارا! ڪا قوم ڪنهن قوم تي ٺٺول بازي نه ڪري. شايد اها قوم جنهن تي ٺٺول ڪرڻ ۾ اچي ٿي، سا ٺٺول ڪندڙ قوم کان بهتر هجي. نڪي ڪي زالون ٻين تي مسخريون ڪن. شياد اهي هنن کان بهتر هجن. نڪي هڪ ٻئي تي عيب ڌريو، نڪي هڪ ٻئي تي الون رکو ۽ نڪي هڪ ٻئي تي لقب لايو. ايمان قبول ڪرڻ کان پوءِ هڪ ايماندار لاءِ بڇڙو نالو آهي، خدا جو بي فرمان ۽ گهنگار ٿيڻ. جيڪي اهڙين ڳالهين کان توبهه نه ڪندا ۽ باز نه ايندا اهي ظالم چئبا.“

2. ولا تسبو الدين يدعون من دون الله ...... بما کانو يعلمون.

(سورة انعام رڪوع 13)

ترجمو: ”نه بد شد ڳالهايو انهن کي جن کي هو الله کانسواءِ سڏين ٿا. نه ته وري هو به الله کي بدشد ڳالهائيندا، دشمني سان بنا سمجهه جي. اهڙيءَ طرح سڀ ڪنهن امت لاءِ سندس عمل اسان سهڻا ڪيا آهن. آخر اهي به موٽي پالڻهار پروردگار وٽ ايندا. پوءِ الله پاڪ انهن کي انهن جي ڪمن کان خبردار ڪندو.“

حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جو زمانو ٻٽي غلاميءَ جو زمانو هو. هڪ طرف سک ۽ سڪون واري ڌرتي مذهبي ڪٽرپڻي ۽ سماجي ناهموارين سبب پنهنجي ڌرتي وارن جي هٿان پاڻ جهڙن اڪثريت واري غريب عوام لاءِ غلاميءَ جو گهوارو بنجي امير خواهه غريب جي حال توڙي مستقبل کي ڳڙڪائي رهيو هو. حڪيم صاحب جتي وقت ۽ حالتن کي آڏو رکي سنڌواسين کي ايڪي ۽ الفت جو پيغام ڏنو، اتي غير خلاف هم آواز ٿيڻ ۽ جدوجهد ڪرڻ جي تلقين ڪئي. فاضل مصنف جي ڪتاب جي پهرين حصي ۾ انهيءَ قسم جو ئي سنيهو ڏنو ويو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ مطالعي هيٺ آيل ڪتاب جا هي اقتباس وڏي اهميت رکن ٿا:

”جيڪڏهن ڪنهن حاڪم جي حڪومت کان رعيت راضي نه هجي ۽ حاڪم پنهنجي هلت سان رعيت کي راضي نٿو رکي سگهي ته هن کي ڪو حق ڪونهي حڪومت هلائڻ جو. هن کي گهرجي ته پاڻ حڪومت کان ڀڄي پاسو ڪري. تا ته قوم انهيءَ لائق انسان کي ڳولي چونڊي حاڪم بنائي، جو قوم ۽ رعيت سان صلاح مشورو ڪري حڪومت جو انتظام رکي(1).

”جيڪڏهن حاڪم عدل ۽ انصاف ڇڏي ڏنو، ظلم ۽ زبردستي ڪرڻ لڳو، خود غرضي ۽ خود مطلبي اختيار ڪيائين، لوڀ ۽ لالچ ۾ ڪاهي پيو، رعيت اهڙي حڪم کان ناراض ۽ بيزار ٿيندي...... حڪومت رعيت تي ظلم ڪرڻ لڳندي ته ماڻهو به هڪ ٻئي سان ظلم ڪرڻ لڳندا. حڪومت ٺڳي ۽ دغا بازي، ڪوڙ ۽ ڪپت وعده خلافي ۽ بي انصافي جي عادتن ۾ گرفتار ٿيندي ته ماڻهن ۾ به ساڳيا بد اخلاق عام جام ٿيڻ لڳندا. جنهن ڪري ملڪ ۾ گڙٻڙ ۽ فساد مچي ويندو ۽ امن امان ڪو رهندو(2).“

“جيڪا حڪومت رعيت کي پنهنجا قانون زور سان مڃارائيندي ۽ رعيت کان پنهنجي لاءِ وفاداري زور سان حاصل ڪرڻ گهرندي ته يقين سمجهڻ گهرجي ته اها حڪومت پنهنجي مراد ۾ ڪامياب بنهه ڪين ٿي سگهندي ۽ هوءَ اڄ نه ڊٺي ته سڀاڻي ضرور ڊهندي. اڄ نه برباد ٿي ته سڀاڻي ضرور برباد ٿيندي(3).“

مطلب ته فاضل مصنف ڪتاب جي پهرين حصي ۾ باهمي اتحاد سياسي شعور ۽ قوم جي روشن مستقبل جون ڳالهيون ڪيون آهن. پڙهندڙن کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي اٿائين ته ظلم ته هر دور ۾ ٿيندو رهيو آهي، پر ظلم ڪندڙ قائم نه رهيو. ڏاڍ ۽ ڏمر جا ڪوٽ ڪيڏا به مضبوط هجن، انهن کي ڪِرڻو آهي. انهيءَ احساس ۽ يقين ڏيارڻ کان پوءِ فاضل مصنف علامه ابن خلدون کي پنهنجي شاهدي ۾ پيش ڪيو آهي ۽ اهڙيءَ طرح مطالعي هيٺ آيل ڪتاب جو ٻيو حصو شروع ٿئي ٿو.

ڪتاب ڪمال ۽ زوال جو ٻيو حصو صفحي نمبر 45 کان شروع ٿئي ٿو. فاضل مصنف سڀ کان اڳ ۾ علامه ابن خلدون جو مختصر احوال ڏيڻ کان سندس ڪتاب ”مقدمه ابن خلدون“ جو تعارف هنن لفظن ۾ پيش ڪيو آهي:

”هن ڪتاب کي اٽڪل ساڍا پنج سو ورهيه گذري ويا آهن مگر سندس تاريخي فلاسفرانا اصول اهڙا ته معقول ۽ عمدا آهن جن کي معلوم ڪري بر وقت حڪومتن ۽ قومن جي ترقي ۽ تنزل، واڌاري ۽ گهاٽي، ڪمال ۽ زوال ٺهڻ ۽ ڊهڻ جو نقشو نظر جي آڏو بيهي وڃي ٿو(1).“

حڪيم صاحب انهيءَ مشهور ڪتاب مان جيتري قدر استفادو ڪيو آهي ان لاءِ پاڻ تحرير فرمائي ٿو ته ”مون بالفعل مناسب سمجهيو ته دنيا جي پاليٽڪس سان لاڳاپو رکندڙ ۽ آزادي ۽ غلامي جي وچ ۾ فيصلو ڪندڙ ڀاڱا جيڪي انهيءَ ڪتاب جا آهن، تن جو مطلب خيز ترجمو ڪري ننڍڙو ڪتاب لکي پڙهندڙن جي آڏو پيش ڪريان(2).“

حڪيم صاحب (مرحوم) هن موڙ تي مصنف مان بدلجي مترجم ٿي ويو آهي ۽ ڪتاب جي آخر تائين سندس اها ئي حيثيت رهي ٿي. فاضل مترجم ڪتاب جي هن حصي کي آسانيءَ سان سمجهڻ لائق بنائڻ لاءِ سموري موضوع کي مختلف مضمونن ۾ ورهايو آهي. جن مان خاص مضمون هن ريت آهن:

تابعداري ۽ غلامي انسان جي پيدائشي جرات ۽ همت کي ناس ڪيو ڇڏي

آرام ۽ عيش سان گذرڻ قوميت ۽ قومي جذبي کي ناس ڪري ٿو.

ڌارين جي حڪومت هيٺ غلام ٿي رهڻ سان محڪوم قوم کان حڪومت هلائڻ جو ڍنگ وسريو وڃي.

نيڪ عادتون ۽ چڱا اخلاق حاڪم قوم لاءِ ضروري آهن. بڇڙيون عادتون ۽ بد اخلاق حڪومت جي زواليت ۽ برباديءَ جي نشاني آهي.

مغلوب ۽ غلام قوم هلت چلت، خوراڪ پوشاڪ، رنگ ڍنگ ۾ غالب ۽ حاڪم قوم جي پيروي ڪندي آهي.

ڪا به قوم مغلوب ۽ هيڻي ٿي ڌارين جي قبضي ۾ ايندي آهي ته جلد ئي برباد ٿيڻ لڳندي آهي.

مٿين ذڪر ڪيل مختصر عنوانن ذريعي مترجم اصولڪي ڪتاب مان اهي اهم ڳالهيون چونڊي اسان جي اڳيان پيش ڪيون آهن، جيڪي نه رڳو سندس زماني ۾ مگر اڄوڪين حالتن ۾ به غلام قومن لاءِ درس و هدايت کان گهٽ نه آهن. حڪيم مرحوم هنن صفحن ۾ اهڙيون ڳالهيون دهرايون آهن جن کي اڄ به ورجائڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي. مثال:

”جيڪڏهن سندس قبضو رکندڙ ۽ حاڪم جي هلت ساڻن قهر ۽ ظلم جهڙي هوندي ۽ قبضو رکندڙ ۽ حاڪم پنهنجا غير واجبي ۽ هن جي ضمير جي بر خلاف حڪم به هن کان زور ۽ زبردستي سان مڃارائڻ گهرندو ۽ مڃارائيندو رهندو ته انهيءَ طرح ويچاري تابعدار جون اهي قدرتي قوتون ۽ پيدائشي حق، جرات ۽ همت، دليري ۽ غيرت اهي سڀيئي صفتون ناس ۽ فنا ٿي وينديون ۽ آهستي آهستي هن مان خود داري ۽ پنهنجي بچاءُ جون طاقتون نابود ۽ چٽ ٿي وينديون(1).“

ڪتاب جي هن حصي ۾ قابل غور ۽ اهم ڳالهه هيءَ ڪئي ويئي آهي ته ”ڌارين جي حڪومت هيٺ غلام ٿي رهڻ سان محڪوم قوم کان حڪومت هلائڻ جو ڍنگ ئي وسريو وڃي.“ انساني تاريخ جا ڪيترائي واقعا انهيءَ دليل جي پٺڀرائي ڪن ٿا. مثال طور بني اسرائيلن جي ئي حال کي ڏسو، جڏهن ته هو مصر جي فرعون بادشاهن جي زبردست حڪومت هيٺ رهي نامرد ۽ مردار ٿي ويا هئا، تڏهن هنن کي پنهنجي پيغمبر حضرت موسى عليه السلام جڏهن آزاد ٿيڻ لاءِ جهاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، تڏهن هنن کي پنهنجي پيغمبر جي ڳالهه تي ڀروسو ئي نه پيو ته ڪو سچ پچ اسان کي آزادي ۽ خودمختياري حاصل ٿي سگهندي. هنن حضرت موسى عليه السلام کي صاف چئي ڏنو ته اسين شام ملڪ جي زبردست ماڻهن سان مقابلو ڪري ڪين سگهنداسين. تون خدا جو پيغمبر آهين خدا کي چئو ته پاڻ ان زبردست قوم کي شام ملڪ مان ڪڍي ڇڏي ۽ اسان کي خالي ٿيل ملڪ کڻي حوالي ڪري. باقي اسين هلي جهاد ڪري هنن سان مقابلو ڪريون سا ڳالهه اسان کان اصل نه پڄندي!

بني اسرائيل جيان اڄ به ڪيتريون ئي قومون ساڳي محور تي سوچي رهيون آهن، جنهن ڪري اهي پنهنجي ڏکن جي تخليق پاڻ ڪن ٿيون. ان ڪري حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ابن خلدون کي شاهد بنائيندي، اهو تاثر ڏنو آهي ته غلام قومن کي قومي جدوجهد ۾ ڪڏهن به سستي ڪرڻ نه گهرجي. انهيءَ ئي دليل تي وڌيڪ زور ڏيڻ لاءِ محترم ڪتاب جي آخر ۾ واضح طور تي اهو تاثر ڏنو آهي ته حڪومتن جون انسانن جيان ڄمارون ٿين ٿيون. جيئن انسان جي حياتي ختم ٿي سگهي ٿي.، تيئن هر ڪا حڪومت اچي انت تي پهچي ٿي.

ٻولي:

جيئن اڳ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هي ڪتاب تخليق ۽ ترجمي جو گڏيل گلدستو آهي. ڪتاب جو پهريون حصو حڪيم صاحب جي قلمي ڪاوش جو نتيجو آهي ۽ باقي ڪتاب علامه ابن خلدون جي ڪتاب ”مقدمه ابن خلدون“ مان ورتو ويو آهي. متن جي انهيءَ واضح فرق هئڻ جي باوجود ڪتاب جي ٻئي حصي لاءِ اهو نه ٻڌائي ها ته ڪو ترجمو آهي ته هوند ڪو به پڙهندڙ اهڙو وهم گمان به نه ڪري سگهي ها.

ڪتاب جي ٻولي نهايت سلوڻي ۽ بامحاوره آهي. ٻوليءَ ۾ جيتري آهي رواني، اوتري آهي ڪشش. حڪيم صاحب ڪن هنڌن تي قرآن شريف جون آيتون ڏنيون آهن، ليڪن انهن جو به آسان ترجمو ڏنو اٿس:

حڪيم صاحب جي ٻوليءَ جي اسلوب سمجهڻ لاءِ سندس ڪتاب مان اقتباس ڏجي ٿو:

”انسان پنهنجي پيدائش ۾ ئي قدرت جي طرفان آزاد ۽ خود مختيار پيدا ٿيل آهي. يعني آزادي ۽ خود مختياري هر ڪنهن انسان جو پيدائشي حق آهي. انسان دنيا ۾ خدا پاڪ جو نائب آهي. هن کي ڪنهن جو به محتاج ۽ غلام ٿي رهڻ نه گهرجي. اهڙو محتاج ۽ غلام جنهن جي ڪري هن جي قوميت جو جوش ۽ روحانيت جو جذبو به برباد ۽ فنا ٿي وڃي. سو هڪ خودمختيار رئيس جڏهن پنهنجي خودمختياري ۽ رياست کان محروم ٿي پوندو آهي، تڏهن هي قدرتي ڳالهه آهي ته هن جي طبيعت پريشان، منجهيل ۽ سست ٿيي پوندي آهي، ايتري قدر جو نه کائڻ وڻندو اٿس نه پيئڻ. ڪنهن به ڪم جي پوئواري ۽ سر انجاميءَ تي دل نه ٿيندي اٿس. اهڙو حال انسان ته انسان، پر درندن جانورن ۾ به ڏسبو آهي. درندا جانور به جڏهن انسانن جي بنديخانن ۾ بند ٿيندا آهن، تڏهن اڪثر لڳڻ ۽ ويامڻ ڇڏي ڏيندا آهن ۽ گهڻو ڪري ڦر نه ڏيندا آهن. اهڙيءَ طرح مغلوب ۽ ٻين ڌارين جي قبضي ۾ رهندڙ قومن جو حال به اهڙو ٿيندو آهي. ٿيندي ٿيندي اهي پر وس قومون مري کپي چٽ ٿي وينديون آهن. ڏسو نٿا؟ ته پارسين جي قوم ڪنهن وقت ملڪ ۾ بي شمار هئي. پر جڏهن عربن هنن کي جيتيو تڏهن اهي قومي امنگ ۽ آزاديءَ جا جذبا فنا ٿي وين ۽ هو شمار ۾ گهٽجي ويا. اگرچ مسلمان عربن جي حڪومت عدل ۽ انصاف سان هئي، پر جڏهن ته آزاد انسان جي طبيعت ۾ اها خاصيت آهي ته جڏهن هو ٻئي جي قبضي ۾ اچي غلام بنجي ويندو آهي، تڏهن قدرتي طرح هو واڌاري کان روڪجي گهٽجڻ لڳندو آهي(1).“

مقصديت ۽ اهميت:

مطالعي هيٺ آيل ڪتاب حڪيم فتح محمدد سيوهاڻي جي سياسي شعور ۽ حب الوطنيءَ جي جذبي جو پڙاڏو آهي. فاضل مصنف هن ڪتاب جي ذريعي، پنهنجي قوم کي ان زماني جي وڃايل ۽ وساريل ڏهن سياسي اصولن جي ياد ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهي ڏهه اصول هن اسلامي تعليم جي مطالعي ۽ وقت توڙي حالتن جي ضرورتن جي سمنڊ مان خواص جيان ڳولي ڪڍيا آهن. اهي اصول جيتوڻيڪ موجوده حالتن ۾ جيئن جو تيئن قبول ڪري نٿا سگجن، پر پوءِ انهن مان هنن اصولن کي اڃا به اسان لاءِ وڏي اهميت حاصل آهي:

سڀ ڪنهن طاقت واري انسان کي پاڻ کان گهٽ وارن هيڻن سان عدل ۽ انصاف سان هلت ڪرڻ گهرجي.

قوميت کي وڌائجي ۽ مضبوط ڪجي. قوميت ئي انسانيت ۽ ايمان جي علامت ۽ نشاني آهي. قوميت سان ئي انسانيت ۽ ايمان قائم رهن ٿا.

دنيا ۾ حڪومتن جي انتظام، ملڪ جي بهتري ۽ انسانيت جي جلوي لاءِ ضروري ڳالهه آهي ته بي حيايءَ جهڙي سڀ ڪنهن ڪم کان پري رهجي.

حاڪم کي حڪومت جو سرشتو قوم ۽ رعيت جي صلاح ۽ مشوري سان هلائڻ گهرجي، نه واڳ سموري پنهنجي وس رکي، غربت رعيت کي بيوس ۽ غلام بنائجي. رعيت جي رضامنديءَ سان ئي حڪومت هلي سگهندي ۽ جٽاءُ ڪندي.

مٿي ذڪر ڪيل اصولن کي اڄ به اسان جي معاشري ۽ ملڪ ۾ وڏي اهميت حاصل آهي ۽ حق ئي آهي ته اسان جي اقتدار جا واڳ ڌڻي انهن انمول اصولن کان منهن ڦيري ويٺا آهن. جيڪي اسان جي ڌرتي، جيڪا اڳ امن ۽ سڪون جي گهواري جي حيثيت رکندي هئي، سا اڄ سياسي خلفشار ۽ عدم استحڪام جو شڪار ٿي رهي آهي. جيڪڏهن اسان چاهيون ته پنهنجي ملڪ کي محض تجربيگاهه ٿيڻ کان بچايون ته پوءِ اسان کي حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي ڏسيل انهن اصولن تي ايمانداريءَ سان عمل ڪرڻو پوندو. ٻيءَ حالت ۾ جيڪو به اچي ڪرسيءَ تي وهندو، اهو پنهنجن عقيدن، اصولن ۽ نظرين جو ڪتاب کڻي پيو اسان کان بيعت وٺندو ۽ هر ڪا اهڙي بيعت اڳتي هلي اقتدار جي پيڙهه کي ڪلر جيان کائي ڇڏيندي.

آخر ۾ ائين چئي سگهجي ٿو ته مطالعي هيٺ آيل ڪتاب پنهنجي موضوع ۽ مواد جي لحاظ کان سنڌي ادب ۾ نه رڳو هڪ اهم اضافو آهي، پر ايتري قدر مفيد به آهي.

ابوالفضل ۽ فيضي:

تعارف:

مطالعي هيٺ آيل ڪتاب سنڌ صوبي جو بمبئي پرڳڻي کان جدا ٿيڻ بعد سنه 1936ع ۾ لکيو ويو. هي اهو دور هو جڏهن هندن ۽ مسلمانن جي ڇڪتاڻ عروج تي پهتل هئي. ٻئي قومون تقرير يا تحرير جي صورت ۾ هڪ ٻئي تي حمله آور هيون ۽ هڪ ٻئي لاءِ سندن دلين ۾ نفرت پيدا ٿي چڪي هئي. نه هندن جو مسلمانن تي ڀروسو ۽ نه مسلمانن جو هندن تي اعتبار رهيو هو. ننڍين ننڍين معمولي ڳالهين تي منجهن وڏا وڏا تڪرار ٿي پوندا هئا. اهڙين حالتن هيٺ سنڌ ۾ ڪنهن وڏي عالم يا فاضل پيدا ٿيڻ جو امڪان ئي نٿي نظر آيو. حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جيئن ته هندو مسلم اتحاد جو حامي هو ۽ هر ممڪن ڪوشش ڪيائين جيئن اڳ هندن ۽ مسلمانن ۾ محبت ۽ الفت هئي، شادين ۽ غمين ۾ هڪ ٻئي وٽ عزيزن وانگر ايندا ويندا هئا تيئن هاڻي به منجهن ايڪو ۽ اتفاق قائم رهي ۽ ڀائرن وانگر ٿي رهن. حڪيم صاحب جي هر تحرير  ۽ تقرير مان اهو ئي درس ملي ٿو. هي ڪتاب به انهيءَ ئي مقصد سان لکيو ويو ته اهڙا نيڪ انسان، جن جون دليون تعصب کان پاڪ هيون جي سنڌي هئا، انهن جو تاريخي احوال معلوم ڪري ۽ سندن نقش قدم تي هلي انهن وانگر پنهنجي هستيءَ کي ڪمائتي ڪرڻ ۽ ترقي جي اوج تي پهچڻ جي ڪوشش ڪريون. هن ڪتاب جو تنقيدي جائزو تفصيل سان پيش ڪجي ٿو:

مواد:

هي تاريخي ڪتاب ابو الفضل ۽ فيضي (درٻار اڪبر جا ٻه هيرا) 200 صفحن تي مشتمتل آهي. ان ۾ هيٺيان عنوان آهن:

ابوالفضل ۽ فيضيءَ جي وڏن جو وطن.

ابوالفضل ۽ فيضيءَ جي وڏن جو ذڪر

ابوالفضل ۽ فيضيءَ جي بابي شيخ مبارڪ جو بيان.

ابوالفضل ۽ فيضي جي ڏاڏي شيخ خضر جو سنڌ ڏي موٽڻ ۽ وفات.

ملا مبارڪ جي والدهه جي وفات.

شيخ مبارڪ جو احمد آباد گجرات ۾ رهڻ.

شيخ مبارڪ جي علم طريقت جو بيان.

شيخ مبارڪ جو آگرهه ۾ اچڻ.

شيخ مبارڪ ۽ سندس پٽن جا ڏکن جا ڏينهن.

شيخ مبارڪ جي سک جا ڏينهن.

شيخ مبارڪ جي علميت جو بيان.

شيخ مبارڪ جي وفات جو وقت.

شيخ مبارڪ جي هيڏي بيان لکڻ جو سبب.

ابوالفيض فيضي فياضي.

حڪومت جي ڪاروبار ۾ قابليت.

اڪبر جي آڏو سجدي ڪرڻ کان منع ڪرڻ.

فيضيءَ جو بيمار ٿيڻ ۽ وفات.

فيضيءَ سان ملا عبدالقادر بدايوني جي علمي حسد ۽ ضد.

فيضيءَ جي ڪتبخاني جو مختصر بيان.

فيضيءَ جي تصنيفات ٿيل ڪتابن جو مختصر بيان

فيضيءَ جا اخلاق ۽ عادتون.

فيضيءَ جو پنهنجي خانداني دشمن ملا عبدالقادر جي واسطي بادشاهه ڏي سفارش جو خط.

فيضيءَ جي رهڻ جو نمونو.

ابوالفضل.

ابوالفضل جو ابتدائي احوال.

ابوالفضل جو درٻار اڪبري ۾ اچڻ.

چار ايوان يعني درٻاري حال.

اڪبر جي ابوالفضل سان محبت ۽ مهرباني.

ابوالفضل جي هر دل عزيز پاليسي.

ڪشمير  ۾ سڀني قومن لاءِ گڏيل عبادت خانو.

ابوالفضل جي مضمون نويسي.

ابوالفضل کي علامه جو خطاب

ابوالفضل جي شاگردي به علم وارن لاءِ وڏي عزت هئي

ابوالفضل جاٺهيل ڪتاب.

ابوالفضل جو عهدو

ابوالفضل جي بورچيخاني ۽ دسترخوان جو احوال.

ابوالفضل جي صورت ۽ سيرت.

ابوالفضل جون گهر واريون.

ابوالفضل جو اولاد.

ابوالفضل جو صاحبزادو عبدالرحمان.

ابوالفضل جي جنگي قابليت.

بادشاهه سان ابوالفضل جي لکپڙهه جو نمونو.

ابوالفضل جا عام اخلاق ۽ دشمنن سان دوستي.

ابوالفضل جو شهيد ٿيڻ.

شهادت کان پوءِ ابوالفضل جو حال.

ابوالفضل جي شهيد ٿيڻ جي خبر ٻڌڻ سان اڪبر جو ڇا حال ٿيو.

ابوالفضل جي عمر ۽ قبر.

فيضي ۽ ابوالفضل جو مذهب ۽ هندن مسلمانن سان ميلاپ.

ڪتاب جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته اڳين عالمن ۽ فاضلن کي تعليم جي حصول جي سلسلي ۾ ڏاڍا ڪشالا ۽ تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون هيون. بکن ۽ فاقن ۾ گذاري تعليم حاصل ڪندا هئا. تڏڙن تي ليٽي ڪتاب ڏسي اتي ئي جو ننڊ وٺي ويندي هين ته پٺين تي تڏن جا نشان نقش ٿيا بيٺا هوندا هون تڏهن وڃي منزل تي رسندا هئا. اڄ هزار ناز نخرن، سهنجن سهولتن سان آرام ڪرسين تي ڊگها ٿي اسان جا نوجوان پڙهن ٿا مگر تعليم اهڙي ته ناقص اٿن جو وڏين ڊگرين هوندي به دماغ جو حال جڏو، مغز چٽ، اخلاق ۽ عقل جو ڏيوالو آزادي ۽ عزت جو پتو ڪو نه، نوڪري ءَ ۽ روزگار جي تلاش ۾ حيران و پريشان. جيڪڏهن قسمت سان ڪا نوڪري ملي وين ته پگهارن مان پورت ئي ڪا نه. انهيءَ ڪري هوس، حسد، ساڙو، سوز تعصب ۽ اڻ سهائپ وڌيل. رشوت ۽ حرام خوريءَ جي بازار گرم. نه دين ڌرم جو لحاظ، نه عزت ۽ شان جو شرم. حڪيم صاحب جيڪي به ڪتاب لکيا آهن تن ۾ گهڻو ڪري هندو مسلم جي ايڪي ۽ اتفاق تي زور ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته:

”اهو به وقت هو جو هندستان ۾ ابوالفضل ۽ فيضي جي بي تعصبائي ۽ بي ريائي جي صدقي هندستاند جي ٻن زبردست قومن هندن ۽ مسلمانن ۾ اهڙي ته محبت ۽ الفت جي لهر لڳي وئي هئي جو ڪر وڌ ۽ ڪلفت ڪافور ٿي ويا هئا. ٻئي وڇڙيل ڀائرن وانگي پاڻ ۾ ڀاڪر پائي پيار ۽ پريم سان گڏجي ويا هئا“(1).

فيضي وڏو داناءُ فلسفي ۽ بي باڪ شاعر هو. ڀري درٻار ۾ بادشاهه کي به سچ چئي ڏيندو هو، انهيءَ ڪري شروع ۾ بادشاهه جو باغي، ڏيهه جو ڏوهاري ليکيو ويندو هو. هو شاعر  ٿي اڪبري درٻار ۾ گهڙيو هو ۽ پنهنجي ذاتي قابليت ۽ خدا داد لياقت سان جلد ئي درٻاري مصاحبن جي درجي کي وڃي پهتو. مصنف لکي ٿو ته:

”بادشاهه سندس لياقت ۽ جوهر تي اهڙو ته عاشق ٿئي ٿو جو ديس هجي يا پرديس، ڪاٿي به فيضيءَ جي جدائي سهي نه پيو سگهي. بادشاهه وٽ وڏو اعتبار ۽ پيار حاصل ڪري وڌائين. هو به حيرت جهڙو قابل، جيڪڏهن اهڙي لائق انسان جو قدر نه ڪجي ته ٻيو ڪنهن جي قدر ڪجي؟ (1).

سنه 995 هه ۾ آگري، ڪالپي ۽ ڪلالنجر جي معافي جي تحقيقات جو وڏو آفيسر به مقرر ٿيو هو. غرض ته فيضي نه فقط شاعر هو پر ملڪي انتظام جو به وڏو ڄاڻو هو. زبردست شاعر هجڻ ڪري درٻار اڪبريءَ مان ”ملڪ الشعرا“ جو خطاب مليس. اڪبر بادشاهه فيضيءَ جي سخن ۽ شعرن تي اهڙو ته فدا هو جو فيضيءَ جو ڪلام پنهنجي درٻار جو سينگار سمجهندو هو. ان کان سواءِ فيضي حڪومت جي ڪاروبار ۾ به قابليت رکندو هو. هڪ دفعي کيس خانديش جي حاڪم راڄي علي خان وٽ سفير ڪري موڪليو ويو. راڄي علي خان عقل جو اڪابر، وڏي سياڻپ ۽ سمجهه جو صاحب هو. اهڙي سياڻي حاڪم وٽ به اهڙو سياڻو ۽ مدبر سفير وڃڻ گهربو هو. فيضي کان وڌيڪ لائق اڪبر بادشاهه کي ٻيو ڪو نه سمجهيو، تنهن ڪري هن کي ئي انهيءَ ڪم لاءِ منتخب ڪيو ويو. فيضيءَ انهيءَ مسافريءَ مان جيڪي خط پنهنجي بادشاهه لاءِ لکيا، سي خط نه آهن پر ساري ملڪ جي حالت جو هڪ نقشو ۽ رپورٽ آهي. هن جي پڙهڻ سان انهيءَ وقت جي بادشاهي ۽ ملڪي رسمن رواجن جي عجيب خبر ملي ٿي.

فيضيءَ جو اوج ۽ عزت وڌندي ڏسي، ڪيترا درٻاري پيا کامندا هئا. اهڙن شخصن مان هڪ ملا عبدالقادر بدايوني به هو، جو جيتوڻيڪ فيضيءَ جي والد شيخ مبارڪ جو شاگرد هو ۽ فيضيءَ سان گڏ پڙهيو هو، پر تڏهن به حسد ۽ ساڙ وچان پيو کامندو هو ۽ وجهه وٺي فيضيءَ خلاف بادشاهه جا پيو ڪن ڀريندو هو، پر فيضيءَ جو وار به ونگو نه ٿيو. اٽلو بادشاهه فيضيءَ وٽ هلي ويندو هو. فيضيءَ جو ملا عبدالقادر سان جيڪو سلوڪ رهيو، سو هن ڳالهه مان پڌرو آهي ته فيضيءَ دکن مان به بادشاهه ڏانهن ملا عبدالقادر جي سفارش لکي موڪلي هئي. انهيءَ ساڳئي عبدالقادر فيضيءَ جي مرڻ بعد لکيو  آهي ته ”هن جي ڪتبخاني ۾ 4600 جلد نفيس ۽ سهڻا ته فقط اهي جلد هئا، جي گهڻو ڪري مصنفن جا هٿ اکري يا سندن ئي وقت جا لکيل هئا. اهي سڀ پوءِ سرڪاري خزاني ۾ داخل ڪيا ويا(1).“

ابوالفضل به ساڳيءَ طرح اڪبر جي درٻار ۾ پير پاتو. هو وڏو مدبر هو. ملڪي معاملن سمجهڻ ۽ سلجهائڻ ۾ اهڙو ته ماهر هو، جو اڪبر بادشاهه ملڪي مسئلن جي معاملي ۾ کائنس صلاح مشورو وٺندو هو. فاضل مصنف ابوالفضل لکي ٿو ته:

”هو ڪو ديندار عالم ڪو نه هو. هو دنيا وارو عالم هو. هڪ مدبر، زماني ساز ۽ زماني شناس، حڪومت جي فلسفي کي سمجهڻ وارو داناءُ ۽ سياڻو، ملا ۽ مولوي هو. هو جيتوڻيڪ صوفي فقير ڪو نه هو، پر حڪومت جو ڪاروبار صوفي ٿي هلايائين. هو جيتوڻيڪ مسلمان هو، ته به هن جي نظر ۾ هندو، مسلمان، پارسي ۽ ڪرستان سڀ دنيا جي گهر ۾ رهڻ لاءِ هڪ گهر جا ڀاتي ۽ هڪ برادريءَ جا ماڻهو هئا. هئُن هن نڪتي کي سمجهي ورتو هو ته روحانيت جو رستو ۽ باطني پيچرو سڀني جو ڀلي ڪهڙو به هجي، مگر جسماني ۽ ظاهري دڳ تي سڀ هڪ جهڙا پانڌيئڙا آهيون. هن جي طبيعت ۾ اهو شوق برابر هو ته هر هڪ ڌرم جي اصولن جي نظرئي کي جاچي. انهيءَ ڪري ئي هن هندن، ڪرستانن ۽ پاريسين جا مذهبي ڪتاب چڱيءَ ريت ڏنا ۽ سڀني مذهبن جي عبادتي رسمن جو فلسفو پنهنجن ڪتابن، خاص طرح ”آئين اڪبريءَ“ ۾ لکيو. هن جو خيال هو ته رب العالمين سڄي جڳ جو داتا ۽ دنيا جي سڀني قومن جو رب آهي، تيئن بادشاهه به پنهنجي رعيت جي سڀني فرقن جو مربي آهي، انهيءَ ڪري هڪڙي جو خير خواه ۽ ٻين جو بد خواه ٿي رهڻ، بادشاهه عالم پناهه جي شان وٽان نه آهي. اهو نمونو انهيءَ وقت جي مذهبي ڪامورن لاءِ هڪ نئون نمونو هو، هو انهيءَ کي بي ديني سڏيندا هئا ۽ ابوالفضل کي ملڪان ملڪ بي دين، ڪافر ۽ لا مذهب ڪري مشهور ڪيائون(1).“

ابوالفضل جي صلاح سان اڪبر بادشاهه ڪشمير ۾ هڪ وڏي عاليشان عمارت ٺهرائي جنهن ۾ عام ماڻهن کي موڪل هئي ته پنهنجي پر وڃي پنهنجي ڌڻيءَ کي ياد ڪن ۽ هڪڙي ئي عمارت ۾ گڏجي عبادت ۽ بندگي ڪن. انهيءَ عمارت تي هڪ عبارت پارسيءَ ۾ ابوالفضل جي لکي ڏنل هئي جنهن جو ترجمو هيٺيئن ريت آهي:

“اي خدا! جنهن به گهر ۽ جهوپڙيءَ ۾ ٻڌان ٿو ته سڀ ڪنهن کي تنهنجي ئي وائي وات آهي. ڪفر ۽ اسلام سڀ تنهنجي ئي ڳولا ۾ پيا پنڌ ڪن. تو لاءِ سڀني جو اهو چوڻ آهي ته تون هڪڙو ئي آهين ۽ تنهنجو ڪو به شريڪ ثاني ڪونهي. مسجد مان به تنهنجي ئي بزرگي ۽ پاڪائي جو آواز اچي رهيو آهي ته ديول ۽ مندر ۾ به تنهنجي ئي ذوق شوق خاطر گهنڊ گهڙيال وڄي رهيا آهن. اي خدا! تنهنجي ئي محبت جو تير تنهنجن طالبن جي سيني ۾ لڳل آهي. ساري خدائي تنهنجي ئي طلب ۾ ۽ تون وچان ئي الڳ. آئون جو ڪڏهن مسجد ۽ ڪڏهن مندر ۾ ڊوڙي رهيو آهيان سو رڳو توکي ئي گهر گهر ڳولي رهيو آهيان. جيڪڏهن اي مولى تنهنجن خاص بندن کي توسان ئي ڪم آهي، ڪفر ۽ اسلام سان ڪم ئي ڪونهين ته پوءِ رڳي مسلمان سڏائڻ سان هنن کي تون هٿ ڪو نه ايندين.

 

شعر

ڪفر  ڪافر  کي  هجي  نيبهه سدا،

دين   ۾    مومن    ڀلي    ماڻن    مزا،

پر اسان جي دل ۾ اي منهنجا مٺا،

شال وسي تنهنجي محبت دائما(1).

ابوالفضل تمام گهڻين خوبين جو مالڪ هو. بادشاهه پاڻ کي وڏو ڀاڳ وارو سمجهندو هو، کيس اهڙو لاجواب وزير ۽ بي مثال صلاحڪار مليو.

ابوالفضل مضمون نويسي ۾ فصاحت بلاغت جي حد ڪري ڇڏي هئي. سندس ڪلام ۽ مضمون اهڙو ميٺاج وارو هو جو پڙهڻ سان پڙهندڙ ڍاپجن ئي ڪو نه. ان وقت جي هڪ ايراني مصنف نالي ”امين احد رازي“ لکيو آهي ته:

”آئون نڪو خوشامند ٿو ڪريان ۽ نڪو وڌاءُ، سچ ٿو چوان ته هنن ڏينهن ۾ عقل توڙي علم ۾ ابوالفضل جو ڪو به مث ۽ مثال ڪونهي. هو جيتوڻيڪ سدائين بادشاهه سلامت جي حاضريءَ ۾ گذاري ۽ بادشاهي ڪمن ۾ رڌل رهي ٿو پر جڏهن فرصت ۽ وجهه مليس ٿو ته عالمن ۽ فاضلن، قابلن ۽ شاعرن جي ڪلام ڏسڻ ۽ جاچڻ ۾ مشغول گذاري ٿو. مضمون نويسيءَ ۾ ته خدا ٻانهون ڊگهيون ڏنيون اٿس. هو هميشه عجيب و غريب ڳالهيون نئين نئين نموني سان لکڻ جو استاد آهي. سندس سهڻي لکڻيءَ جو ”اڪبر نامه“ شاهڪار آهي“(2).

ابوالفضل اڪبر بادشاهه جو سڄي عمر جو سچو وفادار ٿي رهيو. پڇاڙيءَ جو به وفاداري ۽ سچائي جي رستي ۾ پنڌ ڪندي شهيد ٿيو. ابولافضل جي شهادت جي خبر جڏهن درٻار ۾ پهتي ته سڄي درٻار ۾ موت جهڙي حالت ٿي ويئي. سڀ درٻاري امير انهيءَ ئي حيراني ۾ پريشان هئا ته ههڙي نازڪ خبر بادشاهه سلامت جي ڪنن تائين ڪيئن پهچائجي؟ ابوالفضل بادشاهه کي اولاد کان به وڌيڪ پيارو هو. آخر اها خبر جڏهن بادشاهه کي پيئي تڏهن سندس اکين اڳيان اوندهه اچي ويئي. پنهنجي منهن پيو روئندو ۽ ڏک جون هنجون هاريندو هو. بار بار ڇاتيءَ تي هٿ هڻي پيو چوندو هو ته ”هاءِ! ابوالفضل هاءِ! اڙي سليم تو کي بادشاهي گهربي هئي ته مون کي کڻي مارين ها“(1).

ٻولي:

مطالعي هيٺ آيل ڪتاب ۾ ٻولي نهايت سليس ۽ با محاوره ڪم آيل آهي. مصنف جي تحرير ۾ اهڙي ته ڪشش آهي جو سندس ڪو به ڪتاب هڪ واري شروع ڪرڻ کان جيسين پڙهي پورو نه ڪبو تيسين دل کي آرام ئي نه ايندو. مذڪوره حوالن مان مصنف جي ڪم آندل ٻوليءَ جو بخوبيءَ اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

خدا هڪڙو آهي:

تعارف: الله تعالى هڪڙو آهي جنهن جو ڪو مٽ ثاني ڪو نه آهي.

الله تعالى دنيا ۾ انسان کي پيدا ڪيو آهي ۽ کيس سمجهه عطا ڪري ”اشرف المخلوقات“ جو درجو ڏنو آهي. انهيءَ لاءِ ته چڱن ۽ برن ڪمن ۾ تميز ڪري چڱا ڪم ڪري ۽ براين کان پاسو ڪري. الله تعالى انسانن جي هدايت لاءِ وقت بوقت پيغمبر ۽ پاڪ ڪتاب موڪليا ته جيئن انهن مان فيض حاصل ڪري پنهنجي دنوي زندگي ۽ آخرت موچاري ڪري، پر انسان خطا جو گهر آهي ۽ زندگيءَ ۾ کانئس خطائون سرزد ٿينديون رهن ٿيون. ان لاءِ به پاڻ فرمايو اٿس ته ”ڪهڙو به گنهگار انسان پنهنجي ڪيل گناهن لاءِ سچيءَ دل سان پڇتائي ۽ توبهه تائب ڪري ته الله تعالى الرحم الراحمين آهي کيس بخشي ڇڏي ٿو.“

جيئن ماءُ - پيءُ لاءِ اولاد آهي، انهن مان ڪي فرمانبردار ۽ ڪي نافرمان ٿين ٿا. نافرمان والدين جو چيو نه ٿا مڃين، پنهنجي مرضيءَ موجب جيڪي وڻين ٿو سو ڪن ٿا. ڪيترا اهڙا به ڪم ڪن ٿا جن جي ڪري والدين کي ڏاڍي مشڪلات درپيش اچي ٿي ۽ اهڙي اولاد جي برن عملن ڪري کين دلي صدمه پهچي ٿو. وقتي ڪيل ارڏاين ۽ بڇڙاين کان پڇتائي کانئن معافي گهري ٿو ته هو کلي دل سان کين معاف ڪري ڇڏين ٿا.

الله تعالى ته ماءُ پيءُ کان به تمام گهڻو ٻاجهارو آهي ۽ جڏهن سندس ٻانهو پنهنجي ڪيل خطائن لاءِ پڇتائي ٿو، تڏهن سندس رحمت جوش ۾ اچي ٿي ۽ ان ٻانهي جون سڀئي خطائون بخش ڪري ڇڏي ٿو.

مواد ۽ موضوع:

مطالعي هيٺ آيل ڪتاب ۾ ڌڻي تعالى کي ٻاڏائڻ ۽ کانئس ڪيل گناهن لاءِ معافي وٺڻ جو بي مثال طريقو ڄاڻايو ويو آهي. هي ڪتاب جملي 51 صفحن تي مشتمل آهي ۽ منجهس هيٺيان عنوان سمايل آهن:

ڌڻي تعالى واحد لا شريڪ آهي.

رب العالمين اهڙو ٻاجهارو آهي جو انسان جڏهن ڪمزور ۽ ضعيف حالت ۾ هن دنيا ۾ اچي ٿو تڏهن پنهنجي قدرت سان سندس خوراڪ ۽ بچاءُ لاءِ ماءُ ۾ ٿڃ ۽ پيار ڏنو.

انسان کان سواءِ ٻي مخلوقات به مثلاً: پکي پکڻ پنهنجي آکيرن ۾ صبح جو سوير ڌڻي تعالى جو ذڪر آلاپڻ شروع ڪندا آهن.

انسان جڏهن قالو بلا وارو قول نه پاڙيو تڏهن پنهنجي هدايت لاءِ الله تعالى وقت بوقت نبي ۽ پيغمبر موڪليا. اسان جو خاص طرح آخري نبي پيغمبر حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وسلم (ٻنهي جهانن جو سردار) موڪليو.

ڪييترا ٻانها بي شڪر ۽ احسان فراموش آهن جو ڌڻي تعالى جو ان پاڻي کائي پي ساڻس بغاوت ڪن ٿا.

حڪومت ۽ اقبال بي بقا شيون آهن. انهن تي سيٽ يا وڏائي ڪرڻ بيوقوفي آهي.

ڌڻي تعالى وڏي حڪمت وارو آهي. موسمن جي ڦير گهير، ڏينهن رات وغيره سندس ئي حڪمت سان ٿيندڙ آهن زمينن، آسمانن جو خلقڻ، مينهن وسائڻ، دنيا جا عجيب نظارا ۽ باغ بستان وغيره سندس ئي قدرت جا ڪرشما آهن.

خدا تعالى انسان کي حواس بخشيا آهن. ڪنن لاءِ مٺا آواز، اکين لاءِ عجيب نظارا، باغ بستان، بر بحر، جبل، جهنگل، کائڻ لاءِ اناج، ميوا مٺايون، سبزيون ترڪاريون وغيره. مطلب ته طرحين طرحين لذتون انسان لاءِ خلقيون اٿس.

انسان هزارين لکين گناهه ڪن ٿا، ڌڻي تعالى جي حڪمن جي انحرافي ڪن ٿا، مگر هو سندن عيبن جي پردهه پوشي ڪري ٿو ۽ کين مهلت ڏئي ٿو ته جيئن ڪيل گناهن لاءِ سچيءَ دل سان توبهه ڪري، ڇوٽڪارو حاصل ڪن.

خدا ئي ديگ دير سان تپندي آهي.

ڌڻي تعالى وٽ ڪنهن جي سفارش ۽ نه ڪنهن جي چٺي چپاٽيءَ جي ضرورت آهي. الله تعالى الرحمان الرحيم آهي. ڪهڙو به گنهگار ٻانهو جيڪڏهن سچيءَ دل سان ڪيل گناهن لاءِ توبهه تائب ٿئي ته ان کي بخش ڪري ڇڏي ٿو.

ڌڻي تعالى هر جاءِ حاضر ناظر آهي. کانئس ڪا به ڳالهه ڳجهي نه آهي.

انسان جو نفس نالائق آهي، جو انسان کي برغلائيندو رهندو آهي ۽ گناهن جي ترغيب ڏيندو رهندو آهي.

الله تعالى ڪنهن کي به خراب نٿو ڪري، جيسين هو پاڻ کي خراب نٿو ڪري.

غريبن کي ستائڻ عظيم گناهه آهي. ”آهه غريبان قهر خدائي.“

پير فقيرن جون باسون باسڻ، اولياءَ ۽ ولين کي حاجت روا سمجهڻ شرڪ جا ڪم آهن. پر پير بخش، پير ڏنو، امير بخش، لعل ڏنو ۽ حيدر بخش وغيره ٻارن تي نالا رکڻ شرڪ جون نشانيون آهن.

هيءَ دنيا فاني آهي. ڪيترا نالي وارا حاڪم سونن ۽ جواهردار تختن تي ويهي حڪومت هلائي ويا، اڄ اهي گداگرن وانگي ڪفن ڳچيءَ ۾ پايو زمين جي تختي تي سنوان ٿيا ستا پيا آهن. انهن جي زندگيءَ مان سبق سکڻ گهرجي.

قبرن جي زيارت ڪرڻ گهرجي، ڇو ته قبرستان ۾ وڃڻ قيامت جي ياد ڏياري ٿو. قبر قيامت جي پهرين منزل آهي.

خدا جا گهڻا ٻانها پنهنجي وڏن جي ولايت ۽ ڪرامت تي ڦنڊيو ۽ فخر ڪريو، ٻين کان پاڻ کي وڏو سمجهندا آهن ۽ پنهنجي نفساني خيال موجب ڪنهن کي پٽ، ڪنهن کي ڌن ته ڪنهن کي زال بخشيندا آهن ۽ ڪيترا ويچارا ڀورڙا ۽ مت موڙيل انهن جي ڳالهين تي ويساهه ڪندا آهن. اهي ڪفر جا ڪم آهن.

”والقدر خيره و شره  و من الله تعالى“.

ڏک سک، ڀاڳ نڀاڳ، خوشي ۽ غم سڀ الله پاڪ طرفان آهن.

جن خدائي دعوى ڪئي، اهي هن دنيا ۾ ئي خراب ٿيا. جيئن مصر جي فرعون خدا هئڻ جي دعوى ڪئي. آخر ڌڻيءَ جو مٿس ڏمر ٿيو ۽ پاڻيءَ ۾ ٻڏي مئو.

هر ڪو ٻانهو چڱن عملن ڪرڻ سان ڇٽندو. حضرت سيد عبدالقادر جيلاني رحه جهڙي به قيامت جي خوفناڪ ۽ دهشت ناڪ ڏينهن کان ڊڄي الله تعالى کان پناهه گهري.

ڪي خدا جا بندا گناهن تي زور رکندا آهن ۽ چوندا آهن ته فڪر نه آهي، خدا رحيم آهي محمد صلي الله عليه وسلم شفيع آهي. پاڻهي بخشيندا“. جيڪڏهن ائين هجي ها ته الله پاڪ قرآن پاڪ ۾ بار بار نيڪ ڪمن ۽ عبادت ڪرڻ جو تاڪيد نه ڪري ها.

نيڪيءَ جو بدلو چڱو ملندو ۽ بديءَ جو عيوض بڇڙو هوندو.

الله تعالى عالم الغيب آهي. انسان جيڪي ڪجهه سوچي ٿو، اهو کيس اڳي ئي معلوم آهي.

الله تعالى سميع و بصير آهي، دانا و بينا آهي هو هر ڳالهه (ظاهر توڙي ڳجهي) ٻڌي، سڻي ۽ ڄاڻي ٿو.

ڪتاب ۾ ڪم آندل ٻولي ۽ اسلوب بيان:

مطالعي هيٺ ڪتاب ۾ ٻولي نهايت آسان ۽ اثرائتي ڪم آيل آهي. ڪتاب جو هرهڪ لفظ دل ۾ گهر ڪري کپي وڃي ٿو. جهڙو آهي موضوع جو نالو، اهڙي ئي سندس سليس زبان آهي.

ڪتاب مان اقتباس هيٺ ڄاڻائجي ٿو:

”آءُ تنهنجا شڪرانا مڃيان ٿو. سياري ۾ سرديءَ کان بچڻ لاءِ تو مون کي گرم پوشاڪ ڏني، اونهاري ۾ اونهاري جي لائق لباس ڏنئيم، بهار ۾ منهنجي دماغ کي طراوت ۽ تازگي، خوشبوءِ ۽ سڳنڌ مرحمت ڪيئي، خزان ۾ عبرت حاصل ڪرڻ ۽ دنيا جي قسمين قسمين مخلوقات جا خالق! هي جو اڇي پڇي آسمان تي يڪا يڪ ڪڪرن جون قطارون لڳيو وڃن، بادل ڀرجيو اچن، وڄون چمڪڻ لڳن، سنهي سنهي بوند برسي وڏ ڦڙو مينهن پوي، ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي عاليشان حڪمت ڏيکارڻ لاءِ ڳڙا نازل ڪرين، هي سڀ تنهنجي قدرت جا ڪرشما ۽ حڪمت جا عشوا آهن. آءُ اهي سڀ نظارا ڏسي، اي منهنجا پروردگار ڪيئن توکي وساريان ڪيئن توکي نه ساراهيان. سڀ ڪنهن ساراهه جو لائق تون ئي آهين. سڀ ڪنهن حمد جو حقدار تون ئي آهين. تون ئي سڀ ڪنهن تعريف جو مرجع ۽ سڀ ڪنهن چڱائيءَ جو مجمع آهين. منهنجا مٺا ۽ مهربان مولا! آءُ تنهنجي ڪهڙي تعريف ڪريان. ڪريان، پر ڪري نٿو سگهان (1).“

اهڙي طرح حڪيم صاحب نالي وارن حاڪمن ۽ قبرن واري موضوع تي لکي ٿو ته:

”ڪيترا دولتمند زردار نالي وارا حاڪم زمين تي سنوان ٿيا ستا پيا آهن. نه لشڪر موجود اٿن نه سپاهه حاضر. ڪيترا اهي آهن جن جي رعب تاب، حشمت ۽ هيبت کان دنيا پيئي ڏڪندي هئي، سي ئي اجل جي هيبت کان ڏڪندا ڏڪندا آخر اکيون ٻوٽي پئجي رهيا آهن. ڪيترا اهي آهن جن جي گهرن کي شمعن ۽ بجلين ڏينهن ڪري ڇڏيو هو. اڄ اهي انڌاري ڪوٺڙيءَ ۾ منهن ويڙهيو پيا آهن. مطلب ته اي خالق قادر تنهنجي قدرت سان عبرت جا سامان جيڪي قبرستان ۾ موجود آهن تن تي نظر ٿي ڪجي ته اکيون ئي آليون ٿيون پون ۽ ڪڪرن وانگي اچيو وسڻ لڳن. تنهنجي پاڪ رسول محمد عليه الصلواة والسلام اي رب! محمد صلعم سچ فرمايو آهي:

”اي مسلمانو! آئون اڳي اوهان کي قبرن جي زيارت ڪرڻ کان جهليندو هوس. هاڻي بيشڪ قبرن جي زيارت ڪريو ڇو ته قبرستان ۾ وڃڻ قيامت ياد ڏياري ٿو.“ خدايا! هي حڪم تنهنجي مرسل محمد عليه الصلواة والسلام جو، مگر اسان جو حال هي جو قبرن کي اهڙو ته چٽسالين زيب زينت سان ٺهرائينداسين جو ڏسڻ سان جيڪا قيامت ياد آئي يا عبرت حاصل ٿي سا ته بجاٰءِ خود رهي مورڳو قبر جي چٽسالين ۾ اکيون چنبڙي وينديونسين. رنگ روپ گل ڪاريون، ڏسي نڪرانداسين. جهڙا وياسين تنهن کان وڌيڪ خراب ٿي آياسين.

منهنجا مولا سائين تنهنجي عاليشان درگاهه ۾ زاريءَ سان ٻاڏائي عرض ٿو ڪريان ته مون کي ۽ منجهن سڀني ڀائرن کي ڪا اهڙي توفيق بخش جو قبرستان کي قبرستان سمجهي ڪجهه عبرت حاصل ڪريون“(1).


(1) ”ميرن جي صاحبي“ ص 120-121.

(1) ”ميرن جي صاحبي“ ص 130-132.

(1) حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”ڪمال ۽ زوال“، ص 27-28.

(2) ”ڪمال ۽ زوال“، ص 32.

(3) ”ڪمال ۽ زوال“، ص 34.

(1) ”ڪمال ۽ زوال“، ص 53.

(2) ”ڪمال ۽ زوال“، ص 54.

(1) ”ڪمال ۽ زوال“، ص 57.

(1) ”ڪمال ۽ زوال“، ص 80-81.

(1) تصنيف حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”ابوالفضل ۽ فيضي“ سال 1936ع سنڌ پرنٽنگ پريس شڪارپور ۾ ڇپيو. ص 3

(1) ”ابوالفضل ۽ فيضي“ ص 88.

(1) ”ابوالفضل ۽ فيضي“ ص 102 ۽ 103.

(1) ”ابوالفضل ۽ فيضي“ ص 146

(1) ”ابوالفضل ۽ فيضي“ ص 148

(2) ”ابوالفضل ۽ فيضي“ ص 152.

(1) ”ابوالفضل ۽ فيضي“ ص 193.

(1) حڪيم فتح محمد سيوهاڻي ”خدا هڪڙو آهي“، ص 18.

(1) ”خدا هڪڙو آهي“ ص 38-39.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org