سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:سنڌي ٻوليءَ جا محقق ۽ انهن جي تحقيق

باب-

صفحو : 15

 

محمد ابراھيم جويو

سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو جائز حق ڏيارڻ جي جدوجھد جو اڳواڻ محمد ابراھيم جويو آھي. ھن کي سنڌي ٻوليءَ سان عشق آھي. جويو صاحب جو پختو يقين آھي ته تعليمي ادارن ۾ مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ ھڪ بهترين ذريعو آھي. جن ٻارن جي مادري زبان سنڌي آھي، انهن کي سنڌيءَ ۾ تعليم ملڻ گھرجي. سنڌواسين کي اھڙو حق جيتري حد تائين به مليو آھي، ان لاءِ مرھون منت جويو صاحب آھي. محمد ابراھيم جويو صاحب سنڌ جو ھڪ ڏاھو، دانشور، عالم، ليکڪ ۽ ماھر تعليم آھي. سندس ناما چار ھر ھنڌ آھي.

محمد ابراھيم جويو لڪي شاهه صدر، ضلعي دادوءَ جي ويجھو ھڪ ڳوٺ ’آباد‘ ۾ ٢٢ آگسٽ ١٩١٥ع تي ڄائو. جويي صاحب بمبئي يونيورسٽيءَ مان ١٩٣٨ع ۾ بي. اي جي ڊگري حاصل ڪئي. بي اي ۾ سندس مضمون، انگريزي، فارسي ۽ سنڌي ھئا.، بمبئي يونيورسٽيءَ مان ئي بي ٽيءَ جو امتحان ١٩٤١ع ۾ پاس ڪيائين. جويو صاحب سنڌ حڪومت جي تعليم کاتي ۾ بالا آفيسر طور مختلف عھدن تي فائز رھيو. ١٩٥١ع کان ١٩٦٣ع تائين سنڌي ادبي بورڊ جو سيڪريٽري ٿي رھيو. ھن عرصي ۾ جويي صاحب سنڌي ٻولي، لغت ۽ ادب ۾ سنڌ جي تاريخ بابت سوين ڪتاب بورڊ پاران تيار ڪري ڇپرايا. سندس اھا خدمت سونهري لفظن ۾ لکڻ جھڙي آھي. جويي صاحب باوقار فرائض منصبي سرانجام ڏيڻ بعد پينشن تي لٿو، جنهن بعد سندس ادبي ۽ علمي سرگرمين ۾ گھڻي تيزي اچي چڪي آھي. سندس لکيل اھم ادبي ۽ نصابي ڪتابن جي وچور ھن ريت آھي:

١- روسو جو ايملي، ترجمو

٢- پليو ٽارچ جو تعليم

٣- سنڌي پرائمر

٤- سنڌي ريڊرس ڪلاس پھريون

٥- سنڌي ريڊر ڪلاس چوٿون

٦- سنڌي سپليمينٽري ريڊر ڪلاس ڇھون

٧- سنڌي اختياري ڪلاس ڇھون

٨- ايگريڪلچر اينڊ گارڊننگ، ڪلاس ڇھون

٩- ضلعن جون جاگرافيون ڪلاس ٽيون

١٠- ايگريڪلچر اينڊ گارڊننگ ڪلاس ستون

١١- سنڌي ريڊر ڪلاس ٻيو

١٢- سنڌي ريڊر ڪلاس ڇھون

١٣- سنڌي ڪتاب ڪلاس نائون ۽ ڏھون

١٤- سنڌي ٻوليءَ جو ڪتاب درجو يارھون ۽ ٻارھون

١٥- پاڪستان جي تاريخ لازمي ڪلاس نائون ۽ ڏھون

١٦- دنيا جي تاريخ اختياري ڪلاس نائون ۽ ڏھون

١٧- ٽيچرس گائيڊ ٽو ٽيچنگ آف سائنس ڪلاس ٻيو ۽ ٽيون

١٨- ٽيچرس گائيڊ ٽو ٽيچنگ آف سائنس ڪلاس چوٿون، پنجون

١٩- فلسفي جو بنيادي ڪورس

٢٠- گئليلو

٢١- ٻارن جو مسيح

٢٢- فڪر جي آزادي

٢٣- شاهه، سچل ۽ سامي

٢٤- ساميءَ جا سلوڪ

٢٥- ھوءَ جا ٽمڪي باھڙي

٢٦- وحشي جيوت جا نشان

٢٧- محڪريءَ جا مضمون

٢٨- مٺ مٺ موتين جي

٢٩- ڳالھيون، ڪتابن جون

٣٠- Save Sindh Save Sub-Continent

سنڌي ٻوليءَ جي لاءِ جويو صاحب پاڻ پتوڙيندو رھيو آھي. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت کي ڪاپاري ڌڪ رسايو ويو. تنهن جي خلاف ھو سراپا احتجاج بڻجي ويو. سليم احمد جي نالي ۾ جويي صاحب ھڪ مضمون لکيو، ’اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو‘ ھن مضمون ۾ ڄاڻايل آھي:

”ھڪڙي ڳالهه جنهن اردوءَ کي وڏي اڊمبر سان اولهه پاڪستان تي نازل ٿيڻ ۾ وڏي ھٿي ڏني آھي، سا اِھا آھي ته ھتي علائقائي ٻوليون ترقيءَ جي ساڳي ڏاڪي تي نه آھن، انهن منجھان اتفاق سان سنڌي ٻولي سڀني کان اڳتي وڌيل آھي. ڪن ڳالھين ۾ اھا ايترو اڳتي وڌيل آھي، جو جيڪڏھن اردوءَ کان اڳتي نه آھي ته ان کان پوئتي به نه آھي. اٺين عيسويءَ جي شروعات کان وٺي اھا لکبي آئي آھي. سندس ھاڻوڪو ٥٢ اکرن وارو عربي- سنڌي رسم الخط ١٧٠٠ع ڌاري مڪمل ٿيو ۽ ١٨٤٤ع کان وٺي اھا جديد ٽائيپ جي ڇاپي سان ڇپجي رھي آھي. آلجبرا، اقتصاديات، فلسفي وغيره جا پھريان جديد ڪتاب ١٨٥٦ع ۾ ڇپيا. جڏھن پاڪستان قائم ٿيو، تڏھن سنڌي ڪن مضمونن ۾ بي اي تائين تعليمي ذريعو ھئي، ۽ ايم اي تائين پڙھائبي ھئي. ھن وقت اھا انٽرميڊيٽ تائين تعليمي ذريعو آھي ۽ منجھس انٽر تائين سمورا ڪتاب موجود آھن. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سنڌيءَ جو باقاعده شعبو آھي ۽ پي ايڇ. ڊيءَ تائين پڙھي سگھجي ٿي. سنڌيءَ جون روزانيون ست اخبارون ڪافي ھفتيوار ۽ ماھوار رسالا آھن. سو کان مٿي ڇاپخانه آھن.... گذريل سو سالن کان صوبائي حد اندر مختلف سطحن تي عدالتي، سرڪاري، دفتري ۽ سرڪاري لکپڙهه جي ٻولي رھي آھي.“(١)

مادري زبان ۾ تعليم ڏيڻ جي باري ۾ جويي صاحب لکيو آھي:

”سنڌي ھتان جي ماڻھن جي مادري ٻولي آھي. ١٩٤١ع واري آدمشماريءَ (اسان کي معلوم آھي ته اھا آدمشماري ڪيئن ٿي ھئي) موجب صوبي ۾ صرف ١٥ سيڪڙو ماڻھو سنڌيءَ کان سواءِ ٻيون ٻوليون ڳالھائين ٿا. اھو ھاڻ ھڪ مڃيل اصول ٿي چڪو آھي ته ذريعھ تعليم مادري زبان ھئڻ گھرجي. ڇا ٨٥ سيڪڙو صوبي جي آباديءَ کي علم ۽ ڄاڻ کان صرف ان ڪري پري رکجي، جو ڪجهه ماڻھن جي جذباتي جنون کي سرد رکي سگھجي، جيڪي چاھين ٿا ته ھڪ ڌاري ٻوليءَ ۾ سڀني کي تعليم ڏني وڃي. ھاڻ اھو وقت اچي چڪو آھي ته زندگيءَ جي ھن بنيادي اصول کي مڃيو وڃي. ٻي صورت ۾ وقت جلد يا دير سان ئي سھي، ھيءُ اصول مڃڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو.“(٢)

اپريل ١٩٦٤ع ۾ سراج جو مشھور ڪتاب ’سنڌي ٻولي‘ شايع ٿيو. ان ۾ جويي صاحب ديباچو لکيو. ھيءُ ليک پنهنجي جاءِ تي ھڪ اعليٰ تحقيقي مقالو آھي، جنهن کي پڙھڻ سان معلوم ٿيندو ته جويو صاحب لسانيات جي ڏس ۾ ڪيڏي نه مھارت رکي ٿو. سندس ھيءُ بصيرت افروز مضمون ٽھ ماھي مھراڻ جي -٢، ١٩٦٤ع واري پرچي ۾ به ڇپيو. ھن مضمون ۾ جويي صاحب ٻوليءَ جي قديم فلسفي ۽ ٻولين جي شروعات واري نظريي کي بحث ھيٺ آندو آھي ۽ تقابلي لسانيات جي جديد طريقي مطابق ٻولين جي تاريخ تي پڻ روشني وڌي اٿائون.

جويو صاحب لکي ٿو:

”جڏھن ائين ٿو چئجي ته ٻولين ۾ مشابهت يا ھڪجھڙائي سندن لاڳاپي يا سٻنڌ سبب آھي، تڏھن ان جو مطلب ھيءُ ٿئي ٿو ته اھي ٻوليون ڪنهن ھڪڙي آڳاٽي ٻوليءَ جون پوءِ پيدا ٿيل صورتون آھن. مثلا: اڄوڪي بنگالي ۽ اڄوڪي سنڌي ڪنهن ھڪڙي آڳاٽي ٻوليءَ مان نڪتل چئي سگھجن ٿيون. پراڻي زماني جي ڪنهن به خاص وقت جي نقطي تي آڱر رکي ائين نٿو چئي سگھجي ته اجھو ھتان اھا نسبتا اصلوڪي ٻولي ھنن يا ھنن ٻن يا چئن نين ٻولين جي صورت ۾ ورھائجي ويئي يا اجھو ھن وقت کان اڄوڪي سنڌي ٻولي وجود ۾ آئي يا اجھو ھتان اڄوڪي بنگالي ٻولي شروع ٿي.“(٣)

جويو صاحب ٻوليءَ جي اھميت جي باري ۾ چوي ٿو:

”ماڻھن جي ڪنهن خاص تعداد جو ھڪڙي ڪا خاص ٻولي ڳالھائڻ ھڪ اھڙي ته عظيم ۽ا نتهائي ڳنڀير حقيقت آھي، جنهن جي اھميت جو اندازو ثقافتي توڙي سياسي ميدانن ۾ پوريءَ ريت لڳائي نٿو سگھجي. ٻولي ئي آھي، جنهن جي بنياد تي قوم جو مخصوص مزاج ۽ علحده وجود ٺھي ٿو ۽ قائم رھي ٿو. سون ھزارن بلڪ لکن سالن جي تاريخ پس منظر ۾ ئي ٻولي پنهنجي مستقل ۽ علحده صورت اختيار ڪري ۽ قائم رکي سگھي ٿي. قومون پڻ پنهنجي تاريخ ۾ ايتريون ئي قديم آھن، جيتريون سندن علحده علحده ٻوليون.“(٤)

سنڌي ادبي بورڊ پاران ١٩٧٦ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي لغت شايع ٿي، جنهن جي ترتيب ڏيڻ وارا ھئا: پير حسام الدين راشدي، مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر غلام علي الانا، محمد صالح شاهه بخاري ۽ محمد ابراھيم جويو.

ھن لغت کي تيار ڪرڻ ۾ جويي صاحب اھم ڪردار ادا ڪيو. ھن لغت کي پوريءَ ريت ڪم آڻڻ لاءِ سنڌي ٻوليءَ جي گرامر جي خاصيتن ۽ بنيادي لغت جي ڪن مکيھ اصولن تي ھڪ نوٽ لکي تيار ڪري ڪتاب ۾ شامل ڪيو ويو آھي، جنهن ڪري ھن ڪتاب جي افاديت ۾ اضافو آيو آھي. دراصل ھن ڪتاب ۾ ٽي لغتون شامل آھن: ١- بنيادي لغت، ٢- وڌايل بنيادي لغت، ٣- ڪاروباري بنيادي لغت.

سنڌي گرامر تي نوٽ بلڪل مختصر لکيو ويو آھي، جيڪو بنيادي ضرورت شايد ئي پوري ڪري سگھي. بيحد مختصر ھئڻ سبب گھڻائي بنيادي قاعدا قانون شامل نه ٿي سگھيا آھن. گھٽ ۾ گھٽ واحد- جمع ۽ مونث- مذڪر جا قاعدا ته ڏيڻ گھرجن ھا! ۽ نه ئي لفظن جون معنائون ڏنل آھن!

١٩٨٣ع ۾ اخبار اردو ۾ مولانا اشرف علي ٿانويءَ جي ھڪ فتويٰ ڇاپي وئي جنهن ۾ چيل ھو ته ’ھن وقت اردوءَ جي حفاظت دين جي حفاظت آھي. تنهن ڪري ھيءَ حفاظت حسب اطاعت واجب ۽ فرض آھي ۽ باوجود قدرت رکڻ جي ان ۾ غفلت ڪرڻ گناهه آھي ۽ ان جو آخرت ۾ پڇاڻو ٿيندو.‘ ھن فتويٰ ڇپجڻ بعد ’سنڌي لئنگويج: ائن اپيل فارجسٽس‘ ڪتابڙو شايع ڪري بالاحڪام کي روانو ڪيو ويو ۽ عام پڻ ورھايو ويو. ھن اپيل تي سٺ کن سنڌي عالمن ۽ اديبن جون صحيحون ٿيل ھيون. ھيءَ اپيل جاري ڪرڻ ۾ محمد ابراھيم جويي صاحب اھم ڪردار ادا ڪيو ۽ تمام گھڻي ھمت افزائي ڪئي. ھن اپيل ذريعي سنڌي ٻوليءَ جو ڪيس تمام اثرائتي نموني پيش ڪيو ويو آھي. گھر ڪئي وئي آھي ته سنڌ ۾ سنڌي ڳالھائيندڙن کي مادري زبان وسيلي تعليم ڏني وڃي. ريڊيو ۽ ٽي ويءَ تي سنڌي ٻوليءَ کي جائز مقام ڏيندي مناسب وقت ڏنو وڃي ۽ سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ترقيءَ لاءِ ھر طرح جا اپاءَ ڪيا وڃن.

سنڌي ٻوليءَ جي عظمت بيان ڪندي، جويي صاحب لکيو آھي:

”ٻولي، آواز- دانهن ۽ دانهن جو جواب- ٻوليءَ جا لفظ ٻوليءَ جون ڳالھيون، زندگيءَ جي وڏي وٿ آھن ۽ ان لاءِ وڏو آٿت آھن. بلڪ ماڻھن لاءِ ماڻھپي سان جيئڻ جو بنياد آھن. روسي اديب ترگنيف (١٨٨٣- ١٨١٨) جنهن پنهنجي عمر جو سڄو اڌ عرصو ڪنهن طرح بي وطنيءَ ۾ گذاريو ھو، پنهنجي روسي ٻوليءَ لاءِ ھڪ موقعي تي چيو ھو، ’جڏھن به مان شڪ ۾ ويڙھجي وڃان ٿو، تڏھن او منهنجي عظيم، سگھاري سچار ۽ آزاد روسي ٻولي! تون ئي مون کي ڏڍ ڏئين ٿي، ۽ مون کي بچائين ٿي. جي تون نه ھجين ته پڪ ئي پڪ جو ڪجهه منهنجي وطن تي وھي رھيو آھي، ان کي ڏسي آءُ ھوند ڊھي بندهه پٽ اچي پوان، پر ڪو ائين آخر ڪيئن ٿو مڃي سگھي ته ھڪڙي عظيم ٻولي عظيم قوم کان گھٽ ڪنهن قوم کي ملي ھوندي!‘ اسين به پنهنجي ٻوليءَ لاءِ چئي سگھون ٿا ته اھا اسان جو ڏڍ آھي، آٿت آھي. اسان جا شڪ ۽ نراسايون دور ڪري ٿي. ائين ڪيئن ٿي سگھي ٿو ته ههڙي عظيم ٻولي عظيم قوم کان گھٽ ڪنهن قوم کي ملي ھجي؟“(٥)

’اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم‘ نالي وارو ھڪ ڪتابڙو ١٩٨٥ع ڇپيو جنهن ۾ ڪجهه مضمون محمد ابراھيم جويي جا لکيل ھئا ته ڪي ٻين عالمن جا به ھئا، جن کي جويي صاحب ايڊٽ ڪيو ھو. جويو صاحب لکي ٿو:

’سنڌي معاشري جو پڻ، ٻين زنده انساني معاشرن وانگر ھڪڙو اھم ۽ بنيادي حق پنهنجي زبان جي حفاظت ۽ فروغ آھي، ڇوته ان تي ئي سندس سڄي سڃاڻپ، بلڪ پوري وجود ۽ ان جي افاديت جو دارومدار آھي... ھن سڄي عرصي ۾ سنڌي معاشري جي باخبر، ذميوار ۽ حساس حلقن طرفان پنهنجي ٻوليءَ جو وجود جي تسليمي ۽ ان جي تهذيبي ۽ آئيني مفاد جي حفاظت لاءِ مناسب پيشقدمي ٿيندي رھي ۽ پنهنجي ھن بنيادي انساني حق جي دفاع ۽ بحاليءَ لاءِ گھربل جدوجھد ۾ سنڌي معاشري جي ڪابه اھڙي اھم شخصيت ڪوبه ادارو، ڪابه جماعت ڪانهي، جنهن پنهنجي وس آھر پورو پورو حصو نه ورتو ھجي.“(٦)

پھرين ٻوليءَ جا ٻار ٻڌي ٿو، سمجھي ٿو، سکي ٿو ۽ ڪم ٿو آڻي، سا ھن جي ماءُ جي ٻولي آھي. اوسين تائين ته تعليم لاءِ ماءُ جي ٻولي ٿي نه رڳو موثر، سڀ کان موثر پر واحد ذريعو سمجھيو وڃي ٿو. ان کان پوءِ به دنيا جي آزاد ۽ مھذب انساني معاشرن ۾ ھر ھنڌ ۽ سڄي انساني تاريخ ۾ اڄ تائين تعليم جي نه فقط مؤثر پر سڀ کان سستي ۽ سڀ کان آسان ذريعي طور ماءُ جي ٻولي ئي قبولي ويئي آھي، ۽ استعمال ٿيندي آئي آھي.

فقط ٻاھران آيل مذھب ۽ ٻاھر جي فاتح ۽ حاڪم ئي مڪاني طور رائج ماءُ جي ٻوليءَ جي اھا حيثيت ۽ اھو حق ۽ ان جي اھا لياقت قبولڻ کان انڪاري رھيا آھن. ۽ انڪار ڪن ٿا ۽ ان ۾ ھر طرح انهن جي بالادستي ۽ استحصالي مفاد موجود ھجن ٿا.(٧)

جويي صاحب کي سنڌي ٻوليءَ جي صحت ۽ سڌاري جو سدائين وڏو اونو رھيو آھي. ھو وقت به وقت اِن ڏس ۾ پنهنجن مضمونن ذريعي صحيح نج ۽ نبار سنڌي لکڻ، سنڌيءَ کي فارسي ۽ عربيءَ جي بيجا ٽنب ٽنبان کان بچائڻ، صحيح جملن لکڻ، گرامر جي غلطين کان پاسو ڪرڻ جون ھدايتون ڪندو رھيو آھي.(٨)

سنڌ جا چوٽيءَ جا اديب ڏاھا ۽ دانشور، جويي صاحب کي پنهنجو ادبي استاد ۽ گائيڊ تسليم ڪن ٿا. انهن ۾ شيخ اياز، سراج ۽ رسول بخش پليجي جا نالا شامل آھن..... جويي صاحب اھو وطن پرست اديب ۽ مفڪر آھي، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي پنهنجي ’نظريي جو قرض‘ چڪائي ورتو آھي. جويي صاحب جي ذات وطن دوستي ۽ انسان دوستيءَ جو سنگم آھي.(٩)

سراج پنهنجي ھڪ مضمون ۾ جويي صاحب لاءِ لکيو آھي:

”ھن جي زندگيءَ جو ھڪڙو ئي مقصد ۽ محور آھي، سو اھو ته پنهنجي وطن جي ماڻھن لاءِ علم ۽ ڄاڻ جي روشني ڦھلائڻ لاءِ جتن ڪندي پساهه پورا ٿين ته حياتي سجائي چئبي. ھيءَ مختصر حياتي جيڪا انسان کي ملي آھي، ان کي بامقصد بنائڻ ئي انسان کي ٻين ساھوارن کان اتم ۽ اعليٰ بڻائي ٿو. اھو مقصد آھي پنهنجي وطن ۽ وطن جي ماڻھن لاءِ ڏاھپ جا موتي ميڙي، ڄاڻ جا خزانا ونڊي ورھائي کين ٻه قدم اڳتي وٺي وڃجي.“(٠١)

جويو صاحب سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن جي رھنمائي ڪندڙ عالم، ماھر تعليم ۽ ٻوليءَ جو ماھر به آھي. سنڌي ٻولي- سنڌ جي قومي ٻوليءَ جي جدوجھد جو علمبردار آھي ته سنڌي ٻولي ۽ لغت جي سلسلي ۾ ڪيل خدمتون بي مثال لاءِ يادگار آھن.

 

حوالا:

١- سليم احمد، مترجم محمد ابراھيم جويو، اولهه پاڪستان ۾ ٻولين جو مسئلو، صفحو ٩

٢- Econoics of Urdu Ms, P-26

٣- جويو، محمد ابراھيم، ديباچو، ’سنڌي ٻولي‘، سراج، ١٩٦٤ع، صفحو ١٥

٤- جويو، حوالو ساڳيو، ڪتاب، صفحو ١٦

٥- جويو، محمد ابراھيم، مھاڳ ’سنڌي ذات ھنجن‘، ليکڪ رسول بخش پليجو، ١٩٨٣ع، صفحو ٢-٣

٦- جويو، محمد ابراھيم، اسان جي ٻولي، اسان جي تعليم ١٩٨٥ع

٧- جويو، حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو ٤٧

٨- تاج جويو، پيش لفظ ڪتاب ’ھوءَ جا ٽمڪي باھڙي‘، ليکڪ محمد ابراھيم جويو، ١٩٩٥ع، صفحو ١٥

٩- تاج جويو، حوالو ساڳيو ڪتاب، صفحو ١٨- ١٩

١٠- سراج، مضمون، ’ڪو ڪو ماڻھو موتيءَ داڻو‘، ڪتاب ’ادبي گڏجاڻي‘ ١٩٨٢ع، صفحو ١٦

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org